سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:16 

نسيم امروهوي

]هي مضمون اردو اخبار ”حريت“ ڪراچيءَ ۾،
16 ڊسمبر 1974ع تي شايع ٿيو. مضمون جي اهميت کي ڏسندي، مترجم ان جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. ترجمو رسالي ”مهراڻ“ نمبر 04، سال 2015ع ۾ شايع ٿيو
[

نسيم صاحب(1)، ۽ منهنجي پهرين ملاقات 1951ع ۾ خيرپور ۾ ٿي، جڏهن هُن اردو ڪانفرنس گهُرائي(2). آءُ، مولوي عبدالحق مرحوم(3)، جي قافلي ۾ اتي پهتس. ڪانفرنس ڏاڍي ڪامياب ٿي ۽ مهمان نوازي واري لحاظ کان هر شيءِ شاهاڻي طور طريقي سان ٿي.

نسيم صاحب سنڌ ۾ ڪڏهن آيو ۽ ڪيئن آيو، اها ته مون کي خبر ڪانهي، پر هو هُتي پهتو ته خيرپور ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين(4)، ۽ پنهنجي نسلي شرافت ۽ ذاتي فضيلت ڪري ”پناهگير“ (اهو لفظ 1947ع ۾ هندستان کان آيلن لاءِ رائج ٿيو، جيڪو اڳتي هلي ختم ٿي ويو) ڪونه ٿيو. گهرگهاٽ کان سواءِ خيرپور وارن کيس پنهنجي دلين ۾ جاءِ ڏني(5).

منهنجو ساڻس سڌي طرح پالو ڪونه پيو هو، ان سرسري ۽ پهرين ملاقات جي ڪري ڪيترن سالن تائين اها نوبت رڳو پري جي عليڪ سليڪ تائين رهي، هر وقت منهن لڳڻ يا لاڳيتو لاڳاپو، جيڪو پوءِ ذاتي تعلق واري شڪل اختيار ڪري ويو. اهو ان وقت شروع ٿيو جڏهن پاڻ ڪراچيءَ اچي اردو بورڊ ۾ لغت نويسيءَ جو ڪم شروع ڪيائين ۽ مان سندس علمي مقام ۽ مرتبي کان واقف ٿيس(6).

لغت نويسيءَ ۾ نسيم صاحب کي اڳ ئي عبور حاصل هو، ”نسيم الغات“ پاڪستان ۾ مشهور ۽ معروف ٿي چڪي هئي. اردو ٻولي، سندس پنهنجي ٻولي هئي. فارسي ۽ عربي زبان ۽ ادب تي کيس مڪمل دسترس حاصل هئي، ان ڪري جڏهن پاڻ بورڊ ۾ ڪم جي شروعات ڪيائين ته آهستي آهستي سندس جوهر نکرندا ويا ۽ علمي فضيلت آشڪار ٿيندي وئي. ٿوري ئي عرصي ۾ معيار ۽ رفتار واري لحاظ کان نه رڳو پنهنجي دفتري ساٿين کي ڪوهين ڇڏي ويو، پر بورڊ جي ميمبرن جي دلين تي به سندس علميت ۽ فضيلت جو ڌاڪو ويهي ويو ۽ سمورا ميمبر هڪ ڏاهي، ذهين، مايه دار عالم ۽ بزرگ واري حيثيت ۾ سندس احترام ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. سندس پختگي، وقار، سنجيدگي، علمي رسائي ۽ ان سان گڏ مزاح واري شگفتگيءَ، سڀني کي پنهنجو معتقد، مداح ۽ شيدائي ڪري ڇڏيو.

نسيم صاحب (اردو ڊڪشنري) بورڊ ۾ رهندي مون کي قريب تر ٿي ويو، مان سندس علمي برتريءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ سندس بهترين ڪارڪردگيءَ مون کي مجبور ڪيو ته مان پنهنجي علمي ڪمن ۾ سندس مدد ۽ تعاون حاصل ڪريان. اهڙي ريت مون هن کان استفادو حاصل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن به ڪا ضرورت پئي ته، نه مون مدد وٺڻ ۾ گهٻراهٽ محسوس ڪئي ۽ نه ڪڏهن پاڻ مدد ڪرڻ ۾ دير ڪيائين. منهنجا ۽ نسيم صاحب جا رابطا، تعلقات يا گڏيل سوچ جو سفر ان نڪتي کان شروع ٿيو.

علمي ڪم ڪار جي سلسلي ۾ اڻ ڳڻين ماڻهن سان منهنجو پالو پيو آهي، سندن خوبيون ۽ خاميون سامهون آيون آهن. ڪوتاهيون ۽ ڪمزوريون ظاهر ٿيون آهن، ڪارڪردگي ۽ علمي حيثيت جا راز کُليا آهن. مطلب ته چند ڏينهن ۾ هر ڪنهن جي حيثيت منهنجي اڳيان عيان ٿي ويندي آهي ۽ هي بندو سخت مايوسيءَ واري عالم ۾ دعائون ڏيندي پلئه ڇڏائي ويندو آهي. پنهنجي حياتيءَ ۾ مون کي نسيم صاحب جي ئي اهڙي شخصيت ملي جيڪا منهنجي خواهش، ضرورت ۽ خيال مطابق اعليٰ صفت هئي. اڄ تقريباً ڏهه سال گذري چڪا آهن. نسيم صاحب منهنجو دوست، منهنجو هم ڪار، منهنجو معاون ۽ مددگار آهي. هر مشڪل ڪم ۾ منهنجي رهنمائي ڪندو آهي ۽ هر گهڙي، هر وقت منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌيو ويٺو آهي.

ڏهن سالن جي ان چڱي ڊگهي عرصي ۾ مون کيس هڪ جهڙو ڏٺو آهي. قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن لاها چاڙها ڪونه آيا. اهائي يڪسوئي، سنجيدگي ۽ مزاج ۾ اها ئي شگفتگي ۽ منهن تي باوقار مسڪراهٽ، جيڪا پهرين ڏينهن ڏٺي هئي، اهائي اڃا تائين موجود آهي. ڪم کان ٽال مٽول، گهڻو ڪم وڌي وڃڻ ڪري گهٻرائڻ يا وقت اچڻ تي لنوائي وڃڻ، مون ڪڏهن نه ڏٺو! وقت جي پائبندي ۽ لکڻ جي اهائي رفتار جيڪا سندس شروع کان هئي اها اڃا تائين آهي، جيتوڻيڪ هاڻ ٿڪل ٿڪل لڳندو آهي، ۽ صحت واري حوالي سان به ڪمزور ٿي چڪو آهي.

پنهنجي ذاتي زندگيءَ کان نسيم صاحب ڪن سببن ڪري ڪڏهن به مطمئن نه رهيو. ڪيترا اهڙا به موقعا آيا جو جيڪڏهن ڪو ٻيو ننڍڙي ظرف ۽ عام مزاج وارو ماڻهو هجي ها ته صبر ۽ ضبط جو پيمانو پرزا پرزا ڪري ڇڏي ها، پر هن خدا جي بندي ڪڏهن اندر واري پيڙا ۽ تڪليف کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو. مطمئن، خنده پيشاني ۽ شادابي، سدائين پنهنجي ڪم ۾ دلي طرح مشغول ۽ مصروف رهيو. ڪڏهن ڪائي ڳالهه نڪتي به ته کلي اشارتاً چئي ڇڏيندو. ڪڏهن ’هان هُون‘ ڪري ڇڏي، ورنه سدائين صبر ۽ شڪر ۾ رهيو! اها بنهه هڪ سچي مسلمان جي نشاني آهي، جنهن جو پنهنجي خدا ۽ رسول تي ڪامل يقين هجي ۽ جيڪو هر ڪيفيت کي خداءِ ذوالجلال طرفان تصور ڪندي، امتحانن مان لنگهندي، زندگيءَ جو سفر سرِ ڪندي، اڳتي قدم وڌائيندو وڌندو ويندو هجي! سچي ڳالهه ته اها آهي ته نسيم صاحب جي اها ايماني قوت ڏسندي، اسان جهڙن ڪمزور ماڻهن جي دل به مضبوط ٿي ويندي آهي. زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڏکيا موقعا آيا، جڏهن منهنجي ايماني قوت ۾ سگهه اچي وئي ۽ مان زندگيءَ جي انهن اڙانگن مرحلن مان نسيم صاحب جي ڪردار کي اڳيان رکندي خير خوبيءَ سان نڪري ويس.

انسان ۾ سڀ ڪجهه هوندو آهي. سٺايون جيڪڏهن وڌيڪ آهن ته ڪجهه ڪسايون به گڏوگڏ هونديون آهن. خوبيون ڪثرت سان آهن ته ٿوريون خاميون به پلئه ۾ پيل هونديون آهن. آخري ڏهن سالن واري ساٿ سنگت ۾ زندگيءَ جا سمورا پاسا، هڪ ٻئي اڳيان عيان ٿي ئي ويندا آهن، پر بغير مبالغه آرائيءَ جي اڄ تائين نسيم صاحب ۾ اعليٰ انساني قدرن کان سواءِ مون کي ڪجهه ٻيو نظر نه آيو آهي.

گذريل ڏهن سالن کان نسيم صاحب مون سان گڏ آهي، منهنجا اڪثر و بيشتر مسودا، سندن تيار ڪيل آهن، جڏهن به مون ڪوئي ڪتاب نقل ڪرڻ لاءِ ڏنو ته اهڙي نموني خوش اسلوبي ۽ تيزيءَ سان اهو مسودي ۾ منتقل ڪري ويو جو مون کي ڀيٽا ڪرڻ يا نظرثانيءَ جي ضرورت تمام گهٽ پئي. نقل جهڙو اصل ڪيائين. فارسي ۽ عربيءَ جو پاڻ عالم آهي، خود شاعر، شعرگو ۽ اديب آهي، تاريخ گوئيءَ تي پورو عبور حاصل اٿس. مسودي ۾ جتي فارسيءَ جو غريب لفظ آيو ته صحت جو خيال رکيائين، حديث آئي ته ٻڌائي ڇڏيائين ته فلاڻي مسودي جي فلاڻو نمبر آيت آهي. عربيءَ جو مقولو آيو ته ٻڌائي ڇڏيائين. شعر يا عبارت ۾ ڪمزوري ڏٺائين ته نشاندهي ڪري ڇڏي، تاريخ ماده غلط ڪڍي وئي آهي ته ان کي درست ڪري ڇڏيندو، مطلب ته مشڪل معاملي کي حل ڪرڻ کان سواءِ اڳتي نه وڌيو. مون سان ڪافي ماڻهو ان علمي سفر ۾ گڏ هليا آهن، پر جيترو اطمينان مون کي نسيم صاحب جي تعاون مان ٿيو، اهو ڪو ٻيو ساٿي مون کي نه ڏئي سگهيو(7). حقيقت اها آهي ته ٻئي جي وس جي اها ڳالهه به ڪانهي. شاعري ۽ تاريخ گوئي نسيم صاحب جا خاص ميدان آهن. تاريخ ۽ تذڪره جي ڪتابن ۾ اڪثر ولادت، وفات يا ڪنهن واقعي تي چيل تاريخون اينديون آهن ۽ نقل تان نقل ٿيندي، ڇا مان ڇا ٿي وينديون آهن. اهڙين جاين تي مون ڏٺو آهي ته نسيم صاحب جي ذهانت، فني مهارت ۽ تاريخ گوئيءَ تي گرفت بنهه بجليءَ واري تجلي ڏيکاري ڇڏيندي آهي. جيڏانهن وهم گمان به نه هوندو آهي اتي سندس فهم رسائي ٿي ويندي آهي. مون هڪڙي تاريخ جي تصحيح ڪرڻ يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پَهَرَ ضايع ڪري ڇڏيا، پر جڏهن نسيم اڳيان اها تاريخ پيش ڪئي ته هڪڙي ئي لمحي ۾ حل ڪري تاريخ کي پنهنجي اصل صورت ۾ پيش ڪري ويو. اها علم سان گڏوگڏ ذهانت ۽ فراست واري ڳالهه به آهي، جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي.

تا به بخشد خدائي بخشنده!

نسيم صاحب کي خداوند ذوالجلال جتي علم و فضل دانش ۽ بينش جا بي بها خزانا عطا ڪيا آهن، اتي زماني ۾ رفتار ۽ گفتار جي طور طريقن تي به پوري گرفت ۽ مهارت عطا ڪئي آهي. کيس معلوم آهي ته سخت کان سخت تڪليف ۽ بنهه ڏکين حالتن ۾ انسان کي ڪهڙي حيثيت ۾ زندگي گذارڻ گهرجي. محفل ۽ مجلس ۾ ڪهڙي انداز سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، ۽ مشڪل کان مشڪل مسئلي کي ڪهڙي طريقي ۽ نموني سان ڪنهن جي اڳيان پيش ڪرڻ گهرجي، جو مسئلي جا سڀ ئي پاسا به اڳيان اچي وڃن، ۽ ساڳئي وقت حل به سولو نظر اچي. مون باربار ڏٺو آهي ته زندگيءَ جي معاملن يا ڪاروباري مسئلن ۾ جڏهن به ڪا پيچيدگي نظر آئي ۽ اسين سڀ پريشان ٿي وياسين، ان وقت نسيم صاحب فقط پنهنجي تدبر ۽ سمجهداريءَ سان معاملي کي سلجهايو. بلڪ گڏوگڏ ڳالهه ٻولهه ۾ اهڙو ته انداز اختيار ڪيو، جو ان جو حل يا طريقه ڪار خود بخود ذهنن ۾ اچي ويو.

لغت نويسي هجي يا بورڊ (اردو ڊڪشنري) جا ڪاروباري معاملات، نسيم صاحب جو وجود هميشه مشعل راهه رهيو آهي.

مون جيسين تائين سندس شخصيت جو مطالعو ڪيو آهي، مان وثوق ۽ پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته سيّد قاسم رضا نسيم امروهوي صاحب کي جيڪو ماحول مليو آهي، اهو سندس فهم فراست، علم و دانش جي ڀيٽ ۾ ڏاڍو تنگ ۽ محدود آهي. سندس لاءِ درحقيقت، حدِنظر کان ڏور، تمام ڏور بلڪ لامحدود وسعت گهربي هئي، پر ڇا ڪجي؟ زماني ته سدائين صاحبِ نظر ۽ اهلِ دل سان ناانصافي ڪئي آهي!

سنڌيڪار پاران حاشيا:

(1) پورو نالو سيّد قاسم رضا تقوي تخلص ’نسيم. 27 رجب 1329هه مطابق 24 آگسٽ 1908ع تي امروهه ضلع مراد آباد ۾ پيدا ٿيو. امروهه سان تعلق واري حوالي سان هن پاڻ کي مستقل طور نسيم امروهوي سڏائڻ شروع ڪيو. هندستان ۾ مختلف ملازمتون ڪرڻ کان پوءِ، اچي خيرپور جا ٿاڪ وسايائين. خيرپور مان پنهنجي آبائي ضلعي مراد آباد جي نسبت سان ٽه روزه ’مراد‘ نالي اخبار جاري ڪيائين جنهن جو 1958ع ۾ ”تاريخ خيرپور“ نالي ڊبل ڪرائون سائيز جي 200 صفحن تي مشتمل شاندار نمبر جاري ڪيائين. 1961ع ۾ هو ڪراچي لڏي ويو، جتي 28 فيبروري 1987ع تي وفات ڪيائين.

(2) اها ڪانفرنس 4- مارچ 1951ع تي ٿي هئي، جنهن جي پهرئين اجلاس جي صدارت ڊاڪٽر محمود حسين ڪئي، جيڪو ان وقت مرڪزي حڪومت ۾ وزير هو. ٻي نشست جي صدارت مولوي عبدالحق ڪئي. ٽين نشست مشاعري جي هئي، جنهن ۾ هند و پاڪ جي تقريباً سڀني شاعرن کي گهرايو ويو هو (تاريخ خيرپور 1955ع، ص 124).

    ان ڪانفرنس جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون قابل ذڪر آهن:

(الف) ان ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي مولوي عبدالحق چيو هو، ”پاڪستان ۾ جيڪي ٻوليون رائج آهن، اهي سڀ اسان جون ٻوليون آهن، هر شخص کي پنهنجي مادري يا صوبائي ٻوليءَ سان محبت هوندي آهي ۽ هئڻ گهرجي، ٻئي ڪنهن کي ان جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو حق ناهي“  (خطبات عبدالحق، 1952ع، ص 431).

(ب) ان ڪانفرنس جي پهرئين اجلاس ۾ پير حسام الدين راشديءَ جي تحريڪ ۽ جلسي وارن جي تائيد سان هڪ اهم قرارداد پاس ڪئي وئي، جنهن ۾ خيرپور سرڪار کي اپيل ڪئي وئي ته سنڌي ٻوليءَ جي سرپرستي ڪئي وڃي. انگريزي ٻوليءَ کي آفيسن مان فارغ ڪري، پاڪستان جي قومي زبان اردو کي رائج ڪيو وڃي (تاريخ خيرپور، 1955ع، ص 124).

(ج) ان ڪانفرنس ۾ ئي پير صاحب پنهنجو مشهور مقالو ”سنده اردو ڪا مؤلد“ پيش ڪيو هو، جيڪو ڏاڍو پسند ڪيو ويو. ان ڪانفرنس ۾ پڙهيل مضمون ۾، راشدي صاحب راءِ ڏني ته اردو ٻولي سنڌ ۾ جنم ورتو. ليڪن بعد ۾ هن راءِ تان هٿ کڻي ويو. (ڏسو نقوش سليماني 1967ع، ۽ امين المُلڪ نواب مير محمد معصوم بکري 2005ع، ص 31).

(د)   ان ڪانفرنس جي توسط سان خيرپور ۾ انجمنِ ترقي اردو جي شاخ کولي وئي، جنهن جو مولانا نسيم کي ناظم مقرر ڪيو ويو ۽ ان ميدان تان مولانا کي ”نسيم اللغات“ تيار ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ اردو جي اها جامع ۽ بسيط لغت تيار ڪري ورتي.

(3) اردو جو نامور عالم، جيڪو باباءِ اردو طور مشهور آهي.

(4) نسيم صاحب 1950ع کان پوءِ هيڏانهن آيو، سندس پاڪستان ۽ سنڌ اچڻ جو پڻ عجيب داستان آهي. مولانا صاحب ورهاڱي کان اڳ 900 صفحن تي مشتمل مسدس ”برق باران“ عنوان سان لکيو هو. جنهن ۾ هن مسلمانن کي  هندن خلاف ڀڙڪائيندي ڌار ٿيڻ جي ترغيب ڏني هئي. ورهاڱو ٿي وڃڻ کان پوءِ 1950ع ڌاري اهو مسدس حڪومت هند ۾ بحث جو موضوع ٿيو ۽ مولانا خلاف بغاوت جي الزام ۾ ڪيس داخل ٿيڻ جون خبرون مشهور ٿي ويون. اهڙي ريت اها خبر ٻڌڻ کان پوءِ هو پنهنجو سڀ ڪجهه اتي ڇڏي، فوراً هندستان مان نڪري آيو ۽ 16 مئي تي اهل عيال سان لاهور پهتو. پاڻ اعليٰ پايي جو شاعر هو، پر هن مرثيه گوئي ۽ آل رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي شان ۾ شعر چوڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني. تازو سندس مرثين کي ڊاڪٽر هلال نقوي ايڊٽ ڪري ”مراثيه نسيم“ نالي ڪتاب شايع ڪرايو آهي.

(5) خيرپور جو سينئر استاد مرحوم حاجي محمد حداد ٻڌائيندو هو ته، 1950ع واري ڏهاڪي ۾ هندستان کان آيلن لاءِ، ٽريننگ ڪاليج خيرپور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جو سرٽيفڪيٽ ڪورس شروع ڪيو ويو هو، جتي مختلف استاد ابتدائي سنڌي ڪورس جي سکيا ڏيندا هئا. ڪورس جي پڄاڻيءَ تي جڏهن سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب ٿي، تڏهن نسيم صاحب اهو چئي سرٽيفڪيٽ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ته ہمیں اس کی کوئی ضرورت نہیں ہے“.

(6) نسيم امروهوي صاحب، ڪراچيءَ ۾ 1961ع ڌاري آيو.

(7) ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ٿي ۽ ان ۾ مختلف حوالن سان تحقيق جون اسڪيمون شروع ڪيون ويون. ان جي هڪڙي اسڪيم پراڻن قديم قلمي نسخن جو اتارو ۽ ايڊيٽنگ ڪرائي انهن کي محفوظ ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ هندستان کان دربدر ٿي آيل ڪجهه عالمن ۽ ڪاتبن کان معاوضي تي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ڪم به وقت سر سولائيءَ سان ٿي وڃي ۽ انهن علمي ماڻهن جي مالي مدد جو وسيلو به جُڙي پوي. ان ڳالهه کي بنياد بنائي اردوءَ جي ڪن عالمن پير صاحب خلاف موراڳو، منفي پرچار جي حد تائين اهو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو ته پير حسام الدين راشدي پاڻ ڪو محقق يا عالم ڪونه هو. هن ته هندستان کان آيل غريب الوطن عالمن کان مسودا تيار ڪرائي، پنهنجي نالي تي ڪتاب شايع ڪري نالو ڪمايو.

ان وقت پير صاحب جي دوست ۽ نامور عالم مشفق خواجه ”تڪبير“ رسالي ۾ ”تاريخ نويس يا ٹلی نویسی“ عنوان سان مضمون لکي، اهڙيون حرڪتون ڪندڙن کي عاليشان علمي جواب ڏنو هو. مشفق خواجه جو اهو مواد رسالي ”مهراڻ“ نمبر 02، سال 1997ع ۾ ڇپيو.

 

فردوسي ۽ شاهه نامي جو سنڌ تي اثر

 

[جناب سيّد حسام الدين راشدي مرحوم جو هي مقالو اسلام آباد مان نڪرندڙ فارسي رسالي ”دانش“ نمبر 11 (سرءُ، 1366 هه.ش) ۾ ڇپيو آهي. اصل ۾ هي مقالو مشهد شهر ۾ ٿيل فردوسي ڪانفرنس (14-18 جولاءِ 1975ع) ۾ پڙهيو ويو هو. راقم الحروف جي ڪوشش سان ان جو سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ“ نمبر 02، سال  1989ع ۾ شايع ٿيو]

سنڌ صدين کان فارسي ٻوليءَ ۽ ادب جو مرڪز پي رهي آهي. شعر ۽ سخن، تصنيف ۽ تاليف جو به فارسي زبان ۾ گهڻو رواج هلندو رهيو. عام ماڻهن جي زندگيءَ تي به فارسيءَ جو گهڻو اثر رهيو آهي. اڪثر ڪري علمي گفتگو، سوال جواب، خط و ڪتابت توڙي بحث مباحثا به فارسيءَ ۾ ٿيندا هئا. ايران ۽ ٻين ملڪن وانگر سنڌ ۾ به سعدي، رومي، فردوسي ۽ حافظ جو وڏو رتبو ۽ اثر رهيو آهي. ايتري تائين جو انگريزن جي تسلط کان اڌ صدي پوءِ به انهن شاعرن جو نالو ۽ ڪلام، محفلن ۽ مجلسن جو سينگار هو. جيتوڻيڪ زمانو بدلجي ويو آهي ۽ ماڻهو به فارسي نه ٿا ڄاڻن، پر اڄ به سنڌ ۾ انهن ادب جي استادن جو نالو وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو.

سعدي، مولوي (رومي)، نظامي، جامي ۽ حافظ جو سنڌ ۾ ڪيترو اثر آهي، اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن مان هر هڪ تي جدا جدا گفتگو ڪري سگهجي ٿي. بهرحال اڄ هن مجلس ۾ سنڌ تي فردوسي ۽ سندس شاهنامي جي اثر متعلق ڳالهه ٻولهه ڪبي.

سنڌ جا ماڻهو بهادر، جنگجو، غيرت مند ۽ پنهنجي تاريخ جا دل سان عاشق آهن. انهن جي تاريخ ئي سندن جنگي داستانن سان ڀرپور آهي ۽ ڏيکاري ٿي ته انهن دشمنن جي آڏو وطن جي خاڪ جو ڪيئن دفاع ڪيو. ليڪن سندن شعر پسندي ۽ لوڪ ادب به تاريخي داستانن سان ڀريل آهي، جنهن ۾ به تيرن، تلوارن ۽ هٿيارن پنهوارن جو ذڪر آهي. انهن داستانن ۽ بهادرن جي يادگارن مان ظاهر آهي ته سندن ذهني ۽ فڪري پرورش به ساڳي ريت ٿيل آهي. اها به فخر جي صورت آهي ته اهڙي علمي ادبي ذوق شوق سان گڏ هن ملڪ جا ماڻهو، پنهنجي تاريخ ۽ روايتن کي عزيز رکن ٿا، ۽ گڏوگڏ فردوسي ۽ سندس شاهنامي کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه سمجهن ٿا ۽ سندس شاعري ۽ روايتن مان فال به ڪڍن ٿا.

هاڻي کان ڪجهه وقت اڳ ڪيترن ئي اهل سخن کي شاهنامي جو ڪو حصو ياد هوندو هو. ان جي رزم آرائيءَ جون ڳالهيون ڪندا ۽ داد شجاعت ڏيندا هئا. انهن مان هڪڙا جنگي داستان سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهندا هئا ته ٻيا وري شاهنامي جا فارسي شعر ياد پڙهندا هئا. اهڙيءَ ريت پنهنجي بهادري ۽ دفاعي طاقت کي ياد ۽ زندهه رکندا هئا. سخن دان ته سڄو فارسي شاهنامو ياد ڪندا هئا. ادبي تاريخ ۾ انهن کي ”شاهنامي جا حافظ“ جي لقب سان به ياد ڪيو ويو آهي. ٺٽي شهر ۾ فارسي گو شاعر لاله آسا رام کي سڄو شاهنامو ياد هو (1). شاهنامي جو بحر خوش رنگ ۽ وڻندڙ آهي، ان ڪري هي وزن سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند هو. ٺٽي جي هڪ ٻئي عالم ابوالبقا وري سعديءَ جي فارسي ڪتاب گلستان کي متقارب مثمن مقصوربحر ۾ آندو هو (2).

سن 999هه ڌاري عبدالرحيم خانخانان سنڌ ۾ آيو هو ته، جيئن ان کي (سنڌ) ترخانن جي قبضي مان آجو ڪري، اڪبر جي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري. علامه ابوالفضل، اڪبر بادشاه جو وزير ۽ گهاٽو دوست هو. جن ڏينهن ۾ جنگ جاري هئي، تڏهن ابوالفضل جا ڪجهه خط پهتا، جن ۾ تاڪيد ٿيل هو ته ان وقت شاهنامي جو اڀياس ضروري هو (3). انهن مان هڪ خط ۾ ابوالفضل لکي ٿو:

”توهان جي مجلسن ۾ ظفرنامه، شاهنامه ۽ چنگيزنامه جو ذڪر هجي. جنگ وقت اخلاق ناصري، مڪتوب شيخ شرف منيري، خاقاني ۽ حديقه پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي. ڇو ته انهن ڪتابن ۾ دنيا جي ترڪ ڪرڻ جي گفتگو ڪيل آهي ۽ اسان جو واسطو وري دنيا جي بزم ڪثرت.....“ (4).

ظاهر آهي ته لڙائيءَ جي ڏينهن ۾، ۽ جنگ جي وقت شاهنامي کي پڙهڻ لازمي سمجهيائون ٿي. ان جو سبب اهو ئي آهي ته شاهنامي جي پڙهڻ سان احساس ۾ جوش ۽ ارادي ۾ پختگي پيدا ٿئي ٿي. شاهنامو بهادرن کي به جرئت ڏياري ۽ همٿ وڌائي ٿو.

حقيقت ۾ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ شخصي محفلن جي رونق وڌائڻ ۽ مجلسن مچائڻ ۾ شاهنامي جو مکيه ڪردار آهي. اهي محفلون ۽ مجلسون سومهڻي نماز کان پوءِ اڌ رات تائين متل هونديون هيون. ڪڏهن سعدي ۽ ڪڏهن حافظ، پر زيادهه ۽ گهڻو ڪري ڪچهرين جو موضوع شاهنامو ئي رهندو هو. البته صبح جي وقت روميءَ جي مثنويءَ کي قرآن مجيد جي تلاوت کان پوءِ وڏيءَ عقيدت ۽ محبت سان پڙهندا هئا.

ٽالپر حڪمرانن جون محفلون ته گهڻو ڪري شاهنامي سان ئي آباد هيون. مير فتح علي خان ٽالپور، جنهن سنڌ جي حڪومت ڪلهوڙن سان جنگ ڪري ورتي هئي، پنهنجي جنگي ڪارنامن کي شاهنامي جي حڪمرانن ۽ ڪارنامن جي برابر ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ شاهنامي جي پڙهڻ کي رواج ۾ آندو (5). جيسين ”فتح نامہ“ لکجي تيار نه ٿيو هو، سندس مجلس ۾ شاهنامو ئي پڙهيو ويندو هو. مير فتح علي خان ٽالپور جي فتح ۽ ڪاميابين کي، جڏهن مير عظيم الدين ٺٽوي شاهنامي جي بحر ۾ ”فتح نامہ“ نالي ڪتاب لکيو، تڏهن به شاهنامي جو پڙهجڻ پنهنجي جاءِ تي اهم هو. ان بعد شاهنامو ۽ فتح نامہ ئي موضوع سخن بنيا رهيا. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو:

”پاڻ شاعر کي مقرر ڪيائين.... ته سندس ڪارنامن کي فردوسيءَ وانگر شعر ۾ آڻي ۽ ”فتح نامہ“ کي ان جهڙو شاهڪار جاودان سڏيو..... هاڻي درٻار ۾ فتح نامو پڙهجي ٿو ۽ ڪي درٻاري ان مان وڻندڙ شعرن کي بر زبان ياد به ڪن ٿا“ (6).

جنهن وقت ٽالپرن جو حڪمران گهراڻو سٺ سالن جي حڪومت کان پوءِ 1843ع ۾ انگريزن هٿان زوال پذير ٿيو، تڏهن شاهنامي پڙهڻ جو ويتر رواج وڌي ويو، ڇو ته نا اميدي ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ شاهنامي جا قصا تنهائي دوران دلجاءِ ۽ قرار ڏيندڙ هئا. ايران جي دليرن جي ڪارنامن، ميرن کي دلداري ٿي ڏني، ته هڪ ڏينهن هٿ مان ويل حڪومت وري موٽي ملندي. قيد ۾ بند ٿيل مير صاحبان، جي اڃا حال حيات هئا، سي شاهنامو ئي پڙهندا هئا. هيءُ سلسلو ڳچ وقت هليو.

ڪجهه روايتون:

سنڌ جي تاريخ ۾ فردوسي ۽ شاهنامي جي باري ۾ ڪجهه روايتون ملن ٿيون. انهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.

مير نصير خان ٽالپور تخلص جعفري (وفات 1261هه) (7)، فردوسيءَ جي هن بيت:

هر آنکس کہ شهنامه خواني کند
اگر زن بود، پهلواني کند

(جيڪڏهن عورت شاهنامو پڙهي ته بهادري ڪرڻ لڳي) جي جواب ۾ چيو آهي:

هر آنکس کہ خود پهلواني کند
چہ حاجت کہ شهنامہ خواني کند (8).

(بهادر انسان کي شاهنامي پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي).

مير صاحب جي طرز فڪر ۽ روانيءَ کي هن مان ئي ڏسڻ گهرجي، جو پاڻ شاهنامي جيڏو ضخيم ڪتاب ”مختيار نامہ“ جي نالي سان 1241هه ۾ تصنيف ڪيائين (9).

سيّد ثابت علي شاهه (وفات 1225هه) ٽالپري درٻار جو مرثيه گو شاعر هو. خليل ٺٽويءَ جي قول موجب، پاڻ فردوسيءَ جي هن شعر:

سپر بود پشت شہ ڪامياب
چو ابرسيہ مائل آفتاب

(ڪامياب بادشاهه جي پٺ تي ڍال ائين آهي، جيئن ڪارو ڪڪر سج جي سامهون اوٽ هجي)، جي جواب ۾ ان طرز جو شعر چيو ۽ گوءِ کڻي ويو:

سپر بود بر پشت زوجِ بتول
چو مهر نبوت بدوش رسول (10)
.

        (حضرت علي عليہ السلام (زوج بتول) جي پٺ تي ڍال ائين هجي، جيئن رسول ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي ڪلهي تي نبوت جي مهر).

خبر ناهي ته همعصر ايراني اديبن هن بيت کي ڪهڙيءَ نظر سان ڏٺو، پر سنڌ ۾ هيءَ خبر پهتي جا خليل جي زباني ٻڌو: ”جڏهن هي ماڻهو ايران پهتو ته انهن کي حيرت وٺي وئي. چيائون ته سنڌ جو ڄاڻو ڪيئن فردوسيءَ جي رتبي کي پهتو؟“ (11).

سچ يا ڪوڙ، پر هن عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو ته فردوسيءَ سان برابري جيتوڻيڪ هڪ بيت ۾ آهي، پر ڪمال جي ڳڻي سگهجي ٿي. ان ريت ٻين شاعرن به هن ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. خليل ٺٽويءَ ”يد بيضا“ مان صائب، شفائي ۽ مير محمد مراد هنديءَ جي تتبع جا مثال ڏنا آهن. آخر ۾ پاڻ به فردوسيءَ جي پيرويءَ ۾ هي بيت چيو اٿس:

بفرمود تا بر فرس زين کنند
دام اندر دم ناي زرين کنند (فردوسي).
 

بگفتا کہ بر اسب زين را نهند
نہ زين، بلڪه کشتي بدريا نهند (خليل)
(12).

ٽالپرن کان اڳ ۾ به اهو رواج هو ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ فردوسيءَ جي پيروي لاڳيتو هلندڙ هئي. جنهن وقت ميان نور محمد ڪلهوڙو گذاري ويو ۽ سندس پٽ محمد مراد ياب خان تخت تي ويٺو، تڏهن منشي چتر ڀوڄ (وفات 1171هه) ماده تاريخ فردوسيءَ جي هن مصرع مان ڪڍيو:

تقلب نيست در مصرع فردوسي
کہ مرگ خرد بود سگ را عروسي (13).

ابراهيم خليل مؤلف ”تڪمله مقالات الشعرا“ جي مقدمي ۾ فردوسيءَ بابت هڪ لطيفو بيان ڪري ٿو: ”شاهنامي“ جي مقدمي ۾ نقل ٿيل آهي ته ڪنهن بزرگ فردوسي طوسيءَ کي خواب ۾ ڏٺو ته، هو بهشت جي باغن ۾ گهمي رهيو آهي. ان بزرگ کانئس پڇيو ته، هي شرف ڪيئن مليو اٿئي؟ فردوسيءَ چيو الله تعاليٰ جي حمد ۾ بيت چيو هئم، جو رب پاڪ جي بارگاهه ۾ قبول پيو ۽ هي فائدو پيو ۽ اهو هن ريت آهي:

جهان را بلندي و پستي تو اي
ندانم چہ اي هرچہ هستي تو اي

(جهان جي بلندي ۽ هيٺاهين تون آهين. نه ڄاتم ڇا آهين، سڀ ڪجهه تون ئي آهين). ٻئي ڪتاب ۾ ڏٺم ته فردوسي هي ٻه حمد جا بيت پڙهيا هئا:

ستايش کنم ايزد پاڪ را
کہ گويا و بينا کند خاڪ را
بموري دهد مالش نره شير
کند پشہ بر پيل جنگي دلير

شايد جدا جدا خواب آهن، جو هڪ ۾ هو بيت پڙهيائين، ۽ ٻئي ۾ هي ٻه بيت چيائين (14).

جيتوڻيڪ سنڌ جي شاعرن ڪجهه مثنويون شاهنامي جي بحر کان سواءِ ٺاهيون آهن، پر هرجاءِ تي انهن فردوسيءَ جو نالو ادب ۽ احترام سان ورتو آهي. مثال طور مير عظيم الدين ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”هير رانجهو“ جداگانه بحر ۾ ٺاهي آهي. چوي ٿو:

گر از فردوس آيد روح طوسي
بہ بزم دل درين جشن عروسي
خط تهنيتش در محفل شاهه
نويسانم بہ مهر مهر تاماهه(15)
.

سنڌ جي ليکڪن پنهنجن ڪتابن ۾ فردوسيءَ جي شعرن کي تضمين ۽ مثال طور به آندو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي شاعرن ۽ مصنفن جي فڪر تي فردوسي ڪهڙو نه اثر چٽيو آهي. تنهن کان پوءِ هي سڀ مثال ان جو دليل آهن ته ليکڪن ۽ شاعرن جاءِ بجاءِ پنهنجي تائيد لاءِ شاهنامي مان شاهد طور مثال ڏنا آهن.
”مظهر شاهجهاني“ سنڌ جي سياسي تاريخ ”سياست نامہ“ وانگر آهي. ان جي پهرئين جلد ۾ ملڪداري ۽ سلطنت جا آداب ڏنل آهن. مصنف ڪيترين جاين تي فردوسيءَ جي شعرن مان به استفادو ڪيو آهي.

فردوسيءَ جي طرز جي پيروي:

سنڌ جي شاعرن فردوسيءَ جي نموني ۽ تتبع تي گهڻيون مثنويون چيون آهن، جي گهڻو ڪري ڪلهوڙن جي دور کان انگريزن جي اوائلي زماني تائين جون آهن. هن ئي دور ۾ هت فارسيءَ جو گهڻو رواج هو. جيتوڻيڪ گهڻيون مثنويون زماني جي ڏاڍاين کان محفوظ نه رهيون آهن. البت جن تائين اسان جي رسائي ٿي سگهي آهي، انهن جو تذڪرو هيٺ ڪجي ٿو.

(1) نامهء نغز (1155هه) از باغ علي خائف: هن مثنوي ۾ 6473 بيت آهن. ميان نور محمد خدا يار خان عباسي ڪلهوڙي جي زماني ۾ هي مثنوي لکي وئي ۽ ان ۾ نادر شاهه جي سنڌ ۾ اچڻ جا اکين ڏٺا واقعا تفصيل سان ڏنل آهن. هي مثنوي تاريخي واقعن سان سينگاريل آهي. هن مثنويءَ ۾ نادر شاهه جي باري ۾ جيڪي شعر آهن، اهي مون ”منشور الوصيت“ ۾ ضميمي طور شامل ۽ شايع ڪري ڇڏيا آهن. مثنويءَ جي ابتدا هن ريت آهي:

خدايا تو اي آفريننده جان
تو داننده آشڪار و نهان
ز تو شادماني ز تو غم بود
ز تو بر فزوني ز تو کم بود

پڄاڻي هن ريت آهي:

زمين را ز اسپان ز غم در ستوه
زسم ستوران دزم دشت وکوه
عنان سپہ گر بہ ايران کنم
بلشکر، زمين، کوه ويران کنم

۽ فردوسيءَ بابت هن ريت چيل آهي:

چو ديدم بمردانگي استوار
دلاوردم از کار او در نگار
کہ بندم بہ نامش يکي نامہ يي
گرانمايہ گوهر چو ”شهنامہ“ يي
چہ گفتہ است داناي ديرينہ طوس
بيا راست ”شه نامہ“ چون نو عرس
بدور سپہ دار محمود شاه
کہ او بود باتاج و تخت و کلاه
شہ غزنوي شاه نيکو نهاد
ز هي نام محمود فرخ نزاد
پزوهندگي را بيا راست کار
 بہ........ هوشمندان ديار
بگيتي نهان دوست بودش يکي
نشان کيان دادش آن بي شکي
و را بود از موبدان سال خرد
يکي چند اجزايي پيشش ببرد
چو ديد آن خر
دمند روشن نهاد
گذشتہ زمان را زسر کرد ياد
بگوهر شرفنامہ را کنده کرد
عجم را بدين پارسي زنده کرد
ازو گشت روشن دلي هوشمند
کہ بر خواند ديرينہ اجزايي چند
سخن را بسنجند از هر دري
ز هر موبدان و ز هر کشوري
بسي رازهاي نهان کرد باز
پراکنده گفتار را داد ساز
چہ گفت آن گرانمايہ شيرين سخن
بہ شهنامہ فردوسي راي زن
نخستين خديوي کہ کشور گشود
سر تاجداران کيومرث بود

***

سخنگوي فردوسي هوشمند
بلندي گرفتہ ز راي بلند
پسنديده ه
ر گوهر و لعل و دُر
ببرد آن شرفنامہ را کرد پر
گرانمايه گوهر بتاراج برد
پس افتاده بر ديگران بر سپرد
بگفت آن کہ بودش سخن دلپذير
بخوانند گان گشت ور بينظير

***

 

پس آن گہ شد اين نامہء ارجمند
کزو گشت خوانند گان فيض مند
مرا آرزو در دل آمد يکي
کہ سازم يکي نامہء بي شکي
چو ”شهنامہ“ ديدم سکندر دگر
پسند آمدم در دل پر هنر
کہ بندم يکي نامہ يي از نگار
بنام خدايار خان نامدار
بدين داستان شغل را ساختم
يکي ”نامه
نغز“ پرداختم
بعهد خدا يار خان شيرنر
سپہ دار عباسي نامور
هزار و صد و سال و پنجاه و پنج
کشيدم سہ سال اندرين نامہ رنج(16).

هي ڪتاب جيتوڻيڪ شاهنامي جي تتبع تي لکيل آهي، تاهم ان جي فارسي ڪمزور ۽ شعر ڪچو آهي.

(2) حملهء حسيني (1163هه) از محسن ٺٽوي (وفات 1163هه): حقيقت ۾ هي مثنوي حملهء حيدريءَ جو تڪمله يا ضميمو آهي ۽ ڪربلا جي سانحي کي نظم ۾ آندو ويو آهي. هن مثنويءَ جو ٻيو نالو ”اعلام ماتم“ آهي. هن مثنويءَ جو بحر شاهنامي جو بحر متقارب آهي.

ابتدا:

سپاس خرد صانع پاڪ را
همان جان دهي پيڪر خاڪ را

(پيدا ڪندڙ پروردگار جو شڪر آهي، جنهن مٽيءَ جي بوتي کي جان بخشي).

پڄاڻي:

ڪہ تا ڪرد مختار ثقفي خروج
ڪنون حال اورا ببخشم عروج

(مختيار ثقفي خروج ڪيو، هاڻي ان جي حال کي عروج بخشيم).

مختيار جي داستان جو آغاز اڃا مس ٿيو هو، ته پاڻ شاعر هن جهان مان موڪلائي ويو ۽ هن اڌوري مثنويءَ کي مير علي شير قانع ٺٽويءَ ”مختارنامہ“ جي نالي سان پورو ڪيو. حمله حسينيءَ ۾ 9 هزار بيت آهن (17).

(3) نادر نامه شاهنامه نادري (1172هه): هيءَ مثنوي فردوسيءَ جي شاهنامي جي طرز تي چيل آهي ۽ ان جو شاعر معلوم ڪونهي. ساڳئي نالي سان هڪ وڌيڪ ”شاهنامہ نادري“ محمد علي طوسيءَ جو به لکيل آهي، جيڪو انجمن آثار ملي ايران طرفان ڇپيل آهي. شاعر جو مختصر احوال ”مقالات الشعرا“ ۾ آيل آهي (18).

هن مثنويءَ ۾ نادر جي حملن، سندس آغاز ۽ پڄاڻي تفصيل سان منظوم ٿيل آهي (19). هن نسخي جو پهريون صفحو گم آهي، البته ٻئي صفحي جو پهريون بيت هن ريت آهي:

جهان خيزد از جا بہ رقص و سماع
چو آن اختر از مهر در آرد شعاع

اڳين شاعرن جو ذڪر ساقي نامي جي شعر سان شروع ڪيل آهي ۽ انهن جي تعريف ڪيل آهي. فردوسيءَ متعلق چوي ٿو:

ز گفتار فردوسي نامدار
دو بيتي بہ وصف سخن گوشدار
کہ کافيست مارا درين انجمن
همان چار مصرع بہ وصف سخن
بناهاي آباد گردد خراب
ز
باران و از تابش آفتاب
سخن را بنايي برافگن بلند
کہ از باد و باران نگردد نزند
نخستين کہ از فيض ارزندگي
قلم رزدم ازچشمہء زندگي
ز اعجاز فردوسي نکتہ سنج
سر مار کلک، از سخن ريخت گنج
ازو بود، چرخ سخن را مدار
ازو پايہء ن
ظم شد استوار
زبان دار گلشن بہ دست شکوه
بہ ”شهنامہ“ ميزد دم از تيغ کوه
کسي را نيامد برون از زبان
ازان دور تا حال نظمي چنان
بہ بزم سخن تا مقدم نشست
کہ منصوبہء کس چنان کم نشست
بہ بحر تقارب درين داوري
براو، ختم باشد سخن پروري
ازو نام محمود شوکت مدار
بهر صورتي مانده در روزگار
ازو گرنمي يافت يکره گزند
همين شد بہ نيکيش نام بلند

ان بعد پنهنجي شاعريءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته، مثنوي ”شاهنامہ ۽ فردوسي“ جي بحر ۾ چيل آهي:

ز ايام فردوسي نامدار
کہ گرديد آسان سخن استوار
عزيزان پيشين ز بستان فکر
همہ چيده گلهاي مضمون بکر
بتاراج رفتہ است گل هاي باغ
ازان مي کشان خشک مانده اياغ

***

شد از کلک فردوسي پر هنر
در ايام رستم چنين نامور
شد از مشرق کلک آن آفتاب
جهانگير خورشيد افراسياب
ازان نکتہ پرداز شيرين کلام
ملوک عجم را بلند است نام

***

بعرض يکي سال فرخنده فال
سراينده از راستي اين مقال
همانا کہ ابياتش اندر شمار
کہ از هفده باره بود يک هزار
بہ شهنامہ فردوسي نکتہ سنج
کہ سي سال در نظم آن برد رنج
نہ بد پيشتر شصت باره هزار
کہ از کلک او بر ورق شد نگار
دوباره هزار از زبان قلم
بسالي فزون تر نکرده رقم (20).

هن نسخي ۾ 289 صفحا آهن ۽ هر هڪ صفحي تي 52 بيت آهن (21). هي مثنوي سيال ڪوٽ جي نظام الدين جي مثنوي ”شهنشاهه نادري“ جا 1162هه ۾ لکي وئي، ان کان ڏهه سال پوءِ تصنيف هيٺ آئي.

(4) مختار نامہ (1194هه) مير علي شير قانع: هن نظم ۾ قانع ست هزار بيت ”تڪمله حمله حسيني“ نالي سان آندا آهن.

بہ نام جهان داور کرد گار
کہ بر قدرت اوست مختار کار

پڄاڻي:

بماني بہ اين حشمت واعتلا
بہ حق محمد بہ آل عبا (22).

(5) فتح نامه (1199هه) مير عظيم الدين ٺٽوي: شاعر مير فتح علي خان ٽالپور جي درٻار سان لاڳاپيل هو. هن ۾ ان جنگ جو داستان آهي، جنهن ۾ ميرن ٽالپورن، ڪلهوڙن کان حڪومت کسي پاڻ هٿ ڪئي هئي. ان جنگ بابت هي پهريون ڪتاب آهي. ابتدا:

بنام خداوند هر دوجهان
شہ هفت گيتي و نہ آسمان
خداوند کم گير و بسيار بخش
خرد بخش و دل بخش و ديدار بخش

(ٻنهي جهانن جي مالڪ جي نالي سان شروع، جو نون آسمانن ۽ ستن زمينن جو بادشاهه آهي. رب پاڪ گهٽ وٺندڙ ۽ گهڻو بخشيندڙ آهي).

خاتمو:

خداوند عالم نگهدار شان
بہ هر دو جهان ياور و يارشان
بہ شان با
د دايم دعاي عظيم
تو بشنو بفضل، اي خداي عظيم

(جهان جو مالڪ نگهبان ۽ ٻنهي جهانن جو مددگار آهي. اي خدا، تون فضل ۽ ڪرم سان ٻڌي دعا قبول ڪر).

فردوسيءَ بابت چوي ٿو:

بہ فردوس من بين، چہ خوش منظر است
کہ هر مصرعہ اش موجئہ کوثر است
بہ اين حجت امروز، فردوسيم
و ليکن، نه فردوسي طوسيم
کہ او بود مردي بسا نامدار
بہ شعر معاني نکو شه
ريار
بلند آمدش در سخن دستگاه
قلم راند بر صفحہ مهر وما
ه
بہ بزم سخن قدرت نام داشت
زبان يک درخشنده صمصام داشت
ميان من و اوست، بسيار فرق
چہ فرقيکہ دارد بهم غرب و شرق
کہ او عقل بستود من عشق پاک
سلامت پسنديده او، من هلاک
گرفت آن خردمند سر در سپر
من بي خرد تيغ را داده سر
بدامان کشتي زد او دست خويش
نہ چون من بہ دريا بپيوست خويش

***

مضامين شهنامہ اش ديده ام
در افشاني خامہ اش ديده ام
چہ گويد ز فردوسي و ن
ظم او
کہ عزمم کجا و کجا عزم او
وي آراست، اکليل از گوهران
ببزم خسيسان بي جوهران
بہ عهد لواي سخن بر فراشت
کہ عهد سلاطين، وفايي نداشت
ز مسکين گرفتند گنج گهر
ندادندش اندر عوض مشت زر
وفا کرد شان وعدهء زر و سيم
نہ گشتند بر وعدهء خود کريم
چو گنج سخن ديد آن سيم را
بہ آرنده ها داد زان نيم را
دگر نيم داده بگرما بہ آن
کہ در خدمتش گرم بود آن زمان
عجب شاه دل مرد درويش بود
کہ درهمت از شاه خود بيش بود
دل بند، باري چو
بيدار شد
خداوند خود را خريدار شد
نہ محمود ماند و نہ سيم و زرش
نہ آن تخت ماند و نہ آن افسرش
مگر سستي عهد او يادگار
بمانده است برصفحهء روزگار (23).

(6) شاهنامه (1249هه) محمد عالم: هن مثنويءَ ۾ جنگ جو احوال آهي، جا خيرپور جي والي مير علي مراد خان ۽ شاهه شجاع افغانيءَ جي وچ ۾ ٿي هئي. حملي آور شاهه شجاع شڪست کاڌي هئي. هن جنگ جي باري ۾ سنڌي زبان ۾ به ڪجهه مثنويون چيل آهن. محمد عالم ان کي 340 بيتن ۾ آندو آهي. سندس شعر البته ڪچو آهي.

ابتدا:

سپاس است مر حضرت ذوالجلال
ڪريم الرحيم است تا در ڪمال

خاتمو:

همان دم بخوان باعث حفظءِ!
بہ تصديق او را ولي خمسهءِ!

 

هن مثنويءَ کي مير علي مراد خان لاءِ ڪاتب، فتح چند پٽ ديوان ٽهلرام سيوستاني ڪتابت ڪيو آهي. ڪتابت جي تاريخ 29 رمضان المبارڪ ڏينهن آچر سن 1286هه آهي. شاعر فردوسيءَ کي هن ريت ياد ڪيو آهي:

عجب عالما تست خوش جامہ يي
چو شهنامہ تست شهنامہ يي
نه شهنامہ او است پيشينگان
کہ فردوسي اش گفت وصف شهان
بمن است شهنامہ شاهزاد
چوشهنامہ، شهنامہ نامش نهاد

 

(7) فتح نامه (1254هه) مير صوبدار خان: هن مثنويءَ جو شاعر مير فتح علي خان ٽالپر جو فررزند مير صوبدار خان آهي. شاعر هيءَ مثنوي ڪلڪتي ۾ تڏهن لکي هئي، جڏهن هو وطن کان پري هو. هيءَ مثنوي تاريخ جو هڪ ماخذ آهي. مير فتح علي خان جي سوڀن ۽ ڪلهوڙن سان ڪيل لڙاين بابت، هن مثنويءَ ۾ 16300 بيت آهن، ۽ ”جنگ نامہ“ جي نالي سان به مشهور آهي:

آغاز:

بنام خداوند فتح و ظفر
فزاينده عقل و بخت و هنر
خداوند مهر و خداوند ماه
خداوند جان و جهان را پناه

خاتمو:

بيا مطربا لحن دل کش بباغ
بہ مضراب بيفروز چون شب چراغ
سرودي کہ باشد پر از رنگ و بو
چو داود نرم آهن آيد ازو
پس از هجرت مرسل کرد گار
هزار و دو صد رفت و پنجاه و چار
کہ شد نظم اين نوبهار شگرف
بمعني پر
از در چو درياي زوف (24).

 

(8) سفرنامه (1260هه) مير نصير خان ٽالپر: مير نصير خان جنهن پنهنجو تخلص ”جعفري“ رکيو هو ۽ شاهنامي جي بحر جو دلداه هو، جيتوڻيڪ سندس شعر جو موضوع جنگ نه هو، پر ان وزن ۾ مثنويون چوندو هو. انگريزي تسلط بعد جڏهن ڪلڪتي ۾ وطن کان پري هو ته پريشانين ۽ سفر جي تڪليفن سبب هي مثنوي چيائين:

بنام خدايي کہ جان آفريد
ازو گشت سختي و نرمي پديد
فرستاد از لطف پيغمبران
کہ گمراه نگردند تا انس و جان

 

(خدا جي نالي سان شروع جنهن ساه پيدا ڪيو. ان کان ئي ڏک سک ظاهر ٿين ٿا. لطف سان پيغمبرن کي موڪليائين، ته جيئن انسان ۽ جن گمراهه نه ٿين).

پڄاڻي:

بکن جعفري شکر صبح و مسا
کہ موليٰ علي هست مشکل کشا
کہ آسان کند مشکل ما تمام
سخن ختم کردم و اين والسلام (25).

 

(جعفري صبح ۽ شام شڪر ڪر. مولا علي مشڪل ڪشا آهي، سو اسان جون سڀ مشڪل آسان ڪندو).

(9) مثنوي سفرنامه (1260هه) مير نصير خان ٽالپر: هي سفر بابت ٻي مثنوي آهي، ان جو موضوع ۽ بحر ساڳيو آهي. ابتدا:

بنام خدايي کزونقش بست
درون دو عالم هر آنچہ کہ هست
پس از حمد يزدان جان آفرين
کنم نعت پيغمبر پاک دين

***

کنون باز گويم همہ حال خويش
بيان سازم اکنون، ز احوال خويش
ازين پيش گفتم يکي داستان
نمودم در او مختصر هم بيان

 

انگريزن جنهن وقت ميرن کان تاج ۽ تخت ورتو ۽ شاهي خزاني مان ارڙهن ڪروڙ رپيا لٽيا، ان بابت شاعر چوي ٿو:

بوقتي کہ از ما بگرديد هور
بغاوت ببردند هزده کرور
و هم ملک و ناموس ما سر بسر
ببردند در دوستي بيخبر

 

(اسان کان جڏهن زمانو ڦريو. ملڪ، ناموس ۽ ارڙهن ڪروڙ رپيا لٽيائون. اسين بيخبر رهياسون، اهو سڀ ڪجهه دوستيءَ ۾ لٽيائون).

پڄاڻي:

بکن جعفري شکر هردم مدام
بہ آل محمد عليہ السلام (26).

 

(جعفري سدائين شڪر ڪر. آل محمد عليہ السلام ئي بهتر آهي).

(10) جدائي نامه (1260هه) مير صوبدار خان: هي مثنوي به مير صوبدار خان وطن کان پري عزيزن جي ياد ۾ چئي.

ابتدا:

خدا يا شب هجر را ساز روز
ز داغ جدايي دل من مسوز
بيفروز چون صبح صادق چراغ
گل جان من بشگفان باغ باغ

 

(اي خدا، هجر جي رات کي ڏينهن ڪر. جدائي جي داغ کي منهنجي دل مان نه پار. صبح صادق وانگر ڏيئو ٻار. منهنجي جان جو گل باغ وانگر کول).

پڄاڻي:

بيا مطربا! زخمہ بر زن بعود
بياراي مجلس ببانگ سرود
سرودي کہ
از زيد خوشتر بود
شکر خا چو
گفتار دلبر بود (27).

 

(11) مثنوي مؤمن (1271هه) مير عباس علي خان مؤمن (وفات 1273هه): هي ٻياسي بيتن واري مثنوي مؤمن هڪ واقعي جي تعريف ۾ چئي آهي.

ابتدا:

بنام الاهي که گردان سپهر
بر افراخت و افروخت ناهيد و مهر

فردوسيءَ جو ذڪر:

ز فردوسيءِ طوسيءِ پاک دين
بيارم دو ابيات با آفرين
چنين است رسم سراي فريب
گهي بر فراز و گهي برنشيب

***

چو مي گويد آن مرد داناي طوس
کہ نظمش سراسر بود چون عروس
درختي کہ تلخ است ويرا سرشت
گرش در نشاني بباغ بهشت
ور از جوي خلدش بهنگام آب
بہ بيخ، انگبين ريزي و شهد ناب
سر انجام گوهر بکار آورد
همان ميوہء تلخ بار آورد
ز بد گوهران بد نباشد عجب
نشايد ستردن سياهي ز شب
ز ناپاڪ زاده مداريد اميد
کہ زنگي بشستن نگردد سفيد
زبد اصل چشم بهي داشتن
بو
د خاک در ديده انباشتن
چہ خوش گفت رستم بہ اسفند يار
دران دم کہ بودند، در کار زار
کہ در راه من برستيزهه مريز
کہ من خود يکي مايہ ام درستيز (28).

(12) رزم نامه نادر شاهه (قبل 1271هه) مير محمد علي بهرور (وفات 1278هه): هن مثنويءَ ۾ هڪ سؤ ڇهه بيت آهن. ڪرنال جي جنگ ۽ نادر شاهه طرفان دهلي فتح ڪرڻ جو احوال ”جهانڪشاي نادري“ تان ورتل آهي (29).

(13) رزم نامه شير (1271هه) مير محمد علي بهرور: هي مثنوي به بهرور ڪلڪتي ۾ رهڻ وقت چئي. ان ۾ شينهن جي شڪار جو بيان آهي.

آغاز:

سپاس آن خدايي کہ شير آفريد
پي رزم شيران، دلير آفريد

فردوسيءَ بابت چوي ٿو:

 

کند مور بر شير نر چيره دست
زپشہ دهد مالش پيل مست
درين باب فردوسي
ءِ نيک نام
چہ خوش گفت بيتي بہ حسن کلام
ز موري دهد مالش نره شير
کند پشہ بر پيل جنگي دلير

پڄاڻي:

بماند همين نسخہ در روزگار
ز مير محمد علي يادگار (30).

(شال مير محمد عليءَ جو هي نسخو زماني جو يادگار رهي).

(14) شاهنامه سنڌ (1310هه) مير حسن علي ٽالپور (وفات 1324هه): هي مير صوبدار خان جي فتحنامي جو سنڌي ترجمو آهي ۽ شاهنامي جي بحر ۾ آهي. جيڪي واقعا فتحنامي ۾ نه آهن، اهي به هن ۾ اچي ويا آهن. ترجمو آزاد ۽ موزون آهي (31).

(15) شهنشاهه نامه (1318هه) مير حسن علي خان: هي حملهء حيدريءَ جو شاهنامي جي بحر ۾ سنڌي ترجمو آهي (32).

(16) قادري نامه (1326هه) پير علي اصغر راشدي (وفات 1354هه): هن جو مصنف اسان جي راشدي خاندان جو بزرگ هو. پاڻ راشدي خاندان جي تاريخ کي شاهنامي جي بحر ۽ نظم ۾ آندو اٿس. سنڌي ۽ فارسي شعر چوندو هو ۽ خوشنويس به هو. مثنويءَ ۾ چار هزار بيت آهن. سندس هٿ اکرين اڻ پورو نسخو مون وٽ موجود آهي.

ابتدا:

تو قادر ترا قدرت و قادري
تو مي آفريني، تو مي پروري

(تون قادر، توکي ئي قدرت ۽ قادري آهي. تون پيدا به ڪرين ٿو ۽ پالين به ٿو).

فردوسيءَ جي پيروي هن ريت ڪئي اٿس:

عرب را بجايي رسانيد کار
کہ گشتند دهقانها شهر يار
کسي قصر کسري بکسر آوريد
کسي پاي برمسند روم ديد
يتيم آمد و شهرياري گرفت
نہ امداد از کس، نه ياري گرفت

(عرب جو اهڙو ڀاڳ وريو جو ديهاتي بدو به بادشاهه بنيا. ڪنهن ڪسري جي محلات ٿي ڀڳي ته، ڪنهن روم جي تخت تي پير ڌريا. جيتوڻيڪ يتيم آيو ۽ بادشاهي ورتائين، ته به ڪنهن کان مدد نه ورتائين).

مرا از بسي سال بود اين خيال
به تحرير چيزي کشم از مقال
و ليکن، نه چو طوسيءِ پاکزاد
ز کاووس وکسري کنم قصہ ياد

***

چہ حاجت کہ شاهان ستايي کنم
نه من مفلسم تا گدايي کنم

(بادشاهن جي تعريف ڇو ڪريان. سڃو ناهيان جو پنندو وتان).

بہ طمع زر از بادشاهان عهد
شرنگ آوريدند بر جايي شهد

***

همہ فکرتم را تو صائب نما
چو فردوسيءِ طوسيم دل گشا (33).

(17) تاريخ حڪمرانان لس ٻيله (1341هه) محمد سليمان: هي لس ٻيلي جي مختصر تاريخ شاهنامي جي نموني ۽ بحر ۾ آهي (34).

آغاز:

بنام خداييکہ سلطان اوست
خلايق همہ زير فرمان اوست
خداييکہ او قادر مطلق است
خداييکہ او رازق برحق است

(الله جي نالي سان شروع، جو بادشاهه آهي. سڀ مخلوق سندس حڪم جي ماتحت آهي. اهو خدا قادر مطلق آهي. اهو خدا رازق برحق آهي).

پڄاڻي:

بہ بين قدرت قادر ذوالجلال
چنين بخت و دولت پذيرد زوال

(قادر ذوالجلال جي قدرت ڏسو، جيڪو ئي بخت ۽ دولت کي زوال ڏئي ٿو).

ڪتاب جي لکجڻ جو سال:

بده سيزده صد فزون چهل يکي (1341هه)
شده ختم اين داستان اند کي (35).

(18) شاهنامه (1347هه) محمد عاقل: فردوسيءَ جي شاهنامي جو سنڌي نثر ۾ ترجمو آهي. پير صبغت الله راشديءَ جي حڪم سان، هيءُ ترجمو مولوي محمد عاقل عاقلي ڪيو، ته جي ماڻهو فارسي نه ٿا ڄاڻن، اهي هن شاهڪار جي مطلب ۽ مقصد کان محروم نه رهن. دراصل عاقلي ان کي اٺن جلدن ۾ پورو ڪرڻ ٿي گهريو، ليڪن اڃا پهريون جلد تيار ٿيو هو، جو پير صاحب ۽ مولوي عاقلي ٻئي جهان ڇڏي ويا. ڪتاب جو قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي.


* مُترجم: عبدالرسول قادري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org