سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ماڻهو ۽ ماڻهپو

باب :1

صفحو :9

ايراني پوٺي کان اپکنڊ ڏانهن انهن ماڻهن جي 1100 ـــــ 2500 ق. م تائين لڏپلاڻ، رگويدي آرين  جي 800 ـــــ 1000 ق م تائين لڏپلاڻ ۽ وري ٻارهين ۽ تيرهين  صدين ۾ منگول لڏ پلاڻ  جيڪا سڄي تيرهين صدي دوران جاري رهي، وڏو امڪان آهي ته مرڪزي ايشيا ۾ آبهوا جي خشڪ ٿي پوڻ واري دور سان لاڳاپيل هجي. (هن علائقي ۾ گذريل 10 هزار ورهين دوران جيڪا آبهوا رهي ان جو اڀياس اڃا ٻالجتي ۾ آهي ۽ ان جي بنياد تي نتيجو نه ڪڍي سگھجي) ڏکڻ يو ــــ ايس ـــــ اي (اميريڪا) ۾ اڄ کان ساڍا 9 هزار آڳاٽي تاريخ رکندڙ وڻن جي اڀياس خشڪ دورن جي نشاندهي ڪئي آهي پر اها ڳالهه سڄي ڌرتي بابت پڪ سان نه ٿي چئي سگھجي.

سنڌ وٽ پنهنجو پڪو پختو وچپهڻي دور آهي پر ان تي ٻين، پوئين جھوپهڻي ۽ نوپهڻي دورن پردو وجھي رکيو. حقيقي دور بابت پڪو نتيجو رڳو سنڌ نه پر راجستان، لسٻيلي، قلات، سبي ۽ ڪڇي ضلعن ۽ پڻ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تي ٻڌل وسيع ايراضيءَ ۾ قديم آثارن جي ووڙ ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪڍي سگھجي ٿو.

وچ اوڀر ۾ پنهنجي بڻ کان نوپهڻي راهپ جو پکڙجڻ

 (1000 ــــ 2300 ق م)

نوپهڻي انقلاب بابت ڀروسو  ڪيو وڃي ٿو ته قبل مسيح ۾ اٺين هزارين ورهه جي وچ ڌاري شروع ٿيو جيئن جرمو جيريڪو ۽ ڪتال هيومڪ (KOTAL HAYUK) ۾ ڪيل کوناين وسيلي ظاهر ٿئي ٿو. قبل مسيح جي ڇهين هزارين ورهه جي پڄاڻي مهل (5100 ق. م) اهو انقلاب ايران ڏانهن وڌيو، وچ اوڀر، ايران، بلوچستان ۽ سنڌ جي وچ ۾ نوپهڻي انقلاب جي اها شروعات هڪ ٻئي سان ٺهڪندڙ نه هئي پر ڍاڍر ويجھو مهر ڳڙهه ۾ تازين کوٽاين هن ايراضيءَ جي نوپهڻي ڄمار کي 8 هزار ورهه ق م تي آڻي بيهاريو آهي. مهر ڳڙهه بابت تفصيلي رپوٽ پڌري ٿيڻ جو اڃا انتظار آهي.

سڀ کان اوائلي ڄاتل پاٽ (ٺڪر ـــــ ٿانو) ڪنال هيوڪ (انطوليا) لڳ ڀڳ 2800 ق م، ۽ ايران ۾ تاپ  گران ( Tape Guran) 6500 ق م ڌاري پڌرا ٿين ٿا.  اناجن مان ڪڻڪ جرمو (عراق) ۾ 6000 ق م ڌاري ظاهر ٿئي ٿي جيڪا ڪڻڪ جي جھنگلي وڻڪ  ڊوڪوڊيس (Dissocudes) جي ويجھو يا ان سان ملندڙ جلندڙ آهي. ڇڪڙي (Hexaploid) ڪڻڪ 3000 ق م کان پوءِ سنڌو ماٿر ۾ اپائي ويندي هئي ۽ ان کان هڪ هزار ورهه پوءِ چين پهتي. مهر ڳڙهه ۾ ڪڻڪ 6000 ق م ڌاري اپائي ويندي هئي. سڀ کان اوائلي جو (هسپو نٽانيم Hispontanium وڻڪ) جي ڄاڻ ڪتال هيوڪ ۽ جرمو ۾ 6000 ق م ڌاري ملي ٿو.

ڍڳي وسيلي ڪاهيو ويندڙ هر وچ اوڀر جي ڪجھ حصن ۾ 300 ق م ڌاري هلايو ويندو هو پر يورپ ۾ اهو 1500 ورهه پوءِ ظاهر ٿيو. سنڌ ۾ ان جا اوائلي آثار  3000 ق م ملن ٿا. جمدت نصر (عراق) ۾ 3000 ق م ڌاري ٻاجھري ظاهر ٿي سانئون چيڻو (Sorghum) جيڪو گھٽ مينهوڳي واري علائقي ۾ ٿيندو آهي تاپير  Tropical ڪوسي ڪمربند واري) افريڪا (صحرا جي ڏکڻ) کان عرب ۽ عرب کان اپکنڊ ۾ ۽ پڻ ڀونوچ  Mediteranian سمنڊ جي ڏينهن ۾ پهتو.

چانور ڏکڻ ۽ اوڀر انڊيا ۾ اپايو ويندو هو، جتي وڏو امڪان آهي ته اهو 2000 ق م ڌاري چين کان پهتو. مٽر field pea)) ڪتال هيوڪ ۾ 6500 ق م ڌاري ۽ جرمو (عراق) ۾ ميرند (مصر) ۾ 4500 ق م ڌاري اپايو ويندو هو.

ڪُتا، بنيادي طرح ڳوٺاڻا رلو، ڀروسو ڪيو ٿو وڃي ته ٻين سڀني کان اڳ ۾ هيرايل (domesticated گھريلو ڪيل) جانور آهن توڻي جو ان بابت پڪي ڀڙاڄاڻي (آرڪيالاجيڪل، قديم آثارن واري )  ثابتي موجود ناهي. انهن جي هيرائجڻ بابت پهرين سڀ کان آڳاٽي شاهدي 8400 ق م ڌاري ملي ٿي. رڍ پالجڻ جي شاهدي زاوي حڪيمي شنيدر(عراق) ۾ 8300 ق.م ۾ ملي ٿي. گڏهه پهريائين مصر ۾ گھريلو ڪيو ويو. گورخر خچر (گڏهه جو مائٽ، جھنگلي گڏهه) ڦيٿي واري گاڏي ۾ 3000 ـــــ ق م ڌاري سينگاريو ويو. اتر اولهائين ايشيا ۾ گھوڙو هيرايو ويو ۽ اتان اهو 2000 ــــ 1500 ق م ڌاري يورپ ويو. ٻڪري 6000 ق م ڌاري جيريڪو، جرمو ۽ علي ڪوش ۾ ڌارجڻ لڳي.

هيرايل سوئرن (Rigs) جي موجوديءَ جا نشان 6800 ق م ڌاري جرمو ۽ جيرڪو ۾ هلن ٿا. ڍڳو 6000 ق م ڌاري ڪريٽ (Crets) ۽ يونان ۾ ۽ 5500 ق م ڌاري خزستان (ايران) ۾ هيرايو ويو. اٺ اهو آخري جانور آهي جيڪو 1200 ق م ڌاري عرب ۾ واپرايو ويو.

ڏنل نقشو يورپ ۽ باقي ايشيا ۾ نوپهڻي راهپ جي پکڙجڻ جو عمومي خاڪو ٻڌائي ٿو. يورپ لاءِ، راهپ جي اها پکيڙ ٻن ڏاڪن ۾ ڏيکاريل آهي، پهريون 5 ــــ 4 هزار ق م ۽ ٻيو 4 هزار 25 سَو ق م، توڻي جو اها وٿيءَ وٿيءَ سان  7 ــــ 6 هزار ق م ڌاري پکڙجي رهي جڏهن اها اوڀرائين يونان ۾ اڪسگا (Akgissa) تائين، اولهائين تڙڪي ۾ هسيلار (Hacilar) ويجھو ۽ پڻ ڪريٽ ۾ وڃي پهتي وري 6 ـــــــ 5 هزار ق م ڏاکڻي رومانيا ۽ اترادي بلغاريه جي ڪارپاٿين  ۽ بالڪن جبلن  جي وچ ۾ ڊينيوب ندي جي ماٿرين ۾ (ان جي ڪيٽين ۾) بلغاريه جي نديائي ماٿري ڪارتسا ۾ ڪرانوو  تائين ۽ يوگو سلاويا ۾ مراوا ۽ واردار  جي نديائي ماٿرين  تائين وڃي پهتي. اها راهپ اٽلي جي اولهائين  سامونڊي ڪناري سلسلي جي اولهائين اڌ، ڪورسيڪا، سارڊينيا، فرانس جي ڏاکني سامونڊي ڪناري ۽ هاڻوڪي الميريا (اسپين جي سامونڊي ڪناري) تائين  پڻ وڃي پهتي. ان موراڪو۽ الجيريا جو اترادي سامونڊي پٽو ۽ پورچوگال جو اولهائون سامونڊي ڪنارو شامل آهن.

اها راهپ 5000 ــ 4000 ق م ڌاري سڄي يورپ تائين پکڙجي چڪي.

نوپهڻي ماڻهوءَ کي پوکراهپ لاءِ ٻيلا صاف ڪرڻا پيا. هن اهو ڪم خاص  طرح 3000 ق م کان پوءِ باهه ڏيڻ ۽ پٿريلي ڪهاڙي سان وڍ ڪرڻ وسيلي سر انجام ڏنو. سنڌ ۾ ڪهاڙا ٺاهڻ لاءِ روهڙي، چنچا بلوچ، نواب پنجابي ۽ ميل 101 جو آڱار پٿر ڪم آندو ويندو هو. اهي، ماڻهو کاڻ مان آڱار ڪڍڻ لاءِ سڱَ ڪم آڻيندا هئا. شروعات ۾ مڇي مارڻ لاءِ ڊونڊي طور وڻن جا پورا اندران کاڌل  ٿڙ ڪم آڻبا هئا. ميسوپوٽاميا  (عراق) ۽ ميلوها (سنڌ) جي وچ ۾ لاڳاپا تڏهن ممڪن ٿيا جڏهن ٻيڙي ٺاهي وئي.

ڦيٿي واريون گاڏيون وچ اوڀر ۾ 3000 ق م ڌاري موجود هيون. اهي سنڌ ۾ 2500 ق م ڌاري متعارف ڪرايون ويون.

سڻي ڪتڻ ۽ آڻڻ جو ڪم وچ اوڀر ۾ 4500 ق م ڌاري شروع ٿيو پر سنڌ ۾ ڪپهه  ڪم آندي ويندي هئي. مهر ڳڙهه  ۾ ڪپهه  جي ٻج (وونڻ) جي موجودي ان کان گھڻي آڳاٽي، 6000 ق م  ڏيکارجي ٿي. (پهريون) ڪم ايندڙ آڏاڻو  (Loom) سنئين قسم جو هو. ڪڻڪ جي تيلي مان ٽوڪريون/ پنڊيون/ دٻڪيون ٺاهڻ جو ڪم 6500 ق م ڌاري ڪتال هيوڪ ۾ ٿيو. اتان اهو ترت ئي يورپ ۽ باقي ايشيا ۾ پکڙيو. شڪاري قبيلا چم جا ٿيلها ۽ ٽوڪرا ڪم آڻيندا هئا. چم مان مختلف قسم جي ڇکين ٺاهڻ جو ڪم ۽ انهن جو واهپو سنڌ ۾ پنجاهه ورهه اڳ تائين جيئرو هو. پاٽ (Pots) عام ٿيڻ کان اڳ مختلف (جانورن جا) ڪوڏ/ کوپا/سپون ۽ پٿر جا ڪولا شيون رکڻ لاءِ پڻ ڪم ايندا هئا. ڪتال هيوڪ ۾ سڀ کان اوائلي ڄاتل پاٽن جو سن 8600 ق م ۽ مهر ڳڙهه وان ٿانون جو سن 5000 ق م آهي. نوپهڻي ٿانون کي لڳ ڀڳ گول ترو آهي ۽ چمڙي، ڪاٺ ۽ پٿر وارن پنهنجن آڳيل ٽوڪرن سان ملن جلن ٿا. نوپهڻي ماڻهن پنهنجا دائمي گھر جوڙيا جيڪي ڪن شهرن ۽ ڳوٺن جي صورت ۾ ڪوٽيل (ڪوٽ ڏنل) هئا.

اصطلاح ”نوپهڻي“ راهپ/ثقافت جي خاص سطح سان لاڳو ٿئي ٿو، نه ڪي وقت جي ڪنهن ٺوس دور سان. ان ڪري هي سن مختلف ايراضين لاءِ مختلف ٿيندو/ بدلبو رهي ٿو. وچ اوڀر لاءِ اهو 7500 ــــ 3000 ق م هو ۽ برطانيا لاءِ 3000 ــــ 1800 ق م، سنڌ لاءِ هو لڳ ڀڳ 4000 ق م هو پر مهر ڳڙهه (ڍاڍر ويجھو لڪ وٽ، 500 ــــ ايراضي ) ۾ لڌيون ان کي آڳاٽو وٺي ويو آهن ۽ کيس وچ اوڀر جي جيريڪو ۽ ڪتال هيوڪ جو لڳ ڀڳ همعصر بيهارن ٿيون. مهر ڳڙهه تي تفصيلي رپورٽ جو اڃا انتظار آهي.

مهر ڳڙهه بابت جيرگ ليچوالئير (Jarringe Lechevallier) پاران ڏنل امڪاني پلڄاڻ (chronology،سن وار ڄاڻ) هن طرح آهي:

پهريون دور: ڇهين ۽ پنجين هزار ق م وارن ورهن جي وچ ۾

نوپهڻي وسنديون مقامي رهاڪو ان مهل تائين ٺڪر، ٿانو استعمال نه ڪندا هئا پر مستطيل گھڻن ڪمرن وارن گھرن ۾ رهندا هئا. وکر ۽ اوزار پٿر ۽ هڏي مان ٺاهيا ويندا هئا.

همعصر راهپ: ڪلي گل محمد

پاٽن جا تمام ٿورا ٺيڪراٽا لڌا آهن ۽ امڪان آهي ته پنجين هزار ق م کان گھٽ ڪجھ پوءِ جا آهن.

 

ٻيو دور (الف)

پنجين هزارين ق م جي پڄاڻي

همعصر راهپ: ڪلي گل محمد ـــــ 2 ۽ منديگڪ ــــ 1 (1ـــ 3( چوٿين هزار ق م ابتدا چڪ تي لٿل ٿانو، جا ميٽريڪل گلڪاري ۽ ڪک ڪانن/ ڪڄهر جي باهه تي پچايل هٿ ٺهيا انهن جا پاسا.

ٽيون دور

4000 ــ 2500  ق م، چڪو تي لٿل ٿانو .......  پکين  (Caprid birds)  ۽ جاميٽريڪل گلڪاري سان چٽسالي ڪيل.

همعصر راهپ: ڪلي گل محمد ـــــ 2 ۽ منديگڪ ــــ  1ـــ  3 ۽ ٽاگاه ــ الف (TOGUA _ A)

چوٿون دور

چوٿين هزارين ورهنن جو وچ، چڪ تي لٿل ٺڪر ــــ ٿانو، يڪرنگا ۽ گھڻ رنگا جاميٽريڪل نمونا ۽ سينگار، تيراڪوٽا (Terracotta) زنانا عضوا، 55 ق م جو هڪ پراڻو سر در/امريو (Lihtee) بلڪل سٺي حالت ۾ مليو آهي.

 همعصر راهپ: دمب سادات ــــ 1، ٽاگاه ـــ ب ۽ ت، ۽ آمري ـــ الف ــ 1

پنجون دور

چوٿين هزار ق م جو ٽيون چوٿاڙ (2500 ــــ 3250). اڇي رنگ جي چٽن وارا ٿانو، يڪرنگي جاميٽريڪل گلڪاري، انساني شڪليون ، هن دور جي پڄاڻي مهل پهريان خاڪي ٿانو ظاهر ٿيا.

همعصر راهپ: ٽاگاءِ ۽ منديگڪ ـــ 2

ڇهون دور  

چوٿين هزار ق م جي پڄاڻي ۽ ٽين هزار ق م جي ابتدا، خاڪيءَ تي ڪاري رنگ وارا ٿانوَ، ڪوئٽا ٿانوَ، نال گھڻ رنگي ۽ پپل، انساني شڪليون ۽ لئپس لئزولي (Lapis Lazuli، چٽي آسماني رنگ وارو ڪجھ قيمتي پٿر) رنگ چٽيل ڳاڙها ٿانوَ.

ستون دور

ٽين هزار ق م جو وچ (2500 ق م). خاڪي رنگ تي ڪاري رنگ وارا ٿانو، ديرائتو ڪوئٽا نمونو، وڏي پيماني تي انساني تصويرن جا نقش، يادگاري ٿلها، زالب (Zalib) تصويرون ، ڪوٽڏيجي ٺيڪراٽا ڪنجھي جون ٽڪون ٻٽي وڪڙيل مٿي واريون ــــــ شايد وچ ايشيا کان گھرايل ۽ نقل ڪيل، ايران کان گھرايل ٽرقوئر (Torquoise، ساواڻ مائل نيرو قيمتي پٿر) مڻيا ۽ مالهائون، افغانستان لئپس لئنرولي وکر ۽ مڻيا/ مالهائون.

همعصر راهپ: دمب سادات ـــ 2 يڪرنگي نال، منديگڪ ـــ 4 شهر سوخته ـــ 2، ڪوٽڏيجي، آمري ــــ 2.

کوٽاين اهو به پڌرو ڪيو آهي ته هن ايراضيءَ جي ماڻهن جا وچ ايشيا سان واپاري ناتا پڻ قائم هئا. مهر ڳڙهه 1839ع جي پڄاڻيءَ تائين سنڌ جو حصو هئي تان جو نادر شاهه سبي ۽ ڪڇي ضلعن کي سنڌ کان ڇني قلات جي خانن حوالي ڪري ڇڏيو.

سنڌ ۾ آمري سان گڏ نوپهڻي ڄمار پوري ٿي ۽ ٻنگارپهڻي ڄمار شروع ٿي. مضمون سان گڏ ڏنل نقشو ٽامي ۽ ڪنجھي (ٻنگار) جي پکيڙ کي ظاهر ڪري ٿو.          

 

پاٿر ڄمار

 

پاٿر ڄمار (Stonage) يعني پٿر جي وکرن وارو دور عام طرح جنهن زماني کي سڏجي ٿو ان جي ابتدا ۾ پاٿر (پٿر جي) وکرن جو ڪارج ٻٽو هو: (1) کاڄ ٿي سگھندڙ شڪار ۽ ويريءَ لاءِ جوکم ۽ (2) پاڻ لاءِ ڍال ـــ مار ۽ بچاءُ وقت گذرڻ سان گڏ اهو ڪارج گھڻا طرفو ٿيندو ويو ۽ نيٺ رهڻي ڪرڻي جي هر گھرج کي نڀائڻ لڳو.

پاٿر ڄمار کي پاٿر وکرن جي بنياد تي ٽن جٿن ۾ گڏ ڪري رٿي سگھجي ٿو. هر هڪ مرحلي دوران مخصوص، ڪي هڪ جھڙا گڻ رکندڙ پٿر جا وکر/اوزار ٺاهيا ويندا هئا. اهي ٽي مرحلا هن طرح هئا:

1ـــ جھُوپهڻي/ پَليوَ لٿڪ (PALAEOLI THIC)

جھُو= جھونو، آڳاهون+/ پٿر+ ـــ اي= سان واسطيدار جو/ جي واري واري.

Palaeos (پليئو)= جھوٽو+Lithos (لِٿو) = پٿر+ ic (ــــ ڪ)= سان وسطيدار، جو/جي، وارو/ واري.

جھُوپهڻي هڪ اهڙو اصطلاح آهي، جنهن وسيلي ماڻهوءَ جي سڀ کان آڳاٽي ۽ ابتدائي زماني کي بحث هيٺ آندو وڃي ٿو. هن اصطلاح مان اصولي مراد پاٿر ڄمار جو اهو اهو پهريون، ڏاڍو ڊگھو عرصو آهي، جنهن دوران ماڻهو اڃا سادڙا، کهرا ۽ اَرچ (Primitve) قديم جا پٿر وکر ٺاهي ۽ انهن ۾ هلڪي قسم جي سادي سودي ڦير ڦار ۽ سڌارو آڻي سگھندو هو.

هن ڄمار جي ابتدا اوائلي پٿر جي وکرن/ اوزارن سان ٿئي ٿي جيڪي شڪار لاءِ ڪم اچي سگھيا ٿي. ماحول ۾ قدرتي طرح ملندڙ چنهبدار ۽ تکا پاٿر وکر ڪم آندا ويا ۽ پوءِ هوري هوري ۽ وقت جي هڪ وڏي مدي جي وٿيءَ سان انهن ۾ سڌارو آندو ويو. واهپي لائق پٿر جي ڪنهن وڏي ڳنڍي کي ڪنهن ٻئي وڏي ۽ سخت پٿر سان ڀڃي گھربل، شڪار ڪري سگھڻ لائق، شڪاري وکر جي صورت  ڏيڻ هن ئي زماني جي ابتدا دوران ٿيل ايجاد آهي. وقت گذرڻ سان گڏ جيئن جيئن تجربو ۽ سمجھ وڌيا، گھربل پاٿر وکر ڪنهن ٺوس مٿاڇري تي گسائي پنهنجي پسند جي صورت ڏجڻ شروع ٿي وئي.

پاٿر وکرَ ڪم آڻڻ ئي انساني پيداواري پورهيي جو پهريون نشان آهن ۽ اهو انساني پورهيو ئي آهي جيڪو ماڻهو ـــ جھڙي جانار کي جانوراڻي دنيا کان ڇني، ڌار ڪري انساني راڄ ڀاڳ (سماج) ڏانهن وٺي آيو. انساني پورهيي جي ابتدا سان گڏ ئي انساني ٻولي جي پهرين آوازن، ٻولن جي ابتدا ٿئي ٿي ۽ انساني سوچ سمجھ جو ٻج پوي ٿو. پورهيي، ٻوليءَ ۽ سوچ سمجھ جي تخليقن کي گڏيل نموني راهپ (ثقافت، ڪلچر) جو نالو ڏنو وڃي ٿو.

ڪي عالم جھوپهڻي ڄمار کي ئي پاٿر ڄمار جي نالي سان سڏيندا آهن، توڻي جو مڪمل حقيقت ائين نه آهي، پاٿر ڄمار ۾ جھوُپهڻي سان گڏ وِچپهڻي ۽ نوَپهڻي ڄمارون به شامل آهن، ۽ اهي ٽي ئي ڄمارون گڏجي پاٿر ڄمار جوڙن ٿيون.

جھوپهڻي ڄمار کي اڃا وڌيڪ تفصيل سان سمجھڻ لاءِ هيٺ ڄاڻايل ٽن دورن ۾ ورهايو وڃي ٿو:

(الف) اوائلي جھوپهڻي ڄمار (Early Palaeolithic Age) هن ڄمار لاءِ هيٺ ڏنل اصطلاح به ڪم آندا وڃن ٿا:

•  اوئلي   پاٿر ڄمار (اوائلي پٿر ــــ دور/ پٿر جي وکرن وارو دور)

•   هيٺين پاٿر ڄمار (هيٺيون پٿر ـــــ دور/ پٿر جي وکرن وارو دور)

•   پراڻي پاٿر ڄمار (Old Stone Age)

اوائلي جھوپهڻي ڄمار جو مدو 10 لک ـــــ 1 ـــــــ لک ورهه ق م (قبل از مسيح) چيو وڃي ٿو. ڪي عالم  10 ــــ لک بدران 5ــــ6 لک ورهه اڳ ابتدا سمجھن ٿا.

(ب) وچين جھوپهڻي ڄمار (Middle Paiaeelithic Age)

هن ڄمار لاءِ هيٺ ڏنل اصطلاح به ڪم آندا وڃن ٿا:

•  وچين پاٿر ڄمار

•   وچون پٿر دور (Middle stone age)

وچين جھوپهڻي ڄامر جو مدو 1 ــــ لک ـــ 4 هزار ورهه ق م چيو وڃي ٿو.

(ب) ديرائت جھوپهڻي ڄمار (Late Palaeolithic Age)

هن ڄمار لاءِ هيٺ ڏنل/ اصطلاح به ڪم آندا وڃن ٿا:

•  پوئين پاٿر ڄمار (پويون پٿر دور)

•  مٿين پاٿر ڄمار (Upper stone Age) ديرائت جھوپهڻي ڄمار جو مدو 40 ـــــ 10 هزار ورهه ق م چيو وڃي ٿو.

پاٿر ڄمار جي پهرئين مرحلي جھوپهڻي کان پوءِ واري ٻئي مرحلي کي وچپهڻي ڄمار سڏجي ٿو.

 2ـــــــ  وچپهڻي/ميسولٿڪ (MESOLTHIC)  

• وچ= وچون، واچ وارو+ پهڻ= پٿر+ ـــــــ اي = سان واسطيدار

Mesos (ميزو/ ميسو)= وچون+ Lithos (لٿو) = پٿر+ ic (ــــ ا ڪ)= سان واسطيدار

• وچين پاٿر ڄمار، جيڪو جھوپهڻي جو وچون مدو آهي ۽ وچپهڻي اصطلاحن ۾ فرق کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گھرجي.

وچپهڻي ڄمار جو مدو 10 ـــــ هزار 5 ــــ هزار ورهه ق م چيو وڃي ٿو.

وچپهڻي هڪ اهڙو اصطلاح  آهي، جنهن وسيلي انهيءَ پاٿر وکرن واري دور کي نشانبر ڪيو وڃي ٿو جنهن دوران ماڻهوءَ جي سمجھ انهيءَ اوچي پد کي پهچي چڪي ۽ تجربو ايترو وڌي ويو جو مخصوص قسمن جي پٿر جي چونڊ ڪري سگھي ۽ انهن کي مخصوص شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ماهرانه طريقي سان گھڙي گھربل قورت ڏئي سگھي. جھوپهڻي دوگران ٺاهيل پاٿر وکر توڻي جو لاڳيتو اسرندڙ، ترقي ڪندڙ ۽ پيچيده ٿيندڙ انساني سماج جون لڳ ڀڳ سڀ گھرجون پوريون ڪري سگھيا ٿي پر وچپهڻي دوران انهن کي وڌيڪ عمدو، لسو، ڪارائتو ۽ گھڻا ڪارج پورا ڪري سگھندڙ وکر بنايو ويو. انهن جون صورتون به بدلجڻ لڳيون ۽ نمونا به گھڻا ٺاهيا ويا.

پاٿر ڄمار جي ٽئين مرحلي کي نوپهڻي ڄمار سڏيو وڃي ٿو.

3 ــــــ نوپهڻي/نيئو لٿڪ (Neo lithic)

نو= نئون+ پهڻ= پٿر+ ـــــــ اي = سان واسطيدار

Neos (نيئو)= نئون+ Lithos (لٿو)= پٿر+ ic (اڪ)= سان واسطيدار

نوپهڻي ڄمار جو مدو 7500 ــــــــ 3000 ورهه ق م چيو وڃي ٿو.

نوپهڻي اصطلاح وسيلي پٿر جي عمدن، لسن، نازڪ ۽ نفيس، سڌريل وکرن واري دور جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي. جڏهن گھڻو اڳتي اسري آيل انساني سماج هڪ مستقل رهائشي شڪل وٺڻ لڳو. چونڊ پٿر جي ڳنڍن کي تپائي پٿر جي ئي ڇيڻين ۽ مترڪن جي مدد سان ڇلهيو، گھڙيو ويندو هو ۽ انهن کي گسائي تکو، تيز ڪيو ويندو هو. پٿر جا قسمين قسمين وکر وجود ۾ اچي ويا ۽ انساني حياتي هڪ مقرر ڍنگ تي هلي پئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org