سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :18

انسانَ ۽ سندس دنيا: آمريڪي عالم جان وئن ڊُون سائوٿ وَرٿ جي مضمون What Do We Know of Man & His World جو ترجمو- سماهي ”مهراڻ“، 1-1956ع

انساني غير برابريءَ جي ابتدا: فرينچ عالم ۽ مفڪر جي. جي. رُوسو (1778-1712ع) جي مضمون The Origin of Human Inequality جو ترجمو- سماهي ”مهراڻ“ 4-1956ع

ٻاهرينءَ دنيا بابت اسان کي ڪهڙي ڄاڻ آهي: سي. ايم. جوڊ جي ڪتاب Guid To Philosophy جي پهرئين باب جو ترجمو- سماهي ”مهراڻ“، 1-2، 1957ع

جمهوريت انسان ذات لاءِ: اي فونيسڪا پامينٽل جي مضمونَ Democracy for Mankind جو ترجمو- روزانيءَ ”هلال پاڪستان“، ڪراچي، 12 مارچ 1981ع

امن جي جنگ انسان جي بقاءَ لاءِ: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، لاڙڪاڻي، جي شاگرد، مرليڌر، طرفان شايع ٿيل، سال 1982ع جي ڏياري پَرچي لاءِ، لکيل ۽ اُن ۾ ڇپيل مضمون.

بامقصد فلسفو: مارڪس ڪارن فَرٿ جي ڪتاب Dialectical Materialism جي پهرئين باب ۽ ٻئي باب جو ترجمو- ماهنامي ”ساڃاهه“، ڪراچي، 1989ع ۾ ”بامقصد فلسفو“ جي عنوان هيٺ شايع ٿيل.

علمُ انسان جو عقل وڌائي ٿو؛ عقل سان ئي علم جا جائز فائدا انسان کي حاصل ٿين ٿا.

 

انسان، ۽ سندس دنيا

(ترجمو)

1953ع، ۾ هڪ آمريڪي عالم، ڊاڪٽر رالف سوليڪي، عراق جي ملڪ ۾ ويو ۽ اُتي هن فرات- دجله دوآبي جي اُترئين ڀاڱي ۾ ”شانيدر“ نالي هڪ قديم غار جي ويهي کوجنا ڪئي. ٿوريءَ تپاس کان پوءِ، اندازو ٿيس ته ان غار ۾ هزارها ورهين کان وٺي، هڪڙا نه ٻيا ماڻهو ائين ئي رهندا پئي آيا آهن: خود ان وقت، هن پنهنجي اکئين، اُتي ڪُرد قبيلي جا چاليهارو کن ڪٽنب آباد ڏٺا.

غار جي پٽ تي ڌوڙ، مٽيءَ ۽ گند ڪچري جا ايترا ته تهه چڙهي ويا هئا، جو ائين پئي ظاهر ٿيو ته اُهي تهه ڪن قديم ايامن کان وٺي پئي اتي جمع ٿيا آهن. پوءِ، ڊاڪٽر سوليڪيءَ ڇا ڪيو، جو ان غار جي پٽ ۾ بيهي هڪ همچورس 16 فوٽ اُڀو کڏو کوٽيائين. کوٽائي شروع ٿي، ته مٿان ئي مٿان، پهرين ٿورڙن انچن واري تهه ۾، ڀڳل ٽٽل ٺڪر ۽ ٻيا اهڙين ڪن بنهه تازين رهجي ويل شين جا نشان ڏٺائين. اٽڪل اٺن انچن جو اهو پهريون تهه، جنهن ۾ رڳو انهيءَ قسم جو گند ڪچرو، ڌوڙ ۽ ٻين شين جا ٽڪرا ڏٺا ويا، سو اُتي تقريباً حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ واري زماني کان پوءِ جو ئي جمع ٿيل هو. ڊاڪٽر سوليڪيءَ جي کوٽائي هڪ فوٽ به اڃا مس هيٺ ويئي، ته اُتي ايراني سلطنت شاهيءَ واري زماني جي لوهي هٿيارن جا ٽڪرا ۽ ٻيا اهڙا نشان لڀجڻ لڳا، ۽ اُنهن کان هڪدم پوءِ، اسيريائي زماني جا نشان يعني ٽامي جون مختصر شيون ۽ اُنهن جا ٽڪرا ڏسڻ ۾ آيا. اٽڪل ٻه فوٽ هيٺ کوٽائي ڪرڻ تي، ڊاڪٽر سوليڪيءَ کي ”نئين پٿر واري دؤر“ جا سنوان سڌا، لسا، هڪ ساريڪا ترڇيل پٿر جا اوزار هٿ آيا.

اهڙيءَ طرح آهستي آهستي، کڏو هيٺ اونهي کان اونهو ٿيندو پئي ويو. اٽڪل چئن فوٽن تي، ”نئين پٿر واري دؤر“ جي اوزارن بدران ”پراڻي پٿر واري دؤر“ جا کهرا، آڏا اُبتا گهڙيل پٿر جا اوزار ڏٺا ويا. پنجين ۽ ڇهين فوٽ جي وچ ۾ اهڙا اڌ گهڙيا پٿر جا اوزار لڌا ويا، جيڪي ”پراڻي پٿر واري دؤر“ جي اوزارن کان به قدري مختلف هئا، جنهن مان ڊاڪٽر سوليڪي هن نتيجي تي پهتو ته اُهي اوزار ”ڪرو مئگنان“ نسل وارن فنا ٿي ويل ماڻهن کان به اڳ ڪنهن ٻيءَ ذات جي ماڻهن جا اُتي ڇڏيل هئا. لڳ ڀڳ 12 فوٽن جي اونهائيءَ تي هٿ آيل نشانن ۾ اڃا ئي وڌيڪ اختلاف ڏسڻ ۾ آيا، جنهن مان معلوم ٿيو ته اُنهيءَ وقت غار ۾ ماڻهن جو مرڳو ئي ٻيو ڪو نسل، جنهن کي اڄ جا سائنسدان ”نيندر- ٿال ذات“ ڪري ٿا ڪوٺين، رهندو هو. آخر ۾، 26 فوٽ هيٺ، ڊاڪٽر سوليڪيءَ هڪ نيندر ٿال ٻار جو هڏائون پڃرو لڌو، جيڪو حساب ڪيائين ته اٽڪل 7000 (ست هزار) ورهيه اڳ جو هو.

هيءُ 16 فوٽ همچورس ۽ 26 فوٽ اونهو کڏو، گويا هڪ لاڳيتو رڪارڊ هو، انسان جي تازين گذريل 700 صدين جي زندگيءَ جو. ڊاڪٽر سوليڪيءَ جو هيءُ کڏو وڃي غار جي بنهه تري تائين پهتو هو، ۽ جيڪڏهن اڃا به ان کي هيٺ کوٽيو وڃي ها ته اُتان مٿي بيان ڪيل انساني هڏائين پڃري کان زياده قديم ڪا شيءِ يا ڪو نشان شايد هٿ ڪين اچي سگهي ها.

پر، جيڪڏهن هيءُ غار، ماڻهن جي پستيءَ جي لحاظ کان زياده قديم هجي ها، ۽ ان جو اصل ترو اڃا به هيٺ اونهو هجي ها، ۽ سندس انهيءَ تر ۾ ڌرتيءَ جي ڌڏڻ يا ٻئي ڪنهن اهڙي سبب کان ڪنهن قسم جي ڪا ڦير گهير نه آئي هجي ها، ۽ جيڪڏهن شروعات کان وٺي، غار جي پٽ تي مٽي ۽ ڌوڙ هڪ ئي رفتار سان جمع پَئِي ٿئي ها، ۽ جيڪڏهن اهو کڏو سڀني جمع ٿيل تهن جي آرپار اڃا ئي هيٺ کوٽي سگهجي ها، ته اُن حالت ۾ اسان کي ابتدا کان وٺي اڄ تائين، سڀني زمانن جي عمر جو گويا هڪ مڪمل نقشو ملي وڃي ها.

هن غار جي پٽ تي، اٽڪل 2700 سالن ۾، مٽيءَ جي تهه جو هڪ فوٽ پئي جمع ٿيو هو. انهيءَ حساب سان جيڪڏهن کڏي کي 111 فوٽ هيٺ کوٽجي ها، تڏهن ڪو وڃي ”پراڻي پٿر جي دؤر“ جي شروعات واري زماني تائين پهچجي ها، جنهن کي اٽڪل300,000  ورهيه گذري چڪا آهن. هن دنيا تي انسان جي پهريائين تشريف فرما ٿيڻ جو زمانو ته تنهن کان گهڻو گهڻو اڳي ٿيو! هن کڏي کي 259 فوٽ اڃا به هيٺ کوٽي سگهجي ها، ته به اسان کي ”اوائلي پٿر جي زماني“ جا نشان پيا ملن ها. تان جو جڏهن 370 فوٽن تي هيٺ پهچجي ها، تڏهن وڃي دنيا جي اوائلي انسانن جي زندگيءَ جا نشان ملن ها. ياد رکڻ گهرجي ته اوائلي انسانن کي هن ڌرتيءَ تي آئي اٽڪل ڏهه لک ورهيه گذري چڪا آهن!

ڪو زمانو هو، جو اسان جي هن ڌرتيءَ تي انتهائي غير معمولي وڏا ۽ خوفناڪ جانور رهندا هئا، جن کي ڊنوسَرَ يا ازدهائون چيو ٿو وڃي. انهن ڊنوسرن کي دنيا منجهان ختم ٿئي به ڪروڙين ورهيه گذري چڪا آهن.

جيڪڏهن انهن ازدهائن جي زماني تائين پهچڻ گهرون ٿا، ته هن کڏي کي 37000 فوٽ يعني اٽڪل ست ميل هيٺ وٺي وڃڻو پوندو. ظاهر آهي ته جيڪڏهن انهيءَ زماني تائين پهچڻو آهي، جڏهن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جا پهريان آثار نمودار ٿيا هئا، ته کڏي کي اڃا ئي وڌيڪ هيٺ کوٽڻو پوندو. ڪيڏانهن ڊنوسر ۽ ازدهائون ۽ ڪيڏانهن زندگيءَ جا مختصر ابتدائي آثار! جيڪڏهن اُنهيءَ زماني جا نشان اوهان کي گهرجن، ته کڏي کي اڃان ئي وڌيڪ کوٽيو، ۽ 70 ميل هيٺ کوٽيو! ۽ ياد رکندا وڃو ته کڏي جو سڀ ڪو هڪ فوٽ ٿلهو تهه 2700 ورهين جي عمر جو اَٿوَ!

سامهون صفحي تي، ڊاڪٽر سوليڪيءَ جي اُنهيءَ سموري خيالي کڏي جا ٻه نقشا پيش ڪيا ويا آهن. کاٻي هٿ واري خاڪي ۾ اوهين ڏسندا ته ”نئين پٿر واري زماني جي پوري ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين وارو ”سڌريل زمانو“ بنسبت انهن اکٽ زمانن جي، جڏهن ويچارو اڻسڌريل انسان محض پٿر جا اوزار پيو ڪم آڻيندو هو، ڪيترو نه انتهائي مختصر زمانو هو! اوهين چوندا ته پٿر وارن زمانن جي جملي عمر به ڏهه لک ورهيه ته هئي! ائين برابر آهي؛ پر اِنهيءَ مان اوهان کي ائين سمجهي وڃڻ نه گهرجي ته انسان هن ڌرتيءَ جو ڪو پراڻي ۾ پراڻو ۽ اصلوڪو رهواسي آهي! جيڪڏهن انسان جي اها جملي ڏهه لک سالَ عمر اوهان کي غير معمولي ڊگهي لڳي، ته پوءِ اوهان کي صفحي جي ساڄي پاسي واري نقشي ڏانهن نهارڻ گهرجي- اوهين ڏسندا ته جملي اٽڪل هڪ سئو ڪروڙ ورهيه ڌرتيءَ تي زندگي موجود رهي آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾، انسان ويچاري جي ڌرتيءَ تي جملي عمر اٽڪل ڏهه لک ورهيه، يعني هڪ سئو ڪروڙ ورهين جي هزارين پتي به مس رهي آهي! حقيقت هيءَ آهي ته غريب انسان هن ڌرتيءَ جو پراڻو پاپي نه، پر هڪ نئون نويل بنهه هڪ تازو آيل معصوم ٻار آهي!

اوائلي انسان

تاريخ لکجڻ شروع ٿي، اُن کان گهڻو گهڻو اڳ، انسان هن ڌرتيءَ تي موجود هو. گهڻن ماڻهن لاءِ انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هو سمجهن ٿا ته انسان جي تاريخ هڪ نهايت قديم چيز آهي، ۽ اُن تاريخ جي شروع ٿيڻ کان ڪجهه ٿورو ئي اڳ، هڪڙي قسم جا اڻ سڌريل وحشي ماڻهو غارن ۾ رهندا هئا ۽ ترت ئي پوءِ ۽ هڪدم اڄوڪو سڌريل انسان دنيا ۾ تشريف فرما ٿيو! انسان جي پيدائش متعلق جيتوڻيڪ مروج ۽ مقبول عام عقيدو اهو ئي آهي، پر افسوس آهي، جو اهو عقيدو سڌو سنئون غلط ۽ بي بنياد آهي. حقيقت هيءَ آهي ته انسان دنيا ۾ پنهنجيءَ جملي عمر مان گهڻي ۾ گهڻو حصو غارن ۽ جهنگلن ۾ ئي گذاريو آهي.

جيتوڻيڪ عالم ۽ سائنسدان سالن جي ڪنهن خاص عدد متعلق متفق نه آهن، پر جيڪي به علمي شاهديون ۽ نشان موجود آهن، تن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي هن ڌرتيءَ کي پنهنجي موجوده شڪل ۾ آئي ۽ سج کي چوڌاري ڦرندي گهٽ ۾ گهٽ 200 ڪروڙ سال گذري چڪا آهن. پهريائين اٽڪل 100 ڪروڙ سال، ڌرتيءَ تي ڪابه جاندار چيز موجود نه هئي. شروعات ۾، ڌرتي فقط هڪ عظيم ٽهڪندڙ پٿرائون گولو هئي، پر نيٺ آهستي آهستي ٺرندي ويئي، ۽ ان جي فضا ۾ جيڪا گهم هئي، سا برسات جي صورت ۾ هيٺ ڪرڻ لڳي. هيٺانهن ٽڪرن ۾ پاڻي ڪٺو ٿيڻ شروع ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح ڍنڍون، سمنڊ ۽ مها ساگر ٺهيا. بارش ۽ طوفاني هوائن جي دائمي لڳڻ سبب، ڌرتيءَ جو سخت پٿرائون تهه ڀور ڀور ٿي هڪ قسم جي نرم مٽيءَ جو تهه بڻجي ويو. آهستي آهستي نيٺ ڌرتي اُن حالت کي اچي پهتي، جو مٿس زندگيءَ جو پيدا ٿيڻ ۽ زندهه رهڻ ممڪن ٿي سگهيو.

اوائلي جاندار چيزون اٽڪل 100 ڪروڙ سال اڳ ڌرتيءَ تي وجود ۾ آيون. پهريائين اهي جاندار چيزون نهايت ننڍڙيون، ڪنئريون، ساديون هڪ گهرڙيون (Single Cell) شيون پاڻيءَ ۾ پيون ترنديون هيون. وقت گذرڻ تي، ٿورا وڏيرڙا ٻوٽا ۽ ٻيون جاندار شيون، اڳئين کان بهتر صورت ۾، ظاهر ٿيون. انهن مان ڪي ته پاڻيءَ ۾ رهنديون آيون ۽ ڪن وري ڌرتيءَ تي رهڻ شروع ڪيو. تنهن کان پوءِ عجيب عجيب شڪلين جا بيشمار جيت، مڇيون، جانور، وڻ ۽ ٻوٽا پيدا ٿي پيا. اهڙيءَ طرح ٿيندي ٿيندي، ڏهه ڪروڙ کن ورهيه اڳي، ڌرتيءَ تي هڪڙا غير معمولي وڏا جانور به موجود چيا وڃن ٿا. جن کي ”ڊنوسر“ چيو وڃي ٿو: انهن مان ڪي ته هڪ سئو فوٽ ڊگها جانور هئا! رفتي رفتي، اهي به گم ٿيندا ويا ۽ اُنهن جي جاءِ وري هاڻوڪن نمونن جي جانورن ورتي- جن ۾ گرم رت وارا جانور به اچي ٿا وڃن، جن کي اسين ”کير پياريندڙ جانور“ سڏيون ٿا. پوءِ اٽڪل ڏهه لک ورهيه اڳ، پهريون سچو پچو انسان نمودار ٿيو.

اِن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڌرتيءَ تي ماڻهو اٽڪل ڏهه لکن ورهين کان رهندا ٿا اچن. اِنهيءَ ”انساني دؤر“ جو ڳچ حصو تاريخ کان اڳ جو آهي. انهيءَ جو مطلب هيءُ آهي ته ماڻهو ويچارا نه لکي ڄاڻندا هئا نه پڙهي؛ انهيءَ ڪري هنن پويان ڪوبه لکيل رڪارڊ يا تاريخ نه ڇڏي آهي. اُن جي هنن کي ڪا ڳڻتي به ڪانه هئي. کين انهيءَ حقيقت جي بنهه ڄاڻ ئي ڪانه هئي ته ڪا تاريخ به ٿيندي آهي. هونئن ته زندگي هنن لاءِ به ايتري ئي حقيقي ۽ اهم هئي، جيتري اسان لاءِ آهي؛ زندگيءَ جا مسئلا پنهنجيءَ پر ۾ هنن لاءِ به اهڙا ئي منجهائيندڙ هئا، جهڙا اسان لاءِ آهن: هو کائيندا هئا، سمهندا هئا ۽ ”پورهيو“ ڪندا هئا؛ پيار محبت ۽ نفرت جا جذبا به منجهن هئا؛ پنهنجا ڪٽنب سنڀاليندا هئا، ۽ انهن کي زندهه رهڻ ۽ زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ اهي ترڪيبون ۽ حرفتون سيکاريندا هئا، جيڪي پاڻ پنهنجن وڏن کان سکيون هئائون، يا پنهنجي حياتيءَ جي دوران نئينءَ طرح پرايون هئائون. سندن مرڻ کان پوءِ، انهن طريقن ۽ حرفتن کي سندن اولاد اختيار ڪندو هو. لکيو ڪجهه نه ويندو هو، ان ڪري اهڙا ڪي ڪتاب يا ڪو رڪارڊ رهيو ئي ڪونه، جنهن ۾ هنن جو ”علم“ محفوظ رهي ها ۽ ايندڙ پيڙهين تائين پهچي ها. ڪا ڳالهه سيکارڻي هوندي هين، ته ڪو ظاهر ظهور مثال ڏيئي، ڪجهه اشارن ۽ ڪجهه آوازن سان سمجهائيندا هئا. آخر جڏهن هڪ نه ٻئي قسم جي ڪا ٻولي ڳالهائڻ ۾ آئي، ته هڪٻين کي اهڙيون چيزون زباني طرح سمجهائيندا هئا. اهڙيءَ طرح، ”علم“ هري هري ٿي گڏ ٿيندو ويو، ۽ آهستي آهستي انهيءَ گڏ ٿيل ”علم“ مان انسانُ پنهنجي حياتي وڌيڪ سهنجي بڻائيندو ويو.

ڇهن هزارن کان به گهٽ ورهيه ٿيا آهن، جو ماڻهوءَ لکڻ سکيو، ۽ انسان جي ”تاريخ“ جو تاريخي دؤر شروع ٿيو.

هاڻ اچو ته وقت جي اِنهن مکيه دؤرن جي اصلي حقيقت ۽ معنيٰ کي ڪنهن طرح سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. فرض ڪريو ته هڪڙو گهڙيال آهي، جنهن جو هڪ منٽ برابر آهي هڪ سئو سالن جي. هن وقت منجهند آهي ۽ پورا ٻارنهن لڳا آهن. ٻن منٽ اڳ يونائيٽڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو ملڪ وجود ۾ ئي ڪونه هو! رڳو پنج منٽ اڳ ڪولمبس آمريڪا جو کنڊ ڳولي لڌو هو! ويهه منٽ اڳ، حضرت عيسيٰ عليه السلام اڃا ڄائو ئي ڪونه هو! مصر جا احرام (پرئمڊس) پنجاهه منٽن کان به گهٽ عمر جا آهن. ۽ دنيا جي پهرين پهرين سچي تهذيب، مصر ۽ فرات- دجله جي واديءَ ۾ بنهه هڪ ڪلاڪ اڳ اڇا مس سرجڻ شروع ٿي هئي! اسان جي هن عظيم گهڙيال تي، انسان جي سموريءَ تهذيب جي شروعات ۽ ارتقا اِنهيءَ گذريل هڪ ڪلاڪ ۾، يعني يارهين بجي کان ٻارهين بجي تائين واري جهٽ پلڪ ۾ ئي ٿي آهي!

اڃا به پنهنجي هن عظيم گهڙيال کي (جنهن جو هڪ منٽ برابر آهي سوَ سالن جي) ڪم آڻيندي، اچو ته گذريل وقت ڏي وڌيڪ نظر ڪريون. تاريخ کان اڳي وارن ماڻهن (جن ڏانهن اسين، ”تاريخي دؤر وارا انسان“، ڪڏهن به ڪو خاص ڌيان ڪونه ڏيندا آهيون!) هِن ڌرتيءَ تي، اسان جي مٿئين گهڙيال موجب، جملي 168 ڪلاڪ يعني پورو هڪ هفتو حياتي گذاري آهي. (انهيءَ سان اسان جي تاريخي وقت جي ”هڪ ڪلاڪ“ جي ڀيٽ ته ڪري ڏسو!) اِن حساب سان ڊنوسر اڄ کان 694 ڏينهن، اٽڪل پورا ٻه سال، اڳ موجود هئا! ڌرتيءَ تي ”پهرين زندگي“ اوڻيهه سال اڳ نمودار ٿي؛ ۽ ياد رکجو ته اهو عرصو وقت جي انهيءَ پيماني جي حساب سان آهي، جنهن موجب اسان جي سموري (تاريخي) تهذيب هڪ ڪلاڪ کان به ننڍيءَ عمر جي آهي، ۽ يونائيٽڊ اسٽيٽس جو ملڪ ٻن منٽن کان به گهٽ ڄمار جو آهي!

اوائلي پٿر وارو زمانو

قديم ترين ماڻهن بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن جي اسان کي بنهه خبر ئي ڪانهي. جيڪي ڪجهه هو ڪندا هئا، ان بابت اسان وٽ ڪوبه لکيل رڪارڊ ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته لکڻ جو هنر ته اڃا به لکين ورهيه کانئن پوءِ ايجاد ٿيڻو هو. انهيءَ ڪري، جدا جدا قسم جي گذري ويل ماڻهن ۽ سندن ڪار گذارين بابت اسان کي ڪو خاص علم ۽ ڄاڻ نه آهي. پر ان هوندي به، سائنسدان، تاريخ کان اڳ جي هنن انسانن بابت، مجموعي طور گهڻو ڪجهه پروڙي ويا آهن. جن غارن ۽ جهنگلن ۾ انسانن حياتي گذاري ته سندن انهيءَ زماني جا ڪي اوزار ۽ هٿيار اُتان دستياب ٿيا آهن. انهن قديم ماڻهن مان ڪن ٿورن جا هڏاوان پڃرا به لڌا ويا آهن. جن مان سندن قدبت ۽ شڪل شبيهه بابت چڱي موچاري ڄاڻ ملي ٿي. هن ڌرتيءَ تي مٽي ۽ ريتي، تَهَن جي صورت ۾، گڏ ٿيندي ئي ٿي رهي. سائنسدانَ انهن تهن جي اهڙيءَ طرح جمع ٿيڻ جي رفتار جو حساب لڳائي، چڱيءَ خاطريءَ سان ٻڌائي سگهن ٿا ته انسان، جنهن جا هڏا يا ٻيا اهڙا نشان جنهن تهه مان ملن ٿا، انهيءَ تهه کي جمع ٿئي ڪيترا سال گذري ويا آهن. انهن ساڳين تهن مان جانورن جي هڏن جا پڃرا به ملن ٿا، ۽ اهي پڃرا وري ان حقيقت جو ڏس ڏين ٿا ته ان وقت ڌرتيءَ تي انسان کان سواءِ ٻيا ڪهڙا ساهوارا جيوَ موجود هئا. اهي ننڍيون ننڍيون ثابتيون گڏجي، اسان جي قديم ترين ابن ڏاڏن جي ارتقا جي چڱي موچاري مڪمل تصوير چٽين ٿيون.

شروعاتي انسان، اڄڪلهه جي معيار مطابق، مهانڊي جا موچارا ڪين هئا. هو قد جا بندرا، بت جا ڀريل هئا. عضوا مضبوط ۽ ويڪرا هئن. هو ڪٻڙا ٿي هلندا هئا ۽ مٿو زمين ڏانهن لڙيل رهندو هئن. هنن جي منهن ۾ کاڏيون ته بنهه نالي ماتر هيون. سندن نراڙ، ترڇڙي نموني ۾، پوئتي مڙيل هوندا هئا. ڪپڙو ڪونه ڍڪيندا هئا. وٽن ڪي اوزار يا هٿيار به ڪين هئا. هو پنهنجي کاڌي لاءِ ننڍن جانورن جو شڪار ڪندا هئا، پر وڏن مرن کان ٽهي، لڪي ڀڄي ويندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن سان وڙهڻ ۾ پڄي ڪين سگهندا هئا. ان هوندي به طاقتور کان طاقتور جانور تي به ٽن قسمن جون فوقيتون کين حاصل هيون: پهريون ته انسان وٽ دماغ هو- اهو دماغ، جنهن جي ذريعي تجربا ڪري هو ڪجهه سکي سگهيا ٿي، ۽ اهو ”علم“ آئيندي ڪم آڻڻ لاءِ هنن وٽ محفوظ رهي ٿي سگهيو. ٻيو ته هنن کي ڄاڙيون ۽ نڙيءَ ۾ آواز پيدا ڪرڻ جون ڏوريون هيون، جن جي وسيلي هو ڳالهائڻ لاءِ مختلف آواز پيدا ڪري ٿي سگهيا. ٽيون ته هنن وٽ هٿ هئا، انساني هٿُ، چيتي جي تيز نَنهن واري چنبي وانگر، چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ برابر ايترو ڪارگر نه آهي، ۽ نه وري گهوڙي جي سنب وانگر هلڻ لاءِ ايترو ڪارائتو آهي، ۽ نڪي وري عقاب جي پيرن وانگر ڪنهن چيز کي چنبي ۾ مضبوط جهلي بيهڻ لاءِ ايترو مفيد آهي، پر رواجي طرح انساني هٿ نه فقط انهن سڀني ڪمن لاءِ، پر اهڙن بيشمار ڪمن لاءِ پڻ، ضرورت سارو، نهايت چڱو ڪم ڏيئي سگهي ٿو. ان کي ڪنهن خاص هڪڙي ڪم لاءِ نه، پر مختلف نمونن ۽ انيڪ حالتن ۾ نهايت ڪارائتي انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح، ڳالهائڻ جي قوت ۽ هٿن ۽ دماغ جي مدد سان، آهستي آهستي، انسان ٻين سمورن جانورن تي قابو پائيندو ويو.

اها حقيقت آهي ته اسان وٽ اُن ماڻهوءَ جي ڪائي سڃاڻپ ڪانهي، جنهن اول اول ڪنهن اوزار يا هٿيار ٺاهڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڪم آندا هجن. شايد هُن زمين تان ڪا وڻ جي ٽاري کنئي هوندي ۽ ان کي ڪن جانورن کي مارڻ لاءِ لٺ ڪري استعمال ڪيو هوندائين! ڪنهن چيتي يا رڇ جي ڊپ کان ڪنهن مٿانهين ڪنڌيءَ ڏانهن ڀڄندي اتفاق سان ڪو پٿر هُن جي ٺوڪر سان ٿڙي هيٺ ڪريو هوندو، ۽ جانور کي لڳو هوندو ۽ جانور عجب ۽ خوف وچان بيهي رهيو هوندو يا ڀڄي ويو هوندو! هن مڙس جڏهن اها حالت ڏٺي، تڏهن ٻئي ڀيري، ڄاڻي ٻجهي، اهڙو ٻيو پٿر کڻي، ساڳيءَ ريت پنهنجي ڪنهن دشمن کي اُڇلائي هڻي ڪڍيو هوندائين! جڏهن هو کائڻ ويل، ڪنهن وڏي پر سخت نريءَ جي هڏي منجهان مٺي گودي ڪڍڻ ۾ ناڪامياب ٿيو هوندو، ته کيس هڪ نئون خيال آيو هوندو. پٿر کڻي هُن کي ڀڳو هوندائين! اهي برابر رڳو قياس آرائيون يا ڌُڪا آهن- ماڻهوءَ جي اوائلي خود سکيا جي اِنهن ۽ اهڙن ٻين ٻاراڻن طريقن ۽ سوالن جا صحيح جواب ۽ احوالَ ڪڏهن به معلوم نه ڪري سگهنداسين!

جڏهن انسانن کي اها ڄاڻ ٿي ويئي ته پٿر ۽ پهڻ دشمن کان بچاءُ يا شڪار جي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪارائتا ٿي سگهن ٿا، تڏهن هنن اهي پٿر ميڙڻ شروع ڪيا، جيڪي قدرتي طرح اڳي ئي اهڙيءَ طرح گهڙيل ٺهيل هئا، جو انهيءَ ڪم لاءِ ضرورت آهر وڌيڪ مفيد نموني ۾ ڪم اچي ٿي سگهيا. هن منزل تي مناسب مقدار ۽ بناوت وارا پهڻ چونڊيا ته برابر ويندا هئا، پر ماڻهن اڃا انهن پهڻن کي وڌيڪ ڪارآمد بڻائڻ لاءِ پنهنجي هٿ سان پاڻ گهڙي ٺاهي گهربل صورت ۾ آڻڻ شروع نه ڪيو هو. هن زماني کي ”پٿر جي زماني کان اڳي جو زمانو“ يا ”اوائلي پٿر جو زمانو“ سڏيو وڃي ٿو. اهو زمانو تقريباً ڏهه لک سال اڳ واري زماني کان وٺي تقريباً ٽي لک سال اڳي واري زماني تائين، جملي اٽڪل ستن لکن ورهين جو عرصو چالو رهيو!

انهيءَ شروعاتي پٿر واري زماني ۾ ئي، ڪنهن منزل تي انسان باهه“ تي قبضو ڪيو! شايد هن ڪو اهڙو هنڌ ڏٺو، جتي وڄ ڪرڻ سبب، ڪٿي ٻيلي جي ڪنهن حصي ۾ اچي باهه ورتو هو! پوءِ باهه جي مدد سان، هو سياري ۾ پنهنجي جسم کي گرم ڪرڻ، جهنگلي جانورن کي پاڻ کان ڊيڄاري پاڻ کان پري رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو؛ ۽ هلندي هلندي باهه تي پنهنجو کاڌو رڌڻ پچائڻ به سکي ويو! ٿوري وقت کان پوءِ باقاعدي پٿرن کي گسائڻ سان، يا ڪنهن ڌاتوءَ جي ٽڪر کي پٿر تي زور سان هڻڻ سان باهه پيدا ڪرڻ جي اٽڪل به حاصل ڪري ورتائين.

انهيءَ اوائلي پٿر واري زماني ۾ ئي انسان ڳالهائڻ سکيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڳالهائڻ جو هنر هن ۾ هري هري پيدا ٿيندو رهيو. ڪيترا جانور، ڪنهن چتاءُ ڏيڻ خاطر، مختلف قسم جا آواز ڪڍندا آهن، ماڻهو به ائين ڪرڻ لڳو هوندو- پوءِ هن جڏهن ماڻهن جي ڪنهن ميڙ جي اوسي پاسي ۾، وڻ جي اوٽ ۾ يا ٻوڙي جي پاسي ۾، لڪل ڪو جانور ڏٺو هوندو، تڏهن هن کي آوازن مان اندازو لڳائڻو پيو هوندو ته اهو ڪو تيز ڏندن وارو چيتو ٿي سگهي ٿو، جو ماڻهن تي حملي ڪرڻ لاءِ لڪو آهي؛ يا ته ڪو هرڻ آهي، جنهن کي ماڻهو شڪار ڪرڻ جي پويان آهن. اهي خيال ظاهر ڪرڻ لاءِ، هن کي ڪيترن ئي قسمن جا آواز استعمال ڪرڻا پيا هوندا! انهن آوازن مان ئي لفظ پيدا ٿيا ۽ نيٺ ڳالهائڻ جي فن ترقي ڪئي!

پراڻو پٿر جو زمانو

اوائلي پٿر واري زماني کان پوءِ، ”پراڻو پٿر وارو زمانو“ آيو، انهيءَ زماني ۾، انسانن پٿرن مان اوزار ۽ هٿيار ٺاهيا. هڪڙي پٿر جي ٽڪر جي منهن کي ٻئي پٿر سان گهڙي گهڙي، ان کي ڪهاڙيءَ مثل هڪ تکي ڦار واري هٿيار جي شڪل صورت ڏيندا هئا، جنهن کي پوءِ هٿ ۾ جهلي وهائڻو پوندو هون.

انهن هٿيارن ۽ اوزارن لاءِ ڪاٺ جا ڳن ۽ هٿيا هزارين ورهيه پوءِ ايجاد ٿيا.

 سوين هزارين سال اڳ، انهيءَ پراڻي پٿر جي زماني ۾ دنيا جي آب هوا ۾ هڪ قسم جي بنيادي ۽ اهم تبديلي پيدا ٿي. دنيا جي اترين حصن ۾ وڌيڪ ٿڌ پکڙجڻ لڳي. انهن حصن ۾ سياري جي موسم جيئن پوءِ تئين سخت ٿڌي ۽ ڊگهي ٿيندي ويئي، برف جون پربت جيڏيون زبردست چادرون اتر کان هيٺ وڙهڻ لڳيون ۽ نيٺ اتر يورپ ۽ اتر آمريڪا جي اترئين حصي کي ڍڪي ڇڏيائون. ماڻهو، انهن کان بچڻ لاءِ زمين جي ڪنهن گرم ٽڪر جي ڳولا ۾ ڏاکڻي حصي ڏانهن ڀڳا، شڪار ٿيڻ جهڙا جانور به برف کان بچڻ لاءِ ڏکڻ ڏانهن وڌڻ لڳا، ماڻهو، جيڪي انهن برف سان ڍڪيل حصن ۾ رهجي ويا، تن پاڻ کي ٿڌ ۽ پاري کان بچائڻ لاءِ جانورن جون کلون اوڍڻ شروع ڪيون. ۽ انهي طرح ڪپڙن ڍڪڻ جو اوائلي طريقو وجود ۾ آيو. اهڙيءَ طرح دنيا جي آب هوا ۾ ڪل چار برفاني دور آيا، جن جي وچ وچ  ۾ وري گرم آب هوا جا دور به ايندا ٿي رهيا.

اهي بندرا، جهڪي هلندڙ، مضبوط جسم جا ماڻهو، جي يورپ ۾ انهيءَ برفاني دور ۾ رهندا ٿي آيا،” نيندر ٿال“ ماڻهو سڏبا آهن. اسان جا قديم ابا ڏاڏا اهي ماڻهو ڪو نه آهن. انهيءَ ڪري، جو پراڻي پٿر واري دور ختم ٿيڻ کان اڳ ۾، اهي ماڻهو قريب قريب فنا ٿي ويا. شايد اهي ماڻهو، انسانن جي ٻئي هڪ طاقتور نسل هٿان شڪار ٿي، ختم ٿي ويا. انهي ٻئي نسل جا ماڻهو چوٿين برفاني دور ۾ اٽڪل 30 هزار سال اڳ، اتر آفريڪا کان ڏکڻ يورپ ۾ آيا.

انهن نون ماڻهن کي”ڪرومئگنان“ ذات وارا انسان سڏيو ويندو آهي. انهن جي نيندر ٿال ماڻهن جي ڀيٽ ۾، هاڻوڪن ماڻهن جي مهانڊي سان  وڌيڪ هڪجهڙائي هئي، هو، قد جا ڊگها ۽ هاڻوڪن ماڻهن جي قدبت جيترا هئا، هنن کي  کاڏيون ۽ گهڻي قدر سنيون سڌيو پيشانيون هيون. هاڻوڪن منگول نسل وارن ماڻهن وانگر هنن جي ڳلن جا هڏا مٿي نڪتل هئا. هنن جون کوپريون هاڻوڪي ماڻهوءَ جي کوپريءَ کان به وڏيون هيون. انهيءَ مان ظاهر آهي ته نيندر ٿال ماڻهن جي ڀيٽ ۾، هنن جو دماغ وڌيڪ سڌريل حالت ۾ هو.

ڪرومئگنان ۽ ان کان پوءِ اچڻ وارا ماڻهو گهڻو ڪري ”هومو سيپئنس“ سڏبا آهن. هيءَ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي”سمجهه رکندڙ“  يا” سياڻپ وارو“ ماڻهو. جلد ئي اهي ”سمجهه رکندڙ ماڻهو“ سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويا. ۽ اڄ گهڻو ڪري انسانن جا سمورا نسل ۽ ذاتيون انهيءَ انساني قسم سان تعلق رکن ٿيون. ممڪن آهي ته آسٽريليا جي ماڻهن جي هڪ جهنگلي ذات انهن منجهان هجي! سائنسدانن جو اهو خيال آهي ته آسٽريليا جا اهي ماڻهو شايد نيندر ٿال ماڻهن جي ڪنهن رهجي ويل ڪڙم جو اولاد آهن.

”ڪرومئگنان“ ماڻهو يورپ ۾ آخري برفاقي دور جي زماني ۾ آيا ۽ ظاهر آهي ته ان وقت کين نيندر ٿال ماڻهن وانگر غارن ۽ چرن ۾ پنهنجا گهر ٺاهي رهڻو پيو هوندو. شايد انهن غارن کي بچائڻ ۽ هٿ ڪرڻ جي ئي ڪشمڪش هجي، جنهن ۾ نيندر ٿال ماڻهن جي شڪست ۽ خاتمو آيو هجي، ڪرومئگنان ماڻهن به پاڻ کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ باهه ۽ جانورن جون کلون ڪتب آنديون پر پٿر جي روزان ۽ هٿيارن ٺاهڻ ۾ جانورن جون کلون ڪتب آنديون. پر پٿر جي اوزارن ۽ هٿيارن ٺاهڻ ۾ جيڪي سو، هو بهتر طريقا اختيار ڪرڻ لڳا. پٿر کي گهڙڻ جي بدران، هنن پٿر جي ڌار تي، خبرداريءَ سان دٻاءُ ڏيئي، غير ضروري تهه گڙي ٿي ورتا. انهي طرح سان سندن اهي پٿر  جا اوزار ۽ هٿيار وڌيڪ لسا، سڌا سنوار، تکا ۽ ڪارگر بڻجي پيا. ڪرومئگنان ماڻهن هٿيارن جا ڪيترا نوان  ۽ بهتر قسم پڻ ايجاد ڪيا. جهڙوڪ سوئا، هڏن ۽ عاج جون سيون، ڪاٺ جي ڳن سان ڀالا ۽ نيزا وغيره، پٿر جي  تراکڙين ٿالهين ۾ جانورن جي چرٻيءَ سان وٽيون ٻاري هنن ڏيئا پڻ ٺاهيان.

ڪرومئگنان ماڻهو دنيا جا پهريان فنڪار هئا، هنن جي غارن جون ڀتيون انهن جانورن جي سهڻين ۽ شاندار تصويرن سان چٽيون پيون هونديون هيون، جن کي هو پنهنجي روزاني پيٽ قوت لاءِ شڪار ڪندا هئا. انهن ۾ خطرناڪ جهنگلي مينهن، جهنگلي گهوڙن، پربت جيڏن هاٿين ۽ ٻانهن جيڏيءَ پشم سان ڍڪيل نهايت وڏن سانبرن جون تصويرون هيون. اهي تصوريون رڳو ڀتين جي آرائش ۽  زيبائش لاءِ نه هيون. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي موجود آهي ته هو اهي تصويرون انهي ڪري ڪڍندا هئا، جو سندن عقيدو هوندو هو ته انهن تصويرن جي اثر کان، اهي جانور جتي هوندا، اتان هلي سندن شڪار گاهن ۾ اچي جمع ٿيندا ۽ پڻ گهڻو وڌندا ويجهندا، ۽ اهڙي ريت هو انهن جانورن کي آساني سان شڪار ڪري سگهندا.

اهو به ظاهر آهي ته ڪرومئگنان ماڻهو ئي هئا، جن اول اول”مذهب“ کي وجود ۾ آندو. جڏهن هنن ۾ ڪو ماڻهو مرندو هو، ته ان جو ماتمي جلوس ڪڍندا هئا، ۽ ان کي ڍڪيل ٺهيل، سندس اوزارن ۽ هٿيارن سميت، زمين ۾ پوري ڇڏيندا هئا، ائين ٿو ڀانئجي ته شڪار کي وڌائڻ لاءِ ۽ پڻ پنهنجي زندگي جي ٻين حالتن کي سڌارڻ لاءِ، منجهن ڪي ٻيون سڌيون ساديون مذهبي رسمون به رائج هيون.

نئون پٿر جو زمانو

جهڙي طرح ڪرومئگنان ماڻهن اچي نيندر ٿال ماڻهن کي فنا ڪري ڇڏيو، تئين اٽڪل 12000 ورهيه اڳ ماڻهن جي هڪ ٻئي گروهه، اتر آفريڪا ۽ ڏکڻ يورپ ۾ اچي، ڪرومئگنان ذات کي ختم ڪري ڇڏيو. اهي نوان آيل ماڻهو اسان جا ابا ڏاڏا هئا. موجوده انسانُ ماڻهن جي انهيءَ ذات منجهان ئي آهي.

”نئون پٿر وارو زمانو“ انهن نون انسانن جي اچڻ سان شروع ٿيو. هنن پٿر مان اوزارن ۽ هٿيارن بنائڻ لاءِ بهتر طريقا اختيار ڪرڻ شروع ڪيا. هو پٿر کي ڪُٽن يا ترڇڻ بدران، ان کي گهي گهي. ان مان مختلف شڪلين جا لسا ۽ سڌا اوزا بنائڻ لڳا. نئين پٿر واري دور جي ماڻهن جا ٺاهيل پٿر جا اوزار ڏيکارين ٿا ته انهن اوزارن کي تمام سٺيءَ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو ٿي ويو. ڪاٺ، عاج ۽ سڱن مان به شيون ٺهڻ لڳيون. انهيءَ نئين پٿر جي دور ۾ ئي، ماڻهو، تير ۽ ڪمان جي ذريعي، پري کان ڌڪ هڻڻ جو هنر سکيو.

نئون پٿر جو دورُ پٿر جي ٽنهي دورن کان ننڍو دور هو، پر انهيءَ دور ۾ ئي انسان پنهنجي زندگيءَ جي طريقن ۾ گهڻي ۾ گهڻو سڌارو آندو. ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ جو هنر ايجاد ڪيو ويو. جنهن جي مدد سان کاڌي جي شين ۽ پاڻي کي سهولت سان جمع ڪري رکڻ، ۽ کاڌي جي رڌڻ پچائڻ جا بهتر طريقا اختيار ڪرڻ ممڪن ٿي پيا. جهنگلي بگهڙن جهڙا ڪتا، جيڪي گهڻو ڪري ماڻهن جي رهائش جي آسپاس پيا ڦرندا هئا ۽ کاڌي جي اوڀر سوبر پيا کائيندا هئا. تن کي به انسان پالي تاتي پنهنجو مددگار بنائي وڌو. انسان ٻج پوکي فصل پيدا ڪرڻ به هن دور ۾ سکيو. ماڻهن جڏهن جانورن جي وارن ۽ وڻن ۽ ٻوٽن جي تندن کي وٽي نوڙيون ٺاهڻ سکيو، تڏهن انهن مان وري هنن کي سُٽ ڪتڻ ۽ ٽپڙين اُڻڻ جو هنر به اچي ويو. اڳي جو ماڻهو جانورن جون کلون ڪپڙن طور ڍڪيندا هئا، تن جي بدلي هاڻي آهستي آهستي اُهي سچا پچا اُڄيل ڪپڙا استعمال ٿيڻ لڳا.

جهنگلي جانورن کي پالي گهريلو بنائڻ ۽ جهنگلي ٻوٽن کي پنهنجي مرضيءَ موجب پوکڻ ۽ لڻڻ، انهن ٻن هنرن انسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون انقلابي تبديليون آنديون. تن جو رڳو پورو اندازو به شايد مشڪل سان اسين ڪري ٿا سگهون! پنهنجن هنن ٻن عظيم ڪاميابين سبب، هاڻي، انسان کي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽبن جي گذران لاءِ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ڀٽڪڻو ڪو نه ٿي پيو. هاڻي کاڌي لاءِ سهولت هن کي هڪ هنڌ ٽڪاءَ ڪري رهڻ جو موقعو ڏنو. اهو انسان لاءِ پهريون موقعو هو. جڏهن هن پنهنجي اجهي کي بهتر بنائڻ ۾ دلچسپي ورتي، جيئن اهي اجها ڪو وقت جٽاءُ ڪري سگهن. عمارتسازيءَ جو هنر تڏهن پيدا ٿيو. جڏهن نئين پٿر واري زماني جي ڪن ماڻهن – جيڪي هاڻوڪي سئٽزر لئند ملڪ جي ايراضيءَ ۾ رهندڙ هئا. هڪڙي نئين قسم جو گهر ٺاهيو. جنهن کي اسين هاڻي شايدَ مَڏُ سڏينداسون: ڇا ڪيائون، جو ڪپر کان ٿورو اندر ۽ ڍنڍ مٿان پاڻي ۾ لڪڙا کوڙي، انهن تي کڻي اڏاوت بيهاريائون، جنهن ۾ نهايت ڪاريگريءَ سان اڏيل ڪاٺ جا چونڪ هئا، هوا ۽ روشنيءَ جي گذر لاءِ  دريون هيون. باهه جي دونهين جي نيڪال لاءِ ڇت ۾ سوراخ هئا، ۽ اڳيان دروازي لاءِ ٻه اُڀا لڪڙا، چائنٺ ۽ سرائيءَ وارين ٻن ڪاٺين جي آڌار تي مضبوط رکيل هوندا هئا. ان وقت تائين اهي گهر پنهنجي قسم جا زياده ۾ زياده سهولت ۽ سلامتيءَ وارا اجها هئا!

قديم زماني ۾، جڏهن ماڻهن جو گذارو شڪار تي هوندو هو، تڏهن پنهنجي سلامتيءُ  لاءِ ۽ وڏن جانورن کي شڪار ڪرڻ ۾ سهولت خاطر، ماڻهو ڪٽنبن جا ڪٽب گڏجي ۽ ٽولين جون ٽوليون ٿي سفر ڪندا هئا، اهڙين ٽولين مان هر هڪ ٽوليءَ کي ”قبيلو“ سڏيو ويندو هو. هر ڪنهن قبيلي جو هڪ سردار هوندو هو، جو قبيلي کي ضابطي ۽ انتظام ۾ رکڻ ۽ قبائلي ڪار گذارين جي ڪاميابيءَ لاءِ ذميدار هوندو هو. پر پوءِ، مٿي بيان ڪيل تبديلين سبب، جڏهن ماڻهو مستقل طرح هڪ هنڌ رهڻ لڳا ۽ منجهن نيون نيون جماعتون ۽ راڄ پيدا ٿيڻ لڳا. تڏهن هنن کي ڪنهن بهتر تنظيم جي ضرورت پيش آئي. ان ضرروت ماتحت اوائلي مختصر قسم جون حڪومتون وجود ۾ آيون، جن جا اڳواڻ (جن جي جاءِ، گهڻو گهڻو پوءِ اچي، بادشاهن والاري). انهن جماعتن ۽ راڄن جا سردار هئا، ۽ انهن سان ڪم ڪار ۾ مدد ڪرڻ لاءِ، وري”سياڻن“ ماڻهن جون صلاحڪار جماعتون هيون. قبائلي رسمون ۽ پائبنديون (جيڪي اسان جي موجوده قانونن جون پهريون صورتون هيون)  عمل آنديون ويون. جيئن ماڻهو اڻوڻندڙ ۽ نقصانڪار ڳالهين کان پرهيز ڪن ۽ زندگيءَ جي انهن طريقن جي همت افزائي ٿئي، جي سڀني لاءِ چڱا آهن.”مذهب“ جي تنظيم ۽ ان جي تفصيل ۾ زياده واڌارو ٿيو. قبائلي پروهت ۽ ويڄ مذهب جون ريتيون رسمون ۽ ڪريا ڪرم ادا ڪرڻ لاءِ وڌي اڳتي ميدن ۾ آيا. مذهب جون ريتون رسمون ۽ ڪريا ڪرم ان زماني ۾ واقعي نهايت پيچده ۽ رعب تاب وارا هوندا! مثال طور، قديم انگلينڊ جي عظيم مندر ”اسٽون هنج“ جي وسيع کليل ميدان ۾ جيڪي بيشمار بريت جيڏا وڏا ۽ ڳرا پٿر چوڌاري گهيري ۾ رکيل هوندا هئا، جن جا نشان اڄ تائين به اتي سر زمين تي موجود آهن، تن مان پتو پوي ٿو ته انهيءَ پٿر واري زماني ۾ مذهب جي ڪيڏي نه اندازي کان ٻاهر اهميت هئي!

اسان پٿر جي مختلف زمانن بابت اهڙي نموني ۾ بيان ڪيو آهي، ڄڻ ته ڪنهن ناٽڪ جي منظرن وانگر هڪ دور، هڪ خاص وقت ۽ مقام تي پورو ٿيو ٿي، ته وري ٻيو دور نئين رنگ ڍنگ سان هڪ دم اتان شروع ٿي ويو. در اصل، انساني ارتقا جي انهن دورن ۾، زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان ايتري باقاعدگي موجود ڪانه هئي. جيڪڏهن هڪڙن انسانن هڪ هنڌ پنهنجن اوزارن ٺاهڻ لاءِ نوان طريقا پئي اختيار ڪيا. ته سندن پاڙيسري وري ٻئي هنڌ قدامت پرستيءَ جي ڪري پيڙهين تائين انهن پراڻن طريقن کي چهٽيا رهيا. جن تي هو اصل هريل هئا ۽ جن جو وٽن شروع کان رواج پئجي ويو هو. رواج ۽ رسمون به هڪ هنڌان ٻئي هنڌ نهايت آهستي آهستي ٿي پکڙيون. ائين چيو وڃي ٿو ته. نئين پٿر وارو دور، ڌاتن جي اوزارن ۽ هٿيارن جي ايجاد ٿيڻ تي پورو ٿيو اهو ڪڏهن ٿيو؟ ايشيا جي ڏکڻ اولهه وارن ڪن ڀاڱن ۽ آفريڪا جي اتر اوڀر وارن ٽڪرن ۾، ٽامي جا اوزار ۽ هٿيار 5000 ورهيه قبل مسيح واري زماني ۾ به ڪتب آندا ويندا هئا. پر عام طرح انسانن جي زندگيءَ ۾ پٿر جي بدران ٽامي جو استعمال انهيءَ کان سوين سال پوءِ رواج ۾ آيو!  انهيءَ وچ ۾ يورپ جا ماڻهو، ان وقت تائين پٿر جا اوزار ۽ هٿيار ڪتب آڻيندا رهيا، جيسين اٽڪل 2000 ورهيه کن پوءِ ٽامي جي دور جي سڀيتا وٽن پهتي. انهيءَ کان به 4500 ورهيه پوءِ، يورپ جا ماڻهو سمنڊ پار ڪري، ان زمين تي پهتا، جنهن کي آمريڪا سڏيو ٿو وڃي. جڏهن اتي پهتا، تڏهن ڏٺائون ته آمريڪا جا ماڻهو ”ڳاڙها هندستاني“ اڃا تائين پٿر واري دور ئي هئا. ۽ پٿر جا هٿيار پئي ڪم آندائون. حقيقت ۾ انهن ”هندستانين“ مان ڪي ته اڃا به قديم“ پراڻي پٿر جي دور“ مان لنگهي رهيا هئا، جو هنن کي اڃا پٿرن کي گسائي، لسو ڪري، هٿيارن ٺاهڻ جو ڏانءِ ئي ڪو نه آيو هو، اڃا تائين اڳئين وانگر پٿر کي گهڙي يا ترڇي پنهنجا اوزار پئي ٺاهيائون. اڄ به ڏکڻ آمريڪا ۽ آسٽريليا جي ڪن مخصوص لڪل هنڌن تي، ماڻهو پٿر جي انهن ٽنهي دورن مان هڪ يا ٻئي دور ۾ ئي آهن. اهي مثال ڪافي چڱيءَ طرح ڏيکارين ٿا ته تاريخ جا دور ايترا چٽائيءَ ۽ باقاعدگيءَ سان هڪ ٻئي پٺيان سلسليوار ڪو نه ٿا اچن، جيترو عام طرح هروڀرو سمجهيو ويندو آهي!

 

(ڪراچي، جنوري 1956ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org