سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: محڪريءَ جا مضمون

باب :1

صفحو :7

۽ مسلمان واپاري ٽولا جيڪي هندستان مان لڏي پاڪستان ۾ آيا ۽ جن کي هتي سڀڪجهه مليو پر هڪ ڳالهه  جا نه ملي سا هئي وطن جي سرزمين ۾ پختي پاڙ، تن کي جمهوريت جو شوق نه پهرين هو نه هاڻي آهي. هتي اچڻ سان کين محفوظ تجارت جا انبار ۽ ٽئڪس کان تقريبا آجي صنعت جا اُڻميا ۽ اڻ گهريا موقعا مليا، ۽ هُنن پنهنجيون هڪ –هٽيون ۽ صنعتي طائفا قائم ڪيا، ۽ اُن پنهنجي ”ڪاروباري جنت“ جي سهنج ۽ سُرور ۾ ايترا ته محو هئا، جو اُن ڪيفيت مان نڪري جمهوريت جي چڪر ۾ هو اچڻ لاءِ تيار نه هئا، جيڪا هونئن نه ته سماج جي ڪاروباري، تاجر ۽ صنعتڪار برادرين کي گهُرڻي پوندي آهي ۽ جنهن لاءِ انهن کي پنهنجي ئي مفاد جي حفاظت ۽ فروغ لاءِ، سياسي جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي.

اوڀر پاڪستان جي وڃڻ سان، جتان جي خلق سڄي پاڪستان ۾ اڪثريتي خلق هئڻ سان گڏ، زمينداري ٻوسٽ کان ڇٽل ۽ غير تاجر، غريب، ڳوٺاڻي ۽ انهيءَ ڪري جمهوريت ڏانهن  مائل خلق هئي، ۽ هتي اسان وٽ نالي ۽ نعري ماتر زمينداري سڌارن کان پوءِ، جن سان زميندارن جي طاقت کي ڦنڊڪ به ڪانه لڳي، هتان جي زميندارن ۽ ٻاهران آيل ۽ پنهنجيءَ ۾ ورتل تاجر برادريءَ جي وچ ۾ جنهن پوري سمجهوتي ۽ ڪامل صلح جا تعلقات موجود ڏسجن ٿا، اُن صورتحال ۾ ملڪ جي خواب لهندڙ آدرشين جي ذهن ۾ وري وري جاڳندڙ غريب جمهوريت هتي اسان وٽ هر هر پئي ٿيڙ کاڌا آهن ۽ وري وري چڪرائجي پئي اُها ڪري آهي ۽ ناڪام ٿي آهي.

۽ اُن سان گڏ (ڪنهن شايد ڄاتو به نه  آهي)، سڄيءَ خلق جو حوصلو ۽ اخلاقي جرئت جا اوصاف به پئي ڌڪيا ۽ ڪِريا آهن، ۽ عوام کي اِها ڄاڻ ئي ڪانه ٿي پوي ته ملڪ جي طاقتور زمينداري مفاد ۽ وطن سان نه ڳنڍيل هڪ- هٽي تجارت ۽ صنعت جي مفادن جي وچ ۾ موجود سمجهوتي ۽ رفاقت مان نيٺ به کين ڇا فائدو ملندو ۽ ملڪ جو ڪهڙو ڪلياڻ ٿيندو! اها پڻ عجيب حقيقت آهي (ڇو ته ٻئي هنڌ دنيا ۾ شايد ڪٿي به ائين ڪونهي) ته پاڪستان ۾ جاگيرشاهيءَ هٽي تجارتي مفاد کي ۽ تجارتي مفاد هٽي صنعتي مفاد کي جاءِ ڪانه ڏني_ جيئن ترقي ڪيل دنيا ۾ هميشه ۽ هر هنڌ ائين ٿيو آهي؛ پر هتي اُهي ٽيئي مفاد، هندو ، ڌرم جي ٽمورتيءَ وانگر، هڪ ئي قطار ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيو بيٺا آهن، بلڪ اهي گڏو گڏ هڪ ئي خاندان ۾ موجود ڏسجن ٿا. هتي اسين وڏو زميندار ڏسون ٿا، جنهن کي ٻهراڙيءِ ۾ هزارين ايڪڙ زمين آهي، جيڪو ضلعي جي شهر، ۾ ڪپڙي جي مل جو مالڪ آهي، وڏي شهر ۾ سئنيما جو ڌڻي آهي، بئنڪن ۾ ۽ ڪنهن اعليٰ هوٽل جي موڙي ۾ حصا سيڙايل اٿس، ۽ ان سان گڏ پنهنجي اخبار اٿس،  جيڪا جيئن هو چاهي ۽ چوي تيئن لکي ٿي ۽ هن جي حڪومتي سرپرستن جي شهرت ۽ پذيرائي ڪري  ٿي!

۽ ڪاملتاً، ۽ خالصتاً دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ، سڄو وقت مهڙ ۾ جمهوريت جو ڏيکاءُ به قائم رهندو آيو، ۽ جيئن انگريزيءَ ۾ چئبو آهي ته ”ماڻهو پئي آيا، ماڻهو پئي ويا“ ۽ پهاڪي وارو ”چشمو“ هو سو وهندو رهيو- تيئن هتي الڳ الڳ حالتن ۾ ڪيتريون ئي ”جمهوري“ چونڊون ٿيون، پر مهانڊا اُهي ئي، ۽ ساڳين ساڳين مفادن جا حامي، هر ڀيري ”چونڊجي“ اسان جي سامهون ايندا رهيا- سياسي ٺپا به سندن بدلبا رهيا، پر صوبائي ۽ مرڪزي اسيمبلين ۾ ماڻهو اڪثر اُهي ئي ساڳيا ڏند ڪڍيو اسان ڏانهن ڏسندا رهيا ۽ کلندا رهيا!

ڪنهن به عامي قسم جي ماڻهوءَ کي يا گروپ کي وڌيڪ عرصو اقتدار ۾ رهڻ جي مهلت ملي نه سگهي. جنهن ۾ اُن  جو يا اُنهن جو ڪو من وڌي سگهي.

اِنهيءَ معنيٰ ۾، بلڪل ٺيڪ طرح چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن ڪا جمهوريت هئي ئي ڪانه ۽ انهيءَ ڪري اُن جي ”ورڻ“ يا ”بحال ٿيڻ“ جو ڪو سوال ئي شايد ڪو نه ٿو اُٿي.

اُن کي هتي جنم وٺڻو آهي_ جديد ترين صورت ۾ ۽ جديد ترين طريقن سان. پوءِ اسان وٽ به اسان جي اُن سچليءَ جمهوريت جا ”ست جنم“ هوندا.

اُن لاءِ مقدس ۽ حيات آفرين جدوجهد جو سڄو بار انهن ٿورن شعور رکندڙن، سوچيندڙن ۽ آدرشي انسانن کي ئي  پنهنجي ڪلهن تي کڻڻو آهي، جيڪي هميشه کان ۽ سدائين ”گهڻن“ لاءِ وڙهندا ۽ سختيون سهندا رهيا آهن.

اُنهن جو اِهو جدوجهد اڄ سڀ کان زياده اهم ۽ سڀ کان زياده بروقتو ۽ سگهائتو آهي، ڇو ته دنيا، جنهن ۾ رهندي ۽ جنهن سان گڏ، هُنن کي اڳتي وڌڻو  آهي، ان جي پيرن جي آڱرين جي چيرن مان گاه ڦٽي ڪو نه نڪتو آهي، جو چئجي ته ڪنهن چانبڙ گپ ۾ اُها پير گپايو هڪ هنڌ بيٺي آهي. وڏي ۾ وڏيءَ اهميت واري حقيقت هيءَ آهي ته پاڪستان هڪ هنڌ بيهي رهڻ جي پوزيشن ۾ ئي ڪونهي. ٻين ملڪن وانگر پاڪستان به جي هلندو ۽ وڌندو نه رهيو، ته اُهو وڌيڪ وقت بيهي به ڪو نه سگهندو.

جادوءَ جا عجيب ڪم

ڪير ٿو چوي ته جادو سڄو ڀرم ۽ سنسو آهي؟ ڪير ٿو چوي ته جادو عجب جهڙا ڪم نٿو ڪري؟ ۽ ڪنهن کي خبر ناهي ته جادو سڄو لفظن ۾، لفظن ۾ ۽ لفظن ئي ۾ آهي ۽ جيڪڏهن جادو سڄو لفظن ۾، لفظن ۾ ۽ لفظن ئي ۾ آهي، ته پوءِ ڪير آهي جنهن کي لفظن جي طاقت جي خبر نه هجي؟

۽ جيڪڏهن ڪو به اهڙو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ڪو به لفظن جي طاقت کان انڪار نٿو ڪري سگهي، ته پوءِ ڪيئن ٿو ڪير چئي سگهي ته جادو  عجب جهڙا ڪم نٿو ڪري؟

ڪنهن کي اها خبر ناهي ته جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽر ڪي ٿورا به خوفائتا لفظ ڪنهن کي ٻڌائي ٿو، ته هو سڄو ڪنبي ٿو وڃي ۽ سڄي پنهنجي حياتي خطري ۾ ٿو سمجهي؟

۽ ڪنهن کي خبر ناهي ته ڊاڪٽر جيڪڏهن ڪي ٿورا به اميد ڀريا لفظ ڪنهن بيمار کي ٻڌائي ٿو، ته هيڪر ته هو جِـي ٿو اُٿي ۽ پاڻ کي بهتر پيو سمجهي؟

اهڙو ڪو جيئرو جاڳندو ۽ هوشمند ماڻهو آهي، جيڪو لفظن جي زبردست، اجهل ۽ قدرتي طاقت کان انڪار ڪري سگهي؟

ڇا، بائيبل مقدس ۾ ائين آيل ناهي ته ”ابتدا ۾ هو ته لفظ هو؟“ اِنهيءَ ڪري ڪير اهڙو ٿي سگهي ٿو، جيڪو چوي ته هُن لفظن جي _ ۽ انهيءَ ڪري جادو جي _ طاقت کي پوريءَ طرح سمجهيو آهي يا ان جو هو پورو ڪاٿو به ڪري سگهيو آهي؟

اِنهيءَ ڪري، انساني دنيا ۾ لفظن جي  جادوءَ کان وڌيڪ به ڪا حقيقت ٿي سگهي ٿي! ڇا، سڄي تاريخ جادوءَ جي طاقت جي_ مطلب ته لفظن جي طاقت جي_ هڪ رعبدار بلڪ هيبتناڪ حقيقت نه آهي؟

ڇا، رڳو هڪڙي فيلسوف جي چند لفظن ته ”انسان آزاد ڄائو، پر افسوس جو هو هر هنڌ زنجيرن ۾ جڪڙجي ويو!“_ فرانس جو انقلاب ڪونه آندو هو؟

ڇا، ٻئي هڪڙي فيلسوف جي چند لفظن ته ”دنيا جا مزدورو، اُٿو! پنهنجن زنجيرن کان سواءِ ٻيو اوهين ڇا وڃائيندا؟“_ فرانس جي انقلاب کان به وڌيڪ هڪ وڏو انقلاب ڪو نه آندو؟

ان کان اڳ سر تريءَ تي رکي، سرَ – بها تي گهمندڙ هڪ قومي سرويچ جي هنن لفظن: ”جي هيءَ غداري آهي، ته اي هم وطنو! اچو ته غداريءَ کي توڙ تائين پهچايون!“ _ هن جي وطن ۾ اُهو ڌماڪو پيدا ڪو نه ڪيو هو، جنهن جو آواز سڄيءَ دنيا ٻڌو هو!

اُن کان اڳ، گهڻو گهڻو اڳ، ڪارٿيج جي بندر کي ناس ڪرڻ لاءِ، جيڪو قديم روم جو مد مقابل ۽ مخالف هو، هڪڙي رومن سينيٽر، آئپس ڪارنيليس سپيو،  هر روز ۽ هر وقت، هر موقعي تي ۽ هر ڳالهه ۾، ڌنوڻي لائي ڏني هئي ۽ اٿندي ويهندي، سُتي ويٺي، هلندي چلندي، هو چوندو رهيو، چوندو رهيو، چوندو رهيو_ ڄڻ هن کي ٻي ڪا ڳالهه ئي ڪانه ٿي سُجهي_ ۽ هو چوندو رهيو ، چوندو رهيو ۽ چوندو رهيو: ”ديلو دواستو ڪارٿيجو، ديلو دواستو ڪارٿيجو، ديلو دواستو ڪارٿيجو، ڪارٿيج کي ناس ڪريو، ڪارٿيج کي ناس ڪريو، ڪارٿيج کي ناس ڪريو!“ ۽ ائين هن کي چوندي، چوندي، ۽ چوندي چوندي، پورا ويهه سال ٿي ويا_ ۽ پوءِ رومن لوڪ، سڀيئي ڳالهه کي سمجهي، هڪ ٿي، گڏجي، اَجهل طوفان وانگر اُٿيا ۽ ڪارٿيج کي اهڙو سڄي جو سڄو ۽ پورو ناس ڪيائون، جو  ان جو رڳو پٽ، اُن جو رڳو نشان يا ڪو دڙو به دنيا جي تختي تان ڪو نه ٿي لڌو _ تان جو فقط هاڻي، ڪي ٿورا سال ٿيا آهن، جو هوائي جهازن جي جانچ پڙتال سان اُن جي کنڊرن جو پتو پئجي سگهيو آهي. اُن آئپس ڪارنيليس سپيو وٽ ٻيو ڇا هو، سواءِ اُن ڌنوڻيءَ جي، سواءِ اُن آواز جي _ ”ديلو دواستو ڪارٿيجو، ديلو دواستو ڪارٿيجو،_ ڪارٿيج کي ناس ڪريو، ڪارٿيج کي ناس ڪريو!“ ۽ اهو آواز هر رومن مرد، عورت ۽ ٻار، ٻڌو ۽ پنهنجو ڪيو، ۽ پوءِ هنن سمجهيو  ۽ محسوس ڪيو ته جڏهن اُنهن مان هر هڪ جي زبان  مان اِهو  آواز ٿي اٿيو، تڏهن اُهو بدلجي هنن جي وجود جو ارادو ۽ هنن جي اتحاد ۽ طاقت جو آواز بڻجي ٿي پيو، ۽ پوءِ ان سندن ارادي ۽ آواز، هنن جي ذهن ۾ اُهو، اٽل ڀروسو پيدا ڪيو، جو ناممڪن ڦري انهن کي ممڪن ڏسجڻ لڳو ۽ ڪارٿيج کي ڪيرائڻ ۾ جيڪي اُنهن جي آڏو رڪاوٽون هيون سي سڀ ڪک پن ٿي ويون، ۽ نيٺ اُهو ساڳيو ڪارٿيج جيڪو کين ايڏو اجيت ۽ اڏول ٿي لڳو، سو سندن هٿان، پوري جو پورو ۽ سڄي جو سڄو، هميشه لاءِ ناس ٿي ويو.

ايڏي وڏي پيماني تي لفظن جي هن ڌنوڻيءَ دنيا جي اڳيان اِها حقيقت ثابت ڪئي ته جڏهن عوام جو وسيع تعداد ڪا شيءِ يا ڪي حالتون يا ڪنهن صورتحال جو وجود نٿو چاهي، تڏهن اُهي ان جي خلاف ائين لڳاتار ۽ سڀ گڏجي ، بي خوف ۽ اٿڪ نموني ۾ ڌنوندا رهندا، ته هو اُن شيءَ، اُنهن حالتن يا اُن صورتحال جي خاتمي لاءِ پنهنجي پاڻ ۾ اُها طاقت ۽ اُهو ارادو پيدا ڪري سگهندا، جو کڻي ڇا به هجي ۽ ڇا به ٿي پوي، هو هر ممڪن بند کي ڀڃي وجهندا ۽ ممڪن مشڪلات مٿان سوڀ حاصل ڪري ئي دم کڻندا.

هنن کي ٻيو ڪجهه به نه، ڪجهه به نه، ڪجهه به نه ۽ ڪجهه به نه ڪرڻو آهي، سواءِ هن جي ته هو پنهنجي ارادي کي مضبوط ڪن ۽ دلگهريءَ تبديليءَ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجي سگهه ۽ صلاحيت کي وڌائيندا، وڌائيندا ۽ وڌائيندا رهن.

ڪيئي صديون پوءِ، آئرلنڊ جي ماڻهن به انگريزن کان آزادي وٺڻ لاءِ اهڙو ئي طريقو اختيار ڪيو هو. خاص طرح 1910ع کان پوءِ، هر هنڌ، هر ڳالهه ۾، هر موقعي تي، سبب بي سبب، برطانوي پارليامينٽ جي اندر توڙي ان کان ٻاهر، هو سالن جا سال، رڳو ”آئرلنڊ جو مسئلو“، ”آئرلنڊ جو مسئلو“، ”آئرلنڊ جو مسئلو“ اٿاريندا رهيا_ ايتري ته زور ۽ ايتريءَ ته اورچائيءَ سان، جو ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ کين ڪا سئودا هئي، ڪا ديوانگي هئي، يا ڪنهن قسم جو ڪو عام پاڳلپڻو هو، جنهن ۾ هو وٺجي ويا هئا.

پر ڇا به هو، کين ڪنهن ڪيئن به ٿي سمجهيو ۽ ڇو ٿي سمجهيو، پر آئرلنڊ جا ماڻهو اهڙيءَ ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ڪئي بغير، اُهو پنهنجو هڪڙو زورائتو منتر اُچاريندا ئي رهيا، اُچاريندا ئي رهيا ۽ ان ۾ هنن ڪڏهن به ۽ ڪهڙيءَ حالت ۾ به ڪوتاهي ڪانه ڪئي _ ۽ ايڏي انگلنڊ جي فيل مست طاقت سندن اُن لفظن جي هيبتناڪ ۽ هوڏي منتر آڏو مجبور ۽ بيوس ٿي ويئي.

ڇاڪاڻ ته ڪير هو، جو ماڻهن کي، فردن کي، ٽولن کي، راڄن کي ۽ نيٺ سڄي عوام کي ۽ سڄيءَ خلق کي ڳالهائڻ کان، ڳالهائڻ کان ۽ هر حال ۾ ڳالهائڻ کان روڪي ٿي سگهيو، جڏهن انهن وٽ انگلنڊ جي اُن ارڏيءَ ۽ جنگ طاقت جي خلاف، سواءِ اُن ڳالهائڻ جي، سواءِ پنهنجي اُن زبان جي، سواءِ پنهنجن لفظن ۽ پنهنجن خيالن جي اُن طاقت جي باقي ٻيو ڪجهه بچيو به ڪونه هو.

۽ اهي هٿيار به ڪي هٿيار هئا! لفظن جي طاقت، امنگ ۽ جذبي جي طاقت، خيالن جي طاقت _ ته هي جيڪي حالتون آئرلنڊ ۾ هيون سي ائين نه هجن_ اِهي هٿيار! سچ پچ انهن جهڙا هٿيار ڪي ٻيا هٿيار به ٿي سگهيا ٿي! هي خيال، هي لفظ، هي اُڌما ۽ امنگ _ اِهي هٿيار، جيڪي ڪڏهن به کسجي نٿي سگهيا، جيڪي جيئن وڌيڪ ٿي استعمال ٿيا تيئن ٿي وڌيڪ تيز ۽ وڌيڪ گهاتڪ ٿيا، هٿيار جيڪي  اڻ ڏٺا هئا، ڇهڻ جهڙا نه هئا _ هٿيار، هٿيار، هٿيار، جيڪي هر هنڌ هئا ۽ هر ڪنهن وٽ هئا ۽ چئوطرف موجود هئا.

لفظ، لفظ ۽ لفظ_ هي هٿيار، جيڪي آئرلنڊ جي ماڻهن ائين ته هر ويلي ۽ لڳاتار، اهڙيءَ ته سيڌَ ۾ ۽ اهڙي ته شعور ۽ ارادي سان ۽ اهڙي ته اعتماد، ايمان ۽ مقصد سان برطانوي حڪومت خلاف استعمال ڪيا، جو آخر ڪار انهن جي وارو وار هيٺ اڏول برطانوي طاقت جو سڄو منڊ ٽٽي پيو، ۽ آئرلنڊ، پنهنجي اڳيان ڏسڻ ۾ بي انت ۽ ٽپي نه سگهڻ جهڙيءَ غلاميءَ جي کاهيءَ مان ٽپي پار ٿيو ۽ جيئن اُهو اڄ آهي تيئن بڻجي پيو_ يعني آئرش فري اسٽيٽ، آزاد آئرديش.

ايمان، ايمان، ايمان ۽ ايمان_ پنهنجي شومنترن جي طاقت ۾، اُنهن جي اچارڻ ۽ آلاپڻ ۾، برطانوي حڪومت جي خلاف پنهنجن لفظن ۾ _ شومنتر ۽ انهن جا آلاپ، لفظ، لفظ_ سڀني آئرلنڊ جي ماڻهن جا، انهن جي مردن، زالن ۽ اسڪولي ٻارن جا _ اُهي جادو هئا ۽ جادو ثابت ٿيا، جادو جيڪو هميشه ۽ هر وقت عجيب ڪم ڪندو آهي، ۽ اهڙا معجزا ڪري ڏيکاريندو آهي، جو کڻي ڇا به هجي ۽ ڪيئن به هجي، مشڪلاتون ۽ مجبوريون، خطرا ۽ رنڊڪون ڪهڙيون به هجن ۽ ڪيتريون به هجن، نجات ملي ٿي ۽ ضرور ملي ٿي_ ڇو ته ”ابتدا ۾ هو ته لفظ هو.“

۽ لفظ جو معجزو، لفظن جو جادو، سچ پچ ته، عجيب ڪم ڪري ٿو.

بي سُرائي (Atonia)

بي سُرائي هڪ نرالي بيماري آهي،

سچ پچ ته ڏاڍي نرالي.

سـڄي علم طب کي اُن منجهائي وڌو آهي.

اُها سرطان وانگر خراب نه آهي.

اُها اڌرنگ وانگر خراب ڪندڙ به ڪانهي.

اُن جا جيوڙا ڪو نه ٿين.

پر اُن جو علاج ڪوئي ڪونهي.

بي سُرائيءَ ۾ بدن اُهڙي جو اُهڙو بيٺو هوندو آهي.

تازو توانو.

اکيون اکين وانگر نهارينديون پيون.

ڪن کڙا تڙا بيٺا هوندا.

چکڻ جو حواس به سالم.

ڇهڻ جو حواس به سالم.

۽ سونگهڻ جو به.

نه ڪنهن سور جو ۽ نه ڪنهن پيڙا جو ڪو نشان ڏسبو.

”ته پوءِ، اُن ۾ خرابي نيٺ ڪهڙي هوندي آهي؟“ اوهين پڇي سگهو ٿا.

”ڪابه خرابي ڪانه هوندي آهي.“

”ڪابه خرابي ڪانه هوندي آهي؟“

”نه، ڪابه خرابي ڪانه هوندي آهي.“

”باقي؟“

”باقي هيءُ ته ڪابه چڱائي ڪانه.“

”ڪابه خرابي ڪانه هوندي آهي ۽ ڪابه چڱائي ڪانه ؟“

”هائو، اِها ئي ته هِن جي ڳالهه آهي.“

”ڪنهن جي ڳالهه؟“

”بي سُرائي جي.“

”تنهن جي معنيٰ؟“

”تنهن جي معنيٰ بي سُرائي، يعني سُر کان ٻاهر.“

 ”سُر کان ٻاهر؟“

”سو  ڪيئن؟“

”سو هيئن ته رڳو، ماٺ ميٺ ۾، ۽ ڪڏهن ته ڏاڍيءَ نزاڪت سان، بدن جا سڀ عضوا ۽ الڳ الڳ عضوا، سانتيڪائيءَ سان ۽ جيئن ٿڌ تيئن وڌ، پنهنجي پنهنجي سُر مان نڪرندا ويندا، جيڪو زندگيءَ لاءِ ضروري هوندو آهي.“

”اُهو وري ڪيئن؟“

”اُهو هيئن، جو اکيون ته هونديون پر ڏسنديون ڪجهه به ڪو نه، ڪن هوندا پر ٻڌندا ڪجهه به ڪو نه. چمڙي به هوندي پر ڪم ڪو نه ڪندي. نڪُ چُپ چاپ سونگهڻ ڇڏي ڏيندو. زبان ڪو به سواد مغز تائين ڪو نه پهچائيندي. ڳالهه، ٿوري ته بدن جا سڀ عضوا جيئن جا تيئن هوندا، سُڪل به نه هوندا، پر رڳو، ٿيندي ٿيندي، سُر مان نڪرندا ويندا، ۽ اُنهن سان سنگ ۾ رهڻ لاءِ وري مغز به ساڻن شامل ٿي ويندو، ۽ پوءِ سڄو بدن آهستگيءَ سان، آهستگي سان، ست ڇڏي ويندو ۽ ڍرڪي پوندو_ نه ٿڌو ساه، نه ڪنجهڪار، نه ڀُڻڪو.“

”پر، بي سُرائيءَ جي اِها ڳالهه توکي هِن وقت ۽ هِتي ذهن ۾ ڪيئن آئي؟“

”هو منهنجو ٽيليفون پيو اٿيئي.“

”پوءِ؟“

 ”اِهو ڪم ڪو نه ڪندو.“

”شڪايت ڪر!“

”شڪايت ڪيم“

”پوءِ ؟ “

”‎شڪايت ڪم ڪانه ڪندي.“

”سو ڇو؟“

”چئو واٽن جون بتيون آهن_“

”پوءِ ڇا؟“

”اُهي ڪم نه ڪنديون.“

”۽؟“

”اسپتالون آهن.“

”سو؟“

”اُهي ڪم نه ڪنديون.“

”پوءِ؟“

”مڪاني راڄ آهي.“

”آهي؟“

”هائو، آهي.“

”پوءِ؟“

”اَهو ڪم نه ڪندو.“

”پوءِ ڇا؟“

”ڪيتريون، ڪيتريون ۽ ڪيتريون شيون آهن، اسڪول آهن، ڪاليج آهن، يونيورسٽيون آهن، هيءُ کاتو آهي، هو کاتو آهي، ۽ هو ٻيو کاتو ۽ اُن کان ٻيو کاتو ۽ ٻئي کان ٻيو کاتو، ۽ ٻيو، ٻيو، ٻيو......۽ .......“

”۽؟“

”۽ هيءُ ته اُهي ڪم نه ڪندا، ڪجهه نه ڪندا، ڪک ڀڃي ڪک مان ٻه ڪک ڪو نه ڪندا.

”ڪک مان ٻه ڪک؟“

”هائو.“

”مثلاً؟“

”مثلاً؟“

”مثلاً قاعدو قانون، امن امان، عدل انصاف!“

”اِهي ڪَکَ آهن؟“

 ”نه آهن؟“

”هئڻ ته نه کپن.“

”هئڻ ته نه کپن.“

قائد جي ورثي جو ڇا ٿيو؟

پنهنجي مشهور ڪتاب ”فتويٰ بر هندوستان“ ۾ بيو رَلي نڪولس ائين خوامخواه ڪو نه چيو هو ته ”مسلم ليگ ۾ جناح جهڙو ته ٺهيو پر جناح کان اٺين نمبر تي به ٻيو ڪو موجود ڪو نه آهي.“

تاريخ ثابت ڪيو ته قائد جو چوغو پوءِ هن جي نائين نمبر کان به پوئتي بيٺل ، اجاين ۽ مختصر ماڻهن جي ڪلهن تي وڃي پيو، جن جي سياسي نگاهه جي افق ضلعي لوڪل بورڊ جي ذهنيت کان ڪڏهن مٿي ڪانه چڙهي ۽ جن لاءِ جمهوريت فقط هڪ پريءَ جي ڪهاڻي هئي.

پهرين ڳالهه جيڪا هنن ڪئي، جڏهن هو پاڻ پنهنجي سر ڪجهه ڪرڻ جهڙا به ٿيا، سا اِها هئي ته هنن قائد جي اُها ڳالهه ماڻهن جي ذهن تان لاهڻ گهري، جيڪا هن سڀ کان زياده واضح لفظن ۾، پوري سوچ ويچار سان، جملو جملو ۽ لفظ لفظ ڪري ، پوري زور سان ۽ اهڙي ناقابل ترديد انداز ۽ نموني سان چئي هئي، جو ڪو به ماڻهو هر گز هرگز انڪار نٿو ڪري سگهي ته اُها واقعي قائد اعظم ائين چئي هئي.

ڪهڙي اُها ڳالهه؟

هيءُ اها ڳالهه ته ”اوهين ڪهڙي به مذهب، ذات يا فرقي جا هجو، اُن ڳالهه جو رياست جي ڪم سان ڪو واسطو ڪونهي. وقت گذرڻ سان هندو هندو نه رهندا ۽ نه مسلمان مسلمان_ سياسي خيال کان ۽ رياست جي شهرين جي حيثيت ۾....... ڪنهن به حالت ۾ پاڪستان ٿيوڪرئٽڪ رياست نٿو بڻجي سگهي....... سڀ پاڪستاني برابر آهن.“

اِهي لفظ هاڻي شيڪسپيئر جي ڊراما جي مرڪزي ڪردار، مئڪبيٿ، جي هٿن تي رت جي داغن جهڙا پڪا ۽ اَمٽ لڳن ٿا، جيڪو دانهون ۽ چيخون ڪندو اسٽيج تي نمودار ٿو ٿئي ۽ پنهنجي هٿن ڏانهن ڏسندي چوي ٿو: ”هٽو اي رت جا نشانوء، منهنجي هٿن تان لهي وڃو، لهي وڃو!“ پر اُهي رت جا نشان اُهڙا ئي اُن جي هٿن تي بيٺا آهن! ۽ مئڪبيٿ اُهو هو، جنهن هڪ آواز ٻڌو هو: ”مئڪبيٿ، مئڪبيٿ، ننڊ توکان ويئي، ڇو ته ننڊ کي ئي ته تو خون ڪري ڇڏيو!“

جمهوريت جو خون، جيڪو قائد جي موت کان پوءِ عمل ۾ آيو، ڇو ته ماڻهن کي اُنهيءَ حق کان ئي محروم ڪيو ويو ته هو ڪنهن سرڪش ”هينئر ۽ هتي“ جو ڪو خيال به ڪن، تنهن ملڪ جي ڪشتيءَ کي ونجهه، ويڻي ۽ سڙهه کان خالي ڪري، درياءَ جي هوائن  ۽ لهرين جي منهن ۾ توائي ڪري ڇڏي  ڏنو.

جڏهن اسين ڪنهن جمهوريت ۾ ماڻهن جا گوڙ، ميڙاڪا ۽ انبوه ڏسون ٿا ۽ انهن جي روش ۽ رهت کي خيال ۾ آڻيون ٿا، ته اُها اسان کي ڏاڍي بي ترتيب، ضابطي کان نڪتل، بي ڍنگي ۽ منجهيل معلوم ٿئي ٿي.

پر اُن سڀ جي پٺيان سماجي مشاهده نگارن ۽ سياسي عالمن کي عوام جي اُنهيءَ زور ۽ احساس جي اظهار جي ڪار فرمائي نظر ٿي اچي، جنهن تحت هو سمجهن ٿا ته هو پنهنجيءَ زندگيءَ ۽ اُن جي مسئلن جا مالڪ پاڻ آهن ۽ پنهنجي بري ۽ ڀلي جي فيصلي ۽ اُن جي حل جا هو پاڻ مختيار ۽ ذميوار آهن.

انگريزي ناول نگار، ڊڪنس (1812_1870ع)، جا ناول پڙهجن ٿا، ته اُنهن ۾ ڏسون ٿا ته هو تڏهوڪي لنڊن شهر جي بي پناهه ۽ پاڻ زورن انبوهن جون ڳالهيون ڪري ٿو، لنڊن جي اخبارن، لنڊن جي ڪورٽن، ۽ لنڊن جي زنده دل ڪوچوانن جا بيان لکي ٿو_ ته اُهي سڀ ڪهڙا نه سرڪش ۽ پاڻ وهيڻا گروه، ادارا ۽ ماڻهو هئا! اُها لنڊن ۽ اُهو انگلنڊ قائد به ڏٺو هو. پر اُهو انگلنڊ ۽ اُها لنڊن رڳو قائد ئي ڪونه ڏٺا هئا، پر سندس عظيم همعصر هندستاني سياستدانن ۽ مدبرن به ڏٺا هئا، جن ۾ اهڙيون اهڙيون تاريخ ساز شخصيتون به هيون، مثلۡا: سر فيروز شاهه مهتا، بدرالدين طيبجي، سر دين شاهه واڇا، جسٽس راناڊي، مسٽر ملباري، سر جمشيد جي ٽاٽا، تلڪ، گانڌي، سر سيد احمد خان، ٽئگور، ڀارتي، اقبال ۽ اڪبر الله آبادي.

هندستاني آسمان جي اُنهن چمڪندڙ ستارن مان گهڻن لنڊن ۽ يورپ کنڊ جو پاڻ سير ڪيو هو، ۽ اُنهن سڀني کي اِهو ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويون هيون ته انگلنڊ، جيڪو يورپ کنڊ جي اڱوٺي کان به هڪ ننڍڙو ملڪ هو، سو هندستان جيڏي وڏي، سڄي ساري اپکنڊ، تي قابض هو ۽ ان جو حاڪم هو!

هڪ پاسي، هنن هندستان ڏانهن ٿي ڏٺو، جيڪو ڪيترين سارين بادشاهتن ۽ شهنشاهتن جي زوال جو مرڪز هو؛ ۽ جيڪو فقط ڏيڍ سئو سال اڳ دنيا جو سڀ کان شاهوڪار ملڪ هو (اورنگزيب جي خزاني ۾ چيو ٿي ويو ته سڄا سارا يارهن مڻ ته رڳي هيرا،  موتي ۽ جواهر گڏ ٿيل هئا، ۽ گولڪنڊي جي مير جملي وٽ، جيڪو هن جو وزير هو، اُن وٽ سندس آقا کان به وڌيڪ يعني 27 مڻ موتي ۽ هيرا جواهر موجود هئا)؛ ۽ جيڪو ذهني عظمت ۽ فڪري بلنديءَ جي خيال کان ڪڏهن ته سڄيءَ دنيا جي نگاهن جو مرڪز هو؛ ۽ ٻئي پاسي هنن ڏٺو ٿي ته اُهو ساڳيو هندستان اڄ پٺيءَ  ڀر ڪِريل هو، جنهن  جي بيمار ۽ پنگلي بت تي هيترا سارا نواب ۽ راجائون هئا، جيڪي اصل ته مرهٽن، جاٽن، پنڊارن، روهيلن ۽ ٻين اهڙن بهادر ۽ پهلوان قومن ۽ قبيلن جا پونير هئا پر اڄ اُهي، انگريزن جي پناهه ۾، هندستان جي اُن بيمار ۽ پنگلي بت تي رڳو چچڙن وانگر چهٽا پيا هئا. ۽ هوڏانهن هنن هي ڏٺو ٿي ته ڪيئن هڪ معمولي ننڍڙو انگلنڊ جو ملڪ، جيڪو جمهوري ملڪ هو، سو پوري ڇهن هزارن ميلن جي مفاصلي تان ساڳئي اُن ملڪ هندستان تي ائين حڪومت ڪري رهيو هو، جو اُتي ڪا جهرڪي به وڻ تان ڪِري ٿي ته اُن جي خبر به اُتي پنهنجي ملڪ ۾ ويٺي ويٺي، اُن کي پئجي ٿي ويئي!

هنن تيز نگاهه رکندڙ عظيم شخصيتن ڏٺو ته دراصل هندستان جي تنزل جو بنيادي سبب اُن جي عام ماڻهو جي انساني شخصيت جو زوال هو، جيڪا ذات پات ۽ ڏنڊي جي راڄ هيٺ دٻجي، نپوڙجي ۽ چيڀاٽجي رهي هئي ۽ جنهن ۾ خودداريءَ ۽ پاڻ وهيڻائيءَ جو احساس بلڪل ئي ناپيد ٿي چڪو هو، ۽ ٻئي پاسي انگلنڊ هو جنهن جو عوام پنهنجي دارالعوام معرفت دنيا جي اڌ کان به وڏي ڀاڱي تي راڄ ڪري رهيو هو!

اُن زماني ۾ جيڪي انگلنڊ ويا ٿي، تن اُتي جيڪڏهن ڊڪنس جي ناولن جا مسز بلنڊيل جهڙا باهمت ۽ خود دار عامي ڪردار جيئرا جاڳندا ٿي ڏٺا، ته اُنهن اُتان جي هر دلعزيز مهاراڻي وڪٽوريا جي جاهه ۽ جلال جا مشاهدا ۽ نظارا به اکئين ڏٺا ٿي، جيڪڏهن هڪ طرف هنن هائڊپارڪ جي تقرير بازن جون بي خوف زبان درازيون ٿي ٻڌيون، ته ساڳئي وقت اُتي اُنهن  راڄ نيتيءَ جي ڄاڻن، ڊسرائيلي ۽ گلئڊسٽن جهڙن سياستدانن ۽ سماجي عالمن، جا مقالا ۽ ليڪچر به ٻڌا ٿي، جيڪي، شاعر ٽينيسن جي لفظن ۾، اُهي ماهر ۽ مدبر هئا، ”جن کي خبر هئي ته موقعي کي هٿ ۾ ڪيئن جهلجي، ۽ آزاديءَ جي حدن کي اڃا وڌيڪ ڪيئن وڌائجي ۽ وسيع ڪجي“.

هُنن انگلنڊ ۾ آزاديءَ جي نعمت کي ڏٺو ته اُها ئي انگلنڊ جي قوت ۽ اُن جي عظمت ۽ شان جو سرچشمو هئي. اُتان جي ماڻهن جي ذهني ڪشادگي ۽ قلب جي وسعت تڏهن ظاهر ٿي، جڏهن هُنن ووٽ ذريعي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ته هندستان جي قديم مرض جو واحد علاج اُن جي آزادي هئي. اُنهن جي وڏيءَ اڪثريت، پنهنجي حوصلي ۽ دلي استقامت کان ڪم وٺندي، زوردار آواز اُٿاريو ۽ مطالبو ڪيو ته هندستان جي ننڍي کنڊ ۾ به اُها ئي جمهوريت موجود هئڻ کپي، جهڙي سندن پنهنجي انگلنڊ ۾ هئي.

اسان جي پنهنجن اُنهن عظيم بزرگن ۽ ڏاهن اڳواڻن پوءِ پوئتي پنهنجي ملڪ ۾ ڏٺو ته هتي جمهوريت جي آڏو ڪيترا وڏا ڇيڏڪ ۽ و ِگهُن َ موجود هئا_ وگهن ۽ ڇيڏڪ ، مثلۡا ذات پات جي لعنت، ڀرم ۽ سنسي ۽ بيمار روايت جو موتمار بار، راجائن ۽ نوابن جا چهٽيل خوني چچڙ، سماجي انياءَ جا پراڻا ۽ پوتر ادارا مثلۡا بيوه عورتن جي ٻيءَ شاديءَ تي بندش وغيره، عوام جي اٿاهه جهالت، ۽ اهڙيون ٻيون هزارين روڪون ۽ رنڊڪون جيڪي آزاديءَ جي روح کي چيچلايو ۽ چيڀاٽيو بيٺيون هيون ۽ ان کي ڦلڻ ڦولڻ نه ٿي ڏنائون. اُنهن اسان جن بزرگن مان، پوءِ هر هڪ پنهنجي پنهنجي دلي لاڙي ۽ ذهني پسند مطابق ۽ پنهنجي پنهنجي صلاحيت آهر، برصغير جي خدمت ڪرڻ جو ارادو ڪيو ان جي بيوس عوام کي اٿارڻ ۽ سجاڳ ڪرڻ جو ذمو کنيو.

جيڪڏهڻ گوڪلي پوُني ۾، ”سرونٽس آف انڊيا سوسائٽيءَ“ جهڙي پاڻ گهُوريندڙ خادمن جي جماعت جو بنياد وڌو، جنهن جهڙو مثال اڳي بر صغير ۾ ڪو نه هو؛ ته ذهني سجاڳي کي هندستان جي لافاني تهذيب ۽ فڪر جي پائدار عمارت جي پيڙهه جي پٿر بنائڻ لاءِ اقبال اُن تهذيب جي امرتا جا هِنن لافاني لفظن ۽ دلتواز ترنم ۾ گيت ڳائڻ شروع ڪيا:

يونان و مصر و روما سب مٽ گئي جهان سي،
اب تک مگر هي باقي نام و نشان همارا،
کچهه بات هي که هستي مٽتي نهين هماري.

صديون رهاهي دشمن دور زمان همارا.

۽ جمشيد جي ٽاٽا هِن سرزمين جي آزاديءَ، خودمختياريءَ ۽ عظمت جي ڪارڻ کي وڌائڻ لاءِ اُن ۾ صنعت ۽ حرفت جا بنياد وڌا، ۽ اُن لاءِ هڪ پاسي هُن لوهه جا ڪارخانا قائم ڪيا، ته ٻئي پاسي، لارڊ ڪرزن، جي مخالفت جي باوجود جنهن چاهيو ٿي ته هندستان علمي ۽ سائنسي طور اڳتي وڌڻ بدران رڳو پنهنجي قديم آثارن جي حفاظت ۾ ئي محو رهي، هُن (ٽاٽا) بئنگلور ۾ ”انڊين انسٽيٽيوٽ آف سائنس“ قائم ڪئي.

اهڙيءَ طرح اُنهن اوائلي بزرگن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ مطابق اڳتي قدم وڌايو. ۽ قائد پنهنجي هٿ ۾ جمهوريت جي پرورش جو ذمو کنيو_ جمهوريت، جيڪا برصغير جي مسئلن کي پوريءَ طرح ۽ رڳو پارلياماني سياسي طريقي ڪار وسيلي حل ڪري سگهي ٿي. ۽ هُن فقط هڪ باقاعدي، لاڳيتيءَ، بلڪل صحيح پارليماني طرز سان ۽ هميشہ ڪنهن شڪ کان بالاتر ۽ صاف سٿري، ديانتدار ۽ بي خوف، عقلي، دنيوي منطقي دليلن سان انگريزن ۽ پڻ پنهنجي هموطن ماڻهن کي سنئين رستي جي ڏسڻ ۽ ڳالهين کي سمجهڻ ڏانهن مائل ڪرڻ گهريو ٿي.

سچ پچ ته بيورَلي نڪولس ڳالهه جي حقيقت کي پاڻ گهٽائي ٿي چيو ته ”جناح جهڙو ته ٺهيو پر جناح کان اٺين نمبر تي به ٻيو ڪو مسلم ليگ ۾ ڪو نه هو.“ هو گهڻو غلط نه هجي ها، جي چوي ها ته قائد کان اٺين نمبر تي ته ڇا پر 80 نمبر تي به ٻيو ڪو مسلم ليگ ۾ ڪو نه هو.

ڇاڪاڻ ته پوئتي ڪنڌ ورائي هاڻي ڏسون ٿا ته هن کان پوءِ ڪو هڪ به اهڙو ڪو نه هو، جو هُن  سان گڏ ته هو پر جنهن قائد وانگر جمهوريت جي اُن روشنيءَ جي ڪا جهلڪ به ڏسي ورتي هجي ها، جنهن جمهوريت انگلنڊ کي ايڏو عظيم ۽ اجيت بڻايو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org