سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :33

 

غريبن جو ريڊار

(ترجمو)

آرڪ ڀشپ (وڏو پادري)، آسڪَر روميرو، 24 مارچ 1980ع تي هڪ قاتل جي گوليءَ جو اُن وقت نشانو بڻجي ويو، جڏهن هو سئن- سلواڊور (ريلسلواڊور جي راڄڌانيءَ) جي هڪ ننڍيءَ ديول ۾ واعظ ڪري رهيو هو. ملڪ توڙي ٻاهرينءَ دنيا، هر هنڌ، هن جي مارجڻ کي ننديو، ۽ عيسائي دنيا جي وڏي تعداد هن کي شهادت جو درجو ڏنو. اڄ هڪ وڏو تعداد ماڻهن جو کيس عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هن جي مقبري تي حاضري به ڏئي ٿو، سئن سلواڊور جي وڏيءَ ديول ۾ هن جي روح کي ثواب بخشائڻ لاءِ عبادت ڪئي وڃي ٿي ۽ سڄيءَ لئٽن آمريڪا جا عيسائي هر سال سندس ياد ملهائين ٿا.

آرڪ ڀشپ روميرو موت توڙي زندگيءَ ۾ ظلم کي محبت جي عيوض سان منهن ڏنو. سندس هزارين جان نثارن سئن سلواڊور جي مرڪزي چوڪ تي قبضو ڪيو، ته جيئن کيس اتي دفن ڪجي، پر حڪومتي ڌر وارن مخالفن جي بارود ۽ هٿيارن جي ڌماڪن انهن کي ائين ڪرڻ نه ڏنو.

اڄ ريلسواڊور جي هارين وٽ رڳو سندس تصوير جي موجودگي به خطرناڪ حرڪت تصور ڪئي ٿي وڃي، ۽ سندس خيالن جا انقلابي لاڙا انهن لاءِ سخت سزائن جو سبب ٿا بڻجن.

سندس وفات جي شروع وارن ڏينهن ۾ سلواڊور حڪومت جي ڪارندن لاچار ڪڏهن ڪڏهن سندس ذڪر ڪيو، پر سلواڊور جي پريس خاموش رهي. هن جو موت، سلواڊور جي هزارين جان نثارن جي موت وانگر، عدم پيدا، گمشد ۽ بي سزا ئي رهجي ويو.

آسڪر روميرو جي شهادت اُن دشمنيءَ جو نتيجو هئي، جنهن دشمنيءَ جو شڪار سلواڊور جي سڄي ڪئٿلڪ چرچ تڏهن بڻي هئي يا اُن کان به اڳ بڻجي چڪي هئي، جڏهن فيبروري 1977ع ۾ هو اُن جو وڏو پادري مقرر ٿيو هو، ۽ اُها دشمني اُن جي خلاف اڄ تائين جاري آهي. ڪئٿلڪ پادري، ڪئٿلڪ بيراڳڻيون، ڪئٿلڪ استاد، ۽ خدمتگار گرفتار ٿيندا رهيا ۽ پڻ ماربا رهيا ۽ شديد اذيتون ۽ عذاب سهندا رهيا. ڪافي پادرين کي سندن علائقن مان ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو ويو. ڪيترن ئي عيسائي ڪٽنبن لاءِ، خاص طرح ٻهراڙين جي ايراضين ۾، پاڻ ۾ گڏجي ويهي بائيبل جي دؤر ڪرڻ يا عبادت ڪرڻ تي بندش وڌي ويئي. ڪئٿلڪ ديوليون، چرچ جي ريڊيو اسٽيشن، ڪئٿلڪ يونيورسٽي، اُنهن جا اسڪول ۽ ٻيا تعليمي ادارا، فوج جي سنگينن، مشين گنن، بمن ۽ بارودي حملن جا نشانا بڻيا. ۽ جيئن جو هي لفظ لکجي رهيا آهن، سلواڊور جي موجوده وڏي پادريءَ ۽ سندس معاونن کي سرڪاري طور موت جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڇو ته هو سرڪاري پوليس ۽ فوج جي موتمار ٽولن هٿان ماڻهن جي قتلام کي اڄ به نندين ٿا ۽ وڏي واڪ دنيا جي آڏو اُن کي پڌرو ڪن ٿا.

آسڪر روميرو ڪو سياسي اڳواڻ ڪونه هو، جيتوڻيڪ سندس زندگيءَ ۽ ڪم مان سياست جو عڪس ضرور مليو ٿي. اِن لحاظ کان هو گانڌي، مارٽن لوٿر ڪنگ ۽ بُنينگو کان مختلف هو، جيڪي حالانڪه مذهبي ماڻهو هئا پر سياسي طاقت رکندڙ اڳواڻ به هئا. روميرو صرف هڪ پادري هو. پادري يعني ”ريڍار“. اِن اکر جون اونهيون پاڙون عيسائي ۽ اسرائيلي ڪتابن ۾ کُتل آهن. قديم اسرائيلي پنهنجن بادشاهن کي ”ريڍار“ چوندا هئا، پر هنن لاءِ اصلي ۽ بي عيب ”ريڍار“ خدا جي ذات هئي. عيسائين لاءِ عظيم ريڍار حضرت عيسيٰ عليه السلام آهي، جنهن پاڻ کي هڪ ”سٺو ريڍار“ سڏيو ۽ چيو ته ”پنهنجي ڌڻ لاءِ هڪ حقيقي ريڍار ايترو جان نثار هئڻ کپي، جيئن ڌڻ کي بچائڻ لاءِ هو پنهنجي جان جي قرباني به ڏيئي ڇڏي.“ عيسائي پنهنجي چرچ جي اڳواڻن کي حضرت عيسيٰ جي ڪردار ۽ روشنيءَ ۾، ڌڻ جي ريڍار وانگر پنهنجو فرض پورو ڪندي ڏسڻ جي اُميد رکن ته حق بجانب آهن.

روميرو مطابق، هڪ پادريءَ جي حيثيت ۾ سندس فرض اِهو هو ته هو پنهنجي حلقي جي ماڻهن جي حفاظت ڪري، خدا ڏانهن اُنهن جي رهنمائي ڪري، پنهنجي ”رڍن“ لاءِ ”پاڻيءَ توڙي چاري“ لاءِ ڪوشش وٺي، کين نقصان ۽ مصيبتن کان بچائي- جيئن ريڍار پنهنجين رڍن کي بگهڙ کان بچائيندو آهي. هڪ ريڍار وانگر ڌڻ کي صحيح سلامت رکڻ ۽ هڪ رڍ جي ڌڻ مان نَسي وڃڻ تي وري اُن کي هٿ ڪرڻ سندس ذميداري هئي. هن پنهنجون ذميداريون ڪيئن پوريون ڪيون، اُن جو اندازو اُنهن لفظن مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي هن پنهنجي موت کان چند گهڙيون اڳ هڪ اخبار واري سان ڳالهائيندي چيا. جڏهن کيس خبر هئي ته کيس نه فقط مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون پر اُن جا سانباها به ٿي رهيا هئا: ”هڪ ريڍار طور آءٌ خدا جو شڪر گذار آهيان، جو هن مون کي منهنجي زندگي ٻين لاءِ وقف ڪرڻ جي همت عطا ڪئي- اُنهن لاءِ جن کي آءٌ پيار ڪريان ٿو ۽ اُنهن لاءِ به جيڪي منهنجي زندگي گل ڪرڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيل آهن.“

هڪ پادريءَ جو ڪم خدا ۽ ماڻهن جي گهري تعلق قائم ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي روحاني رهنمائي ڪرڻ آهي. جيتوڻيڪ عيسائي چرچ جي هر ميمبر تي هڪٻئي جي ذميواري آهي، پر دستوري طور مقرر ٿيل پادري اهڙيءَ ذميداريءَ لاءِ مڪمل طرح وقف هوندا آهن. هر پادري پنهنجي علائقي لاءِ ”ريڍار“ هو، پر روميرو ته سئن سلواڊور جو آرڪ ڀشپ، وڏو پادري هو. گويا هو وڏي علائقي جو ريڍار هو. اهڙِءَ طرح پوريءَ قوم پاران مٿس ڪي ذميداريون عائد ٿيون ٿي. حالانڪه ٻين پادرين جي پڻ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ اُهڙي ئي هڪ حيثيت هئي.

پادري نه سياسي ليڊر آهن ۽ نه ئي هئڻ گهرجن، ڇاڪاڻ جو چرچ ڪا سياسي تنظيم ناهي، پر چرچ ۽ اُن جي اڳواڻن جي بعض قدمن سياسي ماحول کي متاثر ڪيو آهي. روميرو جي چوڻ مطابق چرچ ۽ اُن جي عقيدي ۽ ايمان جي هميشه دنيوي مامرن تي ڇاپ رهي ٿي. چاهي اُها عملي قدم جي صورت ۾ هجي يا اهڙي ڪنهن گهربل قدم جي نه کڄڻ جي صورت ۾، ۽ اِهو اِنهيءَ ڪري، جو عيسائي عقيدو اسان کي دنيا کان الڳ ٿلڳ نٿو ڪري پر اُن ۾ مصروف ۽ ان سان ڳنڍيل ٿو رکي. چرچ ڪو اهڙو ”قلعو“ ناهي، جيڪو ”شهر“ کان جدا هجي. دراصل شهر جا واسي حضرت عيسيٰ جا پوئلڳ آهن، جيڪي ان ۾ رهن ٿا، ڪم ڪن ٿا، جدوجهد ڪن ٿا ۽ اُن جي چؤديواريءَ ۾ ئي مرن ٿا. عيسائيءَ لاءِ ضروري آهي ته هو صحيح رهڻي ڪهڻي اختيار ڪري، خاص طرح ٻين سان هو محبت ۽ انصاف ڪري. عيسائين جو عقيدو آهي ته حضرت عيسيٰ اسان کي گناهن کان بچائڻ لاءِ هن دنيا ۾ آيو، ۽ غلط عملَ ئي گناهه آهن. اهڙيءَ طرح هڪ پادريءَ جو اِهو فرض آهي ته هو پنهنجي ”ڌڻ“ کي گناهن کان ۽ گناهن جي بار کان بچائي.

ائين سئن سلواڊور جي وڏي علائقي جي ريڍار جي حيثيت ۾ هن اُنهن گناهن کي ننديو، جيڪي هن جي نظر ۾ عيسائي زندگيءَ يا تهذيب ۽ شائستگيءَ جي خلاف هئا: خاص طرح انصاف ۽ قانون جي بالادستيءَ جي نالي تي حڪومت جي ڪارندن طرفان ايذاءَ رساني، ماڻهن جون ظالمانه ۽ آمرانه گرفتاريون جن کي اڳتي هلي قتل ڪيو ويندو هو، جن جي قسمت جي فيصلي جي سندن پريشان حال خاندانن کي خبر به نه ملندي هئي، خاص طرح ڪمزور ۽ بي يارو مددگارن جا قتل، ججن ۽ سرڪاري عملدارن جون غلط ڪاريون ۽ سلواڊور جي شهرين جي اڪثريت، خاص طرح هاري طبقي، جي مفلسي، جهالت، ڪمزور صحت ۽ سندن موت جي تڪڙي رفتار، ۽ کين سياسي طاقت ۽ سياسي زندگيءَ کان محروم رکڻ واري عمل جي حرڪت وغيره.

جيتوڻيڪ عيسائين جي هميشه اِن ڳالهه تي گهري نظر رهي ٿي ته ماڻهو ڪيئن زندگي گذارين ٿا، پر ڪئٿلڪ چرچ خاص طرح پنهنجي ٻيءَ وئٽيڪن ڪائونسل (وئٽيڪن- فرمان- VII، 5-1962) دوران دنيا جي انساني معاملن تي نظرثاني ڪئي ۽ پنهنجي اُن ذميداريءَ کي نئون رُخ ڏنو. چرچ جي اُن ڪائونسل دنيا کي يقين دهاني ڪرائي ته خدا تعاليٰ جي طرفان چرچ کي سونپيل اِها مِشَنِ آهي ته خدا تعاليٰ جي رٿا ۽ نقشي مطابق دنيا جي مدد ڪري، ته جيئن پوريءَ دنيا ۾ انصاف، امن ۽ محبت لاءِ ”خدا جي حڪومت“ قائم ٿئي. توڙي جو خدا جي حڪومت مناسب وقت کان اڳ ڪماليت حاصل نه ڪري سگهندي، تنهن هوندي به عيسائين جو اهو فرض آهي ته دائماً اُن جي ڪماليت لاءِ جدوجهد ڪندا رهن، ۽ اِن جدوجهد جي هڪ حصي طور ضروري هو ته چرچ ماڻهن کي غربت ۽ ظلم کان نجات ڏيارڻ لاءِ اُنهن لکين ماڻهن جي اُن نجات جو اعلان ڪري، جيڪي سندس ئي پنهنجا ”ٻار“ هئا، سندس ئي پَٿَ جا پانڌِي هئا.

سلواڊور جهڙن ملڪن، لئٽن آمريڪا جي اڪثر ملڪن ۽ ٽِيءَ دنيا جي ملڪن مان مراد آهي غريبن جي دنيا جنهن جي خدمت ڪرڻ چرچ جو فرض آهي. سلواڊور جي اڪثريت غريب ۽ مفلس ماڻهن تي مشتمل آهي، پر اُنهن مان به ڪافي ته خوفناڪ حد تائين مسڪينَ آهن. وئٽيڪن II کان پوءِ لئٽن آمريڪا ۾ ڪئٿلڪ چرچ محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ته اُن کي غريبن جو پاسو ضرور وٺڻ گهرجي.

بحيثيت آرڪ ڀشپ جي، سندس ٽن سالن جي دؤر ۾، روميرو ديول ۾ آچر جي صبح وارن واعظن ۾ قوم جي دل ۽ ضمير جي آواز جي ڳالهه ڪئي. اهڙِءَ طرح ڪنهن ٻئي چرچ ۾ به، جتي ڪو مخالف گروپ موجود هوندو هو- جيئن اڪثر ٿيندو هو- اُتي به هن پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ کان ڪڏهن حذر ڪونه ڪيو. وڏيءَ ديول جي ريڊيو اسٽيشن سلواڊور جي ڪافي وڏي حصي ۾ سندس پيغام پهچائيندي رهي- سواءِ اهڙن موقعن جي، جڏهن بمباريءَ اُن کي خاموش ٿي ڪيو يا سرڪار طرفان اُن جي آواز کي بند ٿي ڪيو ويو.

عيسائي دين جي شريعت مطابق پادريءَ جو واعظ بائيبل جي تعليم جي سمجهاڻيءَ لاءِ هو. اِن جو مقصد هو ٻڌندڙن جي مدد ڪرڻ- جيئن اُن جي پيغام جو سندن زندگيءَ سان لاڳاپو رهي. روميرو پنهنجي پرچار ۾ سڄي هفتي بلڪه گذريل هفتن جا واقعا جهڙوڪ قتل، اغوا، اره زورائيءَ واريون گرفتاريون ۽ انساني حقن جي پائماليءَ جو عڪس پيش ڪندو هو. اُنهن مان ڪافي رپورٽون ته پوليس طرفان لکيون ئي نه وينديون هيون. روميرو جو واعظ انهيءَ معنيٰ ۾ ماڻهن جو آواز هو- اُنهن جو آواز جن کي آواز نه هو ۽ اُنهن جو آواز جيڪي گرفتار ڪيا ٿي ويا ۽ اُن جي مڃڻ کان پوليس ۽ سيڪيورٽي فورس انڪار ٿي ڪيو. هنن جا ڪٽنب تڏهن وڏي پادريءَ وٽ ايندا هئا، ڇو جو هنن جو ڪو ٻيو تدارڪ نه هو. نيٺ وڏيءَ ديول مظلومن جي قانوني امداد فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ آفيس قائم ڪئي ۽ اُنهن جي مقدمن لاءِ قانوني تدارڪ جون ڪوششون ورتيون. سئن سلواڊور ۾ روميرو جي اُن آفيس ۾، توڙي ڳوٺاڻن علائقن ۾ سندس دوري دوران، هن غريبن جون ڪيئي ڳالهيون ۽ ڳالهين تي ڳالهيون ٻُڌيون- مارڪٽ جون ڳالهيون، مارڻ، ايذاءَ رسانيءَ، گهرن کي باهين ڏيڻ ۽ فصلن کي تباهه ڪرڻ جون ڳالهيون ۽ قصا ٻڌا، ان جي ڪم جي دوران هن کي غريب جي قرب ۽ خلوص جي خبر پيئي، جنهن هن جي مهرباني ٿي مڃي ۽ اڪثر هن جي آڏو پنهنجي وفاداريءَ جو مظاهرو ٿي ڪيو. خاص طرح سلواڊور جو اهو غريب طبقو ئي هو، جنهن ديول جي آچر واريءَ گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ٿي ڪئي، ۽ هو پنهنجون دليون کولي هن کي مبارڪون ڏيندا هئا ۽ هن جا احسان مڃيندا هئا. جڏهن هن ڳوٺن جا دورا ڪيا، ته ڳوٺن جي رهواسين سندس استقبال ڪيو ۽ پڻ سوين هزارين خط لکي سندس همت افزائي ڪئي ۽ کيس پنهنجو ”آواز“ ۽ پنهنجو ”بچائيندڙ“ ۽ ”مددگار“ سڏيو.

روميرو جي وڏي پادري ٿيڻ کان اڳ ڪيترن ئي ننڍن ڳوٺن جي پادرين عيسائي عقيدو رکندڙ ننڍڙين برادرين جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ورتي هئي. هارين جا گروپ هفتي ۾ هڪ دفعو پاڻ ۾ ملڻ لڳا هئا. هو گڏجي بائيبل پڙهندا ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ بحث مباحثو ڪندا هئا. هو پنهنجي پنهنجي طبقي جي خوشحاليءَ لاءِ رٿائون ٺاهڻ ۽ اهڙا ليڊر چونڊڻ لڳا هئا، جيڪي عيسائي فلسفي ۽ بائيبل لاءِ تربيتي ڪاميٽين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. اهڙيون ڪاميٽيون هاڻي وچ آمريڪا جي وڏي حصي ۾ ۽ ٻين اهڙن سڄيءَ لئٽن آمريڪا جي ڀاڱن ۾ جهڙوڪ برازيل جي ملڪ ۽ ٻين هنڌن تي موجود آهن، جيڪي رومن ڪئٿلڪ چرچ جي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکون ٿيون.

بهرحال، ڪڙمين جي ميل ملاقات ۽ گڏيل قدم واريءَ سوچ مان سلواڊور جي جاگيردارن ۽ زميندارن کي زبردست خطرو ڏسڻ ۾ آيو. خاص طرح 1962ع کان پوءِ، جڏهن هزارين ڪڙمين کي ماريو ويو، ڇو ته مڪاني طور ملڪ جي هڪ علائقي ۾ اُنهن وڌيڪ سَهَڻَ جي طاقت نه ڏيکارنيدي، اُتي بغاوت ڪئي هئي- سلواڊور جا اُهي زميندار ۽ جاگيردار زبردست خوف ۽ هراس ۾ رهڻ لڳا هئا. لڳو لڳ، ملڪ ۾ ڪيتريون ئي عيسائي برادريون منظم ٿيڻ لڳيون هيون، ۽ ائين ڪئٿلڪ مفڪرن جي گذريل سوين سالن جي سوچ ۽ فڪر کان متاثر راڄن ۽ هارين جون تنظيمون پڻ وجود ۾ آيون. ڪيترن پادرين کي ڪڙمين جي تنظيمن ذريعي ۽ اُنهن جي سياسي دٻاءَ جي نتيجي ۾ سماج جي ڏاڍن ۽ زوردار گروهن کان سماجي انصاف جي حصول جي اُميد پيدا ٿي. اُنهن پوءِ اُنهن ڪڙمين جي تنظيمن جي همت افزائي ڪئي، ۽ اُنهن لاءِ سماجي انصاف توڙي سک ڀريءَ زندگيءَ جي اُميد جي پنهنجي پرچار کي وڌايو. عيسائي برادرين بائيبل جي تعليم ۽ اُن جي نئين تعبير ۽ تفسير جي روشنيءَ ۾ عام ماڻهن کي وڌيڪ باخبر ڪيو ته هو ڪهڙيءَ نه تڪليف ۽ پريشانيءَ واري زندگي گذاري رهيا هئا. مظلومن ۽ هيڻن کي حضرت عيسيٰ جو پيغام ياد ڏياريو ويو، جنهن ۾ ماڻهن واسطي باوقار زندگيءَ لاءِ ڪوشش جي تلقين ڪيل هئي. اُن کان پوـءِ گڏيل مقصد لاءِ عيسائي برادرين ۽ هارين جي جماعتن جو اتحاد هڪ ٻيو منطقي قدم هو. اُن اتحاد ۾، عيسائي برادرين هارين جي تنظيمن جي، ڪٿي ڪجهه قدر ۽ ڪٿي گهڻي قدر، اڳواڻي پڻ سنڀالي. وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن کي ائين عيسائي برادرين ۽ خالص هاري تنظيمن ۾ ڪو خاص فرق ڏسڻ ۾ نٿي آيو. ڇو ته گهڻو ڪري ساڳيا ماڻهو، ساڳيا هاري ۽ ڪمي ڪاسبي ۽ اُنهن جا اڳواڻ ٻنهي هنڌ موجود ڏسڻ ۾ ٿي آيا.

22 فيبروري 1977ع تي جڏهن آسڪر روميرو آرڪ ڀشپ ٿيو، ته هن کي اُميد ڪانه هئي ته ڪو هو غريبن جو ايڏو سگهارو مددگار يا نجات ڏياريندڙ ثابت ٿي سگهندو. سلواـڊور جي مشرق ۾ هڪ ننڍي جابلو ڳوٺ ۾ هو ڄائو هو. 13 سالن جي عمر ۾ هن کي هڪ عيسائي مدرسي ۾ ويهاريو ويو هو. هن جي ذهني لاڙي علائقي جي پادريءَ کي آماده ڪيو ته کيس اعليٰ مذهبي تعليم لاءِ روم موڪليو وڃي، جتي 1942ع ۾ کيس پادريءَ جو جبو عطا ڪيو ويو. روم ۾ ڇهه سال رهڻ سبب هن جي مَنَ ۾ پوپ ۽ هن جي آفيس سان وفاداريءَ ۽ عقيدت منديءَ جا جذبا پختا ٿيا. 1943ع ۾ سلواڊور واپس اچڻ تي هن سئن مائيڪل شهر جي ننڍي پادريءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪيو. هن پنهنجي اُن منصب جا فرائض سرانجام ڏيندي، اخبارن ۾ لکڻ، تقريرون ڪرڻ ۽ مڪاني ريڊيو تان ڳالهائڻ جي ڪم ۾ پاڻ کي مصروف رکيو، جيڪو ڪم اُن وقت ۽ اُنهن حالتن ۾ هڪ پادريءَ لاءِ خلاف توقع هو. 1967ع ۾ پادرين جي هڪ ڪانفرنس کيس سيڪريٽري جنرل چونڊيو ۽ هو اِئين سئن سلواڊور (سلواڊور جي گاديءَ جي شهر) روانو ٿيو. هن جي ذهني تازگيءَ ۽ توانائيءَ ۽ عملي صلاحيتن آرڪ ڀشپ لوئيس چاويز کي متاثر ڪيو، جنهن کيس پنهنجو خاص معاون مقرر ڪيو. ائين 1970ع ۾ کيس ڀشپ بنايو ويو ۽ ڀشپن جي ڪانفرنس گڏ ڪرڻ لاءِ هن وڏي پادريءَ جي ڪافي مدد ڪئي. پنهنجي ذميدارين جي علاوه هن کي ”ديولين جي اخبار“ جو ايڊيٽر ۽ پادرين جي تربيتي درسگاهه جو ناظم مقرر ڪيو ويو. 1974ع ۾ پوپ کيس سئن مائيڪل ويجهو سنتياگو- ڊي- ماريا شهر جو ڀشپ مقرر ڪيو، جتي هو آرڪ ڀشپ ٿيڻ تائين قائم رهيو.

هڪ پادريءَ ۽ ڀشپ جي حيثيت ۾ هن پنهنجي عملي توانائيءَ، مذهبي ڄاڻ ۽ چرچ لاءِ ايثار جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. پر ساڳئي وقت وئٽيڪن فرمان (5-1962ع) کان پوءِ چرچ ۾ جيڪي نوان خيال يا لاڙا ڀريا، تن جي باري ۾ هن ڪافي محتاط رويو اختيار ڪيو. سئن سلواڊور جي معاون پادريءَ جي حيثيت ۾ پڻ هن پادرين ۽ پادرين جي سينيٽ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ کان حذر ڪيو، جن ۾ انهن نون خيالن ۽ لاڙن جي روشنيءَ ۾ پاليسيون ۽ عملي رٿائون طئي ڪيون وينديون هيون. هن کي وئٽيڪن جو اعلان قبول ته هو، پر ان مان جيڪي نتيجا ٻين اخذ ٿي ڪيا، سي هن پنهنجي لاءِ قابل عمل نه ٿي سمجهيا- ڪائونسل چرچ کي ” خدا جي بندن ۽ خادمن جي جماعت“ سڏيو هو، جيڪي ڌرتيءَ تي خدا جي حڪومت جو تعميراتي ڪم ڪري رهيا هئا، ته جيئن دنيا تباهيءَ کان محفوظ رهي، ۽ اُن خدا جي حڪومت جو تعميراتي ڪم ازل تائين جاري رهي سگهي. روميرو زندگيءَ جو وڏو حصو چرچ سان وابسته گذاريو هو، جنهن ۾ زور اِن ڳالهه تي هو ته اختيار مٿان کان يعني پوپ اعظم کان ٿيندو ڀشپن ۽ پادرين ۽ پوءِ عام ميمبرن تائين رسيو ٿي. ۽ انهن سڀني کي پنهنجن عملن سان پنهنجي آخرت سنوارڻي هئي. هي ٻه رخ هئا، جن وچ ۾ روميرو کي پنهنجي پسند جو فيصلو چرچ جي هڪ بااختيار ۽ ذميدار عهديدار طور ڪرڻو هو. روميرو زندگيءَ جو وڏو حصو چرچ ۾ گذاريو هو، ۽ سدائين هو اُن جي دستوري رخ يعني نرم رخ سان وابسته رهيو هو. انهيءَ ڪري هن کي پنهنجي هڪ رخ ۽ ذهنيت کي ٻئي تيزيءَ واري دائري عمل ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وقت ۽ تجربو گهربل هو. پر هن آخر ڏٺو ته چرچ ۽ انسان خدا جي ماتحت هئا، ۽ هن ذاتي طور سوچيو ته هن کي اُن واعدي جو حامي هجڻ گهرجي، جيڪو انسانن لاءِ خدا تعاليٰ طرفان آهي، جيڪو اسان کي پيار ڪري ٿو: جڏهن اسين بي انصافين جي ڳالهه ٿا ڪريون ته اڄ اسان کي اُلٽو ننديو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته اسين سياست ڪري رهيا آهيون؛ پر اهو سڀ ڪجهه ته خدا جي ئي حڪم مطابق آهي، جو اسين ڌرتيءَ تي ٿيندڙ بي انصافيءَ خلاف ڳالهايون ٿا!

روميرو کي چرچ جي روايتي انفراديت مائل نرم رخ ۽ روش کان پاڻ کي موڙي اُن جي ٻئي عوام دوستيءَ جي رخ ڏانهن وڌڻ تي اُن وقت مجبور ٿيڻو پيو، جڏهن هن خود چرچ کي به انسان دشمنن جي حملي جي زد ۾ ڏٺو. جڏهن هيءُ وڏو پادري ٿيو، تڏهن سلواڊور جي حڪومت ڪيترن ڪمن ڪندڙ غير ملڪي پادرين کي ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏي. سندس هڪ تقرير جي ٽن هفتن کان پوءِ هڪ عوام دشمن بندوق باز هڪ ڳوٺاڻي پادريءَ ۽ ٻن اُن جي معاونن کي ماري ڇڏيو. اُن پادريءَ، روٽيلو گرئنڊيءَ، کي روميرو ۽ سلواڊور جا سڀ پادري سڃاڻيندا هئا ۽ هن جي عزت ڪندا هئا. ”اهو واقعو مون لاءِ خدا جي سڏ وانگر هو!“ هن پوءِ پنهنجن ساٿي پادرين کي چيو. هن جي تحرڪ سان، وڏيءَ ديول طرفان، گرئنڊيءَ جي موت خلاف احتجاج طور ڪئٿلڪ اسڪول ٽن ڏينهن تائين، ۽ آچر جي هفتيوار گڏجاڻيءَ کان سواءِ، چرچ جون سڀ مجلسون بند رکيون، ۽ اُن آچر جي هفتيوار هڪ گڏجاڻيءَ ۽ هڪ ايلسواڊور جي مرڪزي چونڪ ۾ سڀني ماڻهن کي اچڻ جي عام دعوت ڏني. ايندڙ هفتن ۾ ٻئي پادريءَ کي حڪومت طرفان ملڪ نيڪالي ڏني ويئي؛ سرڪار پسند هڪ بندوق باز هڪ ٻئي پادريءَ ۽ اُن جي هڪ معاون کي قتل ڪيو. ۽ پوءِ فوجن شهر تي حملو ڪيو ۽ ڳوٺ ۾ جتي روٽيلو گرئنڊي ڪم ڪندو هو، درجن ماڻهن کي بنان پڇا ڳاڇا جي، ماري ڇڏيو.

ڪرنل آرٽيرو آرمئنڊو مولينا اُنهن پهرين مهينن دوران ريلسواڊور جو صدر هو. روميرو کيس اڳيئي سڃاڻيندو هو. اُن ڏانهن، 1975ع ۾ سنتياگو- ڊي- ماريا جي هڪ علائقي ۾ پنجن هارين کي دفاعي فوجن طرفان ماري ڇڏڻ تي هن هڪ احتجاجي خط موڪليو هو. گرئنڊيءَ جي موت کان پوءِ آرڪ ڀشپ روميرو ان وقت تائين سرڪاري ڪمن ۾ حصي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جيستائين سرڪار طرفان اُنهيءَ قتلام خلاف تحقيقات نه ڪرائي ويئي هئي، پر اڄ تائين، بهرحال سرڪار طرفان اُن شهر جي عام قتلام توڙي گرئنڊيءَ جي قتل بابت ڪابه تحقيقات نه ڪرائي ويئي. پهرين جولاءِ تي مولينا جي جانشين، جنرل ڪارلوس همبرٽو، عهدو سنڀاليو. آرڪ ڀشپ روميرو ان تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي، حالانڪه روايتي طرح سڀيئي پادري اهڙين تقريبن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. هن پنهنجي ماتحت ٽن ڀشپن کي پڻ شريڪ ٿيڻ کان روڪيو، پر اُنهن مان ٻن ڀشپن ۽ نانشو نالي پوپ جي خاص نمائندي اُن تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

ائين آرڪ ڀشپ روميرو جي حڪومت سان ڇڪتاڻ ختم ڪانه ٿي بلڪه جاري رهي. آرڪ ڀشپ روميرو پوءِ آگسٽ 1977ع ۾ نئين صدر جي دعوت تي ساڻس ملڻ ويو. ملڪ جي نئين صدر سان اُن ملاقات دوران آرڪ ڀشپ هن جي آڏو چرچ ۽ ماڻهن خلاف سرزد ٿيل ڏوهن، پادرين جي ڏيهه نيڪاليءَ ۽ عام خونريزين جي تحقيقات نه ڪرائڻ، پادرين کي سندن علائقن ۾ واپسيءَ تي خوفزده ڪرڻ، پوليس جي قبضي ۾ موجود ماڻهن جي گمشدگيءَ، عام دهشت ۽ دٻاءُ جي ماحول، وارنٽن کان سواءِ عام گرفتارين ۽ شنوائيءَ کان سواءِ ماڻهن کي جيلن ۾ اندر رکڻ، سلواڊورين پادرين جي ٻاهرين ملڪن کان واپسيءَ تي بندش ۽ چرچ خلاف سرڪاري حلقن طرفان مسلسل پروپيگنڊا ۽ الزام تراشين جي فهرست پيش ڪئي. هن تجويز پيش ڪئي ته فوجي اڳواڻ چرچ جي نمائندن سان گڏجاڻيون ڪري، چرچ جي سماجي فلسفي جو اڀياس ڪن ۽ ڀلي خاطري ڪري ڏسن ته اُهي هرگز ڪميونسٽ يا منفي رجحان رکندڙ نه آهن. هن سرڪار تي زور ڀريو ته ماڻهن جي حالت بهتر بنائڻ ۽ ملڪ ۾ بنيادي اصلاحات نافذ ڪرڻ لاءِ اهم ۽ جاندار فيصلا ڪيا وڃن.

هن جي تجويز جي موٽ ۾ ٺلهين چند گڏجاڻين کان وڌيڪ ڪجهه به نه ٿيو. سڄي جدوجهد ۽ سڀ ڳالهيون بيڪار ثابت ٿيون. آرڪ ڀشپ هڪ مهيني بعد جيڪو تاڪيدي خط صدر کي لکيو، ان جو جواب به وري کيس نه مليو. ساڳئي وقت سرڪاري فوجن هڪ ڪئٿلڪ روحاني تحريڪ، ”ڪرسيلاس ڊي ڪرسٽينڊاد“، جا ٻه هاري اڳواڻ ماري وڌا. نومبر ۾ فوجن ملڪ جي مشرقي حصي ۾ اوسيڪالا جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي ۽ اُتان وڏيءَ ديول جي ٻاهران پادريءَ ۽ ٻين مذهبي ا ڳواڻن کي مارڪٽ ڪئي ۽ ايذاءَ رسايا. ٽن هفتن بعد حڪومت هڪ ”پبلڪ آرڊر لا“ جاري ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي عام ڳالهين کي سياسي ڏوهه قرار ڏنو ويو، ۽ اُنهن لا ڳريون ڳريون سزائون مقرر ڪيون ويون. ماڻهن جي عام گرفتارين ڪرڻ جا باقاعدي اختيار پوليس کي ڏنا ويا ۽ حڪومت جي دٻڙ دؤنس وارن قدمن کي قانوني پوشاڪ پهرائي ويئي. ريلسواڊور جي عام ماڻهن ۽ پادري برادريءَ جي شديد احتجاج جي باوجود، فيبروري 1979ع تائين هيءَ ظلمي صورتحال سڄي ملڪ ۾ جاري رهي.

مارچ 1978ع ۾ حڪومت جي قائم ڪيل هڪ نيم فوجي هارين جي تنظيم ”آرڊين“ جي ميمبرن، سئن سلواڊور جي اوڀر ۾ چند ميلن جي مفاصلي تي سئن- پيڊرو- پيرو- لاپن شهر جي آسپاس ظلم جي بازار گرم ڪري ڏني. ظلم جي ردعمل ۾ ڀڳل ماڻهن لاءِ وڏيءَ ديول پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا، ۽ مذهبي درسگاهن کي اُنهن لاءِ رهڻ جي گهرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. آرڪ ڀشپ روميرو ظلم ۽ زيادتين جي تحقيقات لاءِ هڪ ڪميشن مقرر ڪئي ۽ پنهنجن واعظن ۾ اُنهن ظلمن ۽ زيادتين جا سنوان سڌا ذڪر ڪيا. اُنهن ڏينهن ۾ ريلسواڊور ۾ ههڙن واقعن خلاف صرف هِن جو ئي هڪ آواز سچ جو آواز سمجهيو ويندو هو. 30 اپريل تي هن وڪيلن جي ان عرضداشت جي تصديق ڪئي، جنهن ۾ وڪيلن شڪايت ڪئي هئي ته سندن اصيل قيدين کي مقدمن جي ڪارروائيءَ لاءِ ڪورٽ ۾ آندو وڃي ٿو، ته اُنهن جي جسمن تي پوليس هٿان مارڪٽ جا نشان موجود هجن ٿا، ۽ ججن جي آڏو پوليس جا اُهي ئي ماڻهو اُنهن کي دٻائين ۽ هيسائين ٿا، جن جي هٿان ئي هنن جي اها مارڪٽ ٿيل هئي. هُن اها به کلم کلا شڪايت ڪئي ته سپريم ڪورٽ به، جنهن جو ڪم هيٺين عدالتن جي اهڙين بي انصافين تي نظر رکڻ آهي، اُن ۾ ڪوبه گهربل تدارڪ نه ڪيو هو. جن ججن حڪومت ۽ حڪومت جي عملدارن ۽ همدردن جي ائين ڏٺي وائٺي پاسخاطري ڪئي ٿي. اهڙن ججن کي هُن سرڪار وٽ ۽ دولتمند ماڻهن وٽ ”وِڪيل مال“ سڏيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن کي سپريم ڪورٽ جو خط مليو، جنهن ۾ هن کان ”بد ڪردار ججن“ جا نالا پڇيا ويا هئا. 14 مئي تي پنهنجي واعظ ۾ هن اُنهيءَ خط جو جواب ڏنو، جنهن کي سڄي ملڪ به ٻُڌو، ڇو ته سپريم ڪورٽ پنهنجو خط به اخبارن ۾ اڳي ئي شايع ڪرائي ڇڏيو هو. اُن مان سرڪار جو مقصد هو ته کيس ائين اُنهيءَ ساڳئي ”بد ڪردار“ عدالتي نظام آڏو آندو وڃي، جنهن تي هن تنقيد ڪئي هئي، پر هن پنهنجي واعظ ۾ جيڪو کليو کلايو جواب ڏنو، سو اهو هو ته هن ”بدڪردار ججن“ جو اصطلاح ڪتب ڪونه آندو هو، جيڪو هن ڏانهن سپريم ڪورٽ جي خط ۾ منسوب ڪيو ويو هو. هڪ پادريءَ جي حيثيت ۾ عدالت اڳيان زيادتين جي نشاندهي ڪندي هن فقط عدالت کي پنهنجو فرض ياد ڏياريو هو ته انصاف جي ناڪاميءَ ۽ انساني حقن جي پائماليءَ جو تدارڪ ڪيو وڃي، جيڪا ناڪامي ۽ پائمالي خود عدالتن جي احاطن ۾ ئي پيش ايندي ڏٺي پئي ويئي. جج ملزمن جا قبوليت ناما جيڪي کانئن اذيتناڪ مارڪٽ کان پوءِ ورتا ويا ٿي، قبول ڪري رهيا هئا. وارنٽن کان سواءِ گرفتار ٿيل ماڻهن کي ڪورٽ ۾ حاضر ڪئي وڃڻ جي حق کان محروم رکيو پئي ويو، ۽ جج ان سلسلي ۾ پنهنجي مجبوري ظاهر ڪري رهيا هئا. گرفتار ٿيلن جون مائرون ۽ ٻيا اُنهن جي ڪٽنب جا ماڻهو مهينن جا مهينا بيڪار ڪورٽن جا در کڙڪائيندا ٿي رهيا ته کين رڳو پنهنجن عزيزن قريبن جا پتا نشان ٻُڌايا وڃن ته هو ڪٿي بند هئا ۽ ڪهڙن ڏوهن ۾ جهليل هئا؟ هر ڀيري پوليس توڙي فوج جي طرفان اهڙن گرفتار ٿيل ماڻهن جي باري ۾ لاعلميءَ جا اظهار ٿيندا ٿي رهيا. ملڪ نيڪالي ڏنل ماڻهن کي واپس پنهنجي وطن موٽڻ نٿي ڏنو ويو. ماڻهن کان جماعت ٺاهڻ جو حق توڙي هڙتال ڪرڻ جو حق کسيو ويو هو- حالانڪه سلواڊورين آئين توڙي عالمي انساني حقن جي اعلان مطابق اُنهن حقن جو ريلسواڊور جي ماڻهن کي يقين ڏياريل هو- ۽ پوءِ به سپريم ڪورٽ اُنهن  حقن جي حفاظت لاءِ ڪجهه نه پئي ڪري سگهي! هُن طرفان لڳايل الزام، عدالت کي بدنام ڪرڻ لاءِ نه، پر اصلاح لاءِ هئا.

”آءٌ اِن ۾ عقيدو ٿو رکان ته هڪ ريڍار جي حيثيت ۾ منهنجو اهو فرض آهي، جيڪو انجيل سڳوري طرفان مون تي رکيو ويو آهي، ته ماڻهن سان ٿيندڙ بي انصافيءَ خلاف آواز بلند ڪريان. اُن جي نتيجي ۾ آءٌ مقدمي کي منهن ڏيڻ يا جيل ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيان، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ سان هو رڳو پاڻ کي هڪڙي وڌيڪ بي انصافيءَ جي عمل جا گنهگار ئي بڻائيندا.“

آرڪ ڀشپ جي هن جواب کان پوءِ اُن سڄي واقعي کي اُتي ئي بند ڪيو ويو، ۽ اُن بابت وري عدالت طرفان ڪا وضاحت ڪانه ڪئي ويئي.

1978ع جي آخر ڌاري هڪ ٻيو پادري ماريو ويو. حڪومت طرفان ان لاءِ چيو ويو ته حڪومت جي نئشنل گارڊن ۽ انقلابين جي هڪ گروپ جي وچ م گولين جي ڏي وٺ ۾ هيءُ پادري به مئو هو. آرڪ ڀشپ طرفان مقرر ڪيل تحقيقاتي ڪميشن، بهرحال، اُن نتيجي تي پهتي ته پادريءَ ۽ ٻين مقتولن کي گولين جي نشاني بنائڻ کان پوءِ ئي اُهو گولين جي ڏي وٺ جو ڊرامو رچايو ويو هو. بهرحال، ان ڳالهه جي ثبوت تي ته مقتول پادري ارنيسٽ پريرا کي انقلابي گروپ سان همدردي هئي، ۽ هُن شايد ساڻن گڏجي ڪم به ڪيو هو، روميرو پنهنجو ڏک به ظاهر ڪيو، ۽ عام اعلان ذريعي هن سڀني پادرين لاءِ تنبيهه جاري ڪئي ته آئنده هو سندس مشوري ۽ اجازت کان سواءِ ڪهڙيءَ به نوعيت جي سياسي ڪم ۾ حصو نه وٺندا.

هن چيو ته چرچ سڀني سياسي گروپن کان مٿانهين ۽ خود مختيار آهي، ۽ هر پادري چرچ جي نمائندگي ڪري ٿو، ۽ چرچ ان دهشت گرديءَ جي ڪاررواين کي ڪڏهن به نظرانداز نٿي ڪري سگهي، جيڪي ٻنهي طرفن جي بعض ٽولن شروع ڪري رکيون هيون.

جنوري 1979ع ۾ هڪ ٻيو پادري ۽ چار ٻيا نوجوان هڪ پناهه گاهه ۾ ان وقت فوجن جي گولين جو شڪار بڻجي ويا، جڏهن هو عبادت لاءِ اُتي ويل هئا. مٿان ان شڪ ۾ گولي هلائي ويئي ته گڏجاڻي انقلابين جي هئي. آرڪ ڀشپ مرڪزي پلازا ۾ تدفين لاءِ گڏ ٿيل هزارن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته صدر همبرٽو جي اها دعويٰ ته ريلسواڊور ۾ چرچ جي خلاف ڪو به ظلم روا رکيو نه ويو آهي، نسورو ڪوڙ آهي.

جلد ئي پوءِ آرڪ ڀشپ روميرو ميڪسيڪو ۾ لئٽن آمريڪا جي پادرين جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٽن هفتن لاءِ ويو، جتي هُن غريبن لاءِ سماجي انصاف گهريو، ۽ ستايل ماڻهن تي روا رکيل ظلم ۽ زبردستيءَ جي خاتمي جي گهر ڪئي. 1968ع ۾ ڪولمبيا جي شهر ميڊلن ۾ پادرين گڏجاڻي ڪري، ان امڪان تي غور ڪيو هو ته ”وئٽيڪن ٻئي“ جي فرمان ذريعي چرچ کي مليل هدايتون لاطيني آمريڪا ۾ ڪيئن عمل ۾ آنديون وڃن: ان گڏجاڻيءَ ۾ هنن فيصلو ڪيو هو ته غريب خلق لاءِ انصاف ۽ مظلومن لاءِ آزاديءَ واسطي عملي ڪم ڪيو وڃي. اُتي ميڊلن شهر ۾، جيڪو هنن اهو فيصلو ڪيو هو، اُن جي هاڻي هنن ميڪسيڪو ۾ تصديق ڪئي ۽ چرچ تي زور آندو ته عوام کي چرچ ۽ سماج جي معاملات ۾ پوري حصي وڄڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ اُن لاءِ سندن هر طرح جي مدد، رهنمائي ۽ همت افزائي ڪئي وڃي. روميرو اُتان ميڪسيڪو مان واپس اچڻ تي ماڻهن کي ٻڌايو ته ”ميڊلن“ جي مشاورت ۾ پادرين ڇا سوچيو هو ۽ ڪهڙا فيصلا ڪيا هئا، ۽ وڌيڪ هُن ملڪ جي سياستدانن، ڪارخانيدارن، ماهرن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي خلوص دل سان اپيل ڪئي هئي ته:

”توهان وٽ قوم جي مسئلن جي حل جي ڪُنجي آهي. پر چرچ توهان کي اها شيءِ ڏيئي رهي آهي، جيڪا توهان وٽ ڪانهي. ۽ اُها آهي اُميد، جدوجهد لاءِ آس ڀريو جذبو ۽ هيءُ فهم ته اسان لاءِ دنيا ۾ هتي ئي سئين راهه آهي، ۽ اُن جي مسرت ته خدا اسان جو مالڪ آهي ۽ اسان کي زور ۽ ڏاڍ کان محفوظ رکي ٿو.“

مئي 1979ع ۾ حڪومت طرفان احتجاجي مظاهرين تي بار بار گوليون هلائي کين ڇڙو ڇڙ ڪيو ويو. مهيني جي آخر تائين 115 مئا، 55 گرفتار ٿيا، جن مان 30 غائب ٿي ويا، جن کي شايد هميشه لاءِ گم ڪيو ويو، ۽ اُهي وري ڏسڻ ۾ نه آيا. جون 1979ع ۾ 123 مئا، 47 گرفتار ڪيا ويا، جن مان 18 غائب قرار ڏنا ويا، ڪيترا سارا زخمي ٿيا، ڪافي گاڏيون، جايون ۽ جڳهون تباهه ڪيون ويون. وڏي پادريءَ امن جي اپيل ڪئي. هڪ وڌيڪ پادري نامعلوم ماڻهن هٿان مارجي ويو. روميرو ان کي اهڙي هڪ سٺي ۽ سرگرم پادريءَ طور ساراهيو، جنهن عيسائي برادريءَ جي هيڻن ۽ ننڍن ڪٽنبن جي رهنمائيءَ ۽ مدد لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو.

”اسين پنهنجن استادن، مزدورن ۽ هارين سان گڏ پنهنجن پادرين جو خون پيش ڪري سگهون ٿا. اهو محبت جو سنگ ميل آهي، اهو افسوسناڪ ٿيندو ته هڪ اهڙي سرزمين، جتي ظالمانه نموني قتل ٿيندا هجن، اُتي مظلومن ۽ متاثر ٿيلن سان گڏ پادري نه هجن. اُهي چرچ جي ساک آهن ۽ ثبوت آهن، ته هنن پنهنجي ”ڌڻ“ جي معصوم ماڻهن پاران قرباني ڏني.“

فساد جاري رهيا. آگسٽ 1979ع ۾ هڪ ٻئي علائقي جو پادري هڪ پوليس آفيسر هٿان مارجي ويو. آرڪ ڀشپ هڪ ڳوٺ جي دوري تي وڃي رهيو هو، ته فوجين هن جي ڪار کي روڪي، ان جي تلاشي ورتي، سيپٽمبر ۾ ڪن فوجي آفيسرن هن کي اعتماد ۾ ورتو ته صدر همبرٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويندو ۽ ان جي جاءِ فوجي آفيسرن ۽ شهرين جي هڪ اصلاح پسند حڪومت والاريندي. 15 آڪٽوبر تي انقلاب برپا ٿيو ۽ وڏي پادريءَ روميرو ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو هاڻي خاموش رهن ۽ نئين حڪومت کي پنهنجن واعدن نڀائڻ جو موقعو ڏين.

پر نئين حڪومت ”حفاظتي فوجن“ کي قابو رکڻ ۾ ناڪام ويئي، ۽ 1979ع جي آخر ڌاري حڪومت سان شريڪ نيڪ نيت شهرين ڏٺو ته هو حڪومت سان وڌيڪ معاهدو ۽ شرڪت جاري رکي نٿا سگهن. 2 جنوري 1980ع تي وڏو پادري اعليٰ آفيسرن جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو، جتي هن کين تلقين ڪئي ته هرڪو پنهنجي ضمير جي آواز پٺيان قدم اڳتي وڌائي. سڀني استعيفيٰ جو فيصلو ڪيو. حڪومت جون سموريون واڳون ائين وري به اُنهن ئي فوجي آفيسرن جي حوالي ڪيون ويون (جيڪي هونئن به اُنهن ئي جي هٿن ۾ هيون)، جن همبرٽو جي خلاف انقلاب عمل ۾ آندو هو، ۽ اهو فيصلو ٿيو ته هاڻي ڪرسچن ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ جي همدرديءَ ۽ تعاون سان اُهي حڪومت هلائڻ جي ڪوشش ڪندا.

1980ع ۾ جيئن ئي مخالف قوتن هڪٻئي سان اتحاد ڪرڻ شروع ڪيو، سابق اصلاحي حڪومت جي ڪن ميمبرن هنن سان اشتراڪ ڪيو. حالتون گهرو لڙائيءَ جي ويجهو پهچي ويون هيون، جيڪا روميرو جي موت کان پوءِ ڇڙي پئي هئي. آرڪ ڀشپ روميرو ذاتي طرح هر اُن ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ لاءِ تيار هو، جنهن هن سان ڳالهائڻ چاهيو ٿي ته جيئن، امن، محبت ۽ سڀني لاءِ انصاف جي ڳولا ڪري سگهجي. هن جا آخري مهيني جا واعظ ڏاڍا جوشيلا ۽ فصيح هئا. هن ماڻهن کي خونريزي بند ڪرڻ ۽ اختلاف رکندڙن جي راءِ جي آزاديءَ لاءِ ۽ اُنهن جي رضامنديءَ مطابق حڪومت جي نئين سرشتي جي تلاش ڪرڻ لاءِ چيو- هُن درد ڀريءَ دل سان سڀني کي چيو ته ”آزاديءَ لاءِ ماڻهن جي دانهن هڪ اها پڪار آهي، جيڪا عرض تائين وڃي ٿي، جنهن کي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي.“ هُن ائين تسليم ڪندي، ته وقت اچي ويو هو، جو ماڻهن جو منظم محاذ يعني مزدورن، شاگردن ۽ غريب ماڻهن جو وڏو حصو، هاڻي گهڻو وقت انصاف جي حصول لاءِ انتظار نه ڪندو ۽ وڌيڪ خونريزيون برداشت نه ڪندو، جيڪي پُرامن تبديلي آڻڻ جي پاداش ۾ کين سر تي سهڻيون پئجي رهيون هيون،- هو وري به ٻنهي ڌرين تي امن لاءِ ڳالهين ڪرڻ تي زور ڀريندو رهيو: پر اُهو سڀ ڪجهه گهريلو لڙائيءَ کان بچڻ لاءِ، جيڪا هو پنهنجي اکين آڏو اڳواٽ ڏسي رهيو هو.

23 مارچ تي هن جي آخري آچر واري واعظ ۾ هن حڪومت ۽ ان جي هٿياربند فوج کي اپيل ڪئي ته پاپيولر آرگنائيزيشن (عوامي تنظيم) تي ظلم ۽ زبردستي بند ڪئي وڃي، ۽ فوجي جوانن کي چيائين ته پنهنجي ڪڙمي ڀائرن ۽ ڀينرن کي مارڻ بند ڪريو! سندس انهن اکرن جي جواب ۾ ٻئي ڏينهن هڪ ننڍيءَ اسپتال جي ننڍيءَ ديول ۾ جتي هو رهندو هو، واعظ ڪندي خود کيس به گوليءَ جو نشانو بنايو ويو. هن پنهنجي آخري واعظ ۾ چيو:

”سماج جي بهتريءَ لاءِ اسين جدوجهد جي ضرورت کان بخوبي واقف آهيون. خاص طرح اُن وقت، جڏهن بي انصافي ۽ گناهه پنهنجي پوريءَ قوت سان موجود هجن، اِها جدوجهد ئي آهي، جيڪا خدا تعاليٰ عطا ڪري ٿو، جيڪا خدا تعاليٰ چاهي ٿو، جيڪا خدا تعاليٰ اسان کان گهري ٿو.“

 

حيدرآباد، سنڌ، 1984ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org