سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سنڌي غزل ڪالهه ۽ اڄ

باب: --

صفحو :4

سنڌي غزل رجعت پسند دؤر ۾ پيدا ٿيو، ترقي پسند دؤر ۾ نپنو ۽ اڄ جي سياسي اٿل پٿل ۽ اقتصادي ۽ سماجي نابرابريءَ واري دور ۾ جواني ماڻي رھيو آھي. ڪي دوست سنڌي غزل جي اردو غزل سان ڀيٽ ڪري چوندا آھن تھ، اردو غزل ۾ جيڪا نفاست، نزاڪت ۽ رعنائي آھي، سا سنڌي غزل ۾ اڃا پيدا نھ ٿي آھي. اھي دوست، اھو وساري ٿي ويھن تھ اردو زبان ۽ اردوءَ جي ليکڪن کي ھر دؤر ۾ حڪومتي ادارن جي سرپرستي حاصل رھي آھي، پر سنڌي شاعري يا ادب ڇوري ڇني ٻار وانگر پلجي جوان ٿيو آھي. اسان جي سنڌي غزل تي بھ ٻئي سموري ادب وانگر حالتن جو اثر ٿيو آھي. اسان سنڌي ماڻھن کان قومي سطح تي، ذاتي عشق ڪرڻ ۽ محبت جا مزا ماڻڻ وسري ويا آھن. بقول ڪنھن شاعر تھ:

پيٽ پوڄا جي ڪجي يا قوم جي؟

ويل تي ويلا لنگھن ٿا، ڇا ڪجي!

سنڌي غزل جي ابتدائي شاعرن مان سانگيءَ کي جڏھن انگريز سرڪار طرفان ”ھزھائنس“ جي مليل لقب مان ڪا ھوند حاصل نھ ٿي تھ چيائين تھ:

ڀينگ جا آھيون اسين وه وا مزا، ھزھائينس،

رڃ جا آھيون اسين، نام خدا ھزھائينس!

اھڙيءَ طرح مخدوم طالب المولى ھڪ غزل ۾ چيو تھ:

ھڪ تمنا جي بربادي جيڪر ھجي،

پو تھ ان لاءِ سڀ ڪجھھ ڪجي ھمنشين!

ھت ھزارين تمنائون برباد ٿيون،

ڪھڙي ڪھڙي تمنا جو ماتم ڪجي.

 

اھڙي ئي نموني سنڌ جي ھر غزل گو شاعر کي ڏسندؤ تھ ماضيءَ کان وٺي ھيل تائين عشق محبت جي ڳالھين کان وڌيڪ غزل ۾ سماجي دک درد ۽ ماڻھن جي گڏيل پيڙائن جو زياده ذڪر ملندو.

غزل جي مشھور شاعر ايم ”ڪمل“ چيو آھي:

جي ساحل تي ٻڏيون ڪشتيون، تصور ۾ تري آيون،

ڪناري تي نظر پوندي ئي دل گھٻرائجي ويئي.

ارجن حاسد (غزلن جي ڪتاب ”ميرو سج“ ۾) چيو آھي تھ:

شھر افواھھ ئي افواھھ لڳو،

ڄڻ تھ ماڻھو نھ، گپوڙا آھن.

ايم ”ڪمل“ (ڪتاب ”پنجاھھ غزل“ ۾) ھڪ غزل ۾ چيو آھي:

ننڊ جي ڏار ڏار مان ٿو سڏي،

ڪو حسين خواب پيار مان ٿو سڏي،

بي سفارش اميدوار آھيان،

ننڍو صاحب بھ خار مان ٿو سڏي،

مان سڃاڻان فقط پيادن کي،

ڪير آھي جو ڪار مان ٿو سڏي؟

اھڙي ئي طرح سنڌي غزل کي حالتن پٽاندر پرکڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آھي. اسان کي ڏسڻو صرف اھو آھي تھ غزل جي فني خوبين کي نظر ۾ رکندي، اسان جي سنڌي شاعرن سماج سان ڪيترو انصاف ڪيو آھي. آءٌ سمجھان ٿو، ٻي شاعريءَ سان گڏ غزل گو شاعرن بھ پنھنجو پورو پورو سماجي ڪردار ادا ڪيو آھي. وفا ناٿن شاھي چواڻي:

روز لٽجن ٿيون ڪئين آسون دل جون

دل بھ ڄڻ تھ وڏيري جي حويـــلي آھي،

باقي رھيو سوال تھ غزل ۾ عشقيھ ڳالھيون ھجن، تھ ان لاءِ استاد بخاريءَ پنھنجي ھڪ نظم ۾ چيو آھي:

نيڻ ملايون وقت ڪٿي آ،

چوٽون کائون وقت ڪٿي آ؟

ڳالھھ ڊگھيري، وقت ذرا ڪم،

ھي ڪم ھو ڪم، ھي غم ھو غم

مصروف آھن تن من دم دم!

يا استاد بخاريءَ ئي چواڻي تھ:

ھو وقت ٿو سڏي پيو، ھي يار ٿو اچي پيو،

ترسان، وڃان، ڪريان ڪيئن، بيٺو ٻڏان تران مان!

اِن ٻڏتر ۾ جيڪي سنڌي غزل سرجيا آھن، انھن کي انھيءَ ئي سماجي اڻ برابريءَ جي پس منظر ۾ ڏسڻ گھرجي.

ھاڻي وري غزل جي سٽاءَ طرف اچون ٿا:

عام طرح غزل ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج بند ۽ وڌ ۾ وڌ نو بند ھوندا آھن، پر اڄوڪي دؤر ۾ اِھي حدون قائم رھي نھ سگھيون آھن. اڄڪلھھ گھٽ ۾ گھٽ چار بند ۽ وڌ ۾ وڌ ويھھ بند بھ غزل ۾ ڪم آندا وڃن ٿا. غزل جي پھرئين بند کي، ”مطلع“ سڏيو ويوندو آھي ۽ آخري بند، جنھن ۾ بعض شاعر پنھنجو نالو يا تخلص بھ استعمال ڪندا آھن، ”مقطع“ چئبو آھي. ”مطلع“ جي معنى اڀرڻ ۽ ”مقطع“جي معنى ختم ٿيڻ جي آھي. غزل جي وچ تي ھڪ بند اھڙو ھوندو آھي، جنھن ۾ اعلى قسم جي خوبي ھوندي آھي ۽ فن جي لحاظ سان نھايت ئي معنى خيز بند ھوندو آھي، ان کي ”شاھھ بند“ چئبو آھي. پر ڪي ڪي غزل اھڙا پيارا ھوندا آھن، جن جو ھر بند ”شاھھ بند“ ھوندو آھي. غزل جي ھر بند ۾ ٻھ مصرعون ھونديون آھن. جيڪڏھن ٻن مصرعن (شعرن) کان وڌيڪ ھجن تھ سمجھڻ گھرجي تھ اھو غزل ٿي نھ ٿو سگھي.

غزل سان وابستھ ٻين ڳالھين جو ڪجھھ ذڪر:

سڀ کان اول غزل جو واسطو ”علم عروض“ سان رھيو آھي. علم عروض عربستان جي ھڪ شخص خليل بن احمد بصري، مڪيءَ ايجاد ڪيو. جيئن تھ مڪي کي ”عروض“ جي نالي سان پڻ سڏيندا ھئا، ان ڪري ھن علم تي ”علم عروض“ نالو رکيو ويو، جنھن جي معنى ٿي تھ ”مڪي وارو علم.“ ھن جي لفظي معنى ھيئن آھي: علم معنى ”ڄاڻ يا پروڙ“ ۽ عروض معنى ”ظاھر ٿيڻ“- يعني ڄاڻ يا پروڙ وارو علم ظاھر ٿيڻ. اصطلاحي معنى موجب ”علم عروض“ شعر جوڙڻ جو ھڪ علم آھي، جيڪو بحر ۽ وزن جي قاعدن قانونن تي ٻڌل ھوندو آھي.

علم عروض جي عمارت اڏڻ جو دارومدار بحر، وزن ۽ ان جي رڪنن تي ٻڌل ھوندو آھي. رڪن، علم عروض جا بنيادي ٿنڀا آھن، جن جي ماپ تي شعر جوڙي ۽ پورو بيھاري سگھجي ٿو.

اھي رڪن ڪل اٺ آھن، جن مان ٻھ پنجن اکرن وارا آھن، جيئن: فاعلن ۽ مفعول، انھن کي ”خماسي“ بھ چئبو آھي. باقي رڪن ستن اکرن وارا آھن، جن کي ”سياعي“ چئبو آھي، جيئن: مفاعيلن، مستفعلن، فاعلاتن، مفاعلتن، مفعولات، مفتاعلن.

انھن رڪنن جي حرڪت مان معلوم ٿيندو تھ ڪھڙن قسمن جا ”سبب“ ۽ ”وتد“ ھر ھڪ ۾ ڪم آيل آھن. جيئن ”فعولن“ مان فعو ”وتد مجموع“ آھي ۽ ”لن“ سبب خفيف آھي. ساڳيءَ طرح فاعلن ان جي برخلاف آھي- يعني پھرين ”فا“ سبب خفيف آھي ۽ پوءِ ”علن“ وتد مجموع آھي. ڪل بحر ١٩ آھن، جن مان ١٢ وڌيڪ استعمال ۾ اچن ٿا ۽ اھي ھي آھن:

بحر رجز، بحر ھزج، بحر رمل، بحر ڪامل، بحر متدارڪ، بحر متقارب، بحر وافر، بحر خفيف، بحر سريع، بحر مجتث، بحر مضارع ۽ بحر منسرح.

باقي ست بحر ھي آھن: بحر طويل، بحر مديد، بحر بسيط، بحر متقضب، بحر جديد ۽ بحر مشاڪل.

مٿي ڄاڻيل بحرن مان وري چار بحر سنڌي شاعريءَ ۾ عام مروج آھن، جيڪي آھن:

بحر متقارب، بحر رمل، بحر ھزج ۽ بحر رجز. ھر ھڪ بحر کي ڌار ڌار رڪن يا ٿنڀ آھن. ڪي رڪن وڏا ۽ ڪي رڪن ننڍا آھن.

(١) بحر ھزج:

بحر متقارب ۾ ”فعولن“ رڪن آھي، جنھن ۾ ھڪ ننڍو آواز ۽ ٻھ وڏا آواز آھن. بحر متقارب مان وري ھيٺيان بحر ٺھن ٿا:

بحر متقارب مثمن سالم:

”مثمن“ جي معنى آھي اٺوڻو ۽ سالم جي معنى آھي سلامتيءَ وارو يا ”پورو.“ جنھن شعر جي ٻن سٽن ۾ ”فعلن“ پورا اٺ دفعا ڪم اچي، ان جو بحر متقارب مثمن سالم ٿيندو.

مثال:

فعولن فعولن فعولن فعولن

اکيون آرزوئون اکيون التجائون

اکيون يار تنھنجون صدين جون صدائون

(اياز)

بحر متقارب مثمن مقصور:

”مقصور“ جي معنى آھي قصور وارو يا ”گھٽايل.“ ھن بحر ۾ ”فعولن“ ٽي دفعا ڪم ايندو ۽ چوٿين فعولن جي وڏي آواز کي گھٽائي ننڍو آواز ڪبو يعني فعولن جي بدران ”فعول“ ڪم آڻبو:

وزن:    فعولن فعولن فعولن فعول

مثال:  مٺا خار ڀانيان مون ماکيءَ جي ميٺ

۽ چوندين تون ئي ڦل ھا ڦول نيٺ!

(نارائڻ شيام)

بحر متقارب مثمن محذوف:

محذوف جي معنى آھي ڇانڊيل يا ھلڪو ڪيل، ھن بحر ۾ چوٿين رڪن جو پويون وڏو آواز ڪڍي ڇڏبو آھي، يعني فعولن جي بدران ”فعو“ ڪبو آھي:

وزن:    فعولن فعولن فعولن فعو

مثال:  پلي  آس  ٿو  مان  نھ  آ  ٿوھرن

ڀٽائي ڏسين ٿو، وڄن ٿيون ورن!

(اياز)

(٢) بحر رمل:

بحر رمل جو رڪن ”فاعلاتن“ آھي يعني ھڪڙو وڏو آواز، ھڪڙو ننڍو آواز ۽ ٻھ وڏا آواز.

بحر رمل مثمن سالم:

ھن بحر جي ھر ھڪ سٽ ۾ ”فاعلاتن“ پورا چار دفعا ڪم ايندوآھي.

وزن:    فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن

مثال:  اي مٺا محبوب توکي منھن گھنجائڻ ناروا ھو.

بحر رمل مثمن مقصور:

ھن بحر ۾ فاعلاتن ٽي دفعا ڪم ايندو ۽ چوٿين فاعلاتن جو پويون وڏو آواز گھٽائي ننڍو ڪبو آھي، يعني فاعلاتن جي بدران فاعلات ڪبو آھي:

وزن:    فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات

مثال:  سڻ سڄڻ کي ڏج سنڀاري سر بسر ساٿي سلام!

ور  وسيلا،  واڳ  واري،  سربسر  ساٿي  سلام!

بحر رمل مثمن محذوف:

جنھن شعر جي سٽ ۾ ”فاعلاتن“ ٽي دفعا ۽ چوٿون دفعو ”فاعلن“

ڪم اچي ۽ پويون سڄو آواز (تن) ڪيرائي ڇڏجي. ان کي بحر رمل مثمن محذوف چئبو:

وزن:    فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن

مثال:  دل  ڪٺيءَ  سان  ديداور  تي  تعزيت ڪھڙي ڪري،

قرب قاتل منھنجو، مون سان معذرت ڪھڙي ڪري.

(استاد)

(٣) بحر ھزج:

بحر ھزج جو رڪن ”مفاعيلن“ آھي، يعني ھڪڙو ننڍو آواز ۽ ٽي وڏا آواز.

بحر ھزج مثمن سالم:

ھن بحر جو رڪن ”مفاعيلن“ آھي. پھريون ننڍو آواز ۽ ٽي وڏا آواز ھوندا آھن. جڏھن شعر جي ٻن سٽن ۾ ”مفاعيلن“ پورا چار دفعا ڪم اچي تھ ان جو بحر ھزج مثمن سالم ٿيندو.

وزن:    مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن

مثال:  ھجي جا کاڻ خوبين جي، ۽ عيبن کان بنھھ آجي،

نھ منھنجي شاعري اھڙي، نھ منھنجي زندگي اھڙي

(نارائڻ شيام)

بحر ھزج مثمن مقصور:

ھن بحر ۾ ”مفاعيلن“ ٽي دفعا سڄو ۽ پويون آواز ”مفاعيل“

ڪبو آھي:

وزن:    مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن، مفاعيل

مثال:  چوان ڇا حال درد دل چوان ڇا ان جو انجام

ٻڌي جيڪو ٿو افسانو، ڦٽي تنھن جو ٿو آرام.

بحر ھزج مثمن محذوف:

ھن بحر ۾ ”مفاعيلن“ ٽي دفعا ۽ چوٿين ”فاعيلن“ جو پويون وڏو آواز ڪيرايو ويندو آھي، يعني ”مفاعيلن“ جي بدران ”مفاعي“/ ”فعولن“

ڪم ايندو آھي:

وزن:    مفاعيلن، مفاعيلن، مفاعيلن مفاعي (فعولن)

مثال:  سڙي  جا  دل  بھ  ھاڻي  آتش  داغ  جِگر  مان

اِھا آھي لڳي جا باھھ سا پنھنجي ئي گھر مان.

(٤)بحر رجز:

بحر رجز مثمن سالم:

ھن جو رڪن ”مستفعلن“ آھي، يعني ٻھ وڏا آواز ۽ ھڪ ننڍو آواز ۽ چوٿون وڏو آواز آھي. جنھن بحر ۾ ”مستفعلن“ پورا چار دفعا اچي تھ ان جو بحر رجز مثمن سالم ٿيندو.

وزن:    مستفعلن مستفعلن مستفعلن، مستفعلن

مثال:  دل جي اندر دل ۾ رھي، دلدار ھي ويندو رھيو،

حاصل نھ ٿيو دلبر سندو ديدار ھي ويندو رھيو.

شعر جا اصول:

جن مان شعر جا رڪن ٺھندا آھن، اھي ٽي آھن:

(١) سبب              (٢) وتد                (٣) فاصلا.

١. سبب:

ٻن اکرن وارو جزو آھي ۽ ھن جا ٻھ قسم آھن، ھڪڙو خفيف ۽ ٻيو ثقيل.

خفيف: ٻن اکرن وارو لفظ، جنھن جو پھريون اکر متحرڪ ۽ ٻيو ساڪن ھجي، جيئن: بِن، قل وغيره.

ثقيل: ھن ۾ ٻئي اکر متحرڪ ھوندا آھن، جيئن: ڪپ، ڇتِ وغيره.

٢. وتد:

ھن جا ٻھ قسم آھن: وتد مجموع ۽ وتد مفروق.

وتد مجموع: ٽن حرفن وارو لفظ، جنھن جو پويون اکر ساڪن، باقي اکر متحرڪ ھجن، جيئن: صفا، اگر. سڪو وغيره.

وتد مفروق: ٽن حرفن وارو لفظ، جنھن جو پھريون ۽ پويون اکر متحرڪ ھجن ۽ وچون اکر ساڪن ھجي، جيئن: غار، بابَ، تاتِ وغيره.

٣. فاصلا:

ھن جا بھ ٻھ قسم آھن:

فاصلھ صغرى: چئن حرفن وارو لفظ، جنھن جا پھريان ٽي اکر متحرڪ ھجن ۽ چوٿون اکر ساڪن ھجي، جيئن: عربي، ادبي وغيره.

فاصلھ ڪبرى: پنجن اکرن وارو لفظ، جنھن جا پھريان چار اکر متحرڪ ۽ پنجون اکر ساڪن ھجي، جيئن: مسچٽو، گھر گھلو، وغيره.

مٿين ڳالھين سان گڏ اھو بھ سمجھڻ کپي تھ شعر با معنى پوري جملي کي چئبو آھي. ٻن شعرن ٻن سٽن کي گڏائي بند چئبو.

تشبيھھ:

ھن لفظ جي معنى آھي ”ڀيٽ يا تمثيل“. ٻن جدا جدا لفظن يا شين جي ھڪٻئي سان ڀيٽ ڪري، منجھن ڪنھن خاص ڳالھھ يا گڻ جي ھڪجھڙائي ڏيکارڻ کي ”تشبيھھ“ چئبو آھي. انھن شين جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ وانگر: مثل، جھڙو، جيان، طرح يا ڄڻ وغيره لفظ استعمال ٿيندا آھن. تشبيھھ ۾ جنھن شيءِ جي ڀيٽ ڪجي، ان کي ”مشبه“ ۽ جنھن شيءِ سان ڀيٽ ڪجي، ان کي ”مشبه به“ چئبو آھي. جنھن خاصيت يا گڻ ڏيکارڻ لاءِ ڀيٽ ڪجي، ان کي ”وجه تشبيھھ“ (ڀيٽ جو سبب) چئبو آھي ۽ جيڪو لفظ تشبيھھ ڏيکارڻ لاءِ ڪم اچي، تنھن کي ”حرف تشبيھھ“ چئبو آھي.

سڄڻ سھڻو اسان جو چوڏھينءَ جي چنڊ جھڙو.

ھن مثال ۾، لفظ ”سڄڻ“ ٿيندو ”مشبه“، ۽ ”چوڏھين جو چنڊ“ ٿيندو

”مشبه به.“ مثال ۾ آيل لفظ ”سھڻو“ ٿيندو ”وجه تشبيه“ ۽ ”جھڙو“ لفظ کي ”حرف تشبيه“ چئبو.

استعارو:

ھي عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنى آھي ”گھرڻ يا اڌارو وٺڻ“. علم بيان جي اصطلاح ۾، ڪنھن لفظ کي اصلي معنى کان ڦيرائي، اڌاري طور ٻيءَ معنى ۾ ڪم آڻجي تھ ان کي ”استعارو“ چئبو آھي. استعاري ۾ ڳجھي ڀيٽ ڪيل ھوندي آھي ۽ تشبيھھ ڏيکاريندڙ لفظ (حرف تشبيھھ) جھڙو، وانگيان، جيئن، جيان، طرح ۽ ڄڻ وغيره کي لڪائي يا ڳجھو رکي، ”مشبه“ کي ھو بھو ”مشبه به“ بڻايو ويندو آھي.

مثال: ”ڏند موتي دلربا جا.“

ھن مثال ۾ ”مشبه“ (ڏند) کي خود موتي بڻايو ويو آھي. لفظ ”موتي“

ڏندن لاءِ اڌاري طور ورتو ويو آھي.

ڪنايو:

ھي بھ عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنى آھي، رمز اشارو يا ڳجھي ڳالھھ. لفظ جي اصلي معنى ھڪڙي ھجي، پر ان مان ڪنھن ٻيءَ شيءِ ڏانھن اشارو ڪيل ھجي يا ان مان ٻيو مقصد ڪڍيو وڃي تھ ان کي ڪنايو چئبو آھي:

مثال (١) : ڪيترين ماين اچي اڄ ڪنوار کي موڙو ڏنو.

مثال (٢) : ڦورو نھ ڦولي، دوست ھجي جو دل گھريو.

پھرئين مثال ۾ ”موڙو“ لفظ استعمال ٿيو آھي، ھونئن تھ ”موڙو“ ڪانن جو ٺھيل ھوندو آھي، جنھن کي ويھڻ لاءِ ڪم آڻبو آھي، پر ھتي ”موڙو“ انھن پئسن لاءِ استعمال ٿيو آھي، جيڪي ڪنوار کي مليا. ٻئي مثال ۾ ”ڦورو“ لفظ ڪم آندو ويو آھي، ڦورو ھونئن تھ سٽ جي ويڙھيءَ کي چئبو آھي، پر ھتي اوڻايون، عيب، ڪچايون بابت ڪتب آندل آھي.

مجاز مرسل:

مجاز معنى حقيقت جي ابتڙ ھلڻ يا نئون رستو اختيار ڪرڻ. ڪنھن لفظ جي اصلي ۽ سچي معنى کي ڇڏي، ان مان نئين معنى ڪڍبي آھي تھ اھڙي نئين اختيار ڪيل معنى کي ”مجاز مرسل“ چئبو آھي.

مثال: (١) لڙندي شينھن سان آ دل

   (٢) ھيل دريا ڪيترا ٻوڙيا شھر.

پھرئين مثال ۾ دل جو لڙڻ ڏيکاريل آھي ۽ ٻئي مثال ۾ دريا جو شھرن ٻوڙڻ بابت ذڪر آھي. حالانڪ ٻوڙيندو پاڻي آھي، نھ ڪ دريا. اھڙي نموني لفظ جي اصليت کي ڇڏي، ٻي معنى ڪڍڻ کي ”مجاز مرسل“ سڏبو آھي.

قافيو:

قافيو انھن لفظن کي چوندا آھن، جيڪي غزل ۾ ھڪجھڙي آواز ۽ ھڪجھڙي وزن سان استعمال ٿيندا اچن. غزل جي پھرئين بند ۾ ٻھ قافيا ھوندا آھن، پوءِ وارن بندن ۾ گھڻو ڪري پھرين سٽ قافيي کان آزاد ۽ ٻيءَ ۾ وري قافيو استعمال ٿيندو آھي. ڪن غزلن ۾ قافيو سٽن جي آخر ۾ استعمال ٿيندو آھي ۽ ڪن ۾ وري رديف جي اڳيان استعمال ٿيندو آھي:

مثال:

رات اڪيلائيءَ ۾ مون کي، آيا خيال انيڪ

سودائن سڀني کي ساڙيو، تنھنجي سڪ جي سيڪ،

جئندي ڪھڙو جھنگ ۾ جيڪا، ڌڻ کان ٿي وئي ڌار،

بگھڙن جا اوناڙ ھزارين، ٻڪريءَ جي ھڪ ٻيڪ.

ڪيي وٺي سي ڪاغذ جن تي ”راشد“ جا اشعار،

ڇو نھ وٺن سي چٽڪيون. جن کي چئبو آھي چيڪ.

(راشد)

مٿئين مثال ۾ انيڪ، سيڪ، ٻيڪ ۽ چيڪ قافيا آھن، جيڪي سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ ڪم آندل آھن. ھيٺ وري اھڙي غزل جو مثال پيش ڪجي ٿو، جنھن ۾ رديف ۽ قافيو ٻئي آھن:

رديف:

”رديف“ اھو لفظ آھي، جيڪو بند جي آخر ۾ ساڳيو ورجايو ويندو آھي.

جا دل جي بلبل ڦاسايئي، سا قيد رکج، اڏري تھ ڇٽي!

رک پوري در تون پڃري جا، ھڪ وار وئي نڪري تھ ڇٽي!

ھيءَ رات وري ايندي نھ پرين! اچ جاڳ سندم سيرانديءَ کان،

ھيءَ رات آ منھنجي موت سندي، رک ياد اھا گذري تھ ڇٽي!

ڇا عشق جي آتش ساڙيندڙ، ڇا آھھ نرم دل راشد جي،

ڇا باھھ ڪپھھ جو ناتو آ، ڄر ۾ ڄرڪي پڄري تھ ڇٽي!

ھن مثال ۾ اڏري، نڪري، گذري ۽ پڄري قافيا آھن ۽ ھر بند جي آخر ۾ ”تھ ڇٽي“ رديف آھي.

ڪي غزل وري ذوقافيا ھوندا آھن، يعني ٻن قافين وارا، مثال:

چڱو ڇوٽڙو ھي نشانو چٽيو ٿئي

سڌو اک مان دل کي گليلو سٽيو ٿئي!

انھيءَ کان تھ بھتر رکو ڍوڍڙو ھو،

اھو ساڳ ڇورا، پرائو پٽيو ٿئي!

(راشد)

مٿين سٽن ۾ نشانو، گليلو، پرائو ۽ چٽيو، سٽيو، پٽيو ٻن قسمن جا قافيا آھن، جڏھن تھ رديف ”ٿئي“ آھي.

ھاڻي ڪجھھ صنعتن جو جائزو وٺجي: صنعتون سورھن (16) قسمن جون آھن، ھيٺ انھن بابت واقفيت ڏجي ٿي:

صنعت تشبيھھ:

تشبيھھ جي وضاحت مٿي ٿيل آھي، ان ڪري ھتي بيان ڪانھ ٿي ڪجي.

صنعت تضمين:

تضمين جي معنى آھي وچ ۾ آڻڻ. شاعر پنھنجي شعر ۾ ڪنھن ٻئي شاعر جي سٽ يا بيت ڪم آڻي، تنھن کي ”تضميمن“ چئبو آھي:

ادا ”مسڪين“ کي وھوا وڻي، ”سانگيءَ“ سندي مصرع

”نماڻي نار آھيان، پر وڏن جاوڻ وڄائينديس“!

يا

”راشد“ مون کي ھي ڏاڍي ”حافظ“ جي سٽ وڻي ٿي،

”منصف کي ساھميءَ ۾ انصاف تورڻو پيو“

صنعت سوال جواب:

شاعر پنھنجي شعر ۾ سوال بھ پاڻ ڪري ۽ جواب بھ پاڻ ڏئي تھ اھا ’صنعت سوال جواب‘ سڏجي ٿي:

ھن ديس جو ڪھڙو ٽڪر ھو جو بڻيو گل گلزار نھ ھو؟

ھئي ڌرتي جنت، حاڪم جڏھن ڀونءِ مٿان ڀوتار نھ ھو.

يا

ماتا توکان منھڙو موڙي ڪيئن خوش رھندس آنءُ؟

سنڌڙي! مان تھ سڃاپان ئي ٿو، تنھنجي نسبت ساڻ.

(راشد)

صنعت مراعات النظير:

شاعر پنھنجي شعر ۾ جڏھن ڪا ڳالھھ بيان ڪري تھ ان سان واسطو رکندڙ ٻين شين جو پڻ بيان ڪري وڃي، جيئن باغ جو بيان ڪري تھ گلن، وڻ، ميون ۽ پکين وغيره جو بيان بھ اچي وڃي. اگر برسات جو ذڪر ڪري تھ ڀونءِ سرسبز ٿيڻ ۽ ماڻھن جي خوش ٿيڻ جو ذڪر بھ اچي وڃي:

آئي رت سانوڻ سندي مينھن وسي ڪيڙا ملھار،

ڍٽ وسيا  ۽ پٽ وسيا، سرھا ٿيا سانگي سنگھار.

(گل)

صنعت لف و نشر:

لف معنى آھي ”بند ڪوٽ“ ۽ نشر معنى آھي ”پکيڙڻ، کولڻ يا پڌرو ڪرڻ.“ شعر ۾ پھريان ڪا ڳالھھ بند يعني ڳجھي ڪري، ٻيءَ سٽ ۾ وري اھا کولي سمجھائجي تھ ان کي صنعت لف ونشر چئبو آھي:

حسن، مير حسين کي، رنو ٽن ٽولن

گھر ماڻھئين، جھنگ مرئين، اڀن ۾ ملڪن

مٿئين مثال جي پھرينءَ سٽ ۾ ٽن ٽولن جي روئڻ جي ڳالھھ آھي ۽ ٻيءَ سٽ ۾ انھن ٽولن جي وضاحت ٿيل آھي.

صنعت مبالغو:

مبالغي جي معنى آھي وڌاءُ ڪرڻ، شاعر ڪنھن حقيقت جو بيان حد کان زياده ڪري وڃي تھ ان کي صنعت مبالغو چئبو آھي، اھڙو مبالغو شاعريءَ ۾ جائز آھي.

سھسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن،

سڀ اونداھي ڀانئيان، بِاالله ري پرين!

صنعت مرصع:

”مرصع“ جي معنى آھي موتي پوئڻ. شاعر اھڙا لفظ ۽ تڪون لاڳيتا ڪم آڻي جي ھم آواز ۽ ھم معنى ھجن.

ڀلا ڄام، ھن غلام، سندا سوال، سڻج تون!

آھيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻج تون!

معشوق، منھن ملوڪ ڇو مخلوق لٽين ٿو،

تنھنجا وار، گھنڊيدار ڦيريدار ڦرين ٿو!

صنعت تجاھل عارفانھ:

ھن جي معنى آھي ڄاڻي ٻجھي اڻ ڄاڻ ٿيڻ. شاعر اھڙي ڳالھھ بيان ڪري، جنھن جي کيس خبر ھجي پر بي خبري ظاھر ڪري:

سر ڍونڍيان ڌڙ نھ لھان، ڌڙ ڍونڍيان سرنانھھ،

ھٿ ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجي ڪانھھ.

يا وري اردوءَ جو ھي شعر:

سنا ڻڍ اي صنم تيري کمر ڻڍ

کڻان ڻڍ کس طرح ڻڍ اور کدھر ڻڍ؟

صنعت مقلوب:

”مقلوب“ جي معنى آھي ڦيرائڻ. ھن جا ٽي ڀاڱا آھن:

پھريون ”مقلوب ڪل“ ٻيو ”مقلوب بعض“ ۽ ٽيون ”مقلوب مستوي.“

مقلوب ڪل: شعر ۾ اھڙو لفظ آڻجي، جنھن کي ابتو ڪري لکجي تھ وري نئون لفظ ٺھي پوي ۽ معنى پڻ جدا نڪريس.

ناھي بقا زماني ۾ ”اقبال“ کي ادا،

اقبال کي جي ابتو ڪرين ٿئي ٿو ”لابقا“.

مقلوب بعض: شاعر، پنھنجي شعر ۾ ھڪ يا وڌيڪ اھڙا لفظ ڪتب آڻي، جن جا اکر تبيل ٿيل يا اڳي پوءِ ھجن.

”تعليم“ لاءِ ڌئين جي، نصيحت ڪري قليچ

”تعميل“ جي ڪندؤ تھ اوھين رھندؤنت نھال

مقلوب مستوي: شاعر پنھنجي شعر ۾ اھڙا لفظ ڪم آڻي، جو ابتو توڙي سبتو پڙھجن تھ بھ صورتخطي بھ ساڳي ھجين ۽ آواز ۽ معنى بھ ساڳي ھجين.

درد دل جي کان لڇان ٿو، ڪنھن کي آھي منھنجو درد

صنعت توشيح:

شاعر پنھنجي شعر ۾ سٽون اھڙيءَ طرح ڪم آڻي، جو سڀ ڪنھن سٽ جو پھريون لفظ ڪڍي، سڀئي اکر پاڻ ۾ نمبر وار ڪري لکجن تھ شاعر جي ڪنھن دوست يا ڪنھن گھڻگھري جو نالو ٺھي پوي:

بوءِ بدلي ڀلي ڀلاري جي،

مغز منھنجو ڪيو بھار بھار

چال چوکي چڱي چلت چھرو،

جوت جانيءَ سندي جدا جنسار،

لال لب لاڏل سندا لاشڪ،

عاشق لئھ عجبُ امل اسرار،

شادماني ڏني سڄڻ پر ھي،

نيو اندر جو انھيءَ ڪڍي آزار،

آس اھڙي رکي اسير اداس،

مان محبوب مون ملي مختيار!

ھي غزل غرض لاءِ چيو فاضل،

تھ طرز ”توشيح“ جي منجھس تڪرار

مٿئين ھر ھڪ شعر يا بند جا پھريان اکر ڪڍبا تھ نالو ”بچل شاھھ“ ٺھي پوندو.

صنعت اسماءَ:

شعر ۾ ڪي نالا ماڻھن، پکين، جاين يا شين جا ڪم آڻجن تھ ان کي ”صنعت اسماءِ“ چئبو آھي:

حياتيءَ نيٺ رخصت ڪئي صد افسوس!

اجل ھن وقت عجلت ڪئي صد افسوس!

ٻڌائي غيب اي منظور ھي تاريخ،

اديب العصر رحلت ڪئي صد افسوس

مٿئين شعر جي آخري سٽ جو ابجد ڪبو تھ شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي وفات جو سال نڪرندو، جيڪو آھي 1958ع.

صنعت تضاد:

تضاد معنى خلاف. لفظ ھڪٻئي جي ضد وارا شعر ۾ ڪم آندل ھجن تھ ان کي صنعت تضاد چئبو آھي:

مٺايان مٺو گھڻو، ڪڙو ناھھ ڪلام.

_

”نڪا ابتدا عبد جي نڪا انتھا.“

_

سڄڻ ڏڄڻ نھ ٿئي ٻوڙي رسي سؤ وار.

مٿين مثالن ۾ مٺو ۽ ڪڙو، ابتدا ۽ انتھا، سڄڻ ۽ ڏڄڻ ھڪٻئي جا ضد آھن.

صنعت ايھام:

ھن جي معنى آھي، ڪنھن کي وھم ۾ وجھي ڇڏڻ، يعني ڪنھن بھ لفظ يا ڪنھن بھ عبارت جون ٻھ معنائون نڪرن.

در پسيو سا جاءِ، ٿي تاڙي تندن کي،

ڪامڻ کي ھو ڪينڪي، تارن جو تر ڀاءُ،

تھ مٺي مڱڻھار مان، ٿيندو وره ورڻاءُ،

ڪامڻ ڇڏ تون ڪينرو، وئي تو ڳالھھ ھٿاءِ.

ھن شعر ۾ سر ”ليلان چنيسر“ ۽ سر ”سورٺ“ جون معنائون لڪل آھن، ليلان در وٽ بيھي ھار جي تندن کي ڏسي رھي آھي، کيس انھن تارن جي اصليت جي خبر ئي ناھي تھ ڪو ھار گھرڻ مان، چنيسر سان وڇوڙو پلئھ پوندو. اي عورت! (ليلان) ھاڻي روڄ راڙو ڇڏي ڏي، جو تنھنجي ھٿان ڳالھھ نڪري وئي آھي.

ٻي معنى: سورٺ در وٽ بيھي ٻيجل جي ساز جي تندن کي ڏسي رھي آھي. اھي تارون ساڻس ڪھڙي ويڌن ڪنديون، سا کيس ڪل ئي ناھي، کيس اھا خبر ئي انھي تھ ڪو مٺي مڱڻھار مان ڀتار کان وڇوڙو پلئھ پوندو. ھاڻي جڏھن راءِ ڏياچ ڪسي چڪو آھي تھ سڀ ڳالھھ ھٿان ھلي وئي آھي. اي عورت! (سورٺ) ھاڻي روئڻ پٽڻ مان ڇا ورندو.

صنعت ضرب المثل:

شاعر پنھنجي شعر ۾ ڪو پھاڪو يا قرآن شريف جي آيت يا مثال اھڙي نموني آڻي، جو اھي شعر سان ٺھڪي اچن تھ ان کي صنعت ”ضرب المثل“ چئبو آھي.

”گھڙيا سي چڙھيا“، ائين اٿيئي،

مئي متي مھراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي.

يا

ھوت تنھنجي ھنج ۾ پڇين ڪوهھ پئي،

”وفي انفسڪم افلا تبصرون“، سوجھي ڪر سھي.

صنعتن کان پوءِ اچو تھ ڏسون تھ ”تجنيس“ ڇا آھي؟ مٿي 15 صنعتن جو ذڪر ٿي چڪو آھي، سورھين صنعت استعارو آھي، جنھن جو ذڪر بھ ٿي چڪو آھي.

تجنيس:

شاعر پنھنجي شعر ۾ ڪي لفظن جون سھڻيون بناوتون ڪم آڻي تھ ان کي ”تجنيس“ چئبو آھي. تجنيس جا ھيٺيان قسم آھن:

(١) تجنيس تام،      (٢) تجنيس ناقص،           (٣) تجنيس حرفي،

(٤) تجنيس خطي،    (٥) تجنيس مضارع،  (٦) تجنيس مڪرر

۽ (٧) تجنيس قطارالبحرين.

تجنيس تام:

شاعر پنھنجي شعر ۾ اھڙا ٻھ يا وڌيڪ لفظ ڪم آڻي، جي صورتخطيءَ خواه آوازن ۾ ھڪجھڙا ئي ھجن، مگر انھن جي معنى جدا جدا ھجي.

پسيون ڪارڻ پيٽ جي، اچن پنھوار پٽيون.

جئن ھت ورڙا ويڙھين کي ڏين، تئن ھت ڪوٺي ڪام پٽيون.

راتيان ڏينھان روڄ کان، منھنجو اکيون تان نھ پٽيون،

اھي پنوھار پٽيون، ٻڌندم ڦٽ فراق جا.

مٿئين مثال ۾ ”پٽيون“ جي معنى جدا جدا ٿيندي. پھرين سٽ ۾ ”پٽيون“ معنى ”پٽي اچڻ“، ٻيءَ سٽ ۾ ”پٽيون“ معنى ”اھي سڌيون چيريل ڪاٺيون، جيڪي ڪوٺي جي ڇت ڍڪڻ ۾ ڪم اچن، ٽينءَ سٽ ۾ ”پٽيون“، اکين جي نھ پٽجڻ بابت ڪم آيل آھي ۽ آخري چوٿينءَ سٽ ۾ ”پٽيون“ معنى ڪپڙي جون ڊگھيون اڳڙيون، جيڪي ڦٽ کي ٻڌجن.

تجنيس ناقص:

شعر ۾ ٻھ يا وڌيڪ لفظ اھڙا ڪم آڻجن، جن جي صورتخطي ساڳي ھجي، مگر آواز ۽ معنى جدا جدا ھجي، تھ ان کي تجنيس ناقص سڏبو.

سر ڀي پنھنجو، سر ڀي پنھنجو، ٻيو ڪو گھورڻ وارو ناھھ

مٿئين مثال ۾ ”سر“ ۽ ”سر“ جي صورتخطي ساڳي آھي، پر آواز ۽ معنى ۾ فرق آھي.

تجنيس حرفي:

شعر جي سٽ ۾ جيڪو اکر پھريان استعمال ڪجي، اھو سڀني لفظن جي اڳيان اچي.

وڃ وڃڻ کي ويڙھھ وحدت ۾ ورڻ وائي م وار،

وک وڌائي ويھھ م وچ تي ورق ويسر جا وسار.

(محمد فقير کٽياڻ)

تجنيس خطي:

شعر ۾ اھڙا لفظ ڪم آڻجن، جن جا جيڪڏھن ٽٻڪا ڊاھي ڇڏجن تھ باقي صورتخطي ھڪ جھڙي رھجي وڃي.

مثال:

ڪارا ڊگھا ڏٺائين، جڏھن زلف تنھن جا ”مشڪين“

دل ڏئي ٿيو گرفتار، عاشق، ويچارو ”مسڪين“

مٿي ”مشڪين“ ۽ ”مسڪين“ جا ٽٻڪا ڊاھي ڇڏبا تھ باقي ٻنھي لفظن جي صورتخطي ساڳي رھندي.

تجنيس زائد:

شعر ۾ اھڙا ٻھ يا وڌيڪ لفظ ڪم آڻجن، جيڪي صورتخطيءَ ۾ ھڪجھڙا ھجن، پر ھڪڙي لفظ جي منڍ ۾ ٻئي لفظ کان ھڪ اکر وڌيڪ ڪم آيل ھجي.

مثال:

تنھنجي ئي لڳي دوست، مون کي پياري ياري

جند جان جي ڳڻتي مون وساري ساري

جي ٻھ ٽي ڏينھن ڏنم توتي ساھھ

گويا ھئي حياتي مون اڌاري ڌاري

مٿئين مثال ۾ ”پياري، ياري“، ”وساري، ساري“ ۽ ”اڌاري، ڌاري“ ۾، ھڪڙي لفظ جي منڍ ۾ ٻئي کان ھڪ اکر وڌيڪ ڪم آيل آھي.

تجنيس مزيد:

شعر ۾ اھڙا ٻھ يا وڌيڪ لفظ ڪم آڻجن، جي صورتخطيءَ ۾ ھڪجھڙا ھجن، مگر ھڪ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ٻئي لفظ کان ھڪ اکر وڌيڪ ھجي تھ ان کي تجنيس مزيد چئبو آھي:

آن گدا گھٽ ڪين سمجھان، پاڻ کي سلطان کان،

ھن کي تخت ۽ مون کي تختو، ھن کي ڇت ۽ مون کي ڇٽي!

مٿئين مثال ۾ ”تخت ۽ تخو“، ”ڇٽ ۽ ڇٽي“ ۾ ھڪ لفظ ۾ ٻئي کان ھڪ اکر پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ آھي.

تجنيس مڪرر:

مڪرر جي معنى آھي وري وري اچڻ.

نيڪي ڪري جو، تنھن کي ملندي جزا جزا

جيڪو ڪندو بدي سو ڏسندو سزا سزا،

مٿئين مثال ۾ ”جزا جزا“ ۽ ”سزا سزا“ جو ورجاءُ آھي، جنھن کي تجنيس مڪرر چئبو آھي.

تجنيس قطارالبحرين:

ھن جي معنى آھي ”اٺن جي قطار“، جيئن ھڪ اٺ جي پڇ ۾ ٻئي اٺ جي مھار ٻڌل ھوندي آھي، تيئن شعر جي اڳينءَ سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ جيڪو لفظ ھوندو آھي، اھو ٻيءَ سٽ جي اڳياڙيءَ ۾ استعمال ٿيندو آھي. جيئن:

ڪشي ڪان ڪمان ۾، ميان! مار م مون،

مون ۾ آھين تون، متان تنھنجو ئي توکي لڳي.

پھرينءَ سٽ جي آخر ۾ ۽ ٻيءَ سٽ جي اول ۾ ”مون“ لفظ استعمال ٿيل آھي.

مٿين ڳالھين کان علاوه، اڃا ھڪ چيز آھي، جنھن جو شاعريءَ سان گھرو ۽ گھاٽو لاڳاپو آھي، اھو آھي ”اھڃاڻ“. اچو تھ ڏسون تھ عالم ۽ ڄاڻو ليکڪ، اھڃاڻ جي سمجھاڻي ڪيئن ٿا ڏين.

ڊبليو. بي بيٽس: ”مڪمل صوفياڻو اھڃاڻ اھو آھي، جنھن جي دوران ڪابھ ڪھاڻي، فطرت يا فڪر جي ڪنھن بھ شعبي ۾ پڙھي سگھجي ٿي، پوءِ اھو طبعي، مذھبي، يا فيلسوفياڻو ڇو نھ ھجي، اھي سڀ ڳالھيون ان ھڪ ۾ موجود ھجن.“

آءِ - اي رچرڊس: ”نشانيون توڙي اھڃاڻ اھڙا ذريعا آھن، جن سان اسان جي ماضيءَ جا تجربا، اسان جي حال جي، ردعمل کي مدد ڏين ٿا.“

ھئزارڊ آڊمس: ”تمثيل، ڪنھن ٻي شيءِ جي بدران استعمال ٿيل لفظ آھي، پر اھڃاڻ شين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ذريعو آھي.“

ٿامس ڪارلائل: ”اھڃاڻ، چٽائيءَ ۽ سڌائيءَ سان ڪنھن لاءِ محدود حقيقت جو عرفان آھي. ان ذريعي لامحدود، محدود سان رلجي ملجي ٿو وڃي.“

شيلي: ”اھڃاڻ، ھڪ موضوع جي تشريح ۾ مدد ٿو ڪري، ان کي قبول ڪرڻ لائق ٿو بنائي، ڪن ستل ۽ دٻيل اظھارن کي جاڳائي ٿو ۽ ھڪ سينگاريل ڏيکاءَ طور ڪم اچي ٿو.“

سئنڊرس: ”اھڃاڻ، ھڪ اھڙو لفظ يا عڪس آھي، جيڪو نھ رڳو اصلي تصور (Concept) لاءِ ڪم اچي ٿو، پر ان سان لاڳاپو رکندڙ سڀني معنائن توڙڙي لاڙن لاءِ بھ ڪم اچي ٿو. گھڻين معنائن جو مجموعو گڏجي ھڪ وڏي آئيڊيا ٿو تخليق ڪري.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org