سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :9

 

آسماني بادشاهت، هيٺ ڌرتيءَ تي، هِن دنيا ۾

مسيح عليه السلام جو قول آهي ته، ”آسماني بادشاهت جي ڪُنجي ٻارن جي هٿ ۾ آهي.“ پنهنجي دؤر جي مذهبي پيشوائن کي مخاطب ٿيندي، هُن چيو: ”اوهين ماڻهن کي آسماني بادشاهت ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ٿا، ۽ نه پاڻ ئي اُن ۾ داخل ٿا ٿيو.“

مسيح عليه السلام جي نظر ۾ ”آسماني بادشاهت“ ڪهڙي هئي؟ ان جي ڪُنجي ڇا هئي ۽ اها ٻارن جي هٿ ۾ ڪيئن هئي؟ مذهبي پيشوائن ماڻهن کي اوڏانهن وڃڻ کان ڪيئن روڪيو، ۽ هو پاڻ اُن ۾ ڇو نٿي داخل ٿي سگهيا؟

مسيح چيو ٿي ته هو هِن دنيا ۾ آسماني بادشاهت قائم ڪرڻ ٿو چاهي، ۽ جڏهن 23 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ ئي ديني پيشوائن ۽ دنيائي حاڪمن، جيڪي انهن جا آقا هئا، هُن کي صليب تي چاڙهي شهيد ٿي ڪيو، ۽ اُن لاءِ کيس ڪُلهي تي صليب کڻائي، جلوس جي شڪل ۾ مقتل ڏانهن وٺي ٿي ويا، تڏهن سندس مٿي تي هُنن ڪنڊن جو تاج پهرايو هو، ۽ سڄي واٽ مٿس چٿرون ڪندا ٿي ويا ته، ”اِهو آهي تنهنجي آسماني بادشاهت جو تاج، جنهن جو تون بادشاهه ٿي بڻئين!“

تاريخ جي هيءَ ٺوس حقيقت آهي ته انساني سماجن جون سڀ تحريڪون- ديني توڙي دنيوي پوءِ ڪيتري قدر به ڏسڻ ۾ اُهي الڳ الڳ يا گڏيل سڏيل اچن- هِتي هِن دنيا ۾، انساني سماجي زندگيءَ جي اصلاح ۽ انقلاب جون تحريڪون هيون. جهيڙو يا ٽڪر ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ هو، سڄي ڪوشش ۽ جدوجهد ظلم کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جي هئي. نعرا، موقف ۽ نظريا ڪهڙا به هئا، ڪٿان به هئا، ڪنهن جا به هئا، پر اُنهن سڀني جي پٺيان ۽ اُنهن جي آڙ ۾ پڌري پٽ يا لِڪ ۾، سماجي طرح جيڪا ڳالهه نبري رهي هئي، يا جيڪو مسئلو حل ٿي رهيو هو يا اُن جي حل جو رستو صاف ٿي رهيو هو، سو هو حاڪم گروهه ۽ محڪوم گروهه، ظالم طبقي ۽ مظلوم طبقي، ڏاڍيءَ قوم ۽ هيڻيءَ قوم جو فرق ۽ تضاد- گويا، سڄي ڪشمڪش ۽ ويڙهه هتي هن دنيا ۾ انساني مفادن جي وچ ۾ هئي: ۽ ڇاڪاڻ ته ڏاڍ تي بيٺل مفادي يا ظلمي نظام پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ دنيا ۾ موجود رهندو ٿي آيو (ايتري قدر، جو چيو ويو ته ”ظلم قائم آهي، پر ظالم قائم ڪونهي“- يعني ظالم گروهه، ظالم طبقو، ظالم قوم مِٽجي به ٿي، پر ظلم ۽ ڏاڍ جو نظام ڪنهن نه ڪنهن حد اندر قائم ئي رهي ٿو- ”بديءَ ۽ نيڪيءَ جي وچ ۾ هڪ گهڙيءَ جو صلح به ٿيڻو نه آهي“)- انهيءَ ڪري دنيائي بادشاهت جو نالو ئي ظلم ۽ ڏاڍ جو نظام پئجي ويو؛ ۽ ان جي جاءِ تي هيڻن ۽ مظلومن جي دلي اُمنگ واري نظام يا عدل ۽ انصاف واريءَ بادشاهت کي جنهن جو تصور هو پنهنجي خيال ۾ آڻي ٿي سگهيا، ”آسماني بادشاهت“ چيو ويو- ”آسماني“ انهيءَ ڪري، جو زمين تي يا هِن دنيا ۾ نه اها موجود ٿي ڏِٺي ۽ نه هتي هيٺ اُن جي موجود ٿيڻ جي ڪا اُميد ئي ٿِي ٿي سگهي. ائين هتان جي دک کان تنگ ٿي، جيڪو گهڻي قدر انسان کي انسان هٿان مليو ٿي، بلڪه هتان جي وڏي ۾ وڏي دک يعني موت کان لرزجي، انسانن موت کان محفوظ ۽ سُک جي حياتيءَ جو تصور ٻيءَ دنيا، يعني هيٺ زمين جي ڀيٽ ۾ آسماني دنيا، مٿينءَ (اعليٰ) دنيا، ڏانهن منتقل ڪيو. حضرت عيسيٰ مسيح عليه السلام اُن ئي ”آسماني بادشاهت“ جو ذڪر ٿي ڪيو- (انفرادي توڙي اجتماعي طور) آزاد، سُکيءَ، سڦليءَ ۽ ”بي موت“ يا ”دائمي“ حياتيءَ جو، جيڪا هُن هتي هيٺ هن زمين تي، هن دنيا ۾ قائم ڪرڻ ٿي گهري. اُن آسماني يعني عدل، نيڪيءَ ۽ مسرت جي سدا قائم بادشاهت جي ٺهڻ جي آڏو، مسيح جي چوڻ موجب، خاص طرح مذهبي پيشوا رنڊڪ بڻيل هئا- هڪڙيءَ انهيءَ صورت ۾، جو هنن اُن ”بادشاهت، کي هيٺ زمين تي قائم ٿيڻ ممڪن ئي نٿي ڄاتو، ۽ ٻيو ته هُنن پنهنجي اُن آسماني يعني آخروي زندگيءَ جي بادشاهت جو پاڻ کي ڪنجي بردار ٿي سمجهيو، ۽ اُن لاءِ ماڻهن کان هُنن عقلَ ۽ عملَ (انقلابي عمل، يعني هِن دنيا ۾ پنهنجي مجبور ۽ محروم حالت کي بدلائڻ واري عمل) جي نه، پر فقط انڌي، بلڪه پختي انڌي، ايمان جي تقاضا ٿي ڪئي. اِن جي اِها معنيٰ به ڪانهي ته هر مذهب يا ڪنهن به مذهب، خاص طرح پنهنجي ابتدائي يا اُڀرندڙ دؤَر ۾ ائين ٿي چاهيو، پر پنهنجي بيٺل ۽ اقتداري دؤر ۾ جڏهن سماج جي حاڪم ۽ ملڪيتي گروهه يا طبقي پنهنجا مستقل مالي مفاد اُن سان وابسته ٿي سمجهيا، تڏهن هر مذهبَ لازمي طرح ائين ٿي چاهيو- ڪم از ڪم اُن حالت ۾ هر مذهب جي پيشوائي گروهه ۽ اُن مان فائدي وٺندڙ سماجي استحصالي طبقي ضرور ائين چاهيو ٿي- يعني هيءُ ته ماڻهو عقل کان ڪم نه وٺن، ”ايمان“ تي پختا رهن، ۽ جيئري فقط واعدي ڪيل اُخروي زندگيءَ ۾ پنهنجي پنهنجي انفرادي باريابيءَ، فرحت ۽ عيش ڪوشيءَ لاءِ عمل ڪن- ۽ عمل وري ڪهڙو؟ مظلوم ۽ پورهيتَ پنهنجي حالت تي صبر ۽ شڪر ڪن، ديانتداريءَ سان پورهيو ڪن، وفادار ۽ نمڪ حلال رهن، (ماڻهن ۽ ملڪيت جي) مالڪن جي ملڪيت جا بدخواه ۽ تاڪو نه ٿين، ڪفر ۽ فساد يعني حاڪمن ۽ اُنهن جي حاڪمانه حيثيت کان انڪارَ ۽ اُن جي مقابلي يا اُن جي خلاف جدوجهد کان پاسو ڪن، ۽ سڀ جي ڌڻيءَ، جنهن شاهوڪار کي شاهوڪار ۽ غريب کي غريب، ڏاڍي کي ڏاڍو ۽ هيڻي کي هيڻو بڻايو هو، تنهن جي بندگي ڪن. ۽ ڏاڍا ۽ شاهوڪار، جيڪي ظالم آهن ۽ حڪمران آهن، اُهي ڇا ڪن؟ اُهي قياس ڪن، خير خيرات ڪن، انصاف ڪن ۽ اُهي به سڀ جي ڌڻيءَ جي ”بندگي“ ڪن. پوئينءَ ڳالهه يعني ڌڻيءَ جي بندگيءَ جي سلسلي ۾، ٻيئي ڌريون برابر آهن، ۽ اُها گهڻي قدر سندن پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي، جيتوڻيڪ اُن ۾ به شاهوڪارن ۽ ڏاڍن جي ڌُر نسبتاً وڌيڪ اختيار واري ۽ آزاد رهي ٿي. ٻئي عمل ۾ ته هيءَ ڌر پوري آزاد ۽ مڪمل طور پنهنجي مرضيءَ جي مالڪ آهي- يعني قياس ڪن نه ڪن، خير خيرات، صدقو يا سخاوت ڪن نه ڪن، عدل ۽ انصاف ڪن نه ڪن، ڪير هيتي هن دنيا ۾ هُنن کي ڪجهه چوڻ يا ڪرڻ وارو ڪونهي- اخلاقاً ته بلڪل نه (۽ جي ڪو ڪُڇي ته ”ڪفر ٿو ڪري!“ ۽ ”فسادي آهي!“ وغيره) پر قانوناً به، عملي طرح، گهڻي قدر ڪجهه نه. هان، هيڻيءَ، غريب ۽ مظلوم ڌر لاءِ تجويز ڪيل عمل ۾ اُنهن کان ڪا ڪوتاهي ٿئي ته اُن لاءِ ٻيءَ ڌر جا مٿن موچڙا پُسيا رکيا آهن- ڪن ڪا سيناتاني، ته موچڙي جو مٿن زيپٽ، بک ۽ بيروزگاريءَ جو آڪيڙو، قانون ۽ ان جا رکوال، ڪورٽون، جيل، ڳوڙها آڻيندڙ گئسون، لاٺي چارجون، گوليون وغيره سڀ اُنهن لاءِ. مذهبي پيشوا، جيڪي پنهنجي سچائيءَ جي سند پهچ کان ٻاهر اوچي پد جي ٻڌائين ٿا، تن جي تعليم بس اها آهي- يعني اُن جي ذريعي هن زمين تي مسيح جي آسماني بادشاهت جو قائم ٿيڻ ممڪن ڪونهي. وڌ ۾ وڌ ته به ان سان موجود حالت جيئن آهي تيئن موجود رهي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري ئي هُن مذهبي پيشوائن کي مخاطب ٿيندي چيو ته، ”اوهين ماڻهن کي آسماني بادشاهت ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ٿا، جيڪا آءٌ هن دنيا ۾ قائم ڪرڻ چاهيان ٿو، ۽ نه پاڻ ئي اُن ۾ داخل ٿا ٿيو!“

ڌرتيءَ تي هن ”آسماني بادشاهت“ جي ڪُنجي ٻارن جي هٿ ۾ ڪيئن آهي؟ اُها ڪُنجي ڪهڙي آهي؟ ان سلسلي ۾ مسيح جي جنم، مسيح جي تعليم ۽ مسيح جي پنهنجي تاحيات جدوجهد مان اسين گهڻو ڪجهه سمجهي سگهون ٿا ۽ سکي سگهون ٿا. خاص طرح مسيح بابت اِن سلسلي جون ٻه ڳالهيون ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ لائق آهن:

 

(1)

گهڻا گهڻا ڏينهن اڳي، ناصره نالي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ مريم جي نانءُ سان هڪڙي نينگري رهندي هي. اُتان جا سڀ ماڻهو هُن کي سڃاڻيندا هئا ۽ هن کي ڀائيندا هئا، ڇاڪاڻ ته هوءَ سدائين اُنهن جي ڏک جون ڳالهيون ڪن ڏيئي ٻُڌندي هئي ۽ اُنهن جي سهائتا ڪندي هئي.

هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ رهندي هئي، پاڙي جي ٻارن سان کيڏندي هئي. هوءَ پنهنجن سپنن ۽ ويچارن ۾ گم رهندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن چاهيندي هئي ته جو ڪجهه هن ڏٺو ٿي يا ٻُڌو ٿي، اُن سڀ تي پنهنجي منهن ويهي ڪجهه سوچي.

ڪڏهن ڪڏهن مريم پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڏاڍي ڏک ڀرئي لهجي ۾ سندن اڳين سُکين ۽ سوڀياوان ڏينهن بابت ڳالهائيندي ٻُڌندي هئي. هن جو پيءُ چوندو هو، ”اسين هاڻي آبائتا ماڻهو نه آهيون. ٻيا ماڻهو اسان تي راڄ ڪن ٿا.“

”ڪير اسان تي راڄ ڪن ٿا؟“

”رومن لوڪ“، هن جي پيءُ وراڻيو، ”هو هتي پنهنجن ڪٽڪن سان چڙهائي ڪري آيا. هو اسان جي رستن تان دَجَندا هليا. هُنن اسان جو ملڪ اسان کان کسي ورتو، ۽ چيائون، ”هاڻ هيءُ اوهان جو نه پر اسان جي روم جو ملڪ آهي.“

”سڀ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون چون ٿيون ته روم سڄي دنيا فتح ڪئي آهي.“ مريم چيو، ”اهڙو ڪو ماڻهو ئي ڪونهي، جو اسان کي انهن کان بچائي ۽ اسان کي وري آبائتي قوم بڻائي؟“

”هائو- هڪڙو اهڙو ماڻهو آهي، جو اسان کي بچائيندو ۽ اسان جو وڏي ۾ وڏو بادشاهه بڻبو.“ هن جي ماءُ چيو، ”پر مان چئي نٿي سگهان ته اُهو ڪير ماڻهو ٿي سگهي ٿو!“

”مٺي امڙ- ڪيئن ٿي تون چوين ته اسان وٽ اسان جو هڪڙو وڏو بچائيندڙ ايندو؟“ ننڍڙيءَ نينگريءَ پڇيو.

”ڇاڪاڻ ته خدا جو اسان سان واعدو ٿيل آهي.“ هن جي ماءُ چيو، ”۽ خدا جو ڪيل واعدو سدائين پورو ٿيندو آهي. مان توکي پڙهي ٿي ٻُڌايان ته اسان جي اڳئين جُڳ جا وڏڙا هن حيرت ۾ وجهندڙ بادشاهه لاءِ ڇا چئي ويا آهن.“

پوءِ ننڍڙيءَ نينگريءَ ماءُ جي واتان ٻُڌو ته هڪ ڏينهن خدا اسرائيل جي ملڪ ۾، جتي مريم رهِي ٿي، هڪڙو بادشاهه موڪليندو، جيڪو سندن وڏي بادشاهه دائود کا به وڏو بادشاهه هوندو، ۽ وٽن جيڪي به بادشاهه آيا هئا، تن سڀني کان اُهو وڏو بادشاهه هوندو، بلڪه زمين تي جيڪي به بادشاهه آيا هئا تن سڀني کان اُهو سندن بادشاهه وڏو بادشاهه ٿيندو.

”امڙ- مان چاهيان ٿي ته اُهو بادشاهه اسان وٽ ترت اچي!“ مريم چيو، ”پوءِ مان به هن کي ڏسنديس!“

هن جي ماءُ ٿڌو ساهه کنيو، ”ڪنهن کي خبر؟“ هن چيو، ”هي ڏينهن اسان لاءِ سختيءَ جا ڏينهن آهن. مون کي پڪ آهي ته خدا جي واعدي پوري ٿيڻ جي گهڙي ويجهي آهي، ۽ ترت اسان جو باشاهه اسان کي بچائڻ لاءِ اسان وٽ ايندو.“

”ڪهڙي نه عجيب هيءَ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته سڀ وڏا بادشاهه پهريائين ننڍڙا ٻالڪ ٿي ٿا اچن!“ مريم چيو، ”آءٌ ڀانيان ٿي ته هو ڪنهن سهڻي محل ۾ ڄمندو، ۽ هو هن کي ڏاڍي سهڻي ڳاڙهي پينگهي ۾ لوڏيندا ۽ هن جا ڪپڙا گلن جي پنکڙين جهڙا نرم هوندا ۽ هن جي ماءُ به هڪ وڏي شهزادي هوندي.“

هن جي ماءُ پنهنجي ننڍڙي گهر جي چوڌاري ڏٺو، جيڪو ٽڪرين جي وچ ۾ اَڏيل هو، ۽ جتي هن جو ڪٽنب رهندو هو. ”اسين اڄ مسڪين آهيون.“ هن چيو، ”پر توکي ڄاڻ آهي، مريم، ته ڪن ڏينهين اسان جو ڪٽنب به دائود جي شاهي ڪٽنب سان ڳنڍيل هوندو هو.“

”ته پوءِ دائود بادشاهه منهنجو تڙ- تڙ- تڙ- گهڻو تڙ- تڙ- ڏاڏو هو!“ مريم اچرج وچان پڇيو.

هن جي ماءُ ڪنڌ ڌوڻيو، ”هائو، پر اها ڳالهه گهڻي گهڻي اڳ جي آهي، تون ڳوٺ جي واڍي يوسف کي ته سڃاڻين ٿي؟ ان جو ڪٽنب به ڪن ڏينهين دائود جي ڪٽنب سان ڳنڍيل هو. هن کان تون پڇندينءَ ته هو به توکي ٻُڌائيندو.“

مريم اُنهيءَ بادشاهه بابت ڏاڍو گهڻو سوچيو، جنهن جو واعدو خدا سندس قوم سان ڪيو هو. هن جي دل ٿي چاهيو ته اُهو جلد اچي. ”شل مان هن کي ڏسي سگهان.“ هُن سوچيو، ”جيڪڏهن مان شهزادي آهيان ته مان به هن جي ماءُ ٿي سگهان ٿي!“ ۽ اِها ڳالهه ڪهڙي نه من مهڻي ٿيندي! پوءِ ته مان هن کي ٽپائينديس ڪُڏائينديس ۽ هن جي پالنا ڪنديس. مان هاڻي يوسف کان پڇنديس ته هُن به هِن بابت ٻُڌو آهي!“

يوسف واڍو هو ۽ ساڳئي ڳوٺ ۾ مريم جي گهر کان ٿورو ئي پري رهندو هو. هو مريم کي چڱيءَ پر سڃاڻيندو هو ۽ هن لاءِ گهڻي اڪنڍ هوندي هيس. جڏهن هوءَ کيس گڏبي هئي، ته هو هُن سان بيهي ڳالهائيندو هو. هُن کي به ان بادشاهه جي ڄاڻ هئي، جنهن جو ساڻن واعدو ٿيل هو.

”ڪنهن ڏينهن ته هو ايندو!“ ڪاٺ کي رندو هڻندي، مريم کي هن چيو، ”خدا جو اِهو واعدو آهي. سچ پچ ته هيءُ ئي پورو وقت آهي هن جي اچڻ جو، جڏهن رومن قوم اسان تي ايڏا ظلم ڪري رهي آهي ۽ اسين ايڏا ماريل ۽ ڏکويل آهيون. هڪڙي ڏينهن هو ضرور ڄاپندو، مريم، ۽ اُهو اسرائيل جي قوم لاءِ ڪهڙو نه معجزي جهڙو ڏينهن ٿيندو!“

(2)

مسيح سدائين ٻارن کي پيار ڪندو هو، ۽ ٻار به هُن کي پيار ڪندا هئا. هنن کي خبر هئي ته هو کڻي ڪٿي به هوندو، ته به هنن جي ضرور آجيان ڪندو، ۽ هنن کي سندس آکاڻيون ڏاڍيون وڻنديون هيون، جيڪي هو کين ٻُڌائيندو هو.

هڪڙي ڏينهن جڏهن مسيح ماڻهن سان ڳالهائي رهيو هو، تڏهن ڪن مائرن ۽ پيئرن، جن کي ننڍا ٻار هئا، تن سوچيو ته انهن کي وٺي مسيح وٽ وڃون ته اُنهن کي دعا ڪري ۽ اُنهن جي مٿي تي پنهنجي ڏاهپ ۽ نيڪيءَ جو هٿ رکي.

پوءِ هنن پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي سڏي گڏ ڪيو، ڪن کي ٻانهن تي کنيائون ۽ ڪي سندن پاسن کان ڊوڙندا هليا، ۽ ائين هو مسيح کي ڳولڻ لاءِ نڪتا. مسيح جي ساٿين هُنن کي ٻارن سان ايندي ڏٺو. مائرن مان هڪ وڌي ساڻن ڏاڍي اُتساهه سان ڳالهايو: ”اسين پنهنجا ٻار مسيح وٽ وٺي آيا آهيون. هُو هِنن کي رُڳو دعا ڪندو، ته هِنن جي دنيا بدلجي ويندي. هو نيڪ بڻبا ۽ هنن جي دل ۾ ڪهل پيدا ٿيندي. هو پاڻ اهڙو مڻيا وارو آهي.“

”هو ڪم ۾ آهي.“ هڪڙي ساٿيءَ ڪجهه رُکي منهن سان چيو، ”هو اوهان کي هينئر ملي نه سگهندو!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org