سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ماڻهو ۽ ماڻهپو

 

صفحو :1

ماڻهو ۽ ماڻهپو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

پيش لفظ

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، منهنجي ڀاءُ جو نانءُ سندس وفات کان پوءِ علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي خصوصي حيثيت، مانُ ۽ مرتبو، وقت وِٿين جي گذرڻ سان ماڻيندو پيو وڃي، اهو اسان لاءِ سرهائيءَ جو اهڃاڻ آهي، پر هُو پاڻَ، پنهنجي مڃتا کي پسڻ لاءِ موجود ناهي، پنهنجي سوچ کي اڃا وڌيڪ سنواري، سُڌاري، سلجھائي پيش ڪندي، اسان سان مرڪَ ونڊڻ لاءِ ساڻ ناهي، اها ڏکوئيندڙ ڪيفيت آهي:

هڪ گھڙي ڏک جي، ٻي خوشيءَ جي آ،
ڪيفيت منهنجي زندگيءَ جي آ.
 

بهرحال، ڪڏهن ڏک، ڪڏهن سُک زندگيءَ سان سلهاڙيل آهن، وقت ته انهن ڏکن ۽ سُکن کي ياد ڏياريندڙ وٿ آهي. پنهنجي زندگيءَ جي واقعن ۾ وقت جي هڪ وٿ ڊاڪٽر محبت جي ورسي به آهي: گذريل سال 12 ــــ اپريل 98ع تي پهرين ورسي منعقد ڪئي وئي ۽ هاڻ 11 _ اپريل 99ع تي ٻي ورسي ٿي رهي آهي ورسيءَ جي حوالي سان پهرين ڀيري ڊاڪٽر محبت جي مقالن، مضمونن ۽ علمي خطن تي مشتمل ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايو ويو ۽ هن ٻئي ڀيري ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ جي نالي سان هيءُ ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ ڪجھ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مضمون ۽ مقالا پيش ڪيا ويا آهن. اسين ڇپيل مضمونن لاءِ ماهوار ”ڪينجھر“ ۽ ”عبرت ميگزين“ جا ٿورائتا آهيون.

پنهنجي ڪوشش آهي ته ننڍي ڄمار ۾ ڀاءُ محبت عليءَ جيڪي گھڻ پاساوان علمي ۽ ادبي ڪم، جيتري قدر به پورا ڪيا، ڇپرايا وڃن ۽ گڏوگڏ انهن ڪمن جي آڌار تي، توڻي ريس تي، وڌيڪ فڪري ڪاوشون به پيش ڪجن، پر انهن سڀني لاءِ وقت ۽ محنت جي گھرج آهي.

”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ جون وکون به انهيءَ راهه تي آهن، ۽ ان راهه تي وڌندڙ مڙني پانڌيئڙن کي ”اڪيڊمي“ پنهنجو ساٿاري سمجھي ٿي.

رياضت ٻرڙو

1999  ــــ 03 ــــ 20

قمبر

ماڻهو ۽ ماڻهپو

 

( هي مضمون لکڻ جو مقصد جانورن کي خوار ڪرڻ ناهي، جيڪي ”جانور“ هيءُ مضمون پڙهن اهي دل ۾ نه ڪن. مهرباني)

ماڻهو نالي جنس سان ڪو به، کڻي ڪري ڪيتري به رعايت ڪري، هن کي اشرف المخلوقات سمجھي يا حضرت انسان سڏي، ٺڪريءَ جيان وڄندڙ چيڪي مٽيءَ مان خاص خدا جي هٿن سان ٺهيل مجسمي آدم جو اولاد ڄاڻائي يا عالم افلاڪ ۾ رهندڙ ديوتائن جو بگڙيل ۽ باغي نسل، الله جو پاڇو چوي، فطرت جو ڌڻي قرار ڏي يا سڀ کان سهڻي مورت (۽ بظاهر ائين لڳي به ٿو)، پر ان کان ڪو به انڪار ڪري ڪو نه ٿو  سگھي ته ماڻهو جيُو آهي، جيئرو، ساهوارو، هڪ وجود آهي بلڪل ائين جيئن ٻيا لکين جيَو آهن.

جيوت رکندڙ هر جنس ۽ جيو جي نسل، گھراڻي ۽ منهن مهانڊي ۾ فرق آهن. لکين نمونن جا قالب رنگ ۽ ڍنگ رکندڙ ساهوارا موجود آهن. انهن ساهوارن مان هڪ ماڻهو به آهي. جيتوڻيڪ وڻ، ٻوٽا ۽ گاهه به جيوت رکندڙ آهن ۽ ان ڪري کين جيئرو، ساهوارو سڏجي ٿو پر عام طرح جڏهن اسين لفظ ”ساهوارو“ قطب آڻيندا آهيون تڏهن اسان جي مراد اهي وجود هوندا آهن جيڪي ڏٺو وائٺو چرندڙ، گھمندڙ، کائيندڙ پيئندڙ ۽ وڌندڙ ويجھندڙ هوندا آهن، جيئن جيت جڻيا، پکي پکڻ، مڇيون کيکڙا ۽ گھريلو توڙي جھنگلي جانور.

جانور جيتوڻيڪ ساهواري جو متبادل لفظ آهي  پر اسان وٽ عام طرح انهن ساهوارن لاءِ ڪم ايندو آهي جيڪي چوپايا سڏجن ٿا. ماڻهو جيئن ته چوپايو هجڻ باوجود ٻه پايو، ۽ اشرف المخلوقات سمجھيو وڃي ان ڪري جڏهن جانور جو ذڪر هلي ٿو تڏهن ماڻهو کي ڄڻڪ ان ذڪر ۾ شامل سمجھيو ئي نه ٿو وڃي.

۽ اهڙي سمجھداريءَ جو مظاهرو ڪندڙ پاڻ ماڻهو ئي آهي.

ڇا سمجھ رکندڙ ساهوارو وجود رڳو ماڻهو ئي آهي. ٻي ڪنهن به جيو ۾ ڪابه سمجھه ڪانهي، ان سوال جو جواب ڳوليندي ڪيترائي ماڻهو اهو چئي سگھن ٿا ته ڪيترن ئي ٻين ساهوارن ۾ به ڪجھ اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا جن کي ’سمجھ‘ سڏي سگھجي ٿو ۽ ان سمجھ جو مظاهرو ڪيترائي سيکاريل سرڪشي ڪتا، گھوڙا، شينهن، ٻڪر ۽ ڀولڙا مظاهرو ڪن ٿا يا وري جيئن هر ساهوارو پنهنجي اولاد کي پاليندي نڀائيندي ۽ پنهنجي ڪهول سان گڏ رهندي ظاهر ڪري ٿو. سُڪي جو پکي آکيرو ٺاهي ۽ پاڻيءَ جو پکي پاڻيءَ ڪناري لڪ اڏي، ڪوئو ٻر ۾ رهي، جھنگلي جانورن وڻن ٻوٽن ۾ ڇپر ڍڪي، ماکيءَ مک مانارو جوڙي ۽ تانيئڙو ڄار گھڙي پنهنجو جيو ۽ جيوت بچائي، پاڻ وڌائي ۽ ويجھائي ٿو. پر گھري نظر سان ڏسبو ته سيکاريل جانور بک ۽ مار ڏئي ڪرڻ تي مجبور ڪيا وڃن ٿا ۽ وري بقا جي جبلي اثرن هيٺ جدوجھد ڪندي نظر اچڇن ٿا، جڏهن ته جنهن وڙ کي سمجھ سڏجي ٿو اها گھڻي حد تائين نقل هجڻ باوجود گھڻو ڪجھ ٻيو به آهي ۽ اها سمجھ رڳو ماڻهوءَ وٽ ئي آهي.

۽ ماڻهوءَ اها سمجھ پنهنجي پورهئي سبب پرائي آهي. ڇا پورهيو رڳو ماڻهو ئي ڪري ٿو، ٻيو ڪو به ساهوارو پورهيو ڪو نه ٿو ڪري، ان سوال جو جواب ڳوليندي لڳ ڀڳ سڀ ماڻهو چئي سگھن ٿا ته پورهيو ته هر جيو ڪري ٿو، ايتري قدر جو ڪيترائي وڻ ٻوٽا ۽ گاهه به ڏٺو وائٺو پورهيو ڪندي نظر اچن ٿا. پچر پلانٽ (لوٽو وڻ) پنهنجي لوٽي جھڙي پن ۾ جيت جھٽي ٿو ۽ لڳ ڀڳ هر ساهوارو پاڻ کان ڪمزور ساهواري جو شڪار ڪري تڳي ٿو. ٻجن، ميون، گاهن، ٻوٽن ۽ وڻن کي ته هر ساهواروکائي ٿو پر ان سان گڏ هڪ قسم جي جيتن، جڻين پکين پکڻن، مڇين کي کيکڙن ۽ جانورن کي ٻي قسم جا جانور کائيندا رهن ٿا. ڇا اهو پورهيو ناهي؟ اهڙيءَ طرح پنهنجو اجھو اڏڻ جو ڪم به لڳ ڀڳ هر جانور ڪري ٿو، ڇا اهو پورهيو ناهي؟ جواب هي آهي ته اهي سمورا ڪم ماڻهو به ڪري ٿو پر ماڻهو جي ڪمن ۽ ٻين ساهوارن جي اهڙن ڪم ۾ گھڻائي فرق آهن. جانورن جي ان سموري ڪم ڪار ۾ سڀ اثر جبلي آهن. پورهيي جي تصور ۾ گهڻو ڪجھ  ٻيو شامل آهي. اڻگهڙيل  پٿر جي ڳنڍي کي گسائي ۽ گھڙي هڪ چهبندار شڪاري اوزار ۾ تبديل ڪرڻ جھڙي پورهيي کان وٺي، ڦيٿي، ڪارخاني، هزارين قسم جي پرزن ۽ ڪارخانن، کيتي ڀاڙيءَ ۽ پوکي راهيءَ ۾ ڪم ايندڙ اوزارن کان وٺي ڪروڙين قسمن جي شين جي تخليق تائين سڀ ڪم ۾ پورهيو شامل آهي. هن پورهيي ۾ هوري هوري وڌندڙ، لاڳيتو درست ٿيندڙ ۽ وڌيڪ ڳتيل بنجندڙ هڪ زبردست تخليقي قوت پڻ نظر ايندي ته هڪ قسم جي شيءِ کي ٻيو ڪارج ڏيڻ جو هنر به نظر ايندو، فن ۽ فنڪاري ڏيکاربي، نت نوان ڪارناما ٿيندي پسبا ۽ ڪروڙين ڪارائتيون شيون ٺهي پونديون، انهن جي مٽا سٽا ٿيندي، سندن ملهه ڪٿبا، آمدني ۽ روانگي ڪرائبي ۽ ڏيهان ڏيهه موجود ملي سگھنديون. ڪنهن ڪارج شيءِ کي ڪارج ڏيڻ، هڪ ڪارج شيءِ واري کي گھڻا ڪارج ڏيڻ، ٿورن ڪارجن مان وڌائي گھڻا ڪارج ڏيڻ ۽ هڪ نموني جي ڪارج کي ٻي نموني جو وڌيڪ ڪارائتو ڪارج ڏيڻ پورهيي جو ئي ڪارنامو آهي.

۽ ان پورهيي ماڻهوءَ کي ٻولي سيکاري آهي. ڇا ٻولي رڳو ماڻهو ئي آهي جيڪو ڳالهائي ڄاڻي ٿو ۽ ٻيو ڪو به ساهوارو نه ڪو نه ڳالهائي؟ هن سوال جي جواب ۾، اهو چوڻ بلڪل  ٺيڪ آهي ته ٻولي رڳو ماڻهو ئي ڳالهائي ٿو ۽ ٻيو ڪو به ساهوارو ڪو نه ٿو ڳالهائي. پر هتي اسان کي اها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته هر ساهوارو ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪجھ نه ڪجھ اظهار ڪري ٿو ۽ ڪيترائي جانور ته ڪجھ قسمن جا واڪا به ڪندا رهن ٿا جن جي جواب ۾ ساڳيءَ جنس جو جانور به ورنائي ٿو جن مان کين سڏ، دشمن جي اچڻ، خطري ۽ خطري کان ڀڄڻ يا ان جو مقابلو ڪرڻ، جنسي خواهش وڌڻ، بک لڳڻ ۽ کيڏڻ ڪڏڻ جي سڏ جو پتو پوي ٿو. ماڻهو به پنهنجي ابتدائي ڄمار ۾ اهڙن سادن ڪجھ واڪن جي دنيا تائين محدود هو ۽ ان وقت هو ماڻهو نه هو. محض هڪ جانور هو. ٻولي ته پورهيي کان پوءِ سمجھ جي واڌ سان گڏ وڌي آهي. نيون شيون، نوان تصور، نڪور نالا، نرالا ڪم، نوان ڪارج ۽ نيون تخليقون نئون ٻول، لفظ وڌائينديون ۽ بامقصد بنائينديون رهيون آهن. ٻولي ٻولن ( لفظن، واڪن) جو اهو مجموعو ۽ ترتيب آهي جنهن ۾ هڪ ماڻهو جيڪو ڪجھ چوڻ چاهي ٿو اهو چئي سگھي ۽ ٻڌندڙ ان جو مطلب ٺيڪ اهو ئي سمجھي جيڪو چوندڙ جي من ۾ آهي. ٻولي تخليقي پورهيي سان گڏ وڌندي ويجھندي رهي ٿي. پورهيو نوان تصور پڌرا ڪري ٿو، نوان تصور وڌيڪ سمجھ ٿا ٺاهين، وڌيڪ سمجھ نوان لفظ ٿي جوڙي، نوان لفظ نيون معنائون ٿا ظاهر ڪن ۽ ۽ معنائون وري نوان تصور جوڙي نئين سمجھن ٿا پيدا ڪن. اهڙيءَ طرح پورهيي، سمجھ ۽ ٻوليءَ جو هڪ دائرو ٺهي پوي ٿو جنهن ۾ هر عمل ٻي کي نواڻ بخشي ٿو.

پورهيو سمجھ ۽ ٻولي ئي اهي ٽي گڻ آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي باقي جانورن جي دنيا کي ٻاهر ڪڍڻ، فطرت جي قيد کان آزاد ڪرڻ، فطرت جي قوتن کان پنهنجي فائدي ۾ بدلائڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي هر قسم جي مصيبتن کان تحفظ ڏئي سکيو، ستابو ۽ سهنجو بنائڻ جا ڪارڻ بنيا آهن ۽ ماڻهوءَ کي ماڻهو هجڻ جي سمجھ ڏني اٿائون.

اهو ته سڀ ٺيڪ، پر فطرت جي قيد جو مطلب ڇا آهي؟

هر ساهوارو فطرت جي هڪ اڻ ڏٺي قيد ۾ بند آهي. مثال طور ڪا مڇي کاري پاڻيءَ جي قيدي آهي ته ڪا مٺي ۽ تازي پاڻيءَ کان ٻاهر جيئري رهي نه ٿي سگھي. شينهن جهنگلي ماحول جو قيدي آهي ۽ ان کي ٻاهر وارياسي، پاڻيءَ اندر يا لوڙهي جابلو علائقي ۾ رهي ئي نه ٿو سگھي. اهڙي طرح هر جنس جو وڻ، ٻوٽو، گاهه، جيت پکي، مڇي وغيره ڪنهن نه ڪنهن مخصوص فطرتي ماحول جو قيدي آهي. سڀني ساهوارن جيان ماڻهو به ڪنهن زماني ۾ مخصوص فطرتي ماحول جو قيدي هو، (۽ اڄ به آهي) پر هن پنهنجي بند کي پورهيي ۽ سمجھ سبب ڪافي سڻائو ڪري ڇڏيو آهي. خلائي لباس جي خول ۾ بند ئي سهي پر ماڻهو هاڻي پولار ۾ به رهي سگھي ٿو ته چنڊ تي به گھمي سگھي ٿو. ماڻهو هاڻي ڪوسي توڙي ٿڌي علائقي، جابلو مٿاهينءَ توڙي زميني هيٺائينءَ، ٻيلن توڙي وارياسن ۾ ايتري قدر جو پاڻيءَ اندر به جيئرو رهي سگھي ٿو. ماڻهو فطرت جي ڪيترن ئي قانونن کي ڄاڻي انهن موجب وکون وڌائي وڏا فائدا ماڻي چڪو آهي ۽ اڄ به فطرت کي پنهنجي فائدي ۾ پيو بدلائي. اهو پورهيي ۽ سمجھ جو لاڀ آهي ۽ ان کي ڪو به ٻيو ساهوارو ماڻي نه سگھيو آهي.

فطرت کي پنهنجي فائدي ۾ بدلائڻ جو عمل شروع ڪندي ئي ماڻهو جهڙو ساهوارو جانوراڻي ماحول کان ڇڄڻ ۽ ماڻهو ٿيڻ شروع ٿيو. توڙي جو ماڻهو هجڻ جو ادراڪ ڪالهه ڪالهوڻي مس ڪري سگھيو آهي پر ان راهه تي وڌندي کيس لڳ ڀڳ 30 لک ورهه لڳي ويا آهن. انهن 20 لک ورهين ۾ ئي هو اشرف المخلوقات، ڌڻي جو هٿ، خدا جو پاڇو، ڌرتي جو مالڪ، فطرت کي کوجيندڙ، موجد، محقق، پارکو ۽ پرجھو، ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، قدرت جو شاهڪار ۽ فنڪار ٿي سگھيو آهي. هو هزارين حسين تصورن جو تخليقڪار آهي. ماڻهپي جا ماڻ مقرر ڪري چڪو آهي ۽ انهن کي هٿ ڪرڻ گھري ٿو. اهو ماڻهپو ماڻڻ لاءِ هن وٽ سوين دين ڌرم، طور طريقا، ريتون رسمون، ازم ۽ علم، تاويلون ۽ تشريحون موجود ٿي چڪيون آهن. هو ڪوئلي کان ويندي ايٽم تائين ڪيترن ئي قسمن جي توانائي (شڪتي) قبضي ۾ آڻي چڪو آهي ۽ انهن جي سگھ جي زور تي ايترو ٿو اوچو اڏامي جو سج جو گولو هن لاءِ محظ سمنڊ ڪناري چلڪندڙ واريءَ جي ذري مثل آهي، هو ڌرتيءَ کي پنهنجي ڪمري ۾ سينگاري رکي ٿو ۽ ان کي ڦيرو ڏئي، مٿس آڱر رکي ڏورانهن ڏينهن بابت خبرون پيو ڪري، رڳو سج سرشتي کي ئي نه پر ڪائنات جي هڪ حصي کي ماڊل جي صورت ڏئي ٻارڙن کي راند ڪرائيندي فلڪي جسمن سان پيو کيڏي ۽ هو ذهني طور ته سيڪنڊ جي هزارين حصي ۾ پر جسماني طور به ورهن جا پنڌ ڪلاڪن ۾ طئي ڪريو وڃي. اهڙا هزارين هنري ڪارناما هن کي جانوراڻي سطح کان گھڻو اوچو کڻي آيا آهن پر پوءِ به ڪيترن ئي معاملن ۾ هو هڪ جانور آهي ۽ ڪجھ حالتن ۾ به ڪيترن ئي معاملن ۾ هو هڪ جانور آهي ۽ جانور مٿس فضيلت رکن ٿا:   

. ڪو به جاندار پنهنجي هم جنس لاءِ ايڏو خطرناڪ ناهي جيڏو ماڻهو ماڻهو لاءِ آهي.

2. خاص طور وڻن ٻوٽن جي ٻور (تور) ۽ ٻج ۾ چڱو چوکو عرصو جيئرو رهي سگھڻ ۽ نئون نسل وڌائي سگھڻ جي سگھ موجود آهي  جڏهن ته ماڻهوءَ جو ٻج ته ٿئي ٿي ڪو نه، البته پور (تور) ڪجھ خاص حالتن ۾ وڌ وڌ 72 ڪلاڪ جيئرو رهي سگھي ٿو.

3. لڳ ڀڳ سڀني ساهوارن جو اولاد ڄمندي ئي  ڄم هوندو آهي جڏهن ته ماڻهوءَ جو اولاد ئي آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ عرصو پنهنجي والدين جو محتاج رهي ٿو.

4. اوندهه م ڏسي سگھڻ جي ٻليءَ ۽ ٻين ڪجھه جانورن جي ڏات ماڻهوءَ ۾ ڪونهي.

5. ويجھو آيل جسمن کي آواز جي لهرن وسيلي پرکڻ جي چمڙي واري ڏات ماڻهوءَ ۾ ڪونهي.

6. مڇين ۽ ٻين ڪجھه جانورن واري پاڻيءَ اندر رهي سگھڻ جي ڏات ماڻهوءَ ۾ معمولي آهي.

7. پکين واري اڏامي سگھڻ جي ڏات ماڻهوءَ ۾ ڪونهي.

8. ڪتي ۽ ٻين ڪجھ جانورن جي پراهين پنڌ تي بوءِ محسوس ڪري سگھڻ واري ڏات ماڻهوءَ ۾ معمولي آهي.

9. ماڻهو آڪسيجن ۽ ٻين گئسن جي مخصوص رچائي (سنچوريشن) کان گھٽ يا وڌ واري ماحول ۾ رهي نه ٿو سگھي پر ڪيترائي ساهوارا آڪسيجن جي کوٽ ۽ اڻهوند ۾ به جيئڻ جي ڏات رکن ٿا.

10. ڪيترن ئي ساهوارن ۾ ڏات موجود آهي جو جيڪڏهن سندس ڪو عضوو يا اڌ وڍي ڇڏجي ته وري پيدا ڪري سگھن ٿا، ماڻهوءَ ۾ اها ڏات ٿورڙي آهي.

11. اوڳر ڪندڙ جانور واري هڪ ويلو کائي چڱو ڊگھو وقت ان تي گذاري سگھڻ جي ڏات،

12. ڪولين، ڪتن ۽ ٻين ڪجھ جانورن ۾ ايندڙ خطري (جيئن زلزلي) کي تاڙي سگھڻ جي ڏات، وغيره.

ڪجھ معاملا جن ۾ ماڻهو (عام حالتن ۾) ڪيترن ئي ٻين ساهوارن جھڙو آهي:

1. ماڻهو به هڪ جيئرو وجود آهي.

2. ماڻهو به پنهنجو جيءُ ۽ جيوت برقرار رکڻ لاءِ بقا جي جدوجھد ۾ مصروف رهي ٿو ۽ فطرت سان هم آهنگ هجڻ ۽ نسل وڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

3. ماڻهوءَ جا به گھڻا سرشتا پاڻمرادو پنهنجي مخصوص ڪرت ڪندا رهن ٿا.

5. خطري کي ڄاڻڻ، ان کان ڀڄڻ، بچڻ يا ان سان مقابلو ڪرڻ جو ڪم ماڻهو پورو ڪري ٿو (جنهن ساهواري ۾ مرڪزي تنتي سرشتو ڪونهي  ان ۾ اهو گڻ گھٽ ۽ جنهن ۾ جيترو وڌيڪ سڌريل آهي ان ۾ اهو گڻ ايترو وڌيڪ سٺو آهي، ماڻهوءَ ۾ سڀ کان سٺو ٿي چڪو آهي.)

6. ماڻهوءَ ۾ به جبلت ۽ ٻيو نسلي ورثو وڏڙن کان منتقل ٿئي ٿو. ڪجھ معاملا جن ۾ ماڻهو (عام حالتن ۾) ڪيترن ئي ٻين ساهوارن کان وڌيڪ آهي:

1. اڪيلو ساهوارو آهي جيڪو پنهنجي ٻن پيرن تي اڀو ٿي هلي ٿو ۽ پنهنجا هٿ آزاديءَ سان ڪم آڻي پنهنجي آڱرين کان نفيس ڪم وٺي سگھي ٿو.

2. اڪيلو ساهوارو آهي جنهن جي دماغ جو وزن (سندس جسم جي وزن جي ڀيٽ ۾) ٻي هر جاندار کان وڌيڪ آهي.

3 . اڪيلو جاندار آهي جنهن جو نرڙ، نڪ ۽ کاڏي سندس جي نسبت سان اوڀ ۾ آهن.

4. پورهيو، تخليق، هڪ مان ٻي ۽ ٻيءَ مان ٽين شيءِ جي جوڙ جڪ ڪري ٿو.

5. سوچي ۽ سمجھي ٿو، ڄاڻي ٿو، ٻوجھي ٿو، پرکي ٿو، پروڙي ٿو، پرجھي ٿو، ساڃاهي ٿو وغيره.

6. ڳالهائي ٿو، نت نوان لفظ، چوڻيون ۽ پهاڪا ٺاهي ٿو.

7. فطرت کي، فطرت جي قانونن کي انهن موجب عمل ڪري فائدا ماڻڻ جي قائدن کي ڄاڻي ٿو.

8. راڄ (سماج) قائم ڪري، ٿو ان کي سمجھي ٿو، ان جا قائدا ۽ قانون ٺاهي ٿو ۽ انهن موجب راڄ کي سٺي کان سٺو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

9. پنهنجي حيثيت کي، پنهنجي وجود کي، ٻين سڀني وجودن کي سمجھڻ ۽ سڌارڻ جا اپاءُ وٺي ٿو، مول، متا، اصول ۽ آدرش مقرر ڪري انهن کي ماڻن جا جتن ڪري ٿو.

10. ايجادون ڪري ٿو، فطرت جي ڪجھ حصي کي قبضي ۽ واهپي ۾ آڻي ٿو، هن ڄاڻي، فن خلقي، سنڀالي، ڳائي، لکي ۽ پڙهي ٿو وغيره.

11. ماضي ۽ آئيندي بابت ڪجھ نه ڪجھ  ڄاڻ رکي ٿو.

12. اخلاقي قدر، ظابطا، ريتون رسمون وهم وسوسا وغيره ٺاهي ۽ رکي ٿو.

13. رٿائون جوڙي ٿو ۽ انهن کي ماڻهن لاءِ حڪمت عمليون  ٺاهي ٿو.

14. دماغ ۾ ڳالهائڻ جو مرڪز جو ماڻهوءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به جاندار ۾ ڪونهي. ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ.

ڪجھ معاملا اهڙا به آهن، جيئن ٺينگ ٽپا، لاڏ  ڪوڏ، کيچل، ڀڄ ڊڪ، سريلا واڪا، لات ڳائڻ، هلڪا ڦلڪا ڌڪا ٿيلها، راند روند، ناٽ نخرو، رسڻ پرچڻ، جوان ٿي پاڻ ڀري حياتي گذارڻ، ڄمڻ  ٻالپڻ، جواني، پوڙهائپ، ۽ مرڻ، جياپي لاءِ جدوجھد، کاڌو پيتو هٿ ڪرڻ، جنسي خواهشون پوريون ڪرڻ ۽ نسل وڌائڻ، گھرج آهر اولاد جي پر گھور لهڻ، بيماريءَ جو مقابلو ڪرڻ، جوش، ولولي، ڪاوڙ، پرچاءَ ۽ سهپ جو اظهار ڪرڻ، شڪار تي جلهه، هيڻي تي رعب، ڏاڍي کان ڀاڄ ۾ ڀڄڻ جي راهه نه ڏسي ڏاڍي سان به مقابلو ڪرڻ جيڪي لڳ ڀڳ سڀني جانورن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ۽ گھٽ يا وڌ صورت ۾ ملن ٿا.

ماڻهو جنهن صورت شڪل، بيهڪ، جوڙجڪ، ڄاڻ، سمجھ، سوچ،  ساڃاهه، هنر، فن، پرک ۽ پروڙ کي اڄ اچي رسيو آهي، ان کي پهچڻ لاءِ هن کي ڪاٿي موجب 20 لک ورهيه کن لڳي ويا آهن. مٺ جھڙي پٿر ۽ ٻانهن جھڙي لٺ کڻي ڪم آڻڻ واري عمل هن جي سگھ کي ٻيڻو چوڻو وڌائي ڇڏيو. اهو ئي عمل هو جنهن هن جي حياتيءَ ۾ اهو خال پيدا ڪيو جنهن کيس جانوراڻي ماحول مان ڇنڻ، ماڻهو بنائڻ ۽ فطرت کي پنهنجي فائدي ۾ ڪم آڻڻ ۽ سمجھ جي پهرين تصور ڊگھي عرصي کان پوءِ هڪ ٻول جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. ماڻهو جھڙي جانور کي پنهنجيءَ ان پهرين ايجاد جي سڌ، سمجھ ۽ ساڃاهه ئي نه هئي. هن کي اها ڄاڻ به ڪا نه هئي ته سندس اها ايجاد کيس جانور مان ڦيرائي، تبديل ڪري ماڻهو بنائڻ واري هئي ۽ آئينده جي سمورين ڏاهپن، ٻولين، ايجادن، تحقيقن وغيره جو بنياد وجھندڙ ثابت ٿيندي ۽ کيس قدرت جي سڀ کان مٿير حيثيت ڏياريندي يعني اشرف المخلوقات ۽ فطرت جو ڌڻي ٺاهيندي.

ماڻهو ٿيندڙ ساهواري گھرج وقت ڪم آڻڻ جھڙو ڪارائتو پٿر ڳوليندي، پٿر کي مٺ ۾ ڀڪوڙيندي ڌڪ هڻندي ۽ لٺ اڇليندي ڄاڻي ورتو ته اهي شيون ڀڄن ۽ ڀرن ٿيون. اها ڳالهه ڄاڻڻ ۽ عمل ۾ آڻڻ لاءِ کيس ڪيترائي لک سال لڳي ويا ته پٿر ۽ لٺ کي ٽوڙي ۽ گسائي چهنبيارو ۽ وڌيڪ ڪارائتو بنائي سگھجي ٿو. پٿرن ۽ لٺين کي ڀڃندي ۽ گسائيندي هن هڪ ٻي ايجاد هٿ ڪري ورتي ۽ اها هئي باهه.

باهه جي اصليت کي سمجھندي، قبضي ۾ آڻيندي ۽ واپرائڻ لائق بنائيندي وري به ماڻهو ٿيندڙ ساهواري کي لکين سال لڳي ويا. باهه ايجاد ڪرڻ وقت به کيس خبر ڪانه هئي ته باهه ڪهڙا ڪارناما ڪرڻ واري هئي ۽ سندس حياتيءَ ۾ ڪيڏا نه وڏا خيال پيدا ڪندي.

شڪار ڪيل وڏا جانور گھليندي ماڻهو ٿيندڙ ساهواري کي احساس ٿيو ته گولائي پٿرن مٿان رڙهڻ کان پوءِ وڏو وڏو جانورو ۽ ڳرو ڳرو بار به هلڪو ٿي پئي پيو. اها ڳالهه سمجھندي به کيس لکين سال لڳي ويا پر بهرحال هن اڃا به نئين ايجاد ڪري ورتي ۽ ان ايجاد جو نالو پيو ڦيٿو.

هاڻي، ماڻهوءَ جانورن جون کلون اوڍي ۽ باهه ٻاري پاڻ کي سيءِ کان بچائڻ جو هنر سکي ورتو هو،  غارن، وڏن پٿرن، ڇپن ۽ ٿڙن جي اوٽ ۾ گھر ٺاهي رهڻ لڳو هو. شڪار کي پچائڻ (ڀُڃڻ) سکي ورتو هئائين. وٽس نيزا، ڀالا، چاڪو، تير ڪمان جھڙا اوزار موجود ٿي چڪا هئا .... ۽ هاڻي وري ڦيٿو، اهو زبري ايجاد ثابت ٿيڻ وارو هو جيڪو ماڻهو ٿيندڙ ساهواري کي ماڻهو بنائڻ ۾ رهجي ويل ڪسر پوري ڪرڻ واري هيو.

اوزار، باهه ۽ ڦيٿو ۽ پورهيو، سمجھ ۽ ٻولي اڄوڪي ماڻهوءَ جي هر ڪارنامي جي پيڙهه آهن.

40 هزار سال گھٽ 30 لک ورهين جو عرصو ماڻهو لڳ ڀڳ اهو، مٿي ڄاڻايل ڪم (ڪجھ ڦير ڦار سان، ڪجھ قدر وڌيڪ بهتر ڪري، ڪنهن حد تائين وڌيڪ ڪارائتو، ڪارج ڀريو بنائي) ڪندو رهيو.

انهيءَ زماني ۾ ماڻهوءَ جا ٻه اهم ساٿي ٺيا گھوڙو ۽ ڪتو. جانورن جي گھريلو پال پوس شروع ٿي. پٿر جا اوزار وڌيڪ سهنجا، ڪارائتا ۽ سڌريل ٺهڻ لڳا، ڪجھ هڏن ۽ ڪاٺ جا اوزار به ٺهيا پر سمورا اوزار ڪجھ کهرا، ڪجھ وڏيرڙا ۽ ڪجھ قدر سادڙا هئا. گھريلو حياتيءَ جو بنياد پيو، جھوپڙيون ٺهڻ لڳيون، ويڙها آباد ٿيا، ڪچا ڳوٺ ٻڌجڻ لڳا، ماءُ سڄي ويڙهي جي ماءُ هئي جيڪا سڀ جي گھرج جو خيال رکي ونڊي ورهائي ڏيندي هئي ۽ ان ڪري ماتا ديوي سڏجڻ لڳي ۽ سڄو قبيلو پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ به هو ته زال مڙس به، ٻار سڀني جا ٻار هئا. ماڻهو نديءَ ڍنڍ ۽ سمنڊ ڪناري آباد ٿيڻ لڳو.

رڳو 25 کان 10 هزار ورهيه کن اڳ نئون پٿر جو زمانو شروع ٿي چڪو. هن دور ماڻهوءَ پنهنجن اوزارن کي نفيس، لسو، وڌيڪ ڪارائتو ۽ گھڻ ڪارجو ٺاهيو. پر سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه پوک جي ايجاد آهي. ۽ پوک ئي اها ايجاد آهي جنهن ماڻهوءَ کي هڪ هنڌ رهڻ جي هير وڌي، ڳوٺ ٻڌايا، تهذيب ۽ تمدنن کي جنم ڏياريو وغيره. مطلب ته فطرتي موجودات کان فائدو وٺڻ جو ڪم چڱي چوکي وسيع پيماني تي موجود ٿي پيو. سٺي ڄاڻ (سڄاڻ) سائنس جو بنياد پوڻ لڳو ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ.

هن ئي زماني جي پوياڙيءَ ۾ ڌاتو کي رجائڻ، ٻن ٽن ڌاتن کي رجائي نئون ڌاتو ٺاهڻ، نون ڌاتن مان نڪور ٿانو، هٿيار، اوزار ۽ پرزا جوڙڻ ۽ انهن مان اڳوڻي کان گھڻو بهتر ڪم وٺڻ، کورا، بٺا، پاڻيءَ چڪيون ۽ سڙه ٻيڙيون ٺهڻ، وڌيڪ اناج اپائڻ لاءِ اونها هر ڏيڻ، جانور پالڻ ۽ انهن کان زراعتي ڪم وٺڻ، وغيره شروع ٿي ويو. گھريلو ڪمن عورتن جي حوالي ٿيڻ ۽ ڳرن ، ٻاهرين ۽ زرعي ڪمن جو مرد جي بلي ٿيڻ اسان جي نئين ٺهيل سماج ۾ اها تبديلي آندي جنهن ۾ مرد برتر ۽ حاڪم ٿي ويو ۽ ماتا ديويءَ جي جاءِ نر دير تائين والاري ڇڏي. اڄوڪن هڪ ٻن کان سواءِ سڀني ڌرمن جا خالق نالو ۽ معنيٰ ڪهڙي به رکندا هجن پر تصور ۾ نر آهن.

هٿرادو شڪتيءَ جي زور تي هلندڙ مشينري ڪي پنج ست سو سال اڳ مس مس وجود ۾ آئي آهي. اڄوڪيون سموريون اهم ايجادون ڏيڍ سو سالن کان وڌيڪ ڄمار ڪو نه ٿيون رکن. مشينري ۽ هٿرادو شڪتيءَ ماڻهوءَ جي حياتيءَ ۾ وڄون ڀري ڇڏيون آهن. چنبي ۾ آيل مٽيءَ لپ هاڻي ڪرين ۽ ڪيڻ جي صورت وٺي هڪ سٽ ۾ سوين مڻ مٽي هڪ هنڌان ٻي هنڌ پهچائڻ جبلن کي ڊائنا ميٽ بارود بري مٺ سان ٽوڙي رستا ٺاهڻ، سامونڊي پاڻي اندر ٽريفڪ لائق سرنگون وڇائڻ، هوائي جھاز اڏائڻ، پولارن ۾ پهچڻ ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ اکين آڏو آهي. اڄ ماڻهوءَ آڏو تحقيق جو ڪروڙين دريون کليون پيون آهن.

ايک قصر، در لک ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ سامهون. (شاه)
 

گذريل سموري عرصي ۾ ماڻهوءَ نه رڳو پنهنجون موجود کوٽون پوريون ڪيون آهن پر نيون نيون کوٽون ڳولي انهن کي به دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مثال طور جن گڻن ۾ ماڻهو ڪجھ ٻين ساهوارن کان گھٽ هو جيئن مڇيءَ جو پاڻيءَ ۾ رهڻ، پکيءَ جو هوا ۾ اڏامڻ، ڪجھ جانورن ۾ وڌيل سنگھڻ، ٻڌڻ، ڏسڻ، تاڙڻ، جي سگھ ۽ ٻيا گڻ، اهي ماڻهوءَ هزارين ڀيرا وڌيڪ بهتر نموني مختلف مشينن، وسيلن ۽ سهارن سان پورا ڪري ورتا آهن. ٽي وي، ٽيليفون، هوائي جھاز، پاڻيءَ جھاز، آبدوز، بس، ڪار، سائيڪل، ڪپڙو، بوٽ، ۽ ٻيا ان سلسلي جا ڪجھ مثال آهن. ماڻهو کوٽن کي پاٽي رهيو آهي ۽ نيون کوجون ڪري پيو. هر ايندڙ ڏينهن کيس ذرو وڌ فطرت جو مالڪ ٺاهيندو پيو وڃي.

ماڻهوءَ فطري عملن جي چونڊ ڪري انهن ۾ ڦيرو  ۽/ يا تيزي آڻي ڇڏي آهي، اڳي نيون جنسون فطرتي ماحول جي ڦيرڦار، بقا لاءِ جدوجھد ۽ قدرتي چونڊ سبب ٺهنديون هيون. انهن اصولن کي ڄاڻي  ماڻهوءَ گھوڙن ڍڳن، ڍڳين، مينهن، ڪڪڙن ۽ ڪڪڙين، رڍن، ٻڪرين، ڪتن ۽ ٻين ساهوارن جون اهڙيون نت نيون جنسون ٺاهي ورتيون آهن جو فطرت کي ساهه هجي ته خود اها به وائڙي ٿي وڃي. ٻين تي تحقيق ڪندي ماڻهو ان حيثيت  ۾ آيو آهي جو صحتمند ۽ ذهين نر يا مادي پنهنجي مرضيءَ موجب ڄڻائڻ جا جتن ڪري سگھي ٿو. هوڏانهن پولار جي ڇاڇول ۾ اتي وڃي پهتو آهي  جو ڌرتيءَ تان ڪنٽرول ڪندي خلائي مشين کي سج سرشتي کان ڪڍي ويو آهي، لکين روشني سالن جي پنڌ تائين ابتدائي پرک ڪري ۽ اتان ايندڙ سنگل (اشارا) جھٽي سگھي ٿو.

ساجن تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان!

جيئن اڳ ئي ڄاڻائي آيا آهيون ته ڪو به جاندار پنهنجي هم جنس لاءِ ايڏو خطرناڪ يا فائديمند ناهي جيڏو ماڻهو ماڻهوءَ لاءِ آهي ۽ اهو به ته ڪيتريون ئي جبلي صفتون گڻ يا اوگڻ ٻين سڀني ساهوارن جيان ماڻهو ۾ به وڏڙن کان تبديل ٿين ٿيون، ته اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکندي اسين سولائيءَ سان ڄاڻي ۽ ڪٿي سگھون ٿا ته ماڻهو ۾ ڪجھ جبلي ۽ ڪجھ پوءِ ڄاتل يا تخليق ڪيل اهڙا هزارين گڻ اوگڻ آهن جن کي اسين سولائيءَ سان ٻن حصن م ورهائي سگھون ٿا،  يعني نيڪ يا برا لڇڻ.

جيتوڻيڪ ”نيڪ“ ۽ ”بري“ جي تشريح مختلف ماڻهو ڌار ڌار بيان ڪن ٿا پر مجموعي نتيجو هي بيهي ٿو ته نيڪ هر اهو عمل آهي جنهن سان ماڻهوءَ کي، قوم کي،  وطن کي، ماڻهوءَ ذات کي، ڌرتيءَ کي، فطرت کي فائدو، واڌ، سگھ ۽ سونهن ملي ۽ ان جي ابتڙ آهي برو، يعني اهو عمل جنهن سان فطرت کي، ڌرتيءَ کي، ماڻهوءَ ذات کي، وطن کي، قوم کي ۽ پاڻ ماڻهو کي جوکو، کوٽ هيڻائي ۽ ڪوجھائپ ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org