سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:22 

ذات تي ناهي ڏات

 

]جناب امان علي ”اظهر“ جو ڪتاب: مڱڻهار- تاريخ جي آئيني ۾، شايد 1975ع ۾ ڇپيو. راشدي صاحب هي ٻه اکر، مهاڳ طور ان ڪتاب لاءِ لکيا[

مسٽر امان علي ”اظهر“ منهنجو پاڙيسري آهي. هن وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان، هي ڪتاب تيار ڪيو آهي، ۽ هن ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ جي ”مڱڻهار قوم“ سمن جي هڪ شاخ آهي، سندن اهو خيال آهي ته ان صورت ۾ هن قوم کي آبرو جي نظر سان ڏسڻ گهرجي ۽ نه تحقير جي نظر سان. سندن محنت ۽ مختلف ڪتابن مان ڪڍيل حوالا ۽ نتيجا بلڪل اهم آهن، اميد آهي ته پڙهندڙن جي معلومات جو سبب بنبا.

سنڌ جي ساداتن ۽ مڱڻهارن جو هميشه پاڻ ۾، سماجي طرح اشتراڪ رهيو آهي. شادي غمي ۾، موتي فوتي ۾، ڏک سک ۾، نيڪي ۽ ڀلائيءَ ۾ مڱڻهار هر حال ۾ سيدن جا دعاگو رهيا آهن. ان قرب ۽ ويجهڙائپ جي هوندي، ڪيترن هنڌن تي سنڌ ۾ سيدن ۽ مڱڻهارن جون مٽيون مائٽيون آهن ۽ سيدن جون شاديون ٿيل آهن.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ته هندستان کان آيل ڪوري، موچي، ڪاسائي ۽ ميراثي هتي پاڻ کي ”سيد“ سڏائين ٿا، ته پوءِ ڪهڙو اعتراض آهي جو سنڌ جا ”لنگها“ پاڻ کي اصلي ذات ”سما“ جي نالي سان سڏائين. درحقيقت مڱڻهار اسان جي سماج جو اهم جز آهن. خبر نه آهي ڪهڙي سبب کان انهيءَ قبيلي کي گهٽ نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي. سنڌ ۾ ڪيترن مانوارين قومن سان تعلق رکندڙ قبيلا، پنهنجي پيشي جي نسبت سان اهڙي طرح مشهور ٿي ويا آهن، جو سندن اصلي قوميت يا ذات غائب ٿي وئي آهي. مثلاً ڪوري، ڪنڀر، ڊکڻ، موچي، مهاڻا ۽ ماڇي جيڪي پيشي جي لحاظ سان مشهور آهن. حالانڪ جيڪڏهن تحقيق ڪجي ته اهي سڀ قبيلا ڪنهن نه ڪنهن اچي ذات سان تعلق رکن ٿا. اهو تاريخدانن جو فرض آهي ته رسمن رواجن ۽ اجاين ڏند ڪٿائن کي ڇڏي، اصليت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪن ۽ اصلي قوميت کي ظاهر ڪن.

انهيءَ ڏس ۾ سنڌ جي نوجوان مسٽر امان علي ”اظهر“ جي اها پهرين ڪوشش آهي. اميد ته سندس محنت مقبول ٿيندي ۽ ”مڱڻهار“ پنهنجي ذات ”سما“ سان شاد ۽ آباد رهندا.

13 نومبر 1974ع                                    سيّد حسام الدين راشدي

تعارف

]راشدي صاحب هي تعارف ”پلئه پايو سچ“ ڪتاب لاءِ لکيو. ڪتاب جو ليکڪ علي نواز وفائي، مشهور عالم ۽ محقق دين محمد وفائيءَ جو پٽ هو. ٻَئي وفائي صاحبان، پير حسام الدين راشدي مرحوم جي، ذاتي دوستن ۾ شمار ٿيندا هئا. هي تعارف پڙهندي ئي اهڙو تاثر ملي ٿو. هي ڪتاب وفائي پبلشنگ هائوس ڪراچي پاران، سال 1976ع ۾ ڇپيو هو[

مولانا وفائي مرحوم حال حيات هو. ان وقت اهو وهم وگمان به ڪو نه هو ته جيڪو فرزند پاڻ سان گڏ گهمائيندو وتي ٿو، سو هڪ ڏينهن وڌي وڻ ٿيندو ۽ مولانا صاحب جي روايتن کي نه ڇڙو قائم رکندو، بلڪ انهن جي پاسبانيءَ سان گڏ مولانا صاحب جي نالي ۽ مولانا صاحب جي علمي لاٽ کي به روشن رکيو ايندو.

شڪل شباهت سوڌ مولانا صاحب جهڙي، پيشاني ڪشادي، ڀرون گهاٽيون، اکيون چيرويون آبي، نڪ اشهد آنگر سڌو ۽ سهڻو، وار اڳيان ڇڊا پويان تارونءَ تان کٿل. مولانا صاحب قد ۾ سڌو جهڙو ٻيٽ جو چهو، بدن ۾ ڇڙڪ، بيهڪ ۾ سدا ملوڪ هو. هن جو قد منڌرو، بدن ۾ ڀريل آهي. ڳالهائڻ ۾ ساڳي مولانا صاحب واري ڌنڪ، ماڻهوءَ کي ٻٽن گفتن ۾ فريفتو ڪري وجهندو. سڀ سان سلاماليڪي، هر هنڌ موجود ۽ هر جاءِ تي وڻندڙ، مجلس ٻسي پيئي لڳندي جي هي نوجوان نه هوندو، ويهندو ته مچٽ مچائي ۽ محفل گرمائي ڇڏيندو.

مولانا صاحب جي سڄيءَ سنڌ ۾ هر طبقي جي ماڻهن سان اٿي ويٺي، ڄاڻ سڃاڻ ۽ اچ وڃ جو رستو ۽ راه و رسم هوندي هئي، هن جي به اها ئي روش آهي، مشڪل سان ڪو ماڻهو هوندو جيڪو هن کي نه سڃاڻندو هوندو يا هي ڪنهن کي نه سڃاڻندو هجي.

مولانا صاحب مرهيات هن پٽ کي ڪڏهن پاڻ کان جدا نه ڪندو هو، اسان ان وقت ساڻس پيا وڙهندا هئاسين ته ننڍو پٽ هميشه پيارو ٿيندو آهي، تنهنڪري مولانا صاحب انهيءَ پيار ۾ کيس کاري خراب ڪندو! اها خبر ئي ڪا نه هئي ته باقاعدي تعليم نه ڏيڻ جي باوجود هن فرزند کي اهي سڀ ئي وصفون سيکاري ۽ ڏئي ويندو، جيڪي هوند سالن جي ڪتابي تعليم مان حاصل ڪري نه سگهي ها. علي نواز وفائي ذهين هو، پيءُ جي هر ادا ۽ روش کي دل ۾ سانڍيندو رهيو، نتيجو اهو نڪتو جو اڄ پنهنجي والد جو صحيح جاءِ نشين ٿي ويو آهي. سڀ کان اعليٰ ۽ افضل ڳالهه اها جو کيس لکڻ جي ڏات به قدرت طرفان ملي وئي. اِها ڏات ڪتابي علم تي آهي به ڪا نه، جيڪي ڪجهه چڱن جي صحبت ۽ اٿيءَ ويٺيءَ مان حاصل ٿي سگهي ٿو، سو اُٺ ڪتابن جي پڙهڻ مان ماڻهو پرائي ڪو نه ٿو سگهي. ڇڙو ڪتابي علم تي تڪيو رکڻ ائين آهي جيئن- چار پايء برو کتابي چند- هاڻي سمجهون ٿا ته چڱو ٿيو جو علي نواز وفائي اسڪول نه ويو. اسڪولي علم کي پٺيءَ پاڏهن اڇلائي مولانا صاحب کيس اها سڀ ئي ڏات ڏئي ڇڏي جيڪا وٽس هئي. فڪر، سوچ، چڱن جي صحبت، اٿڻ ويهڻ، جرات سان ڳالهائڻ، خود داري ۽ خوديءَ کي هٿان نه ڇڏڻ، بنيادي طرح قلندر پيشگي، جي اچي وڃي ته راجا، جي نه هجي ته پاڻ پلؤ اَجا ۽ بار هلڪو.

”آزاد“ اخبار مرحوم خان بهادر الهه بخش سومري جڏهن پاڻ سنڌ جو چيف منسٽر هو، ڪڍي هئي. مولانا صاحب ان جو ايڊيٽر هو، علي نواز وفائي لکڻ جي مشق ڀانيان ان وقت ۽ اتهن ڪئي، روزاني اخبار بند ٿي وئي. الهه بخش شهيد ٿي ويو، سنڌ جي سياست ابتي سبتي ٿي وئي، مولانا صاحب به هيءُ جهان ڇڏيو. جڏهن علي نواز وفائي شعور کي پهتو ان وقت هن هفته وار ”آزاد“ کي ڪڍيو، پنهنجي مڙسيءَ تي ۽ حالتن جي سازگار نه هجڻ جي باوجود اخبار نه فقط چالو ٿي وئي، بلڪ اهڙن بنيادن تي اچي پهتي جو اڄ سال ٿي ويا آهن بلا ناغه هر هفتي نڪرندي رهي ٿي.

علي نواز وفائي کي لکڻ جو خاص سليقو ۽ ڍنگ آهي، سندس لکڻيءَ جو رنگ نرالو آهي، ٻولي نِج سنڌي، مٺي، نرم الفاظ ۽ چست فقرا.

”پلئه پايو سچ“ سندس انهن مختصر مقالن ۽ شذرن جو مجموعو آهي جيڪي هن ”آزاد“ ۾ لکيا آهن. مضمون مختلف عنوانن تي آهن. ملڪي، سماجي، تهذيبي ۽ قومي مسئلن تي تبصرو ۽ تنقيد ٿيل آهي. هن مجموعي جي وڏي خوبي هي آهي ته اڄ کان اڌ صدي پوءِ جيڪو ماڻهو پڙهندو تنهن کي معلوم ٿي ويندو ته جنهن دور ۾ اسان رهون ٿا، اهو ڪهڙي قسم جو هئو؟ سماجي، تهذيبي ۽ ملڪي مسئلا ۽ معاملا ڪهڙا درپيش هئا؟ گويا هي ڪتاب اسان واري دور جي تاريخ لکندڙ لاءِ هڪ ڪمائتو ماخذ ٿي سگهي ٿو. مون کي ذاتي طرح خوشي آهي ته علي نواز وفائي پنهنجا مضمون يڪجا ڪري ڇڏيا ۽ يقين آهي ته ماڻهو هنن مضمونن کي نهايت دلچسپيءَ سان پڙهندا.

سچ هي آهي ته علي نواز وفائي کي لکڻ به اچي ٿو ۽ هن دور ۾ ڪيئن رهجي؟ انهيءَ جو ڍنگ ۽ رنگ به کيس اچي ٿو. هن جي زندگي پنهنجي نوعيت جي لحاظ سان ڪامياب زندگي آهي. خدا کيس نظر بد کان بچائي! آمين.

               ڪراچي

15-8- 1976ع                          حسام الدين راشدي  

 

مهاڳ

 

[راشدي صاحب جو هي مختصر ليڪن علمي مهاڳ ڪتاب ”خاطرات مطربي“ جي لاءِ انگريزي زبان ۾ لکيو ويو. مطربي سمرقنديءَ جو هي هڪ ننڍو ڪتاب آهي، جو اصل ۾ فارسي زبان ۾ تيار ڪيو ويو. هي ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اداري ”انسٽيٽوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز“ پاران 1977ع ۾ شايع ٿيو. راشدي مرحوم جي مهاڳ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، ان جو سنڌي ترجمو هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو پيو وڃي]

 

مرڪزي ايشيا ۽ مغلن جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ دلچسپي رکندڙ محقق، هڪ نئون ماخذي مواد ڏسي متوجهه ٿيندا، ڇو ته انهن جي تحقيق لاءِ، ببليوگرافيءَ ۾ هڪ مکيه واڌارو ٿي رهيو آهي. اها اسان جي ڪوشش پي رهي آهي ته، متعلقه عنوان تي اهڙي مواد کي شايع ڪجي، جو اڄ تائين محققن جي نظر کان اوجهل پي رهيو آهي. ان ڪري ته اهڙو مواد اڄ تائين قلمي نسخن جي صورت ۾ پيو آهي. اهڙو مواد اڃا نه ڇپيو آهي، پر ان نوعيت جي ڪتابن جي تلاش ۽ تعارف جو ڪم به اڃا مڪمل نه ٿيو آهي.

مولانا مطربي سمرقنديءَ جو ڪتاب ”خاطرات مطربي“ جنهن کي اسان ناياب تحرير سمجهون ٿا، اهو لکندڙ جي تذڪري ”نسخهءَ زيباي جَهانگير“ جي آخر ۾، ضميمي (خاتمه) جي صورت ۾ موجود آهي. هرمن ايٿي جنهن انڊيا آفيس لئبرريءَ جي قلمي نسخن جو ڪيٽالاگ تيار ڪيو، هن ڪتاب کي ”تذڪره جهانگيري“ سڏيو آهي. حقيقت ۾ هي هڪ منفرد قسم جو ڪم آهي، جنهن جي نوعيت بلڪل جداگانه آهي. اها مغل تاريخ ۽ مرڪزي ايشيائي اڀياس لاءِ، نهايت ئي دلچسپ ۽ ڪشش رکندڙ تحرير آهي.

هي ڪتاب جو هاڻي ڇپجي رهيو آهي، اهو ناياب، اصلي ۽ پنهنجو مثال پاڻ آهي. اولهه ۽ وچ ايشيائي اڀياس مرڪز پاران، ان جي اشاعت اداري جي مکيه مقصدن جي حاصلات طرف، هڪ اهم
اڳ ڀرائي آهي. اها علمي سوڀ تاجڪستان جي مشرقي علمن جي اداري جي، پروفيسر عبدالغني ميرزايف جي علمي تعاون ۽ سخاوت سبب ممڪن ٿي سگهي آهي.

نهايت ڏک سان لکڻو پوي ٿو ته، هن سلسلي جو پهريون ڪتاب ”تذڪرة الشعرا“ جنهن کي پروفيسر ميرزايف ايڊٽ ڪيو هو، ۽ اهو 1976ع ۾ شايع ٿيو هو. ان ڪتاب تي مون وضاحتي حاشيا ۽ تعارف لکيو هو. ان جي جڏهن ڇپيل ڪاپي ”دوشنبه“ پهتي،ايسين اسان جو هي معتبر عالم (پروفيسر ميرزايف) فاني جهان کي ڇڏي دارالبقا ڏي وڃي چڪو هو. سندس وفات 16 آگسٽ 1976ع تي ٿي. ان هوندي به هن جي مرڪزي ايشيائي اڀياس ۾، دلچسپي توڙي ذميداري، هن ڪتاب جي صورت ۾ موجود آهي. هي ڪتاب ”خاطرات مطربي“ هن سلسلي جي ٻئين ڪتاب جي اشاعت سان، جيڪا پروفيسر صاحب جي وفات کان پوءِ ممڪن ٿي آهي، اسان جي پختي ارادي کي ظاهر ڪري ٿي ته، ٻئي ادارا اهڙن مطالعن جي معاملي ۾، هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکندا.

ڊاڪٽر رياض الاسلام ۽ ادارتي ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي، هن ڪم ۾ دلچسپي ظاهر ڪري ٿي ته، اهي اهڙن مثالي تحقيقي ڪمن ۾، تمام گهڻي دلچسپي رکن ٿا. همدرد فائونڊيشن جي صدر حڪيم محمد سعيد جي دلچسپي، نه رڳو هن ڪتاب جي اشاعت ذريعي ظاهر ممڪن ٿي، پر سندس دلچسپي ۽ جذبو، مستقبل ۾ به اهڙن ڪمن لاءِ اميد ڀريو ڏسجي ٿو.

سيّد حسام الدين راشدي

ديباچو

 

[جناب غلام علي الانه ”عاجز“ جي شعري مجموعي ”ڪي پڙاڏا ڪي سڏ“ تي لکيل ديباچو. هي ڪتاب سال 1981ع ۾ ڇپيو]

جناب جي. اَلانا جي شخصيت ۽ وجود حيرت ۾ وجهندڙ آهي. آءُ سندس انساني خوبين جو انهيءَ دور کان معترف آهيان جڏهن پاڻ 1930ع ۾ انگريزي ۾ هفتيوار اخبار ڪڍي ”سنڌ جدائي“ واري يڌ ۾ سنڌ جي ماڻهن سان همدوش ٿي بيٺو. پاڻ انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ جي مسلمانن ۽ هتان جي انگريزي دان حلقه ۽ بحيثيت ليکڪ ۽ انگريزي نثر نويس جي، نهايت مقبول ۽ هڪ خاص مقام جو مالڪ هو.

جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن تيئن سندس ذهانت، قومي احساس، ۽ طبيعت جي گوناگون وصفن تان پردو هٽندو ويو، ۽ معاصرن لاءِ سندس ذات حيرت ۽ اچرج جو باعث بنجي وئي. الانا صاحب هڪ ئي وقت، صحافي، سياسي رهنما، پارليامينٽري زندگيءَ جو ڄاڻو، ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر، آغا خان جو وزير، الغرض سنڌ اندر خواهه پوءِ پاڪستان ۾ ڪابه حيثيت ۽ عزت اهڙي ڪانه هئي جيڪا هن صاحب نه ماڻي. هن فضا مان جڏهن ٻاهر جو رخ ڪيائين، تڏهن وري ڏسندي ڏسندي بين الاقوامي ادارن ۽ ايوانن ۾ ڇائنجي ويو. دنيا جي امن و امان ۽ انساني حقن لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ ڪوشش، انهيءَ دور واريءَ سندس زندگيءَ جو درخشان ۽ يادگار باب آهي ۽ دنيا جي حلقن ۾ تسليم شدهه امر آهي.

انگريزي ادب سان سروڪار ته جوانيءَ کان ئي هيس ليڪن اسان کي تڏهن حيرت ٿي جڏهن مغرب ۽ دور مشرق جي ادبي حلقن، علمي ادارن ۽ موقر دانشگاهن سندس انگريزي نظم ۽ نثر جي قوت ۽ قلم جي زور کي تسليم ڪيو، ساراهيو ۽ کيس اعزاز ڏنا. اهو سڀ ڪجهه ڪو معمولي ڪارنامو نه آهي! اسان سنڌ جي رهاڪن ۽ پاڪستاني باشندن لاءِ سندس وجود ۽ سندس شخصيت واقعي افتخار جو سبب بنجي پئي آهي.

مصنف جي حيثيت ۾ الانا صاحب جا ڪيئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جيڪي ادبي حيثيت سان نهايت ئي ممتاز مقام رکن ٿا. ليڪن اهو سمورو ادبي ۽ علمي سرمايو انگريزي زبان ۾ آهي، جنهن مان ممڪن آهي ته پنهنجي وطن جي ماڻهن پورو فائدو نه ورتو هجي. هن وقت الانا صاحب پنهنجي اباڻي زبان سنڌيءَ ڏانهن توجهه ڪندي پهريون ئي ڪتاب نظم ۾ مڪمل ڪيو آهي جيڪو آئندهه صفحن ۾ پڙهندڙن وٽ پيش ٿي رهيو آهي. مادري زبان هجڻ ڪري ان جو نثر شايد لکڻ سولو هجي، پر نظم سو به ڪلاسيڪي صنفن ۾ چوڻ بيحد مشڪل ۽ تمام اوکو مسئلو آهي. ڪتاب کي ڏسي تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته ذهانت ۽ ڏات خداداد ٿئي ٿي. جنهن کي نصيب ٿئي، جنهن کي ملي! هر ڪنهن جي وس ۽ اختيار جي شيءِ نه آهي. قدرت ضروري نه آهي ته سڀ سان فياض هجي.

ڪي پڙاڏا ڪي سڏ، الانا صاحب جي سنڌي ادب ۾ سندس دسترس جو مظهر اسان جي سامهون آهي. هي ڪتاب ٽن حصن ۾ وراهيل آهي: پهرين حصي ۾ بيت، ٻئي ۾ ڪافيون ۽ آخري حصو آزاد نظم تي مشتمل آهي. پهريان ٻه حصا ظاهر آهي ته اسان جي ڪلاسيڪي صنفن ۾ آهن، جن جو مدار خاص ماحول، روايتن، سنڌي تهذيب ۽ تمدن تي ٿئي ٿو ۽ جنهن ۾ خصوصي استعارا، تشبيهون، ۽ محاڪات ڪتب اچن ٿا. ازان سواءِ تصوف جي چاشني به انهن صنفن جو لازمي جزو ٿئي ٿي. اِهو سڀ ڪجهه اُهو ماڻهو ڪاميابيءَ سان پنهنجي ڪلام ۾ آڻي سگهندو، جيڪو انهيءَ خاص عرفاني ماحول ۽ زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هوندو. الانا صاحب شهرن ۾ زندگي بسر ڪئي آهي. مغربي زبان ۽ ادب سان سندس سروڪار رهيو آهي. سندس ادبي مطالعو به بظاهر يورپي لٽريچر جو رهيو آهي. ليڪن حيرت ٿئي ٿي ته هن صاحب بيتن ۽ ڪافين ۾ انهن صنفن جي سڄي ساز و سامان کي ايڏيءَ قابليت ۽ ڪاميابيءَ سان ملحوظ رکيو آهي، جو يقين ٿئي ٿو ته هي اڪتسابي نه بلڪ وهبي ڪرشمو آهي. يعني:

اين سعادت بزور بازو نيست
تانه بخشند خداءِ بخشندهه!

 

الانا صاحب جي بيتن خواهه ڪافين ۾ اسلامي تعليمات، تصوف ۽ عرفاني رازن ۽ رمزن جا تمام گهرا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي سندس فڪر جي سلامتي، اسلاميات جي اونهي مطالعي ۽ مشاهدي جو پتو ڏئي رهيا آهن. سموري ڪتاب ۾ ڪو به عامي خيال ۽ بزاري تصور ڪونه آيل آهي، جيڪو سندس فڪر جي پختگيءَ ۽ طبيعت جي سلامت رويءَ جو دليل آهي.

ڪلام ۾ بنيادي طرح حضرت شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جا روح ڪارفرما نظر اچن ٿا. شاعر انهن ٻنهي بزرگن جي رنگ ۾ رتل آهي. سٽ سٽ جي رڳ ۽ ريشي ۾ انهن جو عرفان محسوس ٿئي ٿو. مثلاً شروع واري بيت ۾:

سرور تون ستار، اجها عالم آسرا
دائم قائم تون سدا، ڏيهن جا ڏاتار
مالڪ، خالق، خلق جا، مڙني جا مختيار
پرور پالڻهار، مهر ڪر مسڪين تي!

حضرت شاهه جو روح ٻولي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح هيٺين بيتن ۾ به واضح طرح شاهه جو رنگ موجود آهي:

تــــــــــو ۾ اٿــــــــــم آس
تــــــــــن مــــــــــن آهــــــــــه اداس

 

آدم اعلــــــــــيٰ تــــــــــون ڪرين
مــــــــــون کــــــــــي ڪهــــــــــڙي اون

 

آيــــــــــتــــــــــون الهامــــــــــي آهين
هو امــــــــــر الاهــــــــــي آکين

 

تــــــــون پڙاڏو، تــــــــون ســــــــڏ
لاثــــــــانــــــــي! لافــــــــــانــــــــي!

 

 

ويــــــــهــــــــه مَ وک وڌاءِ
تنه
ــــــــان پــــــــــــــــوءِ ملــــــــنديــــــــاءِ

 

 

 

--

 

 

--

 

 

--

 

 

--

ٻانهيءَ تي ڪا ٻاجهه ڪر
سرهو ڪــــــــــر سچا ڌڻي

 

رڪ بنــــــــــائين ســــــــــون
ڳڻي ڳڻيان ڳــــــــــڻ ڪيترا

 

بيت ٻانهيءَ جــــــــــو ٻولي
وايون وڻندڙ هــــــــــي ٿيون

 

تون ڏيو تون روشني
والي! واحد تون وڏو!

 

 

رکــــــــــــــــج آسَ الله ۾
واڌائ
ــــــــي وصــــــــال جــــــــي

 

 

--

 

ڏکيو ٿــــــــــــــــو سفــــــــر سُجهي
ساٿي ن
ــــــــه جــــــــت سنگتــــــــي
ات جهلين
ــــــــدو ڏاتــــــــــــــــار

 

 

حيات جــــــــي هُن پــــــــار
ن
ــــــــه ڪــــــــو مددگــــــــار
ٻانهيءَ جو هٿ ٻاجهه سين

 

 

--

 

نــــــــانءُ نينهن ڳنهــــــــن جــــــــي
ســــبـــــق پــــڙهــــــن ن
ــــــــه ٻــــــيـــــو

 

 

تن سوريءَ ســــــــر رکيو
آيـــــا عــــشــــق ارن ۾

 

 

--

 

پـــنـــــڌ پـــــري مــــنــــزل ڏور
انــــــــدر نـــــــور ئــــــــي نـــــــور

 

 

نبري ڪا نه نينهن ريءَ
جي دلبر سارين دل س
ــــــــان

 

 

--

 

جــــهــــــوليءَ ۾ جــــهــــــــلـــيـــمُ
آئـــــــــــــون ته مــــــڱــــــــڻــــــــهــــار

 

 

جـــــيـــڪــــي ڏنــــو ڏاتــــــار
ڪوڙين ڪ
ــــــــرم ڪريم جا

 

 

--

 

جــــــــوڳــــــيــــــــئــــــــڙا جـــــــــــــــــاڳن
خــــــــوديءَ کــــــــــــــي کــــــــائــيــــن

 

 

پـــــيـــــا الله! اُچــــــــاريـــــــــن
سرجون صـــدائـــــون هـــڻـــن

 

 

--

 

آديـــــــــســـــيــــــــن آڌيءَ اٿــــــــــــي
ســـــــڪ ســـــيــــــن ســـــاريــــائــــون

 

 

انـــــــــــــــــدر اوريـــــــــــائـــــــــون
پـــــــريــــن پـــــرور پانهنجو

 

 

--

 

گــــــــيــــــڙو ســــنـــــدن لــــــبـــــاس
ســـــــي جـــــوڳــــي پــــيــــا پــــــار

 

 

ڳــــــــلـــــــــي ڌاڳـــــــــن هــــــــــار
جن روح ۾ رب ريجهائيو

 

مٿين چند بيتن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شاهه جو ڪيتري قدر نه شاعر جي ذهن ۽ فڪر تي قبضو آهي. اهڙيءَ طرح ٻيو اثر آهي مٿس سچل سرمست جو، جنهن جا اهڃاڻ به ڪلام ۾ گهڻي حد تائين موجود آهن:

چوي ٿو:

ڇا مــــســــجـــــد؟ ڇـــــــا مــــنـــــدر؟
الــــــــــــــک وســــــــــــــي انــــــــــــــــدر

 

 

گــــرجــــــــا ٽــــــڪــــاڻـــــن ۾!
هر هنڌ حاضر حق ٿيو!

 

 

--

 

پــــــــــــاڻ کـــــــــــــــي پاڻ ســـــــــڃــــــــــاڻ
آئــــــــــون کـــــــــــڻ نـــــه ســـــــــــــاڻ

 

 

ورق ســـــــــڀ وســـــــــــــــار
اڃـــــا پــــنــــڌ پـــــري ٿـــيـــــو

 

 

--

 

آئون انســــــــان! آئون امر!
آئون قط
ــــــــرو منجهه درياه

 

آئون جــــــــوت! آئون دانا
عابد، س
ــــــــاجــــــــد آهيان

 

 

--

 

دلــــــــبــــــــر ديــــــــرو دل ۾
پـــــــــــريــــــــــــنءَ پـــــــــيـــــــــالـــــــــو
 

 

ٿــــيــــــــــو انــــــدر اجـــــــالــــــو
پياريو عشق عــمــيــق مــان

 

 

--

 

نــــســـل رنــــگ تــــــرڪ ڪـــــري
عــــشـــــق جـــــــــو چـــــــرخـــــــــو اڏ
 

 

مـــسجــــــد مــــــنــــــــدر ڇـــــــــڏ
ته پرين پسين پاڻ وٽ!

 

 

--

 

ڇــــــــا ذات ڇــــــــا ڪُذات
ج
ــــــــن وســــــــايــــــــو وهم

 

 

آدم مـــــــڙيـــــــو ئـــــــــــــي آدم
ســــي ئـــــي پـــهـچي پار پيا

 

 

--

 

پڙهيئي نــــــــمــــــــازون ســــــــدا
انـــــــــــــدر تـــــــــــــــــــــون اُجــــــــــــار

 

 

روزا    رکـــــيــــــئــــي يـــــــــار
ته رڙهـي رســين رام کي!

 

الانا صاحب جي هن ڪتاب جو اول تا آخر اهو ئي رنگ آهي. ساڳي مستي ۽ موج ڪافين ۾ به آهي. بهرحال سندس هيءَ سوکڙي سنڌي ادب لاءِ املهه تحفو آهي ۽ جهڙيءَ طرح هُن صاحب انگريزي ادب ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪيو آهي. تهڙيءَ طرح سنڌي ادب جي تاريخ ۾ به هي ڪتاب پيش ڪري هن پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي. جنهن لاءِ کيس جَسُ ۽ مبارڪون هجن!

ڪتاب جي ترتيب، تصحيح ۽ پروف ريڊنگ، اسان جي نوجوان اديب ۽ شاعر جناب عنايت بلوچ صاحب نهايت سليقي ۽ خوش ذوقيءَ سان ڪئي آهي، جنهن ڪتاب جي معنوي ۽ صوري حيثيت جو حسن دوبالا ڪري ڇڏيو آهي. جزاڪ الله.

ڪراچي                                                 حسام الدين راشدي

13-1-1981

مهاڳ

 

]عنايت بلوچ جي ڪتاب ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ تي لکيل مهاڳ. ڪتاب سال 1981ع ۾ شايع ٿيو[

1947ع ۾ برصغير جو ورهاڱو ٿيو، سنڌ پاڪستان ۾ آئي، ۽ لکن جي تعداد ۾ غير مسلم آبادي هتان لڏي هندستان هلي وئي. انگريزن جي راڄ ۾ هندن کي هتي نه رڳو اقتصادي برتري حاصل هئي پر ادب، ڇپائي، صحافت ۽ ادبي توڙي سماجي تحريڪن ۾ به هو مسلمانن کان اڳتي هئا. جڏهن ملڪ نئون ٺهيو ته نئين مخلوق به اچي پهتي. هتي جا اصلوڪا رهاڪو انهيءَ انقلاب ۽ آباديءَ جي اُٿل پُٿل مان پيدا ٿيندڙ صورت حال، نتيجن جي اندازي ۽ اثرات کان نه آگاهه هئا ۽ نه تيار. سماج جو هر طريقو ۽ زندگيءَ جو هر شعبو متاثر ٿيو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين متحير رهيو. جتي لڏي ايندڙ آباديءَ کي مسئلن سان سابقو پيو، اتي اصلوڪن رهاڪن کي به اڪيچار مشڪلاتن سان منهان منهن ٿيڻو پيو، جيڪو انقلاب يا وڏي ڦير ڦار جو قدرتي نتيجو ٿئي ٿو. انهيءَ سموري عمل جو ردِ عمل اسان جي زبان، ادب ۽ اديبن تي پيو جيڪي انهيءَ اوچتي آپدا لاءِ اڳواٽ تيار نه هئا، تنهن ڪري فوري طرح پاڻ سنڀالي نه سگهيا. مٿن اچرج، نااميدي ۽ نراسائيءَ جي ڪيفيت طاري ٿي وئي.

ڪنهن انقلاب مان جتي نقصان پهچي سگهن ٿا اتي فائدن جي اميد به رکڻ کپي. انقلاب فقط نااميدي، مايوسي ۽ تباهيءَ جو نالو نه آهي بلڪ بيداري، جدوجهد ۽ سجاڳيءَ جو سنيهو به ٿي سگهي ٿو، يا کڻي چئجي ته هڪ جوڻ بدلائي الهوٽ ننڊ مان اٿي کڙي ٿيڻ ۽ نواڻ اچڻ جو پيغام به ٿئي ٿو، ۽ سنڌي ادب جي سلسلي ۾ ٿيو به ائين. نااميدي ۽ بيوسيءَ جي سمنڊ مان آسري ۽ سجاڳيءَ جي هڪ اهڙي لهر اُڀري جنهن سنڌ جي ادبي دنيا کي سيراب ڪري ڇڏيو. ادب، فنونِ لطيفه ۽ آرٽ جي سڀني صنفن ۾ سجاڳي ۽ نواڻ جو دور (Renaissance) اچي ويو.

سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف عليہ الرحمة جي روايتن جو تسلسل توڙي جو ڪڏهن به ٽٽو نه هو، ليڪن ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ شهرن اندر ”غزل“ جي شڪل ۾، هڪ ادبي شوشو شروع ٿيو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ذهن، فڪر، زندگيءَ ۽ روايتن جو حاصل ۽ حامل نه هو. غزل جي سڄي جوڙجڪ، ان جون سموريون تشبيهون، استعارا ۽ مواد فرضي ۽ اهڙيون هيون جيڪي سنڌ جي اکين نه ڪڏهن ڏ‎ٺيون ۽ نه ڪنن ڪڏهن ٻڌيون هيون. شهري شاعرن غزل چئي نه ڇڙو پنهنجو وقت ضايع ڪيو بلڪ سنڌ جي نازڪ ۽ صاف زبان ۾ گندگيءَ ۽ عفونت جا انبار ڪٺا ڪري ڇڏيا. اصل ۾ شهر جا شاعر پنهنجي تهذيب، تمدن، روايتن ۽ فڪري نزاڪتن کان يڪسر بيگانا ۽ هڪ اهڙي دنيا ۾ هروڀرو جاکوڙ ڪندا رهيا جنهن جو حاصل ڪجهه به نه هو، يعني سندن ”فرمودات“ ۽ ”ارشادات عاليه“ سنڌ ۾ نه مقبول ٿي سگهيا ۽ نه اهي اسان جي ادب ۽ ادبي تاريخ جو جزو بنجي سگهيا. اهو هڪ نامعقول دور هو جيڪو ٽالپرن جي حڪومت کان شروع ٿيو ۽ انگريزن جي زوال واري زماني کان ٿورو اڳ پنهنجي موت مري ويو. افسوس فقط اهو آهي جو ڪاغذ ڪارا ٿيا ۽ وقت زيان ٿيو. اڄ نه انهن شاعرن جو ذخيرو قابِل قدر آهي ۽ نه اهي شاعر ڪنهن کي ياد ئي آهن.

سنڌ کي پنهنجي تهذيب، پنهنجو تمدن ۽ پنهنجو فڪر آهي، جنهن جي اظهار جا ادبي ذريعا به وٽس پنهنجا ۽ مخصوص آهن جن کي ڪافي ۽ ڏوهيڙو چئجي ٿو. انهن جا استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون پنهنجون ۽ نج ملڪي آهن. اهي، جيڪي هتان جو ماڻهو اکين سان ڏسي ٿو، جن سان صدين کان سندس سروڪار آهي ۽ پيڙهين کان سندس پيچ پيل آهي. مسلسل نظم جو به سنڌ کي پنهنجو نمونو آهي جنهن ۾ داستان ۽ پنهنجي تاريخ جا ڪارناما بيان ٿيل آهن. تنهن کان سواءِ سر ۽ ساز به پنهنجا ته تند ۽ تنوار به پنهنجي آهي. باوجود هن جي جو سنڌ تي صدين تائين ڌارين جي قبضي جي پيڙا رهي، غيرن جو تسلط ۽ تمدن قابض رهيو، ٻاهرين جون رسمون ۽ رواج حاڪماڻي ڏاڍَ ۽ ڏَڍَ تي نافذ رهيا، ليڪن سنڌ ۽ سنڌين جي پنهنجي فطرت ۽ فڪر تي نه اثر انداز ٿي سگهيا ۽ نه انهيءَ کي زائل ڪري سگهيا. سنڌ جي حُسن جي پرک پنهنجي، عشق جو معيار جدا، محبوب جو تصور مخصوص ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جذبن ۽ احساسن جو اظهار انتهائي نازڪ ۽ بازاري خواهه اوباش طرز کان پاڪ ۽ صاف ٿئي ٿو. سنڌي شعر ۾ ڪڏهن به عاميانه ۽ اخلاق کان ڪريل نه خيال هوندو ۽ نه تصور. ڳالهه توڙي جو مجاز کان شروع ٿيندي ليڪن انت وڃي حقيقي عشق سان ٿيندس.

شهرن جي غلبي ۽ پنهنجي ادبي ورثي کان بيگانگيءَ سنڌي ادب تي جيڪو سڪتو طاري ڪيو هو، هندن ۽ مسلمانن جي ڪجهه روشن خيال نوجوانن جي اک پٽڻ ۽ ڪوشش سان، پاڪستان کان چند سال اڳ ٽٽڻ شروع ٿيو هو. انهن اديبن پنهنجي وڃايل روايت کي، جنهن جا مهندار شاهه سائين، سچل سرمست ۽ ٻيا ڪيترا ڪلاسيڪل شاعر هئا، وري نه فقط زندهه ڪرڻ جي ابتدا ڪئي بلڪ نئين زماني ۽ ايندڙ حالتن جو جائزو وٺي سنڌي شعر ۾ نواڻ پيدا ڪري، ان ۾ زندگي خواهه ملڪي ۽ سماجي ضروتن سان مطابقت پيدا ڪئي ۽ ان کي جاندار ۽ هڪ حقيقت جو روپ وٺرايو. ليڪن اڃا انهيءَ سجاڳيءَ جي ابتدا ئي هئي ته 1947ع وارو انقلاب آيو جنهن ۾ لڏپلاڻ هڪ دفعو وري ملڪ جي سڄي صورت حال سان گڏ ادبي ماحول تي به اثر ڪيو. نااميدي ۽ مايوسيءَ جو دور ٻيهر شروع ٿيو جيڪو هليو ته چند سال پر انهيءَ کان پوءِ هڪ غير معمولي ذهني ۽ فڪري انقلاب پيدا ٿيو. حقيقت ۾ اهو هڪ معجزو هو. ڪنهن کي به اميد نه هئي ته سنڌي شعر ۽ ادب انهيءَ بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ اُسري سگهندو، ليڪن آفرين آهي اسان جي نئين نسل جي جوان سال شاعرن ۽ اديبن کي جن نه فقط ڇڳل تندون وري ڳنڍي ورتيون پر پنهنجي سڄي ادب ۽ ثقافت کي نئين سر جوڙي حيرت ناڪ انقلاب آندو ۽ انهيءَ ورثي کي آسمان تائين پڄائي دنيا جي آبرومند زبانن جي بهترين ادب جي صف ۾ آڻي بيهاريو.

اهو سمورو انقلاب 30-32 سالن جي قليل مدت ۾ آندو ويو. هڪ فرد جو ارادو ۽ عزم به پنهنجي جاءِ تي اٽل ٿئي ٿو، پر جڏهن پوري قوم ڪو فيصلو ڪري ٿي ته پهاڙن کي به پنهنجي جاءِ تان هٽڻو پوي ٿو. اسان جي نئين نسل جي اٽل فيصلي به نا اميديءَ واريون حالتون ختم ڪري، هڪ اهڙي دنيا پيدا ڪري ڇڏي جنهن تي زوال نه اچي سگهندو. هميشہ هميشہ لاءِ، انشاءالله.

هن وقت سنڌي ادب جي ڪا به اهڙي صنف نه آهي جنهن ۾ ترقي نه ٿي هجي يا نواڻ نه آئي هجي. انهيءَ سلسلي ۾ نه فقط پنهنجي پراڻين روايتن کي جياريو ۽ سنواريو ويو آهي پر سنڌي ادب ۾ خارجي اثرات ۽ رجحان به اهڙي انداز ۾ آندا ويا آهن جو اهي پنهنجا ٿا لڳن، جنهن لاءِ نوجوان نسل اسان سڀني جي مبارڪن جو مستحق آهي. هنن ٻن محاذن تي لڙائي لڙي ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪئي آهي: هڪ ته غزل جي لا يعني صنف جي پوئلڳن کي، جيڪي لڪير جا فقير بنيا ”مهانڊا ۽ مهندار“ شاعر ٿيا ٿي وتيا، ادبي ميدان مان هڪالي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ ٻي يُڌ ادبي صنفن جي تاريخي روايت کي نئين سر زندهه ڪري ان کي اهڙي آبرومند مقام تي آندو جو اسان سڀني جو ڳاٽ اڄ اوچو ٿي ويو آهي. اها جدوجهد ۽ اها فتح، ڪامراني ۽ ڪاميابي، هڪ لازوال تاريخي واقعو آهي جيڪو آئيندي جو مؤرخ نهايت فخر سان لکندو.

اڄ اسان جو ادب، اسان جو شعر، اسان جو افسانو، اسان جي تاريخ سڀ واقعاتي ۽ زندگيءَ جي روزاني روئداد سان وابستہ ۽ پيوسته آهن. حادثن، نا اميدين، زندهه رهڻ جي ڪشمڪش ۽ مسئلن سان تصادم سڀني کي سجاڳ ڪري ڇڏيو ۽ اڄ نه فقط شهر پر ڳوٺ، وستيون ۽ واهڻ سڀ ادبي تحريڪ جا مرڪز ٿي ويا آهن. هر هنڌ هڪ ئي تند ۽ تار، هڪ ئي سر ۽ ساز آهي.

انهيءَ تحريڪ جي سلسلي ۾ جنهن کي اسان سنڌي ادب جو RENAISSANCE چئي سگهون ٿا، سوين ناميارا نالا اچن ٿا جن جو هتي ذڪر ڪرڻ هن ڪري ضروري نه آهي جو هر ادب دوست انهن کي سڃاڻي ۽ اهي هن وقت سج چنڊ وانگر سنڌ جي ادبي آسمان تي چمڪي رهيا آهن. مثلاً اسان جو نوجوان دوست ۽ نئين ٽهيءَ جو شاعر، عنايت بلوچ، جيڪو اڪتسابي نه بلڪ فطرتاً شاعر پيدا ٿيو آهي ۽ جنهن جي ڪلام جو مجموعو ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ پڙهندڙن جي هٿن ۾ اچي رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو. سندس ڪلام مان پڙهندڙ اندازو ڪري سگهندا ته سنڌ جي جوان سال شاعرن، ڪيتري جاندار شاعري ڪري سنڌ ۽ سنڌي ادب جي اوجهل ٿيل آبروءَ کي اوج تي پهچائي ڇڏيو آهي.

عنايت بلوچ وڻندڙ ۽ سٻاجهي سڀاءُ جو نهايت مهذب نوجوان آهي. ادب سان دلچسپي ۽ شاعري کيس پنهنجي گهراڻي مان ورثي طور ملي آهي. هن انهيءَ خانداني روايت کي قائم رکندي جيڪا شاعري ڪئي آهي، اها دنيا جي ڪلاسيڪي توڙي جديد ادب سان هم دوش ڏسي سگهجي ٿي.

سندس شاعريءَ ۾ الهام ۽ روح شاهه لطيف سائينءَ مان ورتل آهي، ليڪن هن قديم ۽ جديد جو نهايت لطيف امتزاج پيدا ڪري پنهنجي ذهانت ۽ فطري شاعر هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي.

عنايت بلوچ جي مزاج ۾ جيڪا ملائمت ۽ فطرت اندر جيڪا سٻاجهائي آهي، انهيءَ جو عڪس سندس شعر جي هر سٽ مان ظاهر ٿي رهيو آهي، جنهن کي پڙهندڙ پهرين نظر ۾ ئي ڏسي سگهي ٿو. عنايت کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان، ملڪ جي هر هڪ شيءِ سان بي پناهه محبت آهي. استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون هن پنهنجي اوسي پاسي جون استعمال ڪري پنهنجي شعر کي مقامي ۽ ملڪي رنگ ۾ رچي ڇڏيو آهي، جيڪو هڪ ته فرضي ۽ غير فطري معلوم نه ٿو ٿئي، ٻيو ته انهيءَ سرمايي سندس شعر کي ملڪ جي لازوال ملڪيت بنائي ڇڏيو آهي.

عنايت جو سمورو ڪلام ڪنهن نه ڪنهن تاثر جو نتيجو آهي. اهو ”شعر براءِ شعر“ نه پر ڪن حقيقتن، ڪن قلبي جذبن ۽ ڪن اکين ڏٺي ۽ فڪري محسوسات جو مظهر آهي. اهو ئي مکيه سبب آهي جو سندس شاعري لا يعني لفظن جو انبار ۽ بي مقصد جملن جو ڍير نه بلڪ هڪ حقيقت ۽ زندگيءَ سان مطابقت رکندڙ ادبي گفت و شنيد آهي.

Text Box: 393
394
395
393
391
389
379
377
375
373
371
369
367
365
363
361
359
357
355
353
351
349
343
341
339
337
335
333
331
329
 
326
324
321
319
317
315
313
311
309
307
305
303
301
299
297
295
293
291
289
287
285
283
281
 
278
276
274
272
270
268
266
264
262
260
258
256
254
252
250
248
246
244
242
240
238
236
234
232
230
228
226
222
220
218
216
214
420
419
414
412
410
406
402
405
27
25
23
21
19
17
14
12
10
8
6
4
2 
12

حسن ۽ عشق انسان جي فطرت جو هڪ اڻ ڇڄندڙ انگ آهي. جڏهن انهيءَ جو اظهار عنايت بلوچ ڪري ٿو ته ان ۾ به سنڌ جي تهذيب، معاشري جي قاعدن ۽ انهن خاص لفظن ۽ جملن کي آڻي ٿو جيڪي اسان جي پنهنجي ملڪيت آهن. سنڌ سندس وطن آهي جنهن سان محبت سندس ايمان جو جزو آهي. انهيءَ جذبي کي ”ويڙها وسن“ ۽ ”وطن ڏي سلام ۽ پيغام“ ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وقت سڄي دنيا جي انسانن سان جيڪو ابدي ناتو ۽ رشتو آهي، جيڪو اسان سنڌين جو نصب العين آهي. اهو به برابر سندس روح ۾ رچيل آهي جنهن جو اظهار هن ”مان انسان آهيان“ ۾ ڪيو آهي.

عنايت جي شاعري زندگي، واقعن ۽ سفر کان متاثر آهي. هي حساس شاعر جتي جتي ويو آهي ۽ جن واقعن سندس احساسن کي جهنجهوڙيو آهي انهن جو هن بي اختيار نظم ۾ اظهار ڪيو آهي. جيئن هڪ مصور ڪو منظر چٽي، اهڙيءَ طرح هن انهيءَ احساس کي نظم ۾ مجسم ڪيو آهي. ليڪن بنيادي طرح سندس شاعريءَ جو ماحصل مختلف صورتن ۾ مجموعي طرح اهو آهي جيڪو هن هيٺين نظم ۾ ٻڌايو آهي:

اَڄ آديسي اچڻا آهن
ڏيئا روشن رکڻا آهن
 

هوشو، هيمون، دُولَهه دودا
مانجهي مور نه مرڻا آهن
 

رات کُٽي ٿي، باکَ ڦُٽي ٿي
ڀاڳَ اسان جا ورڻا آهن
 

سانڊا هاڻي سوگهو آهين
توسان ليکا ڪرڻا آهن
 

ڪنهن جو ڏوهه نه آهي پيارا
پنهنجا ڪرڻا ڀرڻا آهن
 

ڇَپر نيٺ ته ڇيتيون ٿيندا
ٽَڪر آخر ٽرڻا آهن
 

شاهه جي ڌرتي، منهنجا توسان
لکيل مرڻا، پرڻا آهن

ڀايان ٿو ته اسان جي هن نوجوان شاعر جي ذهن ۾ انهيءَ وقت شاهه جو هي شعر تري آيو هو:

”جهونا ڳڙهه جُهرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾“

آءُ هن شاعر لاءِ ٻيو ڇا چئي سگهان ٿو سواءِ هن دعا جي ته رب ڪريم سندس دل جون مرادون پوريون ڪري، ۽ زندگيءَ جون ڪامرانيون کيس نصيب ٿين. سندس وجود سنڌ، سنڌي ادب ۽ سڄي انسان ذات لاءِ هڪ قيمتي وِٿُ آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندي.

Text Box: 395
 
395
393
391
389
379
377
375
373
371
369
367
365
363
361
359
357
355
353
351
349
343
341
339
337
335
333
331
329
 
326
324
321
319
317
315
313
311
309
307
305
303
301
299
297
295
293
291
289
287
285
283
281
 
278
276
274
272
270
268
266
264
262
260
258
256
254
252
250
248
246
244
242
240
238
236
234
232
230
228
226
222
220
218
216
214
420
419
414
412
410
406
402
405
27
25
23
21
19
17
14
12
10
8
6
4
2 
12

60، علي رضا هائوس، 

الحمرا سوسائٽي                                      حسام الدين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org