سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :12

شيخ عبداللطيف جو احوال[1]

 شيخ[2] عبداللطيف، سيّد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو پوٽو[3] هو، جتي هو مٽارين کان لڏي آيو هو. هو تمام پرهيزگار ۽ متدين انسان هو، ۽ هالن واري مخدوم نوح جو دادلو مريد هو. سنديس نماڻائي ۽ نهٺائي تمام جھجھي هئي ۽ ان سان گڏ پرهيز ۽ تقويٰ سبب کيس بلڙيءَ ۾ وڏي عزت ڏني ويندي هئي. خدا جي برڪت سان کيس ٽي پٽ هئا[4]، جن جا نالا هئا: 1، عبدالوارث 2، عبدالواسع ۽ 3، شاه حبيب. شاه حبيب جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي، هالا تعلقي ۾ وسّن (وسنءُ) جي ڀرسان اچي گهر اڏي ويٺو، جنهن کي سندس نالي پٺيان سڏبو آهي، پر جا هينئر ويرانيءَ جو ڍير آهي. هتي ان کي 1102هه، 1690ع هڪ فرزند ڄائو. (هن حڪايت جو سورمو) يعني بزرگ ميان شاهه عبداللطيف، جو سنڌين جي چوڻ موجب ”ڄاپندي ڄام هو“ ۽ ولادت کان وٺي فرق الطرة طاقتن جي ڏات مليل هيس. هن پنهنجي زندگيءَ جي عرصي ۾ ڪيتريون ئي ڪرامتون ڪيون، جي هن احوال ۾ ڄاڻايون وينديون. منجهس اهي وڏيون طاقتون هن ڪري پيدا ٿيون، جو هن کي سڀني مخلوقيل شين لاءِ گهاٽو عشق هو. انهيءَ عميق پيار ئي هن جي طبيعت کي روحاني شين جي طلب ڏانهن مائل ڪيو. انهيءَ مخلوق ۽ روحاني اسرارن جي گڏيل نينهن هن کي ڪامل ترين ۽ ديندار انسان بنايو.

گهڻن ئي مقدس شخصن هن ڳالهه تي قرار ڏنو آهي ته خالق سان محبت رکڻ جو پهريون قدم آهي ان جي مخلوق سان محبت، ۽ اهوئي پنهنجي من جي مرادن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، جو انهيءَ راه تي راسخ رهندو، ۽ جنهن جي پهرين وک اهو مخلوق جو نينهن آهي. پر اهي جن کي انهيءَ پيچري تي هلڻ جي همت ناهي، سي واٽ وڃائي وهندا. اهي جن کي الله تعاليٰ جو سچو عشق آهي، سي خدائي صعنتن کي فقط ظاهر مورتن وانگر نٿا ڏسن، بلڪ انهن مان سندن صانح جي قدرت جو سبق سکن ٿا. اهي جيڪڏهن اتفاق سان دنيائي (يعني مجازي) عشق جي گپ ۾ عارضي طور آڙجندا، ته به خدا تعاليٰ جي لطف سان ستتئي سواءِ ڪنهن آسيب جي ٻاهر نڪري ايندا.

اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته شاه عبداللطيف (جواني ۾) مرزا بيگ (مغل) جي حسين نياڻي جي عشق ۾ ڦاٿو، جو ڪلهوڙن کان اڳ حڪومت ڪندو هو. سنديس نينگر هالا ۾ سانڱڙي واه جي ڪپ تي رهندي هئي. شاه جو عشق ڏينهون ڏينهن تڪڙو وڌندو ويو ۽ آخرڪار سندس ذهن ۾ آيو ته اها ڳالهه ٺيڪ ٿيندي جو مرزا بيگ کيس پنهنجي نياڻي جو سڱ بخشي. سنديس الفت جي مرزا بيگ جي ماڻهن کي ڪڻڪَ پئجي ويئي. پر اهي مرتبي ۽ مال جي آڪڙ تي ٽانءِ ۾ ڀرجي ويا، ۽ انهيءَ قصي کي ڪن لاٽار ڪري ڇڏيائون. سمجهيائون ته شاه صاحب هڪ سڃو فقير آهي، سو جيڪڏهن ڪا تڪليف ڏنائين ته کيس سولائي سان اُڪلائي سگهبو. شاه کي جڏهن سندن انهي رويي جي خبر پيئي، تڏهن پاڻ پتوڙڻ ۽ ڪرامتون ڏيکارڻ لڳو. هو باربار اهي جايون ۽ ڳليون گهمندو هو، جتي سندس معشوقہ رهندي هئي. جڏهن مغلن کي اها سڌ پيئي، تڏهن سندس اچڻ وڃڻ جون واهون بند ڪري ڇڏيائون. تنهن تي شاه پنهنجي محبوبہ کي ملڻ ۽ سندس منوهر جي منهن پسڻ لاءِ پاڻ کي بعضي ڀؤنر جي شڪل ۾، بعضي ڪبوتر ۽ ڪاريهر جي صورت ۾ بدلائي، مخفي طور سندس خاص حجري ۾ لنگهي ويندو هو. آخر مغلن کي انهي مام جي ڄاڻ پئجي وئي ته شاه ڪيئن نه پنهنجو ويس مٽائي، پنهنجي من موهن وٽ ڳجهي طرح اچي ٿو. سو گهر جا سڀيئي چارا بند ڪري ڇڏيائون. جڏهن شاه جا سڀئي سعيا صاب نه پيا، تڏهن لاچار ٿي مرزا بيگ جي نياڻي جي ماڙيءَ جي سامهون هڪ واريءَ جي دڙي تي وڃي ويهي رهيو. ڪيترائي ڏينهن اهڙي انتر ڌيان ۾ محو رهيو، جو مٿي کان سواءِ ساري ڌڙ مٿان واري وري ويس.

ڪنهن کي به انهيءَ اسرار جي ڪل ڪانه رهي. سواءِ هڪ ”ڄام“ نالي ٻڪرار جي، جنهن اتان لنگهندي فقط شاه جو مٿو ڏٺو، مگر سڄو ڌڙ واريءَ ۾ پورجي ويو هوس. هن سندس مٿي کي هٿ لاتو ۽ ڏٺائين ته جُونئن سان ڀريو پيو آهي دانهن ڪري چيائين ته ”او شاه! تنهنجو مٿو جونئن سان جهنجهيو پيو آهي.“ جنهن تي شاه هيٺيون بيت ڏنو:

ڏهلا مون ڏينهن ٿيا، پيم ڄام ڄيون

ڪندي پنڌ پهاڙ ۾، ٿيڙم روح ريون

لڇيو ٿيان، لطيف چي، ڪارڻ دوست ديون

ڀانيان لوڪ ليون، جي سور پريان جا ساڻ مون[5]

اهي لفظ ٻڌي ٻڪرار کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ وري جڏهن ٻن ٽن ڏينهن بعد اتان لنگهيو، تڏهن ڇا ڏسي ته شاه جو مٿو به واريءَ ۾ پورجي ويو آهي. تنهن ڪري يڪدم شاه حبيب ڏي ڀڄندو ويو، ۽ ساري روبڪار جو وڃي احوال ڏنائين. شاه صاحب اها ڏک جهڙي ڳالهه ٻڌي يڪدم انهيءَ هنڌ وڃي پهتو، ۽ شاه کي مئل سمجهي غم مان هيءَ سٽ چيائين:

لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي.[6]

شاه واري هيٺان وراڻيو:

پئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.[7]

پيءُ پٽ کي واريءَ کان ٻاهر ڪڍيو ۽ غسل ڏياري گهر وٺي آيس. جڏهن قوت قرار ٿيو، ۽ گهمڻ ڦرڻ جهڙو ٿيو، تڏهن هڪ واقف واڍي وٽ ويو ۽ چيائينس ته مون سان سانڱڙي واه جي ڀرسان مقام ۾ هل ۽ هن گدامڙيءَ جي پوري ٿڙ ۾ منهنجي لاءِ جاءِ جوڙ، ته اندر يڪ منو ٿي ويهي الله جي عبادت ڪريان. واڍي سندس عرض اگهايو، ۽ شاه وڻ جي ٿڙ اندر پيهي ويو، ۽ واڍي کي چيائين ته انهيءَ پور کي ٻنجو ڏيئي ڇڏ، ۽ پڻ ڊوهي وڌائينس ته اهو راز ڪنهن سان به نه کولي، نه ته ڪوڙهجي پوندو، شاه حبيب، شاه لاءِ هرهنڌ ڳولا ڪئي، پر ڪٿان به به پرو ڪونه پيس. ڪن ماڻهن صلاح ڏني ته فلاڻي سوٽهر کان جو اوهان جي فرزند سان گهرو آهي تنهن کان پڇيو اهو اوهان کي ڪونه ڪو ڏس پتو ڏيندو. تنهن تي شاه حبيب واڍي کان پڇيو ته وس آهر سندس نشان ڏينم. واڍي پهريائين ته انڪار ڪيو، چي ”مون کي شاه منع ڪئي آهي“. پر پوءِ گهڻي منٿ ۽ معذرت بعد ۽ اڪيچار آپسن جي انجام تي هن اهو ڳجهه ظاهر ڪيو. ليڪن اهو به چتايائينس ته انهيءَ راز فاش ڪرڻ ڪري پاڻ ڪوڙهيو ٿي پوندو. تنهن تي شاه حبيب دلداري ڏيئي چيس ته تون خوف نه ڪر، مان تنهنجي حق ۾ دعا گهرندس (۽ تون نوبنو ٿي پوندين.)

واڍو شاه حبيب کي انهيءَ هنڌ وٺي ويو، جتي سندس فرزند لڪو ويٺو هو. وڻ جو ٿڙ کوليائين، جتي شاه لطيف جيئرو جاڳندو تفڪر ۾ مستغرق ڏسڻ ۾ آيو. واڪو ڪري چيائين ته ”اي ڪوڙهيا! مون توکي نه چيو هو ته انت ڪنهن  سان نه اوجانءِ؟ تو ائين ڇو ڪيو؟“. واڍو هڪدم ڪوڙهيو ٿي پيو. پر شاه حبيب سندس سارو بدن پنهنجي زبان سان چٽيو، ۽ هو مرض کان آزاد ٿيو، مگر ڪوڙهه جو هڪ ننڍڙو چُٽو منهن تي رهجي ويس، جو ميٽجي نه سگهيو. شاه لطيف چيس ته اهو ٽڪو مرڻ گهڙيءَ تائين نه لهندءِ. انهيءَ تي شاه حبيب کي ڏاڍو غصو آيو، ۽ شاه لطيف پيءُ کي اتيئي ڇڏي وڃي رمتو سامي فقيرن جي بهير سان شامل ٿيو، جي لکپت[8]  ۾ پنهنجي نانيءَ جي جاٽا لاءِ اتان پنڌا ڪندا ويا.

لکپت ۾ پهچڻ شرط، هو مندر ڏي ويو، جتي هڪ پهڻ جو بت هو، جنهن تي هرهڪ فقير کير جو ڪوزو ٿي هاريو، ائين چوندي ته ”اوناني! هي سڀ کير پي وڃ“. بيجان بت ڪجهه به پي نٿي سگهيو. تڏهن شاه هڪ کير جو ڪونرو آندو، ۽ هڪڙو پادر هٿ ۾ جهلي بت کي چيائين: ”اي سامين جي ناني! هيءُ کير پيءُ، نه ته هن موچڙي سان لاک لاهيندو سانءِ.“

بت يڪدم ڪونرو ورتو ۽ گِٽِ ڳِٽِ ڪري پي ويو. سامين انهيءَ دم سهي ڪيو ته شاه ڪرامت جو صاحب آهي، ۽ سندن ڀيٽائون ڪنهن به ڪم جون نه آهن. تنهن تي منصوبو سٽيائون ته شاه کي ڪهي کائجي، انهيءَ لاءِ ته کين به اها ڪرامت جي شڪتي حاصل ٿئي. شاهه کي سندن باطن جي ٽيٽ پئجي ويئي، ۽ پاڻ کي خطري ۾ ڏسي هڪدم وٺي زمين ۾ ٽٻي هنيائين تان جو ڪوٽڙي کان اچي نڪتو، جتي مغل راڄ ڪندا هئا.[9]

پوءِ هو هڪ وڻ هيٺ ويهي رهيو، پر ڪير  هن کي سڃاڻي نه سگهيو، ڇاڪاڻ جو هو سامين جي لباس ۾ هو. هتي سڀڪنهن ڏينهن. کيس از غيبي طور پنج رپيا ملندا هئا، جن کي هو هٿ به نه لائيندو هو. هڪ مُلان جو ڀرسان رهندو هو، سو اهي رپيا ڏهاڙي کڻي ويندو هو. ڪنهن ڏينهن هن کي هڪڙيءَ ڪاسائيءَ ائين ڪندي ڏٺو، سوٻئي ڏينهن ملان کان اڳ پهچي اهي پئسا کڻي رمندو رهيو. اهڙي طرح ٻه ٽي ڏينهن ڪيائين. آخر ملان بيزار ٿي شاه کي هيئن چيو ته ”اي برهمڻ! رپيا ڪٿي آهن؟ تو لڪائي رکيا آهن ڇا؟“. شاه ڪوبه جواب نه ڏنو، تنهن تي ملان چيو ته ”تو وڏو گناه ڪيو آهي، توکي مسلمان ڪرڻ گهرجي.“ شاه اهڙي جُٺِ ۽ گارگند بعد پنهنجو آواز بلند ڪري چيو:

ملان ملان مَ چئو ملان ڪانڊي ڪنڊ

مٿي وظيفن ونڊ، ڌڻيءَ ڌتاري ڇڏيا.[10]

_______

ملان ملان مَ چئو، هي آهيڙي آهين

مروُنءِ سندي ماس تي، ٿا ماڻڪ مٽائين

اهڙائي آهين، لالچي لطيف چي.[11]

ماڻهن ٻڌنديئي شاه کي سڃاڻي ورتو، ۽ ملان صاحب سندس پچر ڇڏي ڏني.

شاه پوءِ وڻ هيٺ وهڻ ڇڏي ڏنو ۽ وري اڳئين وانگر شهر جون بازاريون ۽ گهٽيون گهمڻ لڳو. تنهن تي مغلن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ لالہ بيگ (؟) حڪم ڏنو ته شاه کي قتل ڪيو وڃي. اهي ماڻهو جيڪي کيس مارڻ لاءِ موڪليا ويا، سي جڏهن شاه جي جاءِ تي پهتا، تڏهن ڇا ڏسن ته شاه  اڳيئي مئو پيو آهي، ۽ سندس عضوا ڌڙ کان ڌار پيا آهن. اهو منظر ڏسي هو وائڙا ٿي ويا ۽ اٿي پوئتي ڀڳا. پر سندين حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ڏٺائون ته شاه جيئرو جاڳندو بازار جي هڪ هٽ تي ويٺو آهي. سڀئي سندس پيرن تي ڪري پيا ۽ ٻڌايائونس ته مغلن کين سندس ڪهڻ لاءِ حڪم ڏنو هو. شاه چين ته وڃي پنهنجي مالڪ کي ٻڌايو ته اوها ڇا ڏٺو. لالہ بيگ اها روئداد ٻڌنديئي پنهنجي بيٺڪ تان اٿي کڙو ٿيو، ۽ ڌوڪيندو انهيءَ هنڌ ويو جتي شاه ويٺو هو، ۽ خوب ڇنڊ ڪڍيائينس ۽ گاريون ڏنائينس، تڏهن شاه هيئن چيس:

بيگ! تنهنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪانَ!

اٿم آس الله ۾، دل مارينئي مانَ!

هن واقعي کان ٿورائي ڏينهن پوءِ دلّي ڳوٺ جي دلّن جو هڪ ڊلو، جي مخدوم نوح (جي درگاه) جا مريد هئا، سي واٽ ويندي مخدوم صاحب جي  مقبري جي زيارت خاطر اچي ڪوٽڙي کان نڪتا. اتفاق سان انهن جو شهر جي هڪ واڻئي سان تڪرار ٿي پيو. جڏهن اهو اطلاع بيگ کي مليو، تڏهن هو انهيءَ جاءِ تي ويو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چٽاڀيٽي لڳي، جنهن ۾ هو مارجي ويو. اهڙي طرح شاه جي پيشن گوئي پوري ٿي. دَل پنهنجي جان بچائي وٺي ڀڳا.

شاه جون ڪرامتون گهڻو توجهه ڇڪائڻ لڳيون. سندس پيءُ (شاه حبيب) وٽس آيو، ۽ بيگ جي قضيي جو ٻڌي پٽ کي گهڻو ڇينڀيائين، جنهن تي شاه کي ڏاڍي بُڇان لڳي، سو ڪوٽڙي ڇڏي، وٺي جهنگ منهن ڪيائين. پڻس پٺيان ويو ۽ موٽڻ جي منٿ ڪيائين، پر شاه نه مڙيو، تنهن تي شاه حبيب چيو:

ڪنهن جنهن نينهن ننڌا، جو مون واجهيندي نه ورو؟

جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.

شاه وراڻيو:

متان ٿئين ملور، ڪين اڳانهون آهيان

ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهين جي هيڪڙي.

شاه پوءِ پنهنجو رستو وٺي رمندو رهيو، ۽ شاه حبيب (غمگين ٿي) گهر موٽي ويو.

خدا جي حڪم سان مغل سڀ جلد ئي مري ويا، ۽ سندن سردار پڻ دنيا کي الوداع ڪري ويا. شاه ”ڪوه نور“ ڏي هليو ويو“ جو مڪران ۾ لاهو ت لامڪان جي ڀرسان آهي، اُتي سارو وقت روزن ۽ رياضت ۾ گذارڻ لڳو. سندس والد کي ڏاڍو فڪر ٿيو، سو هر روز مخدوم نوح جي درگاه تي پنهنجي پٽ جي مراجعت لاءِ دعا گهرڻ ويندو هو. آخر هڪڙي ڏينهن مقبري مان آواز آيس ته ”او شاه حبيب! توکي پنهنجو پٽ ملندو، پر ضرور پنهنجو مريد ڪجانس.“ ٿورن ڏينهن کان پوءِ شاه موٽي آيو ۽ شاه حبيب کيس ”الله“ جي نالي وري وري چوڻ بعد پنهنجو مريد ڪيو. هاڻي مغلن سردارن مان فقط هڪ ڇوڪر ”گولي“ نالي وڃي بچيو هو، جنهن کي شاه جي معشوقہ دعا لاءِ وٺي آئي، ڇاڪاڻ ته هو مغلن جو آخري پونيرَ هو ۽ ٻيا سڀ شاه جي پِٽَ سببان مري چڪا هئا. شاه چيو ته ڀل گولو به مري وڃي جيئن اڳتي ڪو اهنج نه رسي (”مُئو گولو لٿو ڀولو“). ٿورن ئي ڏينهن ۾ گولي جا پساه پورا ٿيا، ۽ شاه انهيءَ حسين مغل نينگريءَ سان شادي ڪئي.

شاه جي ڳوٺ ڀرسان (مخدوم) نوح هالائي جو مقبرو هو، (جنهن جي جاءِ نشين) ڳجهيءَ طرح ڪوشش پئي ڪئي ته شاه کي ڪنهن طرح پنهنجي نزديڪي ۾ رهڻ کان روڪي. شاه لاچار ٿي ملتان ڏي هليو ويو، جتي پنهنجو احوال غوث بهاول شاه[12] سان وڃي ڪيائين. انهيءَ فرمايس ته سنڌ ملڪ ڏي موٽ ۽ وڃي سيّد معصوم شاه سان اڏيري لعل جي نزديڪ سندس ”ديري“ تي مل. شاه ائين ڪيو، ۽ سيّد معصوم شاه حڪم ڏنس ته وڃي هڪ وڏي ڀٽ والار، جنهن جي هيٺان پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي، ۽ جنهن تري ۾ لڌڙن جي لڏ پيل آهي. انهيءَ هنڌ کي هينئر ”شاه جي ڀٽ“ سڏبو آهي.

شاه جڏهن اتي پهتو تڏهن ساڻس فقط ٿورا فقير هئا، ڇاڪاڻ ته هن فقط اتي هڪ رات جي ڊاٻي جو ارادو ڪيو هو. پنهنجا ٻار ۽ مائٽ وسڻ جي ڳوٺ (؟) ۾ ڇڏي آيو هو. ٻئي ڏينهن فجر جو سوير هو جاڳيا ته ڇا ڏسن ته هڪ نانگ پڇڙي وات ۾ وجهيو، سندن گردو ڪيو ويٺو آهي. شاه اهو عجيب نظارو ڏسي گوڏن ڀر ڪري پيو، ۽ سيّد معصوم شاه کي هن طرح سڏڻ لڳو: ”او سيّد! مون تنهنجي حڪم موجب هتي سڪونت ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، پوءِ ڇو هن بلا کي موڪل ڏني اٿئي، ته اسان کي گهيرو ڪري؟“. جواب ۾ هڪ آواز آيو: ”توکي جو هيڏيون ڪرامتون آهن ۽ پنهنجي ڪٽنب کي هت رهائڻ ٿو چاهين، ڇا توکي ايتري طاقت ناهي جو هڪ ننڍڙي نانگ جي سنڀال ڪرين؟ جو ڳيڪو ويس پائي نانگ کي بگري ۾ وجهي ڇڏ.“ شاه ائين ڪيو. ماڻهن جو اعتقاد آهي ته اهو ڪو سچو پچو نانگ ڪونه هو، پر مخدوم نوح (جي گادي نشين جو خاص خليفو) سيّد حسن شاه هو، جنهن لاچار ٿي نانگ جي صورت ورتي هئي ته شاه کي مخدوم نوح جي پسگردائي ۾ رهڻ کان روڪي. مخدوم محمد زمان جو مخدوم نوح جي درگاه جو پنجون مسند نشين هو، تنهن جڏهن نانگ جي پڪڙجڻ جي خبر ٻڌي، تڏهن شاه کي عرض ڪيائين ته سيد حسن شاه جي بند خلاص ڪري، ۽ جيڪو ملڪ سانڱڙي واه جي پريان پيو آهي، سو بيشڪ پنهنجي قبضي ۾ آڻي.

شاه نانگ کي آزاد ڪيو، ۽ پنهنجو قبيلو لڏائي اچي ڀٽ تي جاءِ اڏائي ويٺو. هاڻ شاه کي مريدن جي وڏي جماعت هئي، جن مان مکيه مريد ”تمر فقير“ ٿي گذريو آهي، جو شاهه جي وفات تائين سندس خدمت ڪندو رهيو. هو شاه جو ڪاتب پڻ هو، ۽ پنهنجي سائين جو ڪلام قلمبند ڪندو ايندو هو. اهڙي طرح هڪ وڏو پستڪ ٺهي پيو، جنهن کي ”شاه جو رسالو“ ڪري سڏيندا آهن. هو پنهنجي مريد جي باري ۾ چوندو هو ته ”جنهن تمر کي ڏٺو تنهن گويا دنيا ۽ عقبيٰ حاصل ڪئي“. کيس ٻيو به هڪ مريد سيّد بلال نالي هو، جنهن کي هو پنهنجو پٽيلو ڪري سمجهندو هو. هو ڀٽ کان ٻه ميل پري سانڱڙي واه جي ڪپ تي رهندو هو.

هڪ دفعي جيئن شاه صاحب بلال جي ملاقات ڪري موٽيو ٿي ته واٽ تي جاني فقير جي گهر وٽ وڃي وسرام ورتائين. جاني فقير جي پٽ (عفات) جي شاه سان الفت ٿي ويئي، ۽ پوءِ ڪيترائي سال سندس ڪنجڪ ۾ رهيو. پڻس نياپو ڏياري موڪليس، پر هن ورڻ جي نه ڪئي. انهيءَ تي جاني فقير جي ڪاوڙجي شاه عبداللطيف کي پاراتو ڏنو ته ”پٽ ڪونه ٿيندءِ“ شاه مشڪي جواب ڏنو ته کيس پٽ جي ضرورت ناهي، سندس مريد سندس ٻالڪائي آهن.

شاه سچ پچ ته لا ولد وفات ڪئي. سندس مسند نشين سيد جمال شاه جي نسل مان ٿيا، جو شاه حبيب جو ڀائيٽيو هو. جڏهن شاه جي جماعت مقيم ٿي ويٺي، تڏهن فقير راڳ ڳائڻ ۽ تنبورن ستارن وغيره ٻين سازن وڄائڻ ۾ دل پوري ڪرڻ لڳا اها ڳالهه ٺٽي ننگر جي مخدوم ٺاري[13] جي ڪنن تي پيئي، جو هڪدم اچي ڀٽ تي سهڙيو ته شاهه کي اهڙي منڊل ۽ ڪلول کي درس ڏيڻ کان منع ڪري. شاه اڳيئي پاڪ دين جو مرم ڪري فقيرن کان سڀئي ساز وٺي هڪ ڪوٺيءَ ۾ تالو ڏيئي بند ڪري ڇڏيا هئا. جڏهن مخدوم ٺارو اتي آيو، تڏهن ان ڪوٺي مان سازن جو آواز نڪرندو ٻڌائين. پڇيائين ته سازيندڙ ڪير آهن. تڏهن واڍوڙيل ۽ ڪٺل پاڻ ۾ گڏجي وايون ڪندا آهن، تڏهن شاهه فرمايو ته ڪاٺ ڪوڪندو آهي ”يا ڪريم، يا ڪريم“ ۽ تندون تنواريندو آهن ”تون هي تون.“ اهي دانهون ڪندا آهن جو گهڻي وڇوڙي بعد پاڻ ۾ مليا آهن. وڍيل آهن الله جا سچا عاشق، جي شڪايت ڪن ٿا. مگر جنهن درد سان سندين دل ڀريل آهي، تنهن کي اظهار نٿا ڪن. ”اها ٻاڦ به ٻاهر نٿا ڪڍن، رڳو سڪ ۽ سوز سان پنهنجي مقصود جي طلب ۾ مشغول آهن“ [14]انهن لفظن مخدوم ٺاري (جي دل) تي هڪ عجيب اثر پيدا ڪيو ۽ هو هڪدم شاه جو مريد ٿي پيو.


 


[1]  ماهنامي ”نئين زندگي“، ڊسمبر 1958ع تان ورتل. اصل ۾ هي احوال ڪنهن سرڪاري ملازم جو سنڌيءَ ۾ لکيل هو، جو سنڌ سرڪار جي ترجمان ڊبليو سائودي (Southey) نالي، سربارٽل فريئر لاءِ 7 نومبر 1870ع ڌاري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ وڏن فولسڪيپ پنن تي ڇپيل آهي. سائوديءَ، جي انگريزيءَ ترجمي جو هڪ پراڻو ۽ زبون نسخو مون کي جناب محترم نواب عبدالرحيم خان ولد مرحوم نواب خداداد خان مؤلف ”تاريخ لب لباب سنڌ“ پراڻي سکر واري جي هٿان مليو، جنهن لاءِ مان سندس نهايت شڪر گذار آهيان. منهنجي نظر ۾ هيءُ آڳاٽي ۾ آڳاٽو شاه لطيف رحه جي زندگيءَ جو احوال آهي. هي به ٻن اولياءالله جي تذڪرن وانگر ڪرامتن، ڪرشمن ۽ ڏند ڪٿائن سان ڀريل آهي، جي سندين حياتيءَ جو حصو آهن، ۽ ڪنهن به طرح جدا ڪري نٿيون سگهن (ع./).

[2]  خبر ناهي ته سوانح نگار سيّد عبداللطيف کي ڇو شيخ عبداللطيف ڪري لکيو آهي. مرشد کي به شيخ  چئبو آهي.

[3]  در حقيقت: تڙپوٽو، سيد عبداللطيف بن سيد حبيب بن سيد عبدالقدوس بن سيد جمال بن سيد عبدالڪريم.

[4]  هي سارو بيان حقيقت جي برخلاف آهي. شاه ڪريم کي چار پٽ ها: (1) سيد دين محمد (2) سيد لعل محمد (3) سيد حسين ۽ (4) سيد جمال

[5]  انگريزيءَ ۾ مطلب ٻيءَ طرح ڏنل آهي. شايد اهو ٻئي ڪنهن بيت جو ترجمو آهي، جو رسالي ۾ موجود ناهي: آي ڄام، مون کي جونئن هلاڪ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي ڏينهن مون لاءِ ڏکيا گزريا اهن. هنئين جي هنجن سان مون تڪليفن جو مقابلو ڪيو آهي، اهي مشڪلاتون اوائل ۾ وڏيون نظر نٿي آيون. پر جلد ئي اهي مون کي ڏکوئڻ لڳيون، ڄڻڪ ڪنڊا آهن.

3  انگريزي جو اکري ترجمو: واريءَ هن کي ٻوساٽي ڍڪي ڇڏيو، تان جو هو مري ويو.

 

 [7] انگريزيءَ جو لفظي ترجمو: جيستائين هن کي ساه آهي، تيستائين هو پنهنجي محبوب جي پسڻ جي ڪوشش کان نه رهندو.

1 حقيقت ۾ نانيءَ جو مڪان لس ٻيلي جي نزديڪ هڪ ٽڪر تي آهي ۽ نه لکپت ۾، جتي رمتو فقير زيارت لاءِ ويندا آهن. ناني اصل ۾ هڪ متقڻ عورت جو نالو هو، جا انهيءَ هنڌ پوريل آهي. کيس حضرت علي ڪرم الله وجهه دعا ڪئي هئي، جنهن ڪري وڃي ولايت جي درجي کي پهتي. سندس مقبري جي آس پاس پٽ آهي جنهن کي ”علي جو ميدان“ چوندا آهن.

1 اهڙي قسم جي خرافات علم ۽ عقل جي خلاف آهي، جيڪڏهن ائين ممڪن هجي ها ته خود پاڻ ڪريم صلعم جن دشمنن جي تعقب کان غار ثور مان ٽٻي هڻي وڃي مديني نڪرن ها.

1  انگريزيءَ جو لفظي ترجمو آهي: ملان ڪانڊيرا آهن، تنهنڪري کڻ کُڙي ۽ ڀج، متان ڪنڊن سان ڪپڙا نه چيهاڙيون ٿي پونئي.

2  انگريزيءَ جو لفظي ترجمو آهي: ملان ۽ برهمڻ، چهڙا ۽ نيچ آهن. اهي سواءِ مانين پنڻ جي ٻيو ڪجهه به نٿا ڪن.

1 هي بيان نسورو غلط ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته غوث بهاءالحق، ڪيتريون صديون شاهه جي زماني کان اڳي ٿي گذريو آهي. شايد شاه پنهنجي همعصر، غوث بهاءُالدين جي ڪنهن معاصر مسند نشين وٽ ويو هجي. پر ڪاڏي وئي شاهه جي ڪاني ڪرامت، جو پاڻ جهڙي يا پاڻ کان گهٽ پير وٽ مدد لاءِ وڃي؟ ۽ ان کان سواءِ ”ڀٽائي ۽ هالن جي مخدومن جي تعلقات“ تي حضرت مخدوم نوح رحه جي موجوده سجاده نشين حضرت محمد زمان صاحب طالب الموليٰ هڪ ڪتاب لکيو آهي، جو ان ڳالهه تي وڌيڪ روشني وجهي ٿو ۽ انهن سمورين ڪوڙين روايتن جي ترديد ٿئي ٿي.

[13]  مخدوم معين الدين، جنهن کي ماڻهو عام طرح ”مخدوم ٺارو“ سڏيندا هئا

[14]  هيءُ شاه جي هيٺئين بيت جو شرح ٿو ڏسجي:

وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري

هن پن پنهنجا ساريا، هوءَ هنجون هڏن لءِ هاري.

جو خود مولانا روميءَ جي مثنويءَ جي پهرين بيت جو اقتباس آهي.

بشنو از ني چون شڪايت ميکند، از جدائيها حکايت ميکند، 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org