سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :19

 

تاريخ ۽ جاگرافي

 

سنڌي قوميت ۽ سنڌ، شاهه جي ڪلام ۾

 ڪنهن به قوم جي تشڪيل لاءِ ٻن شين جو هجڻ نهايت ضروري آهي، هڪ ملڪ جو خاص خطو، جنهن جي رهواسين جي رهڻي، ڪهڻي ۽ سڀيتا ڏوراهن يا ڀر وارن خطن کان بنهه نرالي هجي، ماڻهن جي هڪ وڏي مجموعي کي قوم بنائڻ جي لاءِ ٻي مکيه شيءِ آهي ٻولي. ڌڻيءَ جي، هن ديس تي اها ڏات رهي آهي جو هزارن سالن کان مٿي ٻنهيءَ ڳالهين ۾ ممتاز رهيو آهي. بيشڪ، هن خطي جي طبعي حدن کي ڦيرائڻ ۽ ان تي حملن ڪرڻ جي ڪوشش ته ڇا، پر جتن به ڪيا ويا. اسان جي شاهوڪار سنڌي ٻوليءَ کي ڪي ڏکيا ڏينهن به ڏسڻا پيا، پر هتي جي سٻاجهڙن، ايماندار رهواسين، اوليائن ۽ صوفين سڳورن جي برڪت سان، سنڌ ۽ ان جي سلوڻي، سهڻي ۽ مٺي سنڌي جي ٻولي سلامت رهندي آئي ۽ اڳ ساڻن جن به کونس ڪئي، انهن جو اڄ ڪو نالي وٺڻ وارو به نه آهي. هن خطي تي قادر جو ڪرم رهيو آهي ۽ رهندو، اڳتي به هن، درويش ۽ اوليائن جي آستان ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وار ونگو نه ٿيندو!

ها! ته ڳالهه ٿي ڪيم لاکيڻي لطيف جي، شاعر ۽ اديب ته هر ملڪ ۾ ٿيندا آيا آهن ۽ نفس شاعري، انسانيت جو ڪو ايڏو ڪمال نه آهي، جو ان تي ويهي فخر ڪجي.

اسان جي لطيف سائين جي شاعري به سنڌي تهذيب ۽ سڀيتا وانگر دنيا جي شاعري کان امتيازي شان رکي ٿي. شاهه سنڌ آهي ۽ سنڌ شاهه آهي، شاهه جو ڪلام، سنڌي قوم جي تهذيب، ڪردار ۽ سڀيتا جو سچو آئينو آهي، رسالي جي هڪ هڪ سرود ته ڇا، پر هڪ هڪ بيت ۽ هر هڪ سٽ ۾ شاهه، سنڌ ۽ سنڌين کي خوشحال ڏسڻ گهري ٿو: ”سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.“

ٻارهين صديءَ جي اوائل ۾ ٺٽي جي هڪ درويش، صوفي ۽ بزرگ عالم ميين ابوالحسن، سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ڏئي، هڪ نئين جان وڌي ۽ عين انهيءَ دور ۾ لاکيڻي لطيف سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو الهامي ڪلام عطا ڪري، ابد تائين امر بنائي ڇڏيو ۽ سنڌي قوميت جي پيڙهه اهڙي ته پڪي ٿي، جو ان کي ڪا طاغوتي طاقت لوڏي نه ٿي سگهي. شاهه جي ڪلام ۾ ڪٿي به توهان کي ٻاهران آيل حاڪمن: ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ ٻين جو نالو نه ملندو، پر ٻئي پاسي، سنڌ جي اڳوڻن سخي حاڪمن، جادم جکري، راهوءَ، ابڙي ۽ سمن سورمن جي ساراهه نظر ايندي. جادم جکري جو سڀاءُ اجهو هن طرح اچاري رهيو آهي:

ڏمرئو ته ڏي، پرچئو ته پاٽ ڀري،

جنگ جکري کي، ٻئي چيون چت ۾.

(سرود بلاول)

لس ٻيلو ۽ ڪوهستان به سنڌي ٻولي لاءِ ائين آهي، جيئن عربيءَ لاءِ يمن ۽ ان جا اوچا جبل. جيئن ته اتي ڌارين ٻولين ڳالهائيندڙن جي اچ وڃ گهٽ هئي، ان ڪري عربي ٻولي پنهنجي پراڻي اصليت برقرار رکندي آئي ۽ قرآن مجيد ان کي سوني تي سهاڳي جو ڪم ڏنو. لس ۽ ڪوهستان جا ڏونگر به سنڌي ٻوليءَ جا رکوالا رهيا آهن ۽ اتي جي سنڌي رحمدل حاڪمن به سنڌي سٻاجهڙن ۽ عوام جي خدمت لاءِ چڱو پاڻ موکيو هو. شاهه، ڪشالا ڪڍي، لس ۽ ڪوهستان ۾ پهچي اتي جي سنڌي ٻولي ۽ رهواسين جو اڀياس ڪري پنهنجي ڪلام کي اتي جي نج سنڌي لفظن ۽ محاورن سان ڀرپور ڪري، سنڌي قوميت جي بنياد، سنڌي ٻوليءَ کي بچائي ورتو، نه رڳو ايترو، پر لس ٻيلي جي مشهور رحمدل سنڌي حاڪم سپڙ سخيءَ جي ساراهه جا هن طرح ڍڪ ڀري ٿو:

ڏاتار ته تون ٻيا مڙئي مڱڻا،

ميہ مندائتا وسڻا، سدا وسين تون،

جي گهر اچين مون، ته ميرائي مانُ لهان.

سنڌ جو سيد، هڪ امتي سنڌي امير کي گهر اچڻ جي دعوت ڏئي؟ ان کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت سنڌي قوميت جو جذبو نه چئجي ته ٻيو ڇا سڏجي!

سنڌ جي سدا حيات شاهه، پنهنجي شعر ۾ نج سنڌي اکر ڪتب آندا ۽ تشبيهون ۽ استعارا به ٻين ملڪن ۽ ٻين ٻولين کان وٺڻ مناسب نه ڄاتا، ان مان پڻ، سنڌي زبان جي خدمت ۽ وطن جي محبت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

شاهه انسان جي دل کي ”نهائينءَ“ سان مشابهت ڏئي ٿو. منهنجي مطالعي ۾ ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اهڙي سادي ۽ سٺي تشبيهه نظر نه آئي آهي. فرمائي ٿو:

نهائيءَ کان نيہ، سک منهنجا سپرين،

سڙي سارو ڏيهه، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

هن نيهن ۾ وطن ۽ ٻوليءَ سان نيهن ۽ محبت به اچي وڃي ٿي، جنهن جي پروڙ، اسان عمر رسيده ماڻهن کان وڌيڪ نوجوانن کي هوندي.

شاهه جي نظر ۾ وطن جون ڪوجهيون، ڪاريون، اڻ موچاريون ۽ ککيءَ جي کارين واريون غريب مهاڻيون به انهن سمين ۽ سومرين کان چڱيون آهن، جيڪي مغروري رکن ۽ وطن جي ڀلي لاءِ ڪا محنت نه ڪن ۽ تماچي، جيڪو وطن جو قومي حاڪم هو، ان کي ته ڀٽائي صاحب رڳو مثال طور ڪم آندو آهي، نه ته اصل مراد ڪجهه ٻي آهي:

کوءِ سميون، ٻن سومريون! جي اچن اوچي ڳاٽ

ورسي ڪينجهر ڄائيون! جن تماچيءَ جي تات الخ

(سرود ڪاموڏ)

ککيءَ هاڻي کاريون، ڇٻيءَ هاڻا ڇڄ،

پاند جنن جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ،

سو ڄام سهڄ، اڀو ڪري ان سين.

(سرود ڪاموڏ)

شاهه، سهڻي جي واتان، وطن دوستيءَ جو پيغام ڏئي ٿو:

ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين

ساڳي ريت، سنڌ جي هڪ ڳوٺاڻي نينگري، مارئيءَ واتان حب الوطنيءَ جون آهون ۽ داهون اچاريون آهن، سي پڻ لافاني ۽ لازوال سبق آهن، پنهنجي ڏيهه جو ڏٿ ۽ ڏؤنرا، گولاڙا ۽ گگريون، ڦره ۽ لاڻيون، کارا ۽ کٻڙيون، مارئي جي نظر ۾ بهشت جي نعمتن سمان آهن، وطن جي لوئي ليڙون ٿي وڃيس ٿي، ته به لڱن تان نه ٿي لاهي:

سبي سيبا ڏي، ڀوري نيہ نه ڪڄئو،

کٿيءَ وٽوين کٿيون، ستي سيوي سي،

مڇڻ چونم ڪي، لڄائيي ٿر ڄائيون.

ڀٽائي صاحب، بيشڪ سنڌي ٻوليءَ کي اوج تي پهچايو، پر ان کان گهڻو اڳ هتي جا صوفي، اهل الله ۽ عالم پڻ تصوف ۽ دين جي اونهن اسرارن ۽ رمزن کي سنڌيءَ ۾ ادا ڪندا هئا. ڏهين صديءَ ۾ سيد علي شيرازيءَ ٺٽوي، وقت جي وڏي مخدوم نوح هالائي ڏانهن هي بيت سنڌي ۾ چوائي موڪليو:

مون آهيان گندرو غريب، رهان ڪنجهر ڪنڌ تي،

تون آهين ڄام قريب، ڏن ڇڏائي ڏيج مون.

مخدوم نوح عليہ رحمة به کيس وراڻي ۾ هڪ سنڌي بيت لکي موڪليو:

جي تون آهين گندرو غريب، ته پڻ آهين چوکو مهاڻو،

ڄاڻائينداسين ڄام کي، جو مڃيندو ماڻو،

ڪنجهر سندو ناڻو، ڪڏهن گهرندءِ ڪونه ڪو.

اچو ته عهد ڪريون ته اسان کي به پنهنجي وڏڙن جي پيروي ۾ پنهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي ۾ ئي خيالن جو اظهار ڪرڻ گهرجي. سائنسي ۽ ٻين علمي مضامين جي ادائي لاءِ اسان جي ٻولي ڏاڍي شاهوڪار آهي. رڳو قرباني، عمل ۽ محنت جي ضرورت آهي.


 

 

 

سنڌ جا اولياءَ ۽ صوفياءَ ڪرام

ساڻيهه سنڌ منڍ کان ئي ڌڻيءَ جي ڏنل ۽ پهتل درويشن جو وطن رهيو آهي. اسلام کان اڳ ٻڌ ڌرم کي مڃيندڙ ٻوڌي ماڻهن جي گهڻي آبادي هوندي هئي، انهن جا ڀڪشو فقير سنڌو نديءَ جي ڪناري بڙ ۽ پپل جي وڏن وڻن جي ڇانو هيٺ بدني رياضت ۽ روحاني صفائي جي رمزن ۾ مگن ۽ مست ويٺا هوندا هئا. اڳتي هلي هنن درويشن سان برهمڻن کونس شروع ڪئي، نيٺ هنن تي ظلم ۽ ڏاڍ ويو وڌندو، ايتري ۾ عربن جو لشڪر هتي پهچي ويو، ٻوڌين به گهڻا ظلم سَٺَا هئا، ان ڪري مجبور ٿي انهن به عرب مسلمانن جو ساٿ ڏنو ۽ 93 هجريءَ ۾ وليد جي خلافت هيٺ سنڌ کي فتح ڪيو ويو.

جڏهن ته ٻوڌين مسلمانن جي مدد ڪئي ۽ مسلمانن سان رهڻي ڪهڻي ۾ هڪ ٿي ويا، تڏهن ٻنهي قومن جو بلڪه برهمڻن جو به هڪ ٻئي تي اثر انداز هجڻ لازمي هو. ان طرح هتي جي ماڻهن مان جن ايمان آندو، پنهنجي فقيري ۽ ويداني فلسفي واري نظرئي کي نه ڇڏيو، ان طرح هتي جي نئين مسلم آبادي ۾ تصوف ۽ درويشي اسرڻ لڳي.

ابو علي سنڌي

سنڌ ۾ اسلام کان پوءِ پهريون مسلمان درويش ابو علي سنڌي آهي، جيڪو نسل ڪري غير مسلم هو ۽ اسلام آڻن کان پوءِ ابو علي سنڌي جا نالي جڳ مشهور صوفي ثابت ٿيو. هن بزرگ صوفي جو مختصر احوال صوفين ۽ اولياءَ الله جي اڳين تذڪرن ۽ تاريخن ۾ ملي ٿو، هن جي حالات جو سڀ کان آڳاٽو ماخذ شيخ ابو نصر سراج طوسي (وفات رجب 378هه آڪٽوبر 988ع) جو ڪتاب ”اللمع“ آهي، شيخ ابو نصر کي ٻين سڀني مولف صوفين جو استاد ڳڻيو ويو آهي. علي بن عثمان جلالي (داتا گنج بخش هجويري وفات 456هه) پنهنجي ڪتاب ڪشف المحجوب کي شيخ ابو نصر طوسي جي ڪتاب ”اللمع“ جي پيروي ۾ لکيو. ساڳي ريت شيخ ابو عبدالرحمٰن سلمي (412هه) ڪتاب طبقات جو مولف پڻ طوسي جو شاگرد آهي، رسالي قشيريہ جو مولف ابوالقاسم قشيري (وفات 465هه) وري سلمي جو شاگرد آهي. هن مان شيخ ابو نصر طوسي جو تصوف ۾ علمي مقام ۽ مرتبو معلوم ڪري سگهجي ٿو.

ڪتاب اللمع عربي ۾ ٻن جاين تي شيخ ابو علي سنڌي جو بيان وڏي احترام سان ڪيو ويو آهي. صفحي 235 تي اچي ٿو.

وقال ابو يزيد البسطامي، صحبت ابا علي السندي، فکنت اعلمہ ما يقيم بہ فرضہ وکان يعلمني التوحيد و الحقائق صرفا (طبع سعادت مصر)

مطلب ته بايزيد بسطامي فرمايو ته مان ابو علي سنڌي سان صحبت ۽ رهاڻ ڪئي، آءٌ کيس قرآن جون ڪي سورتون سيکاريندو هوس، جن سان هو فرض نماز پوري طرح پڙهي سگهي ۽ هو مون کي توحيد (وحدت وجود) ۽ خالص حقائق جي تعليم ڏيندو هو.

ساڳي ڪتاب اللمع جي صفحي 401 تي اچي ٿو:

وحکي عن ابي يزيد بسطامي رح، انہ قال دخل علي ابو علي السندي رح وکان استاذه وکان معہ جراب فصبہ بين يدي فاذا هو الوان الجواهر الخ.

مطلب ته بايزيد بسطامي ڳالهه ڪئي ته هڪ ڏينهن مون وٽ ابو علي سنڌي آيو ۽ اهو سنڌي، بايزيد جو استاد هو، ان وٽ هڪ چم جي ڳوٿري هئي، جنهن کي ان منهنجي آڏو کڻي کوليو، ڇا ڏسان ته ان ۾ رنگ برنگي موتي ڀريل آهن، موتين کي ڏسندي مان ابو علي سنڌي کان پڇيو ته اهي موتي اوهان کي ڪٿان مليا؟ هن جواب ۾ فرمايو ته هتي هڪ وادي ۾ پهتس ته ڇا ڏسان ته اها وادي ڏئي وانگر چمڪي رهي آهي، هي موتي مون اتان کنيا آهن، بايزيد چيو ته مان کانئس پڇيو ته جڏهن اوهان ان واديءَ کان لنگهي رهيا هئا ته ان وقت اوهان جي حالت ڪيئن هئي؟ ابو علي سنڌي وراڻيو ته ان وقت آئون اڳين حالت کان ڪجهه پرڀرو ٿي ويو هوس، مطلب ته کيس موتين ۽ مڻين سان مشغول رکي خدا جي حضور کان پري رکيائون.

اهو ته هو قديم عربي ڪتاب جو احوال، صوفين سڳورن جو فارسي ۾ هڪ وڏو تذڪرو نفحات الانس آهي، هن جو مؤلف دنيا جي مشهور عالم ۽ صوفي مولانا عبدالرحمٰن جامي آهي. هن ان ڪتاب ۾ ابو علي سنڌي جي عنوان هيٺ هن طرح لکيو آهي:

در شرح شطحيات شيخ روز بهان بقلي آورده است که وي از استادان بايزيد است. بايزيد گويد که من از ابو علي علم فنا در توحيد مي آموختم و ابو علي از من الحمد و قل هو الله.

مطلب ته روز بهان بقلي پنهنجي تاليف شرح شطحيات ۾ آندو آهي ته ابو علي بايزيد جي استادن مان آهي، بايزيد چيو آهي ته مون توحيد ۽ فنا وارو علم (وحدت الوجود) ابو علي کان سکيو ۽ ابو علي مون کان الحمد ۽ قل هو الله سکيو. (نفحات حسن 16 نولڪشور ڇاپو)

نفحات جو مون وٽ اهو ڇپيل نسخو اصل ۾ منهنجي بزرگ دوست مولانا دين محمد وفائي جي مطالعي ۽ ملڪيت ۾ رهيو آهي. مولانا وفائي مرحوم، ابو علي جي تذڪري ۾ حاشيي تي فارسي ۾ هڪ معلوماتي نوٽ لکيو آهي:

حضرت استاذي مولانا عبيدالله سندي مدظلہ مي فرمودند کہ چو نکہ ابو علي سندي نو مسلم بود و در علوم ويدانت کہ مبني بر مسئلہ وحدت الوجود کما حقہ ماهر و واقف بوده بايزيد ازوي دقائق علم وحدت مي آموخت و ابو علي سندي ازوي طريقہ نماز ادا کردن چہ نو مسلم را در اول امر آموختن سورها قصار لابدي است. ازين ظاهر است کہ مسئلہ وحدت الوجود در تصوف اسلامي از سمت فلاسفہ هند ويونان رسيده (دين محمد وفائي)

مطلب ته منهنجا استاد مولانا عبيدالله سنڌي فرمائيندا هئا ته جيئن ته ابو علي سنڌي نو مسلم هو ۽ ويدانت جي علمن ۾ (جن جو مدار وحدت الوجود جي مسئلن تي آهي) پوري طرح ماهر واقف هو (ان ڪري) بايزيد، ابو علي سنڌي کان وحدت جا راز سکيو ۽ ابو علي سنڌي نماز ادا ڪرڻ جي واٽ بايزيد بسطامي کان سکي، ڇوته نومسلم کي شروع ۾ ننڍڙين سورتن جو سکڻ ضروري آهي. هن مان پڌرو ٿيو ته تصوف اسلامي ۾ وحدت الوجود مسئلو (برصغير) هند (سنڌ) ۽ يوناني فلسفين طرفان پهتو. شيخ ابو علي سنڌي ٽين صدي هجريءَ جو عظيم سنڌي صوفي هو.

ابو موسيٰ ديبلي:

بايزيد بسطامي مسلم اصفيا ۽ اولياءَ ۾ وڏو درجو رکي ٿو. تصوف ۾ ان کي ملامتين ۽ قلندري طريقي وارن صوفين جو سرگروه سڏيو ويو آهي ۽ هو عمر ۾ حضرت جنيد بغدادي رح کان به وڏو هو. هن جي ولادت 180هه ۽ وفات 261هه ۾ ٿي، اسان مٿي هن بزرگ جي استادن مان ابو علي سنڌيءَ جو احوال ڏئي چڪا آهيون، خوش قسمتيءَ سان هن عظيم ولي قلندر ۽ صوفي جو هڪ خاص مريد ۽ معتقد ابو موسيٰ ديبلي سنڌي کي ٻڌايو ويو آهي، اهو انڪشاف اسان کي ڪتاب ”ڪارنامہ بزرگان ايران فارسي“ ص80 تان بايزيد بسطامي جي احوال هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ان جي مريدن ۽ معتقدن جي لسٽ ۾ ابو موسيٰ ديبليءَ جو نالو پڻ ڳڻيو آهي. اسان وڌيڪ تحقيق جي لاءِ حافظ ابو نعيم اصفهاني جي جڳ مشهور ڪتاب ”حلية الاولياءَ“ کي ڏٺو ۽ ان ۾ بايزيد جي تذڪري هيٺ ڪجهه روايتون ابو موسيٰ الدوليءَ جي نالي سان بايزيد بسطامي کان آيل آهن (ج1 ص41) اسان جي خيال ۾ اهو ابو موسيٰ الدولي نه پر الديبلي هوندو، جنهن جو ذڪر ”ڪارنامہ بزرگان ايران“ ۾ آيو آهي، انهن ابو موسيٰ واري روايتن مان بايزيد هڪ روايت ابوعبدالرحمٰن سنڌي کان ڪئي آهي، ان مان اسان کي بسطامي جو ابو علي سنڌي کان سواءِ هڪ ٻيو استاد ابو عبدالرحمٰن سنڌي به معلوم ٿيو. جڏهن ته بايزيد بسطامي قلندري طريقت جو باني هو، تڏهن برصغير ۾ هن طريقي جو باني ان جو شاگرد ابو موسيٰ ديبليءَ کي قرار ڏنو ويندو، جا هن ساڻيهه لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي.

احمد بن سنڌي:

ٽين ۽ چوٿين صدي هجريءَ جو عظيم زاهد، صوفي ۽ محدث احمد بن سنڌي آهي، هن بزرگ جو بيان حافظ ابو نعيم اصفهاني (وفات 430هه) ڪتاب ”حلية الاولياءِ“ عربيءَ ۾، عظيم مورخ علامہ خطيب بغدادي تاريخ بغداد ۾، حافظ ابن اثير جزري ”ڪتاب اللباب في تهذيب الانساب“ ۾، علامه ابن حماد حنبلي ”ڪتاب شذرات الذهب في احبار من ذهب“ ۾، علامہ سمعاني ”ڪتاب الانساب“ ۾ ڪيو آهي. حافظ ابو نعيم اصفهاني لکي ٿو ته احمد بن سنڌي هڪ ثقو ۽ معتبر راوي آهي ۽ اهو ابدالن مان هو، هن جي دعا قبول پوندي هئي. ابوبڪر برقاني به هن کي معتبر قرار ڏنو آهي. محمد بن ابي الفوارس به ان کي شيخ ۽ ثقو سڏيو آهي ۽ ان جي وفات 359هه ٻڌائي آهي.

خطيب بغدادي هن درويش جو نسب هن طرح ٻڌايو آهي: احمد بن سنڌي بن حسن بن بحر ابوبڪر حداد ۽ هن جا استاد هي عالم ڳڻيا آهن: محمد بن عباس مودب، حسن بن علويہ قطان، موسيٰ بن هارون حافظ ۽ ان جا شاگرد. هي محدث ۽ امام آندا آهن: ابن رزقوبہ، ابو علي بن شادان ۽ حافظ ابو نعيم اصفهاني، علامہ خطيب بغدادي به هن سنڌي بزرگ کي ثقہ (معتبر) صدوق (سچو) ۽ خير (ڀلو) جي لقبن سان نوازيو آهي ۽ اهو به لکيو آهي ته هو بغداد جي محلي بني حداد ۾ رهندو هو ۽ کيس حداد سڏجي ٿو.

قاضي ابو سعيد سمعاني مروزي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب الانساب (ورق 158 ڇاپو ليدن) ۾ لکي ٿو: احمد بن السندي الحداد يروي عن الحسن علويہ ڪتاب المبتداءَ الخ، مطلب ته احمد بن سنڌي حداد (لوهار) حسن بن علويہ کان ڪتاب المبتدا جي روايت ڪئي آهي ۽ محمد بن عباس مودب ۽ ٻين کان پڻ روايت ڪئي آهي.

قاضي سمعاني اهو احوال الحداد نسب هيٺ آندو آهي ۽ هڪ نوٽ لکيو آهي ته حداد حديد ڏانهن منسوب آهي، حديد لوهه کي چئبو آهي ۽ اها نسبت لوهه جي واپار خريد، فروخت جي ڪري ٿي هوندي ۽ عالمن جي هڪ جماعت کي حداد سڏجي ٿو، جو انهن جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن اهو لوهه جو ڌنڌو ڪيو هوندو.

حافظ ابن اثير جزري، علامہ خطيب وارو احوال ان جي حوالي سان ڏنو آهي:

هي سنڌي زاهد ۽ محدث، جڏهن ته حافظ ابو نعيم اصفهاني جو استاد هو، ان ڪري حلية الاولياءِ ڪتاب ۾ تفصيل سان ان جون روايتون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي ڪل ٻارنهن روايتون آهن ۽ هيٺين صحابين ۽ تابعين کان آيل آهن:

(1) حضرت علي رضي الله عنہ، اسلام جي بنياد بابت روايت جنهن ۾ اسلام جو بنياد جن شين تي ٻڌايو ويو آهي، صبر، يقين جهاد ۽ عدل.

(2) مقداد بن الاسود صحابيءَ جي روايت.

(3) حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنهما.

(4) ابو رجا العطاروي جي روايت ته انڊلٺ کي قوس قزح نه سڏيو، ڇوته قزح شيطان جو نالو آهي، پر ان کي قوس الله يعني الله جي ڪمان سڏيو.

(5) مالڪ بن دينار تابعي جي روايت پوڙهن مسلمانن جي فضيلت ۾.

(6) ابو عمر الجوفي جي روايت.

(7) سعيد بن جبير جي روايت خوف خدا بابت.

(8) وهب بن منبہ کان ٽي روايتون، ٻه عقل بابت هڪ حضرت يوسف بابت.

(9) ميمون بن مهران.

(10) شعبي تابعي.

(11) عڪرمہ کان روايت ان طرح، اهي روايتون ٽن چئن ورقن تي ڦهليل آهن.

ابو موسيٰ ديبلي:

سنڌ جي قديم درويشن ۽ اولياءَ الله جي سلسلي ۾ ابو علي سنڌي کان سواءِ جيڪي نالا مليا آهن، انهن ۾ ديبل سنڌ جي بزرگن جي گهڻائي آهي، ديبلي نومسلم سنڌين علم حديث ته ٻاهران آيل عرب عالمن کان پرايو، باقي تصوف، درويشي ۽ ويدانت فلاسفي (وحدت وجود) ته انهن لاءِ پنهنجي ۽ هتي جي شيءِ هئي، جيئن اسان اڳ شيخ ابو علي سنڌي جي احوال ۾ لکي آيا آهيون. اتي اسان عالم اسلام جي عظيم صوفي، قلندر ۽ اهل الله بايزيد بسطاميءَ لاءِ ڪتاب اللمع جي حوالي سان لکيو هو ته عرفان ۾ ابو علي سنڌي، بايزيد بسطامي جو استاد هو ۽ ”ڪارنامہ بزرگان ايران“ نالي ڪتاب جي حوالي سان ابو موسيٰ ديبليءَ کي بايزيد بسطاميءَ جو شاگرد مريد ڄاڻايو هو.

هن سلسلي ۾ اسان کي علامہ ابن جوزيءَ جي ڪتاب صفوة الصفوه مان ابو موسيٰ ديبليءَ جي زندگي ۽ بايزيد بسطامي جي وڌيڪ نسبي لاڳاپي بابت به روشني ملي آهي ته ابو موسيٰ سنڌي بايزيد جو ڀاڻيجو هو. هن مان اهو پڌرو ٿئي ٿو ته ابو موسيٰ جو والد بزرگوار ديبل کان بغداد پهتو هوندو ۽ ان جو علم ۽ عرفان ۾ به وڏو درجو ٿو ڏسجي جو بايزيد بسطامي جهڙي وڏي ولي الله کيس پنهنجي ڀيڻ پرڻائي ڏني، جنهن مان ابو موسيٰ پيدا ٿيو، ابو موسيٰ ديبلي وري سندس مامي بايزيد بسطامي کان فيض پرايو.

ابن جوزي صفوة الصفوه ۾ بايزيد بسطامي جي احوال ۾ پنجن واسطن: محمد بن ابي منصور، مبارڪ بن عبدالجبار، محمد بن حسن مالڪي ۽ علي بن جعفر بغدادي سان هڪ حديث آندي آهي ته بايزيد بسطامي جي ڀاڻيجي کان روايت آهي ته اسان کي بايزيد بسطامي خبر ڪئي ته کيس محمد بن منصور بناطوسي ٻڌايو، ان کي سفيان بن عيينہ کان، ان محمد بن سوقہ کان، ان نافع بن جبير کان، ان حضرت ام سلمہ رضي الله عنہ کان روايت ڪئي ته پيغمبر عليہ السلام هڪ لشڪر جو ذڪر فرمايو، جنهن کي زمين ۾ ڳڙڪايو ويندو.

تڏهن ام سلمہ رضي الله عنہ سوال ڪيو ته انهيءَ لشڪر ۾ ڪي ماڻهو مجبور ٿي ويا هوندا. ان تي پاڻ سڳورن فرمايو ته هلاڪت سڀني تي ايندي ۽ آخرت ۾ سندن نيتن سان اٿاريا ويندا، مطلب ته نيتن پٽاندڙ انهن سان معاملو ڪيو ويندو. علامه ابن جوزي شيخ بايزيد بسطامي جا ڪيترا اقوال جي ان جي ڀاڻيجي ابو موسيٰ ديبلي سنڌي کان نقل ڪيا آهن.

ابو موسيٰ ديبلي چيو ته مان بايزيد بسطامي کان فرمائيندي ٻڌو ته سڀ ماڻهو حساب کان ڀڄندا آهن ۽ ڊپ ڪندا آهن، پر مان الله تعاليٰ کان سوال ٿو ڪريان ته مون کان حساب وٺي، کانئس پڇيو ويو ته ائين ڇو آهي؟ تڏهن بايزيد چيو ته حساب مهل خدا پاڪ مون سان يا عبدي (اي منهنجا ٻانها!) چئي خطاب ڪري ۽ مان لبيڪ (حاضر آهيان) چوان، الله تعاليٰ جو مون کي پنهنجو ٻانهو سڏڻ مون کي ساري دنيا کان پسند آهي، ان کان پوءِ جيئن کيس وڻي تيئن مون سان برتاءُ ڪري.

ابو موسيٰ ديبلي ٿو چئي ته هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهو کي بايزيد بسطامي کان هي سوال ڪندي ٻڌو ته مون کي ڪو اهڙو عمل ڏسيو، جنهن سان آئون پنهنجي پالڻهار کي ويجهو ٿيان، اهو ٻڌي بايزيد چيو ته تون اولياءَ الله سان محبت رک ته اهي توسان محبت رکن، الله تعاليٰ ولين جي دلين تي نظر رکندو آهي. من ائين ٿئي جو ولي جي دل ۾ نظر ڪرڻ سان تنهنجي نالي به نظر فرمائي، پوءِ توکي بخشي ڇڏي.

ابو موسيٰ ديبلي چيو ته مان بايزيد کان اهو چوندي ٻڌو ته منهنجي دل آسمان ڏانهن عروج ڪري وئي ۽ اتان گهمي ڦري وري واپس آئي. مون کانئس پڇيو ته تو پاڻ سان گڏ ڇا آندو؟ جواب ۾ فرمايائين ته محبت ۽ راضپو.

ابو موسيٰ ديبليءَ کان روايت آهي ته بايزيد فرمايو ته مان جڏهن نظر ڪئي ته ماڻهو دنيا ۾ نڪاح ۽ کاڌي پيتي مان لذت وٺي رهيا آهن ۽ آخرت ۾ منڪوح ۽ لذت وارين شين سان، تڏهن دنيا ۾ منهنجي لذت الله جو ذڪر آهي ۽ آخرت ۾ الله جو ديدار آهي.

ابو موسيٰ ديبلي فرمايو ته مان بايزيد کان پڇيو ته آئون ڪنهن جي صحبت اختيار ڪريان؟ هن فرمايو ته اهڙي ماڻهو سان سنگت رک جو جڏهن تون بيمار ٿئين ته توکان طبع پرسي ڪري ۽ جڏهن توکان ڪو گناهه ٿئي ته تو لاءِ دعا گهري.

ابو موسيٰ ديبليءَ چيو ته هن ۾ ڪا عجب جي ڳالهه نه آهي. اي الله! جو آئون توسان محبت رکان، آءٌ ته هڪ عبد ۽ فقير آهيان، پر عجب هن ۾ آهي جو تون مون سان محبت ڪرين ٿو، حالانڪ تون بادشاهه سگهارو آهين.

ابو موسيٰ ديبلي چيو ته بايزيد بسطامي فرمايو ته مان ٽيهه سال سانده الله جي ذڪر ڪرڻ جي لاءِ وات صاف ڪندو رهيس ته متان ڪا بي ادبي ٿئي، بايزيد اهو به فرمايو ته عبادتن ۾ اهي آفتون آهن، جيڪي گناهن ۾ نه آهن، ان اهو به فرمايو ته جيستائين ڪو ٻانهو اهو خيال ڪري ٿو ته کانئس مخلوق ۾ ٻيو ڪو ماڻهو وڌيڪ بڇڙو آهي ته اهو متڪبر ڳڻيو ويندو.

ابو موسيٰ ديبلي چيو ته بايزيد فرمايو ته ٽي ماڻهو، ٽن ڳالهين ڪري الله کان حجاب ۾ رهندا آهن. هڪ زاهد پنهنجي زهد ڪري، ٻيو عابد پنهنجي عبادت ڪري، ٽيون عالم پنهنجي علم ڪري. الخ. ابو موسيٰ ديبلي ٽين صدي جي بزرگن مان هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com