سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :22

سيد سلطان شاهه ابن جعفر شاهه ثالث

هيءُ سيد سڳورو، پيرزاده لنجار فريديءَ جي بندوق سان شهيد ٿيو، پيرزادو شڪار ڪري رهيو هو جو غلطيءَ مان ويچاري شاهه کي شڪار ڪري وڌائين. سندس پٽ سيد ڇتو شاهه پيءُ جي خون جي عوض، پيرزادن مان ڪنهن هڪ جي نياڻيءَ کي نڪاح ۾ آندو ۽ پاڻ ۾ راضي ٿي ويا. سيد سلطان شاهه کي سيد ڇتو شاهه کان سواءِ هڪ ٻيو به پٽ هو، سيد ڪبير شاهه نالي، جيڪو لاولد ٿي فوت ٿيو.

سيد ڇتو شاهه ابن سلطان شاهه

هن کي ٽي پٽ هئا، جن مان هڪ سيد خير شاهه مائٽن جي هٿان جوانيءَ ۾ ئي مارجي ويو ۽ ان اڃا شادي به نه ڪئي هئي ۽ ٻيو پٽ سيد سلطان شاهه ثاني لاولد مري ويو ۽ ٽيون سيد عظمت شاهه، هن کي هڪ پٽ سيد شير شاهه هو ۽ شير شاهه کي به هڪ پٽ سيد عظمت شاهه هو.

سيد اڪرم شاهه بن سيد جعفر شاهه ثالث، جيڪو مائٽن جي تڪرار ۽ جهيڙي ۾ مارجي ويو، ان کي هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو سيد جعفر شاهه اصغر هو ۽ هن کي رڳو هڪ نياڻي هئي.

سيد نهال شاهه بن سيد جعفر شاهه ثالث کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد حسن شاهه (2) سيد دولت شاهه، جو لاولد فوت ٿيو. سيد حسن شاهه بن سيد نهال شاهه کي ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد حيدر شاهه (2) سيد محب شاهه، جو اڃان شادي ئي نه ڪئي هئائين ته مائٽاڻي جهيڙي ۾ مارجي ويو.

شاهه نهال حيدر جي وفات کان پوءِ چڪ جي ساداتن جي سازش سبب سيد نهال شاهه کي سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي ويئي، ان کان پوءِ سندس ڀاءَ سيد حسن شاهه، ان کان پوءِ وري سيد حسن شاهه جو پٽ سيد حيدر شاهه ۽ سيد حيدر شاهه کان پوءِ سيد عبدالستار شاهه بن گلڻ شاهه پڳ تي ويٺو. انهن چئني جو گهڻو ڪري مائٽن سان تڪرار ۽ جهيڙو جهٽو رهيو، تنهن ڪري سندن مٽ مائٽ انهن کان ڦري ويا. هيءُ سڄو مذڪور سيد جعفر شاهه ثالث ابن سيد حيدر شاهه ثانيءَ جي نسل جو بيان هو، باقي سيد حيدر شاهه جي ٻئي پٽ سيد محمود شاهه جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:

سيد محمود شاهه ابن حيدر شاهه ثاني

هيءُ سيد سڳورو علم ۽ عقل جو صاحب ۽ باطني فيض جو مالڪ هو، سندس مقبرو دين شاهه جي قبرستان ۾ آهي. هن کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد معز الدين (2) سيد عثمان شاهه. سيد معز الدين شاهه ابن سيد محمود شاهه کي سيد نبي بخش شاهه نالي پٽ ٿيو، جيڪو قرآن پاڪ جو حافظ هو. شادي نه ڪيائين، تجرد ۾ فوت ٿي ويو. سيد عثمان شاهه بن محمود شاهه حشمت ۽ جلال جو مالڪ هو، ڏاڍو سخي هو، چڪ جي خطي ۾ سندس جهڙو ٻيو ڪوبه نه هو. هن جو مقبرو شاهه نهال حيدر جي مقام ۾ آهي. هن کي چار پٽ ٿيا: (1) سڀني ۾ وڏو سيد امير شاهه (2) محمود شاهه ثاني، هن جو مقبرو وڏي خانقاهه جي ٻاهران آهي، هن کي هڪ پٽ ٿيو، سيد عثمان شاهه ثاني. ان کي ٻه پٽ ٿيا. (1) محمود شاهه ثالث لاولد ٿي گذاري ويو. (2) سيد معز الدين شاهه هن کي ٽي پٽ هئا: (1) سيد عثمان شاهه ثالث (2) سيد محمود شاهه ثالث (3) سيد نادر شاهه.

سيد ڪوڙو شاهه بن سيد عثمان شاهه ڪلان کي سيد مٺو شاهه نالي هڪ پٽ هو. سيد مٺو شاهه کي وري ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد ڪوڙو شاهه ثاني (2) بيرم شاهه، جيڪو لاولد ٿي مري ويو. سيد ڪوڙو شاهه بن سيد مٺو شاهه کي هڪ پٽ سيد وڏڻ شاهه نالي هو، ان کي به هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو سيد ڪوڙو شاهه هو.

سيد امير شاهه ابن عثمان شاهه کي هڪ پٽ ٿيو، سيد سعيد محمد شاهه، هن کي وري ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد امير شاهه ثاني (2) سيد خدا بخش شاهه. سيد امير شاهه ثاني کي ٽي پٽ ٿيا: (1) سيد سعيد محمد ثاني (2) سيد احمد شاه (3) امام بخش شاهه. سيد خدا بخش شاهه. ابن سيد سعيد محمد کي هڪ پٽ الاهي بخش نالي ٿيو. هتي سيد محمود شاهه ابن سيد حيدر شاه ثاني جي نسل جو احوال پورو ٿيو.

 

 

سيد دلير شاهه ابن حيدر شاهه ثاني

هي ڏاڍي حشمت وارو ۽ عزت ڀريو انسان هو. هن جو مقبرو دهن شاهه جي قبرستان ۾ آهي، هن کي هڪ پٽ نالي لعل شاهه هو، لعل شاهه کي وري ٽي پٽ ٿيا: (1) شهيدين شاهه (2) دلير شاهه ثاني (3) ڇتو شاهه. اهڙي طرح هن جو سلسلو نسب وڌندو رهيو.

سيد عادل شاهه

سيد باغ علي شاهه بن جعفر بن مبارڪ شاهه عادلپوريءَ جي پٽ سيد عادل شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد ميول (2) سيد فوج، جيڪو بندل شاهه جي نالي سان مشهور آهي. هنن ٻنهين جو اولاد گهڻو آهي.

سيد ميول شاهه برڪت ۽ فيض جو مالڪ هو. ڪنڌ ڪوٽ کان چار ميل اتر اولهه ڪنڊ تي نڀر ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. نڀر ڳوٺ جي ٻاهران سندس مقبرو آهي. هن کي هڪ پٽ سيد باغ علي ثاني جي نالي هو، جو نهايت ڪامل ۽ حلم و حيا جو مالڪ هو. طريقت ۾ حضرت موسيٰ شاهه جو مريد هو، پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ نڀر کان ڪوچ ڪري اچي لوءِ صاحبان (گهوٽڪيءَ) ۾ سڪونت اختيار ڪئي. اهو دور حضرت صالح شاهه بن موسيٰ شاهه جي خلافت جو دور هو. هن جو مقبرو جعفر شاهه ثالث جي پاسي ۾ وڏي خانگاهه ۾ واقع آهي. هن کي ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد جان محمد شاهه (وڏو) (2) سيد محمد اشرف. سيد جان محمد ابن سيد باغ علي ثاني بزرگ انسان هو ۽ ڪمال جو صاحب هو، هن جو مقبرو شاهه نهال حيدر جي خانقاهه ۾ آهي، هن کي هڪ پٽ نالي سيد محمد عارف ۽ هڪ ڌيءَ هئي. سيد محمد اشرف به ولي ڪامل ۽ مستجاب الدعوات هو، هن جو مقبرو شاهه نهال حيدر جي خانقاهه ۾ واقع آهي. هن کي ٽي پٽ ٿيا: (1) سيد اسدالله شاهه (2) سيد غلام مصطفيٰ شاهه (3) سيد علي شاهه. سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ٻه نياڻيون هيون. سيد اسدالله شاهه کي ٽي پٽ ٿيا: (1) باغ علي شاهه ثالث (2) خدا بخش شاهه (3) عبدالهادي شاهه، جو لاولد هو. سيد باغ علي ثالث کي ٻه پٽ هئا. (1) محمد اشرف ثاني (2) شجاعل شاهه. هن شاديءَ کان اڳ وفات ڪئي. سيد محمد اشرف ابن سيد باغ علي ثالث کي هڪ پٽ سيد سعيد محمد نالي هو. هن کي به هڪ پٽ سيد محمد اشرف نالي ٿيو. هن کي پٽ ڄائو، پر ٻالجٽيءَ ۾ گذاري ويو.

خدا بخش شاهه ابن سيد اسدالله کي هڪ پٽ سيد خاوند بخش شاهه نالي ٿيو، ان کي وري ٽي پٽ ٿيا: (1) سيد خدا بخش شاهه ثاني (2) سيد غلام مصطفيٰ شاهه (3) سيد الله بخش شاهه جو لاولد فوت ٿيو. خدا بخش شاهه ثاني بن خاوند بخش شاهه کي هڪ پٽ عبدالواحد شاهه نالي ٿيو.

سيد علي محمد ابن سيد محمد اشرف ڪلان نهايت هوشيار، علم ۽ ديانت وارو صاحب هو، هن کي ست پٽ هئا، سڀني ۾ وڏو سيد رسول بخش ثاني هو، جو شاديءَ کان اڳ ئي گذاري ويو. (2) سيد سليمان جوانيءَ ۾ گذاري ويو، (3) جان محمد شاهه (4) شير محمد شاهه (5) سيد غلام حيدر (6) سيد احمدي (7) سيد فخر الدين. سيد جان محمد ابن سيد علي محمد کي هڪ پٽ نالي امام بخش شاهه ٿيو، جو شاديءَ کان اڳ گذاري ويو. سيد شير محمد لاولد فوت ٿيو. سيد غلام حيدر کي هڪ پٽ نالي سيد علي محمد ثاني ٿيو، ان کي به هڪ پٽ شرف الدين شاهه نالي هو، جو سترهن سالن جي عمر ۾ ماتا جي مرض ۾ سن1314هه ۾ گذاري ويو، احمد شاهه کي رڳو هڪ نياڻي ٿي.

سيد فخر الدين بن سيد علي محمد ڪلان کي هڪ پٽ نالي سيد محمد عارف شاهه ٿيو، هن کي ٻه پٽ ٿيا: (1) الحاج سيد فخر الدين شاهه (2) الحاج قاري شير محمد شاهه. هي ٻيئي بزرگ تازو گذاري ويا آهن، الحاج شير محمد شاهه مدينہ منوره ڏانهن هجرت فرمائي ويو هو ۽ اتي ئي گذريل سال وفات ڪيائين، ٻئي ڀائر طريقت ۾ مولانا شاهه محمد اشرف علي ٿانويءَ جا خليفا هئا ۽ سنڌ جا وڏا فقيهه عالم هئا. حضرت مولانا امروٽي صاحب جن سان به کين وڏي عقيدتمندي هئي، انهن جي ئي ارشاد مطابق گهوٽڪيءَ ۾ هڪ وڏو عربي مدرسو قاسم العلوم جي نالي قائم ڪيائون، جو اڄ تائين آباد ۽ شاداب آهي. هن مدرسي ۾ سنڌ جي ناميارن عالمن تعليم ڏني آهي ۽ سوين شاگرد هتان پڙهي فارغ ٿي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليمي، تبليغي ۽ ديني ڪم ڪري رهيا آهن. احقر راقم به اتي مولانا الحاج فخر الدين شاهه ۽ الحاج قاري شير محمد شاهه جي زماني ۾ اڻويهه سال اڳ صدر مدرس ٿي رهيو آهي. هن وقت مولانا الحاج سيد فخر الدين شاهه صاحب جو وڏو فرزند مولانا سيد حبيب الله شاهه جو هڪ وڏو ذهين ۽ صوفي عالم آهي، مدرسي جو روح روان آهي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ سيد عارف شاهه اهتمام جو ڪم سنڀاليندو اچي ٿو ۽ مدرسو ترقي ڪندو رهي ٿو. هن مدرسي سان اڃان تائين منهنجو علمي لاڳاپو رهندو اچي، گهڻو ڪري ششماهي ۽ سالياني امتحانن ۾ ممتحن جي حيثيت ۾ امتحان وٺڻ لاءِ ويندو آهيان. مدرسي ۾ نه رڳو سنڌ جا شاگرد پڙهن ٿا، پر بهاولپور، ناڙي بلوچستان، مڪران، ايران ۽ ٻين ملڪن جا شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. سادات سڳورا حسبة لله مدرسي جي خدمت ڪري رهيا آهن، پاڻ ان مان ڪجهه به نه وٺندا آهن، پر خدمت ڪندا رهندا آهن. مولانا سيد حبيب الله شاهه جو وڏو فرزند سيد خليل الله شاهه پڻ هن مدرسي ۾ تعليم پرائي رهيو آهي. هن وقت جيتوڻيڪ ابتدائي درجن ۾ پڙهي رهيو آهي، پر سندس ذهن و ذڪاءُ کي ڏسندي ائين پيو معلوم ٿئي ته جي هن نينگر جي تعليم ۽ تربيت چڱي رهي ته اڳتي هلي هن خاندان جو هيءُ وڏو علمي روشن ستارو ٿيندو ۽ ساڳئي وقت سيد عبدالجبار شاهه ابن سيد عارف شاهه، جيڪو پڻ مدرسي جي انتظام ۾ بهرو وٺي رهيو آهي، ان ۾ وري روحاني ترقيءَ جا اهڃاڻ نظر اچي رهيا آهن. الله پاڪ کين دين ۽ دنيا ۾ ترقي ۽ نيڪي عطا فرمائي. (آمين) ميول شاهه ابن سيد عادل شاهه جو احوال پورو ٿيو.

 

سيد بندل شاهه

سيد بندل شاهه بن عادل شاهه سخي مرد ۽ حشمت ڀريو انسان هو، پنهنجي وڏي ڀاءُ ميول شاهه کان ناراض ٿي دڙي ميران ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. هن جي وفات هن طرح ٿي جو هڪ ڏينهن گهر ۾ ويٺا هئا ته اوچتو ڪاهر نالي جمالي بلوچ جو هڪ چور ۽ ڌاڙيل هو، ڪن ٻين چورن ۽ ڌاڙيلن کي ساڻ ڪري دڙي ڳوٺ کي ڦرڻ لاءِ آيو. سيد موصوف انهن جي مقابلي لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري، انهن سان مقابلو شروع ڪري ڏنائين، نيٺ پنهنجي پٽ نعيم شاهه سميت ڌاڙيلن جي هٿان شهيد ٿيو، سندس مقبرو پراڻي دڙي ۾ آهي، ان کي بهادر شاهه جو مقام ڪري سڏيندا آهن.

بندل شاهه کي ٻيا ٽي پٽ هئا: (1) بهار شاهه (2) بهادر شاهه (3) نورنگ شاهه. هنن مان بهادر شاهه جو اولاد ختم ٿي ويو. بهار شاهه بن بندل شاهه کي هڪ پٽ نالي عادل شاهه ثاني ٿيو، ان کي وري ٻه پٽ هئا: (1) سيد گل بهادر (2) نعم شاهه. گل بهادر شاه کي هڪ پٽ عادل شاهه ثالث ٿيو، هن کي ٻه پٽ هئا: (1) گل حسن شاهه (2) غوث محمد شاهه جو شاديءَ کان اڳ گذاري ويو. سيد گل حسن بن عادل شاهه سن1316هه ۾ وفات ڪئي، هن کي نرينه اولاد ڪونه هو. نعم شاهه کي هڪ پٽ سيد خير شاهه هو، جو لاولد فوت ٿيو. بهادر شاهه ابن بندل شاهه وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس مقبرو دڙي ۾ آهي. انهيءَ مقام کي سندس نالي سان سڏيو ويندو آهي.

شاهه حسين غوثپوري

هي ڀلارو سيد وڏو ولي ۽ ڪاني، ڪرامت جو مالڪ چيو وڃي ٿو، پنهنجي مائٽن کان ناراض ٿي دڙي ڳوٺ کي ڇڏي پنهنجي زمين فتح آباد ۾ سڪونت اختيار ڪري غوث پور نالي شهر ٻڌائين، اتي هڪ مسجد نون گنبذن واري ٺهرايائين ۽ سندس لنگر عام و جام هو، سندس مزار جامع مسجد جي لڳ روضي جي اندر آهي، جا مخلوق لاءِ زيارت گاهه آهي. کيس هڪ پٽ شاهه محمد شاهه نالي هو، جو چڱي سيرت ۽ صورت جو مالڪ هو، هن جو مقبرو سندس والد جي روضي ۾ آهي. هن کي هڪ پٽ ٿيو، جنهن جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪئي.

ڳالهه ٿا ڪن ته پير شاهه محمد پنهنجي زندگيءَ ۾ پنج شاديون ڪيون، پر انهن مان رڳو هڪ مان کيس هڪ پٽ شير محمد شاهه نالي ٿيو، جيڪو بلوغت تي پهچڻ کان پوءِ، شادي ڪرڻ کان اڳ ئي گذاري ويو ۽ پنهنجي ڏاڏي جي روضي ۾ دفن ٿيو.

سيد نورنگ شاهه

هيءُ بندل شاهه جو پٽ هو، کيس ٽي پٽ هئا: (1) بهاول شاهه (2) بندل شاهه ثاني (3) الياس محمد شاهه. بهاول شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) ڪمن شاهه (2) يعقوب شاهه. ڪمن شاهه کي هڪ پٽ بهاول شاهه نالي هو ۽ ان کي به هڪ پٽ برخوردار شاهه ٿيو، هن کي به هڪ پٽ ڪمن شاهه دوئم ٿيو، ڪمن شاهه دوئم کي ٽي پٽ ٿيا: (1) برخوردار شاهه دوئم (2) محمد شاهه (3) احمد شاهه. يعقوب شاهه بن بهاول شاهه کي چار پٽ ٿيا: (1) فتح الدين شاهه (2) سيد حليم (3) سيد بهاول (4) رمضان شاهه. يعقوب شاهه جي پٽ سيد فتح الدين کي ٻه پٽ هئا: (1) حاجي شاهه (2) سائيڏنو شاهه. اهي ٻئي لاولد فوت ٿيا. حليم شاهه بن يعقوب شاهه کي چار پٽ هئا: (1) سچيڏنو شاهه (2) محب شاهه (3) سيد يعقوب (4) حاجي شاهه. بهاول شاهه بن سيد يعقوب کي ٽي پٽ ٿيا: (1) ڪوڙي شاهه (2) مراد شاهه (3) سيد عبدالقادر. رمضان شاهه بن يعقوب شاهه کي ٽي پٽ ٿيا: (1) نبي شاهه (2) اڪرم شاهه (3) سيد عبدالرزاق.

بندل شاهه دوئم

سيد نورنگ جي پٽ بندل شاهه دوئم کي هڪ پٽ سيد فيض الله نالي هو، ان کي رڳو ٻه نياڻيون ٿيون. سيد الياس محمد بن نورنگ شاهه کي ٽي پٽ هئا: (1) نورنگ شاهه دوئم (2) پيارو شاهه (3) سيد عبدالرحيم جو لاولد فوت ٿيو. نورنگ شاهه بن الياس محمد شاهه کي هڪ پٽ نالي سيد الياس محمد دوئم هو، هن کي هڪ پٽ نورنگ شاه عرف ڌڻي ڏنو شاهه هو. پيارو شاهه بن الياس محمد ڪلان کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد همت علي (2) سيد نصير شاهه جو شاديءَ کان اڳ گذاري ويو. همت علي شاهه بن پياري شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) پيارو شاهه دوئم (2) عبدالرحيم شاهه. هيءُ شاديءَ کان اڳ گذاري ويو. پيارو شاهه دوئم بن همت علي شاهه کي هڪ پٽ نالي همت علي دوئم ٿيو، هتي بندل شاهه بن سيد عادل شاهه جو احوال پورو ٿيو.

جمال شاهه ابن شاهه مبارڪ عادلپوري

شاهه جمال، شاهه مبارڪ جو ٻيو نمبر پٽ آهي. هيءُ ولايت جو مالڪ هو ۽ ڪرامت جو صاحب هو، ظاهري ۽ باطني خوبين جو مالڪ ۽ صوري معنوي تجلين جو مظهر هو. وفات سن1054هه

قطعه تاريخ

پسر اوسط مبارک شاهه

-

آنکه بوده بنام شاهه جمال

دل آن پير کامل الباطن

-

شد پر از نور ايزد متعال

يکهزار و چهار و پنجاه است

-

سال ترحيل آن خجستہ خصال

هن بزرگ جو مقبرو جمشيره ۾ ڀائرن جي ڀر ۾ آهي. هن کي ٽي پٽ هئا: (1) بهاول دين شاهه (21) شاهه مبارڪ نهرو (3) سيد عبدالنبي. هنن ٽنهين ڀائرن مان رڳو سيد عبدالنبيءَ جو اولاد رهيو ۽ ٻين جو اولاد جلد گذاري ويو. هنن جو مختصر نسب هن طرح آهي:

سيد بهاول دين بن جمال شاهه کي ٻه پٽ ٿيا: (1) ڪبير الدين، هيءُ لاولد فوت ٿيو. (2) قطب الدين. هن کي هڪ پٽ عيسن شاهه نالي ٿيو، جو لاولد فوت ٿي ويو.

قطب الاقطاب مخدوم سيد مبارڪ شاهه ثاني عرف شاهه نهرو

هيءُ بزرگ سيد شاهه مبارڪ عادلپوريءَ جو پوٽو ۽ شاهه جمال جو پٽ آهي، پنهنجي وقت جي ڪامل ولين مان ٿي گذريو آهي، جذب ۽ سڪر جو صاحب، استغراق، محبت، عشق ۽ ذوق جو مالڪ هو، ولايت ۽ ڪاني ڪرامتن ۾ پنهنجي وقت جو بينظير انسان هو، ڪنهن به ٻئي ولي سندس وقت ۾ ان جي همسري جي دعويٰ نه ڪئي. هيءُ بزرگ پنهنجي والد بزرگوار جي وفات کان پوءِ جمشيري مان ڀائرن سان گڏ درياءَ جي هن ڀر لڏي آيو ۽ قاسم پور ڳوٺ ۾، جو هن وقت وڏو هروالي سان مشهور آهي، سڪونت اختيار ڪيائين، گهوٽن ۽ گمه جا گهڻا ماڻهو سندس ڪرامتن کي ڏسي ان جي مريدي ۾ داخل ٿيا ۽ ڪي درويش پڻ سندس حلقي ۾ آيا. هن بزرگ جون ماڻهن ۾ تمام گهڻيون ڪرامتون مشهور آهن، جيڪي تذڪره نويسيءَ جي قديم دستور موافق تذڪره ۾ پڻ اچي ويون آهن. جهڙو شينهن تي سوار ٿيڻ، درياءَ کي حڪم ڪرڻ ته پائڻ ڇڏي ڏي، روهڙيءَ ۾ هڪ ڀت تي لڪڻ کڻي ويٺا ته ڀت هلڻ لڳي وغيره. اهڙيون ڪرامتون اخبار الاخبار ۾ شيخ عبدالحق محدث دهلويءَ به ڪن بزرگن لاءِ لکيون آهن. هن بزرگ ولي جي وفات اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ سن1091هه ۾ ٿي. مبارڪ شاهه نهري جي مدح ۾ گل محمد فقير جو چيل هڪ قطعه:

مبارڪ شاهه نهره کوشه عالي مکان بوده

ولي الله کامل پيشوائي عارفان بوده

اگرچه غوث اغواث معاشر در گذشت از دهر

وليکن قطب اقطاب زمين و هم زمان بوده

سر آمد اوليائي وقت و رزيدند زان رويش

که او سرخيل مردان خدا باقدر و شان بوده

عجب آن مرد حق باد و مکمل مرشد دوران

بملک راجع مهدي جنس انس و جان بوده

طفيل دعوتش باران رحمت گشت نازل هم

زمين انداز بحر موجزن واپس روان بوده

گهي با جا مهائي خشک از دريا بر آمد او

زهي زير رکوبش جلد ديواري دوان بوده

همي بر شکل نرگاؤ آمده بر شير نر غالب

گهي زير رکوبش مرکبي شير زبان بوده

نه تنها در ظهور آمد ازاواين شش کرامت بل

کراماتش برون از حد تحرير و بيان بوده

وصال آن ولي قطب عالم زين سرائي غم

نود سال و هزار چار هجري و بيگمان بوده

معلي مرقدش پر فيض حق حاجت روائي خلق

ازو جمعي مشائخ اهل فيض بيکران بوده

خداوند بحال گل محمد کن نگاه لطف

بشہ نهره که شيخ رهنمائي سالکان بوده

هڪ ٻئي بحر ۾ چيل:

آن مبارک شہ عالي همت

که کرامات اورا نيست حصار

سال تاريخ وصال آن شاه

يک هزار و نود و چار شمار

شاهه نهره جو مقبرو ڳوٺ اوڍروالي ۾ ماڻهن لاءِ زيارت گاهه آهي. هن کي ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد گل شاهه لاولد فوت ٿيو. (2) شاهه جمال قتال، جيڪو فضل ۽ ڪمال جو مالڪ هو ۽ کيس ٻه نياڻيون به ٿيون، جن مان هڪ سيد محمد عابد ابن سيد عبدالجليل جي نڪاح ۾ آئي ۽ هن معصومہ مان سيد حميد الدين، عاقل شاهه ۽ حضرت موسيٰ شاهه پيدا ٿيا ۽ ٻي معصومہ سيد عالم شاهه بن عبدالنبي شاهه جي نڪاح ۾ آئي، ان مان سيد عبدالنبي ڄائو.

سيد جمال قتال

شاهه مبارڪ عادلپوري جو پڙپوٽو ۽ شاهه نهره جو فرزند هو. وڏي مان، مرتبي ۽ ڪرامت جو مالڪ هو. هن کي قتال جو لقب ڪيئن مليو؟ ان بابت ماڻهن ۾ هڪ عام روايت هيءَ مشهور آهي ته هڪ ڀيري هو قرآن مجيد جي تلاوت ڪري رهيو هو ته مٿان جهرڪي وٺ لاٿي، جا اچي قرآن مجيد تي ڪري، هن ان کي ٿورو قهر ۽ ڪاوڙ جي نگاهه سان ڏٺو ته اها جهرڪي اچي پٽ پيئي، ان ڏينهن کان هن جو لقب قتال پئجي ويو. (والله اعلم) سندس مقبرو ان جي والد جي بنهه پاسي ۾ آهي.

شاهه جمال قتال کي ڪوبه نرينہ الاد باقي نه رهيو، کيس اٺ نياڻيون هيون، جن مان هڪ سيد صالح محمد بن موسيٰ شاهه جي نڪاح ۾ آئي، ان مان جمال محمد ٻن ڀينرن سان گڏ پيدا ٿيو، ٻي جي سيد دوست محمد بن موسيٰ شاهه سان نڪاح ٿيو، ان مان عبدالخالق شاهه، الله اوڀايو شاهه پيدا ٿيا، ٽين سان سيد حيدر شاهه ثاني بن جعفر شاهه شادي ڪئي، ان مان جعفر شاهه ثالث چڪ وارو ۽ سيد محمود شاهه سيد دلير شاهه پيدا ٿيا، چوٿين سيد بندل شاهه دڙي واري جي گهر آئي. ان مان بهار شاهه، بهادر شاهه ۽ اورنگزيب شاهه پيدا ٿيا، پنجين ڌيءَ باغ علي شاهه بن ميول شاهه ڀنر واري جي گهر ۾ آئي، ان مان سيد جان محمد ۽ سيد محمد اشرف پيدا ٿيا، ڇهين ڌيءَ سيد عبدالنبي ثاني بن عالم شاهه جي گهر آئي، ان مان سيد عالم پيدا ٿيو. ستين سيد سليمان شاهه ابن سيد احمد شاهه جعفراڻي جي گهر آئي، ان مان ٻه نياڻيون پيدا ٿيون، اٺين سيد جمن شاهه ابن سيد محب شاهه جي بيبي ٿي، ان مان ڪوبه نرينہ اولاد نه ٿيو.


 

سيد عبدالنبي

هي سيد شاهه جمال ڪلان ابن شاهه مبارڪ عادلپوريءَ جو ننڍو پٽ هو، بزرگي ۽ ڪرامت جو صاحب هو. کيس هڪ پٽ ٿيو، سيد عالم شاهه، ان کي ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد عبدالنبي ثاني (2) سيد عزت مصطفيٰ. هن کي ٻه ڇوڪريون هيون. سيد عبدالنبي ثاني ولايت ۽ ڪرامت جو مالڪ هو، هن کي ڇهه پٽ هئا: (1) عالم شاهه (2) غلام مرتضيٰ (3) غلام مصطفيٰ عرف گلڻ شاهه (4) سيد غلام محمد (5) سيد شهنشاهه جو لاولد فوت ٿيو. (6) سيد رضا محمد. هنن مان سيد غلام محمد ۽ سيد رضا محمد جو اولاد آهي، باقي عالم شاهه، سيد غلام مرتضيٰ، سيد گلڻ شاهه جي اولاد مان ڪوبه نه رهيو. سيد عالم شاهه ثاني بن عبدالنبي شاهه ثاني کي هڪ پٽ عيش شاهه ٿيو، جو لاولد فوت ٿيو. سيد غلام مرتضيٰ ابن سيد عبدالنبي ثاني کي چار پٽ ٿيا: (1) عالم شاهه (2) قطب شاهه (3) اسماعيل شاهه (4) عارف شاهه. هنن مان عالم شاهه ۽ اسماعيل شاهه شاديءَ کان اڳ ئي وفات ڪري ويا. سيد قطب شاهه بن غلام مرتضيٰ شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) جند وڏو شاهه (2) گلاب شاهه، جو جوانيءَ ۾ فوت ٿيو. گلڻ شاهه بن عبدالنبي ثاني کي ٻه پٽ ٿيا: (1) عبدالنبي سوم (2) ملوڪ شاهه. عبدالنبي شاهه سوم کي هڪ پٽ گلڻ شاهه هو، ان کي به هڪ پٽ نبي شاهه نالي ٿيو، جو لاولد مري ويو. ملوڪ شاهه کي هڪ نياڻي ٿي. سيد غلام محمد بن عبدالنبي شاهه ثاني کي ٻه پٽ هئا: (1) لطف شاهه (2) امير شاهه. لطف شاهه کي ٻه پٽ ٿيا: (1) سيد عبدالفتاح (2) نجيب شاهه جو لاولد هو (3) علي شاهه. سيد عبدالفتاح کي ٽي پٽ هئا: (1) لطف شاهه دوئم (2) سيد خدا بخش (3) سيد علي گوهر جو لاولد هو. سيد لطف شاهه دوئم بن عبدالفتاح شاهه کي پنج پٽ آهن: (1) عبدالفتاح دوئم (2) عبدالوهاب شاهه (3) سيد عبدالغفار (4) سيد عبدالواحد (5) سيد عبدالوارث. سيد خدا بخش بن عبدالفتاح کي ٻه پٽ آهن: (1) سچل شاهه (2) سلطان شاهه. سيد علي شاهه بن لطف شاهه وڏي کي ٽي پٽ آهن: (1) سيد غلام محمد (2) سيد نجيب شاهه (3) محمد شاهه. سيد غلام محمد دوئم کي هڪ پٽ سيد عبدالعزيز نالي آهي. سيد نجيب شاهه بن علي شاهه کي هڪ پٽ نالي ارباب شاهه آهي. سيد محمد شاهه بن علي شاهه کي ٻه پٽ آهن: (1) سيد علي اڪبر (2) علي اصغر. سيد امير شاهه بن غلام محمد شاهه ڪلان کي هڪ پٽ هو، سيد جمال شاهه، ان کي به هڪ پٽ آهي سيد احمد شاهه. هنن کي ٻه پٽ آهن: جمال شاهه ۽ ڪمال شاهه. هتي سيد غلام محمد ابن سيد عبدالنبي جي اولاد جو احوال پورو ٿيو. باقي سيد رضا محمد بن سيد عبدالنبي دوئم کي ست پٽ هئا: (1) دائم شاهه (2) تاج محمد شاهه (3) سيد خير محمد (4) سيد قائم الدين (5) غلام شاهه (6) عيسن شاهه (7) عارب شاه.

دائم شاهه بن رضا محمد شاهه کي ٽي پٽ هئا: (1) سيد شير محمد (2) نظر شاهه. شير محمد شاهه کي ٻه پٽ آهن: (1) اڪبر شاهه جو لاولد هو (2) عطر شاهه. هن کي ٻه پٽ آهن: (1) شير محمد ثاني علي اڪبر جو لاولد فوت ٿيو. سيد نظر شاهه بن دائم شاهه کي هڪ پٽ سيد علي مراد هو. هن کي ٽي پٽ ٿيا: (1) آندل شاهه، جو شاديءَ کان اڳ وفات ڪيائين (2) چنڻ شاهه (3) گل شاهه. چنڻ شاهه کي چار پٽ ٿيا: (1) علي مراد شاهه (2) حسن شاهه (3) حسين شاهه (4) دائم شاهه ثاني. گل شاهه بن علي مراد شاهه کي هڪ پٽڙ نالي سيد شمس الدين آهي.

سيد تاج محمد بن رضا محمد شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) رکيل شاهه (2) خير محمد. رکيل شاهه کي ٽي پٽ آهن: (1) محبوب شاهه (2) سيد سواريہ شاهه (3) لعل شاهه. محب شاهه بن رکيل شاهه کي هڪ پٽ نالي نهال شاهه ٿيو ۽ نهال شاهه کي به هڪ پٽ نالي سيد بهاول شاهه آهي. سورايہ شاهه بن رکيل شاهه کي ٻه پٽ آهن: (1) عبدالقادر شاهه (2) لعل شاهه. هن کي ٽي پٽ آهن: (1) قائم الدين شاهه (2) بچل شاهه (3) سيد الهه بخش. سيد خير محمد بن تاج محمد شاهه کي ٻه پٽ آهن: (1) سيد ڏنو شاهه (2) سيد بهاول شاهه. هن کي ٻه ڌيئرون ٿيون. خير محمد شاهه بن سيد رضا محمد کي ٻه نياڻيون هيون، سيد غلام شاهه بن رضا محمد شاهه کي به ٻه ڌيئرون هيون. سيد قائم علي شاهه کي هڪ ڌي ٿي، سيد غلام شاهه کي هڪ پٽ سيد محمد علي نالي ٿيو، جو نابينا هو ۽ شادي نه ڪيائين، فوت ٿي ويو. سيد عارب شاهه بن رضا شاه کي هڪ پٽ نالي حاجي شاهه هو، ان کي وري ٻه نياڻيون هيون. هتي سيد عبدالنبي جمالاڻي جي نسل جو احوال پورو ٿيو.

سيد رضا محمد بن سيد عبدالغني جمالاڻي جي مٿئين نسبي احوال کي سمجهڻ لاءِ هن شجري کي ڏسندا:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com