سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :22

سيد عبداللطيف ڀٽائي ”سنڌ جي امانت“[1]

 

ادي عثمان علي انصاريءَ جو مقالو ”ڀٽائي عبداللطيف سنڌ جي امانت“ مون کي ڏاڍو وڻيو. پر منجهس ڪي چند ڳالهيون آهن، جن جي ٽيڪاٽپڻي لازم آهي. اميد ته اهي ڳالهيون کيس تحقيق جي راه ۾ ٻين سا تعاون ڪرڻ ۾ وڌيڪ آماده ڪنديون.

سندس شخصي سوانح ڏي اشارن کي ڇڏي، اسان کي هن ڳالهه جو اچرج آهي ته سندس شاه جو اڀياس فقط 1947ع کان شروع ٿيو، سو به تڏهن جڏهن موٽر جي حادثي ڪري کيس لاچاري آرام ڪرڻو پيو، ۽ حيدرآباد جي هڪ گوسائين برهمڻ سندس حضور ۾ غلط لهجي سان ڳائيندي، شاه جي هن سهڻي بيت ڏانهن ڌيان ڇڪايو:

ڍول مَ کڻج ٻانهڙي، پره مَ کڻج پاند

ته آءٌ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان.

يا اخبار واري يا خود لکندڙ ”رانئيان“ کي ”رانيان“ لکيو آهي، بهرحال اهو ڪو وڏو انڪشاف ڪونه هو، نڪي ڪي ڪولمبس واري امريڪا جي تلاش هئي. سڀني قلمي نسخن ۾ ”پره“ (يعني پرڀات) جو لفظ ڪم آيل آهي.

ادي انصاريءَ ڪنهن به مستند نسخي جو حوالو نه ڏنو آهي، اگرچه گذريل يارهن سالن ۾ تقريباً ويهه نسخا سندس مطالعي ۾ رهيا آهن. وٽس ڪن نسخن جا اوراق هئا، جي به کيس ”عجيب عجيب طرح“ سان مليا هئا. پاڻ مرحوم ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ٻن قلمي نسخن ڏي اشارو ڪيو اٿس، جي سندس وقت کان ٿورو وقت اڳ مون کيس منٿون ڪري ادي انصاريءَ کي وٺي ڏنا هئا. پر پوءِ سندس قضيي کان پوءِ جڏهن مون سندس ڪتب خاني جي پرتال ڪئي، تڏهن اُهي نسخا منهنجي نظر نه چڙهيا؛ يعني هڪ ڀٽ وارو نسخو ۽ ٻيو بلڙيءَ وارو نسخو، جي ادي انصاريءَ پاڻ وٽ ڦٻائي رکي ڇڏيا هئا، ۽ مون کان انهن جي ياد گيري دل تان لهي ويئي هئي.

اتفاقاً 1950ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وارن شاه جي رسالي جي ترتيب جو ڪم مون کي سونپيو، ۽ ڪيترن ئي صاحبن مون کي پنهنجي شفقت سان نوازيو ۽ رسالي جا ڪيترائي نسخا مون کي سپرد ڪيائون. گذريل نون ورهين ۾ ٽيهه کن نسخن جي ڀيٽ ڪئي اٿم؛ پر افسوس، ڪوبه رسالو شاه جي وقت جو لکيل ناهي، ۽ عموماً سڀئي رسالا ڌارئين ڪلام سان ڀرپور آهن.

هڪ دفعي اچانڪ مولوي مرحوم دين محمد صاحب مون سان ڳالهه ڪئي ته آنجهاني گربخشاڻي واراٻئي رسالا ادي انصاري وٽ موجود آهن. مون کيس گهڻي ميڙ منٿ ڪئي ۽ ادب جي ڊوهي وڌي، پر مون کي انهن نسخن ڏيڻ کان نابري واريائين. آخر چيومانس ته ڀلا اجازت ڏي ته اوهان جي جاءِ تي اچي انهن جو مقابلو ڪريان پر صفا انڪار ڪيائين فقط هڪڙي ڏينهن ٿوري وقت لاءِ ٻنهين جي زيارت ڪرڻ ڏنائين، جو مون ٻنهين جو ڪالوفن اتاري ورتو. انهن نسخن مان هڪ نسخو ته برابر ڀٽ وارو هو، پر ٻيو مرحوم مير عبدالحسين جو اتاريل هو. مون بلڙيءَ واري نسخي بابت کانئس پڇا ڪئي، پر اَلِيءَ ويو، ۽ چيائين ته گربخشاڻيءَ صاحب مون کي اهو ئي نسخو اڌارو ڏنو هو. مون عرض ڪيومانس مون انهن نسخن تي تقريباً 10 سال ڪم ڪيو آهي، ۽ بلڙيءَ واري نسخي کي ائين سڃاڻا جيئن پيءُ پٽ کي. پر پاڻ هوڏ ٻڌي بيٺو، ۽ اهو قديم نسخو تڳائي ڇڏيائين جيئن پوئڀرو مون وارو لطائف لطيفي جو هٿ اکر نسخو، مرحوم مولوي دين محمد جي وفات بعد تڳائي ڇڏيائين.

چه نقشها کہ بر انگيختم و سود نداشت

فسون ما بر او گشة است افسانه.

قصو ڪوتاه. مون وقت جي تعليمي وزير قاضي محمد اڪبر کي عرض ڪيو ته ڪيئن به ڪري اهي نسخا مون کي ڀيٽا لاءِ ٻه ٽي مهنا وٺي ڏيو. پر مون کي ڏيڻ بدران مجبور ٿي اهي ٻئي نسخا ”سنڌ پراونشل لائيبرريءَ“ کي هديه طور ڏيئي ڇڏيائين، جي پوءِ مون لائيبرريءَ مان ڪڍائي ڀيٽي ورتا. باقي بلڙيءَ وارو آڳاٽو نسخو پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين، والله اعلم بالصواب.

مذڪوره مقالي ۾ ادو انصاري آکي ٿو ته وٽس ويهه نسخا آهن، جن مان هڪ شاه جي وفات کان ٿورو پوءِ جو لکيل آهي، ۽ ٻيو اٿس درگاه قلندر بادشاه وارو اصلي بياض، جنهن جو عڪس مون منڍ ۾ برٽش ميوزيم مان 25 پائونڊ ڀري ڪڍائي ورتو آهي. ليڪن ادو انصاري پنهنجا رسالي جا نسخا ڏيکارڻ جي نٿو ڪري. مون تازو خط لکيومانس ته خبر ناهي اسان جي عمر ڪيتري رهي آهي، سو مهرباني ڪري مون کي پنهنجا رسالا عاريت ڏي، ته بورڊ جي رسالي جي متن لاءِ انهن کي ڀيٽيان. پر اڃا جواب جي عنايت نه فرمائي اٿس، ۽ عام خلق کي چوندو پيو وتي ته ڀل ڊاڪٽر دائود پوٽي وارو متن ڇپجي، ته پوءِ مان پنهنجو ڪرتب ظاهر ڪندس.

غمناک تبايد بود از طعن حسود اي دل!

شايد کہ چو وا بيني خير تو درين باشد.

منهنجا ته نيڻ ٺرندا جو مون کان اڳ ادو انصاري پنهنجو رسالو شايع ڪري، ته پاڻ ان مان فيض پرائجي. پر

سڪندر را نمي بخشمند آبي

بزور و زر ميسرنيست اين کار.

منهنجي شاه صاحب جي محبن کي دوباره استدعا آهي ته سندس ڪلام جو قديم ترين نسخو، جيڪڏهن وٽن هجي، ته مون ڏي موڪلين ته ڀيٽا بعد مع الشڪر واپس ڪيو ويندو، جيئن ٻيون امانتون به سندن مالڪن کي ڏنيون وينديون، جي مون وٽ محفوظ آهن. منهنجا سڄڻ مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻن ۽ منهنجي اطوار ۽ اخلاق کان ڀليءَ ڀت واقف آهن. اميد ته مون کي اهي هن ڀلاري ڪم ۾ ضرور مدد ڏيندا ۽ نراس نه فرمائيندا.

جام جهان نما ست ضمير منير دوست

اظهار احتياج خود آنجاچہ حاجت است.

ادي انصاري چار تجويزن پش ڪيون آهن، جن سان مان منفق راءِ آهيان:

(1) شاه صاحب جي حياتيءَ جو سچو احوال لکي عوام جي اڳيان پيش ڪجي.

(2) سندس ڪلام جو مجازي ۽ معنوي شرح ڏنو وڃي.

(3) ڌاريو ڪلام سندس اصلي ڪلام کان ڇني ڌار ڪجي.

(4) ڪاتبن جون غلطيون سڌاريون وڃن.

اهي ڳالهيون ڪي نيون نه آهن، مون بار بار پنهنجي تحريرن ۾ انهن ڏي اشارو ڪيو آهي.

شاه صاحب جي وفات کي اگرچ ٻه صديون مس گذريون آهن، تڏهن به سندس زندگيءَ جو سچو احوال افساني ۽ ڪرامتي عنصر کان جدا ڪري نٿو سگهجي. شايد آڳاٽي ۾ آڳاٽي ملفوظات فارسيءَ ۾ لکيل هئي، جا ميان علي بخش شاه جي ٻئي گهر جا عزيز ڪابل ۽ قنڌار کڻي ويا، پر اها هٿ اچڻ مشڪل آهي. مرحوم سانگيءَ جو لطائف لطيفي پڻ تقريباً عدم پيدا احمد شاه، دڙي واري جو نسخو، جو مرحوم خانبهادر ولي محمد حسن عليءَ جي فرزند حسن علي پنهنجي استاد مرحوم ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ڏنو هو، ۽ جو مون سندس وارثن کان هٿ ڪيو، سو اڄ شينهن ڪلهي چڙهيل آهي. باقي احوال جيڪي موجود آهن، سي هيٺ ڏجن ٿا:

(1) شاه جي زندگي (انگريزي ۾) تاليف ديوان ليلارام وطڻمل لعلواڻي 1890ع.

(2) احوال شاه ڀٽائي 1910ع، جو مرحوم ميرزا قليچ بيگ صاحب ”لطائف لطيفيءَ“ تان ورتو آهي.

(3) شاه لطيف (انگريزي)، تاليف ايم. ايم. گدواڻي 1922ع. مرحوم ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر سارلي ۽ ٻين جو مدار انهن ٽن ڪتابن تي آهي.

مون وٽ هڪ نهايت پراڻي شاه جي سوانح عمري انگريزي ۾ آهي، جنهن جو هڪ زبون نسخو مون کي نواب عبدالحميد خان ولد جنت گزين نواب خداداد خان سکر واري ڏنو هو، جو سنڌ حڪومت جي ترجمان مسٽر سائودي (Southey) 1870ع ۾ لکيو آهي. اميد ته جلد سنڌيءَ ۾ نقل ڪري ”نئين زندگي“ جي ناظرينن اڳيان پيشڪش طور عرض رکندس. سڀني سنڌين جو فرض آهي ته شاه صاحب جي سوانح جو مواد ڪٺو ڪري، سندس زندگيءَ ۾ علمي نموني ۾ اظهار ڪن.

ليڪن اهي سڀ ڏندڪٿائن، اچرجن ۽ ڪرامتن سان معمور آهن. حقيقت ڪري ڪو به اهڙو اولياءَ الله نه ٿي گذريو، جنهن جي حياتي ڪرامتن ۽ قصن سان نه ڀريل هجي. اسين ادي انصاريءَ جا ازحد شڪر گذار رهنداسين، جيڪڏهن سڀيئي مصادر ڇنڊي ڇاڻي شاه جي هڪ مستقل ۽ مستند زندگي لکي.

درين ميدان پر نيرنگ حيرانست دانائي

کہ يک هنگامہ آرائي و صد کشور تماشائي.

پر پهريائين کيس گهرجي ته پنهنجا سڀيئي نسخا ڪڍي نروار ڪري ته ڏسجي ته ڪيترين ويهين سؤ آهي.

زبان در دهان خردمند چيست

کليد در گنج صاحب هنر

چو دربستہ باشد چہ داند کسي

کہ گوهر فروش ست يا پيلہ ور.

هڪ عالم جو مرڪ آهي ته پنهنجن همڪارن کان پنهنجي شيءِ نه لڪائي، بلڪ انهن سان تعاون ڪري پنهنجي ڀَل مانسيءَ جو جوهر ڏيکاري.

شاه جي ڪلام جو مجازي ۽ معنوي مقصد اهيئي ڪڍي  سگهندا، جن کي اڳوڻي سنڌيءَ جي لغت پورو عبور آهي، جن روحاني درياءَ جي غواصي ڪئي آهي، جهڙن تهڙن جي جاءِ ناهي:

متو واهڻ ڪُنَ ڪري، ڀڃي سانڀويون ساڄ

پرين به پيا ڀن ۾، مون پائيندي واجهه.

ادي انصاريءَ سان گڏ ٻين گهڻن ئي انهيءَ ڏس ۾ ڪوشش ڪئي آهي، پر سندن معنيٰ ۽ مطلب محض ظن تخمين رهيو آهي. منهنجو ارادو آهي (شل ربّ العزت توفيق بخشي) ته شاه جي متن تيار ٿيڻ بعد گهٽ ۾ گهٽ هيٺيان ٻه ڪتاب لکان:  

(1) ڪنزاللطيف: لطيفي قديم لفظن جي صحيح معنيٰ جو فرهنگ.

(2) ڪشف اللطيف: اهو ابجد وار ڪتاب، جنهن جي وسيلي شاه لطيف جي هرهڪ بيت کي سولو ڳولي سگهجي.

ٻيا به گهڻيئي ارادا آهن. پر انهن جو اتمام مولا تعاليٰ جي هٿ آهي:

در ره عشق نه شد کسي بيقين محرم راز

هر کس بر حسب فهم گماني دارد.

ڌاريو ڪلام جدا ڪرڻ نهايت ڪٺن ڪم آهي. هڪڙا اُهي بيت آهن جي ٻين شاعرن جا چيل آهن ۽ سندن نالو منجهن نروار آهي. اِهڙا بيت ڪڍي ڇڏڻ ته بالڪل آسان آهن، پر وٺو انهن بيتن کي، جي ظاهر ۾ شاه لطيف جا نٿا ڏسڻ ۾ اچن، مگر انهن ۾ شاه لطيف جي ڪلام جي رعنائي ۽ شيريني ۽ شيوائي نمايان آهي. انهن کي سواءِ ڪنهن سند جي رد ڪري سگهجي، هان جيڪڏهن ڪنهن قلمي نسخي ۾ صراحت سان ڄاڻايل آهي ته اهي ٻين جا آهن، ته پوءِ ڀل انهن تي ڪاني هلائجي. باقي شخصي ذوق جي اوٽ تي خواه اهو ادي انصاريءَ جو هجي يا دائود پوٽي جو، انهن کي بلڪل خارج ڪري نٿو سگهجي.

باقي رهيو چوٿون نڪتو. ڪاتبن جون غلطيون جدا جدا نسخن ڀيٽڻ سان درست ڪري سگهجن ٿيون، پر ان لاءِ به لياقت ۽ محنت گهرجي. ادي انصاريءَ ته پنهنجي ننڍڙيئي مقالي ۾ ڪيتريون چوڪون ڪيون آهن. مان حيران آهيان ته ايترن ٿورڙن بيتن ۾ عظيم غلطين جو ارتڪاب ڪيئن ڪيو اٿس!

(1) شاه جيڪڏهن ”پريان جي... فرحت“ واري سٽ چئي ته ڪا اربع خطا ڪانه ڪيائين. آخر ته هو انسان هو، جيڪڏهن اهڙو خيال ظاهر ڪيائين تڏهن به سندس نيت صاف هئي.

”چو بشنوي سخن اهل دل، مگو کہ خطاست

سخن شناس نه اي دلبرا خطا اينجاست“

(2) ”وڍيل ٿي وايون ڪري“، الخ. اهو ڪو روميءَ جي سٽ جو ترجمو ناهي، بلڪ هڪ تلميح آهي. ازانسواءِ انهيءَ ۾ ٽي مصراعون آهن نه ٻه، جيئن رواجي نسخن ۾ آهي. ”گنج“ واري قلمي نسخي ۾ سسئي جي سُر جو اهو پهريون بيت آهي. مثنوي هميشہ ساڻس هوندي هئي، سو جيڪڏهن ڪا معنيٰ اخذ ڪيائين ته ڪو وڏو ڏوه ته ڪونه ڪيائين.

(3) جيڪڏهن ڪي بيت ڍٽڪي ٻوليءَ جا آهن، ته ان جو اهو هروڀرو مطلب نه ٿيندو ته شاه انهن جو تتبع ڪيو آهي، يا شاه جي مجلس ۾ وهندڙن اهي بيت ڳايا آهن.

(4) عاشق جا امنگ ۽ اوقات جدا جدا هوندا آهن. ذري سير ته ذري ماسو. سو جيڪڏهن هڪ ڀيري چنڊ کي پاراتو ڏنائين ۽ ٻئي دفعي آزي نيازي ڪيائين ته ان جي شاعريءَ ۾ ڪو عيب ڪونه ٿي پيو. ڏسو سسئي بعضي ٻروچن کي پٽي ٿي ۽ بعضي دعا ڪري ٿي. اهو ته چوندڙ جي مزاج تي منحصر آهي. شاعر ته فقط عاشق جا گونا گون خيال ٿو ظاهر ڪري.

(5) شاه بيشڪ نهٺائي جو مجسمو هو. جيئن فرمائي ٿو ته: اديون عبداللطيف چي، اڃان مون ۾ گهٽ“. پر جيڪڏهن بعضي بعضي پنهنجي ڪلام جي تعريف ڪيائين ته ڪو مير مچي ڪونه ماري وڌائين. اهو به دل جو اڇنگ هو. مان مڃان ٿو ته:

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ

سڳر سونهائينِ، پريان سندي پار جو.

سهڻيءَ واري سر ۾ آيو آهي، ۽ سندس ڪوبه قرينو ڪونهي. پر تڏهن به هروڀرو ائين ڪونه آهي ته اهو ڪنهن شاه جي مداح جو چيل آهي. شايد ڪنهن وقت ڪنهن حاسد شاه جي ڪلام جي گلا ڪئي هجي، تنهن تي اهو بيت چيو هجيس، جو بلڪل سهڻو آهي ۽ شايد رسالي جي جامعن هروڀرو ڪري کيس سر سهڻيءَ ۾ ٽنبيو آهي. وڏن روحاني بزرگن ۽ شاعرن پنهنجي ڪلام جي بي ساخته ساراه ڪئي آهي. ڏسو حافظ شيرازي:

غزل گفتي کہ در سفتي، بيا و خوش بخوان حافظ

کہ بر نظم تو افشاند، فلک عقد ثريا را.

----------

بشعر حافظ شيراز مي رقصندو مي نازند

سيہ چشمان کشميري و تر کان سمر قندي.

سؤ ورهيه اڳي برٽن صاحب اهو بيت پنهنجي مشهور ڪتاب ”سنڌ جي دُکيءَ وادي“ ۾ ايراد ڪيو آهي. عجب آهي جو اڄ ان تي اعتراض ڪيو ٿو وڃي. پر جيڪڏهن ٻئي ڪنهن جو چيل آهي ته اسان وٽ ان جي سَنَد ڪانهي.

(6) ”سيد پير سپير هي“، الخ، سر پرڀاتيءَ ۾ نه پرسر ڌناسريءَ ۾ آهي. جو سراسر شاه جو ناهي. ۽ سندس مريدن ۽ معتقدن جو چيل آهي، ۽ جنهن کي شاه جي ڪلام مان تڙي ڪڍڻ گهرجي.

(7) ”ڪچو کان ڪنڀار“ بلڪل ٺيڪ آهي، ۽ سڀني نسخن ۾ ائين آيو آهي: ”ڪنڀار“ کي ”ڪپار“ پڙهڻ تنزل جي نشاني آهي.

(8) ”پنهون کي ڪامَ چئي“، سڀني نسخن جي پڙهڻي آهي. خبر ناهي ته ادي انصاريءَ اها پڙهڻي ڪهڙي قلمي نسخي مان آندي آهي، اگرچہ سندس پڙهڻي به نامناسب ناهي.

(9) ”لوچين ڇو نه لطيف چي“ به اڪثر نسخن جي قرآت آهي، اگرچه ”ليٽين ڪيئن لطيف چي“ پڻ چئن پنجن نسخن ۾ درج ٿيل آهي. مان نٿو ڀانيان ته ڪو معنيٰ ۾ وڏو ڦير ٿو ٿئي. اهي سڀئي قراتن جا اختلاف آهن، جي نسخن جي قدامت آهر درست ڪرڻ گهرجي.

(10) ٽرمپ صاحب جو نسخو اگرچه 1866ع ۾ ڇپيل آهي، ته به نهايت ردي آهي. ڏوه ڊاڪٽر ٽرمپ جو به ناهي، هن ٻن ڏيهي مولوين تي ڀاڙيو هو، ۽ وٽس فقط ٻه قلمي نسخا هئا، جن مان هڪڙو مير علي مراد خان لاءِ سيد قاسم جو لکيل (1849ع؟) آهي ۽ ٻيو شايد مختصر هو، جنهن تي سُرن ۽ بيتن جو مدار رکيو ويو آهي. مولوي صاحبن تمام خود سري ڏيکاري آهي، ۽ اصل عربي فارسي لفظ مَٽي انهن جي جاءِ تي اڻ سهائيندڙ سنڌي مترادف وڌا اٿن، جن جو مفصل احوال ڪنهن ٻئي موقعي تي ڏنو ويندو. سيد قاسم اردو رسم الخط اختيار ڪئي آهي، ۽ اها ساڳي عين بين ٽرمپ واري رسالي ۾ ڪم آيل آهي. شاه لطيف جو واين جي آخر واري بيت ۾ نالو ٽرمپ صاحب ڪو پنهنجي پاران ڪونه وڌو آهي، پر مير علي مراد واري نسخي تي آڌار ڪيو اٿس. قسمت سان اهو نسخو بلڪل زبون حالت ۾ مون کي تازو خان بهادر محمد ايوب کهڙي ۽ ڀاڻس حاجي محمد مراد کهڙي جي معرفت هٿ آيو آهي ۽ ان جي ڀيٽا ڪري رهيو آهيان. ساڳئي نسخي جو نقل قاضي فقير محمد صاحب جي هٿ اکر به جلد ملڻ وارو ٿيو آهي.

(11) ”سرتيون سڳڻيون“ واري وائي سر پورب ۾ نه پر سر رپ جي ٻئي داستان ۾ آهي. نهايت سهڻي وائي آهي، پر ادي انصاريءَ باوجود ان کي مختصر ڪرڻ جي اڪيچار غلطيون ڪيون آهن. انهيءَ وائي سان هڪ وڏو قصو شامل آهي، جو ڪنهن ٻئي موقعي تي ڏنو ويندو. پهرين ۽ ٻيءَ مصرع جي پڙهڻي هن ريت آهي:

سرتيون سڳڻيون، آءُ ساريان پر پنهنجو

للاڻيءَ جي لوءِ ۾، ساري رات سُيون.

(للاڻي يعني شاه ڪريم)

انصاري صاحب ’سڳڻيون‘ کي ’سنڱهڙيون‘ ۽ ’پِير‘ کي ’پرين‘ ۽ ’للاڻيءَ‘ کي ’لالائي‘ ڪري پڙهيو آهي. ”ميمڻ“ واري سٽ ۽ تخلص واري مصرع بالڪل علحديون آهن. ائين هرگز ناهي جو ”ميمڻ“ واري سٽ کي ڪيرائي ان جي جاءِ تي عبداللطيف جي نالي واري سٽ وڌي ويئي آهي. اهڙي قسم جي هٿ چراند ته امانت بدران خيانت آهي.

(12) سورٺ جي سر جي روحاني توجيہ البت مشڪل آهي، پر مرحوم مولوي غلام محمد خانزئي جي سمجهاڻي انهيءَ تمثيل بابت بالڪل صحيح ۽ شرع مطابق آهي (ڏسو ”منهاج العاشقين“ جو سنڌي ترجمو)؛ باقي ڊاڪٽر نبي بخش جون تمثيلون يا محمد علي دائود پوٽي جو ”شاه جو منڱيو“ اجايو ڳالهيون آهن. اسان کي مرحوم مولوي صاحب جو شڪر گذار رهڻ گهرجي جنهن وڏي خوض ۽ خيال سان شاه جي سُرن جا اشارا ۽ ڪنايا شرع شريف جي مطابق سمجهايا آهن. باقي اها ڳالهه ته سر سورٺ ۾ معراج جو ذڪر سمايل آهي، سو مان اڃا تائين سمجهي نه سگهيو آهيان اهي بيت ئي فالتو ۽ ڌاريان آهن.

(13) مون کي تعجب آهي جو ادي انصاريءَ باوجود يارهن ورهين جي اڀياس هوندي، ڌارين شاعرن جو تعداد فقط پنج ڄڻا ڏيکاريو آهي. درحقيقت اهي ويهن ڄڻن کان به مٿي آهن. سندن نالا ابجد وار هيٺ ڏجن ٿا، سمجهو ڪي سمجهن: احسان، بلال، ٻڍو، جبير، جوڻيجو، حبيب، حسين، طالب، عزيز، عطا، عنات، عنايت، عيسو، قاسم، قطب، ڪيسر، کٽي، لاکو لطف الله، لکمير، محمود، مڱيل ۽ هلال.

هيءُ آهي سندس ادبي ۽ علمي تحقيق جو حال، ”ههڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾“.

________


[1]  ماهنامي ”نئين زندگي“ نومبر 1958ع تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org