سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:12 

مولانا محمد شفيع لاهوري

Text Box: 171
172
170
168
166
164
162
160
158
156
154
152
150
148
146
106
104
102
100
112
 
 

 

[خان بهادر پروفيسر ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع جي شخصيت علمي دنيا ۾ ڪنهن به رسمي تعارف جي محتاج نه آهي. مولانا محمد شفيع صاحب سن 1934ع ۽ 1937ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ جو علمي سفر ڪيو ۽ نتيجي ۾ جيڪي تحقيقي مقالا لکيا، اهي سلسليوار ”اورينٽل ڪاليج ميگزين“ (سن 1935ع ۽ 1937ع) جي اشاعت ۾ شايع ٿيا. اڳتي هلي سن 1970ع ۾ انهن مقالن کي سهيڙي ۽ ترتيب ڏئي، سندس لائق فرزند احمد رباني صاحب ”صناديد سنڌ“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو. پير حسام الدين راشدي مرحوم جا مولانا محمد شفيع مرحوم سان گهرا علمي ناتا هئا، جن جو اندازو پير صاحب جي هن املهه مضمون مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو مولانا محمد شفيع جي انتقال کان پوءِ مشهور سه ماهي رسالي ”اردو“ (ڪراچي) جي جنوري 1968ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو. ترجمو رسالي ”مهراڻ“ نمبر2، سال 1995ع ۾ شايع ٿيو]

جڏهن شعور واريون اکيون کليون، تڏهن ڏٺم ته علمي دنيا ۾ مولانا محمد شفيع جو سڪو ڄميل ۽ رعب ڇانيل هو. سندس منفرد ۽ ٺوس تحقيق، عميق نظر ۽ ان جو علمي مرتبو ۽ مقام ان دور جي مڃيل حقيقت هو.

اُهي ڏينهن اُهي شينهن هئا، جڏهن اورينٽل ڪاليج لاهور علمي لحاظ کان نه فقط اهم ادارن ۾ ليکيو ويندو هو، پر احترام جي نظر سان به ڏٺو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته مولانا محمد شفيع جهڙو محقق ۽ مدبر ان ۾ موجود هو ۽ ان وقت ڪاليج مان شايع ٿيندڙ رسالو ۽ خاص طور تي ان جو فارسي ضميمو سندس علمي جاکوڙ ۽ جستجو سبب عالمي شهرت جو سبب بنيو. جنهن جو واحد سبب اهو ئي هو ته مولانا جي تحقيق ان ۾ اشاعت هيٺ ايندي هئي. ”دانشگاهه پنجاب“ به انهن ڏينهن ۾ ئي علم و دانش جي دنيا ۾ غير معمولي شهرت ۽ عزت حاصل ڪئي، جو ان مان ڪيئي اهڙا علمي نوادرات شايع ٿي منظر عام تي آيا هئا، جن جي گهڻي عرصي کان علمي دنيا جي اڪابرن کي ڪمي پي محسوس ٿي. رشيدالدين جا خط ته پوءِ آڏو آيا، مگر انهن کان اڳ ۾ ”فهرست عقدالفريد“، ”مطلع السعدين“، ”تتمه صوان الحڪمه“، ”دره الاخبار“، ”تذڪره ميخانه“، خواجه غياث الدين جو ”چين جو سفر نامو“ ۽ ”اقتباسات آداب الحرب و الشجاعت“ جهڙا نادر ڪتاب علمي هستين جي هٿن تائين پهتا هئا. عنصري جي ”وامق و عذرا“ جي دريافت ۽ ان تي تحقيق ئي اهڙو غير معمولي انڪشاف هو، جنهن پڙهيل لکيل طبقي ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. سموري علمي دنيا کي اهو بخوبي علم هو ته لاهور علمي لحاظ کان وڏي مان ۽ مرتبي وارو شهر آهي ۽ ان جو ادارو ”دانشگاهه“ حقيقت ۽ ڏاهپ جو هڪ اهڙو ئي سرچشمو هو، جو دنيا جي ڪنهن به وڏي علمي ۽ ادبي اداري کان گهٽ نه هو.

Text Box: 173
174
172
170
168
166
164
162
160
158
156
154
152
150
148
146
106
104
102
100
112
 
 

مولانا جو وجود نهايت ئي خير ۽ برڪت جو باعث هو. سندس مردم شناسي، قدرداني، شخصي ڪشش ۽ ذاتي صفتن جي ڪري جتان ڪٿان جا محقق ۽ مڃيل علمي هستيون وٽس اچي گڏ ٿينديون هيون. اهو ئي سبب هو جو ”دانشگاهه پنجاب“ کي به سندس ئي نسبت سان اهميت، افاديت ۽ فضيلت حاصل هئي. سچ ته ”دانشگاهه پنجاب“ جو اهو ئي دور اوج ۽ عروج وارو دور هو. انهيءَ سمي مولانا عبدالعزيز الميمني به اتي ئي رهندو هو. حافظ محمود خان شيراني مرحوم جو به اهو ئي زمانو هو ۽ شيخ محمد اقبال مرحوم، ۽ ڊاڪٽر شيخ عنايت الله به ان دور جا مشهور ۽ معروف استاد هئا. حقيقت ۾ اسان جي بزرگ شخصيت سيّد محمد عبدالله جو به اهو ئي سهانو سمو هو. اهي سڀ بزرگ هڪڙي ئي حلقي جا رڪن، هڪ ئي سلسلي جا موتي ۽ هڪ ئي محفل جا چراغ هئا. انهن سڀني برگزيده شخصيتن گڏجي سموري ملڪ ۾ تحقيق ۽ تجسس، علم ۽ عمل، قلم ۽ ڪتاب جي اهڙي فضا قائم ڪري، علمي ماحول کي ايڏي بلند مرتبي تي رسايو هو، جو هن دورنگي دنيا جڏهن انهيءَ سحر کي ٽوڙيو ۽ سندن ماڳن کي مٽايو، تڏهن کان وٺي هي اکيون هميشہ واجهائينديون ئي رهيون آهن.

مولانا محمد شفيع صاحب، شاهه حسين بايقرا جا حالات پڙهيا ۽ هرات جي نئين اوج ۽ عروج تي لکندي، پنهنجي شهر ۽ ملڪ کي قريباً انهيءَ ئي مقام تي رسائي ڇڏيو. علمي ذوق ۽ شوق جو شباب هو. لکڻ، پڙهڻ ۽ اڀياس ڪرڻ ڏات جي صورت ٿي اختيار ڪئي. خالص علمي ۽ ٺوس تحقيقي ڪتابن جي گهرج وڌندي وئي. لاهور جون بازارون علم سان هردم ڀريون رهيون. هونءَ به بازار ۾ انهيءَ ئي سودي جي سرسي هوندي آهي، جنهن جا خريدار گهڻا هوندا آهن. ڪتابن جي خريداري ۽ سموري ملڪ ۾ قلمي نسخن جي تلاش ۽ پنهنجن وڏڙن جي ورثي جي حفاظت انهيءَ زماني ۾ مقدس فرض ڄاتو ٿي ويو. لاهور جي هر پڙهيل ڳڙهيل کي اهو فرض ضرور سرانجام ڏيڻو پوندو هو. حافظ محمود شيراني جا نوادرات، پروفيسر آذر جي ڪليڪشن ۽ خود مولانا جو ڪتبخانو انهيءَ سونهري دور جا يادگار آهن.

مولانا صاحب اهو پهريون بزرگ هو، جنهن اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر، مشرق ۽ مغرب ۾ علمي نوادرات ڪٿي ڪٿي موجود آهن ۽ ڪهڙن ڪتبخانن جي زينت بنيل آهن. دانشگاهه ۾ موجود ڪتابن جا فوٽو ۽ فلم به ان ئي زماني جا يادگار آهن. پنهنجي ذاتي ذوق شوق ۽ شخصي تلاش ۽ تحقيق جي ڪري ئي هن بزرگ ”دانش گاهه“ ۾ اهي نه مٽجندڙ نشان ڇڏيا، جن جي اڳوڻي ساک ۽ نقش نگاريءَ جي ڪري ئي پري پري کان پڙهيل ڳڙهيل اچي وارد ٿين ٿا.

مولانا سان شخصي ڏيٺ ويٺ ته غالباً پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان وقت ٿي هئي، جڏهن سيّد هاشمي فريد آبادي مرحوم، راقم لاءِ پنهنجي لاهور واري رهائشگاهه تي دعوت جو اهتمام ڪيو هو، ۽ مولانا صاحب کي پڻ ان ۾ شرڪت لاءِ مدعو ڪيو هو. جيئن مٿي لکيو ويو آهي ته سندس روحاني شرف يابي ته ايامن کان ئي حاصل هئي، جنهن کي آءٌ سندس تحريرن، مقالن ۽ ڪتابن ۾ چڱي طرح پروڙي چڪو هئس.

ان رات جڏهن پاڻ تشريف فرما ٿيا، تعارف ۽ گفتگو ٿي، تڏهن جيتوڻيڪ پهرين ملاقات هئي، ان هوندي به مون سندس شخصيت جو چڱيءَ طرح جائزو ورتو ۽ کيس دل سان ڏٺو. پورو پنو قد، مضبوط هاٺي، جسم ڀريل ۽ کليل، ڪڻڪ رنگو چهرو، پُروقار پيشاني ۽ روشن ننڍيون اکيون، جن جو تيزتاب سهڻ نهايت ئي مشڪل ۽ ناممڪن هو ته انهن ۾ وري گهوري ڏسڻ جي ڇا مجال! شهپر مناسبت موجب وڌيل، جي ان دور جي يادگيري ڏياري رهيا هئا، جڏهن مرد مرداڻي ڏِکَ ڏيندا هئا. سندس سڄو منهن دلڪش ۽ کاڏي سهڻي ۽ جاذب نظر ٿي لڳي. سندس مٿي جا وار کسي چڪا هئا. سندس آواز ائين سنهو ۽ نرم هو، جيئن ريشمي ڪپڙو نرم ۽ نازڪ هجي. ڀلا اهو آواز تلخ ڇو ٿئي؟ هي ته سراسر پيار ۽ پاٻوهه مان دلين کي ڪشش ڪندڙ هو. مان ڏاڍو خوش هئس ته اڄ ان شخصيت جي آڏو آهيان، جنهن کي ڏسڻ جي تمنا ۽ آرزو گهڻي عرصي کان هئي.

نازم بچشم خود، که جمال تو ديده است،
افتم بپائي خود، که بکويت رسيده است.

مولانا پهريون شخص هو، جنهن سنڌ جو علمي سفر ڪيو هو. سکر، روهڙي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ سيوهڻ پهچي اتان جا تاريخي آثار ڏٺا ۽ جتي به کيس ڪتبا نظر آيا، اهي نقل ڪيا ۽ ڪجهه اهم ڪتبن جا فوٽو به ورتا. پراڻن خاندانن وٽ ويو، جتي قلمي ڪتاب، بياض ۽ تاريخي تحريرون ڏٺائين. جيڪي خريد ڪري سگهيو، اهي خريد به ڪيائين ۽ باقين جي فهرست تيار ڪري ورتائين.

ان تاريخي سفر جا حالات جڏهن اورينٽل ڪاليج ميگزين جي مختلف اشاعتن ۾ ڪتبن سميت شايع ٿيا ته، مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته سنڌ جا علم دوست ماڻهو ڇرڪ ڀري اٿيا. ڇاڪاڻ ته ڪيتريون تاريخي حقيقتون ۽ علمي تحقيق اهڙي سهڻي سليقي سان پهريون دفعو انهن جي سامهون آئي. پهريون دفعو کين انهن جي خبر پئي ته مقبرا ۽ خانقاهون پوڄا پاٺ کان سواءِ به ڪا اهم حيثيت ۽ افاديت رکن ٿيون.

مولانا انهن مضمونن جي ذريعي علمي دنيا آڏو اهو اهم تاريخي انڪشاف ڪيو هو ته سلطان محمد تغلق جڏهن ٺٽي جي ڀرسان مئو ته، ان جو لاش پهريائين سيوهڻ ۾ دفن ڪيو ويو ۽ پوءِ دهليءَ ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ان عارضي مدفن تي جيڪي ڪتبا لڳايا ويا هئا، اهي مولانا صاحب سيوهڻ شريف مان دريافت ڪيا هئا ۽ انهن جا فوٽو مذڪوره مضمونن جي سلسلي سان گڏ ڇاپي، لکڻ وارن لاءِ اهم تحقيقي موضوع ظاهر ڪيو هو.

گهڻي وقت جي ڳالهه آهي ته منهنجو وڏو ڀاءُ پير علي محمد راشدي ٺٽي وڃي ”تحفة الڪرام“ جي مصنف جو هٿ اکر لکيل نسخو سندس پوين کان ڪجهه ڏينهن استفاده ڪرڻ لاءِ وٺي آيو هو. ڇپيل ۽ قلمي نسخي جي تقابلي مطالعي کان پوءِ جيڪي اضافا ۽ اختلاف آڏو آيا، تن کي ترتيب ڏئي پنهنجي روزانه اخبار ”ستارهء سنڌ“ جي ڪيترن ئي اشاعتن ۾ شايع ڪيائين. اها هڪ ڳالهه هئي، جا آئي وئي. نه ”ستارهء سنڌ“ رهي، نه اهي پرچا محفوظ رهيا ۽ نه وري اهو ئي معلوم ٿيو ته انهيءَ قلمي نسخي جو ڇا ٿيو ۽ ڪٿي پهتو؟

انهيءَ صحبت ۾ ٺٽي متعلق تاثرات بيان ڪندي، مولانا صاحب اهو به انڪشاف ڪيو ته ”تحفة الڪرام“ جو اهو ئي نسخو پاڻ خريد ڪيو هئائون ۽ هاڻي اهو وٽس محفوظ آهي. اهو ٻڌي مان خوشي مان ڇرڪي اٿيس ۽ منهن ۾ مهڪ پيدا ٿي. گڏوگڏ اهو اطمينان به ٿيو ته اهو اهم ۽ نادر ڪتاب مولانا صاحب وٽ پهچي ضايع ٿيڻ کان بچي ويو.

مون ماڻهن کان ته اهو ئي ٻڌو هو ته مولانا صاحب ڏاڍو خشڪ طبيعت جو مالڪ آهي، جنهن ڪري منهنجي دل تي اهو ئي خوف ويٺل هو. پر جڏهن کيس ڏٺم ۽ ساڻس گفتگو ڪيم، تڏهن بلڪل ان جي برعڪس لڳو. ڏاڍو دلچسپ، شفيق ۽ نرم مزاج هو.

Text Box: 177
178
176
174
172
170
168
166
164
162
160
158
156
154
152
150
148
146
106
104
102
100
112
 
 

ان رات واري صحبت ۾ مزيدار ڳالهين ۽ حوصلو ڏيندڙ شفقت سبب هن هڪدم مون کي پنهنجو ڪري ورتو. شروع ۾ فقط ان جي علمي جاهه جلال کان مرعوب هئس، پر ملاقات کان پوءِ سندس سهڻي سلوڪ جي ڪري سندس ذات ۽ شخصيت مون لاءِ وڌيڪ جاذب ۽ دلڪش بنجي وئي. جيئن جيئن منهنجون ساڻس ملاقاتون وڌنديون ويون، تيئن تيئن سندس طور طريقا ۽ طبيعت منهنجي آڏو وڌيڪ واضح ٿيندا ويا. مون محسوس ڪيو ته جيڪي ماڻهو کانئس گهٻرائيندا هئا، سي سندس طبيعت جي ڪري نه، بلڪه پنهنجي ڪم علميءَ سبب ئي کانئس پري رهڻ لاءِ مجبور هوندا هئا. جيڪڏهن ڪو ڪنهن سان خشڪ رويو ۽ ٿڌائيءَ وارو سلوڪ اختيار ڪندو آهي ته پاڻ ان ۾ بلڪل حق بجانب آهي. آخر ايترو فضول وقت ڪٿان آڻي، جي ائين وقت وڃائڻ لڳي ها ته اهو سڀ ڪجهه جيڪو پاڻ ڪيو هئائون اهو ڪيئن ڪري سگهي ها.

حقيقت اها آهي ته مولانا صاحب جيڪڏهن سخت ۽ خشڪ هو ته فقط علمي معاملن ۽ تحقيقي مسئلن ۾ هو. اهڙن معاملن ۾ هو سخت کان سخت گير هو. سطحي لکت کي برداشت ڪري نه سگهندو هو. لکڻ وارا اڪثر سطحي لکڻ جا عادي هئا. مولانا صاحب ان عمل کي علم جي لاءِ بي عزتي ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ باعث ندامت سمجهندو هو. مولانا صاحب جو اهو خيال بلڪل صحيح هو ته اهڙن لکندڙن کي ساراهيو ويو، يا کين درگذر ڪيو ويو ته ملڪ مان حقيقي علم جو اختتام ٿي ويندو. استاد ۽ عالم جي حيثيت سان مولانا پنهنجي هن عادت ۽ عمل تي سختيءَ سان ڪاربند رهيو. سندس اها خواهش ۽ ڪوشش رهي ته ملڪ ۾ تحقيق جو معيار پٺتي پوڻ نه گهرجي ۽ قلم مان جيڪي ڪجهه نڪري اهو حقيقت تي مبني هجي. سطحي ۽ سکڻو نه هجي.مولانا صاحب جي اها ڪوشش ڪيتري قدر ڪامياب ٿي يا سندس آرزوڪيسين تائين تڪميل تي پهتي، ان جي بيان ڪرڻ جو هي موقعو ۽ مهل نه آهي. مولانا صاحب جي اها گرفت رڳو عام لاءِ نه هئي، پر مڃيل عالمن ۽ قلم ڌڻين جي لاءِ به ساڳيو ئي دستور العمل هو. اهڙن ماڻهن جي لکڻي به جيسين تائين لفظ به لفظ ڪري نه پڙهندو ۽ پرکيندو هو، تيسين تائين ممڪن ئي نه هو ته پاڻ مطمئن ٿئي.

Text Box: 179
180
178
176
174
172
170
168
166
164
162
160
158
156
154
152
150
148
146
106
104
102
100
112
 
 

هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته صبح سوير اسان جو گڏيل دوست جناب عبدالحي حبيبي افغاني آيو. هو نهايت ئي پريشان هو، ڇاڪاڻ ته مولانا صاحب جي فرمائش تي پاڻ هڪ مقالو لکي، سندس خدمت ۾ پيش ڪيو هئائين. مولانا صاحب ان مان هڪ حوالي جي تصديق ڪرڻ ٿي گهري. بظاهر ڳالهه ته تمام معمولي هئي، پر سندس گهٻراهٽ جو ڪارڻ فقط اهو هو ته حبيبي صاحب اها ڳالهه ڪنهن ڪتاب جي حوالي جي بدران، پنهنجي يادگيري ۽ ذهانت جي ڀروسي هيٺ قلمبند ڪري ڇڏي هئي. اهو اتفاق چئجي يا مولانا صاحب جي دور نظري، جو ڏسندي ڏسندي سندس نظر اتي ئي وڃي رڪي ۽ طبيعت اتي وڃي اٽڪي، جتي تحقيقي اصول موجب ڪا ڪمزوري رهجي وئي هئي. گهڻيءَ دير کان پوءِ ڪيترن ئي ڪتابن جي اٿل پٿل کان پوءِ جڏهن گهربل حوالو ملي ويو، تڏهن محسوس ڪيم ته گويا حبيبي صاحب جي مٿان وڏو بار هو، جو خدا جي فضل سان لهي ويو. پوءِ پاڻ اطمينان جو ساهه کڻي پيشانيءَ تان پگهر اگهي سگريٽ دکائي مُرڪي چيائين ته: ”پير صاحب! واقعي اهو شخص صاحب نظر آهي. قدرت جو اوهان تي وڏو احسان آهي.“ مون ورندي ڏيندي کيس چيو ته: ”حبيبي صاحب! آخر ان ۾ ايڏي پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ فرمايائين ته: ”توهان چئو ٿا ته پريشاني! صاحب! منهنجي ته علمي حيثيت چوواٽي تي پيل هئي!“ اهو ئي پاڻ حوالي وارو ڪاغذ کڻي دلي اطمينان ۽ ذهني سڪون سان تڪڙا قدم کڻندو نيو ٽائون پوسٽ آفيس طرف ويندو رهيو.

گهڻيءَ دير تائين مان دروازي ڏانهن ڏسندو ۽ سوچيندو رهيس ته واقعي اها اسان جي خوش بختي آهي، جو هڪ اهڙو شخص اسان ۾ موجود آهي. ان وقت مون کي اهو به خيال آيو ته ڪجهه ماڻهن جو ڪاوڙجڻ ڪو ايڏو غلط نه آهي. مولانا صاحب جي تحقيق جي طلب انهن جي پهچ کان مٿاهين آهي ۽ انهن جي ظرف کان بعيد.

مولانا صاحب جي علمي تحقيق جي دنيا محدود نه هئي، بلڪ گهڻي وسيع ۽ لامحدود هئي. سندس گهري سوچ ۽ فڪري پهچ ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو هو. هتان جا ماڻهو ته پنهنجي آسپاس جي شين کان اڳتي وڌڻ جا عادي ئي نه هئا. اهو مولانا صاحب ئي هو جنهن هڪ خاص پد تي پهچي ٺوس ۽ اعلى تحقيق جو بنياد وڌو ۽ انوکن موضوعن توڙي وسيع علمي مسئلن جي مٿان پردو کنيو جو، پهريون دفعو ٻاهرين دنيا اسان جي ملڪ جي تحقيقات مان فائدو وٺڻ تي مجبور ٿي پئي. خطاطي، مصوري، ادب، شعر، تاريخ، سوانح، ڪتبا، مقبرا – مطلب ته علم ۽ قلم جي ڪا به اهڙي شاخ يا شعبو نه هو، جنهن تي مولانا صاحب جي تحقيق ۽ مرتب ڪيل نتيجن علمي دنيا ۾ ڪو مقام حاصل نه ڪيو هجي!

وچ ايشيا جي تاريخ، ادب يا فنونِ لطيفه تي اسان وٽ سڀ کان اول مولانا صاحب جي ئي نظر پئي، ۽ پاڻ ئي ان کي پنهنجي جستجو ۽ تحقيق جو موضوع بنايائين. تيمورين جي تاريخ هجي يا انهن جي معارف پروري، مولانا صاحب جي ئي قلم سڀ کان پهريائين انهن کي اجاگر ڪيو. انهن جي تاريخي اهميت کان نه صرف اسان کي متعارف ڪرايو، پر دنيا جي مختلف حصن ۾ جيڪي به عالم ان موضوع تي تحقيق ڪري رهيا هئا، تن کي پيش ايندڙ مشڪلاتن کي به دور ڪيو. اهوئي سبب هو جو ٻاهرين دنيا جا عالم اسان وٽ نه صرف مولانا صاحب جي ذات کي سڃاڻندا هئا، پر انهن جي علمي مجلسن ۽ محفلن ۾ مولانا صاحب کي ئي برابريءَ وارو بلڪ بلند مقام ۽ برتريءَ وارو درجو حاصل هو. جڏهن ”ارمغان علمي“ جو اعلان ٿيو، تڏهن ٻاهرين دنيا جي ڪيترن عالمن ان ۾ حصو وٺڻ محض ان ڪري پنهنجو فرض ڄاتو جو مولانا صاحب جي شخصيت سندن آڏو نهايت ئي محترم ۽ معتبر هئي. ان ئي موقعي تي استاد محترم آقاي بديع الزمان فروزانفر فرمايو هو ته:

دهر و دوران کم آورد فرزند
چون محمد شفيع دانشمند

۽ اهو به سچ چيو هئائين:

خاک لاهور ازو فزودهه شرف
پدر فضل را بهينه خلف

مولانا صاحب جي شخصيت پنهنجي ڪردار، عمل ۽ علم جي لحاظ کان اسان لاءِ نه فقط مثالي پر مشعل راهه به آهي. کين پنهنجي موضوعات سان نه رڳو دلچسپي هئي، پر عشق جو اهو عالم هو ته گهمندي ڦرندي، اٿندي ويهندي انهيءَ جي ئي کوجنا ۾ لڳل رهندو هو. علم جي اها صورت حال هجي جو گهر جي ٻاهر، سفر هجي يا حضر، هميشہ ۽ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن مسئلي جي تحقيق ۽ تلاش ۾ ڪوشان رهندو هو. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ڏيک ويک جي لاءِ نه، پر علم جي ئي حصول لاءِ هو. ان ۾ ڪو به ذاتي مفاد يا مطلب ڪونه هو ۽ نه ئي وري روزيءَ جو سهارو ڄاتائون. مولانا پنهنجي علم کي ڪنهن به بازار ۾ سودي بازيءَ لاءِ نه آندو ۽ نه ئي ان لاءِ ڪو واڪ ڏنو.

مولانا جي زندگي نهايت باضابطه زندگي هئي. سندس هر لمحو قيمتي ۽ ڪارائتو هو. هن جو هر قدم منزل جي طرف وڌندڙ هو. پاڻ وقت جو نهايت ئي قدردان هو ۽ هر ساعت سجائي ڪندي ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهندو هو. وقت وڃائڻ سندس نظر ۾ گناهه کان به بدتر هو. هو ان وقت پنهنجي وقت کي سجايو سمجهندو هو، جڏهن ڪا نئين معلومات حاصل ڪندو هو يا ڪا نئين تحقيق پيش ڪندو هو. گهر ۾ پنهنجي ڪٽنب سان ڪڏهن ڪڏهن ڪا هِتان هُتان جي ڳالهه ڪئي هوندائين، ليڪن جيسين تائين مان ڄاڻان ٿو ته ٻاهرين دنيا ۾ ڪڏهن به پنهنجي واتان ڪا بي مقصد گفتو ادا نه ڪيائين. سندس سڄي ڄمار اول کان آخر تائين ڪنهن خاص سانچي ۾ پلٽيل هئي. اهو ئي سبب آهي، جو مولانا جي زندگي قيمتي ۽ ڪارائتي گذري. پاڻ تمام گهڻو علمي ڪم ڪيائين ۽ اهي نشان ڇڏي ويو، جن تي ڪنهن طاقتور هٿ کي به کڄڻ جي مجال نه آهي. هڪ شخص جي سموري حياتي مسلسل عمل رهي، جو رهندي دنيا تائين نه رڳو دانش گاهه يا شهر، پر پوري ملڪ کي مانائتو بنائي ويو.

انسائيڪلوپيڊيا جي ترتيب ۽ تدوين جي سلسلي ۾ يورپ ويندي، هڪ دفعي مولانا صاحب ڪجهه ڪلاڪ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي نياڻي وٽ ترسيو. آقائي عبدالحي حبيبي صاحب ۽ هن خاڪسار کي جيئن ئي اُها خبر پئي، تيئن ٻئي ڄڻا گڏجي سندس خدمت ۾ پهتاسون. پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهڙو گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيائين، گويا سندس ئي من جي مراد پوري ٿي هجي ۽ پاڻ اسان جو ئي انتظار ڪري رهيو هجي. انهيءَ زماني ۾ مولانا صاحب بازيدي فرقي تي تحقيق ڪري رهيو هو. ويهڻ سان ئي ان موضوع تي گفتگو ڪندي، مسئلن جي شروعات ڪيائين. حبيبي صاحب سان مخاطب ٿيندي ئي مولانا جا سوال هئا ۽ حبيبي صاحب جا جواب. تقريباً ٻه اڍائي ڪلاڪ لاڳيتو دنيا وما فيها کان بي خبر، يورپ جي سفر لاءِ ضروري سببن کان بي پرواهه، سفر جي تياري ۽ ضروري ڪاغذات وغيره جي کان بي نياز، نهايت اطمينان ۽ سڪون سان ”بازيدين“ جي متعلق تحقيق ۽ تفتيش ڪندو رهيو.

مان سوچيندو ئي رهيس ته هي انسان آخر آهي ڇا؟ يورپ وڃي رهيو آهي، نه ڊالرن جو فڪر نه پائونڊن جي پرواهه! نه نياڻي کان ٿو پڇي ته ڇا آڻجي ۽ نه نياڻيءَ کان ئي ڪا فرمائش جي فهرست ٿو لکائي. نه اها پڇا ڳاڇا ٿو ڪري ته لنڊن مان ڪهڙي شيءِ آڻجي، جا هتي وڪڻي ڪرايي سان گڏ نفعو ڪمائجي. ريفريجريٽر ڪهڙو بهتر ٿيندو آهي؟ ٽيپ رڪارڊر ڪهڙي ڪمپني جو هجي جو وٺجي. موٽر ڪار ڪهڙي موزون رهندي؟ نه ڪسٽم وارن جي روڪٿام ۽ پڇا، نه اهڙو اهتمام ته واپسيءَ وقت سامان بغير کُلڻ جي گهر پهچي وڃي.

اسان ٻئي جڏهن واپس هلياسون، تڏهن اهو سوچيندي ۽ چوندي گهر پهتاسون ته سبحان الله! علمي عشق ۽ اُن جي جهان جو ڇا ته عالم آهي!

مولانا اورينٽل ڪاليج مان رٽائر ٿيو ته انسائيڪلوپيڊيا جي اردو ترجمي جي نظرداري واري ڪم ۾ اهڙي ته انهماڪ سان جنبي ويو، جو صبح ۽ شام، رات ۽ ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيائين.

مولانا صاحب جي ڪتبخاني جي لان ۾ ڇٽيءَ نما هڪ خيمو ٺهيل هو، جنهن ۾ سردين ۾ وهندو هو ۽ گرمين ۾ ڪمري ۾ ئي ڪم ڪندو هو. مولانا جو اهو ڇٽيءَ نما خيمو ڪتبخاني جي اڱڻ جو هڪ نمايان ڪردار بنجي چڪو هو، جنهن ۾ ننڍي ڪرسي ۽ ٽيبل پيل هئي ۽ آسپاس ان ڏينهن ڪم ايندڙ ڪتابن جا ڍير ۽ فائيل موجود هوندا هئا، جن ۾ ترجمو ٿيل مقالن جا انبار پيل هوندا هئا.

مون کي ان خيمي ۾ ڪيترا ڀيرا مولانا جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ ۽ ملاقات ڪرڻ جو موقعو مليو. هر واري ملاقات جو موقعو رڳو، ان ڪري ئي ملندو هو ته آءٌ ڪراچيءَ کان ڪهي ايندو هئس، نه ته ڪم جي وقت مولانا سان ملاقات ڪرڻ ناممڪن هئي. ملاقات برائي ملاقات کي مولانا گناهه ڄاڻندو هو، بلڪ قومي بداخلاقي سمجهندو هو.

مولانا صاحب جو اتي به ساڳيو ئي مخصوص طريقه ڪار رهيو. مضمون کي آڏو رکي، لفظ لفظ کي ڏسندو هو. هڪ هڪ سن، سال ۽ نالي جي جيسين تائين پاڻ تحقيق ۽ تصديق نه ڪندو، تيسين تائين مضمون اشاعت لاءِ ڪونه موڪليندو هو. تصحيح جي سلسلي ۾ هميشہ کيس پاڻ کي ئي تڪليف ڪرڻي پوندي هئي. ترجمه نگارن کي ته علمي ترجمي جي عادت ڪونه هئي ۽ نه اها ڄاڻ هئي ته جاگرافيائي لحاظ کان نالن، مهينن ۽ سالن جي اهميت ڪيتري آهي. عبارت ۽ جملن جي درستگي به مولانا کي خود ئي ڪرڻي پوندي هئي.

مون ڪيترا ڀيرا اخبارن ۾ اهي شڪايتون پڙهيون ته اداره دانشگاهه جا مالڪ ڏاڍا بيزار ٿيا آهن. ڇاڪاڻ جو مواد تمام گهڻو سست رفتاريءَ سان اشاعت هيٺ پيو اچي. انهن کي اهو اندازو ته ڪونه هو ته ترجمي کان پوءِ پريس تائين پهچڻ ۾ هڪ هڪ مقالي کي ڪهڙن تحقيقي ۽ علمي مرحلن مان گذرڻو ٿو پوي.

آخري دور ۾ مولانا جي طبيعت ٺيڪ نه رهندي هئي. دل سُڄي وئي هيس ۽ جگر به ڪمزور ٿي ويو هئس. پري کان ئي ماڻهو محسوس ڪندو هو ته مولانا بيمار آهي، پر جيئرو رهندي پاڻ ڪڏهن به پنهنجي ڪم ۾ ناغو نه وڌائين ۽ نه اهو برداشت ئي ڪيائين. روزانو اچي هر شيءِ جي نظرداري ڪندو هو، ۽ ڪڏهن به ائين نه ٿيو ته پاڻ وقت کان اڳ گهر موٽي. هميشہ دير سان گهر موٽندو هو.

اڇي رنگ جي شلوار، ميرانجهڙي رنگ جي شيرواني ۽ ڳاڙهي ترڪي ٽوپي ۾ ملبوس، اسٽڪ جي آڌار تي موٽر مان لهي پير پير کڻي خيمي ۾ پهچي هڪ دفعو ويهي قلم هٿ ۾ کڻندو ته ڇا جي بيماري ۽ ڇا جي صحت. نه ڪمزوريءَ جو خيال نه ناتوانيءَ جو احساس. دنيا و ما فيها کان بي خبر، لفظن ۽ عبارتن جي دنيا ۾ گم سم ٿي ويندو. ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون ۽ ڪيترا مهينا ۽ سال مولانا ائين ئي گذاري ڇڏيا!

ڏهين مارچ 1963ع جي آچر ڏينهن ڪنهن دوست پڇيو ته ڪيڏانهن وڃڻو اٿو؟ مون وراڻيو مولانا صاحب ڏانهن، هلندؤ؟ وچ ۾ ٻئي دوست دخل ڏيندي چيو ته ڪيڏانهن ٿو وڃين دوست! هي ماڻهو ته ويهي ڪندا قبرن جون ڳالهيون، کوليندا مردن جا داستان ۽ پراڻن ڪتابن جا قصا. اوهين وهو ته ڪريون ٿا پاڻ ۾ گپ شپ، هونءَ ئي آچر جو ڏينهن موڪل جو ڏينهن به آهي.

منهنجا ٻئي دوست عرف عام ۾ ”لکيل پڙهيل“ هئا. هڪ
پي.ايڇ. ڊي ۽ ٻيو ڊبل گريجوئيٽ. غالباً ٻئي لنڊن مان تربيت حاصل ڪيل هئا.

سيارو ختم ٿي چڪو هو ۽ بهار جي موسم هئي. لارينس گارڊن جا ڪي گل کڙي چڪا هئا ۽ ڪن تي مکڙين جا پوش باقي هئا. ان ڏينهن صبح جي خنڪي ختم ٿي ته مان 24 ميسن روڊ تي پهتس. مولانا ورانڊي ۾ هڪ اُڀي ڪرسيءَ تي ويٺل هو. سندس ساڄي کاٻي ڪجهه ڪرسيون ۽ هڪ اڌ ٽيبل پيل هئي، جنهن تي ڪجهه ڪتاب هڪ ٻئي مٿان رکيل هئا. ’بروڪليمان‘، ’انسائيڪلوپيڊيا‘، ’سارٽن‘، ’قاموس الاعلام‘ ۽ ’ڪشف الظنون‘ پنهنجي ضخامت جي ڪري نمايان هئا. ڪي مسودا به آڏو رکيل هئا ۽ هڪ مسودي تي ڪنڌ جهڪائي تصحيح ۾ مشغول هو. مون کي هڪدم خيال آيو ته هي به هڪ آچر آهي ۽ موڪل جو ڏينهن آهي.

مون کي ڏسي ٻهڪي پيو! خوشدلي ۽ خنده پيشانيءَ سان گرمجوشيءَ مان اٿي مليو. هونءَ ته مولانا هميشہ اهڙو ورتاءُ ڪندو هو، پر اڄوڪو سلوڪ ڪجهه غير معمولي ۽ سَرسُ سَوايو هو. خوشيءَ مان منهنجو رت به وڌي ويو ۽ ذرو ڄڻ آفتاب بنجي پيو!

وهڻ شرط مون کان منهنجي دل جي تڪليف بابت پڇاڳاڇا ڪرڻ لڳو. مان ڏسندو رهيس ته خود سندس حالت ابتر ٿي چڪي آهي. منهن ڦيڦو اڇو، ڳل سڄيل، اکين جو اهو تاب گهٽجي چڪو هئس. پيرن تي سوڄ، ڄڻ هڪ هڪ پير مڻ مڻ جو ٿي لڳو. سوڄ پنين کان مٿي چڙهي چڪي هئس. مون حيرت مان کانئس پڇيو ته مولانا هي ڇا آهي؟ ها هون ڪندي، منهنجي ڳالهه کي ٽاريندي مون کي ئي منهنجي صحت جي حفاظت لاءِ هدايتون ڏيڻ شروع ڪيائين.

مون موقعو ڏسي کيس چيو ته مولانا! آچر جي ڏينهن به اوهان آرام نه ٿا ڪريو. وراڻيائين ادا! جيڪڏهن ڪم نه ٿو ڪريان ته ڏينهن ئي نه ٿو گذري. هونءَ به ڪم تمام گهڻو آهي. ماڻهن جي اها حالت آهي جو لکڻ ته بجاءِ خود ترجمو ڪرڻ به ڪونه ٿا ڄاڻن. هر ڪا شيءِ مون کي ئي ڏسڻي پوي ٿي.

صحت جي اهڙيءَ حالت ۾ فرض شناسيءَ جو اهڙو جهان ڏسي آءٌ دنگ رهجي ويس، ليڪن مون کي سندس حالت تي ڏاڍو ڪهڪاءُ اچي رهيو هو.

تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ مان سندس خدمت ۾ ويٺو رهيس. دل کولي ڳالهايوسين ۽ گهڻيون ئي ڳالهيون ٿيون.

مولانا ’طاهر آشنا‘ جي ديوان جي ڳالهه ڪئي ته پاڻ پيرس مان ان جو فلم گهرايو هئائين، مگر ڪاغذ جي اڻاٺ سبب فوٽو اسٽيٽ ٿي نه سگهيو هو. مون چيو ته مولانا مون کي ڏيو آءٌ ٻئي ڏينهن ڪراچي وڃڻو آهيان ۽ اتان ئي ٺهرائي کڻي ايندس. وراڻيائين ته سڀاڻي آفيس مان فلم موڪلي ڏيندس.

محمد حسين آزاد مرحوم متعلق پاڻ حيرت انگيز ڳالهيون ٻڌايائين ۽ ان تي لکيل پنهنجو هڪ تازو مضمون به عنايت ڪيائين. مفتي صدرالدين آزرده تي به انهن ڏينهن ۾ لکيل پنهنجو هڪ مقالو اندران آڻي ڏنائين. منهنجي عادت آهي ته مان اهڙين شين تي آٽو گراف وٺي ڇڏيندو آهيان. ليڪن مولانا جي شخصي رعب ۽ اثر سبب مون کي اها همت نه ٿي ته آءٌ ڪجهه ڪڇي سگهان. پوءِ ته مان اڄ ڏينهن تائين پڇتائيندو رهيو آهيان، ته جيڪر صحيح ڪرائي ڇڏيان ها ته غالباً اها سندس زندگيءَ جي آخري صحيح هجي ها.

منهنجي ٻنهي دوستن جو لنوائڻ بجا هو. اسان پاڻ ۾ اڏوهي کاڌل ۽ ڦاٽل پراڻن ڪتابن جون ڳالهيون ڪيون. مولانا شڪايت ڪئي ته سندس لئبريريءَ ۾ رکيل هڪ قلمي نسخو اڏوهيءَ جو لقمو بنجي چڪو آهي. هاڻي ياد نه آهي ته هڪ ٻن ٻين قيمتي ڪتابن جا به نالا ورتائين. جي اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي چڪا هئا. اهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي لئبرريءَ مان هڪ اڏوهي کاڌل ڪتاب کڻڻ به ويو، پر ان وقت اهو کيس نه لڌو. ڳالهين ڪندي مولانا اهو به ٻڌايو ته نظيري نيشاپوري کان سواءِ به هندستان ۾ هڪ نظيري شاعر ٿي گذريو آهي، جو صاحب ديوان شاعر هو. سندس ديوان تي مير مؤمن استر آبادي جي مهر به لڳل آهي ۽ اهو وٽس موجود آهي. مولانا هڪ ڀيرو وري اٿي لئبرريءَ ڏانهن ويو ته مون کي ڏاڍي شرمندگي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس حالت اهڙي نه هئي ته پاڻ هر هر اٿي اندر وڃي. مون محسوس ڪيو ته ڪرسيءَ تان اٿندي ئي سندس سهڪو وڌي وڃي ٿو.

اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر مون کي ڪراچيءَ ۾ چيو هو ته، آءٌ مولانا کان اهو معلوم ڪريان ته جيڪڏهن هو پنهنجي لئبرري وڪڻڻ چاهي ته قيمت مقررڪريان. ان سلسلي ۾ مون کي ڪجهه چوڻ جي جرئت ته نه ٿي، پر جڏهن پاڻ اڏوهي کاڌل ڪتابن جو ذڪر ڇيڙيائين ته مون ڍڪيل ڳالهه ڪندي مسئلو ظاهر ڪيو. وراڻيائين ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. اڃا ته پنجن سالن تائين ڪم ڪرڻ جو خيال آهي. ڪجهه ڪم اڌورا به پيا آهن. ڪتابن کان سواءِ گذارو به ته ڏکيو ٿو ٿئي.

مولانا جو اهو پنج ساله منصوبو ٻُڌي مان هڪو ٻڪو ٿي ويس. سندس منهن کي ڏسي، سندس تندرستيءَ جو جائزو ورتم ۽ پيرن جي سوڄ ڏانهن نظر ڪري چيم الله اڪبر! هي انسان ڪيڏي عزم ۽ پختي ارادي جو مالڪ آهي!

ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هاڻي زندگي ۽ موت جي وچ ۾ رڳو ٻن ڏينهن جو وقفو باقي آهي.

Text Box: 189
190
188
186
184
182
178
176
174
172
170
168
166
164
162
160
158
156
154
152
150
148
146
106
104
102
100
112
 
 

چوڏهين مارچ خميس جي ڏينهن صبح ٿيندي جيئن ئي آفيس اچي ويٺس، تيئن ئي فون جي گهنٽي وڳي. اهو رازي (مرحوم) جو آواز هو، جو گهٻرايل ۽ هيسيل منهنجي ڪن تائين پهتو ته مون چيو خير ته آهي؟ چيائين: مولانا انتقال ڪري ويو. ڪڏهن؟ رات ٻارهين وڳي! انالله وانااليہ راجعون.

مان سڄو سُن ٿي ويس. ٽي ڏينهن اڳ ۾ مان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو هئس. منهنجي ٽيبل ڊائري ۾ ڏهين تاريخ آچر جي ڏينهن وارو ورق کليل ئي هو، جنهن تي منهنجو مولانا جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو پروگرام مون واري ”جنن جي لپيءَ“ ۾ لکيل هو.

منهنجي ذهن ۾ انهيءَ آخري ملاقات جا سمورا واقعا هڪ هڪ ٿي آڏو ايندا ويا. جيڪي به ڳالهيون ٿيون هيون، اهي سڀ ياد اينديون ويون ۽ بار بار سندس ڳالهايل جملا منهنجن ڪنن ۾ گونجندا رهيا. ”... اڃا ته مون کي پنجن سالن تائين ڪم ڪرڻو آهي!.... ڪيترائي ڪم اڌورا پيل آهن!..... ڪتابن کان سواءِ ڪيئن گذارو ٿيندو!....“

آچر جو ڏينهن خير سان گهر گذريو هئس. سومر ڏينهن معمول موجب آفيس ويو ۽ ڪم ڪار ڪري گهر موٽي آيو. اڱاري ڏينهن مولانا جڏهن آفيس پهتو ته هلڪو بخار محسوس ڪيائين ۽ واپس گهر هليو آيو. رات جو سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي ته اسپتال پهتو. اربع جي ڏينهن پهريان ٻه پهر خيريت سان گذريا ۽ جيئن جيئن ڏينهن لهندو ويو، تيئن تيئن سندس طبيعت بگڙندي وئي. شام جو جيئن سج لهڻ لڳو، تيئن مولانا جي نبضن جو تحرڪ به گهٽبو ويو. اڌ رات جو اسپتال جي گهڙيال جيئن ٻارهن وڄائي ان ڏينهن ۽ تاريخ کي الوداع ڪيو ۽ تاريخ جو ورق ورايو، تيئن هيڏانهن ملڪ الموت به مولانا محمد شفيع جي زندگيءَ جو ورق ورائي ڇڏيو. هي هڪ شخص جي زندگيءَ جو ورق نه هو جو وريو، پر پوري قوم جي علمي وقار جو ورق هو، جو اُن ڏينهن ۽ تاريخ تي هميشہ لاءِ ورايو ويو. هي اهو سانحو هو، جنهن جي اذيت عارضَي نه پر دائمي هئي. اها اذيت هڪ خاندان ۽ قبيلي يا شهر تائين محدود نه هئي، پر پوري ملڪ ۽ ملت لاءِ هڪ جهڙي هئي؛

تو آگهي که مرا از غروب، اين خورشيد،
چه گنجهائي سعادت، زيان جان آمد.

لئبرريءَ جي پويان ننڍي لان ۾ علمي دنيا جي هن اڳواڻ ۽ رهنما جو لاش آخري سفر لاءِ تيار رکيو هو. سندس عزيزن ۽ قريبن کان سواءِ شهر جا معزز ۽ علمي شخصيتون به موجود هيون. جسٽس رحمان صاحب، حميد احمد خان صاحب، حامد علي خان صاحب، مولانا
صلاح الدين (مرحوم)، ڊاڪٽر سيّد محمد عبدالله صاحب، ڊاڪٽر محمد عبدالله چغتائي، شيخ محمد اڪرام صاحب ۽ سيّد محسن شاهه صاحب جن هئا. انهن کان سواءِ يونيورسٽي جا ڪيترائي استاد به آيا هئا. جيترا به ماڻهو موجود هئا، غمزده ۽ سوڳوار بيٺا هئا. سڀني جي منهن تي اداسي ڇانيل هئي. سڀني کي ان نقصان ۽ زيان جو اندازو ۽ احساس هو.

آخري ديدار کان پوءِ چار وڄي پنجن منٽن تي ڪفن جون ڏوريون ٻڌيون ويون. اسان ڏٺو ته هڪ مؤمن جو منهن هو، جو ڏاڍو مطمئن ۽ پرسڪون ٿي لڳو. مولانا وڏي اطمينان سان هن دنيا کي ڇڏي وڃي رهيو هو.

بندهه ام پاک روي راکه، درين دير کهن
تازيد باک زيد، چون برود پاک رود

پوري ساڍي پنجين وڳي خاڪي جسم کي خاڪ جي سپرد ۽ خالق جي حوالي ڪري، سندس عزيزن ۽ عقيدتمندن جو اهو ننڍڙو قافلو ڦرجي ويل قافلي وانگر اَڇره جي قبرستان مان ٻاهر نڪتو، ۽ ٿوري دير کان پوءِ هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو. مولانا کي اسين رخصت ته ڪري آياسون، مگر:

گيرم که شدي ز ديدهه، مستور
از سينه من، کجا شوي دور

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org