سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سچل سائين

باب :1

صفحو :16

سچل سائين جو هيءُ ڪلام طويل غزل ضرور آهي، پر ’بحر طويل‘ ۾ ناهي. انجا گهڻيي مضمون  سندس سنڌي، سرائڪي ۽ ٻئي فارسي ڪلام ۾ به آيا آهن.

(3) رفض جي معنيٰ آهي ڇڏڻ، ترڪ ڪرڻ، ساٿ ڇڏي ڏيڻ، ڪناره ڪش ٿيڻ، ۽ رافضه  ان گروهه کي چوندا آهن، جنهن پنهنجي سردار کي ڇڏي ڏنو هجي. هي لفظ گهڻو ڪري انهن ماڻهن لاءِ استعمال ۾ اچي ٿو جيڪي حضرت علي رضه جا ساٿي هئا، پر پوءِ کانئن جدا ٿي ويا آهن.

امام ابو الحسن الاشعري پنهنجي ڪتاب ’مقالات الاسلاميين‘ ۾ لکيو آهي ته  رافضہ مان مراد، اُهي  ماڻهو آهن جيڪي حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت  عمر رضه جي امامت جا منڪر آهن. البغدادي پنهنجي ڪتاب ’الفرق‘ ۾، الاشعري جي خيالن کي ورجائيندي لکيو آهي ته ’رافض‘ جي شروعات حضرت علي رضه جي زماني ئي ۾ عبداللہ بن سبا ڪئي هئي، جيڪو يهودي هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو هو. هن عام خيال جو ذڪر، شيعه عالم، النوبختي پڻ ’فرق الشيعہ‘ ۾، ٻين جي راءِ طور ڪيو آهي. البغدادي جي انداز بيان مان معلوم ٿو ٿئي ته هو سڀني شيعه فرقن کي رافضين ۾ شمار ڪري ٿو جيتوڻيڪ مان انهن گهڻن ئي فرقن کي اسلام جي دائري ۾ شامل سمجهي ٿو. الشهرستاني به ’الملل و النحل‘ ڪتاب ۾ ساڳئي طرح لکيو آهي. هي سڀ روايتون شايد الطبري (2: 1699) جي تنبع ۾ آهن.

’دبستان مذاهب‘ (ص 219) ۾ ابو جعفر طوسيءَ جي روايت سان بيان ٿيل آهي ته آنحضرت صلي اللہ عليه و آله وسلم جي وفات واري ڏينهن، امامت جي باري ۾ جهڳڙي ڪندڙ ٻنهي فريقن هڪ ٻئي کي طعنا پئي ڏنا. حضرت ابوبڪر رضه جي حمايت ڪندڙ اڪثريت ارڙهن ماڻهن جي باري ۾ چيو: رفضونا (انهن اسانکي ڇڏي ڏنو) ۽ اختلاف ڪندڙ سترهن ماڻهن اڪثريت چيو : نصبتم بابي بڪر بلا نص (توهان ابوبڪر کي نص کانسواءِ امام بڻايو آهي). انهيءَ مان ’رافضي‘ ۽ ’ناصبي‘ لقبن جي شروعات ٿي.

مٿيئن بحث مان ظاهر ٿيو ته رافضي ڪنهن فرقي جو نالو نه آهي، پر هيءُ عام مخالفانه طعني جو لفظ آهي، جيڪو بي احتياطي سان ڳالهه ڪندڙ مخالف شيعن لاءِ ڪم آندو ويندو هو.( اردو دائرهءمعارف، اسلاميه، جلد 10، صفحه 130-131)

(4) تقيه بابت مفصل نوٽ لاءِ ڏسو ڪتاب ’نظارو نيهن جو ‘ صفحو 48-54.

سچا سي سخن هاديءَ جا.........

الحمد لولهب العقل- تعريف ان خدا جي، جو عقل عطا ڪري ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي آسمانن- ادب تي، صدين کان جيڪو ڪهڪشان نظر اچي ٿو، ان جا شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ فقير عبدالوهاب فاروقي ’سچل‘ سرمست ٻه سدا روشن تارا آهن. سندن ڪلام خدا ۽ بندي جي وچ ۾ لاڳاپن جي مامري جو سونهارو مذڪور آهي. شاهه صاحب سيل روان آهي ته سچل سائين مستيءَ جو مهراڻ.

سچل پنهنجي عظمت ۽ انفراديت سببان عظيم هستيءَ جو مالڪ هو. سندس علم۽ حال، مذهب ۽ مشرب، مسلڪ ۽ طريقو سڀ محض تقليدي نه، پر تحقيقي هئا. سندس تحقيق علم ۽ عقل جي محتاج نه هئي؛ عشق ۽ جذبي، ذڪر ۽ فڪر، سوز ۽ ساز سان ان جو ڳوڙهو لاڳاپو هو. هو اول عالم هو ۽ پوءِ عارف ٿيو، انڪري سندس عشق عالمانه ۽ سوز عارفانه هو. اهو ئي سبب آهي جو هن باطل جي خس وخاشاڪ کي، دل جي وهمن ۽ وسوسن کي، عقل جي اندازن، اٽڪلن ۽ ڌڪن کي، پنهنجي اجتهادي فڪر ونظر جي ذريعي پاش پاش ڪري ڇڏيو. سچل سائن جو جلال ۽ جمال، حال ۽ قال، ذاتِ باري، مصدر الارواح ۽ مصدر الاسرار هو. هو صفتن ۽ صنعتن، رنگن ۽ روين، پاڇن ۽ اولڙن، ظاهرداري ۽ منافقت، امتيازن ۽ اختلافن، فرقن ۽ فتنن کان گهڻو پاسيرو ۽ مٿبرو هو.

سچل سائين جي ڪلام ۾ تصوف جون بي حساب اهڙيون تجليون موجود آهن، جيڪي مسلمانن ۽ هندن جي دلين تي، هڪجهڙي نموني ۾ حڪومت ڪنديون رهن ٿيون. اهل دل ۽ صاحب ذوق سان گڏ وگڏ عام ماڻهو به ان مان لساني لذت، روحاني رس، دنيوي رهنمائي، ذهني سڪون ۽ دلي آٿت حاصل ڪندا رهن ٿا. سندس ٻوليءَ تي عربي، فارسي ۽ سنسڪرت جو اثر آهي پر اُن جي سٽا اهڙي سهڻي ۽ دلپزير آهي جو ٻين قديم سنڌي شاعرن جي مقابلي ۾ اها جديد پئي لڳي؛ ان ڪري سڀڪنهن جي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ سندن شوق جو شعلو به اُجهامي نه ٿو.

سندس ڪلام جي بيهڪ، ترڪيب، ترتيب، لطافت ۽ نزاڪت، سولائي ۽ سٻند حيرت ۾ وجهندڙ آهن، جنهن لاءِ ڪنهن تختيءَ، سونهين يا فرهنگ جي ضرورت نه ٿي پوي. با محاوره ۽ اصطلاحي ٻوليءَ سببان اُهي سچا سخن، هر هڪ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي دلي ڪيفيت ۽ احساس جي ترجماني ڪن ٿا. اهو سببن جو سمنڊ ۽ دليلن جو درياءَ آهي جنهن کي سوچ ۽ سبب واري جديد عهد جو انسان آساني سان سمجهي پرجهي، صدق  دل سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

سچل جي ٻوليءَ کي پنهنجي نزاڪت ۽ سوز آهي. هو راڳ جو ڄاڻو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو به هو. سندس ڪلام اخلاقي موتي، معنوي ماڻڪن، سنڌي ساهيه جي سچي سِپُن جو مهاساگر آهي. جڏهن ڪلام چيو هئائين ته سندس تصور ۾ نه سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت جو ڪو خيال هو ۽ نه وري ڪنهن علمي دستاويز، تاريخ يا گرامر تيار ڪرڻ جي تات هيس. پر سندس روحاني رازن کي آشڪار ڪرڻ واري نرالي ريت پنهنجي مٿي هڪ تاريخي ۽ انقلابي قدم هو. سندس شاعري ۾ عروضي عروج سان گڏوگڏ اجتهادي اوج به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان ۾فني پختگي، بي ساختگي، رنگيني، اثرانگيزي، انفراديت، جدت ۽ ندرت، ۽ نوان ۽ انوکا تجربا ملن ٿا. ايجاز سندس ڪلام جو اعجاز آهي.

سنڌي ڪلام وانگر، سچل سائين جي سرائڪي ۽ فارسي ڪلام جا مضمون ۽ موضوع، شعري صنفون ۽ سنيهو ساڳيا آهن، پر انهيءَ تڪرار ۾ به هڪ طرح جي چاشني ۽ ڪشش آهي. سندس ’رسالو‘ سنڌيءَ ٻولي جو ڀنڊار ۽ سنڌي زبان سکڻ جو سولو سونهون ۽ رهبر پڻ آهي. ننڍا مٺا، سڌا سُوڌا اکر، مالها جي موتين وانگر جرڪندڙ نظر اچن ٿا. تجيس ۽ تصغير جي استعمال ۾ سندس قادرالڪلامي ڪمال جو آهي. اهو سنڌي ادبي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي.

سچل سائين جي سنڌي ڪلام مان، ’سچا سخن‘ سهيڙي، فخر ۽ انسباط جي جذبي سان گڏو گڏ عجز ۽  انڪساري سان پيش ڪريان ٿو. ’الف-بي‘ وار ترتيب سان، چار سؤ کن بيتن جو هيءُ انتخاب، سنڌي ادبي تاريخ جو پهريون پيار وارو پورهيو آهي. ۽ سالڪ سچل جو سچو سنيهو پڻ-ان ۾ ادب آهي، گيان آهي، لساني خوبيون ۽ دل جا درمان؛ اخلاق جا آئينا ۽ من جون مرادون ماڻڻ جون ماجرائون آهن. عبديت جو اظهار، انساني اقدار جي اپٽار ۽ قادر ڪريم جي قدرت ۽ ڪرم نوازي جا لافاني نڪتا آهن :

اين سعادت بروز بازو نيست ،

تا نه بخشند خدائي بخشنده .

هيءُ انتخاب، آغا غلام نبي ’صوفي‘ (شڪارپوري) جي رسالي تان ڪيو ويو آهي. يقيناً هن ميڙ چونڊ کي وڌائي ۽ سڌاري سگهجي ٿو؛ ان ۾ سڌاري سگهجي ٿو؛ ان ۾ فارسي ۽ سرائڪي ڪلام جو انتخاب به شامل ڪري سگهجي ٿو. اميد ته سچل اڪيڊمي وارا صاحب، هن سلسلي ۾ اڳتي وک وڌائيندا.

فکر پرکس بقدر همت اوست


 

الف

آڏو عجيبن جي، ڪجانءِ سڀ خير          (ڀيروي 2-51)

آري اچين شال، نماڻيءَ جي نجهري         (ڪوهيار-42)

آنڊا گونڊا اوجهريون، ڀل ڳجهون ڳڙڪيائين (ڪوهياري-12)

آڻيندس اللہ، ’سچل‘ سر صدقي ڪري             (ڪوهياري-41)

آهي ڪو جو جهلي، تکو تاب حسن جو      (ڀيروي-15)

آهي ڪين انهن ريءَ، اکڙين کي آرام              (کنڀات-7)

آءُ تون پنهون يار، ڏسي حال حقير جو         (ڪوهياري- 27)

آءُ سوڍا ڪر سچ، لاهي مون تان مهڻا                 (راڻو-19)

آءُ تنهنجي آهيان، تون مهنجهڙو آنءِ                 ( راڻو-14 )

آءٌ ميئي مهاڻي، تون سمو ساري سر جو      ( ڪلياڻ-5 )

آيل عشق عليل ۾، شال نه پوي قط          (ڪوهياري- 32 )

الف باب مطالع ڪرڻو، بي تي ثي نه سڻان مون (گجري-4 )

الف مان آدم ٿيو، ڪري هنگامون هل                ( آسا- 58 )

اُڀي کي آبيندي، لڌئون سنڌڙي سار          (سارنگ- 4)

اُڀيون پيون اُڀ کي، ٿيون وائڙيون واجهائين   (پهاڙي- 18)

اٿم توهين تون، ٻئي جو ناهي آسرو           (ڀيروي 2-39)

اٿي ڪمر ٻنڌ، لوچ ته لهين سپرين           (ڪوهياري- 17 )

اُٿي ويٺي تن جا، اٿم خواب خيال             (کنڀات- 59)

اُٿي ويٺي گهمندي، تن تني جي تار          (کنڀات-51)

اُٺا مينگهه مهر جا، مهر ڪئي مولا           (پهڙي-7)

اٺئي پهر اُٺ ، ٿو اوڳو اوڳاري                 (ڪوهيار- 1)

اٺئي بهر انهن جي، وات اٿم وائي            (کنڀات- 78)

اٺئي بهر اڇ ۾، عاشق گم رهن               (آسا- 43)

احد احمد صورت ساڳي، سئر ٻنهي جو سوئي (گجري-1)

اجهو ڙي آيو، وري ويتر وترو                   ( سارنگ – 23)

اچين تان اڳيان، ناتر ٿي نمان                         (راڻو- 35)

اڇن اٿي اوٽ، اوٽ ته اڳاهون ٿيئن            (آسا- 46)

اديون ٿيس آڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي   (ڪوهياري- 156)

اديون عشق انڌو ڪيو، پيڙم ڪين سماءُ      (ڪاريهر-10)

اکر لکن نه دل تي، ٿا ڪاغذ ڪارا ڪن       ( آسا- 29)

اکين آب وهايو، سرتيون ساري رات           (سارنگ – 24)

اکيون ڪنڍيون عجيب جون، ماڻڪ موچارا    (ڀيروي- 29)

اڳيان ڏين ڪين ڪي، هلڻ هي حيوان                (ڪوهياري- 96)

آل آن ڪم ڪان، تحقيقاً تڪرار              (راڻو-51)

الفت کان عطا ٿيم، ڏکن جو ڏاجو             (ڪاريهر – 7)

اوتي اکڙين مان پيو، باراني بحر              (ڀيروي 2- 51 )

اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي             (آسا- 33)

اول آنڌي آئي، پويان جهڙ جهجهو            (سارنگ-26)

اول ڀيري ڀڃ، ’سچل‘ بند خيالات جا                 ( آسا -1)

اول ڪفر پوءِ مڃڻ، پوءِ منجهه اسلام                 (آسا- 45)

اول گمراهي، آهي رباني راهه ۾               ( آسا – 2)

اول هدايت ، ڄاڻڻ سان ڄاڻيج                 ( آسا- 3)

اُهي ڀي انسان، جي ننگن تي نثار ٿيا                (راڻو – 4)

ايندي پٺيءَ آن جي، جيهي تيهي حال               (ڪوهياري – 23)

 

ب

بالا هن بلور جا، چئني طرفين چاڙ            (ڪوهياري- 155)

بجلي بادل سان، آهي جنءِ سپرين            ( سارنگ-1)

بر بحر تي تنهنجو’سچا‘ آهي سير سدائي   (گجري- 17)

بود ڇڏي نابود ٿيا، سامن ساماڻي            ( آسا- 37)

بي حد ڀڳوڙيون، ڊول نه جني ڊونڊيون        ( ڪلياڻ – 10)

 

ٻ

ٻر ڇڏي ٻاهر ٿيا، نيلا نڪري نر              (ڪاريهر – 28)

ٻر مان ٻاهر نڪري، ڪاري کنيان ڪر                (ڪاريهر – 3)

پيا ڀي هوت هزار، منهنجو پيچ پنهونءَ سان                   (ڪوهياري – 62)

ٻيجل ڪين ٻُرائيو، زوري ڪيس زال          ( سورٺ – 6 )

ڀ

ڀٽاريون ڀٽن تان وٿاڻين وريون                 (سارنگ 14)

ڀُلي هيئن نَه ڀانيو پيو پروڙڻ پوءِ              (ڪوهياري 46)

ڀينر نه ڀانيو ته بوندن ڪئي آ بس           (سارنگ 23)

ت

تازي تواني ٿرت ٿيان، ڏٿ ڏنئرا کائي        (کنڀات- 76)

تانگهيون تارون تار ٿيون، ترايون تلهار        (پهاڙي – 8 )

تان تون وڃين ڪينءَ، مخالف مصحف جي   (ڀيروي -  25 )

ترايون تجل جون، ٿيون تارون تار              (سارنگ – 5 )

تنبيون تن تڻي، جوڳي آيو جوءِ ۾            (ڪاريهر - 34 )

تو جا ڀانئي موج، سا مڙيوئي مهراڻ ٿي      ( آسا – 25 )

توڙي ٿيس بدراهه، ته به ڳل ڳچيءَ تنهجي آهيان ( راڻو- 8 )

تون پڻ مهنجو ٿيءُ، آءٌ نوڪر تهنجي نانءَ جو ( ڀيروي2- 46 )

تون تا صاحب سچ جو، هي ڏهارڻ ڏاهه                ( راڻو- 8 )

تون مان وڃائي وچ مان، پهنجو پاڻ پسن     ( آسا- 42 )

تون مون سان جنءَ، تنءَ تو مون آهيان                (ڀيروي-2- 36)

تون هي سان تون هي لڀين، مون لڀان تو ساڻ         ( آسا- 22)

ٽ

ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو ( گجري-10)

ٽوڙي شڪ گمان سڀئي، پريمي پيالو پيءُ تون ( گجري- 8)

 ٽوڙين  لات منات، ته پوڄاري پُر ٿئين(متفرقه ڪلام – 39 )

پ

پاڻ بيگانو مور نه ڄاڻين،آهين يار يگانو      ( گجري – 10 )

پاڻ پڙهج، پاڻ بهج، پاڻ ئي سجدو ڪج      ( آسا- 44)

پاڻ سڃاڻج پانهجو، اٿي گل اندر گوهر،

ڦٽو ڪر ٻيائي جو، ٻُهاري ٻوهر،

جوت ڀريو جوهر، پاڻهي پسين پارکو                  ( متفرقه ڪلا- 15 )

پاند ڳچيءَ پائي، چاهون چمُان پيرڙا          ( راڻو – 36 )

پائي جامو جميعت جو ، آيو منجهه جهان ،

جزي جاءِ هت ڪئي ، ڏس فائق جو فرمان،

جيڪي ڏسين ڏيهه ۾ ، سو اٿي منجهه انسان،

نسورا نيشان، ’سچل‘ سڀ سرير ۾   (متفرقه ڪلام – 21 )

پٽ دعا پاراتي واري، ناهي راه رباني          ( گجري – 15 )

پٽن تي پڌرا ٿيا، گل ڦل ڀاتون ڀات          (سارنگ – 21 )

پٺيءَ ڄڃ نه ڄُل ، منجهه تماشي نه پوين     ( آسا – 10 )

پردي منجهه پناه، مونکي رب رکيج          ( کنڀات – 41)

 پرور رکين پت ، سدا سڪ وارئين            (ڪاريهر – 22 )

پڙهي پرجهي علم تي ، عمل نه آڻن         ( آسا – 130 )

پڪ پيارج پارکؤ محبت جي مٺي            ( ڀيروي – 20 )

پکن پرڙا سوئيا، پره ڦٽي پرڀات               (سارنگ – 21 )

پلپل پئي پچار، پچر تن پرينءَ جي           (ڪوهياري- 36 )

پلر ساڻ پُر ٿي، پهاڙڻ جي پاءِ                         (پهاڙي- 26 )

پنهنجي پاڻ پسڻ جي ڪارڻ،

ٺاهه لکين ٿو ٺاهي                            (متقرقه ڪافي4)

پنهنجي، لِکي پاڻ کي، پاڙڻ پئي  تقدير     (ڪاريهر- 11)

پنهون پنهون ٿي ڪريان، آءٌ پڻ پنهون پاڻ           (ڪوهياري- 156)

پورن منجهه پيو، واچيندڙ ورق جو             (ڀيروي -2-16)

پير مريد نه ٿي تون هرگز، ماڻج موج مستاني         (گجري-15)

ج

جاڏي پورب پنڌ، تاڏي آءٌ نه وڃڻو             ( جوڳ-32)

جاڏي مُهاڙي، سجدو تت صحيح ٿيو                 ( آسا-49)

جار ڪيم جانب تان، هيءَ جندڙي جواني     (ڪوهياري-11)

جان پروڙيم پاڻ کي، تا پاڻ پنهون آهيان     (ڪوهياري-157)

جان جان تون گمراه نه ٿيندي، تان تان راه نه لهندي (گجري-45)

جان جان ملان نه هوت، تان تان ماء نه مون مران       (ڪوهياري-73)

جانب تو نه جڳاءَ، مومل سان ماڻا             ( راڻو-17)

جبل جالون جال، سو مون ڏورڻ نه ٿئي         (ڪوهياري-33)

جت ماڻهن ميڙاڪو ٿئي، سا جوٺي جوڳن جاءِ        (جوڳ-6)

جن ٿي پاليا پيٽ، ڪمن ڪالورن سان                (ڪلياڻ-14)

جن جاڳايو جوش کي، آءٌ اُتن قربان            (ڪوهياري-16)

جن سنگت ساڻ سُکن، سي پاڻون پري ڪر تون (ڪوهياري-135)

جن مان بڇڙي بانس، آئي عام خلق کي     (ڪلياڻ-59)

جو ٿي ڪيڙم ناز، تهن مهڻن هاب ڪري ڇڏيو (راڻو-7)

جو ڏنائون ڏاج ۾، سو جهليم جهولَي                 (ڪوهياري-21)

جوئن کي جواب، مڙد نه ڏين مينڌرا           (راڻو-1)

جوڳن جٽائون، جوڙي جڙيون جان تي          (جوڳ-34)

جهڙي هيس ملير ۾، جي هت ٿيان تهڙي    (کنڀات-19)

جي اچين تا اچ، نه هت پورن پڇاڙيو          (آسان-56)

جي تون مارڳ تي مرين، وڏا طالع تو         (ڪوهياري-116)

جي فڪر کان فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دور     (آسا-21)

جي کائن پٻڻ پپيون، سي چُوري تي چريون ٿيون (ڪليان-8)

جي گوندر گذارين، سي تو چڱا ڏينهڙا                (ڪوهياري-40)

جي مڃن ٿا آدمي، سي نه مڃان مان                 (آسا-14)

جي من مان ڪڍان نه ميرُ، ته حضور حاصل ئي نه ٿئي (آسان-16)

جي وڃن پاڻ پنهل ڏي، ڇو مُنجن نياپا (ڪوهياري-9)

جهه

جهانگي جهڻ پياڪ، ناهن شربت هيروان     (کنڀات-91)

جهجهون لک حُجان، مهنجون محبوبن ۾    (ڀيروي 2-53)

جهُريل مهنجي جهوپڙي، بنان جهَلي جهلِ   (سارنگ-7)

چ

چاڏين ڏنئون چاه مان، کيرن جون کريون       (سارنگ-15)

چارڻ جي چنگ جي، چڱي لڳي چوٽ                (سورٺ-12)

 چاڙهي ڏکي ڏاگهه تي، تنهنجي عشق تکي         (راڻو-9)

چانگن جي چوري، پڌر پوي نه ڪڏهين       (ڪوهياري-31)

چپ چپاتي سرتيون، وٽون هوت ويام          (ڪوهياري-151)

چڙن جي چونگارِ، مهنجو چت چريو ڪيو،

راتيان ڏينهان تن ۾، تِن جي اٿم تار،

مينهن ۽ ميهار، سندي سڪ سرير ۾.               (متفرقه ڪلام-6)

 چُڪو انهيءَ چاش جو، چکي ٿيا چريا                (ڀيروي-24)

 چڱيون ڏياءَ چاشنيون، خاصا ڏيانءِ کاڄ      (سورٺ-25)

چُمق ڏيئي چقمق کي، ڪڍ خامي خرابات           (متفرقه ڪلام-39)

چهنب ساڻ چوي، ڪي پيو ڪانگل ڪافيون         (مالڪوس-24)

چئي ٻڌايان ڪيترو، آرياڻيءَ احوال            (متفرقه ڪافي-12)

ڇ

ڇا جو شڪ گمان، سڀڪا صورت تهنجي،

متان ڪري ارمان، ڳهلا انهيءَ ڳالهه جو.              (متفرقه ڪلام-42)

ڇا منجهارن ڇا ٿي آيس، اهو اٿم ارمان       (ڪاريهر-9)

 ڇپر ۾ ڇوريءَ کي، ڇڏي ويا ڇڙو            (ڪوهياري-6)

ح

حال جني جو هيءُ، تن پرو ورک پناه ۾       (سارنگ-25)

حبيبن حبشي، پهرو رکيو پاڻ تي             (ڀيروي-30)

حرف سڀ سنوان، ڏنگو ڏسان ڪو نه ڪو     (ڀيروي-31)

حڪم هلي ٿو جهن سان، سو ڪر پيدا پاڻ   (آسا-12)

خ

خاڪي جسم ٺهه پهه ٻوڙين، هر گز عذر نه آڻين (گجري-24)

خانو هي خيالي، دل جي اندر دل جو                             (متفرقه ڪلام-43)

د

دل دلير ڪري اچ عاشق، سُست يقين نه ٿي تون ( گجري-8)

دمڙي تن نه دست ۾، هُوا ٺڙا ٺڪر ٺلهار     (ڪليان-32)

دنيا جو تهن دورُ ڪيو، سڀو شوق شعور       (ڪوهياري-20)

دوست اوهان ري ديس ۾، جئڻ آه جنجال           (متفرقه ڪافي-12)

دوستيءَ وارو دم، ڪڏهن تون نه وسارئين     (ڀيروي-2-38)

ديسا ديس وسي پيا، رحمت جا درياه          (سارنگ-19)

دين ڪفر دل دام، ڏج مڙيو ئي موج ۾       (آسا-13)

ڏ

ڏار چڙهيو ڏاهو، ٿو ڏيم دلاسا دل کي                 (مالڪوس-74)

 ڏاگهن ۽ ڏيرن، ڪيو ڌوٻڻ سان ڌاڙو          (ڪوهياري-4)

ڏاهيون سڀ ڏسو، جو آيو ڪانگ قريب جو    (مالڪوس- 35)

 ڏسان شال اکين سان، هوتاڻون حضور         (ڪوهياري-19)

ڏکن منجهان سک، مون تا لڌا جيڏيون               (ڪوهياري-142)

ڏنيون ڏولين چڙهيون، پيرن پون نه پنڌ        (ڪليان-15)

ڏنو خطَ خمار، اول ئي عبارت ۾              (ڀيروي-2-13)

ڏني آءِ استاد ازل جي، هٿِ طلب جي تختي (گجري -44)

ڏوريندي ڏک، سونهان ٿيڙا سڄڻان            (ڪوهياري-143)

ڏولائي جا ڏينهڙا، لاٿا پاڻ خداءِ                       (پهاڙي-26)

ڏي دلاسو دلبر، متان عاشق هت مري وڃي   (ڀيروي-2-51)

ڏي نه ڏکائي ڪهن کي، پاڻهي رکي پَتِ    (ڪوهياري-64)

ڏينهه گذري ڏک ۾، ٿو ڄاڻيندڙ ڄاڻي                (کنڀات-17)

ڏيهه ڏکي جو ڏور، رهبر رس رڃ ۾            (ڪوهياري-29)

ر

رات برابر ڏينهه، مون کي گوندر گذري        (ڀيروي-2-20)

راتو ڏينهان اوتيان، پنبڙين مان پاڻي          (راڻو-40)

راتو ڏينهان روح ۾، محبن جو مذڪور        (ڪوهياري-83)

راضي ٿي راڻا، معاف مڙئي ڪر منديون      (راڻو-16)

رتي رهڻ ناههِ هت، ڄاڻي هڪ ڌڻي           (کنڀات-42)

رعد جي رڙين تي، ٽهي ڏنائون ٽاٽ          (پهاڙي-5)

رنن جو رڻن ۾، والي وسيلو ٿيءُ               (سارنگ-25)

روزِ ازل استاد اسانکي، سٽ پر يت جي پاڙهي  (گجري-31)

روئڻ زارو زار، راتو ڏينهان آه مون              (ڪوهياري-18)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org