سيڪشن: مضمون

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب:

صفحو:5 

غلام شاهه راشدي

(سنڌ جو هڪ باڪمال شاعر)

 

[هي مضمون مشهور رسالي ماهوار ”سنڌو“ ۾ نومبر 1937ع ۾ ڇپيو هو. مضمون جي فوٽو ڪاپي ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي ڏني]

غلام شاهه سنڌ جي مشهور علمي خاندان راشديه جو هڪ بلند پايه شاعر ۽ باڪمال بزرگ هو. سندس والد بزرگوار جو نالو پير علي ذوالفقار شاهه هو.

هو پير صاحب پاڳاري (سيّد صبغت الله شاهه) جو پٽ ۽ پير صاحب محمد راشد (روضه واري) جو پوٽو هو. غلام شاهه جي تعليم ۽ تربيت پير ڳوٺ ۾ ٿي، جتي فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پير صاحب جي مدرسي ۾ ورتائين. انگريزي به اعلى درجي جي ڄاڻندو هو. مگر اهو معلوم نه آهي ته اها تعليم ڪٿي ورتائين. بهر حال انهن زبانن جي لٽريچر جو ڪافي مطالع ڪيو هئائين ۽ بحث مباحثه ۾ به بلڪل برک هو.

Text Box: 46
47
45
43
41
39
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
380
379
377
4
2 
12

پير صاحب حزب الله شاهه (پير پاڳاره) جي زماني ۾ رشتي دارن جي بد سلوڪيءَ سببان، پير ڳوٺ کي خير باد چئي، بدين تعلقه جي ڳوٺ گولاڙيءَ ۾ وڃي مقيم ٿيو ۽ پوءِ مرندي مهل تائين موٽي پير ڳوٺ ڪونه آيو. گهر کان نڪرڻ وقت وٽس ڀاڙي کان مٿي پائي به ڪانه هئي. مگر لاڙ ۾ پهچڻ کان پوءِ ايڏو بخت بلند ٿيس جو وڏي ملڪيت جوڙي ويو ۽ ايڏو رسوخ حاصل ڪيائين جو اڄ به لاڙ جي ٿر ٿاڪن تي سندس ڏونڪو وڄي رهيو آهي.

 

پير صاحب رهڻي ڪهڻيءَ ۾ نهايت سادو ۽ خوراڪ پوشاڪ ۾ ڏاڍو سنئون سنواٽو هو. ململ جو ڪشادو چولو ۽ چئن والن جي ننڍي سٿڻ پائيندو هو. پيرن ۾ سنڌي جتي ۽ مٿي تي سرائڪي ٽوپي پائيندو هو. سياري خواهه اونهاري اها پوشاڪ هيس. ڪڏهن ڪڏهن اندر ٻاهر ويندو هو ته ڪوٽ ۽ بوٽ جي تبديلي ڪندو هو. ورنه عام طرح ڪنهن به کيس ٺٺ ٺانگر ۾ ڪونه ڏٺو. انهيءَ سادگيءَ ۾ به مزاج شاهانه رکندو هو. تمام آزاد ۽ لااُبالي هو. ڪڏهن پٿر جهڙو سخت هو ته ڪڏهن وري، هڪ مهجور عاشق جي ڳوڙهن کان به وڌيڪ نرم ٿي ويندو هو.

سموري حياتي، خوشحالي، فارغ البالي ۽ آزاد خياليءَ ۾ گذاري 60 ورهيه کن جي ڄمار ۾ 2 يا 3 تاريخ ذوالحج 1319هه جي پنهنجي ڳوٺ گولاڙيءَ ۾ وفات ڪري ويو. کيس ”ذات الجنب“ جي بيماري ٿي، جنهن ۾ ڪل 7 ڏينهن کن مبتلا رهيو. موت کان هڪ ڏينهن اڳ چون ٿا ته سندس زبان تي بار بار هيٺيون مصرع هيو:

”چنيسر جي چت ۾ هن کان اڳي هو،

نيڻن سندو مامرو تهان پوءِ ٿيو.“

بزرگ جي مزار گولاڙيءَ ۾ سندس ڪوٽ جي اوڀر طرف ڇتائين ڪوٺيءَ ۾ آهي، جتي هر سال سندس عقيدت مند ميلو لارائيندا آهن.

(2)

غلام شاهه جي شاعرانه زندگيءَ جي حقيقي ابتدا، وطن جي وڻن ڇڏڻ بعد ٿي. وطن ڇڏڻ کان ٿورو اڳ سندس بيبي ۽ والده به وفات ڪري ويون، جن جي انتقال به سندس طبيعت ۾ هڪ تغير پيدا ڪيو. توڙي جو انهيءَ فن جو ازل واري استاد کان ئي سبق سکيو هئائين. مگر انهن واقعن کان پوءِ سندس سچا پچا جوهر کلي پيا. لاڙ ۾ وڃڻ کان پوءِ ٿر جي فطري رنگينين به سندس اداس طبيعت تي سوزگداز جو پرتو وڌو.

سيّد بادشاهه هر وقت شعر ڪونه چوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪن خاص حالتن ۾ سندس ملڪا کلي پوندا هئا ۽ مصراعون موزون ٿي وينديون هيس. جڏهن اُٺ تي چڙهي ٿر جو سفر ڪندو هو ۽ وڃي ڀٽن تي چڙهندو هو. اتي ساوڪ ڏسندو هو، آسمان تي جهڙ ٿيندو هو، ۽ سنهي سنهي بوند هلڪي هلڪي هير سان ملي ڀٽن جي سبزهه زار تي موتين جان ڪرندي هئي، ان وقت مٿس مستي طاري ٿيندي هئي ۽ يڪدم اٺ تان لهي پوندو هو ۽ شعر چوندو هو. يا وري جڏهن راڳ ٻڌندو هو ۽ مٿس وجد طاري ٿيندو هو، ان مهل به مصراعون موزون ٿي وينديون هئس. ان کان سواءِ جڏهن ڪنهن خاص واقع ڪري غم ۾ هوندو هو اهو وقت به سندس شعر چوڻ جو هو.

راڳ سان سندس خاص ذوق هوندو هو. جڏهن ڪو ڪن تي هٿ رکي ”الو ميان“ ڪندو هو، يا ڪو ڌنار چانڊوڪي رات ۾ جهنگ ۾ بين وڄائيندو هو، ان وقت غلام شاهه مدهوش ٿي ويندو هو. جهومندو به هو ۽ زارون زار رئندو به هو. هڪ دفعي والد مرحوم کيس ٻه ٽي مصراعون ٻڌايون. مٿس ايتري مستي چڙهي جو ڪافي ختم ٿيڻ بعد به ڪيترو وقت اکين مان لڙڪ نه ٿي بيٺس. پوءِ پاڻ به ڏاڍي سوز منجهان پنهنجي ڪافي چيائين. عيد براد جي موقع تي جڏهن مٽ مائٽ ۽ وطن ياد پوندو هئس تڏهن ڏاڍو سوز گداز پيدا ٿيندو هئس. هڪ دفعي عيد جي موقع تي نماز کان اڳ جماعتن جي مجلس ۾ ڪافي چيائين؛

”اٿم اميدون اڃان اڃان، مان ته پاند پائيندس پنهل پرچائيندس.“

ڪافي ايترو ته سمان پيدا ڪيو جو ٻڌندڙ ۽ ٻڌائيندڙ سڀ ٿي رنا. اهو سارو ڏينهن سيّد کي سوز نه ڇڏيو. ٿر جي سفر ۾ جيڪا ڪافي ٺاهيندو هو ان ۾ خاص طرح اثر هوندو هو. حاجي صالح ڳالهه ٿو ڪري ته هڪ دفعي ٿر جي سفر ۾ هئاسين. واٽ ويندي اوچتو آسمان تي ڪڪر ڇائنجي آيا، سنهي ڦڙ ڦڙ پوڻ لڳي، بهار جي موسم هئي، ۽ مندائتا گاهه پٽن تي ڇالر هيون پيا هئا، موسم جي اها مستي ڏسي غلام شاهه اٺ کڻي جهڪايو، سبزهه زار تي گهمڻ لڳو ۽ جهونگارڻ لڳو. ان وقت هيٺين ڪافي راس ڪيائين:-

ساڻيهه جي ميان سومرا! آهي سڪ سچي،
ويڙهيچا وانجهن ۾ واهه واهه وس چرو،
قوت جني جو ڪونڍير، ٻگرا، ٻوهه، ٻرو،
گولون گولاڙن ۾ پيڙيون سي پچي،
                                     ســــــــاڻيهه جــــــي.....
ميها، موگر، مکڻيون، موٽون مانڌاڻان،
کهه کوماڻا کنڀيون، سائون ساماڻان،
ويڪر ولهارن ۾ پيڙا سي پچي.
                                     ســــــــاڻيهه جــــــي....

        حاجي صالح محمد چوي ٿو ته هڪ لڱا ”برهان واري تڙ“ تي لٿل هئاسين، رات جو مولوي قطب، اشرف شاهه جي هيٺين ڪافي چئي:-

منهنجي سرتين ۾ ڪا سنڀال،

آءٌ ٿي ونجهلان ويڙهيچن لئه!
 

1.    اُن انهن جو آ جڪو، مٿن لويون لال
2.   اٺڙا مينهن ملير تي، مارو چارن مال
3.   مينهن مانڊاڻا ڪيا، ڇپر وسي شال
4.   اشرف شاهه چوي آيا، مارو ڪاهي مال
                                     منهنجي سرتين........

        پير صاحب کي اها ساري رات ننڊ نه آئي، ڪڏهن رنو ٿي ۽ ڪڏهن بسترو ڇڏي هيڏي هوڏي گهميو ٿي. آخر اسر ويل جو هيٺين ڪافي موذون ڪيائين:-

1.      سڪندي ٿيڙم سال، آءُ ٿي ڏکيا گذاريان ڏينهڙا
     وجهيو ويٺي وندرائي، ڦوڙائي جي فال
                                               آءُ ٿي ڏکيا...........
2. ويهي مون سان واعدا ڪيائون، ڪالهه ڪالهوڻيءَ ڪال

    اُن انهن جو آجڪو، لويون مٿن لال
    آءُ غلام شاهه انهن کي، جئري گڏجان شال
                                             آءُ ٿي ڏکيا.......

        انهن واقعن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر جي طبيعت تمام حساس ۽ سوز و گداز جو مخزن هئي. پور پوندو هئس ته شعر والهانه انداز ۾ خود بخود زبان مان نڪري پوندو هئس، ورنه اڄوڪن ڪاٽڪو شاعرن جيان پراوا ڪلام پڙهي، قافيه ۽ خيال اڏائي، قلم مس کڻي ڪڏهن ڪجهه ڪونه چيائين. ڪنهن حڪيم جو قول آهي ته ”نيچرل شاعر جي شاعري هيٺين اسبابن تي منحصر ٿيندي آهي: رات جو سناٽو، صبح جي هير ۽ رنگيني، برسات جي گهڏ، طيور جو ترنم، درياهه جي رواني، چنڊ جي چانڊاڻ، پرڪيف تغير، سرسبز باغ، اهي آهن قدرتي شاعرن جي هيجان طبيعت جا اسباب. جيسين انهن مان ڪا به شي موجود نه هوندي تيسين شاعر جو فڪر شعر کان معذور هوندو“. غلام شاهه جي به اها حالت هئي، برسات جي بوند، ٿر جي سفر، ڀٽن جي ساوڪ، وطن جي ياد، راڳ ۽ غم سندس شاعريءَ جا اسباب هئا. تنهن ڪري سمجهڻ گهرجي ته سندس ڪلام جو گلدسته طويل راتين ۽ عميق افڪارن جو نتيجو نه آهي، مگر چند قليل مصروفيتن جي مختصر لمحن جو هڪ رنگين مجموعه آهي.

(3)

شاعر جو شعر جيئن اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون، ڇاڪاڻ ته فطري ۽ بي اختيارانه آهي، تنهن ڪري منجهس تصنع يا بناوٽ اصل ڪا نه آهي. زمين سادي، مطلب سڻائو ۽ الفاظ بلڪل مختصر آهن. شاعرانه خصوصيتون به شعر ۾ ملن ٿيون. مناظر ڪشي، اسلوب بيان، جذبات ۽ رواني وغيره موجود آهي. مثال لاءِ مناظر ڪشيءَ جو ڪمال ڏسو جو هڪ مصرع ۾ ٿر جي ساوڻيءَ واري موسم جو مڪمل منظر ڇڪي ڇڏيو اٿائين:-

موسم ٿي مينهن اُٺا، پاڻي ٿيڙا پلر
ڏٿ ڏيهائن جو، لنب لاڻا ۽ للر
لوءِ يارين سين، وڃي لوءِ لڻان!

        اسلوب بيان ۽ اظهار جذبات جو طريقه هيٺين مصراعن ۾ ڏسو، ڄڻ هڪ ٻئي سان منهون منهن پئي گفتگو ٿئي:-

1.         کلي ويٺينءَ کٽ تي تون ته، پر سسئي، ساڻ پرائي،
      ٿاريلين ٿر ڄاين کي، ڪيئن لقب وڌو تو لائي،
2.   سوين سنگهاريون راڄ ۾، ڇو عمر اهي نه اٽڪائي،
      منڙو ريڌئي مارئي نه ته باند نه ٻئي ڪنهن ڀائي،
3.        ورڻ وس نه پنهنجي، رهڻ تو نه رهائي،
      ڪڙم اباڻي ڪير ريءَ، ته به جيڻ تو نه جڳائي.

مائي مارئي کي ٿا مارو ميارون ڏين ته ”تون پرائي پرس سان کٽن تي خوش ٿي ويٺيئن، ٿر ڄاين کي لقب لائي وڌئي، تنهنجو پنهنجو من ريڌو، نه ته ٻيون به تو جهڙيون سوين سنگهاريون راڄ ۾ آهن. انهن کي عمر باند نه ڪيو. توڙي زور سان باند ۾ آهين ته به تو کي مري وڃڻ کپندو هو، جيڪڏهن موٽي نه پي سگهينءَ.“

اَسلوب بيان ڏسو:-

اَجڙوال عمر تو ڇو قيد ڪئي،
 

وڇوڙا ورهن جا سگهي ڪين سهي

عبث عمر ڪوٽ ۾ جيڏين ريءَ جيان

موڪل ڏي عمر ميان ڀيڙي ٿر ٿيان
 

زريون زر بفت سندءِ طول وهاڻا تنهنجا،
هو جي آندئي عمر سانگياڻيءَ لئي سهنجا
کهه کهنبا مون نه وڻن، ٻن تنهنجا ٻانڌڻان-
                                       موڪل ڏي...........
ماڙيون مون نه وڻن، درسي چونڪيون چوئنرا
کاڄ کٿيرين جو ڏيهه سندا هِن ڏوئنرا
ميوا، مڪ، پُسي، پيرون کي نه پڻان
                                        موڪل ڏي.........

مارئي ٿي عمر کي چئي ”اَ جڙوال کي ڇو قيد ڪيو اٿي، ايترن ورهين جا وڇوڙا ڪٿي سهي سگهندي، تنهنجون زريون زربفت، طول وهاڻان ۽ کهنبا مون کي مور نه ٿا ڀاءِ پون. تنهنجون ماڙيون، چوئنڪيون ۽ چونئرا، آئڙن ئي نه ٿا، تنهنجا ميوا ڏسي آءُ پنهنجي ملڪ جي ڏوئنرن ۽ پيرن جي گلا ڪا نه ڪنديس.“

جدت بيان جا جوهر هيٺين مصرع ۾ ڏسو:-

عمر اميدون اٿم وطن آءُ وينديس،
ڏيهاين کي وڃي ڏوراپا آءُ ڏينديس
چوڙيلن کي چونديس منهنجي ڪا نه ڪيا و!

مارن کي مهڻن ڏيڻ جو انداز ڪيڏو نه لطيف ۽ وڻندڙ آهي.

        ازين قسم فن شعر جي جنهن به اسلوب تي ڏسندؤ ته غلام شاهه جو شعر ضرور لڀندو. شعر گداز، سادگي ۽ سلاست خاص طرح آهن. آخر ۾ بندش ۽ روانيءَ جي خوبيءَ جو به نمونه ڏسو:-

ميها، موگر، مکڻيون، مرٽون، مانڌاڻا،
کهه کوماڻان، کُنڀيون، سائون، ساماڻا،

ديڪر ولهارن ۾ پيڙا سي پچي.

        غلام شاهه جي ڪلام ۾ ٿر جي ٻوليءَ جا اڪيچار لفظ ڪم آيل آهن، جيئن ته ديڪر، ڪونڍير، ٻوهه، ٻرو، گولون، ويڙهه، ڀُڻان، ڀيڙي، پلر، ڦانڊون، ٻانڌوڻا، لوءِ، لوءِ يارين، کٿيرن، پرسئي، ڪيڙ، نائي، ساڻيهه، ساروڻي، کيڻ، ڏيج، اوڇڻ، ڪوارينديس، اُڪنڊ وغيره وغيره.

(4)

        غلام شاهه جو ڪلام لاڙ ۾ عام جام چيو وڃي ٿو. باوجود ايتري پذيرائيءَ جي به اهو گهڻي حد تائين محفوظ رهي ڪونه سگهيو آهي ۽ جيئن جيئن وقت ويو آهي گذرندو، تيئن تيئن اهو ويو آهي ميٽبو. جنهن وقت مان سندس ڪلام گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، ان وقت سندس صحبتي باقي ٽي ڄڻا بچيا هئا:

        هڪ سومار، ٻيو محمد صالح، ٽيون طيب. اهي ٽئي سندس خاص خليفه هئا ۽ انهن کي جيڪو ڪلام ياد هو اهو ۽ ڪجهه پنهنجن ڪتابن مان اتاري گڏ ڪيو اٿم. سندس سمورو ڪلام ٽن حصن ۾ آهي: (1) مارئي (2) سرائڪي زبان ۾ (3) متفرق. هن هيٺ سندس ٻه ٽي ڪافيون نموني خاطر ڏيان ٿو:

Text Box: 54
55
53
51
49
45
43
41
39
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
380
379
377
4
2 
12

 

    ڄام عمر آن ڄائي مهڻن خاطر مارئين.
1.  مربا، ماکيون، مصريون، کيڻ هر کائي-
    ساڪڙ جو ساڻيهه جو ماروئڙن جي مٺائي.
2.  اوڇڻ آءُ نه وڃاڻجي، طولن آهيان تپائي-
    ڏيج اسان جو ڏوڙا کهنبن جند کپائي.
3.  وطن اسان جو ويڙهه ۾ ڪوٽن دلڙي ڪنبائي-
    سا ڪيئن مرڪي ماڙئين، جيڪا ڄارن ڀر ڄائي.
4.  ساروڻي تنهن ساڻيهه جي سورن دل سجهائي-
    گوندر منجهه غلام شاهه چوي ويڙي عمر اجائي.

 

 (1)

عـمــــر ابـــاڻـــا ڏوٿـــــي ڏاڏاڻــــا-

الا وسئون آئـون نــــه وســـارينديـاس
 

1.  مينڍن ۾ ميان عمر مر پيو چيڙهه چڪي
    ساهه سنگهارن کي ساريون روز سڪي
    ڳوٺاڻن کئون ڳتون ڌر نه ڌواريندياس.
2.  باغ باغيچا بنگلا مير ڏسي ماڙيون،
    ڪيئن وهان ڪوٽن ۾ واهن تنهنجون واڙيون،
    جهانگيئڙن جا جهوپا ڪيئن ڪواريندياس.
3.  هينئڙي جن سان هيرون سي منهنجا ٿر ٿيا،
    محلاتن ۾ مئيءَ کي جن ريءَ پهر پيا،
    ان ري غلام شاهه چوي گهڙي نه گهاريندياس.
 

سرائڪي زبان جي ڪلام جو نمونو هي آهي:-

رمزان لاڪي رانجهن نال، بيوس ٿي آن بيحال

صورت معنى عشق اوهان جو،
 

ڪـــــيتس قــــرب ڪــــمـال
بــــيــــوس ٿــــي آن.....

محبت تيڏي متيان منجهايان،
 

عــــشــــق وڃــــايــــا افعال
بــــيــــوس ٿــــي آن......
 

ڪر ڪر ناچ ماريان تاڙيان،
 

آکي غلام شاهه ڪلال
بــــيــــوس ٿــــي آن.....
 

متفرقات ۾ هيٺين قسم جو ڪلام آهي:

( 1 )

دلڙي ديواني ڪري وئين يار،

پوءِ ساجن مُئي جي لڌئي نه سار

1- اڏر کيا نتل ڪڏهن ايندا،

دوست دلاسو دل کي ڏيندا،

ڪانگل ڪج تون خبر چار.

2-  پل نه سري مون جنهن پر ريءَ،

تنهن جا نب کئون جدا جئري،

ڪنهن پر ڪج نه ڌڻيم ڌار.

3-   تون منهنجو سائين آءٌ تنهنجي ٻانهي،

اڱڻ آسروند جي آءُ تون جاني،

سوڍل لڳ جبار.

4-  سڪ سدا تنهنجي آهي ساهه کي،

      آهي آسا بند اهو غلام شاهه کي،

      گــــهــــڙي گــــهــــڙي گــــفتــــار،

      دلــــــــــــــــــــــــــــڙي ديــــــــــــوانــــــــي.....

(2)

ساجن وڃ نه سفر وقت وڃڻ جو،

هاواڻو هلڻ جو ٿو ماري مئي کي،

قــــدم ڪــــرم جــــا ڌر تــــون ڌڻيءَ لڳ ميان،

دوســــــــت اســــــــان جــــــــي در الا–

هــــاواڻو......

رئان رهن نه سپرين ميان پليان ڪهڙي پر الا–

هــــاواڻو.....

ورهه وڇوڙو ٿو ماري مئي کي ميان ڪا ته ملڻ جي ڪر الا–

هــــاواڻو....

رهــــه اڄــــوڪــــي راتــــڙي تــــون مــــيــــان گهوٽ

غــــلام شــــاهــــه جــــي گــــهــــر الا– هــــاواڻو....

(3)

هڪ هڪ نيڻن جي ناز تئون سؤ سؤ ڀيرو صدقي ٿيان،

جيڪي پرين پر ۾ پهيو هينئڙو ڳڻن تن سان گهيو،

ايڏا سورڙا جيءَ ۾ سهيو، ناحق جيڏيون آءُ ٿي جيان،

هڪ هڪ.......

جــــن لــــئــــي ٿــــي مڃتائــــون مڃان ايندا ڪنديس

ڳالهيون ڳچان.

ڪــــو ڏيــــنــــهــــن اٿــــي بــــاقــــي اڃــــا–

ملندئي نه ٿي هيڻون هيان

هڪ هڪ......

ڀري نه ڪيڙس برهه بر ڀينر پرايم ذوق ذرو

انهيءَ عشق جي سودي ۾ سرڪو هڪ ڏني آءُ ڏهه ڏيان

هڪ هڪ.......

(4)

اٿــــم امــــيــــدون اڃــــان اڃــــان،

مان ته پانڌ پائيندس، پنهل پرچائيندس!

دعا ڪريو جيڏيون جي جانب آيو،

پنون مئيءَ جي روح جو رايو،

سرتيون اوهان کي ٿي سنڃان، سنڃان،

آءُ کنڊون کارائيندس وٽون ورهائيندس،

اٿم اميدون......

جــــٺيون ڦٽيــــون ڀتيــــن ڀڻڪــــا،

تنهنجي ڪــــارڻ تعنا تُنڪــــا،

ســــر ســــڀئــــي مــــون مڃيان مڃيــــان،

آءُ ڪوهه لڪائيندس، ڇاکون ڇپائيندس!

اٿم اميدون.....

درد ونــــديءَ کــــي دم دم دلبر،

درد فــــراق جــــا دل تــــي دفتر،

ڳالهين جا اٿم ڳڃان ڳڃان،

آءُ ڳجهو ڳالهائيندس، ساري سڻائيندس!

اٿم اميدون.....

سڄڻ هليا مــــون کــــي منهه ٿيو،

پريــــن ڌاران ويــــهــــڻ وهه ٿيو،

وهــــان ڪيئن آءُ وڃــــان وڃــــان،

ويــــا ورائينــــدس، موٽــــائــــي آڻيندس!

اٿم اميدون.....

ســــويــــن ســــالــــن ورهين ويــــهــــان،

آکــــي غــــلام شــــاهــــه راتيــــان ڏينهان،

ڀــــاڃ اهــــي ويــــٺــــي ڀڃــــان ڀڃان،

آءُ گهر گهرائيندس گهورون گهمائيندس!

اٿم اميدون.....

اهو ٺيٺ سنڌي نموني جو ڪلام آهي، جيڪو سر ۽ ساز سان مزو ڪندو آهي. شايد اڄوڪن تڪ بازن کي ان مان لطف نه اچي، مگر حقيقت ۾ ته اڄوڪيءَ تڪ بازيءَ کان لک دفعا هي سادو سڌو ۽ سنئون ڪلام سٺو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org