سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :30

 

ڪتاب ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“

ڀاڱي ٻئي، بابت هڪ تاثر

(مضمون)

 

”اياز جي هڪ مصرع آهي:

زندگي تلخ آ، هجي ته هجي-
روح ۾ سؤ ملاحتون رهنديون.............

 

مون ڪٿي پڙهيو هو ته ماڻهوءَ جي، ۽ پڻ قوم جي، روح ۾ ايمان جي آبياريءَ سان، يقين جو ٻوٽو اُڀري ٿو، جنهن جي چوٽيءَ تي اُميد جو گل ٽڙي بيهي ٿو ۽ اُهو تاحيات اُتي تازو رهي ٿو. بشرطيڪ يقين جي ٻوٽي کي ايمان جو پاڻي ملندو رهي.

ساڳي ڳالهه ٻئي هنڌ هيئن پڙهيل اٿم ته اُميد هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي کنڀ هجن ٿا، ۽ اُها ماڻهوءَ جي، ۽ قومن جي، روح تي اچي ويهي ٿي، ۽ ويهي پنهنجا ساهه- سُڌير گيت ڳائي ٿي، ۽ ڳائيندي ئي رهي ٿي. جهَڪون اُٿن، طوفان لڳن، اوريڪون لهن- هوءَ لرزجي ٿي، هُن جا کنڀ ڦرڪن ٿا، پر هوءَ اَڻَهِي اُتي پنهنجون لايتون لَنوندي ٿي رهي. روح جي ٽاري، سا ڪڏهن نه سُڪي، باقي هوءَ اُتي ويٺي رهي ٿي، ۽ ويٺي پنهنجون خبرون ڪري ۽ پنهنجا مَڌر ”ٻول“ ٻولي.

هيءُ ڪتاب، ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“، اهڙي ئي هڪ سائي ستابي ۽ سجاڳ روح جا حال احوال ۽ ڳالهيون- سورن جون ۽ سربتيو، ۽ اُميدن ڀريل- اسان کي ٻُڌائڻ گهري ٿو، اصل ائين جيئن مارئيءَ، عمر جي بند ۾ ويهي، پنهنجن مارن کي پنهنجي دل جا داستان ٻُڌائڻ گهريا ٿي ۽ ٻُڌايا ٿي.

 

”آءُ مارن ميڙائو گهران، مارو مينهن گهرن،
”ساڏوهيون ۽ سرتيون، هِئين منجهه هُرن،
هڪ لڱين لوهه چُرن، ٻي وِجهُلَ ويڙهيچن جي.“
                                  (شاهه)

هن ”وجهل“ جو هڪ مثال تازو مون اکئين ڏٺو. ڪجهه ڏينهن ٿيا، جو پياري دوست پروفيسر محمد عمر ميمڻ سان ملڻ لاءِ گهٽيءَ ۾ سندن در سان بيٺو هئس ته، هڪڙِي جهور پوڙهي، ڄڻ منهنجي امڙ، بلڪه پنهنجي ٻاراڻيءَ وهيءَ جي مَنَ- آرسيءَ ۾ نهاريان ته اصل منهنجي نانيءَ ڏاڏيءَ جهڙي، اچي اُتان لانگهائو ٿِي. ڪڇ تي ڪَنوَل جي گل جهڙي معصوم ٻارڙي هيس، ۽ مٿي تي ڪا هڙ هيس، جنهن ۾ ڪي شيون وٺي وڌيون هئائين. سامهون پاڙي جي هڪ وضعدار نوجوانَ وٽائنس مٽيندي، هن جي ڀليڪار ڪئي: ”ناني اما، خوش ته آهين!“ پوڙهي اُنهن ئي پيرن تي بيهي رهي. نوجوان جي منهن ۾ نهاري، وراڻيائين: ”ابا منهنجا، خوشي جن سان هئي، سي خوشي کڻي ويا، حياتيءَ جو جنڊ پينهڻو آهي- سو پيو پيهجي..... بچي شال، هڪڙو پُٽ حال حيات اٿم، پوٽا به اٿم؛ موڀي پٽ هوم سو ته وري آيم- هيءَ اَڪ- ڦلڙي (شل ڪو بخت ماڻي!) اُن جي نشاني اٿم؛ ڌيئون اٿم سي شينهن ڪُلهي آهن؛ وڳر واري آهيان، ٻي ڪهڙي شيءِ کپي، پٽ! ساهه آهي سو پيو کڄي، پنهنجيءَ هلنديءَ پيئي هلان- سڏ ٿيو ته کائيندي کلندي، هليو وڃبو..... پر، ابا منهنجا، تون ته ٻُڌاءِ، ڪير آهين؟ ڪيئن، خوش آهين، چڱو ڀلو، آسودو!“

پوڙهيءَ جي ڀريل من جون هي اَمولڪ ڳالهيون ٻُڌي، شاهه جو بيت دل تي تري آيم: سائين محمد عمر  ٻاهر آيو، ڳالهه ڪري ٻڌائيمانس، ۽ شاهه سائينءَ جي اُها آيت به پڙهي ٻُڌائيمانس:

”لوئڙياري آهيان، واريان تان نه ورقُ،
ڪنڌ ڪاسو، پٽ پاسو، ڏنم، تِن ترڪ،
”سانڊيُم سُپريم لئه، اندر لوئيءَ لَڪُ،
”سندو مارُن حق، جان جيان تان پاريان.“

ساڱا هيم ته هن ستياوان سنڌي پيرسن ماءُ جي دل ۾ تحقيق اُهو ايمان هو، اُهو يقين هو، ۽ اُهو تاحيات تازو گل کڙيل به موجو هو- ۽ اُميد جي نوراني پنڇيءَ هُن جي دل ۾ ويٺي ٿي هُن سان زندگيءَ جو راز ۽ نياز جون ڪيتريون ئي ڪي ڳالهيون اوريون: ماڻهوءَ جي پنهنجي هستيءَ جون، ماڻهوءَ جي پنهنجن ساههَ ساٿين- اورانهن ۽ پرانهن- جي هستيءَ جون، هستيءَ جي شعور جون، اُن جي مقصود جون، ۽ اُن لاءِ گهربل سڄي جولان ۽ جاکوڙ جون.-

”جئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تئن مون مَنُ ماروئڙن سين،

 

”سي مارو ٿر ٿيا، جي ڳڻن جا ڳهير،
”تنهين ري همير، گهنگهر گهاريان ڏينهڙا.“

 

”جئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تئن مون مَنِ ماروئڙن جون،
”ڏنيون لس، لطيف چي، هينئڙي کي همير!
”وڃي منجهه ملير، سڀ ڇوڙينديس سومرا!“

هيءُ ڪتاب- ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“- اُن سان اوهان جي ڏيٺ اُن جي پهرئين ڀاڱي جي صورت ۾ اڳي ئي ٿي آهي. هن اُن جي ٻئي ڀاڱي جا پهريان ئي پنج صفحا، ڪوٽ لکپت جيل جي 20 آڪٽوبر 1989ع جي هڪ ئي ڏينهن جي روئداد وارا، پڙهي ڏسو، ۽ اوهين پاڻ امين ٿيو!

ڪوٽ لکپت جو قيدي، رسول بخش پليجو، به پنهنجي ”ملير“ جون، ۽ پنهنجن ”ماروئڙن“ سان، ڪيئي ڳنڍيون- وڏن ڳڻن ڀريون ۽ گهڻيءَ ڪنهن ڳُڻَ واريون- پنهنجي ساهه سان ٻڌل ۽ سانڍيل موجود رکي ٿو، جيڪي هن ڪتاب ۾ ويهي هُن کوليون آهن ۽ پنهنجن پڙهندڙن آڏو رکيون آهن.

ڪتابن جي لکڻ جو قدر ته واقعي ڪتابن لکڻ سان پوي ٿو، پر ڪتابن جي پڙهڻ جو قدر ۽ ڪارج به سچ ته ڪتابن پڙهڻ سان پوي ٿو ۽ ڄاڻجي ٿو. هيءُ ڪتاب به بلڪل اُنهيءَ ئي ڪنهن طرح ۽ ڏانءَ سان پڙهڻ جهڙو آهي ۽ پڙهڻ وٽان آهي. اُن جي ائين پڙهڻ تي- پوري ڌيان ۽ ذوق سان پڙهڻ تي- اوهان جي من تي به، مون جيان، لکندڙ جي روح- ورونهن جو ”لطيف“ جي هيٺئين بيت وارو تاثير ۽ رنگ نه اُڀري اچي، ته ذمو منهنجو.-

”جهران جهڄان تي، جيئن پسڻان ئي پري ٿيا!
”الله! اوٺي آڻئين، جو کِيئن خبر ڏي!
”من منهنجي کي، واڪو لهي ويڙهه جو!

انگريزن کان اڳ، مغلن جي دؤر ۾، سنڌ جا محب وطن قيدي ملتان، لاهور، گواليار، دهليءَ، آگري ۽ اهڙن ٻين پرانهن، حاڪماڻن هنڌن ڏانهن نيا ويندا هئا، انگريز اُنهن کي انڊمان ٻيٽن جي ڪاري پاڻيءَ ڏانهن، ۽ رنگون، ڪلڪتي، احمد نگر، پوني جي ناسڪ جيل وغيره هنڌن ڏانهن نيندا هئا. مغل شاهيءَ ۽ انگريز شاهيءَ جي قبضي گيريءَ مان ڇُٽل برصغير جي هڪ حصي تي براجمان ٿي ويهندڙ سندن درٻارين ۽ وارثن ۽ پرستارن، جيڪي ”اسلامي قوميت“ جا دعويدار به هئا، تن اُنهن کي وري خالص پنهنجن شاهي بنديخانن- لاهور فورٽ، ڪوٽ لکپت، راولپنڊي، ساهيوال، مچ ۽ ٻين اهڙن ڪال- قلعن ڏانهن اُماڻي، ساڳئي فاتحاڻي روايت، اُهڙي جو اُهڙي، قائم رکي.

قيد خانا، ڪارا چڪر، ڪال ڪوٺيون ۽ ڦاسي گهاٽ- ماڻهن جي آزاديءَ جا سڀ اِهي ترم ۽ ڪوسَ گهر آهن. ٻن قسمن جا ماڻهو انهن جي ور چڙهن ٿا- ڏوهي به ۽ بيڏوهي به: ڏوهين ۾ هڪڙا اُهي، جي سماج جي ڪنهن گڏيل يا اُن جي ڪنهن فرد جي گناهه جي سزا کاڌل آهن، ۽ ”اخلاقي ڏوهاري“ ٿا چئجن؛ ٻيا، ”سياسي ڏوهاري“ ٿا سڏجن، پنهجي ملڪ ۽ ماڻهن جي نجات جي جدوجهد جا سزا ورتل هجن ٿا، ۽ اونداهن کان اونداهن بنديخانن ڏانهن به پنهنجي روح تي ويٺل ”اميد جو پتڪڙو پکي“ ساڻ نيندا آهن ۽ اُهي اُن جي اڻ- اکرانون گيتن جي دلاويز آلاپن سان، وراڻي ۾، سڄو وقت پنهنجو آواز رَلائيندا رهندا آهن:

”ها، ها، ها........... ها، ها، ها!

”بزدل ڀلي ڀڄن،

”غدار ڀل سڙن،

”نغما امر اسان جي

”آزاد آجپي جا

”وڄندا سدائين رهندا،

”گجندا سدائين رهندا.....

”ها، ها، ها- ها، ها، ها!“

هُنن جي مَنَ ۾ هڪ ئي وجهل هوندي آهي- پنهنجن وطن واسين جي ڏکن ۽ تڪليفن جي وجهل، ۽ دل ۾ هڪ ئي اُلڪو هوندو آهي- اُنهن جي هيڻائيءَ ۽ غلاميءَ جو. سندن روح اُڀ جيئن اڏول جي مَن جي نور جيئن اوجل ايمان سان آباد رهندو آهي- ايمان پنهنجي ملڪ ۽ ماروئڙن ۾ ۽ اُنهن جي آجپي ۾، ۽ اُنهن جي ازلي سچ ۾. هو پنهنجي ڪئي تي خوش هوندا آهن، ڇو ته اُن جي نيڪيءَ ۾، ۽ اُن جي سوڀ جو، هُنن کي پورو يقين هوندو آهي، ۽ اُن جي لاءِ هو هر قربانيءَ لاءِ حاضر ۽ پڻ پنهنجن ساٿين سان گڏجي مشڪل کان مشڪل آزمائشون قبولڻَ ۽ هر طرح جي سختين سهڻَ لاءِ تيار هوندا آهن.

ڪوٽ لکپت جو قيدي، هن ڪتاب جو لکندڙ، اهڙن ماڻهن جي، اسان سنڌي ماڻهن جي ئي اِنهن مثالي ڪردارن جو هڪ مثال آهي.

محترم عزيز رسول بخش پليجو جنوري 1930ع ۾ ڄائو: آءُ 15 سال کانئس اڳ، 1915ع ۾ ڄائس، حسن اتفاق هو، جو ڪجهه عرصو هو مون وٽ پڙهيو، جنهن جو ذڪر ڪن هنڌن تي هن ڪتاب ۾ به هُن ڪيو آهي. هيءَ لامحدود ڪائنات، ۽ ان ۾ حيرت جو مقام هيءَ زندگي- تنهن ۾ اسان جي پنهنجي هيءَ انساني زندگي: هن سڄي اڄاتل ۽ ابد ۽ ازل جي بي انت سلسلي ۾ هي وقت جا پيمانا- سالن جي ڏهاڪن جا ۽ صدين، هزارن ۽ لکن سالن جا، جُڳن جي جُڳن جا- ڪن گهڙين پلڪن کان وڌ ڪا اهميت ڪانه ٿا رکن. ڏهه، پندرهن يا ٽيهه سال مون کان اڳ ڄاول ڪي ڀلمانس منهنجا به استاد هئا. ڪي مهينا يا ڪي سال ڪير ڪنهن وٽ پڙهيو، اِها اهڙي ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. پڙهڻ- پاڙهڻ، سکڻ- سيکارڻ ۾ ننڍا وڏن کان ۽ وڏا ننڍن کان ۽ انيڪ ٻين ذريعن سان، جيوَ ۽ ماڻهو سڀ سکندا ئي رهن ٿا. وڏي ۽ پڻ خاص ڳالهه ان سلسلي جي هيءَ آهي ته ”ڪو ڇا سکيو؟“ سکيا پنهنجي وڙ ۽ پهچ ۾، هونئن زندگيءَ جي اَڻ- ڳڻين، گذريل توڙي ايندڙ، ڳالهين ۽ جُڳن تائين محيط رهي ٿي- زندگيءَ وانگر اُن جي حيرت ۽ للڪار جو به ڪو ڇيهه ڪونهي.

پر سماج ۾، ماڻهپي جي راهه- آزاديءَ، برابريءَ ۽ سهڪار جي ٽه- پيچرائينءَ راهه ۽ اُن تي هلڻ جِي سکيا ئي ماڻهن لاءِ لازمي هجي ٿي: مقصد سڄيءَ ان سکيا جو به هڪ ئي ٿي سگهي ٿو- سڀ جي خوشيءَ (سک) ۽ سلامتيءَ جو، سڀ جي ڀلائيءَ ۽ امن جو. ماڻهپي جي ان ٽه- پيچرائينءَ راهه جي برابريءَ واري مُک ۽ مرڪزي پيچري سان، آزاديءَ ۽ سهڪار جي آڌار تي هلڻُ ۽ اڳتي وڌڻ ئي ماڻهوءَ جو ماڻهپو، انسان جي انسانيت، آهي- جنهن جو نالو، اڄ جي انساني ڏاهپ جي اصطلاح ۾، لوڪ رهت، جمهوريت، ڊيموڪريسي آهي، ۽ اڄ جي ماڻهوءَ جي خاص شرف ۽ وڏي شان جي سڃاڻپ جي وڏي ۾ وڏي ڪسوٽي به اها هڪ ئي آهي ته سماج جي هر سطح تي منجهن انساني برابريءَ جو احساس ۽ شعور ڪيترو پختو ۽ ڪيترو اونهو آهي، ۽ وٽن ان جو عمل ڪيترو عام ۽ ڪيتري قدر کرو ۽ خالص آهي.

ماڻهن ۾ ماڻهن جي برابريءَ جو هيءُ احساس، شعور ۽ عمل قديم وقت کان وٺي اڄ تائين پنهنجيءَ سڀ- پاسائينءَ واڌ ۾ اڳي کان اڳرو، جيئن پوءِ تيئن وڌندو ۽ پختو ٿيندو پئي آيو آهي، ۽ وقت سان اُن جي واڌ جو ۽ پختگيءَ جو تهان ئي اڳي وڌڻ ۽ پختو ٿيڻ ضروري ۽ اجهل پڻ آهي، ۽ ماڻهن جي وڌندڙ سکيا ۽ ڄاڻ جي مقدار ۽ معيار جي سڃاڻپ به اُن سان لڳو لڳ ۽ اِنهيءَ ئي حوالي سان ٿيندي پئي آئي آهي. ۽ آئيندي به اُها ائين ئي ٿيڻي آهي. اِنهيءَ ئي ڪري ائين چيو ويو آهي ته سياست سميت سماج ۾ تهذيب جي هر دائري عمل ۾ گهربل لوازمات ۽ خصوصاً اخلاقيات جو ويجهي کان ويجهو ۽ وڌ کان وڌ تعلق وقت جي سڀ کان وڌ صالح، يعني ترقي پاتل ۽ ترقي پسند انهيءَ ڄاڻ ۽ اِنهيءَ سکيا سان آهي.

ماڻهن جي برابريءَ جي اوائلي احساسي صورت، سندن نيم- انساني حالت کان ڪٽنبي سطح تائين ايندي ايندي، ”فطري يا فطرت ۾ موجود برابريءَ“ طور سمجهي ۽ تصور ۾ آڻي سگهجي ٿي- جڏهن فطرت جي خاص بخشيل نعمتن (مٽيءَ، پاڻيءَ، هوا ۽ اُس) مان ۽ فطرت جي موجود ڪيل ٻئي غذائي لنگر مان ”کڻو ۽ کائو“ جي عمل ۾، سڀ ماڻهو برابريءَ جي درجي تي هئا. هيءَ فطري برابري جيڪا گهڻي قدر جبلتي نوع جي هئي، قبيلائي سماج جي سطح تائين وڌي، ماڻهن جي ”من يا خيال“ ۾ موجود برابريءَ طور صورت پذير ٿي. برابريءَ جو هيءُ خيال (Idea) ابتدائي مذهبن کان اعليٰ مذهبن جي هزارن سالن جي تربيت جي نتيجي ۾ به وڌيو ۽ پختو ٿيو. ننڍين وڏين (مرهوم) فوق الفطري قوتن يا هڪ ئي اهڙيءَ غيبي مطلق قوت جي آڏو، گهڻن حوالن سان، سڀني ماڻهن پاڻ کي برابر سمجهيو ۽ هڪٻين کي ائين سمجهايو:

”ايڪ هي ماٽي ڪِي سب ڪايا، اونچ نيچ ڪو هُو ناهي،
”ايڪ هي جوتي بري ڪبيرا، سڀ گهَٽ اَونتر ماهي،
”يهَ هُو اَنمولَڪ جيون پاڪي ستگر شبد هِي ڌيائو،
ڪهي، ڪبيرا، خَلق مين سارِي، ايڪ الک درسائو.“

يورپ ۾ سورهين صديءَ جي بيداريءَ ۽ مذهبي احتجاج ۽ اصلاح ۽ سترهين ۽ ارڙهينءَ صديءَ جي فڪري ۽ علمي روشنيءَ جون تحريڪون اُڀريون، جن جي نتيجي ۾ انساني برابريءَ جي هن ”خيال“ ۽ ”ان جي اُبتڙ حقيقت“ طور سماج ۾ موجود غير برابريءَ جي تضاد ۽ منافقت جي هڪ اهم حَلَ طور مذهبي برادرين ۽ اُنهن جي آڌار تي بيٺل شهنشاهتون ۽ سلطنت شاهيون ختم ٿيون، ۽ اُنهن جي جاءِ تي، قومن جي برابريءَ جو خيال ۽ خوشخبري کڻي، ”جمهوري قومي رياستون“ اُڀريون ۽ قائم ٿيون. اِن سڄيءَ اُٿل پٿل جي هڪ چڱائيءَ طور هڪ پاسي ماڻهن جي برابريءَ جي ”خيال“ کي وڌي ”قانون ۾ يا قانون جي آڏو برابريءَ“ جو درجو حاصل ٿيو ۽ ٻئي پاسي مذهب جي قدامت پسند ۽ جدت پسند حلقن جي پوري پوري مُنڌل سٽ جي ڦوري کي (جنهن ۾ ماڻهن جو ساهه گهُٽبو ۽ مرندو ٿي رهيو) پوريءَ طرح سُلجهائيندي، سياست کي مذهب کان الڳ ڪيو ويو. يعني مذهب جي دائري اختيار کان دنيائي خير ۽ ڀلائيءَ جي فڪر ۽ عمل جو نظام جدا ڪيو ويو. آمريڪا جي جنگ آزادي (1760ع) ۽ فرينچ انقلاب (1789ع) تاريخ ۾ اُنهيءَ هڪ نهايت وڏيءَ انقلابي تبديل جا ٻه وڏا نقيب ۽ علمبردار چئجن ٿا. اسان وٽ، اسان جي سنڌ ۾، تن کان ڪي سال اڳ، اسان جي هڪ لائق قومي حڪمران، ڏاهي ۽ تمام هڪ ڊگهي نگاهه رکندڙ سلطانَ، ميان نور محمد ڪلهوڙي (وفات 1753ع) به پنهنجي وصيت ۾ انهيءَ ئي ”قانون جي آڏو ماڻهن جي برابريءَ“ جو سبق پنهنجن پونيرن کي، اسان کي، ڏيڻ ٿي چاهيو ۽ ڏنو:

”سياست کي ڇڏڻ معنيٰ رياست جي ڪمزوري...... ڇو ته رياست (جي ڪاميابيءَ) لاءِ سياست ضروري آهي..... عدل ۽ انصاف جي هر ڳالهه ۾ پاڻ کي ۽ ٻئي کي هڪ نظر سان ڏسڻ کپي...... خير وقت شر جو اونو ۽ بديءَ جي وقت خير جي اون رکجي...... اوهان جي ڀلائي سڄي جي سڄِي اخلاص ۽ محبت ۾ آهي...... پهريائين اوهان جي گردن تي غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ گهرجن رکندڙ ماڻهن جي حق جو بار آهي، ۽ اوهان کي ڏينهن رات ملڪ جي انتظام ۽ بهبود جو خيال رکڻ کپي..... ۽ اوهان کي گهرجي ته هر خلقيل شيءِ کي مفيد ۽ بهتر ڄاڻو، ۽ هر انسان کي انسان ڪري سمجهو.....“

پر ماڻهن جي برابريءَ جو هيءُ احساس ۽ خيال يا شعور ۽ اُن لاءِ قانون جو پوش- سماج ۾ عملي طور ماڻهن (۽ قومن) جي برابريءَ جي ضمانت لاءِ رڳي اِهي به ڪافي ناهن: اِنهن جي هوندي به سماج ۾ ماڻهن جي (۽ قومن جي) برابريءَ جي صورتحال ائين به هجي سگهي ٿي، جو (مثلاً) جسماني طور، ۽ پڻ عمر ۾، برابر ماڻهن جي ڪنهن ٽولي کي رستي تي آڻي، بيهاري، ۽ منجهانئن ڪن کي ڪن ڦڏن (Handicaps) ۾ آڙائي، ۽ ڪن کي ڪنهن قدر آواز به ڇڏي، چئجي ته ”رستي تي هلڻ جي قانون ۾ اوهين سڀ برابر آهيو!“ ساڳئي اُن رستي تي سوارين تي هلندڙ ماڻهن توڙي اُنهن جي اُن واڌو سُک ۽ سهولت لاءِ بيهاريل رستي جا ڳاڙهن پٽڪن وارا مقاديم يا ٻيا ڪي هٿياربند محافظ، اُن ٽولي لاءِ جيڪي ڏچا پيدا ڪري ۽ رڪاوٽون بڻجي سگهن ٿا، تن کي خيال ۾ نه آڻي به، پيادل هلندڙ، ”هٿين، پيرين، مونڙين سوگهن“ ماڻهن کي، خود پنهجي پاڻ ۾ ئي جنهن برابريءَ- نالي ۾ برابريءَ- جو تجربو ملندو، جمهوريت جي ٽه- پيچرائينءَ شاهراهه تي جنهن نالي ماتر آزاديءَ ۽ جنهن نالي ماتر انساني ”سهڪار“ جي خوشي ۽ سواد محسوس ٿيندو- اُن لاءِ ته ٿورن لفظن ۾ اهو ئي چئبو ته ”عيان راچه بيان!“ ۽ سنڌي سنت شاعر ساميءَ جي لفظن ۾:

”ان پاڻيءَ جي نانوَ سان بُک اُڇ ڪين لهي،
”نگر پهتو ڪونه ڪو بنان پنڌ ڪئي!....“

ته ماڻهن جي برابريءَ جي احساس، خيال يا شعورَ ۽ پڻ قانون کي سچ پچ ته سماج ۾ ڪنهن ڏسڻ ڪرڻ جي معيار ۽ ڪنهن تورڻ ماپڻ جي مقدار ۾ اچڻ لاءِ، وڌي، ”سماجي يا سماج ۾ برابريءَ“ جي صورت ۾ وٺڻي هئي، ۽ ترت ئي، فرينچ انقلاب کان فقط ڪي سوا سؤ سال پوءِ، 1917ع ۾ ماڻهن جي عالم ۾، ”سوشلسٽ انقلاب“ جي نالي سان اُهو انقلاب به آيو، جنهن ماڻهن جي برابريءَ کي اُهڙي هڪ صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي- ”پورهئي ۽ ان جي ڦل ۾ برابريءَ“ جي هڪ صورت:-

”سماج ۾ سڀيئي پنهنجي صلاحيت پٽاندر پورهيو ڪن، ۽ سڀيئي پنهنجي پورهئي پٽاندر ڦل کڻن!“

ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، جو هزارن لکن سالن جي زندگيءَ کان پوءِ، عين ابتدائي فطري برابريءَ جهڙو، ايڏو هي معقول، ايڏو انصافي انصاف وارو ۽ سڀني جي مڃڻ جهڙو، ههڙو هڪ سڌو، سادو ۽ سولو فيصلو ٿي سگهيو هو، ۽ عمل جي ڪافي هڪ اُميد افزا امڪان کي به رسي سگهيو هو! ۽ اُن فيصلي کان اڳ، ”ڏاڍن ۽ ملڪيت وارن“ جي جمهوريت (Bourgeois Democracy) ۽ اُن جي راهه جا ٽي پيچرا- آزاديءَ، برابريءَ ۽ سهڪار جا- ڪيئن نه رڳو خيالي ۽ ڪيترا نه اَڻ- سچا ٿي لڳا! بنهه ائين جيئن ڪو، اسان جي سنڌي شاعر، خليفي گل محمد ”گل“ جي لفظن ۾:

”ڏيکاري گرنهه ڏوران ٿو، نه ڏئي هرگز سو موران ٿو،
”جهليو هٿ ۾ پري کان هو چوي بيٺو چريا، چٻ چٻ!“

تازو، سنڌ جي درويش صفت، انسان دوست، مولانا ايڌيءَ، اُها ئي ڳالهه اسان کي هيئن ٻڌائي آهي: ”مذهب بابت وقت بوقت آءُ سوچيان ٿو ۽ عجب ٿو لڳيم ته ساده دل عوام کي اسين ڪيسين تائين بهشت جي دلاسي سان ماٺ ۾ رکنداسين! خدا جي واسطي، سوچيو! اسان کي اسان جو بهشت هن دنيا ۾ گهرجي!!“ (فرنٽيئر پوسٽ، لاهور، 9-1-93ع) حضرت عيسيٰ عليه السلام پڻ عدل ۽ انصاف واري اُها ساڀيان واري ”خدائي بادشاهت“ (Kingdom of God) هيٺ هن ڌرتيءَ تي ماڻهن لاءِ گهري ٿي ۽ قائم ڪرڻ ٿي چاهي.

۽ 1917ع ۾ اُن ۾ سوشلسٽ انقلاب پورهئي ۽ اُن جي ڦل ۾ برابريءَ جي عادلانه بلڪه ”احسان ۽ فضل ڀريءَ“ حقداريءَ جي تهان ئي هڪ بهتر صورت تائين پهچڻ جو به سڏ ڏنو:

”سڀيئي پنهنجي صلاحيت پٽاندر ڪم ڪن، ۽ سڀيئي پنهنجي گهرج پٽاندر ڦل کڻن!“

سوشلسٽ انقلاب جي حامين سماج ۾ ماڻهن جي اُن برابريءَ کي ”اشتراڪي يا اشتراڪ ۾ برابريءَ“ جو نالو ٿي ڏنو.

بلڪه اُن کان به وڏي هڪ قدم جي سوچ دل ۾ آڻي، اُنهن انساني زندگيءَ جي عافيت جو وڌيڪ بهتر ڏسڻ ۾ بني نوع انسان جي آڏو رکيو- هڪَ يوٽوپيائي تصور جي صورت ۾ ئي سهي، ڏورانهين هڪ اعليٰ آدرش طور، بنهه ائين جيئن اُهو انگريزي اصطلاح ۾ Hitching the Waggon to a Star (پنهنجي سفر جي رَٿ کي آسمان جي ڪنهن ستاري سان ٻڌڻ) جو ڪو خواب هجي! جڏهن انساني عالم جي سماج ۾ ”رياست“ جنهن جو نالو سا ڪانه هوندي: ”حڪومت“ جنهن جو نالو سا ڪانه رهندي: نظام سو رهندو، جوڙجڪ سا هوندي: ۽ سڀ انسان، لوڪ رهت ۾، آزاديءَ، برابريءَ ۽ سهڪار واريءَ انسانيت جي ٽه- پيچرائينءَ راهه تي پاڻ ئي پنهنجي صالح ارادي هيٺ هلندا، ۽ پنهنجي گڏيل خوشيءَ (سُک) ۽ سلامتيءَ، ۽ سڀ جي ڀلائيءَ ۽ امن جي ڳالهين کي سَر ڪندا- ڪابه اُن لاءِ انعام جي لالچ نه هوندي، ڪوبه اُن لاءِ سزا جو خوف نه هوندو. ۽ اُن صورتحال کي هُنن سماج ۾ ”انساني يا انسانيت جي برابريءَ“ (Equality in Humanity or Humanist Equality) جو نالو ڏنو، ۽ ڌرتيءَ تي انسانن لاءِ ان کي وڏي نعمت يعني ”صلح ڪُل“ ۽ ”وڏو خير“ سڏيو.

ائين وقت جي بي ڪنار اٿاهه مان گذرندي، انسان ذات، انساني برابريءَ جي احساسي مان ٿيندي، هِن ويهين صديءَ ۾ اُن جي قدري راس ٿيل سماجي- انساني صورت سان پهريون ڀيرو مکاميل ٿي رهي هئي! وقت جي هِن لازمي شعور ۽ عمل جي راهه جي حوالي سان ئي اسان، دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر، پوري هيچ ۽ يقين سان پنهنجي وطن سنڌ ۾ به اِها وقت جي ڄاڻ ۽ سکيا هڪٻين ۾ ڏني ورتي ۽ گڏجي سکي ۽ سيکارِي. محترم عزيز رسول بخش پليجي پنهنجيءَ هن تصنيف، ڪوٽ لکپت جي داستان، ۾ به ٻين ڏاڍين دلپذير ڳالهين سان گڏ اُنهيءَ ئي اڄ جي صالح ڄاڻ ۽ سکيا کي وهنڃايو آهي ۽ اسان جي آڏو آندو آهي.

اُهي جيڪي سوويت يونين جي شڪست کي، اُتي واقع ٿيل 1917ع جي سوشلسٽ انقلاب جي ان فڪر ۽ پيغام جي ناڪامي ٿا سمجهن، ۽ خوش ٿا ٿين، تن کي هڪ ڳالهه وسارڻ نه کپي ته ملڪن، ۽ قومن، رياستن ۽ سرڪارين، جي شڪست سان انساني روح يا ذهن جي حاصلات يا تخليق نه ڪڏهن ناڪام ٿي آهي، نه ڪڏهن ٿيندي. اُها فقط ۽ فقط اُن کان بهتر تخليق يا حاصلات سان مَٽبي آهي، بدلبي آهي، ۽ اُن مَٽجڻَ يا بدلجڻَ ۾، وري به تاريخ ۾ اُن جي ئي سوڀ شماربي آهي. مغربي دنيا جي سرمايه داريءَ ۽ اُن جي سامراج، جيڪڏهن پاڻ کي ”مارڪيٽي ڪاروباريت“ ۽ ”نئون عالمي نظام“ چوندي، رڳو اِن نالي بدل سان پاڻ کي بهتر ۽ ڪامياب سمجهيو آهي، ته سڄن سارن ٽن سَوَن سالن جِي سندن ڪارڪردگي به تاريخ ۾ موجود آهي- ۽ هاڻي به دنيا کي ڏيڻ لاءِ وٽن اُهو ئي ڪجهه ته آهي!- زباني جمع خرچ هر ڳالهه ۾، آزاديءَ ۽ برابريءَ ۽ سهڪار (اَخوت) جو ذڪر بي باڪ، وڏي وات ۽ هر وقت: پر دولت جو ڌاڙو ۽ طاقت جو ڏنڊو، اڳي کان اڳرو، انساني عالم تي اُهو ئي لڳندو ۽ اُهو ئي ڦرندو رهندو! سوويت يونين کي، دنيا جي لعنت پاتل هر قاروني، فرعوني ۽ ابليسي حرفت وسيلي شڪست ڏيئي، سوشلزم جي ناڪاميءَ جي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ کين سوشلزم جي عصري ڏاهپ ۽ عمل کان بهتر ڏاهپ ۽ عملُ دنيا آڏو پيش ڪرڻو پوندو، ۽ اِها ته کين به خبر آهي ته وٽانئن پوري ڪنهن انداز ۾ ۽ ايترو ڪجهه جو ٿيڻو نه رڳو محال آهي پر ناممڪن آهي- سندن دولت ۽ طاقت جو رُخ کين وڌيڪ طاقت ۽ وڌيڪ دولت ڏانهن، يعني فسطائيت ۽ سامراجيت ڏانهن نئي ٿو؛ ۽ اها پنهنجي بيماريءَ جي ضعف ڏانهن سندن پيش قدمي آهي. سوشلزم جو وڌيڪ جمهوريت وڌيڪ ڪشاده خياليءَ ۽ روشن ضميريءَ يعني وڌيڪ انساني ۽ قومي آزاديءَ ۽ برابريءَ ۽ سهڪار ڏانهن رُخ اُن جي پنهنجي صحت جي توانائيءَ ڏانهن پيش قدمي آهي. ۽ ائين جيڪي وقت ۽ تاريخ جي ساٿ سان آهن، سي پنهنجي سوڀ توڙي شڪست جي حال ۾ تاريخ ۽ وقت جي آڏو بند ۽ ڇپون بڻجي بيهندڙن کي اسان جي سدا حيات ”لطيف“ جي پُراُميد، بيوخف ۽ اڏول آواز ۾ سامهون بيهي، للڪاري سگهن ٿا:

”آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين“
”تپي ڪندين ڪوهه، ڏونگر ڏکوين کي،
”تو جي پهڻ پٻ جا، ته لک منهنجا لوهه!“

انگريزي شاعر (افسوس، جو هُن جو نالو مون وٽ لکيل ڪونهي) جي اهڙن ئي محڪم ۽ اجيت لفظن ۾:

”ترقيءَ جي درياهه آڏو اوهين بند ٻڌو ٿا،

”ڀلي ٻڌو: جوکم ۽ هاڃو اوهان جو آهي!

”اِهو درياهه ڌوڪيندو سمنڊ ڏانهن ويندو،

اوهين ڇا به ڪريو.

”اِهو اوهان جا بند ڀڃي ڇڏيندو، ۽ آزاد رهندو!

”اوهان جي اَڏڙين جي اسان کي پرواهه ڪانهي، جيڪي ان جي آڏو اوهين کوڙيو ٿا:

”ڇو ته اوهان جا اهي اٺسٺا وهڪري کي وڌيڪ تيز ڪندا،

”جنهن جو ڇوهه اوهان کي نيٺ نهوڙي ڇڏيندو!

”اسان جو جهنڊو آزاد ۽ اوچو ڦڙڪي ٿو،

”اسين اڳتي اچي، اوهان کي هوڪاريون ٿا؛

”اسان جو آواز، جُڳن جو آواز آهي،

”اسان جي اُميد، عالم جي اُميد آهي!“

بلڪل ائين جيئن ڪوٽ لکپت جي قيديءَ، محترم رسول بخش پليجي، ڪتاب جي انتساب ۾ پاڻ به لکيو آهي:

”اُنهن ثابت قدم وطن دوست، عوام دوست، سرويچن جي نالي،

جيڪي اوڀر يورپ تي سرمايه دار سامراجي غلبي کان بدحواس ٿي، عوامي جدوجهدن جا جهنڊا ڦٽا ڪري ڀڄي وڃي وارن جي اُبتڙ، نئينءَ سمجهه، سُرت ۽ ساڃاهه جو مشعلون جلائي، نوان پيچرا ۽ گس وٺي، آزاديءَ ۽ انصاف، سک ۽ سُڪار جي روشن منزل طرف وڌندا رهن ٿا.“

پَل پَل ٿي پَلِي ڏم ڏيهاڻي ڪيترو،
پسي دور درياهه جو وچان ڪين وَرِي،
ڪاريءَ رات قريب ڏي منجهان هُب هلِي،
نه ڪنهن جهول جهلِي هئي سَمَنَ پوري سهڻي.

        (شاهه)

ڪو ڪو سهڻو ماڻهو: 1979ع ۾ هڪڙو ڪو وطن دوست ڪارڪنُ انگريزيءَ ۾ هيءَ لکڻي کڻي آيو: چي، ”هِن جو سنڌي ترجمو ڪري ڏيو!“ دل تي هن لکڻيءَ جو ڏاڍو اثر ٿيو، ۽ اُن همراهه کي ٻئي ڏينهن اُن جو ترجمو ڪري ڏنم. هو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اُهو ڇپائي، نالي بنان ۽ عنوان بنان، ان جون ڏهاڪو کن ڪاپيون مون کي ڏيئي ويو. هيءُ ترجمو پوءِ مون ”پيار جي روشنيءَ“ جي عنوان سان ”پرهه ڦٽيءَ“ سلسلي جي ڪتاب 3، ”ڳورهاڙي ڌرتي“، مهراڻ مرڪز، گهنٽا گهر، سکر، آڪٽوبر 1986ع ۾، شايع ڪرايو.

باغي: آلبرٽ ڪاموءَ جي ڪتاب The Rebel جي پهرئين باب جو ترجمو- روزانيءَ ”هلال پاڪستان“ جي هفتيوار مخزن، 24- 31 مئي 1981ع، ۾ شايع ٿيل.

آسڪَرُ روميرو- غريبن جو ريڊار: جيمس آر، براشمن جي لکيل، ”ايسٽرن رِوِيُو“ مخزن ۾ شايع ٿيل مضمون جو ترجمو- هفتيوار ”هدايت“، حيدرآباد، اپريل 1984ع، ۾ شايع ٿيل.

شِلانَ جو باندي: انگريزيءَ جي شاعر، لارڊ بائرن، جي طويل نظم The Prisoner of Chillon جو ترجمو- سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد، طرفان 1985ع ۾ ڪتابچي جي صورت ۾ شايع ٿيل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org