سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات خانائي

باب: --

صفحو :14

مولانا قاضي نظر محمد ديهاتي

قديم زماني کان وٺي ”ساهتيءَ“ جو پرڳڻو علم ۽ عرفان جو مرڪز پئي رهيو آهي. هتان جي خاڪ مان وقت جا ڪيترائي جيد عالم، محدث، مفسر ۽ فقيه پيا ٿيندا پئي رهيا آهن. هن پوئين دؤر ۾ به ڪيترائي فيض ۽ برڪت وارا عالم ٿي گذريا آهن، جن مان ڪيترن جو احوال اڃا گمناميءَ جي ڪــُـنَ ۾ غرق آهي. ايتري قدر، جو خود سندن پوين کي به انهن جي ڪا خبر نه آهي. ”ساهتيءَ“ ۾ جيڪي عالم، اديب ۽  شاعر ٿي گذريا آهن، انهن مان قاضي نظر محمد سومرو ديهاتي به هڪ بلند پايي جو عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. قاضي صاحب درويش صفت، بزرگ صورت، علم جو بحر، فيض جو درياهه، مردِ ڪامل، عالم فاضل ۽ سرزمين سنڌ لاءِ هڪ املهه گوهر هو.

مولانا حڪيم حاجي حافظ قاضي نظر محمد ولد حڪيم حاجي عبدالرحمان 25- ربيع الاول 1304هه/ 22- ڊسمبر 1886ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”ديهات“(1) ۾ تولد ٿيو.سندس والد برزگوار، قاضي ميان عبدالرحمان (المتوفي: 17- جمادي الثاني 1326هه/16- جولاءِ 1908ع) زهد ۽ ورع، قناعت ۽ توڪل ۾ يگانه روزگار هو. هــُـو عالم باعمل ۽ برڪت جو صاحب هو. سندس مدرسو، علم ۽ معرفت، رموز ۽ حڪمت، احسان ۽ سلوڪ جو وهندڙ چشمو هو. هزارين طالب سندس مدرسي ۾ اچي ديني علم حاصل ڪندا هئا. قاضي ميان عبدالرحمان، قطب الزمان خواجه عبيدالله المعروف خواجه غلام جان مڪي واري جي هٿ تي بيعت ورتي هئي.

قاضي نظر محمد پنهنجي والد جي سايي هيٺ ابتدائي سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم ورتي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيائين. وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جي خيال سان کيس ڪجهه وقت لاءِ ”محبت ديري سيال“ ”سيٺارجن“ جي طرف پڻ وڃڻو پيو. ان بعد، عربي ۽ ديني تعليم پرائڻ واسطي ”دار الارشاد“ ٽنڊي سائينداد ويو ۽ ابتدائي صرف و نحو جا ڪتاب حضرت عبدالله جان سرهندي عرف شاهه آغا(1) وٽ پڙهڻ شروع ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ خود شاهه آغا صاحب، مولوي ميان عبدالقيوم بختيارپوريءَ وٽ درگاهه شريف تي پڙهندا هئا. مولوي نظرمحمد نهايت ئي ذهين ۽ ذڪاءَ وارو هو. ان ڪري پاڻ جلد ئي اهي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين.

انهيءَ زماني ۾، دهليءَ ۾ مولانا عبدالرب جو مدرسو علمي لحاظ کان ساري هندستان ۾ گهڻو مشهور هو. مولوي صاحب ديني علمن تي ڪامل دسترس حاصل ڪرڻ جي خيال سان وڃي ان مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان نه صرف ديني علمن جي تحصيل ڪيائين، بلڪ علم طب ۾ به چڱو تجربو حاصل ڪيائين. دهليءَ مان واپس وطن موٽڻ بعد، پاڻ وري به اچي ٽنڊي سائينداد جي مدرسي ”دارالارشاد“ ۾ رهيو، جتان آخر مولوي خير محمد مگسيءَ کان علم جي تحصيل ڪيائين.

مولانا قاضي نظر محمد ظاهري علمن کان فارغ التحصيل ٿي، باطني علم يعني: سلوڪ جي راهه جي طرف زياده متوجهه ٿيو. زمين هر طرح سان تيار هئي، باقي صرف ٻج ڇٽڻ جي دير هئي. سندس دل ۾ ننڍي هوندي کان وٺي الاهي عشق جو ٻوٽو پيدا ٿيل هو، جنهن جي صرف آبياري ڪرڻي هئي. پاڻ ننڍي هوندي حضرت مولانا عبدالرحمان جان سرهندي ٽکڙ واري (1) جي هٿ تي بيعت ڪئي هئائين. ان هڪ ئي نظر کيس اصلي مرڪز ڏانهن ڇـِـڪي ورتو. جوانيءَ واري زماني ۾، خواجه محمد حسن جان سرهندي ٽنڊي سائينداد واري (1) جي هٿ تي بيعت ڪيائين. مرشد جي نظر مٿس اهڙو ته اثر ڪيو، جو گويا قاضي صاحب جي ڪايا پلٽي ڇڏيائين. اُها خـُشڪي، جيڪا اڪثر ڪري ظاهري عالمن ۾ هوندي آهي، سان منجهانئس صفا نڪري ويئي ۽ اهڙو ته ڪم نفس ٿي پيو، جو کيس پنهنجي وجود جو ڪوبه سماءُ نه رهيو. زهد، عبادت ۽ ذڪر الاهيءَ ۾ ايترو ته مشغول رهندو هو، جو ڄڻ ته جيئري ئي هن دنيا کي تياڳ ڏيئي ڇڏيو هئائين. انهيءَ زهد ۽ عبادت الاهيءَ سان گڏ، ديني تعليم ۽ اسلام جي خدمت بجا آڻڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو معمول بڻايائين.

مولوي صاحب کي پنهنجي مرشد سان تمام گهڻي عقيدت هوندي هئي. پاڻ اڪثر ڪري پنهنجن مريدن ۽ معتقدن کي چوندو هو ته، ”منهنجو مرشد، جهان جو مرشد آهي.“ اها هڪ حقيقت آهي ته جيستائين سعادت مند مريد جي نظر ۾ سندس مرشد جهان کان وڌيڪ محبوب نه آهي، تيستائين ان مريد کي ڪوبه روحاني فيض حاصل نه ٿيندو. ليڪن، شرط اهو آهي ته مرشد به ڪمال اتباع شريعت ۾ ڪامل هجي ۽ ”عـَلـَيٰ صـَاحـِبـِهـَا اَفضـَلُ الصـَلـَوَاتِ وَ اَزڪـَي التسـِليماتِ“ (1)  تي پورو ڪاربند هجي. پوءِ ڀلي اهڙو مرشد ڪامل پنهنجيءَ قوم ۽ جماعت ۾ اهڙي حيثيت رکي ٿو: اَلشيخُ فـِي قـَومه ڪـَا النبـِيِ فـِي اُمـَته“(2) قاضي صاحب فنا في الشيخ جي منزل جي درجي تي هو. فنائيت جو اهو درجو کيس پنهنجي والد محترم کان ورثي ۾ مليو هو. رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ هڪ سال قرآن پاڪ جو ختمو پنهنجي ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ پورو ڪندو هو، ته ٻئي سال وري رمضان المبارڪ ۾ ختمو ٽنڊي سائينداد ۾ مرشد  جي خدمت ۾ پڙهي ختم ڪرڻ، پنهنجي لاءِ سعادت ڪري سمجهندو هو.

مولوي صاحب بحث مباحثي ۽ مناظي جو به ڪوڏيو هوندو هو. جيڪڏهن ڪٿي به ڪو غير شرعي ۽ بدعتي ڪم ٿيندو ڏسندو هو، ته هڪلي وڃي ان کي بند ڪرائيندو هو. اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت ۾ پاڻ ڏاڍيون تڪليفون ۽ سختيون برداشت ڪيائين. ليڪن، پنهنجيءَ صداقت ۽ سچائيءَ سببان هميشه باطل تي فاتح ۽ ڪامران رهيو. انهيءَ زماني ۾ آريه سماجين جو ڏاڍو زور هو ۽ ساهتيءَ جي ڪيترن سنجوڳي شيخن (3) کي هندو آريه سماجي ٻيهر هندو ڌرم ۾آڻڻ جي ڪوشش ۾ هئا. ليڪن، مولوي صاحب ڏاڍيون تڪليفون سهي، انهن کي مناظري ۾ شڪست فاش ڏئي، آريه سماجين جي وڌندڙ سيلاب کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو.

مولانا قاضي نظر محمد هڪ سخي دل انسان هو ۽ سندس دسترخوان هر امير خواه غريب لاءِ کليل هوندو هو. پاڻ هميشه پنهنجي مرشد ڀائين خواه عام ماڻهن سان ڪمال شفقت ۽ خوش خلقيءَ سان پيش ايندو هو.

مولوي صاحب پنهنجي ڳوٺ ديهات ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو هو، جنهن ۾ پاڻ خود درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو. سندس قائم ڪيل اهو مدرسو اڄ به موجود آهي. سندس زبان مبارڪ ۾ الله تعاليٰ ايترو ته تاثير ۽ وديعت رکيو هو، جو ڪيترائي بدڪار ۽ گنهگار سندس صحبت ۾ اچي ديندار ۽ پاڪباز زندگي گذارڻ لڳا. سندس دعا به تير بهدف هوندي هئي. سندس زبان مان نڪتل لفظ الاهي درگاهه ۾ قبول پوندا هئا. درويشيءَ سان گڏوگڏ پاڻ اعليٰ درجي جو حڪيم پڻ هو.

مولوي صاحب متعدد تصنيفن جو صاحب هو، جن مان هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن:

1. مجموعه نظم ديهاتي

هيءُ ڪتاب مولانا نظر محمد ديهاتيءَ جي سنڌي ڪلام جو مجموعو آهي. هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ خطبات ڏنل آهن. هر خطبي جي مــُـنڍ ۾ عربي عبارت ڏنل آهي ۽ ان کان پوءِ سنڌي نظم ڏنو ويو آهي. ٻئي ڀاڱي ۾مولوي صاحب جا چيل قصيدا ۽ مداحون آيل آهن. هيءُ ڪتاب سن 1951ع ۾ عباسي ليٿو آرٽ پريس، ڪراچي سنڌ مان شايع ٿيو.

2. انوار الاحمديـه في حالات المشائخ النقشبنديه

هيءُ ضخيم ڪتاب ٽن جلدن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي مختصر سيرت پاڪ، خلفاءِ راشدين ۽ نقشبندي سلسلي جي اوائلي بزرگن جو تذڪرو ڏنو ويو آهي. هيءُ جلد ڊبل ڪرائون سائيز جي 248 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سن 1986ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

هن ڪتاب جي ٻئي جلد ۾حضرت امام رباني مجدد الف ثانيءَ جي زندگيءَ ۽ سندس اولاد جو مفصل احوال بيان ڪيو ويو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي 416 صفحن تي ڦهليل هيءُ ڀاڱو 1973ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو ٽيون جلد اڃا قلمي صورت ۾ آهي ۽ سندس پوين وٽ محفوظ آهي.

3. احسن التقرير في جواب التحرير

هيءُ رسالو، سنڌي زبان جي مشهور تفسير، تنوير الايمان جي مصنف، مولانا محمد عثمان نورنگزادي جي ڪن اعتراضن جي جواب ۾ لکيو ويو آهي. هيءُ رسالو ڊيمي سائيز ۾ 240 صفحن جي ضخامت ۾ آهي ۽ سن 1418هه/ 1997ع ۾ نيو گرين پرنٽرس، حيدرآباد سنڌ مان ليٿو ۾ ڇپيو.

انهيءَ کان علاوه سندس هيٺيان ڪتاب قلمي صورت ۾ سندس پوين وٽ محفوظ آهن:

1. الدرالمنظوم في تذڪرهِ المخدوم

هن ڪتاب ۾ مخدوم نوح عليه الرحمته جي سوانح ۽ مناقب کان علاوه سنڌ جي ڪن بزرگن جا حالات پڻ ڏنل آهن.(1) هن ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو علامه آءِءِ.قاضي لائبريري، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ موجود آهي.(2)

2. تحفته/ قاديان

هيءُ رسالو تمام سليس زبان ۾، سوالن ۽ جوابن جي صورت ۾، وڏيءَ تحقيق سان لکيو ويو آهي. مولوي صاحب، هيءُ رسالو پنهنجي عمر جي آخرين ڏهاڙن ۾ تحرير ڪيو، جو مڪمل ٿي نه سگهيو.(3)

3. رسالـه ابتدا سلوڪ:

هيءُ خواجه محمد حسن جان جي فارسي زبان ۾ لکيل رسالي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي.(4)

مولانا صاحب جي انهن مٿين ڪتابن جي مطالعي مان سندس علميت ۽ قابليت جو پورو ثبوت ملي ٿو.

مولانا قاضي نظر محمد 41 ورهين جي ڄمار ۾ 9 - جمادي الثاني 1345هه/14- ڊسمبر 1926ع تي هن فاني جهان جو جامو لاهي، عالمِ بقا جو ويس پهري، ديهات ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي پهلوءَ ۾ وڃي آرامي ٿيو. سندس وفات جي قطعه تاريخ، حضرت خواجه محمد اسماعيل جان روشن سرهنديءَ هن ريت چئي آهي:

آه کين حاجي و حافظ مولوي محترم،
رفت از ملک وجود الان به اقليم عدم.
آنچنان زاهد که باشد شمئه از زهد او،
تا ابد گر من بتقوايش بفرسايم قلم.
گرکف حسرت بسايد از پيش عالم بجا است،
زانکه درگيتي وجودش بود از بس مغتنم.
حور غلمان از قدومش در ارم فرحان خوش،
مرد زن از رفتنش اندر جهان در درد غم.
سال تاريخ وفاتش جـُـست
روشنچون زغيب،
گفت هاتف در جوابش “واهب فيض اُتم”!(5)
                               1345هه

مولوي صاحب کي خداوند تعاليٰ ٻه فرزند مولوي غلام حسين ۽ مولوي ميان نور احمد نالي عطا ڪيا. اهي ٻئي بزرگ پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلي، علمي ۽ ديني خدمت ڪندا رهن ٿا.(6)

 

*

حوالا

(1) سومرو نظر محمد:انوار الاحمديه في حالات مشائخ النقشبنديه“- جلد ٻيو، مطبوعه سعيدي قرآن محل، ڪراچي سنڌ، 1973ع، ص 12

(2) مخدوم سليم الله صديقي: خزينته المخطوطات ج 1، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ، 2006ع، ص. 196.

(3) سومرو نظر محمد: انوار الاحمديه في حالات مشائخ النقشبنديه“ - جلد پهريون، مدرسه مجدديه، ديهات شريف، ضلع نوشهروفيروز سنڌ، 1986ع، ص هه

(4) ايضاً

(5) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 14

(6) راقم پنهنجي مهربان دوست سيد نواز علي شاهه، زميندار، ساڪن خانواهڻ، ضلعي نوشهري فيروز جو ٿورائتو آهي، جنهن مولانا نظر محمد ديهاتيءَ جو احوال ۽ ڪتاب دستياب ڪري ڏنا. (ق.ح.خ)

*


 

(1) ديهات جو ننڍڙو ڳوٺ، تعلقي ڪنڊياري ۾ خانواهڻ جي اُتر ۾ نو لکي واهه جي ڪناري تي واقع آهي. هيءُ ڳوٺساهتي پرڳڻي جي قديم علمي مرڪزن مان هڪ آهي.

(1) خواجه عبدالله جان عرف شاهه آغا هڪ وڏو عابد، زاهد ۽ پنهنجي وڏن جي روايت کي زنده ڪندڙ هو. پاڻ 8- جمادي الاول 1308هه/ 20- ڊسمبر 1890ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڏاڏي، حضرت خواجه عبدالرحمان جان سرهنديءَ کان ورتائين. مولوي عبدالقيوم بختيار پوري، مولوي لعل محمد مٽياروي ۽ مخدوم حسن الله پاٽائيءَ وٽان ديني علوم جي تعليم ورتائين. باقي علمن جي تحصيل مولوي خير محمد مگسيءَ کان حاصل ڪيائين. پاڻ عربي، فارسي ٻولين ۽ ديني علمن جو ڄاڻو هئا. پنهنجي والد، خواجه محمد حسن جان سرهنديءَ کان پوءِ سجاده نشين ٿيو. 3- ربيع الاول 1393هه/ 6- اپريل 1973ع تي رحلت ڪيائين. پاڻ ڪيترن ئي ديني ڪتابن جو مصنف ۽ مؤلف هو. خواجه صاحب کي  غلام صديق  جان، آغا غلام علي جان (المتوفي: 25- شعبان المعظم 1397هه/ 11- آگسٽ 1977ع)، مولانا غلام نبي جان ۽ آغا محمد سعيد جان نالي فرزند ٿيا.

(1) خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جي نسب جو سلسلو نائين پيڙهيءَ ۾ حضرت مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهنديءَ سان وڃي ملي ٿو. سندس والد بزرگوار جو نالو خواجه عبدالقيوم (المتوفي: 1270هه/ 1854ع) هو. خواجه عبدالرحمان جان 1244هه/ 1828ع ۾ قنڌار ۾ ڄائو. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو عابد، زاهد ۽ روحانيت جو صاحب هو. تواريخي لحاظ کان خواجه صاحب جو دؤر وڏي خلفشار جو زمانو هو. ان وقت امير ايوب خان افغانستان جي تخت تي ويٺل هو. امير ايوب خان، انگريزن ۽ انهن جي ساٿيءَ، امير عبدالرحمان جي خلاف هو. انگريزن، امير عبدالرحمان کي تخت تي ويهارڻ لاءِ امير ايوب خان سان جنگ ڪئي، جنهن ۾ امير ايوب خان کي شڪست آئي هــُـو ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويو. خواجه عبدالرحمان جان، امير ايوب خان پاران هلندڙ لڙائيءَ ۾ جهاد ۾ شامل ٿيو. ان کان پوءِ، خواجه عبدالرحمان جان 1297هه/ 1880ع ۾ اتان هجرت ڪري، پهريائين رياست قلات ۾ اچي رهيو. اهڙيءَ طرح، مختلف هنڌن تي رهڻ کان پوءِ مٽيارين ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. سيد ميران محمد شاهه(اول) ٽکڙائي کيس مٽيارين مان لڏائي اچي ٽکڙ ۾ رهايو. ٽکڙ جو ننڍڙو ڳوٺ، سندن رهڻ ڪري روحانيت ۽ معرفت جو هڪ وڏو مرڪز بڻجي پيو. هند، سنڌ، ڪابل ۽ قنڌار کان ماڻهو ٽکڙ اچي، کانئس روحاني فيض حاصل ڪندا هئا. سندس ئي رهڻ جي نسبت ڪري ٽکڙ جو ڳوٺ ٽکڙ شريف سڏجڻ ۾ آيو. جڏهن ٽکڙ کي درياهه پائڻ لڳو ته پاڻ پنهنجي مريد، مير غلام علي خان ٽالپر جي چوڻ تي اچي ٽنڊي سائينداد ۾ رهيو. جتي پاڻ هتي 2- ذوالقعد 1315هه/ 25- مارچ 1898ع تي رحلت ڪيائين ۽ ٽکڙ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي گنجي ٽڪر جي دامن ۾ مدفون ٿيو. جهڙيءَ طرح سندس فيض حياتيءَ ۾ روان دوان هو، اهڙيءَ طرح مماتيءَ ۾ به اهوئي فيض جاري آهي.

(1) خواجه محمد حسن جان، برصغير هند و پاڪ جي مشهور بزرگ، روحاني درويش ۽ نقشبندي طريقي جي سرواڻ، حضرت مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهنديءَ جي نائين پيڙهيءَ مان خواجه عبدالرحمان جان سرهندي ءَ جو وڏو فرزند هو. خواجه محمد حسن جان 6 شوال المڪرم 1278هه/6- اپريل 1862ع تي قنڌار ۾ ڄائو. خواجه صاحب پنهنجي والد بزرگوار کان سواءِ، مـُـلا ميراعظم علي زئي ۽ مولوي لعل محمد مٽيارين واري کان ۽ مڪي پاڪ ۾ مدرسه صوليته  ۾ مولانا رحمت الله مهاجر مڪيءَ وٽان تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو وڏو عالم هو. ڪجهه عرصي لاءِ ٽکڙ شهر ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم به ڪيائين. سن 1315هه/1898ع ۾ پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ، پنهنجي درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، جن مان انيس المريدين فارسي زبان ۾ گهڻو مشهور آهي. خواجه صاحب 2- رجب المرجب 1365هه/ 2- جون 1946ع تي رحلت ڪئي. کين ٽي فرزند ٿيا: خواجه عبدالله جان عرف شاهه آغا، آغا عبدالستار جان ۽ حافظ محمد هاشم جان سرهندي.

(i- خواجه محمد حسن جان سرهندي:انيس المريدين ۽ ii- جي. ايم. سيد:جنب گذاريم جن سين- جلد پهريون)

(1) الله پاڪ جي پياري حبيب صلي الله عليـه وسلم تي بيحد رحمتون ۽ نهايت پاڪيزه سلام هجن (هن مان مراد حضور نبي ڪريم صلي الله علـيه وسلم جن جي ذاتِ انور آهي.)

(2) مـُـرشد جو پنهنجيءَ قوم ۾ هئڻ ائين آهي، جيئن امت ۾ نبي هوندو آهي.

(3) ساهتي پرڳڻي ۾ سنجوڳي شيخ اُهي هئا، جي ظاهر ۾ مسلمان هئا، ليڪن مرڻي خواه پرڻي تي هندو ڌرم جون رسمون به ڪندا هئا. مولوي صاحب کين هميشه لاءِ خالص اسلامي دائري ۾ آڻي ڇڏيو. مولوي صاحب جي انهيءَ جهاد ۾ قاضي ميان امام بخش قريشي خانواهڻ وارو ۽ سيد ٻــُـڍل شاهه خانواهڻ وارو به ساڻس شامل هوندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org