سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات خانائي

باب: --

صفحو :16

عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ (1)

عبدالرزاق بن عبدالسلام ميمڻ (2)، ساهتي پرڳڻي جي قديم تواريخي شهر، نوشهري فيروز جي بلند مرتبي جي عالمن، فاضلن، اديبن، شاعرن ۽ تعليمي ماهرن مان هڪ ٿي گذريو آهي. پاڻ نوشهري فيروز جي مشهور صابـُـوگرن جي محلي (3) جو رهندڙ هو. سندس زندگيءَ ۽ علمي ۽ ادبي ڪارنامن جي باري ۾، هن وقت تائين سنڌ جي ڪنهن به  مؤرخ ۽ تذڪري نگار ڪوبه احوال بيان نه ڪيو آهي. ازان سواءِ، سنڌي زبان ۽ ادب جي تواريخ مـُـرتب ڪندڙن پڻ هن علمي شخصيت کي پنهنجن تواريخن ۾ بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. ايتري قدر، جو اسان جو نئون نسل، هن بي مثل عالم، اديب ۽ شاعر جي علمي ڪارنامن کان پوريءَ طرح سان ڪنهن به صورت ۾ واقف نه آهي. عبدالرزاق عبدالسلام جو مشهور ناول جهان آرا ورهين کان ٻارهين (انٽر) ڪلاس تي سنڌي مضمون جي سلسلي ۾، نصاب طور پڙهايو وڃي ٿو. ليڪن، مصنف جي متعلق، شاگردن خواه عام پڙهندڙن کي هن بلندپايي جي نثرنگار ۽ شاعر جي باري ۾ ڪابه مفصل ڄاڻ حاصل نه آهي. عبدالرزاق عبدالسلام جي باري ۾ تمام گهڻي ڳولا ۽ جستجوءَ کان پوءِ، سندس متعلق جيڪي ڪجهه احوال دستياب ٿي سگهيو آهي، ان جي بيناد تي سندس حياتيءَ جو احوال ۽ سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي ڪارنامن کي مرتب ڪري، هتي پيش ڪجي ٿو.

عبدالرزاق عبدالسلام، نوشهري فيروز جي مشهور علمي خاندان، خطيب گهراڻي جو چشم ۽ چراغ هو. قديم دؤر ۾، نوشهري فيروز جي ميمڻ  قوم مان هيءُ گهراڻو وڏيءَ عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. سندس والد بزرگوار جو نالو ميان عبدالسلام بن حافظ محمد اسماعيل (1) هو. عبدالرزاق جو جنم 15- سيپٽمبر 1898ع تي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. (1) جيئن ته عبدالرزاق جي ابتدائي تعليم جي باري ۾ اڃا تائين ڪوبه مفصل احوال ملي نه سگهيو آهي، ته پاڻ پنهنجي ابتدائي تعليم وقت جي ڪهڙن نامور اُستادن وٽان حاصل ڪيائين. ان هوندي به سندس خانداني روايتن مان ايترو واضح ٿئي ٿو ته هن پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر نوشهري فيروز ۾ ئي حاصل ڪئي. جيئن ته سندس والد ميان عبدالسلام ميمڻ، سنڌي پرائمري اسڪول نوشهري فيروز جو هيڊماستر هو، جنهن مان انهيءَ گمان کي تقويت ملي ٿي ته هـُـن ضرور پنهنجي والد جي زيرنگرانيءَ نوشهري فيروز جي پرائمري اسڪول ۾ پرائمري سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪئي هوندي. سندس خانداني روايتن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته عبدالرزاق پنهنجي ڀائرن وانگر فارسي زبان جي تعليم پڻ پنهنجي شهر جي قاضين جي محلي واري مدرسي مان حاصل ڪئي هئي.  انهيءَ لحاظ سان هڪ اندازي موجب هن 1905ع ڌاري ابتدائي پرائمري تعليم جي منزل طيءِ ڪئي هوندي!

ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ ثانوي تعليم جا ڪجهه درجا مدرسه هاءِ اسڪول، نوشهري فيروز (1) ۾ پڙهيو. جيئن ته نوشهري فيروز ۾ قائم ڪيل مدرسه هاءِ اسڪول ان وقت تائين تعليمي لحاظ کان اڃا هاءِ اسڪول جي سطح تائين ڪونه پهتو هو، ان ڪري عبدالرزاق جي والد کيس سنڌ مدرسته الاسلام، ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو، جتان هن 1916ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو. انهيءَ متعلق، عبدالرزاق پنهنجي ڪتاب گـُـئٽي: هڪ جرمن شاعر ۽ ڊراما نويس جي تمهيد ۾ هڪ هنڌ ڄاڻائي ٿو:

اتفاقاً رات خواب ۾ پنهنجو پيارو اُستاد، مرحوم مسٽر  ٽامس هئري وائينس،(1) ايم.اي.، سابق پرنسيپال سنڌ مدرسه جو ڏٺم،(2)

عبدالرزاق ميمڻ، انهيءَ مٿئين عبارت ۾ سنڌ مدرسي جي پرنسيپال ٽي. ايڇ. وائينس جو نالو ڄاڻايو آهي، جو سندس اُستاد هو. ان مان اسان جي گمان جي تائيد ٿئي ٿي ته عبدالرزاق سنڌي پرائمري چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم جا چار درجا کن مدرسه هاءِ اسڪول، نوشهري فيروز ۾ پڙهيو ۽ ان بعد پنجين درجي انگريزيءَ کان مئٽرڪ تائين سنڌ مدرسته السلام، ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. ليڪن، انهيءَ تعليمي عرصي جو پورو ۽ صحيح احوال ڪونه ٿو ملي. انهيءَ ڏس ۾، سندس تعليم کاتي ۾ ملازمت جي شروعات جي سن، يعني 1922ع جو ذڪر ملي ٿو، جڏهن هـُـن ايم. اي. پاس ڪئي هئي. ان لحاظ کان اهو چئي سگهجي ٿو ته هـُـن 1917ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيو هوندو! مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، اٽڪل ڇهن ستن سالن واري عرصي جي باري ۾، سندس متعلق ڪوبه واضح احوال ڪونه ٿو ملي.

انهيءَ عرصي ۾، عبدالرزاق ميمڻ ضرور وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ جدوجهد ۾ مشغول رهيو هوندو، ڇاڪاڻ ته سندس تعلق علمي گهراڻي سان هو ۽ ائين خاموشيءَ ۾ وقت ڪونه گنوايو هوندائين! انهيءَ لاءِ وري به سندس ڪتاب گـُئٽي جي تمهيد طرف رجوع ڪرڻ سان اسان کي هڪ ٻيو اشارو ملي ٿو، ته هـُـن بي. اي. تائين اعليٰ تعليم سنڌ جي مشهور درسگاهه، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ان بابت پاڻ چوي ٿو:

آخر ۾ مان پنهنجي مـُـشفق ۽ مـُـربي اُستاد، پروفيسر  گربخشاڻي (1) صاحب ايم. اي.، پي ايڇ.ڊي. جو از حد  مشڪور ۽ ممنون آهيان، جنهن صاحب نوازش فرمائي هن ڪتاب جي باري ۾ گوهر فشاني ڪئي آهي. (3)

عبدالرزاق ميمڻ جي پنهنجي انهيءَ بيان مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جو مشهور عالم، اديب، محقق ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو پارکو، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي پڻ سندس مـُـربي استاد هو. عبدالرزاق، بي.اي. پاس ڪرڻ کان پوءِ، انگريزي ادب ۾ ايم.اي. جو امتحان پاس ڪيو. پاڻ ايل.ايل.بي جو امتحان به پاس ڪيو هئائين.

عبدالرزاق جي متعلق، سندس زندگيءَ تعليم جي سلسلي ۾، اسان کي فقط ايتري ئي معلومات دستياب ٿي سگهي آهي، جنهن جي آڌار تي سندس احوالُ مرتب ڪيو ويو آهي. عبدالزاق ميمڻ پنهنجي دؤر ۾ انگريزي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين جو وڏو عالم ۽ فاضل هو، ۽ ويهين صدي عيسويءَ جي وڏن برک سنڌي عالمن ۾ بلند مقام رکندڙ هو.

جيئن ته عبدالرزاق ميمڻ جي خاندان جو لاڙو درس ۽ تدريس جي طرف هو، انهيءَ ڪري هـُـن پڻ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني ۽ تعليم کاتي ۾ هڪ اُستاد جي حيثيت ۾ داخل ٿيو. جيتوڻيڪ پاڻ قانون جي ڊگري به رکندڙ هو ۽ اُن زماني ۾ وڪالت جي پيشي کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي، ليڪن هـُـن وڪالت جي بدران تعليم کاتي کي وڌيڪ اهميت ڏني ۽ انهيءَ ميدان ۾ پاڻ کي هر لحاظ کان ڪامياب ثابت ڪيائين. البت، اهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته پاڻ سڀ کان پهريائين ڪٿي ۽ ڪهڙي تعليمي اداري ۾ اُستاد جي حيثيت ۾ ملازمت جي شروعات ڪيائين، ۽ ڪهڙيءَ طرح درجي بدرجي ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪيائين.

انهيءَ سلسلي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي لکي ٿو:

سن 1923ع ۾ عبدالرزاق عبدالسلام، ناز هاءِ اسڪول (1)  خيرپور ميرس جو پرنسيپال مقرر ٿيو. (4)

پروفيسر حامي صاحب جي انهيءَ مٿئين بيان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سندس ذهانت، علمي قابليت ۽ انتظامي مهارت کان متاثر ٿي، خيرپور رياست جي واليءَ، مير علي نواز خان ناز کيس ناز هاءِ اسڪول، خيرپور ميرس جو پرنسيپال مقرر ڪيو هو. ان سلسلي ۾، اسان جي راءِ آهي ته عبدالرزاق شروع ۾، يعني 1922ع ۾ ضرور ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ اُستاد مقرر ٿيو هوندو، جتي سندس غير معمولي قابليت، تعليمي مهارت ۽ انتظامي صلاحيتن کان متاثر ٿي، کيس رياست خيرپور جي هن وڏي اهم تعليمي اداري جو پرنسيپال مقرر ڪيو ويو.

ناز هاءِ اسڪول، خيرپور ميرس ۾ پاڻ ڪيترو وقت پرنسيپال جي عهدي تي فائز رهيو ۽ اُتي ڪيتري قدر پاڻ کي هڪ ڪامياب تعليمي ماهر ۽ اعليٰ منتظم ثابت ڪيائين، ان جي متعلق به ڪا واضح حقيقت ڪانه ٿي ملي. ليڪن، سندس ڪتاب گـُـئٽي جي تمهيد مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ جڏهن اهو مذڪور ڪتاب تصنيف ڪري سن 1929ع ۾ شايع ڪرايائين، ته اُن وقت به پاڻ خيرپور ميرس جي ناز هاءِ اسڪول جو پرنسيپال هو. اهڙيءَ طرح، سندس هڪ ٻيو ڪتاب جهان آرا ناول جي صورت ۾ 1931ع ۾ شايع ٿيو ۽ انهيءَ ساڳئي سال 1931ع ۾ سندس ٽيون ڪتاب گلزار نظم پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو، ته پاڻ انهيءَ ساڳئي عهدي تي خيرپورميرس ۾ نظر اچي ٿو. ان کان پوءِ، سن 1934ع ۾ سندس چوٿون ڪتاب مٺڙا ٻول ڇپجڻ وقت به ميمڻ صاحب خيرپور ۾ ئي ناز هاءِ اسڪول جو پرنسيپال هو.

ازان سواءِ، مفتي محمد رحيم سڪندري، خطيب مسجد درگاهه شريف، پير جو ڳوٺ، پنهنجي هڪ مضمون ۾ انهيءَ ڳالهه جو انڪشاف ڪندي لکي ٿو:

حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي پنهنجي لائق ۽ فائق  نينگر، پير سائين صبغت الله شاهه جي تعليم جو انتظام ڪيو. قرآن پاڪ، ديني تعليم، فارسي ۽ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ مرحوم حافظ خدابخش سومرو (منگرجي جو)، مولوي امام بخش مهيسر ۽ عبدالرزاق صاحب ميمڻ (پرنسيپال خيرپور ڪاليج)(1) کي مقرر ڪيو. (5)

مفتي محمد رحيم سڪندريءَ جي انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پير سائين سيد صبغت الله شاهه (ثاني) کي انگريزي ٻوليءَ تي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ عبدالرزاق ميمڻ کي سندس اتاليق ڪري رکيو ويو هو. ساڳئي وقت، اهو به معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ان وقت خيرپور ۾ پرنسيپال جي عهدي تي فائز هو.

انهن مٿين شاهدين مان اهو واضح ٿئي ٿو ته عبدالرزاق ميمڻ، سن 1923ع کان 1935ع تائين ناز هاءِ اسڪول، خيرپور جو لاڳيتو پرنسيپال ٿي رهيو. انهيءَ عرصي دوران سندس تعليمي مهارت ۽ بهترين انتظامي ڪارڪردگيءَ کي ڏسي، رياست جي واليءَ، 1937ع ۾ کيس ترقي ڏيئي، رياست جي اندر وڌيڪ جديد انگريزي تعليم جي ڦهلاءَ ۽ بهترين تعليمي نظام قائم رکڻ لاءِ، ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن (ڊي.پي.آءِ.) جي منصب تي فائز ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي جو قول آهي:

عبدالرزاق، خيرپور رياست جو ڊائريڪٽر پبلڪ  انسٽرڪشن (ڊي.پي.آءِ.) به ٿي رهيو. (6)

پاڻ ڊي. پي آءِ. جي عهدي تي ڪيترو وقت رهيو، ان باري ۾ به ڪا صحيح معلومات ڪانه ٿي ملي. پر جيئن ته عبدالرزاق ميمڻ 1941ع ۾ وفات ڪئي، تنهنڪري اسان جو گمان آهي ته پاڻ ان وقت به ڊي.پي.آءِ. جي عهدي تي فائز هو ۽ ان دوران ئي رحلت ڪيائين.

عبدالرزاق ميمڻ جي باري ۾ وڌيڪ جاکوڙ ڪندي اهو معلوم ٿئي ٿو، ته هن برصغير هند و پاڪ جي وڏين تعليمي ڪانفرنس ۾ رياست خيرپور جي نمائندگي ڪئي، ۽ انهن موقعن تي هن پنهنجي اعليٰ صلاحيتن ۽ تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيءَ مهارت ۽ قابليت جو مظاهرو ڪيو. ان ڏس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي جو قول آهي:

سن 1924ع ۾ عبدالرزاق جڏهن ناز هاءِ اسڪول جو  پرنسيپال هو، ته ان وقت دهليءَ ۾ آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس (1) منعقد ڪئي ويئي هئي. خيرپور جي واليءَ، مير علي نواز خان ناز (2) طرفان اُن ڪانفرنس ۾ کيس رياست جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. پاڻ جڏهن ان ڪانفرنس کان موٽي آيو، تڏهن ان جي مڪمل رپورٽ مير صاحب کي پيش ڪئي هئائين. (7)

پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي پنهنجي انهيءَ مٿئين بيان ۾ مذڪور ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ جو هنڌ دهلي لکيو آهي، جيڪو تواريخ جي لحاظ کان دُرست نه آهي. دراصل، اها ڪانفرنس بمبئيءَ ۾ ٿي هئي ۽ اهو ڪانفرنس جو 37 هون اجلاس هو، جو آنريبل سرابراهيم رحمت الله بمبئيءَ واري (3) جي صدارت ۾ ٿيو هو. (8)

عبدالرزاق ميمڻ تعليم سان گڏ علم ۽ ادب سان به گهري دلچسپي رکندڙ هو. سندس مشهور ناول جهان آرا جو اڀياس ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ جڏهن ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس جو پرنسيپال هو، ته ان وقت اسڪول مان هڪ علمي ۽ ادبي مخزن جاري ڪئي هئائين. اها مخزن هڪ اعليٰ درجي جي علمي ۽ ادبي مخزن هئي، جا علمي، ادبي ۽ تواريخي مضمونن، افسانن ۽ شعرن جو مـُـرقع هئي. عبدالرزاق پاڻ به ان مخزن ۾ پنهنجا معلوماتي ۽ تواريخي مضمون، ڪهاڻيون ۽ شعر ڏيندو هو. نثر نويسيءَ سان گڏ پاڻ شعر گوئيءَ جي مذاق به رکندڙ هو ۽ پنهنجي شعر ۾ رفعت تخلص استعمال ڪندو هو.

خيرپور جو شهر، رياست خيرپور جي راڄڌاني هو. خيرپور رياست جا ٽالپر حڪمران پڻ پنهنجي وڏن جي روايت مطابق، علم ادب ۽ شعر و شاعريءَ جو ذوق ۽ شوق رکندا هئا. خيرپور رياست جي ٽالپر حاڪمن جي علمي ۽ ادبي ذوق ۽ ڪارنامن جي متعلق، پروفيسر ڊاڪٽر عطامحمد حامي صاحب پنهنجي پي ايڇ.ڊي جي مقالي ۾ تفصيل سان روشني وڌي آهي. خيرپور رياست جي ٽالپر حڪمرانن جي درٻار ۾ هميشه وقت جا نامور عالم، اديب ۽ شاعر موجود رهندا هئا. مير صاحب انهن جا وڏا قدردان هئا. روايت آهي ته هن ئي شهر ۾ اڪثر شاعرن جون محفلون ۽ مجلسون منعقد ٿينديون هيون، جن ۾ نامور شاعر اچي شريڪ ٿيندا هئا ۽ داد وصول ڪندا هئا. عبدالرزاق رفعت پڻ انهن مشاعرن ۾ وڏيءَ دلچسپيءَ سان شريڪ ٿيندو هو. ان کان سواءِ، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد جي مشاعرن ۽ علمي مجلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ به اچي حصو وٺندو هو. پاڻ مير علي نواز خان ناز جي خاص صحبتين ۽ مجلس ڪندڙن مان هڪ هو. پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ، ڪليات ناز ۾ هڪ هنڌ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي. (9)

عبدالرزاق ميمڻ جي علمي ۽ ادبي نثري ڪتابن ۽ شاعريءَ جي مجموعن جي مطالعي کان پوءِ، اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڻ هڪ وڏو ذهانت جو صاحب، بهترين انسان ۽ بلند درجي جو عالم هو. پاڻ فطرتاً ڪريم النفس، نيڪ، خليق ۽ دوست نواز هو. ساڳئي وقت پاڻ قومي غيرت جو جذبو رکندڙ هو. سندس ناول جهان آرا جي ديباچي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ مذهبي ڪٽرپڻي کان آزاد هو. پاڻ محبت ۽ ايڪتا جو حامي هو. هندو- مسلم اتحاد جو پڻ قائل هو.

عبدالرزاق ميمڻ جڏهن خيرپور رياست جو ڊي. پي. آءِ. هو، ته ان وقت پاڻ ذيابطيس جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو. کيس علاج لاءِ سول اسپتال سکر ۾ داخل ڪيو ويو، ليڪن سندس حياتيءَ جو ماڻُ ڀرجي آيو ۽ 43 ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ 31- ڊسمبر 1941ع تي هن فاني جهان مان رحلت ڪيائين. کيس سندس اباڻي شهر، نوشهري فيروز جي قديم قبرستان، ميان عدر سلطان ۾ دفن ڪيو ويو. مرحوم عبدالرزاق کي جيڪڏهن اڃا حياتي وفا ڪري ها، ته پاڻ سنڌي زبان ۽ ادب جي دامن ۾ اُهي سهڻا ۽ دلڪش گـُـلَ نڇاور ڪري ها، جي اڃا به وڌيڪ سڳنڌ ۽ سـُـرهاڻ ڏين ها!

عبدالرزاق ميمڻ(1)، ڳڙهي ياسين جي ميان عبدالعزيز سمي جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. سندس انهيءَ گهرواريءَ 75 ورهين جي عمر ۾ 1974ع ۾ رحلت ڪئي ۽ خيرپور ۾ ئي مدفون ٿي. عبدالرزاق کي ظفرالحق نالي صرف هڪ فرزند ٿيو. ظفر الحق 1929ع ۾ تولد ٿيو. پرائمري تعليم پرائڻ کان پوءِ ناز هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان وقت سندس والد، عبدالرزاق ميمڻ وفات ڪري ويو هو. خيرپور رياست جي واليءَ، ميمڻ صاحب جي گهرواريءَ لاءِ معقول پينشن مقرر ڪئي ۽ سندس فرزند ظفرالحق لاءِ اسڪالر شپ منظور ڪري، کيس اعليٰ تعليم لاءِ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ موڪليو، جتان هـُـن بي.اي.  جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ شروع ۾ ڪجهه وقت لاءِ انڪم ٽيڪس آفيسر ٿي رهيو. 1952ع ۾ پوليس کاتي ۾ ڊي.ايس.پي مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي 1978ع ۾ ڊي.آءِ.جي جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ اتان ئي پينشن ورتائين. 9- جنوري 1994ع تي 65 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪيائين ڪراچيءَ ۾ مدفون ٿيو. ظفرالحق ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس ٽن پــُـٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. هتي سندس اولاد جو مختصر ذڪر  ڪجي ٿو:

1. اڪرام الله: هن جي ولادت 1947ع ۾ خيرپورميرس ۾ ٿي. ناز هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ممتاز ڪاليج، خيرپورميرس مان انٽر ڪيائين. 1970ع ۾ پوليس کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. پاڻ هن وقت سانگهڙ ضلعي ۾ چڪ 41 ورڪشاپ ٿاڻي جو ايس.ايڇ.او. آهي.

2. جاويد ظفر: پاڪستان ايئر فورس ۾ گروپ ڪئپٽن جي عهدي تي پشاور ۾ آهي.

3- وقار ظفر: هيءُ زميندار آهي ۽ زمينداريءَ جو ڪم سنڀاليندو آهي.

4. نياڻي: لاڙڪاڻي جي مشهور جاگيردار، مرحوم پير بخش ڀـُـٽي جي گهرواري آهي.

تصنيفات

عبدالرزاق ميمڻ پنهنجي ملازمت جي مصروفيتن ۽ درس و تدريس جي مشغلي سان گڏ، تصنيف ۽ تاليف جو به ڪافي ڪم ڪيو آهي . پاڻ اٽڪل ويهن ورهين تائين سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ لکندو رهيو. بهرحال، هن جيڪي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا آهن، تن مان هر ڪتاب پنهنجيءَ جاءِ تي علمي ۽ ادبي لحاظ کان هڪ بهترين املهه ماڻڪ آهي. هتي سندس انهن لکيل ڪتابن ۽ شاعريءَ جو علمي لحاظ کان جائزو وٺون ٿا:

گـُـئٽي: 

        عبدالرزاق ميمڻ جي ادبي ڪارنامن تي روشني وجهڻ وقت اهو معلوم ٿئي ٿو ته سندس سڀ کان پهرئين تصنيف گـُـئٽي: هڪ جرمن شاعر ۽ ڊرامانويس آهي. گـُـئٽي، هڪ مشهور جرمن دانشور، شاعر ۽ ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي. هـُـو اوڻويهين عيسوي صديءَ جي مکيه شاعرن مان هڪ برک شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو ۽ سـُـڃاتو وڃي ٿو. شعرگوئيءَ ۾ تمام لاثاني هو ۽ ناٽڪ به پنهنجيءَ جاءِ تي بي نظير اٿس. کيس سنڌ جي علمي طبقي ۽ عام پڙهندڙن سان روشناس ڪرائڻ لاءِ، عبدالرزاق هيءُ ڪتاب لکيو هو. هن ڪتاب جي اهميت جي باري ۾، سنڌ جو مشهور عالم ۽ محقق، ڊاڪٽر گربخشاڻي انهيءَ ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:

سنڌي ساهتيه جي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق اڄ البت اڳي کان وڌيڪ آهي، پر اڃا دل گـُـهري ترقي نه ٿي آهي. انهيءَ جو هڪ سبب هيءُ آهي، جو سنڌ ۾ خاص ساهتيه جي سـُـڌاري ۽ واڌاري جي مدنظر سان ورلو ڪو ڪتاب لکيو وڃي ٿو. ڪتاب ڇپجن به گهڻيئي ٿا، مگر اڪثر اهڙا، جن مان نه هــُـوند نه شـُـڪر. تنهنڪري جڏهين ڪو اهڙو ڪتاب ڇپجي، جنهن مان هڪ پاسي نوجوانن کي دماغي ۽ اخلاقي ترغيب ملي، تڏهين اسان جو عين فرض آهي ته اهڙي ڪتاب جي قدر شناسي ڪري، مصنف جي همت افزائي ڪريون.(10)

 ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي انهيءَ مٿئين عبارت مان اُن دؤر جي سنڌي ادب جي عڪاسي ٿئي ٿي، ۽ ساڳيءَ طرح ان ڪتاب جي ضرورت ۽ اهميت جو به پتو پوي ٿو. عبدالرزاق پنهنجي هن ڪتاب ۾، گـُـئٽي جي نظم ۽ ناٽڪ جون خوبيون ۽ خاميون نهايت ئي ناقدانه انداز ۾، سنجيدگيءَ ۽ صاف گوئيءَ سان عام فهم سنڌي عبارت ۾ بيان ڪيون آهن ۽ اهو ثابت ڪيو اٿس ته هيءُ جڳ مشهور عالـِـم وڏي پايي جو بــُلند درجي وارو انسان، شاعر ۽ ناٽڪ نويس هو. هن ڪتاب جو ڳــُـوڙهو اڀياس ڪندي اهو به واضح ٿئي ٿو ته علم تنقيد، خاص طرح سان شعر ۽ شاعريءَ جي پرکڻ لاءِ ڪي خاص اُصول، ماڻ ۽ ماپا آهن، جن جي بنياد تي انهيءَ قسم جي ڪتاب کي پرکي سگهجي ٿو. مصنف، انهن سڀني ڳالهين ۽ اصولن کي مدنظر رکي،گـُـئٽي کي اُجاگر ڪرڻ جي عالمانه انداز ۾ ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب جي ورق گرداني ڪرڻ سان عبدالرزاق جي علمي بصيرت، وسيع مطالعي ۽ سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي پــُـورو پــُـورو عبور هئڻ جي ڄاڻ پوي ٿي. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 107 صفحن تي مشتمل آهي ۽ نومبر 1929ع ۾ ڀارت پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ ۾ ڇپيو.

جهان آرا:

عبدالرزاق ميمڻ جو لکيل ناول جهان آرا، سنڌي زبان ۽ ادب جو هڪ شاهڪار آهي. هيءُ ناول، سنڌي ٻوليءَ جي اصولڪن ناولن مان هڪ آهي، ۽ زبان  ۽ پلاٽ جي لحاظ کان مڪمل ۽ فني لحاط کان پخـُـتي پلاٽ وارو ناول آهي. ان دؤر ۾ جيڪي اصلوڪا ۽ طبعزاد ناوِلَ، آڱرين تي ڳڻن جيترا لکيا ويا هئا، تن ۾ جهان آرا هڪ چڱو مقام رکي ٿو. ان دؤر ۾ اڪثر ڪري ناوِلَ، انگريزي ۽ ٻين ٻولين تان ترجمو ڪيا ويندا هئا. مصنف، هيءُ ناول لکي، سنڌي زبان ۾ طبعزاد ناول لکڻ جو مثال پيش ڪيو. هن ناول جو مرڪزي خيال، ناول نگار جي لکيت مطابق، عورت جي وفائي ۽ مرد جي بي وفائي ڄاڻايو ويو آهي. ليڪن، پاڻ انهيءَ مرڪزي خيال کي ناول اندر ايترو اُجاگر ڪري نه سگهيو آهي. هيءُ ناول سڀ کان پهريائين 1931ع ۾ ڇپيو. تازو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان هن ڪتاب جو پندرهون ايڊيشن پڌرو ٿيو آهي. هيءُ ناول ورهين کان وٺي ٻارهين ڪلاس جي سنڌي نصاب طور رکيل آهي. هن ناول  جي باري ۾، سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، محترم انعام الله شيخ تازي ڇاپي ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو:

ممڪن آهي ته پنهنجي موضوع ۽ اسلوب جي حوالي سان جهان آرا بعد جي ڪيترن سنڌي ناولن سان ڀيٽي نه سگهجي، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ادب ڏانهن ابتدائي لاڙو پيدا ڪرڻ ۾ هن ناول بيشمار پڙهندڙن ۾ اُتساهه پيدا ڪيو آهي.(1)

خانزاده سميع الوري  پنهنجي ڪتاب تزئين ساهتي ۾ لکي ٿو ته، عبدالرزاق ٻه ناول لکيا هئا، جن مان هڪ جو نالو نورجهان هو.(12) خانزادي صاحب پنهنجي انهيءَ  بيان ۾ غلطي ڪئي آهي. دراصل،نورجهان ناول عبدالرزاق جو نه، بلڪ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو لکيل آهي. ساڳئي وقت، ميمڻ صاحب صرف هڪ ناول جهان آرا سنڌي زبان ۾ لکيو هو.

گلزار نظم:

        عبدالرزاق ميمڻ شعر ۽ شاعريءَ سان ذوق رکندي، هن ڪتاب ۾ سنڌي زبان جي قديم صوفي شاعرن ۽ ان دؤر جي جديد همعصر شاعرن جي ڪلام جو انتخاب ڏنو آهي. دراصل، ان دؤر ۾ سنڌ جو پرڳڻو، بمبئي پريزيڊنسيءَ سان لاڳاپيل هو ۽ سنڌ جي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم جي امتحانن جو سلسلو پڻ بمبئي يونيورسٽيءَ سان واسطو رکندو هو. هيءُ ڪتاب مئٽريڪيوليشن امتحان جي نصاب طور منظور ٿيل هو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1931ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1932ع ۾ پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ڪرائون سائيز ۾ 96 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، ڪراچي طرفان شايع ٿيو.

مؤلف ، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور قديم شاعرن ۽ پنهنجي همعصر شاعرن سميت ڪل 28 شاعرن جو چونڊ ڪلام ڏنو آهي. هن مجموعي ۾ جن شاعرن جو ڪلام درج آهي، اُهي هي آهن: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ڀائي چئراءِ سامي، فقير قادر بخش بيدل، فقير محمد محسن بيڪس، پير علي گوهر شاهه اصغر راشدي، خليفو گل محمد گل هالائي، حمل فقير لغاري، صوفي دلپترام دلپت، حافظ حاجيحامد ٽکڙائي، سيد فاضل شاهه فاضل، مير عبدالحسين خان سانگي، ديوان ليلارام وطڻمل خاڪي، رئيس شمس الدين بلبل“، مرزا قليچ بيگ قليچ، پير ڪمال الدينڪمال فقير، مير علي نواز علوي، ڊاڪٽر مرزا مدد علي مدد، فقير هدايت الله نجفي ، مير علي نواز خان ناز، خانبهادر محمد صديق ميمڻ صديق، محمد هاشم مخلص، ڪشنچند بيوس، ديوان صوڀراج نرملداس فاني، محمد خان غني، نواز علي نياز جعفري، محمد بخش واصف ۽ عبدالرزاق رفعت.

اهڙيءَ طرح، هن ڪتاب ۾ جــُـملي هڪ هزار شعر ڏنل آهن. ڪتاب جي مــُـنڍ ۾ مؤلف مهاڳ لکيو آهي، جنهن ۾ هـُـن گلزار نظم کي مرتب ڪرڻ جي باري ۾ وضاحت سان روشني وڌي آهي. عبدالرزاق هن ڪتاب کي پنهنجي اُستاد ۽ ڊي.جي.سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ جي پرنسيپال، صاحب سنگ چندا سنگ شهاڻيءَ (1) ڏانهن منسوب ڪيو آهي. هن ڪتاب جي وڏي خوبي اها آهي ته مؤلف هن مجموعي ۾ جن شاعرن جو چونڊ ڪلام ڏنو آهي، تن مان هر شاعر جي ڪلام جي مــُـنڍ ۾، ان جي حياتيءَ جو مختصر خاڪو ۽ سندس شاعريءَ جي خوبين متعلق ڄاڻ پڻ ڏني ويئي آهي، جنهن ڪري هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت ۾ اضافو ٿيو آهي . هيءُ ڪتاب نه صرف ان دؤر ۾ مئٽرڪ جي شاگردن لاءِ ڪارآمد هو، پر اڄ به سنڌ جي عام پڙهندڙن ۽ علم دوست ماڻهن لاءِ نهايت ئي مفيد آهي.(1)

مـِٺڙا ٻول:

عبدالرزاق ميمڻ ، گلزار نظم کان پوءِ، چونڊ سنڌي شاعرن جي ڪلام جو ٻيو انتخاب، مٺڙا ٻول جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ مرتب ڪيو. هيءُ ڪتاب 1934ع ۾ چندن (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 64 صفحن تي ڦهليل آهي ۽ منجهس هڪ هزار شعر آيل آهن. مؤلف، هن ڪتاب جو انتساب، سنڌ جي مشهور عالم، اديب ۽ شاعر، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ڏانهن ڪيو آهي. پاڻ انتساب ڪندي، مرزا صاحب کي  اُستادِ زمان ۽ ملڪ الشعراء“ ڪري سڏي ٿو. مرزا قليچ بيگ، عبدالرزاق جو وڏو معاصر هو ۽ جديد شاعريءَ جي ڏس ۾، پاڻ مرزا صاحب کان ڪافي متاثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو کيس اُستاد شاعر ڪري لکيو اٿائين.

عبدالرزاق ، هن ڪتاب جي مهاڳ ۾، عالمانه انداز ۾ وضاحت ڪندي لکي ٿو:

        مـِـٺـِـي شيءِ سدائين وڻندڙ ٿيندي آهي ۽ انهيءَ مان ننڍا توڻي وڏا عجيب حظ ۽ لطف حاصل ڪندا آهن. مگر اهو مزو ۽ سواد بلڪل ٿورو وقت هلندو آهي. پر اهڙي شيءِ، جنهن جو ميٺاج زايل نه ٿي سگهي ۽ جنهنجو لطف ۽ حظ هميشه اِنسان جي دل ۽ دماغ کي تر ۽ تازو ڪري، اسان کي ملي سگهي ته ڪهڙو نه چڱو.

        دنيا ۾ جيڪي به ڌڻيءَ سڳوري پيدا ڪيو آهي، گل ۽ ٻوٽا،  وڻ ۽ ٽڻ، پکي ۽ پکڻ، ساوڪ ۽ سبزي، ميوا ۽ مليدا، پسون ۽ حيوان، مال ۽ ملڪ، دولت ۽ عزت، اولاد ۽ اطفال سڀ پنهنجي مخلوق جي اُتم، اشرف ۽ اعليٰ فرد، يعني: اِنسان واسطي راحت ۽ عيش جو سامان ڪيو اٿس. پر اُنهن سڀني جي ڪري اِنسان تي ڪي جوابداريون به آهن، جيڪي وقت نا وقت کيس عيش ۽ راحت جي عيوض رنج ۽ ملال پهچائين ٿيون. ڪڏهين ته سندس حالت اهڙي غم ۽ انڪساريءَ جي ٿيو پوي، جو سندس بيقراريءَ ۽ آه ۽ زاريءَ تي جيڪو به ماتم ڪجي، سو ٿورو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس دل جي دونهي کي دٻائڻ ۽ سندس سيني جي سوز ۽ آتش کي وسائڻ جي هر ڪا ممڪن ڪوشش بيڪار ٿيو پوي.

        اهڙيءَ حالت ۾ فقط هڪ ئي چيز آهي، جا سندس دستگيري ڪري سگهي ٿي ۽ سندس رنج کي راحت سان مبدل  به ڪري سگهي ٿي، اگرچه اُها شيءِ به ڪنهن جي ته دل جي دونهي ۽ سيني جي سوز جو ئي نتيجوآهي. اها شيءِ آهي شعر، جو ويچاري مصيبت جي ماريي شاعر جي جذبي ۽ اُمنگ، فڪر ۽ فراق جو ڦــَـلُ آهي. مگر انهيءَ حالت ۾ هن پنهنجي چاشني دار چپن سان جيڪي به چيو آهي ۽ پنهنجي زبان جي شيرينيءَ سان جيڪي به ٻوليو آهي ۽ قلم جي سياهيءَ سان جيڪي به لکيو آهي، اُهو اهڙو ته مـِـٺو ۽ اٽل مـِـٺو آهي، جو دنيا جي هستيءَ تائين زواليت کي نه پهچي سگهندو. ويچاري شاعر ڪهڙي به اضطراب جي حالت ۾ پنهنجا ٻول ٻوليا هـُـجن، مگر انهن ئي ته هن کي آخرين تسڪين ۽ تسلي بخشي آهي. سندس مٺڙا ٻول ماکيءَ کان مــِـٺا ۽ آب حيات کان وڌيڪ پايدار آهن. هـُـو ويچاري اِنسان جا عزت ۽ ذلت، راحت ۽ رنج ۽ اُميد ۽ نااميديءَ جي عميق بحر ۾ ٻيڙي به آهن ته سڙهه به، ۽ ساحل به ۽ اميد ۽ آسرو به.

انهيءَ ڪري اهڙي ميٺاج واري چيز کي مٺڙا ٻول ڪوٺيا ويا آهن ۽ سنڌ جي شاعرن جي اهڙن مٺڙن ٻولن جي چونڊ ڪئي ويئي آهي.(13)

اهوئي سبب آهي جو هن مجموعي ۾ جن شاعرن جي ڪلام جو انتخاب ڏنو ويو آهي، تن کي جڏهن جهونگارجي ٿو ته انهن جو اهڙو ته مٺاڻ چپن کي لڳي ٿو، جو اهو وسرڻ جهڙو نه آهي. هن مجموعي ۾ هيٺين سترهن شاعرن جو چونڊ ڪلام ڏنو ويو آهي: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ڀائي چئنراءِ سامي، خليفو گل محمد گل هالائي، صوفي دلپترام دلپت، فقير قادربخش بيدل، فقير محمد محسن بيڪس، روحل فقير ڪنڊڙيءَ وارو، حافظ حاجي حامد ٽکڙائي، سيد فاضل شاهه فاضل، مير عبدالحسين خان سانگي، ديوان ليلارام وطڻمل خاڪي، مرزا قليچ بيگ، محمد بخش واصف، ديوان صوڀراج نرملداس  فاني، نواز علي نياز جعفري ۽ عبدالرزاق رفعت. مؤلف، هن ڪتاب ۾ پڻ گلزار نظم وانگر هر شاعر جي ڪلام اڳيان ان جي زندگيءَ جو مختصر احوال ۽ سندس شاعريءَ جي خوبين متعلق ڄاڻ ڏني آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي شاعريءَ جو هڪ عمدو انتخاب آهي ۽ ان مان  عبدالرزاق رفعت جي شاعريءَ جي ذوق ۽ سندس دلي لڳاءُ جو ڀليءَ ڀت پتو پوي ٿو.

انهن مٿي بيان ڪيل ڪتابن کان علاوه، عبدالرزاق ڪيترائي نصابي ڪتاب پڻ تصنيف ۽ تاليف ڪيا هئا، جن مان سـِـردست هيٺين ٻن ڪتابن جو احوال ملي ٿو:

نئين جاگرافي سنڌ (خيرپور اسٽيٽ): 

        هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 56 صفحن تي ڦهليل آهي ۽ سن 1939ع ۾ ديوي پرنٽنگ پريس، شڪارپور سنڌ مان شايع ٿيو.

نئين جاگرافي هندستان: 

        هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 60 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سن 1940ع ۾، ميول سنگهه پرسواڻيءَ، شڪارپور سنڌ مان پڌرو ڪيو.

سنڌي ٻولي ۽ عبارت جو جائزو:

عبدالرزاق ميمڻ جو تعلق، جيئن ته سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي قديم شهر نوشهري فيروز سان هو، ان ڪري هـُـن پنهنجي سنڌي نثر نويسيءَ ۾  گهڻي ڀاڱي ساهتيپرڳڻي وارو لهجو استعمال ڪيو آهي. ساڳئي وقت، ملازمت جي لحاظ کان سندس گهڻو وقت خيرپور رياست ۾ گذريو. انهيءَ ڪري، ساهتي واري سنڌي لهجي تي خيرپوري لهجي جو به اثر غالب نظر اچي ٿو. سندس ٻن نثري ڪتابن، جهڙوڪ: گـُـئٽي ۽ جهان آرا جو جڏهن باريڪ بينيءَ سان اڀياس ڪجي ٿو ته اهو معلوم ٿئي ٿو، ته هـُـن اُهي ساهتي پرڳڻي وارا محاورا، اصطلاح، تشبيهون ۽ ترڪيبون استعمال ڪيون آهن، جي اڪثر ان طرف مروج آهن. انهن مذڪور ٻنهي ڪتابن کي تصنيف ڪئي اٽڪل مـُـني صديءَ جو عرصو گذري چـُـڪو آهي ۽ اُهو عرصو ڪو ٿورو نه آهي. انهيءَ دوران سنڌي زبان، خاص طرح  سان ساهتي پرڳڻي واري لهجي ۾ پڻ ڪيتريون ئي نيون تبديليون ۽ نواڻ ۽ واڌارا رونما ٿي چڪا آهن. هونئن به ٻوليءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته علمي، ادبي ۽ مهذب ٻوليون ويهن ورهين کان پوءِ، پاڻ ۾ نيون تبديليون ۽  نوان رجحان، نوان اصطلاح ۽ نيون ترڪيبون جذب ڪنديون آهن. انهن ٻنهي ڪتابن ۾ پڻ ان دؤر جي ساهتي پرڳڻي اندر جيڪي لفظ، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون مروج هيون، تن کي نهايت سهڻي انداز ۾ ۽ سليقي سان استعمال ڪيو ويو آهي. اگرچه هن وقت ڪيترائي لفظ، محاورا ۽ اصطلاح متروڪ ٿي استعمال  ۾ ڪونه ٿا اچن ۽ انهن جي جاءِ تي ٻيا ڪيترائي نوان لفظ ۽ اصطلاح رواج ۾ آهن. عبدالرزاق جا اهي استعمال ڪيل لفظ ۽ محاورا، سنڌي زبان ۽ لـُـغت جو هڪ وڏو ورثو آهن. صرفي ۽ نحوي بناوتن جو به جڏهن غور سان جائزو ورتو وڃي ٿو ته ان ڏس ۾  بهساهتيءَ جي طرف جيڪي صرفي ۽ نحوي اصول، قاعدا ۽ لوازمات آهن، تن کي گهڻي قدر استعمال ۾ آندو ويو آهي.

عبدالرزاق ميمڻ جي انهن ٻنهي نثري ڪتابن جي مطالعي مان اها ڳالهه به صاف طرح سان نظر اچي ٿي ته سندس نثري عبارت تي عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانن جو به وڏو اثر آهي. هن پنهنجي نثري عبارت ۾ عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانن جا لفظَ اڪثر جاين تي ڪثرت سان استعمال ڪيا آهن. عبدالرزاق خود پنهنجي انهيءَ ڪوتاهيءَ جو ذڪر، پنهنجي ڪتابگـُـئٽي ۾ هن طرح سان ڪري ٿو:

مون کي پڪ آهي ته ضرور ڪي صاحب اها تنبيه ڪندا ته هن ڪتاب ۾ گهڻا انگريزي لفظ ڪم آندل آهن، ۽ عربي ۽ فارسي لفظن جو پڻ گهڻو تعداد ڪم آندو ويو آهي. منهنجو ادب سان هيءُ چوڻ آهي ته انگريزي زبان، جا هينئر حڪومت جي زبان آهي، انهيءَ جا ڪي لفظَ جي هن ڪتاب ۾ حڪمراني ڪن ٿا،انهن جي عيوض مون کي پنهنجي زبان ۾ وڌيڪ موزون لفظ نه سـُـجها ۽ منهنجو اهو به ادب سان عرض آهي ته جي اهي لفظ مروج نه آهن ته جيڪڏهن ڪو اسان وٽ سنڌي زبان ۾ انهن جو هم لفظ موجود نه آهي، ته انهن جي عيوض انگريزي لفظن جو استعمال غير موزون نه ٿيندو.(14)

مٿئين عبارت ۾ اگرچه عبدالرزاق خود پنهنجي انهيءَ مذڪور ڪوتاهيءَ جو اعتراف ڪندي ان ڳالهه جي صفائي پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر هتي ايترو چوڻ بيجاءِ نه ٿيندو ته سنڌي زبان ايتري ته وسيع ۽ ڪشادي آهي، جو اُن ۾ ٻين ڌارين ٻولين جا هزارين لفظ ملن ٿا ۽ ساڳئي وقت انهن جا هم معنيٰ  نعم البدل پڻ موجود آهن. ان ڪري اسان عبدالرزاق جي انهيءَ مٿئين بيان سان سـُـهمت نه آهيون، ۽ نه وري سندس پيش ڪيل صفائيءَ سان متفق آهيون. بهرحال، انهيءَ ڪوتاهيءَ جي باوجود عبدالرزاق جون اهي ٻئي نثري تصنيفون پنهنجيءَ جاءِ تي سنڌي نثري ادب جو هڪ وڏو شاهڪار آهن.

عبدالرزاق رفعت جي شاعري:

عبدالرزاق ميمڻ سنڌي زبان ۾ شعر ۽ شاعري به ڪئي آهي، جنهن جو مٿي مختصر ذڪر ڪري آيا آهيون. پاڻ پنهنجي شعر ۾ رفعت تخلص استعمال ڪندو هو. سندس شعر، ان دؤر جي ڪيترن ئي سنڌ جي مختلف رسالن ۽ مخزنن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهي، ۽ ان کي هن وقت تائين ڪنهن به مرتب نه ڪيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن، جهڙوڪ: جهان آرا، گلزار نظم ۽ مٺڙا ٻول ۾ سندس غزل، نظم، فرد ۽ قطعا وغيره ڪافي انداز ۾ ملن ٿا، جن کي سامهون رکي اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڻ سنڌي شاعريءَ ۾ وڏو مقام رکندو هو. جديد شاعريءَ جي هر صنف ۾ کيس چڱو ملڪو حاصل هو. سندس شاعريءَ کي ڏسي اهو چئي  سگهجي ٿو، ته اُن تي فارسيءَ جو وڏو اثر غالب هو. جيتوڻيڪ سندس ڪلام اُن وقت جي شاعرن جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورو آهي، ليڪن اهو هر لحاظ کان پنهنجي دؤر جي بهترين شاعرن ۾ وڏو درجو رکي ٿو. ممڪن آهي ته رفعت ڪو مجموعو يا ديوان مرتب ڪيو هجي، جو زماني جي ستم ظريفيءَ جو شڪار ٿي ويو هجي! بهرحال، عبدالرزاق رفعت جو هٿ اکر لکيل هڪ بياض قلمي صورت ۾ سندس لائق پوٽي، اڪرام الله ميمڻ کان ميسر ٿيو آهي، جنهن ۾ پڻ سندس ٿورو ڪلام ملي ٿو. اسان هتي سندس شعر جو ڪجهه انتخاب پڙهندڙن جي ملاحظي لاءِ ڏيون ٿا.

*

غزل

ڇا نـِـڌر جي قتل جي ، پـِـريـَـن خبر ڪائي نه هـِـي؟
دلربا وٽ اڄ رقيبو! محفلِ آرائي نه هـِـي.
رات رانول قـُـرب مان قاصد مـُـڪو هو قتل لئي،
ڇا مگر اهڙو نياپو عزت افزائي نه هـِـي؟
خون جو ڪاسو کڻي، سو پـِـرتوانن وٽ ويو،
هاءِ جو اُت دوستو! اڄ باده پيمائي نه هـِـي.
عشق وارن اصل کان هو نينهن جو ناتو ٻڌو،
هو مـُـقدر ۾ مقرر، ڪنهنجي خود رائي نه هـِـي.
دلبرِ ديدار لئي، آهـُـون ڪيم اڌ رات جو،
درد منهنجي جي شمع کي ڪا شناسائي نه هـِـي.

 

قسمتِ بد کان زماني ۾ مگر مون کي نصيب،
آستان - يار جي هرگز جبين سائي نه هـِـي.
چشم - نرگس گلبدن تنهنجي ڪيو مخمور جو،
تنهن نشي کان مون بچڻ جي ڪابه يارائي نه هـِـي.
خال جي داڻي وڌو هو، زلف جي جو دام ۾،
مون گرفتار - بلا، مـُـرلي وڄارائي نه هـِـي.
ضعف اهڙو هو ڪيو حيران پريشان جان - من،
جو اچڻ تنهنجي پسڻ لئي ڪا توانائي نه هـِـي.
غم الم تنهنجي پرين مون کي ڪيو بيمار پر،
بدنصيبيءَ کان سندم تو وٽ مسيحائي نه هـِـي.

 

دم هنيو تنهنجي محبت جو سڄڻ مون بوالهوس،
سا سڄي ديوانگي هـِـي، ڪابه دانائي نه هـِـي.
ماه - ڪنعان لئي عزيزا منتظر ۽ دربدر،
مست و لايعقل فقط تنهنجي زليخائي نه هـِـي.
عاشق و معشوق ٿا گڏجي ٿين رسوا ذليل،
قيس جي رُسوائي ڇا، ليليٰ جي رسوائي نه هـِـي؟
ڇو حسينن لئي جهڄڻ جي ٿا ملامت مون ڪيو؟

 

ڇا جهڄڻ جهوري سندم، ڪج تنهائي نه هـِـي.
سو ڏِسي ظاهر ظهور انجام ڌوٻڻ رفعتا،
رات ساري وٽ پنهل صبر و شڪيبائي نه هـِـي.(15)

 

*

شل نه منهنجو ڪو لڪائي درد - دل،
ڀل وري ويتر وڌائي درد - دل.
دل سندو اسباب ڪيڏو ٿا ڏسو،
قافلو سارو لـُـٽائي درد - دل.

 

هر گهڙي ڌوٻڻ جي جهوري ڇا هئي؟

 

هوت جو هر دم سمائي درد - دل.
ڏي ڪناري تان ٽپو ميهر مـُـٺا!
سـِـيرَ ۾ سهڻي گنوائي درد - دل.

 

کيت جي ميلاپ لئي هر صبح و شام.

 

مارئيءَ کي ٿو نـِـوائي درد - دل.

 

زندگيءَ جـِـي جي ڪـُنجي ڪا تـُون لهين،

 

ڪانه ڪم ايندءِ، سـِوائي درد - دل.
ڪير منهنجي درد جو ٿيندو طبيب،
ويڄ جون وايون وڃائي درد - دل.
جي ٻـُڏي ڪو بحر- غم جي موج ۾،
تنهن ٻــُڏ کي ٿو بچائي درد - دل
درد - دل لئي
رفعتا ٻـَـڌ تون ڪمر،
ٿو مـُـئل دل کي جيائي درد - دل.(16)

 

*

خموشيءَ ۾ لڪل آهن، هزارين خواهشون دل جون،
غريبن جي مٿي تـُـربت، سدائين گـُـل ڏِيو آهي،
هزارين حسرتون آهن، دل - بيتاب جي اندر،
نٿو ڪــُـڇجي، مگر ڏاڍو، صبر جو هـُـل پيو آهي.
سڄو ئي کيتُ خواهش جو، ويو خـَـس ٿي ادا هاري!
هينئر  تو جهار جهرڪيءَ جو، اجايو غـُـل وڌو آهي.
جتي آهيُ رڳي وارِي، ۽ برباديءَ سندو ڪلر،
اتي
رفعت ڪڏهن سبزي، نه ٻوٽو گـُـلُ ٿيو آهي.(17)

 

*


 

حوالا

(1) ميمڻ محمد صديق، خانبهادر: سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، سال 32- 1931ع ۽ ادبي تحفو، مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ، ص 76

(2) ميمڻ عبدالرزاق: گـُـئٽي: هڪ جرمن شاعر ۽ ڊرامانويس، ڀارت پرنٽنگ پريس، ڪراچي سنڌ، 1929ع، ص 5

(3) ايضاً

(4) حامي عطامحمد، ڊاڪٽر: وکريل موتي، سنڌڙي ڪتابي سلسلو، رتوديرو سنڌ، 1983ع، ص 67

(5) سڪندري محمد رحيم، مفتي: پير سائين سيد صبغت الله شاهه(ثاني) جي سيرت، (مضمون)، ڏسو: امام انقلاب: سورهيه سائين، بزم راشد، جامعه راشديه، پير جو ڳوٺ سنڌ، ص 56

(6) ڏسو حوالو نمبر (4)

(7) حامي عطامحمد، ڊاڪٽر: خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو سنڌ، 1994ع، ص 186

(8) سيد الطاف علي بريلوي: آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس ڪـِـي صد ساله تاريخي ڊائري(اردو)، مطبوعات آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس، ڪراچي، ص 7

(9) حامي عطا محمد، ڊاڪٽر:ڪـُـليات ناز، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ، 1988ع، ص 14

(10) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 1

(11) ميمڻ عبدالرزاق : جهان آرا(ناول)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ، ڇاپو پندرهون 2005ع، ڏسو ڇپائيندڙ پاران

(12) خانزاده سميع الوري: تزئين ساهتي(اردو)،خانزاده سميع الوري اڪيڊمي، نوشهروفيروز سنڌ، 1994ع، ص 54

(13) ميمڻ عبدالرزاق: مٺڙا ٻول، چندن(اليڪٽرڪ) پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد سنڌ، 1934ع، ڏسو: مهاڳ

(14) ڏسو: حوالو نمبر(2)،ص 2 ۽ 3

(15) ميمڻ عبدالرزاق: گلزار نظم، ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، ڪراچي سنڌ، ڇاپو ٻيو 1932ع، ص 91 کان 93

(16) ڏسو حوالو نمبر (13)، ص 64

(17) ڏسو حوالو نمبر (11)، ص 38

 (اڻ ڇپيل)


 

(1) راقم جڏهن سن 1985ع ۾ ساهتي پرڳڻي جا قديم علمي مرڪز جي عنوان تحت پي ايڇ.ڊي جو مقالو تيار پئي ڪيو، ته ان وقت عبدالرزاق عبدالسلام جي احوال بغير نوشهري فيروز جو علمي مرڪز اَڻ پورو ۽ ٻــُـسو پئي لڳو. ان وقت کان وٺي سندس حياتيءَ جي احوال سان گڏ، سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي ڪارنامن جي باري ۾ احوال ڪـَـٺو ڪندو رهيس. انهيءَ ڏس ۾، عزيزم بشير احمد هيسباڻي صاحب پڻ پنهنجي ملازمتي مشغولين جي باوجود کوجنا ۽ تلاش جاري رکندي، ميان عبدالرزاق جي پوٽي تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن وڏي فراخدليءَ سان گهربل مواد فراهم ڪيو ۽ سندس خانداني شجري مرتب ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

(2) ميان عبدالسلام ميمڻ، نوشهري فيروز جي نامياري عالم ۽ حڪيم، حافط محمد اسماعيل ميمڻ جو ٽيون نمبر فرزند هو،سنڌ ۾ لوڪل بورڊ ۽  ميونسپل اسڪولن جي ڊائريڪٽري(مطبوعه: 1917ع، ص 78( مطابق ، سندس جنم 15- مئي 1875ع تي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. پاڻ ان زماني جي تعليمي رواج موجب سنڌي ورنيڪيولر (فائينل/ ڪاميٽي) جو امتحان پاس ڪيل هو ۽ ان سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جو به وڏو عالم هو. سنڌي فائينل پاس ڪرڻ کان پوءِ، لوڪل بورڊ جي تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ٽريننگ ڪاليج فارمين، حيدرآباد سنڌ مان ٽريننگ جو ٽيون سال 1896ع ۾ وڏيءَ امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. پاڻ موري ۽ نوشهري فيروز جي سنڌي پرائمري اسڪولن جو هيڊماستر ٿي رهيو. ان کان پوءِ، ترقي ڪندي آخر ۾ ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولس جي عهدي تي پهتو، جتان 1930ع ۾ 55 ورهين جي عمر ۾ پينشن تي لٿو. عبدالسلام 1936ع- 1937ع ڌاري هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. پاڻ نوشهري فيروز جي قديم قبرستان، ميان عدر سلطان ۾ مدفون آهي. کيس ٻه فرزند ٿيا، هڪ ميان عبدالرزاق ۽ ٻيو ميان عبدالفتاح، جن مان عبدالفتاح لاولد فوت ٿيو. ميان عبدالسلام جو هڪ ڪتاب، سنڌ جي مختصر تاريخ (ڳالهين ۾) شايع ٿيل آهي. هن انهيءَ ڪتاب جو مسودو اڃا لکي تيار مس ڪيو هو، ته پاڻ رحلت ڪري ويو. ميان عبدالرزاق  جو قول آهي ته انهيءَ ڪتاب جي مـُـسودي تي سندس استدعا تي علامه ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب نظرثاني ڪئي هئي. ڪرائون سائيز ۾، 112 صفحن تي ڦهليل اهو ڪتاب 1937ع ۾ ڪپور برادرس، ڪراچي سنڌ طرفان شايع ٿيو.

(3) نوشهروفيروز ايامن کان وٺي صنعت ۽ حرفت ۾ وڏي عروج تي پئي رهيو آهي. قديم زماني ۾، هن شهر ۾ صابڻ سازيءَ جو هــُـنر تمام عروج تي هو ۽ هتي تمام عمدي قسم جو صابڻ تيار ڪيو ويندو هو. انهيءَ نسبت سان هتي خاص صابـُـو گرن جو هڪ محلو آباد هو، جتي صابڻ ٺاهڻ جا ڪارخانا قائم هئا. انگريزن جي پوئين دؤر ۾، صابـُـوگرن پنهنجو اهو پراڻو اباڻو ڌنڌو ڇڏي،  درزڪو ڪم اختيار ڪيو ۽ ان ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي.

(1) حافظ محمد اسماعيل ميمڻ ، نوشهري فيروز جو ويٺل هو. نوشهري فيروز ۾ هيءُ خاندان قديم زماني کان وٺي خطيب گهراڻي جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هن خاندان مان پنهنجي وقت جا وڏا عالم، حافظ ۽ خطيب ٿي گذريا آهن. حافظ محمد اسماعيل عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين تي ڪامل عبور رکندر هو. قرآن شريف، تفسير ۽ حديث تي پڻ سندس وسيع نظر هئي. پنهنجي محلي جي مسجد ۾ قائم ڪيل مدرسي ۾ ديني علمن سان گڏ، قرآن پاڪ جي حفظ ڪرڻ جو درس پڻ ڏيندو هو. حافظ صاحب پنهنجي وقت جو هڪ وڏو لاثاني حڪيم هو. حافط محمد اسماعيل جي وفات جي تاريخ  جو ڪوبه پتو ڪونه ٿو پوي.

(1) نوشهروفيروز، قديم زماني کان وٺي ساهتي پرڳڻي جو هڪ اهم ۽ مکيه مرڪزي شهر رهندو پئي آيو آهي. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، ورهين تائين هتي انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪو خاطرخواه بندوبست ٿيل ڪونه هو. ساهتي پرڳڻي جا هندو شاگرد تعليم پرائڻ لاءِ حيدرآباد ويندا هئا.  مسلمانن جي ٻارن کي هندن جي قائم ڪيل انگريزي اسڪولن ۾ اڪثر گهٽ داخلا ملندي هئي. انهيءَ ڪري، مسلمانن جا ٻار انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٿرپارڪر ضلعي ۾ پٿوري مدرسي يا سنڌ مدرسـته الاسلام ڪراچيءَ ويندا هئا. اهڙين حالتن کان متاثر ٿي،درٻيلي شهر جي زميندار ۽ قومي درد رکندڙ، سيد الهه آندي شاهه مسلمانن لاءِ جديد انگريزي تعليم سان گڏ، ديني ۽ مذهبي تعليم جي ڏس ۾ سن 1902ع ۾ نوشهري فيروز ۾ مدرسه هاءِ اسڪول جو بنياد وڌو. هن مدرسي ۾ شروع ۾ ڇهين درجي انگريزيءَ تائين تعليم ڏني ويندي هئي. ساهتيءَ جي سرنديءَ وارن هن مدرسي جي وڏيءَ فراخدليءَ سان مالي مددڪئي هئي.

سن 1909ع ۾ هن مدرسي کي محمدن ائسوسيئيشن کان آزاد ڪري، سندس انتظام لوڪل بورڊ نوابشاهه جي حوالي ڪيو ويو. ان کان پوءِ اڳتي  هلي، مدرسي کي هاءِ اسڪول جي سطح تي آندو ويو ۽ 1918ع تائين ان ۾ مئٽرڪ تائين تعليم ڏيڻ جو انتظام ڪيو ويو. ان کان اڳ ۾ لوڪل بورد 1904ع ڌاري شاگردن جي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان بورڊنگ هائوس تعمير ڪرائي هئي. علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو صاحب پڻ 1917ع ۾ لاڙڪاڻي مان پنج درجا انگريزي پاس ڪري، ڇهون درجو پڙهڻ لاءِ نوشهري فيروز آيو هو. علامه صاحب، پنهنجي مختصر آتم ڪهاڻيءَ ۾ انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي.(وڌيڪ تفصيل لاءِ  ڏسو راقم جو مقالو،مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز - تواريخ جي روشنيءَ ۾،  ماهوار الرحيم حيدرآباد سنڌ، مئي - جون 1987ع، ص 14 کان 22)

(1) آنجهاني ٽي.ايڇ.وائينس سن 1903ع کان 1922ع تائين سنڌ مدرسته الاسلام، ڪراچيءَ جو پرنسيپال ٿي رهيو. انهيءَ دور کي سنڌ مدرسي جو سونهري دور ڪري سڏيو وڃي ٿو. وائينس صاحب، مدرسي جو پرنسيپال ٿي اچڻ کان اڳ ۾، علي ڳڙهه جي ايم.اي.او ڪاليج ۾ پروفيسر هو، جتي کيس چڱي موچاري پگهار ملندي هئي. ليڪن، هن سنڌي مسلم قوم سان محبت ۽ پيار خاطر اهو سڀ ڪجهه ڇڏي، هتي اچڻ قبول ڪيو. هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ مدرسي اندر نه صرف تدريسي لحاظ کان ان جي معيار کي بلند ڪيو، پر غيرتدريسي سرگرمين کي پڻ زور وٺايو. پاڻ ويهه ورهيه لاڳيتو مدرسي جو پرنسيپال ٿي رهيو. آگسٽ 1922ع ۾ لنڊن ۾ وفات ڪيائين.  

(1) سنڌ جو مشهور عالم، اديب ۽ محقق، سنڌي زبان جو ماهر ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو شارح، ڊاڪٽر هوتچند مـُـولچند گربخشاڻي 8- مارچ 1884ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو، پرائمري ۽ ثانوي تعليم نهايت ئي امتيازي حيثيت سان حاصل ڪيائين. ڊي.جي. (ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان 1905ع ۾ بي. اي. ۽ والسن ڪاليج، بمبئيءَ مان 1907ع ۾ ايم.اي. جا امتحان پاس ڪيائين. تعليم جي مشغلي مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، پاڻ ساڳئي ڪاليج ۾ انگريزي ۽ فارسيءَ جو اُستاد مقرر ٿيو. 1908ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ آخر ۾ ترقي ڪندي ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو. 1928ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف جي موضوع تي مقالو لکي، پي ايڇ.ڊي جي ڊگري ورتائين. ڊاڪٽر صاحب 11- فيبروري 1947ع تي وفات ڪئي.

          ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي شروعاتي زندگي، سنڌي ادب ۽ زبان جي ڄاڻوءَ جي حيثيت ۾ شروع ڪئي. کيس سنڌي زبان ۽ ادب سان جـُـنون جي حد تائين عشق هو. پاڻ هڪ وڏو بلند پايي جو عالم ۽ اديب هو. جيتوڻيڪ سندس تصنيفات ۽ تاليفات جو انداز ٿورو آهي، پر پاڻ سنڌي ادب جي تواريخ ۾ هميشه جاودان ۽ امر رهندو. سندس تصنيفات هڪ سـَـنـَـد جي حيثيت رکن ٿيون، ۽ اهي سنڌ جو تمام اهم سرمايو آهن. سندس تصنيفات ۾ شاهه جو رسالو (ٽي جلد)، لنواريءَ جا لال (سوانح) ۽ نورجهان (ناول) شامل آهن.  

 

(1) مير فيض محمد خان بن مير علي مراد خان (7- اپريل 1894ع کان 5- مارچ 1907ع) جي حڪومت جي زماني ۾، سندس نامور وزير، سردار محمد يعقوب خان سن 1904ع ۾ انگلش مڊل اسڪول جي نالي سان خيرپور ميرس ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب پنهنجي انگريزي ڪتابEducation in Sindh: Past & Present (ص 165) ۾ سردار محمد ابراهيم کي ان اسڪول جو باني ڪري لکيو آهي، جو بلڪل غلط آهي. دراصل، انهيءَ اسڪول جو بنياد وجهندڙ سردار يعقوب خان هو. سردار محمد ابراهيم خان، سردار محمد يعقوب جو ڀاءُ هو ۽ مير امام بخش خان بن مير فيض محمد خان (اول) جي دؤر ۾ شيخ صادق عليءَ جي وفات کان پوءِ مئي 1912ع تي وزير ٿيو. (مرزا قليچ بيگ: رياست خيرپور، ص 145) انهيءَ “انگلش مڊل اسڪول” جو پهريون هيڊماستر نورالدين احمد غلام علي نانا هو. ان مڊل اسڪول کي بعد ۾ هاءِ اسڪول جي سطح تي آندو ويو ۽ ان جو پهريون هيڊماستر عبدالمجيد دريشاڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو. هيءُ اسڪول، جڏهن اڃا هاءِ اسڪول ڪونه ٿيو هو، ته سن 1915ع ڌاري ٽريننگ ڪاليج فارمين، خيرپور جي هاسٽل ۾ هلندو هو. سن 1921ع ۾ مير علي نواز خان ناز خيرپور رياست جي تخت تي ويٺو. سندس دؤرِ حڪومت ۾، سن 1923ع ۾ انهيءَ هاءِ اسڪول کي ناز هاءِ اسڪول جو نالو ڏنو ويو ۽ عبدالرزاق عبدالسلام کي ان هاءِ اسڪول جو پرنسيپال مقرر ڪيو ويو. ناز هاءِ اسڪول ان وقت پوليس هيڊڪوارٽر جي فوجداري بلڊنگ ۾ قائم ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ جڏهن الله ڏنو سيال، خيرپور رياست جو وزير تعليم هو ۽ هـُـن ڪرنل شاهه هاسٽل تعمير ڪرائي، ته ان وقت هن اسڪول کي ٿوري وقت لاءِ انهيءَ عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. سن 1952ع ۾ خيرپور رياست جي وزير، ممتاز قزلباش موجوده عمارت جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو ۽ 1955ع ۾ انهيءَ نئين عمارت ۾ ناز هاءِ اسڪول هلڻ لڳو. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ، جڏهن خيرپور رياست جو درجو ختم ڪيو ويو، ته 1960ع ۾ هڪ پراجيڪٽ تحت ناز هاءِ اسڪول جو نالو بدلائي، “ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول رکيو ويو. (Siddiqui Habibullah: Education in Sindh- Past & Present)  ناز هاءِ اسڪول، خاص ڪري خيرپور رياست ۽ اترئين سنڌ جي علائقي ۾، انگريزي تعليم کي ڦهلائڻ جي سلسلي ۾ وڏو تواريخي ڪردار ادا ڪيو آهي.

(1) مفتي محمد رحيم سڪندريءَ کان سهو ٿي آهي. ان زماني ۾ ناز هاءِ اسڪول، خيرپورميرس اڃا ڪاليج ڪونه ٿيو هو. ان وقت سنڌ ۾ ٽن وڏن تعليمي ادارن جي سربراهن کي هيڊماستر جي بدران پرنسيپال سڏيو ويندو هو، جهڙوڪ: سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، مدرسته هاءِ اسڪول نوشهروفيروز ۽ ناز اسڪول خيرپورميرس.

(1) انهن تعليمي ڪانفرنسن جي پهرئين ڪانفرنس 1886ع ۾ علي ڳڙهه ۾ ٿي، جنهن جو ذڪر محمدن اينگلو اوريئنٽل ڪانفرنس جي نالي سان برصغير جي تواريخ ۾ ملي ٿو. بعد ۾، اهڙين ڪانفرنسن کي آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ، 1952ع ۾ ان ڪانفرنس جو پهريون اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو. (سيد الطاف علي بريلوي: آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس ڪـِـي صد ساله تاريخي ڊائري، صه 4 کان 7)

(2) مير علي نواز خان ناز جي حڪومت جي زماني ۾ 8- فيبروري 1925ع تي خيرپور ميرس ۾ آل سنڌ مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جو هڪ وڏو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ سنڌ جي تعليم جي ترقيءَ لاءِ ڪيتريون ئي رِٿـُـون بحال ڪيون ويون هيون. انهيءَ ڪانفرنس جو سمورو خرچ خيرپور رياست جي طرفان ٿيو هو (حامي عطا محمد، ڊاڪٽر: خيرپور جي ميرن جو سنڌي ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ص 186)

(3) سر ابراهيم رحمت الله، پنهنجي دؤر جو هڪ برک سياستدان ۽ واپاري هو. مئي 1862ع ۾ بمبئي جي خوجا خاندان ۾ پيدا ٿيو. بمبئيءَ ۾ ئي تعليم حاصل ڪيائين. برطانيه سرڪار کيس سماجي ۽ سياسي خدمتن جي عيوض سر جو خطاب ڏنو. برطانيه ۾ پاڪستان جو پهريون سفير، رحمت الله ابراهيم سندس فرزند هو، جو پڻ ابراهيم رحمت الله جي نالي سان سڏيو ويندو هو. انهيءَ ڪري، انهن ٻنهي نالن ۾ سر سان امتياز ڪيو ويندو هو. سر ابراهيم رحمت الله 1892ع کان 1918ع تائين بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميمبر ٿي رهيو ۽ سن 1899ع ۾ ڪارپوريشن جو صدر به ٿيو. 1904ع ۾ بمبئيءَ جو شيرف مقرر ٿيو. ويهه ورهيه لاڳيتو بمبئي قانون ساز جو ميمبر ٿي رهيو. 1913ع کان 1916ع تائين امپريل ليجسليٽو ڪائونسل جو رُڪن به ٿي رهيو. 1923ع کان 1928ع تائين امپرومينٽ ٽرسٽ جو رُڪن پڻ رهيو. 1931ع ۾ انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو، ۽ ان وقت کان وٺي آل انڊيا مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سياسي سرگرمين جي شروعات ڪيائين. هن ڊسمبر 1915ع ۾ ناگپور ۾ زوري تعليم جي حق ۾ هڪ شاندار تقرير ڪئي. 1913ع ۾ مٿئين اجلاس ۾، جو آگري ۾ ٿيو هو، ان جي پڻ صدارت ڪيائين. سن 1915ع ۽ 1916ع وارن اجلاس جي صدارت ڪندي، کـُـليءَ طرح انگريزن جي خلاف، سياسي ۽ آئيني مسئلن تي خيالن جو اظهار ڪيائين. ڊسمبر 1924ع ۾ بمبئيءَ جي آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي 37 هين اجلاس دوران صدارتي خطبي ۾ سائنسي علوم جي حق ۾ تقرير ڪيائين. 1942ع ۾ بمبئيءَ ۾ وفات ڪيائين. (سيد قاسم محمود: انسائيڪلوپيڊيا پاڪستانيڪا- اردو، شاهڪار بوڪ فائونڊيشن، ڪراچي سنڌ، 1998ع، ص 153)

(1) عبدالرزاق ميمڻ جي خاندان جي شجري لاءِ ڏسو، ضميمو (6)

(1) شهاڻي، هندن جي نک بٺيجا مان آهن. ديوان ڀيرومل آڏواڻي لکي ٿو ته عام طرح سان هر ڪنهن آڪهه وارا پاڻ کي پنهنجي ڪنهن وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏائيندا آهن، پر شهاڻين جي حالت ۾ ائين نه آهي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ چانڊڪا پرڳڻي (لاڙڪاڻي) جو گورنر شاهه بهارو هو،... جنهن جي نالي پٺيان هي پاڻ کي شهاڻي سڏائڻ  لڳا.(سنڌ جي هندن جي تاريخ - جلد پهريون، ڇاپو ٻيو 2002ع، ص 11-210) انهيءَ مٿئين بيان ۾ ديوان ڀيرومل غلطي ڪئي آهي.دراصل، شاهه بهارو ميرن جو نه، پر ڪلهوڙن جي دؤر ۾ اتان جو حاڪم ۽ جنرل هو.

ديوان صاحب سنگ چنداسنگ شهاڻي 1867ع ۾ ڄائو. هن بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج مان انگريزي ادب ۾ ايم.اي پاس ڪئي. پاڻ پهريون سنڌي ماڻهو هو، جو ڊي. جي. سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ جو پرنسيپال مقرر ٿيو. هن جي زماني ۾ ڪاليج وڏو اوج حاصل ڪيو. انجنيئرنگ ڪاليج ۽ لا ڪاليج کولايائين. زرعي ڪاليج، ڪمرشل ڪاليج ۽ سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي دل ۾ وڏي تمنا هئس. سنڌي زبان جو وڏو عاشق هو.چنڊول ۽ وهيو پکي سندس مشهور مضمون آهن. بلو کوکر ۽ تارن جو اڀياس ناول لکيائين. بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو ممتحن هو. سندس ئي ڪوششن سان 1924ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ بي.اي  جي سطح تائين سنڌيءَ کي نصاب ۾ آندو ويو. پاڻ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سينيٽ جو ميمبر، ۽ سنڌي بورڊ آف اسٽڊيز جو چيئرمن ٿي رهيو. 1927ع ۾ 60 ورهين جي عمر ۾ ڪاليج مان رٽائر ڪيائين. آخر ۾ گئنگرين ٿيس، جنهن ڪري ديهانت ڪري ويو.(آڏواڻي ڀيرومل: سنڌ جي هندن جي تاريخ - جلد ٻيو، گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو 2003ع، ص 279 کان 281.

(1) گلزار نظم جو اصل ڇاپي ڪتاب ، محترم محمد علي حداد، خيرپور جي ذاتي ڪتبخاني ۾موجود آهي، جتان پروفيسر محمد پنهل ڏهر اُن جو فوٽو اسٽيٽ ڪرائي، اسان کي فراهم ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org