سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :16

 

استاد مولانا عبيدالله سنڌي جي

عربي ڪتاب التمهيد تان

 

ڪمزو ٻانهو ابوالحسين عبيدالله بن اسلام سنڌي چوي ٿو ته آئون ڏينهن جمع 12 محرم 1289هه موافق 1872ع ۾ سک گهراڻي اندر پيدا ٿيس ۽ 1295هه موافق 1878 ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺس، حساب، آلجبرا، جاميٽري ۽ هندستان جي تاريخ ڏانهن منهنجو وڌيڪ ڌيان هوندو هو. اسڪولن ۽ مدرسن ۾ عام طرح جيڪو پڙهيو ويندو آهي، ان کان وڌيڪ پرايم. مطالعي ۽ پڙهڻ جو ايڏو شوق هوندو هو جو جيڪو ڪتاب هٿ ايندو هو، ان کي پڙهندو هيس، ان وچ ۾ مون کي هڪ نو مسلم عبيدالله نالي جي ڪتاب ”تحفة الهند“ اردو ۾ لکيل مليو، جنهن جي مطالعي سمجهڻ ۾ لڳي ويس. تحفة الهند جو مصنف برهمڻ هو ۽ (اسلام جي حقانيت کان متاثر ٿي) 1301هه ۾ اسلام آندو هئائين. مون کي انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ سان خدا پاڪ، اسلام جي حقانيت کي مڃڻ جي سگهه ڏني، پاڪائي، نماز ۽ روزي جا مسئلا لڪي ڇپي پڙهي ورتم. مولانا محمد اسماعيل شهيد جو ڪتاب تقوية الايمان ۽ شيخ محمد بن بارڪ الله لاهوري جو ڪتاب احوال الاٰخرة به پڙهيم.

لڪي نماز پڙهڻ به شروع ڪري ڏنم، ان وقت خدا پاڪ سان مناجات جي اها لذت محسوس ڪيم، جو اهڙي لذت پوءِ نه ملي، 1304هه ۾ رمضان جا ڪجهه روزا به رکيم، پوءِ ڊپ کان ڇڏي ڏنم، نيٺ ان کان پوءِ اسلام کي پڌري ڪرڻ جو وڏو شوق پيدا ٿيو، پر ڀڄڻ جي واٽ نه ٿي ڏٺم. ان وچ ۾ حضرت يونس عليہ السلام واري هيءَ دعا ”لا الٰہ الا انت سبحانک اني کنت من الظالمين“ پڙهڻ شروع ڪيم، جنهن جي نتيجي ۾ 1304هه ۾ الله تعاليٰ منهنجي نڪرڻ جا اسباب پيدا ڪيا، گهر کان لڪي نڪتس ۽ سنڌ ۾ پهچي اسلام کي ظاهر ڪيم ۽ پنهنجو نالو تحفة الهند جي مصنف جي نالي تي عبيدالله رکيم، پوءِ ڀرچونڊي ۾ سيدالعارفين حافظ محمد صديق قدس سره جي خدمت ۾ پهتس، جنهن مون کي ڪلمهء توحيد جي تلقين ڪئي ۽ صفر مهيني 1305هه ۾ سندن هٿ تي بيعت ڪيم. حضرت حافظ صاحب راشديہ طريقي جو امام هو. اهو طريقو، قادري طريقت جي جيلاني ۽ نقشبندي مجددي طريقت جي آدميہ، اخسنيہ شاخ جو جامع هو. حضرت حافظ ڀرچونڊي سني، حنفي هو ۽ شرڪ بدعت کان مولانا اسماعيل شهيد وانگر روڪيندو هو. سيد احمد شهيد ۽ مولانا اسماعيل شهيد جڏهن سنڌ مان لنگهي افغانستان وڃي رهيا هئا ته حافظ صاحب سندن صحبت کان مستفيد ٿيو هو. مان ٻه مهينا انهن سان گڏ جماعت سان نماز پڙهندو رهيس ۽ ذڪر جي حلقي ۾ به شريڪ هوندو هيس، اهي مون تي ڏاڍا مهربان هوندا هئا ۽ سندن شفقت پيءُ وانگر هوندي هئي. مان سندن صحبت جي لذت ۽ ڪلام جي ميٺاج کي وساري نٿو سگهان.

جڏهن آئون حضرت حافظ صاحب کان جدا ٿيس ته مون تي سندن صحبت جو اثر ظاهر ٿيو ۽ ڄڻ ته پنهنجي اکين سان ائين ڏسي رهيو هوس ته لطف سان مليل الـٰهي نور کي مون گم ڪيو آهي، اڳتي هلي مولانا رشيد احمد گنگوهي جي جڏهن صحبت ۽ مجلس نصيب ٿي، ته انهن جي صحبت ۾ به حضرت حافظ صاحب ڀرچونڊي وارن جي مجلس وارو اثر ۽ نور نظر آيو. هن صالح اجتماع جي برڪت سان اسلامي معاشرو منهنجي رڳ رڳ ۾ پيوست ٿي ويو ۽ مان پاڻ کي انهيءَ جو هڪ رڪن ڄاڻڻ لڳس. حضرت حافظ صاحب ڀرچونڊي وارن جي خليفن، معتقدن ۽ خادمن مون کي ٻڌايو ته سيد العارفين حافظ صاحب منهنجي حالات بابت پچا ڳاڇا ڪندا رهندا هئا ۽ مون لاءِ دعائون گهرندا رهندا هئا، جن مان ڪن دعائن جي مقبوليت به مان ڏٺي.

 حضرت سيد العارفين کان موڪلائي پڙهڻ لاءِ روانو ٿيس، سنڌ ۽ ملتان جي ڪن استادن وٽ صرف ۽ نحو جا ابتدائي ڪتاب پڙهيم، ان وچ ۾ ڇهه مهينا سيد العارفين حضرت حافظ ڀرچونڊي جي وڏي خليفي ابوالسراج غلام محمد دينپوري وٽ رهيس ۽ پوءِ 1306هه ۾ دارالعلوم ديوبند ۾ داخل ٿيس ۽ مان ابن حاجب جو ڪتاب ڪافيہ پڙهندو هيس، جڏهن شرح جامي شروع ڪيم ته دارالعلوم جي هڪ استاد مطالعي جي نوعيت کان واقف ڪيو، جنهن مون کي ڏاڍو فائدو پهچايو.

مون اڪثر عالمن کي ڏٺو ته اهي عقلي علمن ۾ به شرحن ۽ حواشي تي مدار رکندا آهن ۽ مشڪل جاين جي حل ۾ پنهنجي فڪر کان ڪم نه وٺندا آهن، اهڙن ماڻهن کان مون گهٽ فائدو پرايو. مون کي رياضي جي چڱي ڄاڻ هئي، مطالعي جي صحيح واٽ کان به واقفيت هئي، ان ڪري مون عقلي علوم ۾ انهن جي تقليد نه ڪئي، هن باري ۾ مون فاضل عبدالحق خيرآبادي جي شاگردن کي ٻين کان وڌيڪ عقلمند لڌو. مان جڏهن فلسفي جي ڪتابن مان فراغت لڌي ته اصول فقہ۽ علم ڪلام جا ابتدائي ڪتاب دارالعلوم جي اساتذه وٽ پڙهيم، جن مان شيخ ابوالطيب احمد بن شيخ الاسلام، مولانا محمد قاسم نانوتوي جو نالو خصوصي طرح قابل ذڪر آهي ۽ توضيح ۽ تلويح حضرت شيخ الهند وٽ پڙهيم. حضرت شيخ الهند کان روزانو ڪي ڳالهيون ٻڌندو هيس، جيڪي شرح يا حواشي ۾ نه هونديون هيون، انهن تحقيقن ۾ سوچ ڪرڻ کان پوءِ ڏاڍو علمي اطمينان نصيب ٿيندو هو ۽ ان طرح حضرت شيخ الهند جي عزت ۽ احترام وڌي ويو. اهڙي استاد کان علم پرائڻ ۽ مٿن اعتماد رکڻ ضروري ڄاتم. کانئن هدايہ، مطول ۽ بيضاوي شريف پڙهيم. شرح مواقف ۽ مسلم الثبوت ڪتاب جي مشڪل جاين ۾ به انهن ڏانهن رجوع ڪندو رهيس، اڳتي هلي حديث جو دورو به حضرت شيخ الهند وٽ پڙهيس ۽ ابودادئود حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ وٽ پڙهيم.


 

 

 

مسلمانن جا علمي ۽ تهذيبي ڪارناما

(فقہ ۽ تفسير)

 

اسلام ئي هڪ اهو دين آهي، جنهن جي الهامي ڪتاب قرآن مقدس جو انسانيت کي پهريون پيغام ”اقرا“ (پڙهه) جو آهي. نبي اڪرم صلي الله عليہ وسلم پنهنجي صحابين سڳورن ۽ اهل بيت کي قرآن مقدس جي تعليم ڏني ۽ حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي زندگيءَ ۾ ئي ڪيترا قرآن حڪيم جا حافظ بنجي ويا. پهرين صديءَ ۾ اهو پيغام برصغير ۾ سڀ کان پهريون سنڌ ۾ پهتو ۽ دنيا جو پهريون ”مولانا“ ديني لقب هتي جي هڪ نئين مسلم کي مليو، جيڪو تاريخ ۾ مولانا اسلامي ديبليءَ جي نالي سان مشهور آهي. ان وقت حديث شريف جي اڃان تدوين نه ٿي هئي. ان لحاظ سان مولانا اسلامي ديني ڪتابن مان رڳو قرآن مقدس جو ڄاڻو هو.

نبي اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي تعليم سان هونءَ ته سندن سڀئي ساٿي ۽ صحابہ قرآن مقدس جا ڄاڻو ۽ عالم هئا، پر انهن مان مفسرين صحابہ خاص طرح هنن صحابين سڳورن کي ڳڻيو ويندو آهي. خلافت راشده جا مسند نشين چار وڏا اصحاب، حضرت عبدالله بن مسعود، حضرت عبدالله بن عباس، حضرت انس بن مالڪ، حضرت ابوهريره، حضرت جابر، حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص رضي الله عليهم اجمعين.

جڏهن ته ٽي خلفاءَ سڳورا اڳ وفات ڪري ويا، انهن کان تفسيري روايتون گهٽ آيون آهن ۽ سيدنا علي رضي الله عنہ کان روايتون گهڻيون آهن. ان جي حضرت عبدالله بن مسعود به شاهدي ڏني آهي. حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله عنهما جڏهن ته پاڻ کي قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري ان کان تمام گهڻيون تفسيري روايتون آيون آهن. هن جي وفات مديني منوره ۾ سن32هه ۾ ٿي. حضرت ابن عباس جي وفات طائف ۾ سن68هه ۾ ٿي. ان کي ترجمان القرآن ۽ رئيس المفسرين جي القاب سان ياد ڪيو ويندو آهي. قرآن مقدس کي ڄاڻڻ لاءِ حضور عليہ الصلواة به ان لاءِ دعا فرمائي هئي، ان کان بيشمار تفسيري روايتون آيون آهن، جن مان سڀ کان معتبر علي بن ابي طلحة هاشمي (وفات سن 143هه) جي طريق آهي. امام بخاري پنهنجي صحيح بخاريءَ ۾ ان تي ئي اعتماد ڪيو آهي. ڪلبيءَ جي ابو صالح کان جيڪا طريق آهي، ان کي سڀ کان ڪمزور سڏيو ويو آهي. امت محمديءَ جي عالمن هزارين تفسير لکيا. حضرت ابن عباس رضي الله عنهما جو هڪ تفسير آهي، جو گهڻو پوءِ اڳتي هلي مدون ڪيو ويو. سڀ کان وڏي اهميت تفسير ابن جرير طبريءَ کي ڏني وئي آهي. امام نووي فرمائي ٿو ته امت جو اجماع آهي ته تفسير طبريءَ جهڙو ڪو تفسير نه لکيو ويو. هن جي وفات سن310هه آهي. اهو عربيءَ ۾ چند ضخيم جلدن ۾ آهي. هن کي فارسي ۾ ترجمو ڪيو ويو. هن کان پوءِ تفسير قرطبي آهي، جيڪو ويهن جلدن ۾ ڇپيو آهي. هن ۾ احاديث جي صحت جو خيال رکيو ويو آهي. ان سان گڏ عربي ادب جي خيال کان مشڪل الفاظن جو عربي اشعار جي روشنيءَ ۾ حل پيش ڪيو ويو آهي. سلف جي تفسيرن مان تفسير حافظ ابن ڪثير کي به وڏي شهرت ملي آهي. معاني، بيان ۽ بديع جي خيال کان علامہ زمخشريءَ جو تفسير ڪشاف سڀني تفسيرن تي سبقت رکي ٿو، ڇوته علامہ زمخشري بيان ۽ بديع جو امام هو. قاضي بيضاوي ۽ ابو جعفر طوسي ٻنهي تفسير ڪشاف مان استفادو ڪيو. معتزلن ۽ ٻين باطل فرقن جي رد ۾ تفسير مفاتيح الغيب کي وڏي مقبوليت ملي. اهو امام فخر الدين رازيءَ جو تفسير آهي.

برصغير جي اڳين عالمن مان قرآن مجيد جي سڀ کان اڳ ۾ خدمت ٽين صدي هجريءَ ۾ سنڌ ۾ ٿي، جو منصوره سنڌ ۾ قرآن حڪيم جو سنڌي ترجمو لکيو ويو. اڳتي هلي پاٽ سنڌ جي هڪ وڏي عالم شيخ طاهر محدث تفسير مجمع البحار عربيءَ ۾ لکيو. علامہ طاهر، علامہ شهاب الدين سنڌيءَ جو شاگرد هو. هن جي ٻين استادن مان سندس سوٽ شيخ معروف، علامہ عثمان سيتاپوري علاقي بکر ۽ علامہ عبدالڪريم ميران بوبڪائي وڏي شهرت جا مالڪ آهن. ٻيو تفسير مخدوم عيسيٰ جندالله سنڌي پاٽائيءَ جو تفسير انوارالاسرار آهي. هن تفسير ۾ تصوف جي اسرارن ۽ نڪتن کي گهڻو آندو ويو آهي. هن جو هڪ جلد سنڌ يونيورسٽيءَ جي مکيه لائبريريءَ ۾ آهي. شاهه حسن ارغون جي استاد شيخ مصلح الدين سنڌي، تفسير بيضاويءَ تي هڪ بسيط حاشيو لکيو. مدارڪ تفسير علامہ نسفيءَ جو دنيا ۾ مشهور آهي. شيخ طاهر سنڌي هن جو اختصار لکيو، جنهن جو نالو خلاصة المدارڪ آهي. ڏهين صديءَ ۾ مخدوم نوح هالائي عليہ الرحمة قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو لکيو ۽ درميان ۾ مختصر تفسيري نوٽ لکيا. هي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپائي جي آخري مرحلي ۾ آهي. هن جي وڏي خوبي اها آهي جو قرآن مقدس جي مقطعات جا اسرار بيان ڪيا ويا آهن ۽ بسم الله الرحمٰن الرحيم جيترا ڀيرا آئي آهي، ان جي اڪثر مختلف معنيٰ ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ سنڌي زبان ۾ ڪئين تفسير ۽ ترجما لکيا ويا آهن. هن صديءَ ۾ تفسير بيضاويءَ تي عربيءَ ۾ هڪ طويل حاشيو علامہ استاد ڪُورائي سنڌيءَ لکيو، جو ڪارخانه تجارت ڪتب ڪراچيءَ طرفان گهڻا ڀيرا ڇپيو آهي.

اسلامي حڪومت جو دائرو جڏهن وڌڻ لڳو ۽ شرعي فيصلا آڏو اچڻ لڳا ته قانون اسلام جي ڪتابن لکڻ جي ضرورت محسوس ٿي. هن ڏس ۾ سڀ کان اوليت امام ابو حنيفہ ۽ ان جي فقہ حنفيءَ کي آهي. قاضي ابو يوسف ۽ امام محمد شيباني ان جا شاگرد هئا. امام محمد فقه جي تدوين تي زور ڏنو. ظاهر الرواية جا ڪتاب مبسوط، جامع صغير، جامع ڪبير ۽ زيادت جهڙا ڪتاب وجود ۾ آيا ۽ اهي هن فن ۾ ابتدائي ڪتاب آهن. امام ابو حفص ڪبير بخاري، امام محمد جو شاگرد هو، جنهن هن علم فقہ کي ماورا عالنهر، بخارا، سمرقند ۽ تاشقند پهچايو. ان جي تعليم ايترو ته ڦهلجي وئي جو اهو ملڪ فقہ حنفي جو مرڪز ليکجڻ ۾ آيو. شيخ الاسلام بزدوي، شمس الائمة سرخسي ۽ علي مرغينائي جهڙا فقہ جا امام پيدا ٿيا. شمس الائمة سرخسيءَ جو مبسوط فقہ ۾ هڪ ڇوليون هڻندڙ سمنڊ آهي، جنهن مان هر فقيہ استفادو ڪيو آهي. هن دور جي وڏي محقق استاد ابو زهره لکيو آهي ته شمس الائمة سرخسيءَ جو استاد سنڌ جو هڪ فقيہ علي بن حسن هو. هن مان هتي جي فقہ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. علي مرغينائي هداية ڪتاب جو مؤلف آهي، جيڪو ساري عالم اسلام ۾ پڙهايو وڃي ٿو. سنڌ ۾ فقہ تي پهريون ڪتاب المتانة في مرمة الخزانة آهي، جيڪو مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جي تاليف آهي. هن تي 118 صفحن جو عربيءَ ۾ مقدمو ۽ حواشي لکي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو آهي.

هن فن ۾ ٻيو ڪتاب لباب المناسڪ آهي. شيخ رحمت الله سنڌي ساهتي سنڌ جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا جي وڏي فقيہ ابن الهمام صاحب فتح القدير جو شاگرد آهي. لباب المناسڪ ان لکيو آهي، جو حج جي مسئلن تي مشتمل آهي. ملا علي قاري مڪي ان جي شرح لکي آهي، جا مصر ۾ ڇپي آهي.

فتاويٰ پوراني تاليف سيد عبدالوهاب پوراني سنڌي- اهو ڪتاب فقهي فتوائن جو وڏو ذخيرو آهي. قرة الانظار شرح تنوير الابصار علامہ ابو الطيب سنڌي ٺٽوي جي نادر تاليف آهي. هيءَ علامہ حصڪفي جي ڪتاب الدر المختار کان وڌيڪ معتبر آهي، جنهن ۾ صحيح احاديث ۽ روايتن کي آندو ويو آهي. هن جي مصنف جي هٿ جو لکيل نسخو مدينہ منوره جي حرم جي لائبريريءَ ۾ موجود آهي. علامہ ابو الطيب علامہ ابوالحسن سنڌي ڪبير جو همعصر هو. بياض هاشمي فقہ حنفيءَ لاءِ انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکي ٿي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي تاليف آهي. شاهه ولي الله اڪيڊميءَ طرفان هن جي اشاعت جو انتظام ڪيو ويو آهي. تيرهين صديءَ ۾ سنڌ اندر مخدوم محمد عابد انصاري سنڌي وڏو فقيہ ٿي گذريو آهي، جنهن در مختار جي شرح طوالع الانوار نالي 28 ضخيم جلدن ۾ لکي هئي. هن کان وڌيڪ ڪوبه فقہ جو ڪتاب جامع ٿي نٿو سگهي. هن جو نسخو بقول سيد سليمان ندويءَ جي، جرمنيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. مدينہ منوره ۾ به متفرق صورت ۾ مولانا مظهر جي اولاد وٽ موجود آهي. لواري شريف ۾ به هن جو نسخو هو، جو اڏوهيءَ جي نذر ٿي ويو.


 

 

 

گلشن اولياءَ

ڌڻيءَ جي ساراهه ۽ پيغمبر صلي الله عليہ وسلم تي صلواة ۽ سلام کان پوءِ رب ودود جي رحمت جو اميدوار ٻانهو فقير محمود چوي ٿو ته مون جڏهن ڏٺو ته ڪاملن جي گذريل احوالن مان لذت پرائڻ سان (حق جي) طالبن جا ارواح ڪامياب ٿيندا آهن ۽ اهي انهن احوالن جي ذڪر سان عشق جي ڏنگ واري ڦٽ تي لوڻ ٻُرڪيندا آهن ۽ انهن قصن جي ڏي وٺ سان بي انت فرحت لهندا آهن، تڏهن دل ۾ اهو خيال گذريو ته عشق جي بازار جي دڪان ۾ سخن جي موتيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه مهانگو موتي ڪونه آهي ۽ دل وارن وٽ خدا وارن جي ڳالهين کان ڪوبه بي روڪ سامان پسند نه آهي. پوءِ بلبل وانگر اڳين باغن جهڙوڪ حديقة الاولياءَ، بيان العارفين، تنبيہ الغافلين ۽ تحفة الطاهرين جي هر باغ مان ڪو گل وٺي پوين اوليائن جي گفتار جي ڪجهه مکڙين سان جن جو بيان ڪنهن به ڪتاب ۾ نه ٿيو آهي، بلڪ مٿين ڪتابن جي تاليف کان گهڻي مدت پوءِ انهن جو ظهور ٿيو آهي، هن حڪم پٽاندڙ ته صالح ماڻهن جي ذڪر سان رحمت لهندي آهي، جيڪي پنهنجي وقت جي راوين کان ٻڌو اٿم يا پاڻ انهن اوليائن جي برڪت ڀري صحبت ۾ رهي ڏٺو اٿم، تنهن کان هن نامور نسخي (ڪتاب) جي ڪاغذن ۾ گڏ ڪيان، جنهن جو نالو ”گلشن اولياءَ“ آهي، جيڪو ٻارهن سؤ سال، اٺونجاهه (1258) هجري سال ۾ پورو ٿيو ته جيئن انهن جي ڳالهين ۽ مقالن جي خوشبوئن جي هٻڪارن سنگهڻ سان هدايت جي واٽ جا طالب راحت لهن ۽ انهن اوليائن جي بلند مرتبن ۽ حالتن جا شوقين ٿي تحقيق جي واٽ تي هلن ۽ مطلوب حقيقيءَ جي هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ۽ الله ئي توفيق ڏيندڙ ۽ مددگار آهي.

خواجہ غلام محي الدين سرهندي نقشبنديءَ قدس الله سره الاقدس بابت نقل ۽ روايتون:

نقل 1: ميان فتح خان نظاماڻي ڳالهه ڪئي ته حضرت خواجہ صاحب (غلام محي الدين) پنهنجي نفس سان سرگوشي ۽ مناجات ۾ هنن لفظن سان خطاب فرمائيندا هئا ته موٽي اچ، موٽي اچ، موٽي اچ! ڇوته دروازو (توبهه) جو کليل آهي. جيڪڏهن تون باز نه ايندين ته حق تعاليٰ بي نياز آهي.

اي پيارا! موٽي اچڻ مان مراد آهي بي فرمانين، گناهن ۽ غير شرعي ڳالهين کان پري ٿيڻ.

نقل 2: خليفي ميان لقمان کان منقول آهي ته هڪ وقت خواجہ صاحب، صاحبزاده ميان غلام الرسول جيڪو سندن سوٽ هو ۽ سيد پور مان شادي ڪئي هئي، ان ڪري اتي ئي رهائش اختيار ڪئي هئائين، جن وٽ آيا هئا ۽ صاحبزادي صاحب جو ظاهري گذران تنگ هوندو هو، ان خواجہ صاحب سان پنهنجي سقيم حالت جو احوال ڪيو ۽ سنڌ جا مريد جيئن خليفن سان ميلان ۽ رغبت رکندا آهن، سا انهن سان بالڪل نه رکندا هئا، اها ڳالهه به خواجہ (غلام محي الدين) صاحب کي ٻڌائي. ان جماعت جا ڪي ماڻهو مجلس ۾ موجود هئا، خواجہ صاحب جن فرمايو ته پير پنهنجي جاءِ تي آهي ته پير جي لٺ پنهنجي جاءِ تي آهي. اي پيارا (خواجہ صاحب) صاحبزادي کي پير سان ڀيٽ ڏني ۽ خليفن کي لٺ سان ڏني.

مخدوم محمد زمان صاحب لواري وارن قدس سره بابت نقل ۽ روايتون:

نقل 1: نصرپور جي قاضي عبدالرحمٰن پنهنجي ڪنهن عزيز قاضيءَ کان روايت ڪئي، جيڪو مخدوم صاحب (خواجہ لواري وارن) جو مريد هو، ته حضرت مخدوم صاحب (خواجہ محمد زمان) جن جو اهو دستور هوندو هو ته مريدن جي کاڌي لاءِ پئسن تي اناج خريد ڪري رکندا هئا ۽ اٽڪل روءِ ٽيهه چاليهه خرار اَنُ هڪ ئي وقت خريد ڪندا هئا ۽ ساري رقم اناج واري ڪوٺيءَ مان ڪڍي هڪ ئي وقت ادا ڪندا هئا، ان جي ڪنهن کي به سڌ ڪانه هوندي هئي. هڪ ڀيري قديم دستور موجب اناج خريد ڪرايو هئائون، جڏهن ان جا مالڪ پئسن وٺڻ لاءِ حاضر ٿيا ته پاڻ ڀانڊي ۾ ويا، قاضي به سندن پويان ويو، ڇا ڏسي ته ان جو فرش ڪڪڙن جي چهنبن سان کرڙيل آهي ۽ اتي ته ڪجهه به نه هو، تڏهن عرض ڪيائين ته حضرت (خواجہ صاحب) هي ڪهڙو راز آهي، هتي ته ڪجهه به موجود نه آهي. اوهين ايڏي رقم ڪٿان آڻيندا آهيو. (خواجہ صاحب) فرمايو ته اهو راز اڄ توتي کوليان ٿو، پر توکي کپي ته ڪنهن سان به ظاهر نه ڪجان! پوءِ فرمايائون ته اسان کي حق سبحانہ وتعاليٰ جي درگاهه مان فقيرن جي خرچ لاءِ روزانو هڪ لک روپيا مقرر آهي، اسان انهن لاءِ رڳو رٻَ کي پسند ڪيو آهي، تڏهن ايتري مخلوق هر طرف کان ۽ هر طريقي جي مشائخن کان هتي اچي گڏ ٿي آهي.

نقل 2: قاضي عبدالرحمٰن (نصرپوري) پنهنجي ڪنهن مائٽ قاضيءَ کان روايت ڪئي ته هڪ وقت مخدوم صاحب (خواجہ محمد زمان لنواري وارن) جي درويشن مان هڪ درويش کي توحيد جي حالت ڏسڻ ۾ آئي. مخدوم (خواجہ) صاحب جي خدمت ۾ اچي چيائين ته ”آئون خدا آهيان.“ مخدوم خواجہ صاحب کيس فرمايو ته تون پنهنجو پاڻ کي خدا سڏين ٿو، جيڪڏهن توکي ٻيا به خدا چون ته پوءِ تنهنجي دعويٰ سچي چئبي. ان فقير چيو ته ٻيو ڪو مون کي خدا چئي يا نه چئي، آئون خدا آهيان. خواجہ صاحب ان درويش کي انَ جي ڀانڊي ۾ کڻي بند ڪرايو، اٽڪل 12 پهر ڀانڊي ۾ بند هو، جڏهن خواجہ صاحب جي توجهه سان ان جي حالت سڌري ته کيس ٻاهر ڪڍيائون.

نقل 3: ابراهيم فقير سوڍي کان روايت آهي ته جڏهن حضرت مخدوم صاحب (خواجہ محمد زمان) جو مريد ٿيس ۽ سندن خدمت عرض ڪيم ته سائين! هاڻي ڇا ڪيان؟ پاڻ فرمايائون ته توکي ڪپڙي اڻندڙ جي روش اختيار ڪرڻ گهرجي، مطلب ته جلدي اچ وڃ ڪر!

نقل 4: ڳالهه ٿا ڪن ته حضرت خواجہ صاحب جي ڪوٽ جي ڀر ۾ هڪ هندو مڪئي جي پوک پوکي هئي. هڪ رات سندس پوک ۾ گدڙ (ڀيلڻ لاءِ) آيا ۽ هندو ساري رات سجاڳ رهي شور ڪري گدڙن کي هڪلي رهيو هو. صبح جو حضرت مخدوم خواجہ صاحب مريدن کي فرمايو اي دوستو! ڏسو ته هن هندو، جنهن مڪئي جي پوک پوکي آهي، ساري رات گدڙن جي ڊپ کان ننڊ نه ڪئي آهي. اوهين خدا جا طالب آهيو، ساري رات ستا پيا آهيو، اهو ڪهڙو انصاف آهي.

نقل 5: روايت آهي ته بدين جا ميمڻ قدمبوسيءَ لاءِ آيا. ظاهر ۾ اهي سڀ شريعت وارا هئا، انهن مان هڪ شخص ظاهر ۾ اڻ سڌريل هو، جو ٻين جي پويان ويٺل هو ۽ مخدوم (خواجہ صاحب) ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ٿي ڏنائين. حضرت مخدوم (خواجہ صاحب) جن وري وري ان کي مرحبا ۽ ڀليڪار ٿي ڪيائون. جڏهن اهي سڀ موڪلائي هليا ويا ته فقير ابراهيم خدمت ۾ عرض ڪيو ته ڪهڙو سبب آهي جو اهو شخص نامشروع (غير شرعي شڪل ۾) هو، اوهان ان ڏانهن ايترو واجهائڻ ۽ شفقت سان پيش آيا جو ٻين سان ائين نه ڪيو! پاڻ فرمايائون ته مون کي ان ۾ پنهنجي مريد هجڻ جي شڪل نظر ٿي آئي، ان ڪري وري وري ان جو خيال ٿي ڪيم. اهو طريقت ۾ ڪڏهن داخل ٿيو آهي، اهو ياد نه ٿو پئي. فقير ابراهيم (حضرت خواجہ صاحب کان اهو ٻڌي) انهن ماڻهن جي پويان روانو ٿيو ۽ شاهه برهان جي روضي وٽ کين وڃي مليو. مٿئين فقير کان پڇا شروع ڪيائين ته تون ڪنهن جو مريد آهين، ان وراڻيو ته آئون ڪنهن جو به مريد نه آهيان ۽ نه ڪنهن پير ڏي ڪو خيال اٿم. جڏهن فقير ابراهيم ان بابت وري وري پڇا ڪئي ته ان شخص چيو ته آئون ڪنهن جو به مريد نه آهيان. منهنجو پيءُ حاجي محمد ٺٽوي قدس سره جو مريد هو. جڏهن حاجي صاحب حج لاءِ روانا ٿيا ته هڪ فقير کي پنهنجي اوطاق ۾ ڇڏي ويا هئا. منهنجو پيءُ مون کي ان فقير وٽ وٺي آيو ۽ چيائين ته هيءُ ڇوڪرو اوهان جو مريد آهي. اهو فقير حضرت مخدوم (خواجہ محمد زمان) هئا.

نقل 6: نقل آهي ته جڏهن مينڌرا ماڻهو، شاهو ٽالپور جي خون جي عيوض ميربجار جي هٿان قتل ڪيا ويا ته اها خبر خواجہ صاحب وٽ به پهتي، ڪنهن ماڻهوءَ عرض ڪيو ته سائين هڪ خون جي بدلي ۾ هيترا ماڻهو ناحق قتل ٿيا آهن، ڇا اهي شهيد آهن؟ پاڻ فرمايائون ته شهيد اُهي آهن، جن سينن کي صاف رکيو.

خواجہ محڪم الدين سيراني قدس الله اسرارهم بابت نقل ۽ ڳالهيون

نقل 1: نقل آهي ته مخدوم خير محمد طالب علم لاکا اوت جو ويٺل سورٺ جي ڌوراجي ديهه جي هڪ جاءِ تي خواجہ (محڪم الدين صاحب) کان پڇيو ته حضرت قطب صمداني محبوب حقاني شيخ المشائخ حضرت شيخ محي الدين سيد عبدالقادر رضي الله عنہ پنهنجي ڪلام، ڪتاب غوثي ۾ فرمايو آهي ته منهنجو ملڪ خدا جي ملڪ کان وڌيڪ ويڪرو آهي. اتي ڪهڙي رمز ڏانهن اشارو ٿيندو؟ پاڻ فرمايائون ته حضرت شيخ حق فرمايو آهي، ڇوته خدا جي ملڪ کي عالم صفات يعني صفتن جو جهان قرار ڏنو آهي ۽ حضرت پير جو ملڪ حق سبحانہ تعاليٰ جي ذات آهي ۽ اها صفتن کان وڌيڪ وسيع ۽ محيط آهي.

نقل 2: سيد پير محمد، ڪوچه ڳوٺ جي رهاڪو ڳالهه ڪئي ته حضرت خواجہ (محڪم الدين) ٻه ڀيرا اسان وٽان لنگهي ملڪ هالار ڏانهن ويا هئا. ٽئين ڀيري آيا ته هڪ رات رهيا، اسان کين ٻي رات رهڻ لاءِ ڏاڍو عرض ڪيو، پر نه ٽڪيا ۽ وعدو ڪيائون ته واپسيءَ ۾ اوهان وٽ رات رهندس. الله جي گهر، جو اهو اتفاق ٿيو جو سورٺ ملڪ جي ڌوراجي ڳوٺ ۾ خواجہ صاحب جو شهباز روح پر فتوح، صورت جي جهان کان حقيقت جي ملڪ ڏانهن اڏامي ويو. انا لله وانا اليہ راجعون. ان حقيقت ڪري ڏاڍو عجب ٿيو ته اوليائن جا وعدا پڪا ٿيندا آهن، هيءُ ڪهڙو حادثو آڏو آيو جو وعدو پورو نه ٿيو. اهو خيال دل تان مُورُ نه ٿي لٿو. ڪن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ڇا ٿيو جو خواجہ صاحب جو ڀائيٽو ۽ ڀاڻيجو سورٺ ملڪ ڏانهن ويا ۽ مخدوم صاحب جي صندوق مبارڪ کي قبر مان ڪڍي اُٺن تي سوار ٿي پنهنجي ملڪ ڏانهن کنيون ٿي ويا، جڏهن رهمڪي جي بازار کان (جيڪا ملڪ سنڌ جي ڪلراٺي ۽ ڪڇ لاءِ سرحد آهي) کان لنگهيا ته ڀٽن جي واٽ جو پاسو ورتائون ۽ پراڻ درياءَ جي ڪناري کان برابر ۾ هليا، ان ڪامل ۽ مڪمل جي وعدي جي پاڙڻ لاءِ اهڙو اتفاق ٿيو جو سڀني همراهن جو مٿو ڦري ويو جو سندن واٽ جو رخ اتر پاسي هو، ان کان ڦري اولهه ڏانهن هليا، ڪوچه ۽ پراڻ جي وچ ۾ جيڪو فاصلو هو، تنهن کي هڪ رات ۾ پورو ڪري ڪوچي ۾ لٿا ۽ رات هن فقير وٽ مهمان ٿيا ۽ ٻئي ڏينهن روانا ٿيا.

اي پيارا! اولياءَ الله جو وعدو حق آهي ۽ سندن وعدو ۽ وعيد ڌمڪي سچي آهي. چڱي طرح ڏس نگاهه رک ۽ دل کي خوش رک ته جڏهن هر اهو وعدو، بشارت ۽ اشارو پنهنجي مريدن، معتقدن ۽ مخلصن لاءِ هن فاني ۽ اونداهي دنيا ۾ ڪيو اٿن، ان کي به انهن پاڙيو آهي ته جڏهن اهي حقيقت جي ملڪ ڏانهن (جيڪو هميشه رهڻ وارو جهان، پاڪيزه ۽ باقي آهي) منزل ڪندا ته ڪيڏا نه انعام ۽ اڪرام پنهنجي مريدن، معتقدن ۽ مخلصن لاءِ خرچ فرمائيندا، ان جو بيان ٽڪر ڪاغذ جي تنگ ميدان تي ڪيئن ماپي سگهندو جو ان کي قلم جي قيد ۾ آڻجي.

نقل 3: سيد فتح محمد ويٺل علي پور جن ڳالهه ڪئي ته مون ننڍائي ۾ حضرت خواجہ (محڪم الدين) کي ڏٺو هو، جو پاڻ ديهه علي پور ۾ آيا هئا ۽ واٽ ۾ هن فقير جي سامهون ٿي فرمايائون ته اي ڇوڪرا! تون سيد آهين، مون چيو هائو! پوءِ مون عرض ڪيو ته چاڪر جي مسجد ۾ ٽڪندؤ! فرمايائون ته چاڪر ڪير آهي؟ اسان انهن جي مسجد ۾ رهنداسين، ڇوته هن کان اڳ به اتي اولياءَ الله رهندا آيا آهن، پوءِ پاڻ بازار کان آيا ۽ ڪجهه کنڊ خريد ڪري هن فقير کي ڏنائون، چاڪر فقير منهنجي چاچي کي چيو هو ته جيڪڏهن ڪو خدائي اتفاق ٿئي جو حضرت خواجہ (محڪم الدين) هت اچن ته مون کي سڏ ڪندا ته آئون سندن مريد ٿيندس، ان رات چاڪر فقير ڪنهن پاسي ويل هو، منهنجي چاچي ان ڏانهن ماڻهو موڪليو جو اهو صبح جو اچي حاضر ٿيو، هوڏانهن مخدوم صاحب، ان کان اڳ شهر کان ٻاهر نڪري چڪا هئا، چاڪر فقير واٽ تي اچي قدم بوسي ڪئي، پر مخدوم صاحب جي هيبت ڪري پنهنجي دل جو مقصد زبان تي آڻي نه سگهيا، اٽڪل چاليهه پنجاهه گامون ساڻس گڏ هلياسون جو پاڻ بيهي فرمايائون ته اوهين هتي بيهو، بس سندن انهيءَ فرمائش تي سڀ ڪنهن جا پير اُتي کُپي ويا ۽ ڪنهن کي به اها سگهه نه ٿي جو هڪ قدم به اڳتي کڻي ساڻن همراهه ٿئي، پوءِ پاڻ هٿ کڻي دعا ڪيائون ۽ روانا ٿيا.

نقل 4: نقل آهي ته (مخدوم محڪم الدين) آخري سفر ۾ پنهنجي ملڪ کان سورٺ ڏانهن وڃي رهيا هئا، هڪ مريدياڻي عورت وٽ، جيڪا وڏي محبت ۽ اخلاص واري هئي، دائودپوٽن جي ملڪ (بهاولپور رياست) جي رهاڪو هئي، اچي رهيا. ان عورت مخدوم صاحب کي ڪجهه وڌيڪ ڏينهن ترسڻ لاءِ عرض ڪيو، پر پاڻ قبول نه ڪيائون ۽ فرمايائون ته هن سفر تان موٽندي تو وٽ رهندس. (پاڻ هن سفر ۾ فوت ٿي ويا) جڏهن سندس عزيز وصال کان پوءِ صندوق کڻي ان عورت جي ڳوٺ آيا ته اٺ اڳتي هلڻ کان نابري واري ويهي رهيو ۽ صندوق اتي رهي، پوءِ نيٺ اتي رهيا ۽ مزار مبارڪ اتي ئي (سمہ سٽہ) ۾ ٿي.

نقل 5: طالب فقير هاليپوٽي کان نقل آهي جو اهو خواجہ محڪم الدين سيراني جو مريد هو، ان چيو ته هڪ ڏينهن ڀڄ کان خواجہ صاحب محڪم الدين سان گڏجي سنڌ ڏانهن روانا ٿياسون. ٻن پهرن جي نماز مهل بدين شهر ۾ اچي فرض نماز پڙهي، اتان اڳتي روانا ٿياسون، ٽن پهرن جي نماز اگهمانه ڳوٺ ۾ ادا ڪئي سون ۽ چار پنج ماڻهو خدمت ۾ حاضر هئاسون.

نقل 6: ساڳي مٿئين فقير (طالب هاليپوٽي) کان منقول آهي ته هڪ وقت جمعي نماز لاءِ ٻانگ ڪوندل شهر ۾ جيڪو هالار ملڪ ۾ آهي، ٻڌي سون. مخدوم صاحب جن نئون وضو فرمائي جمعي جي نماز موراچي شهر ۾ پڙهي. انهن ٻنهي شهرن جي وچ وارو مفاصلو پندرهن ڪوهه آهي. هيءُ فقير به سندن خدمت ۾ گڏ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com