سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :3

هوءَ جا ٽِمڪي باهِڙي

 

(جلد پهريون)

 

 

 

 

”هوءَ جا ٻري باهه، مَنَههِ ميهارن جي،
آڳَههِ تَنهن اُهاءِ، وڃي ڪُنَ ڪپيندي.“

 

دانهَن: انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”سنڌ بچايو وڏو کنڊُ بچايو- جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سندن فرقيوار ذهنيتن کان“، ڪراچي، جون 1947ع، جي پيش لفظ جو ترجمو.

کُليلُ خط: سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل ۽ ڇپائي ورهايل خطُ، ڪراچي. جون، 1947ع

اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو: انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتابچو (سنڌيءَ ۾ سليم احمد جي نالي سان ڇپايل)، حيدرآباد سنڌ، مئي 1967ع.

سنڌ دائم رهي، سنڌ سالم رهي: ويسٽ پاڪستان جي ون يونٽ جي خاتمي تي، سنڌ کان ڪراچيءَ جي علحدگيءَ جي اُٿيل سوال بابت، سنڌيءَ ۾ لکيلُ ڪتابچو.

(يار محمد ابن حيات جي نالي سان ڇپايل)، حيدرآباد. 1969ع.

آسماني بادشاهت، هيٺ ڌرتيءَ تي، هن دنيا ۾: ”الوحيد (سنڌ آزاد نمبر 1936ع) جي نئين ڇاپي (1979) لاءِ لکيل پيش لفظ، جو سياسي مجبورين ڪري بروقت شامل ٿيڻ کان رهجي ويو.

صوبائي خود مختياري ۽ پاڪستان جا محروم سماجَ: سنڌي ماهنامي، ”سنڌ دوست“ ڊائجيسٽ، 1982ع ۾ ”صوبائي خود مختياري ۽ قومي اتحاد“ جي عنوان سان شايع ٿيل مضمون.

نظام مساوات- اتحاد ۽ آزاديءَ جو نئون صبح: سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ، ڪراچيءَ جي پڌرنامي طور 1982ع ۾ لکيل مضمون.

ويچارَ: سنڌي ادبي سنگت، ڪراچيءَ، جي ڏنل آجياڻي (21 ڊسمبر 1981ع) ۾ ڪيل ۽ سنگت جي ڪتابچي ”ادبي گڏجاڻي“، ڪراچي، 1982ع، ۾ شايع ٿيل تقرير.

تدبير جو سَفَرُ: سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن جي يارهين سالگرهه، 28 جولاءِ 1984ع، تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پڙهيل تقرير.

سنڌ منهنجي خوابن جي: شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچيءَ جي ”سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي“ جي موضوع تي 20 مارچ، 1987ع تي پڙهيل تقريرَ.

سنڌ فساد جي زد ۾: انگريزي ماهنامي ”دِي سنڌ هيرالڊ“، ڪراچي، جنوري 1990ع ۾ آيلَ انٽرويو جو ترجمو: (مترجم) عاصم آخوند، حيدرآباد، سنڌ.

 

 

وطن دوستي ۽ قوم دوستي اڄ جي جائز ۽ معروف سياست آهي: انسان دوستيءَ جي آڏو اِها ڪا رڪاوٽ ڪانهي، بلڪه اها اِن جي عين مطابقت ۽ موافقت ۾ آهي.

 

سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪارَ،
دوست تون دلدارَ، عالَم سڀ آباد ڪرين.

                                                             (شاهه)

 

دانهن

 

مون، هنن صفحن ۾، پنهنجن سنڌ واسي ڀائرن- مسلمانن توڙي هندن- جي سوچ ۽ مناسب عمل لاءِ، ڪي نڪتا، پنهنجا ڪي خيال ۽ ويچار پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄ اسين سنڌ واسي تاريخ جي اهڙي ٻه- واٽي تي بيٺا آهيون، جتان اسين هڪ صديءَ جي طويل غلاميءَ جي ٻاٽ اونداهيءَ رات منجهان سجاڳ ٿي، آزاديءَ جي ڦُٽندڙ باک کي ويجهو ٿينداسون، يا وري نئين سر پاڻ لاءِ، نسلن تائين، پنهنجن پاڙيسرين جي سياسي بالادستي ۽ اقتصادي غلامي قبول ڪري ويهنداسون. اڄ جي رٿيل پاڪستان توڙي هندستان ۾، اسين جيڪي پنجيتاليهه لکن کان به وڌ ماڻهو آهيون، تن سان فقط اوترن فردن ئي طور تسليميءَ جو واعدو ڪيو ٿو وڃي- اسان جي اجتماعي يڪسانيت ۽ مشترڪ وجود جي تسليميءَ جو نه. اِن جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته ٻنهي صورتن ۾ اسين تعداد جي اڪثريت هيٺ پوريءَ طرح لَٽجي وينداسون، ۽ هن وقت جيئن حالتون صورت پذير ٿيندي ڏسجن ٿيون، اسان جا مختصر اقتصادي وسيلا ۽ اسان جي حڪومتي نظام جون ڪليدي جايون سڀ ٻين جي هڪهَٽي بڻجي وينديون. ڇا، اسين پنهنجي انساني فلاح ۽ بهبود، ۽ پنهنجن سياسي ۽ اقتصادي حقن کي اِن طرح زوران زورِ ۽ هڪ طرفي ڦُرجي وڃڻ کي ماٺ ميٺ ۾ قبول ڪري ڇڏيون، يا اسان کي، باخبر، اُٿي بيهڻ گهرجي ۽، هڪ قوم طور، پنهنجي انفراديت کي مڃائڻ ۽ پنهنجي خود اختياريءَ ۽ خود مختياريءَ کي موٽائي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ گهرجي، جنهن حيثيت کان هڪ سوَ سال اڳ اسين انگريزن جي هٿان محروم ڪيا ويا هئاسون؟ اِهي آهن اصل ۽ اسان جي لاءِ بيحد وڏا سوال، جيڪي مون هن ڪتاب ۾ اُٿاريا آهن ۽ انهن جي جوابن ڏيڻ جي به وس آهر ڪوشش ڪئي آهي.

انڊين نئشنل ڪانگريس جي سوچ ويچار ۽ پڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي سوچ ويچار ۾، اسين سنڌي ماڻهو، ائين لڳي ٿو ته مال ملڪيت جا رڳو ڪي اسم آهيون، جن کي فقط هڪ همه گير هندستان يا هڪ همه گير پاڪستان سان واڙي ڇڏڻو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل سنڌ ليجسليٽِو اسيمبليءَ جي چونڊن جي نتيجي کي 30: 70 جي تناسب سان، انهن ٻن رٿيل ”حد بندين“ جي فائدي ۾ اسان جو ڏنل فيصلو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ستر فيصد اسان جي ماڻهن لاءِ ائين چيو وڃي ٿو ته پنهنجن چونڊيل عيوضين ذريعي، پاڪستان جي حد بنديءَ لاءِ پنهنجي پسنديءَ جو اظهار ڪيو اَٿن، ۽ ٽيهه فيصد اسان جي ماڻهن لاءِ ائين چيو پيو وڃي ته ساڳئي ان طريقي سان، انهن سنڌ کي نه، ته سنڌي ماڻهن کي، تقسيم ڪري، پاڻ کي هندستان جي حد بنديءَ سان واڙڻ لاءِ گهر ڪئي آهي! پر، ڏاڍيءَ چَترائيءَ سان اِها ڳالهه بلڪل وساري وڃي ٿي ته نه ستر فيصد ۽ نه ئي وري ٽيهه فيصد اسان جي ماڻهن کان هن مسئلي جي باري ۾ ڪا صلاح ڪئي ويئي هئي! ”فيصلي“ لاءِ هيءُ مسئلو اسان جي ماڻهن آڏو پيش ٿيو به جيڪڏهن هو ته فقط پندرهن فيصد جي آڏو، جن مان به گهڻي ۾ گهڻن ته به اڌ ماڻهن هلي وڃي، ڪو ان ”راءِ طلبيءَ“ جي سڏ ۾ سڏ ڏنو هو! ڪانگريس ۽ ليگ جي بي حس حڪيمن پنهنجن مريضن کان پڇئي بغير ئي، مُنهن جي وڏيءَ پڪائيءَ سان، انهن کي مشورو ڏنو: ”اوهين مريض آهيو- ٺيڪ ٺاڪ ٿيڻ گهرو ٿا؟ پوءِ دوا وٺو!“ بس اها هئي انهن نيم حڪيمن جي تشخيص، ۽ اهو هو سندن دوا جو نسخو! نه مرض کي نشانيو ويو، نه ئي ان جي سڃاڻپ ٿي؛ ”مرض“ جي شفا جو نسخو به ڪونه وصفايو ويو ۽ نه ئي ترڪيبيو ويو. ووٽرن کي البت ٻه پُڙيون- هڪ هندستان جي نالي واري ۽ ٻي پاڪستان جي نالي واري- پري کان ئي ڏيکاريون ويون ۽ کين چيو ويو ته ”اِهي اَٿوَ امرت ڌارا جون پُڙيون!“ بهرحال، انهن ساڍن ستن فيصد ووٽرن پوءِ چونڊ ڪئي، پر فقط ٻن ”لفظن“ جي وچ ۾، ڪنهن کي اِها خبر نه ٿِي ۽ نه ئي ٻڌايو ويو ته ٻيئي اهي ڏاڍا سهڻايل لفظ هُنن جي سڄيءَ قوم لاءِ سياسي ۽ اقتصادي غلاميءَ جا ئي نشان هئا. زميندارن، شاهوڪارن ۽ ڪامورن انهن اَڄاڻ، ويساهي ۽ بي بس ساڍن ستن فيصد ووٽرن کي جبر، فريب ۽ دڙڪي دهمان جي هر سوچ ۾ ايندڙ طريقي سان ٻنهي اُنهن لفظن مان هڪ نه ٻئي لفظ جي چونڊڻ ۾ خوب ”رهبري“ ڪئي. اڄ اِن طرح جي انهن

فسطائي چونڊن جا اِهي  ”رهبر“  سورما،  ”هندستان“ ۽ ”پاڪستان“ جي ٿيڻ کان اڳ ئي، پاڻ ۾ سندن ”ورڪ“ سان کٽي آيل ۽ اقتدار ۾ ويٺل ميمبر ۽ انهن جا گلم- نشينَ سڀئي پنهنجن پنهنجن رتبن ۽ پگهارن جي اضافن ۽ ٻنهي هٿن سان عام لُٽ، ۽ بي انداز نفع اندوزيءَ ۽ رشوت خوريءَ ۾ ڏينهن رات مصروف پيا ڏسجن، ڄڻ سندن حرص هوس جون اوجهريون ڀرجڻ واريون ئي نه آهن! اِنهيءَ ئي سياسي ڪُويڄائپ جي بنياد تي اسان جي پنجيتاليهه لکن کان وڌيڪ ماڻن کي هاڻي انگريزن جي حق ملڪيت مان ڦيرائي ”هندستان“ جي مختلف تعدادي طور بالادست ماڻهن ۽ اُنهن جي حڪمران طبقن جي حق ملڪيت ۾، يا ”پاڪستان“ ۾ پنجاب جي ماڻهن ۽ اُنهن جي ٽِوانن، نُونَن، دولتانن، ممدوتن وغيره جي واحد ملڪيتي تصرف ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ۽ تياري ڪئي ٿي وڃي.

بيشڪ، ”پاڪستان“ ۽ ”هندستان“ ٻيئي تمام سهڻا لفظ آهن؛ ۽ جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي به کڻڻ جو سوال اُٿي ٿو، ته ڪير ڀلا اهڙو هوندو، جو ڪا شيءِ کڻڻ لاءِ آڏو هوندي ته کڻڻ نه چاهيندو، پوءِ اُها شيءِ فقط ٺلهو لفظ ئي ڇو نه هجي؟ پر هتي سوال ڪنهن شيءِ جي کڻڻ جو نه هو، پر هر شيءِ وڃائڻ جو هو.

اِن طرح، جيڪي نُڪتا مون هن ڪتاب ۾ خصوصي طور تاڪيديا آهن، اُهي هي ٽي آهن:

(1) ته اسان سنڌ واسين کي پنهنجي خود اختياريءَ ۽ خود مختياريءَ جي حيثيت واپس حاصل ٿيڻ کپي ۽ رٿيل هندستان يا پاڪستان جي حد بندين اندر جيڪڏهن اسان جي موجودگي گهربل آهي ته اسان کي انهن م هر شامل اڪائيءَ سان پورو مساوي درجو ملڻ کپي. حڪومتي نظام جي هر آئيني اداري، ليجسليچر، ڪئبنيٽ وغيره ۾، هر نقطي نگاهه کان- تاريخي، سماجي ۽ سياسي- اسان جو اِهو اَڻ ڇُٽ جنمي حق آهي:

(2) ته اسان سنڌ واسين جو پنهنجن قدرتي اقتصادي وسيلن تي واحد حق هئڻ کپي، ۽ پڻ اسان کي پنهنجي وطن، سنڌ، اندر پنهنجي حڪومتي نظام جي هر وڏي کان وڏي ۽ ننڍي کان ننڍي پُرزي تي پورو اختيار هئڻ گهرجي؛

۽

(3) ته هاڻي وقت آيو آهي، جو آزاديءَ جي ميوي جي صورت ۾ اسان جي سڄي عوام کي هر قسم جي سوڙهه، جهالت ۽ خوف کان آزاد زندگيءَ جي ماڻڻ جا موقعا ملڻ گهرجن.

اِن سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه خصوصي طور منهنجي آڏو آيل آهي، جا منهنجي طرفان وضاحت گهري ٿي. تازو، پنهنجي موقف سان دلچسپي ۽ اُن بابت اڻپوري ڄاڻ رکندڙ ڪن بين الاقواميت پسندن طرفان مون کان هڪ سوال پڇيو پيو وڃي: ”ڇا، تون سنڌي قوم پرستيءَ جو پرچارڪ آهين؟“ جيتوڻيڪ منهنجي سوچ ۾، قوم پرستي برصغير ۾ مُروج مذهبَ- مخالف فرقيواريتن کان گهڻي گهڻي قدر بهتر آهي، جن اسان سڀني کي انسانن مان ڦيرائي حيوان بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ جن هندستان ۽ پاڪستان جي نالن واريون پنهنجون ٻه جادوءَ جون پيتيون ٺاهي ورتيون آهن، جن مان وقت بوقت هو هڪ نه ٻيو پنهنجو اَنترو ٻاهر آڻينديون رهيون آهن، ۽ آئنده به آڻينديون رهنديون، ۽ جن جي نتيجي طور هڪڙن معصومن جي هٿان ٻين معصومن جو قتلام، خصوصاً تازي دؤر ۾، جاري رهندو پئي آيو آهي؛- ته به آءٌ قوم پرستيءَ جو پرچارڪ ناهيان، جيڪڏهن اُن جي معنيٰ دنيا ۾ موجوده نوع جي قوم پرستي آهي. اِن نوع جي قوم پرستي ڪنهن به دؤَر لاءِ ترقي پسند نظريو نه رهيو آهي، ۽ پڻ اُن کي اسان جي اعليٰ تهذيب واري ۽ امن ۽ سلامتيءَ جي اصلوڪي مذهب اسلام به هرگز سٺيءَ نگاهه سان نه ڏٺو آهي،- ڇاڪاڻ ته اول ته اِن نوع جي قوم پرستي قومن جي وچ ۾ جنگين جي واقع ٿيڻ کي اٽل بڻائي ٿي ۽ ٻيو ته اُها خود قوم جي اندر به ٿورن جي هٿان گهڻن جي تهذيبي، سياسي ۽ اقتصادي بالادستيءَ ۽ استحصال جي بنياد تي وڌي ويجهي ٿي. اِن نوع جي قوم پرستيءَ جو وڌيڪ موزون ۽ علمي اصطلاح طور نالو، بهرحال ”فسطائيت“ آهي.

فسطائيت جا مکيه ۽ بنيادي تحرڪ ڏيندڙ خيال يا اُصول ٻه آهن:

پهريون هيءُ ته جو ڪجهه به پنهنجي قوم لاءِ مفيد ۽ سهولت وارو آهي، سدائين اُهو ئي صحيح آهي ۽ اُهو ئي عمل ۾ آڻجي، پوءِ ائين ڪرڻ سان ٻي ڪا قوم يا ٻيون ڪي قومون غلام بڻائڻيون پون يا مرڳو ئي ختم به ڪرڻيون پون؛ ۽

ٻيو، چپ چاپ مڃيل، هيءُ عقيدو ته فقط سهلتون ماڻيندڙ چوٽيءَ تي پهتل طبقا ئي قوم جا خلاصا ۽ واحد شانَ آهن، ۽ اِنهيءَ ڪري، اُنهن ٿورن جي دولت، سُک ۽ شان ئي سڄيءَ قوم جي دولت، سُک ۽ شان ڳڻي ويندو ۽ سمجهيو ويندو.

پهرئين خيال جو پورو اظهار ٻن آمريڪي سياسي فيلسوفن، اسٽيفن ڊيڪارٽر ۽ جان جِي ڪرٽينڊن، جي لفظن ۾ بيان ٿيل اسان وٽ موجود آهي. منجهائن پهرئين جو چوڻ آهي ته، ”اسان جو مُلڪ! ڌارين قومن سان پنهنجي تعلقات ۾ شال هو سدائين صحيح هجي؛ پر صحيح هجي يا غلط، وري به اسان جو ملڪ!“ ٻئي جو چوڻ آهي: ”منهنجي اميد آهي ته منهنجو ملڪ سچ تي هجي، پر سچ تي يا ڪوڙ تي، آءٌ پنهنجي ملڪ جي ئي پاسي آهيان.“ ٻئي خيال جون پاڙون اوندانهن دؤرن جي جاگيردارانه سلطنت شاهيءَ ۾ کُتل آهن، جن ۾ عام ماڻهو، هاريءَ يا نوڪر جي حيثيت ۾، پنهنجي جان توڙي پورهئي سميت، امن ۽ جنگ ٻنهي حالتن ۾، پنهنجن اميرن ۽ بالادستن جي ماڻهوءَ طور ئي شمار ۾ اچي ٿو. اِن خيال جي بنياد تي ئي هندستان جو عموماً هر عام ماڻهو شهنشاهه شاهجهان جي محبت جي اعليٰ يادگار، تاج محل، تي فخر وٺي سگهي ٿو ۽ اُن بابت ائين ڳالهائي سگهي ٿو ڄڻ اُهو ذاتي طور سندس پنهنجو آهي. اِنهيءَ خيال جي ڪري ئي، ڪنهن ملڪ جي ماڻهن مان ٿورن جاگيردارن، زميندارن ۽ صنعتڪارن جي ملڪيتن ۾ واڌاري کي سڄي اُن ملڪ جي قومي ملڪيت جو واڌارو سمجهيو ٿو وڃي. قوم پرستيءَ جو اِهو ئي پاسو هو، جنهن جپان جي ڏتڙيل غلام هارين جي انبوهن کي پنهنجي شهنشاهه- خدا ۽ ان جي چند قريبي اميرن ڪبيرن خاطر گذريل جنگِ عظيم ۾ دشمن توبن جي منهن ۾ ڊوڙي وڃڻَ ۽ خوش خوش انهن جو کاڄ ٿي وڃڻ کي پاڻ لاءِ وڏي فخر جو عمل ٿي سمجهيو.

اِنهن ٻن باطل ڳالهين کان سواءِ قوم پرستيءَ ۾، بهرحال، ٻي ڪابه ڳالهه ڪانهي، جا اُن کي نفرت لائق يا ناپسنديده بڻائي. اِنهن ٻن بيجا ۽ ناموافق پيوند ڪارين کان خالي قوم پرستيءَ ۾ فسطائيت جي ڪابه صورت ڪانه ٿي رهي. جيڪا (فسطائيت) هونئن واقعي هڪ بين الاقوامي مصيبت ۽ وڏو قومي عذاب ئي ثابت ٿيل آهي. قوم پرستي جيڪا اندر، قومي سطح تي، پاڻ سان بامروت ۽ پُرامن آهي ۽ ٻاهرينءَ دنيا سان به پُرامن ۽ بامُروت رهي ٿي، اُها ٻن اعليٰ ترين انساني چڱاين جي بنيادن تي بيٺل هجي ٿي: (1) پنهنجي وطن ۽ پنهنجن ماڻهن سان محبت، ۽ (2) دنيا سان ۽ وسيع انسان ذات سان محبت، يعني حُب وطن ۽ حُبَ انساني. اِنهيءَ ڪري اُهي جيڪي بين الاقواميت، اخوت يا ”ميل ميلاپ“ جي نالي ۾ ڪن ٻين ماڻهن جي مٿان پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ ۽ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا،. سي ئي، درحقيقت، انسان ذات جا بدترين دشمن آهن. ”قوم پرستي“- قابلِ نفرت ۽ ناپسنديده يا فسطائيت جا الزام پوريءَ طرح ۽ بلڪل جائز نموني انهن تاڪائو ۽ حريص ماڻهن يا قومن تي رکڻ کپن، ۽ نه ان قوم يا اُنهن قومن تي جيڪي پنهنجي خود مختياريءَ جو دفاع ڪن ٿيون ۽ پنهنجي آزاديءَ جون محافظ آهن- اڪثر انهن ماڻهن ۽ دغاباز قومن جي جارحيت ۽ دستبرد کان جيڪي پاڻ کي بين الاقواميت جون دعويدار ۽ پرستار چوائين ٿيون.

جيڪڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي دائري ۾ هڪ مخصوص سماجي، سياسي ۽ اقتصادي اِڪائيءَ جا مالڪ هجن ٿا، ته اها ڪا انهن جي خطا به ته ڪانهي. اِهو ته فطرت جو راضپو آهي، رِٿا آهي، ته ماڻهوءَ کي ٻين سان پنهنجا لاڳاپا جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ ۽ وسيع ٿيندڙ بنيادن تي استوار ڪرڻا آهن. فرد کان ابتدا ڪندي، ماڻهوءَ کي هڪ خاندان يا ڪٽنب، هڪ ذات، هڪ قبيلي، هڪ قوم ۽ آخر ۾ سڀني ماڻهن جي مشترڪه اخوت يا ذات انسانيءَ جي صورت ۾ پاڻ کي وابسته ڪرڻو آهي. انساني برادريءَ جي هن وسيع ۽ وڏي ميل ميلاپ يا ڀائيچاري مان ڪنهن به اُن جي هڪ ننڍي ميل ميلاپ يا ڀائيچاري سان وفاداري بذات خود قابلِ اعتراض ڳالهه نٿي ٿي سگهي. رڳو ان حالت ۾ جڏهن اهڙي ڪا وفاداري، جداگانه ۽ محدود ۽ سڄيءَ انسان ذات جي گڏيل وسيع مفادن جي مخالف يا اُبتڙ بڻجي، تڏهن ئي ان کي نندي سگهجي ٿو. بهرحال، اهڙي ڪا محدود وفاداري يا وابستگي به ٻن اُبتڙ سببن جي ڪري پيدا ٿي سگهي ٿي: (1) خوف سبب، ۽ (2) هٻڇ سبب، جن ٻنهي صورتن ۾ وري به رڳو اُهي جيڪي هٻڇ کان، يعني اِن نيت کان ته پنهنجي قومي مفادن جي سِڌِ ڪرڻ لاءِ مثلاً ٻئي ڪنهن گهٽ تعداد واريءَ قوم کي پنهنجي عددي گهڻائيءَ وسيلي، اُرائي پنهنجو مطيع ڪري ڇڏين، سي ئي سڄيءَ ٻيءَ انسان ذات لاءِ وڏو هڪ خطرو سمجهيا ويندا. انهيءَ ڪري، طاقتور ۽ هٻڇي ماڻهن جي بين الاقواميت پسنديءَ ۽ بي آزار ۽ پاڻ تائين قانع قوم پرستيءَ جي وچ ۾ پوءِ به پهرئين رويي جا ماڻهو سڄيءَ دنيا جي نندا ۽ ڦٽ لعنت جا حقدار بڻجي سگهندا. طاقت جي اَنڌ ۾ ورتل ۽ هٻڇ ۾ ڇتائيل اڳرائي ڪندڙ پنهنجن خود غرض ارادن کي لڪائڻ لاءِ بيحد چمڪندڙ ۽ سهڻن لفظن جي پوش ۾ پنهنجا دليل ويڙهي، گمراهه ڪُن بڻائي سگهن ٿا. پر ٺلها لفظ پوءِ به آقائن جي تيز ڌارائينءَ تلوار کي هرگز مُڏو ڪري نٿا سگهن، جيڪي اُنهن سهڻن لفظن جي رنگ آميزيءَ پٺيان سڄو وقت فقط پنهنجي ارڏائيءَ ۽ بالادستيءَ جي قائم ڪرڻ ۽ مضبوط رکڻ جي ڪوشش ۾ ئي مصروف هوندا آهن. جيڪڏهن بين الاقواميت يا اخوت جو مطلب اهو آهي ته هر قوم کي هر ٻيءَ قوم جي ملڪيت تي تصرف جو حق آهي، ته پوءِ سڀ کان بهتر ته هي ٿئي ته ”ڪميونزم“ اختيار ڪيو وڃي! ۽ جيڪڏهن اِنهيءَ قسم جي ڪميونزم جي ترغيب ۽ تبليغ قومن جي سلسلي ۾ ڪئي ٿي وڃي، ته ڇو نه اِهو نظام پهريائين خود هر قوم جي اندر به اختيار ڪيو وڃي، ۽ پوءِ ائين سڀ لاءِ اهو اصول قبول ٿيندو ته هر فرد کي هر ٻئي فرد جي هر انهيءَ شيءِ تي حق آهي، جيڪا جائز طور ان ٻئي جي ملڪيت آهي! پر ان حالت ۾ دکدائڪ ڳالهه وري به هيءَ ٿيندي ته اُهو نه ته سوشلزم هوندو ۽ نه ڪميونزم، ۽ اسلام ۾ به ته اُهو هرگز قابل قبول نه هوندو. اِها ته سياسي نراجيت، اقتصادي لُٽ مار ۽ سماجي طور  شيطاني فساد انگريزي ئي هوندي ۽ جيڪڏهن هندستان جي برصغير ۾ اِهائي فساد انگيز صورتحال مطلوب آهي، ته پوءِ اچو ته سڀ بلڪل اِئين ئي ڪريون، ۽ اُن جي نتيجن سهڻ لاءِ به تيار رهون!

انهيءَ ڪري اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هر ڀائيچاري جي قيام لاءِ سڀ کان اڳ ان ڀائيچاري ۾ شامل اِڪائين جي وچ ۾ آزادگيءَ ۽ برابريءَ جي درجي جي صورت ۾ هجڻ لازمي آهي. اها ئي صورت فردن جي وچ ۾ قوم طور اندروني ڀائيچاري لاءِ به اوتري ضروري آهي، جيتري قومن جي وچ ۾ بين الاقوامي ڀائيچاري يا ڀائيچارن لاءِ. اهڙا ڀائيڇارا، جيڪي پنهنجي عزت ۽ سلامتيءَ جا ۽ پڻ ٻين پاڻ جهڙن قومي، بين الاقوامي  انساني ڀائيچارن جي عزت ۽ سلامتيءَ جا پاسدار آهن. ۽ اندروني طور پاڻ وٽ برابريءَ ۽ آزادگيءَ جي فضا قائم رکن ٿا ۽ بامروت ۽ پُرامن بين الاقوامي ۽ انساني ڀائيچاري جي تعمير جا شيدائي ۽ ان لاءِ تيار آهن. اُهي ئي هندستان جي وسيع برصغير جي قومن جي نجات جا ۽ پڻ عمومي طور سڄيءَ دنيا جي قومن جي خير ۽ بهتريءَ جي ضمانت جا حامل ٿي سگهن ٿا.

اِن جي برعڪس ڪانگريس ۽ ليگ جا سرمايه دار، جاگيردار ۽ زميندار، انهيءَ پاڻ- هرتي مفروضي تي عمل ڪندي ته؛ هندستان رڳو هندن لاءِ پاڪستان رڳو مسلمانن لاءِ فائديمند ٿيندو؛ اتي ئي ٻيءَ گهڙيءَ اهڙيءَ  ئي پاڻ هرتي دعويٰ ڪن ٿا ته؛ اهو ئي برصغير جي هندو- مسلم مسئلي جو حل آهي!؛ اِهو خود هنن جي پنهنجن مسئلن جو حل ته ٿي سگهي ٿو، جو اِن طرح انهن ٻنهي مان هرهڪ کي، بغير ٻئي جي جهل پل جي، پنهنجن پنهنجن ماڻهن جي استحصال جي هڪهَٽي ملي ويندي؛ پر اِهو هندو خلق يا مسلم خلق جي الڳ الڳ توڙي گڏيل مسئلن جو هرگز ڪو حل ثابت نه ٿي سگهندو. البت اِن سان هڪڙو هر گهڙيءَ تيار ۽ ڪامياب هٿيار انهن ٻن مخالف مٿين طبقن جي هٿن ۾ اچي ويندو: ۽ جڏهن به سندن ماڻهو اُنهن جي ظالمانه ۽ استحصالي ڏاڍ کان تنگ ٿي، بغاوت جا ڪي آثار ڏيکاريندا، ته هو آسانيءَ سان ۽ هڪدم پنهنجو ٺاهيل تيار ٿيل اُهو هٿيار- انسان ۽ انسان جي نفرت جو- هٿ ۾ کڻي، پوريءَ انتقامي مهارت سان استعمال ڪري سگهندا: ته جيئن سندن ساده دل ۽ غريب عوام جي سندن خلاف گڏ ٿيل سڄي ڪاوڙ مينهُن واءُ ٿي وڃي ۽ هو اُها ڪاوڙ هڪٻئي جي خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏين ۽ هڪڙا معصوم ماڻهو پاڻ جهڙن ٻين معصوم ماڻهن کي مارڻ ۾ لڳي وڃن،- ۽ اُهو سڀ ڪجهه رڳو هڪ خدا جي ٻن مقدس نالن ۾، ۽ هِن مذهب يا هُن مذهب خاطر!

اِئين، اِهو اعلان ڪندي ته هڪ مخصوص فرقي جون جداگانه سهولتون ۽ فائدا- جن مان مٿئين طبقن جي سياسي لغت ۾ مُراد اُنهن مٿين طبقن جون پنهنجون سهولتون ۽ فائدا آهن- بذات خود ۽ مطلقاً نيڪ مقصد آهي، هي ”شرفا لوڪ“، جيڪي سڀ ڪنهن کي سڀ ڪجهه کان (سواءِ پنهنجي ظلم جي چڪيءَ کان) آزاد ڪرڻ چاهين ٿا، ڏسجي ٿو ته ”مقصدُ ذريعن کي جائز بڻائي ٿو“ واري اُصول تي عمل ڪن ٿا. اِنهيءَ ڪري ئي، اِنهن وٽ اسين سندن مخصوص مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ بلڪ وقت بوقت اُنهن کي بدلڻ ۾ قطعاً ڪنهن اُصول جي ڪا پرواهه نٿا ڏسون. هو اِها ڳالهه بلڪل ئي وساري ٿا ڇڏين ته خراب ذريعن سان ڪنهن به حقيقتاً نيڪ مقصد تائين پهچي نٿو سگهجي، ۽ انسان ذات جي تاريخ ۾ حقيقتاً نيڪ ذريعا ڪنهن کي به ڪنهن خراب مقصد ڏانهن نيندي ڏٺا نه ويا آهن. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته نه مقصدُ ذريعن سان جائز بڻجي ٿو سگهي ۽ نه ذريعا مقصد سان جائز بڻجي ٿا سگهن. ٻنهي مان هر هڪُ پنهنجي پاڻ سان جائز بنجڻو آهي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪير به چئي نٿو سگهي ته ڪٿان هڪ جو دائرو پورو ٿئي ٿو ۽ ڪٿان ٻئي جو شروع ٿو ٿئي. ذريعا ۽ مقصد ايترا ته هڪٻئي ۾ ڳتيل هجن ٿا، جو اُهي آسانيءَ سان ۽ اڪثر ڪڏهن به هڪٻئي کان الڳ سڃاڻي نٿا سگهجن. ان طرح، انساني عمل جو سڀ کان وڌ خطرناڪ نيم اِهو آهي- جنهن انسان ذات جي مٿان بيان ڪرڻ کان مٿي مصيبتون آنديون آهن. اِنهيءَ ڪري ئي اصلوڪي اسلام ۾، بنان ڪنهن مصلحت جي، انساني مشوري ۽ عمل جي دائري مان هيءُ نيم پوريءَ طرح خارج ٿيل شمارجي ٿو. مطلب ته نيڪ ذريعا ئي فقط نيڪ مقصد ڏانهن نيئي سگهن ٿا. ان ڪري ذريعا به اوترائي اهم آهن جيترا مقصد. انساني زندگيءَ جو سرچشمو نرمل ۽ نرويو رهي ئي نٿو سگهي، جيڪڏهن اُن جو مُنڍ، ڪنهن ٿوري کان ٿوري ڀاڱي به، بيٺل ۽ گندن تلائن مان نڪرندڙ ۽ اُنهن تي آڌاري هوندو.

اِنهيءَ حقيقت جي مدنظر، آءٌ مٿين طبقن جي سياست بدران عوام جي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو، جيڪا سياست مٿين طبقن جي پارٽين هٿان نه پر عوام جي پارٽيءَ هٿان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي،- ته جيئن مٿين طبقن جي اقتدار بدران عوام جو اقتدار قائم ٿي سگهي.

جڏهن سماج ائين پاڻ کي نظامڻ شروع ڪري ٿو، جو رڳو ڪوڙ ئي ان ۾ انعام کڻي سگهي، ۽ بدي ئي اُن ۾ فائدا ڪمائي سگهي، تڏهن سچ ۽ نيڪي لازمي طور زير زمين هليا وڃن ٿا، ۽ ڪوڙ جي وڌڻ لاءِ ۽ بديءَ جي پکڙڻ لاءِ ميدان صاف ٿي پوي ٿو. اهڙي سماج وٽ ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ بدخيالين ۽ ڏيکارڻ لاءِ بداعمالين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي، اهڙن وقتن ۾ نئينءَ سياست، مٿين طبقن جي سياست کان بلڪل علحده قسم جي سياست، جي سخت ضرورت ٿي پوي ٿي- ته جيئن بديءَ ۽ بي انصافيءَ جو جيڪو ڳٽ سماج جي ڳچيءَ کي چهٽيو ۽ گهٽيو بيٺو هجي، اُهو لهي سگهي، ۽ اُن جي جاءِ تي نيڪيءَ ۽ انصاف جي پوري بالادستي قائم ٿي سگهي- اُن لاءِ آءٌ اهڙيءَ هڪ عوام جي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو، جيڪا عوا جي ئي هڪ پارٽيءَ جي هٿن ۾ هلندڙ جي.

فقط ۽ فقط اهڙي ئي هڪ عوام دوست پارٽي سنڌ ۾ عوام جي آزاد ۽ خود مختيار رياست يا اقتدار قائم ڪري سگهي ٿي ۽ اُن جو بچاءُ ڪري سگهي ٿي.

اسان جي موجوده سياسي ليڊرن، مسلمانن ۽ هندن، کي پنهنجن ماڻهن لاءِ اِنهيءَ قومي فرض بجا آڻڻ جِي، ڪم از ڪم اُن لاءِ راهه هموار ڪرڻ جِي، اڄ هڪ چانس آهي، هڪ موقعو آهي. پر ائين ٿو ڏسجي ته هن وقت هُنن پنهنجن ذهنن تي وڏا ڪي تالا هڻي ڇڏيا آهن، ۽ سوچڻ بنهه بند ڪري ڇڏيو آهي؛ يا، شايد، هو فقط پنهنجن خسيس نفسن لاءِ ئي سوچڻ ۾ ورتل آهن، ۽ ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جي سمجهڻ جي کين فرصت ڪانهي! ائين به ٿي سگهي ٿو ته هو، سنڌ جي پنهنجن ماڻهن کان سواءِ، ٻيءَ هر شيءِ، آسمان هيٺ يا اُن کان مٿي، بابت ئي سوچڻ ۾ مصروف آهن- ۽ بيحد مصروف آهن.

پر اسان جا اڄوڪا ليڊر ڇا به سوچيندا رهن يا ڪندا رهن، اسان کي پورهئي ۾ ڳهندڙ ۽ تاريڪيءَ ۾ گهاريندڙ پنهنجي عوام جي نجات لاءِ آخري پُڪار اُنهن اسان جي اڄوڪن ليڊرن کي نه آهي، پر اُنهن پنهنجن ذهين ۽ باشعور پُٽن ۽ ڌيئرن- شاگردن ۽ وچين طبقي جي دانشورن- کي آهي. جن جي آڏو اڄوڪين حالتن ۾، پاڻ لاءِ چونڊي کڻڻ جون فقط ٻه راهون کليل آهن، يا ته هو مٿئين طبقي جي ظالمن جي خدمت زرخريد خدمتگارن طور ۽ اُنهن جي وڪالت بچاءُ جي شاهدن طور ڪندا رهن، ۽ پاڻ لاءِ اُنهن کان محض رضا جي بِيک پنندا رهن، ۽ جو ڪجهه ڦُرلٽ جو مال سندن اُنهن آقائن وٽ ظلم ۽ استحصال سان جمع ٿئي ٿو، ان ۾، ۽ اُنهن جي رحم ۽ ڪرم تي، ٽڪريلن جيئن، پنهنجي ننڍي ڀائيواري جاري رکندا رهن: يا هو پنهنجن ويڳاڻن ۽ بي وسيلن عام ماڻهن جا دوست ۽ راهه ڏيکاريندڙ ٿي رهڻ قبول ڪندانهن کي ئي، درحقيقت، اسين چئي سگهون ٿا: ”اوهان جي سڄي سمجهه اوهان جي ڪهڙي ڪم جي، اوهان جا اوچا ۽ پاڪ خيال، اوهان جي نبار زندگي ۽ اُن جا آدرش اوهان جي ڪهڙي فائدي جا، جيڪڏهن اوهين اُنهن جي ڪا واهر نٿا ڪريو، جيڪي سدائين ڏک ۾ رهن ٿا، جيڪي اوندهه ۾ آهن ۽ ڀُليل آهن ۽ مونجهاري ۾ ورتل آهن!“

ڪير آهي، جنهن کي اها خبر نه آهي ته اسان جا ماڻهو، بنان سندن ڪنهن خطا جي، ۽ پنهنجن انسان ڀائرن جي بهترين خدمت جيڪا ٿي سگهي ٿِي اُن جي بجا آڻڻ جي باوجود، خود پاڻ ڏاڍي اڻ مانائتي زندگي گذارين ٿا، ۽ اخلاقي ۽ روحاني محرومين جا شڪار آهن؟ انهن جي سامهون زندگي ٻاٽ اونداهيءَ، اڻ سلامتيءَ، بيمارين ۽ خوارين ۽ دوزخ جي اَسههَ عذابن جو هڪ اڻ کُٽندڙ سلسلو پيو ڏسجي. جڏهن هُنن جي اُنهن دل ڏاريندر حالتن تي ماڻهوءَ جي نگاهه پوي ٿي، ته قدرتي طور، ڪاوڙ ۽ بيوسيءَ ۾، ۽ اُميدن ۾ ڀَريلَ دل سان، آسمان تائين رسندڙ هڪ دانهن نڪريو ٿي وڃي:

”ڪڏهن، او ڪڏهن، تون ماڻهن جو بچاءُ ڪندين؟

اي ٻاجهارا ڌڻي، ڪڏهن؟

ماڻهو، جڳ جا مالڪ، ماڻهو،

تختَ، تاجَ نه، پر ماڻهو!

يا خدا، ماڻهن جو بچاءُ ڪر؛ اِهي تنهنجا آهن،

تنهنجا ٻالڪ، تنهنجن سهڻن ملائڪن جهڙا؛

بديءَ کان، ظلم کان، ۽ مايوسيءَ کان

يا خدا، ماڻهو بچاءِ!“

(ڪراچي، جون 1947ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org