سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :58

ڄام نظام الدين جو اهو سلوڪ، ڇڙو پنهنجي هم مذهب رعيت سان نه هو، بلڪ سنڌ جي غير مسلم رعايا به انتهائي امن ۽ آرام ۾ هئي. تاريخ ۾ ڪيترن هندو اميرن جا نالا اسان کي ملن ٿا، جيڪي سندس دور ۾ حڪومت جي نهايت اهم عهدن تي فائز هئا. عام هندن پڻ مسلمان رعيت وانگر، خوشحاليءَ ۽ فارغ الباليءَ سان پنهنجو وقت خير خوبيءَ سان گذاريو ٿي. نه مذهبي دوئي هئي ۽ نه ديني دنگا هئا، بلڪ انهيءَ قسم جو تصور به سندس زماني ۾ موجود ڪونه هو.

سلطان پنهنجي چوڌاري، مجلس خواهه مصلحت، ملڪي ڪاروبار خواهه حڪومت جي نظام هلائڻ لاءِ چيدا چيدا ماڻهو رکيا هئا. وڏو مردم شناس بادشاهه هو، تاريخ ۾ اسان کي سندس متعلقين مان ڪوبه هڪ ماڻهو، غلط قسم جو ڪونه ٿو ملي.

درياخان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪرو هو. بادشاهه منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏٺا. پاڻ وٽ آڻي سندس پرورش ڪيائين، ۽ اعليٰ پيماني تي تربيت ڏيئي، معمولي ملازم جي درجي تان مٿي چاڙهيندي، کيس وزيراعظم جي عهدي تائين وڃي رسايو. سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس سپرد هئي. ”مبارڪ خان“ ۽ ”خان اعظم“ جا خاصا خطاب ڏيئي، سندس مرتبو بلند ڪندي، آخر ۾ کيس پنهنجي فرزنديءَ سان سرفراز ڪري، عروج ۽ اقبال منديءَ جي آخري منزل تائين پهچايائين. مردم شناس سلطان زندگيءَ ۾ ته نمڪ حلالي ۽ جفاڪشي ڪندي سوريءَ سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو؛ بلڪ سلطان جي وفات کان پوءِ به اهو ئي اڪيلو امير هو، جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پورا ٻارهن سال  مسلسل جدوجهد کي جاري رکيو. پنهنجي جيئري مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ ڪونه ڏنائين، ۽ درهء بولان وٽ پهچي، کين شرمناڪ شڪستون ڏيئي پٺتي ڌڪيائين. آخر ۾ ٺٽي جي چائنٺ وٽ لڙندي وڙهندي، تير ۽ تلوارون هڻندي ۽ کائيندي، جڏهن پنهنجو سر صدقو ڪيائين، ان کان پوءِ ئي خرابيء سنڌ“ جو باب کلي پيو، جنهن هڪ ٺٽي جو ڇا، بلڪ غيرن جي غلاميءَ لاءِ پوريءَ سنڌ جو رستو هموار ۽ صاف ڪري ڇڏيو.

انهيءَ قسم جي مردم شناسيءَ جا ڪيئي مثال سلطان نظام الدين جي تاريخ ۾ اسان کي ملن ٿا. مثلاَ سندس پهريون وزير دلشاد خان به شجاعت ۽ انسانيت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. بکر جي صوبي ۾ هُن جيڪي اصلاحون آنديون، سي تاريخ ۾ سندس ڪارڪردگيءَ جو روشن مثال آهن. اهڙيءَ طرح ڪيئي امير ۽ مشاهير، سلطان جي بزم جا روشن چراغ هئا. اهو ئي سبب هو، جو سندس سلطنت مستحڪم، ملڪي نظام محڪم، ۽ سموري سنڌ، جيسين جيئرو هو، تيسين ريان کيان ۽ باغ و بهار رهي.

سلطان نظام الدين جو دؤر (866_914هه) ٻئي هڪ لحاظ سان به تاريخ ۾ يگانو هو. جنهن وقت سلطان جي سنڌ تي حڪومت هئي، ان وقت پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ، حسن اتفاق سان، سڀيئي بادشاهه جهڙس ئي جليل القدر ۽ ناميارا هئا. تاريخ غير معمولي بادشاهن جي اهڙي يڪجائي ڏاڍو مشڪل سان پيدا ڪندي آهي.

گجرات، پاڙو پاڙي سان هئي. سنڌ ۽ گجرات وارن جي مٽي مائٽي به هئي. علاوه ازين، سندن ثقافتي تعلقات به ڏاڍا ڳوڙها هئا. اتي سلطان محمود بيگڙي جهڙو ناميارو بادشاهه (813_917هه) حڪومت ڪري رهيو هو بهلول لوڌي، دهليءَ (855_894هه) جو بادشاه هو. مانڊو ۽ غياث الدين بن محمود خلجي (873_906هه) حڪمران هو. سلطان محمود بهمني دکن جو (887_924هه) بادشاهه هو. اهڙيءَ طرح هڪ طرف سنڌ جي ٻئي همسايي ملڪ خراسان تي، شاهه حسين بايقرا (862_912هه) جي حڪومت هئي، جنهن جي علم پروري ۽ ادب نوازي، تمدن ۽ تهذيب جي هاڪ تاريخ ۾ مثالي آهي، ۽ جنهن جو دور جهڙو راحت ۽ سڪون، امن ۽ امان، ۽ جنهن جي زماني جهڙو فراغت ۽ فارغ البالي، خراسان جي خطي کي وري ڪڏهن نصيب ڪانه ٿي.

مولانا جامي انهيءَ دور جو شاعر ۽ انهيءَ بادشاهه جو دوست هو. بهزاد مصوّر انهيءَ سلطان جي دربار جي زيب ۽ زينت هو.مير علي شير نوائيءَ جهڙو اديب ۽ ادب پرور مدبر، جنهن جو مثال تاريخ مشڪل سان پيدا ڪندي، سو سندس وزير باتدبير هو.

ڄام نظام الدين جو مقبرو، جنهن جي واکاڻ ”مڪلي نامه“ جي مصنف ڪئي آهي، تعميري فنڪاريءَ جو نهايت ئي نادر نمونو آهي. تعمير ۾ مختلف طرزن کي هڪٻئي سان ملائي، اهڙيءَ طرح پيوست ڪيو ويو آهي، جو تعمير جي تاريخ ۾ اهو مقبرو هڪ يگانو نمونو ۽ هڪ غير معمولي مثال ٿي پيو آهي. بناوٽ ۾ گجراتي، هندو، اسلامي ۽ خالص سنڌي طرزن کي گڏي، انهن جي دلڪش امتزاج مان، هڪ عجيب و غريب شاهڪار تخليق ڪيو ويو آهي، جيڪو ڏسندڙن جي نظر کي پهرينءَ ئي نگاهه سان پاڻ ۾ جذب ڪري وٺي ٿو.

سامهين ديوار ۾ پکين جي قطار، سورج مکيءَ ۽ ڪنول گل جي مهاڙيءَ ۾ سٽا، جهروُڪن جا وڌاوڙا ۽ انهن جا پاوا، آڳر واري ٻاهر نڪتل حصي جي سموري سنجهٽ ۽ ٻاهيون، خواهه داخلي دروازي جي چوڪور ساخت_ مٿي بيان ڪيل مختلف اثرات کي نمايان طرح ظاهر ڪري رهي آهي(1).

گجراتي خواه هندي فن عمارت سازيءَ جو اهو اثر، ڄام نظام الدين جي مقبري تي يا سمن جي ٻين چوڪُنڊين ۽ مقبرن، انهن جي گنبذن ۽ پيلپاوَن تي، جن سببن ڪري پيو ٿو ڏسجي، انهن مان اهم ترين سبب آهي گجرات ۽ سنڌ جي پاڻ ۾ همسايگي ۽ انهيءَ ڪري عام جام هڪٻئي سان مٽي مائٽي. جنهن نه فقط سياسي طرح سنڌ ۽ گجرات کي هڪٻئي جي ويجهو ڪري ڇڏيو، بلڪ سماجي خواهه تمدني طرح پڻ ٻنهي ملڪن ۽ سلطنتن جا ناتا استوار ۽ مضبوط ڪري، ڪيترا ثقافتي ويڇا وچان مٽائي ڇڏيا.

سلطان نظآم الدين جي روضي جي اترئين طرف واري بند ٿيل دروازي جي مٿئين سردر تي جيڪو ڪتبو اُڪريل آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سلطان نظام الدين جي انتقال بعد، ڄام فيروز سنه 915هه ۾ اهو مقبرو ٺهرائڻ شروع ڪيو_ ظاهر آهي ته تعمير مڪمل نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ستت ئي تخت ۽ تاج تي خانداني وڳوڙ ۽ ڪشمڪش شروع ٿي، جنهن ٻيا سڀيئي رفاهي ۽ تعميري ڪم بند ڪري ڇڏيا_ اهو سبب ٿيو، جو نه گنبذ ٺهيو ۽ نه عمارت جو رٿيل نقشو مڪمل ۽ راس ٿي سگهيو.

ڪتبي جي عبارت مطابق ته مقبري جو ٺاهيندڙ ڄام فيروز آهي. ليڪن ظاهر آهي ته هو ان وقت الهڙ نوجوان هو، تنهنڪري اهڙي نفيس تخليق سندس ذهن جو ايجاد ۽ دماغ جو اختراع ٿي نٿي سگهي. درياخان جي مقبري واريءَ ديوار جي ساخت کي_ جنهن کي هن سنه 895هه ۾ ٺهرايو_ ڏسندي، اسان جو خيال آهي ته پنهنجي ولي نعمت ۽ پنهنجي منهن ٻولئي پيءُ جي مقبري ٺهرائڻ ۽ ان جي رٿا ۾ ضرور دريا خان ’دولهه‘ جو فڪر رسا ڪار فرما رهيو آهي.

مقبري جي چؤديواريءَ اندر چار قبرون آهن، جن تي ڪوبه ڪتبو يا نشان ڪونه آهي، جنهن مان معلوم ڪري سگهجي ته انهيءَ خوشنام ۽ نيڪ نهاد سلطان جي ابدي آرامگاهه ڪهڙي آهي.

سمن سلطانن جي خانداني شجري خواهه سلطانن جي ترتيب ۽ فرمانروائيءَ جي سالن ۾ سخت اختلاف آهي. هر ڪنهن مـﺆرخ جو بيان جدا جدا آهي. اسان هڪ سلسليوار شجرو ۽ ان تي وضاحتي حاشيا(1)

زير اشاعت ڪتاب ۾ ڏيئي رهيا آهيون، جنهن مان پڙهندڙ، انهيءَ خاندان جي سلطانن جو هڪ خاڪو به آسانيءَ سان ذهن نشين ڪري سگهندا.

انهيءَ شجري مان اهو پڻ پتو پئجي ويندو ته سنڌي سلطان، گجراتي حاڪم ۽ خانديش جا فاروقي فرمانروا ڪهڙيءَ ريت مٽيءَ مائٽيءَ ۽ سڱابنديءَ ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ پوتل هئا.

[”مهراڻ“،3_4 1966ع]


(1)  ڏسو: BURGESS, The Muhammadan Architecture of Gujarat 3 Vol. 1896_1903_1905

(1)  درياخان جو اصلي نالو ”قبوليو“ هو، ۽ هو پهرين ڄام نظام الدين جي ديوان لکمير (لکدير_ لکسير) جو غلام هو؛ جتان ڄام نظام الدين کيس پاڻ وٽ آندو.

درياخان سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط ۽ محڪم ڪيو. فوجي، سياسي خواهه سماجي يا اقتصادي صورتحال کي هن اهڙيءَ ڪڙيءَ تي پهچايو، جو مؤرخن جو متفقه قول آهي ته ”اهڙو زمانو سنڌ نه پهرين ڏٺو ۽ نه پوءِ.“

انهن تعميري ۽ رفاهي صلاحيتن سان گڏ، منجهس آزاديءَ ۽ وطن پرستيءَ جو جيڪو انگ هو، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس هميشه هميشه زنده پابنده رکندو. سرن جا سانگا لاهي، وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي، اهو حقيقتا وطنيت جي تاريخ ۾ مثالي آهي.

سندس سمورو خاندان انهيءَ رنگ ۾ رتل هو. سندس سڀيئي پٽ وطن دوست، آزاد خواهه، جري جوان ۽ بهادر هئا. علاء الدين منجهان عالم نڪتو، محمود خان ۽ مٺڻ خان سپاهي مرد ڪيئي جوٽان ڪيائون. سارنگ خان سندس چوٿون پٽ به انهيءَ ڏس ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. انهن سڀني هٿان_ درياخان جي شهادت کان پوءِ ۽ ٺٽي تي قبضي ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪيتري عرصي تائين_ ارغونن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا.

درياخان جو قبرستان، ڄام نظام الدين جي مقبري جي ويجهو، اولهه پاسي کان آهي_ پٿر جي محڪم چؤديواري، اوڀر ۽ ڏکڻ کان ٻه دروازا، جن تي ڪتبا اُڪريل اولهائينءَ ديوار ۾ محراب ۽ ان جي لڳ سندس قبر، جنهن تي خوبصورت خط ۾ اَيتون اُڪريل آهن_ سيرانديءَ کان نالي جو ڪتبو هن ريت آهي:

يا الله

هذا مرقد المعطر

للخان الاعظم

شهيد مبارڪ خان

ابن سلطان نظام الدين

اوڀارين دروازي جي مٿئين سردر تي جيڪو ڪتبو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سال 895هه ۾ دريا خان، قبرستان جي اها چؤديواري ٺهرائي، ڏاکڻين دروازي جي سردر واري ڪتبي مان ظاهر ٿو ٿئي ته کيس احمد نالي پڻ هڪ پٽ هو، جنهن اهو ڪتبو، قطب الدين بن محمود کان اُڪرايو_ ڪتبي تي سندس نالو هن ريت اُڪريل آهي:

احمد بن دريا خان

غفر الله لـﮧ

چـﺆ ديواريءَ اندر، دريا خان جي مزار کان سواءِ، ستاويهه ٻيون قبرون آهن، جن مان ڪنهن تي به نالو نشان اُڪريل ڪونه آهي.

            انهيءَ مان دريا خان جي شڪست ۽ شهادت جو سال برآمد ٿئي ٿو. علاوه ازين، سنڌ جي غلاميءَ جي بسم الله پڻ انهيءَ_ خرابيءَ سنڌ_ سان شروغ ٿئي ٿي، اهو مهينو به محرم جو هو. پوڻا نَوَ سـﺆ ورهيه اڳ ٿيل ڪربلا واريءَ ناريخ کان هڪ ڏينهن وچان وجهي، سنڌ جي هن ڪرب و بلا جو واقعو واقع ٿيو. يارهين محرم الحرام جو دريا خان دولهه، سنڌ مٿان سر صدقو ڏيئي سُرهو ٿيو، ۽ سنڌ انهن جي بيرحم فيضي ۾ اچي ويئي، جيڪي ڌاريان ئي ڌاريا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com