سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :9

رحمت الله رحمت واسعة. ارادو اٿم ته بزرگ جي مزار جي نئين سر تعمير ڪرائي مٿانئس ڇٽي ۽ چوڌاري پڪي ديوار کڻائي ۽ سندس لوڙهه تي سنگمرمر جو لوه کڙو ڪري، سنديس يادگار قائم ڪجي، والله ولي التوافيق واليہ حسن الماب.

آخر دلي رقت ۽ احساس مان ميان عيسيٰ کان موڪلائي خليفي لقمان جي پوين جي اوطاق ۾ لمحو کن ويٺاسين. اتان هڪ ”سيّد رشيدالدين“ جو ڇپيل پر ناقص ڪلام هٿ آيو. شايد اهو شاعر جهنڊي وارن بزرگن مان آهي. پوءِ خليفي لقمان کي ختمو بخشي، ملاڪاتيارن مان ماني کائي، قدري آرام ڪري، ظهر عصر جي نماز پڙهي سيدپور ڏي وڌياسين. سيدن مان ڪابه پهر حاضر نه هئي. سيّد قبول محمد شاه جنهن وٽ وڏن جو ڪتابي خزانو اڃا محفوظ آهي؛ سو ٻن ٽن مهنن کان گذاري ويو هو. ڏينهن به اچي لاڙائو ٿيو هو، جو رفاعي بزرگن جي خلف صالح ميان غلام محي الدين سان چارچشمي ٿي. بزرگ پنهنجو مستند خانداني شجرو ۽ مغلن کان مليل پروانو ڏيکاريو، ۽ انهن سان گڏ هڪ نهايت نفيس ۽ لاثاني حمائل، پنهنجي والد بزرگوار جو ڪلام ۽ ٻين خاندانن جي بزرگن جون تصنيفون ڏيکاريون. ضمناَ چيائون ته سندن والد بزرگوار جو سهڻن اکرن ۾ لکيل ”ديوان_گل“ جو نسخو ڪيترن ورهين کان خان بهادر الحاج محمد صديق ميمڻ وٺي ويو آهي. بزرگ واعدو فرمايو ته جيڪڏهن ٻيو ڀيرو ايندا ته ساري ڪتب خاني جو ديدار ڪرائيندس، اتي وچين ويلا ڪري چڪي هئي ۽ آفتاب عالمتاب غروب ٿيڻ تي هو جو بزرگ رفاعيءَ کان موڪلائي، ٽنڊي محمد خان جي رستي، چِرڪو حيدرآباد پهتاسين.

______


 

 

بيڪس: سنڌ جو مشهور شاعر[1]

 

”بيڪس“ جو اصل نالو محمد محسن هو، پر پنهنجي تخلص واري نالي سان مشهور آهي. هو سنه 1859ع ڌاري روهڙيءَ جي قديم شهر ۾ ڄائو هو ۽ سنڌ جي مشهور شاعر فقير عبدالقادر عرف قادر بخش ”بيدل“ جو وڏو فرزند هو. بيدل خود پنهنجي پنهنجي وقت جو وڏو عالم عابد ۽ زاهد ٿي گذريو آهي جو مجازي ۾ مخمور ۽ حقيقي سان معمور هو. شايد درازي فقيرن وٽان حسن پرستيءَ جي ڪِنار هِردي اندر چڀي هيس ۽ آخر عمر تائين انهيءَ حسن بازار جو هوڪو ڏيندڙ ٿي رهيو، مگر چون ٿا ته سندس اخلاق جو دامن ڪڏهن به مجاز جي مَوَ کان ملّوث نه ٿيو، ليڪن ڳڀرن سان نينهن لڳائڻ ۽ انهن جي صورت پچائڻ صوفي سڳورن ۽ روحاني بزرگن وٽ مذموم آهي.

پيءُ جي وفات وقت بيڪس جي عمر فقط تيرهن سال هئي ۽ اهو سندس ”عشق جو آغاز“ هو، جيئن پنهنجي والد بزر گوار جي مرڻ تي هڪ غزل ۾ اظهار ڪيو اٿس:

بيدل مرشد منهنجو، سائين غريب نواز هو

بيڪس خادم دَرَ جي کي، عشق جو آغاز هو.

اڃا ٻاويهن ورهين جو مس ٿيو ته اجل اچي اڳ ورتس. چئي نٿو سگهجي ته پاڻ عشق جي ڪهڙي منزل تي هو، بهرحال پيءُ وانگر ”عاشق“ مان ڦري ”عاشق عارف“ ٿي پيو هو، نڪي وري پيءُ جيان عابد ۽ زاهد هو. سينڌ سرمي ۽ سينگار جو ڏاڍو شوق هوندوهوس ۽ پوشاڪ به سهڻي پهريندو هو. نهايت خوش طبع ۽ عاشق مزاج هو. سندس شعر مان پروڙ پوي ٿي ته سڪ جو ساءُ خوب چکيو هئائين، ۽ سُڌ هيس ته ڀڳل دل ڇا کي چئبو آهي.

سندس ڪلام اگرچه اهڙو سُپَڪُ ناهي، تڏهن به منجهانئس بره جا ڀنڀٽ ۽ ”آزر جا انواع“ ڀڙڪو کايو اُڀرن ٿا. ڦوهه جوانيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيائين. شايد اڳتي هلي وڌيڪ گل ڪڍي ها. کيس سنڌي ادب جي بانين ۾ شمار ڪرڻ مناسب ناهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪو شعر سازيءَ ۾ نئون طريقو اختيار ڪونه ڪيائين، قدري بيت ۽ ڪافيون آهن، جن مان بوءِ بهار جي اچي ٿي، نه ته منجهس ڪنهن جو قسم جو تنّوع ۽ گونا گوني ڪانهي.

هن وقت منهنجي اڳيان سندس سمورو ڪلام موجود ناهي، جو مٿس تفصيلوار تبصرو ڪجي. ننڍي هوندي کان سندس ڪي بيت ۽ ڪافيون گوش زد اٿم، جي نموني طور پڙهندڙن جي اڳيان عرض رکان ٿو. ڏسندئو ته ڪيئن نه مجاز جا مچ منجهانئس ڄڀي ڪڍي ٻاهر نڪرن ٿا:

 

(الف) ابيات: سڪ ۽ سور

(1)

آهون ۽ دانهون، ويچاريءَ وڏيون ڪيون

وٺيو گس گوندر جا، ڀڳائين ٻانهون

پنهون آڳاهون، سڏ نه سڻي مئي جا.

(2)

ڪيچ نه ٻجهي ڪوڪ، ويچاري جو وس ويو

ڦوڙائو فقير کي، پنهون ڪاڻ ٻيو

لهي ڏينهن ويو، مٺيءَ کي ماتام ۾.

(3)

هِئن نه لائق هوءِ، مارڻ مسڪينن کي

ڇوري ڇڏي ڇپرين، متان پڇتائين پوءِ

هِيئن نه گهربو هوءِ، جو بيڪس کي بيران ڪَيئِي.

 

(ب) اباڻي اڪير

اباڻن جي اڪير، راتيون ڏينهن ٿي رُئان.

1. آءٌ هت ماندي تن مارن ري، کليو پين هو کير،

ساه سنگهارن ساري

2. قسمت واري ڪوٽ مان ڪڍ تون، عمر ڄام امير

ڳاراڻو ٿو ڳاري

3. اباڻن جي آسري، لوئي ٿيڙم لِيڙَ،

پَتِ پنهور جي پاري

4. ”بيڪس“ وَسُ ناهي ويڙهيچن، توڙئون هي تقدير،

ڪير لکئي کي ٽاري.

 

(ج) درد جي دانهن

ماريس وڇوڙي، ور تون جيءَ جا جيارا جلدي.

 

1. شب و روز انتظاري، ڪئي بره بي قراري

لک لک ڪريان ٿي زاري، دل جي دوا نه لڳندي،

 

2. ماري فراق آهيان، ڪو دم جيئري ناهيان

سڱ توسان ڪهڙو ساهيان، ٻانهي توسان هلندي

 

3. ڪُوڪان ڪريان پڪاريان، ٻاڏايان ٿي ٻاڪاريان

توکي اکڙين ۾ وهاريان، ڪنهن کي نه سور سلندي

 

4. ”بيڪس“ فقير جون دانهون، ٻڌندين الله لڳ آهون

ٻهڳڻ ڏيندين تون ٻانهون، ٻيا در پوءِ ڪيها رلندي

 

(د) هِنَ هُنَ کان وياسين

هِنَ هُنَ ٻنهين کؤن وياسين، پُکي يار جي پياسين

هي بار درد غم دا، چمي سر اُتي چاياسين.

 

1. چُستي جي چوٽ هڻ تون، هستيءَ جي اوٽ ڀڃ تون

مستيءَ جي ڳوٽ کڻ تون، سوريءَ جي سرچڙهياسين

 

2. شب روز ڪرندي زاري، درياه دل ويچاري

سڙ ڳئي جندڙي ساري، ڪنهن انگ ۾ اڙياسين

 

3. بيڪس نه ڪنهن ۾ اڙندا، سڪندي سوليءَ تي چڙهندا

دم بدم هي سڳڙا دَر دا، هرگز نه ڪنهن جهلياسين

 

(هه) ڪڏهن ملندين راڻا؟

ڪڏهن راضي ٿي ملندين راڻا؟

1. ڪاڪ ڪوماڻي، ويل وهاڻي، ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا

2. خيال خاطر ٻيو ڪو ناهي، ڄاڻيون توکي ڄاڻا

3. هيئن وسارڻ ناهي لائق، سوڍا يار سياڻا

4. توريءَ ڪنهن سان ڪندي جاني! مُٺِي مومل ماڻا

5. ڇا کئون، راڻا، تون رسي وئين، سختيون سور سماڻا

”بيڪس“ ڇاهي تنهنجي دَرَ بن؟ وتن ولي وڪاڻا

 

(و) خوني خماريل اکيون

خوني خمارين چشما چُٽن ٿيون

ڏسڻ سان عاشق، ڪيئن ته ڪهن ٿيون.

 

1. اهي ناز پرور، نازڪ نماڻيون

عاشق ڪهڻ لاءِ، شايد ساماڻيون

تکا تير مڙگن جا بيشڪ هڻن ٿيون

 

2. ڏاڍي ناز واريون، نينهن نا نباهن

چيو من کي مرشد، سدا بيوفا آهن

زوران زور زوري، بانوريون چڙهن ٿيون

 

3. تکا تير مڙگن جا، ابرو ڪماني

سپر سينو منهنجو، هڻ ڀل تون جاني!

اهي ناز واريون، ڪڏهن نا مڙن ٿيون

 

4. اهي ڪن ٿيون سودو، سدائين سِر جو

ڏسي، طالبو! تن، ڪڏهن ڪين مڙجو

”بيڪس“ سان بازر ۾، امالڪ اَڙن ٿيون

 

(ز) آءُ ته پرچون

راز محرم! رُس مَ يار! آءُ پرچون پاڻ ۾.

 

1. ڪئن ڪَيئي جاني جدائي، ڇو ڪيئي مون سان بيوفائي،

نام مولا جي نهار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

 

2. حال واقف يار هردم، هُج هميشہ همقدم،

دم به هڪڙو ٿي نه ڌار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

 

3. هي رقيبن راه ماري، تن ۾ طلب تنهنجي تاري،

اکيون تنهنجو گل انار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

 

4. بيڪس بيوس ڇا ڪري، جو دم دم تو لءِ ٿو مري.

توتان صدقي وار وار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

 

(ح) پنهل جو اجهو

ڪونهي پنهل بنا ٻيو ڪو اجهو، جَت ڏير ڏئي ويا مئي کي ڏَجهو.

 

1. آءُ اوٺي الله لڳ، ڏس ڏي پنهل ويو ڪهڙي دڳ،

اُتي من هجي ڪو سنگتي سچو.

 

2. ڇوٿيون جهليو مون کي اديون، هر ڪا ڏسي پنهنجون مديون،

ڇو ٿيون اوهين روح ۾ رَجهو.

3. ڪُوڪان ڪيان ڪيهان گهڻيون، رندن مٿي

رئنديس رڙيون،

لڳو درد دلبر جو ڳجهو.

4. ننڊ ندوريءَ لاچار ڪيو، پنهنجي پنهل کان ڌار ڪيو،

هاڻي جبل جالڻ ٿيو جهجهو.

 

”بيڪس“ چوءِ هن بحر مؤن، ٽٻي ڏيٿي ڏس لهر مؤن،

اوهين عشق جي دامن ٻجهو.

 

(ط) صورت جو ساز

بنائي ساز صورت جو، عجب لِڪڙا لڪائين ٿو.

 

1. آئين آدم رکي نالو، ڪيو ڪيڏو تو ڪشالو،

چوري چشمن سندو چالو،عاشق معشوق ٺاهين ٿو.

 

2. صوفي منصور ڪئي سواري، سِري نيزي ٿِي هسواري،

بلاشاه مد هاڪاري، پنهنجن جا ڪنڌ ڪپائين ٿو.

 

3. روهڙيءَ ۾ رنگ ٿئي رلمل، چائي سر بار ٿئي بيدل،

حسن بازار ڪري حاصل، هاڻي ”بيڪس“ چوائين ٿو.

مان ڀايان ٿو ته کيس ”حسن بازار“ حاصل ٿي ۽ انهي جي ”در جو سگڙو“ ٿي عمر پوري ڪيائين. پر سال ويندي”بيدل“ ۽ ”بيڪس“ جي زيارت ڪيم. قبي ۾ ڪٽهڙي اندر ٽي قبرون آهن: وچين بيدل جي، اولاهين بيڪس جي ۽ اوڀارين فقير عبدالله آخوند جي. اِها راحت ۽ رقت جا شاه ڪريم، شاه عنايت ۽ شاه لطيف جي روضن اندر ايندي آهي، سا ڪانه آئي. ديوارن تي چوڌاري عاشق جيوڙن جون بيتن ۾ سُکائون لکيل نظر آيم، اندر ۾ کِلَ سانڍي ٻاهر نڪتس. شايد ٻين تي ٻي ڪيفيت طاري ٿيندي هجي، پر منهنجي روح کي ته ڪوبه ريلو نه آيو. شل هادي سڀني حفظ ۾ رکي!

_________


[1] ماهنامي   ”نئين زندگي“، فبروري 1951ع تان ورتل.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org