سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :29

]پيرُ چيو[

گهرون خير خدا کؤن، دل ۾ اٿئون خير،

جي خير گهرندين خوش رهندين، ڪونه جوهيندءِ ڪير،

مُڙي وڃ مگسيءَ کؤن، بخش اسان کي وير،

ڪاهه نه ڪمزورن تي ڪجي، اهڙو ڪين انڌير،

ڪر ڀلائي ڀير، ته مان مُهتُ لهي موٽي وڃان.

 

]شير محمد چيو[

نڪي مُڙان مگسيءَ کؤن، نڪي ڪندس خير،

هي چرچا ٿو چانڊيو ڪري، سو ٿيندو آهي ڪير؟

اول سمجهي ها ڳالهه کي، پوءِ وجهي ها پير،

جاين جوڙايان ”جهلَ“ ۾، ڍونڍ ڪريان تنهن ڍير،

ڪيئن ڪريان وير اَوير، نيڻين ننڊ حرام آهه.

 

پل پل پور پون، روز چڪن ٿا چاڪ،

ڌرتي ۽ اُڀ ٿو سڻي، وسي ڏنهه نه افلاڪ،

جنهن اوجهه ڏاڪيو آهه ڏاڪ، تنهن جو لاهيان ور ترار سان.

 

]پِيرَ چيو[

اَبا! جنهن جي وَرُ ترار کي، سا ٿيندي ڪين سنئين،

سگهڙ سيد فقير کي، موٽايو نه ڪنهين،

ناحق اُڙد نئين، ٿو کپائين کاڻ ۾.

 

]شير محمد چيو[

پِيرَ اسان کان پانهنجا، سَڏَ سان ٿين ساڻي،

ڏسندين خلق خداءِ جي، ڀيليا ڀوتاڻي،

چڙهي تنهن چانڊيي جي، ڀيليا ڀوتاڻي،

چڙهي تنهن چانڊيي جي، گهائيندس گهاڻي،

جڏهن پرٽيا رڪ پاڻي، تڏهن کاڻ به ويندءِ خاڪ ٿي.

 

موج آئي ”مهراڻ“ کي، ڪيائين ڪنڌيءَ تي ڪاهه،

ڏيئي ڀيڙ ڀڃون وجهي، ڌوڌو منجهه درياهه،

آيو جذب جيلانيءَ کي، شوريو شاهنشاهه،

ڇا سمجهيو ٿَئي، رندڙا! ڇا ڏيکارين ٿو ڏاهه،

تون آهين مثلَ گاهه، اٿئي چانڊيي ڏاٽو هٿ ۾.

 

اٿئي چانڊيي ڏاٽو هٿ ۾، لاهي ڪندءِ لاب،

وڃين ته ويڙهه ڪري ڏس، ته وٺين هڪ حساب،

سَٽي وجهندءِ سامهون، تيرَ رکندءِ، تاب،

ٿيندين نئين بُهه هاب، ٿو مُڙي منافق ڪينڪي.

 

ٿو تڪڙا پوين تنگ، اجها ٿي پيش اچئي،

مُنڍئون ئي منڍجي وئي، تنهن جي تيغ تفتنگ،

جا ٿي ڪندين جنگ، ڪڏهن کٽندين ڪينڪي.

 

اُسهيو الاهر ٿي، نَرُ ڪري نعرو،

پارس موٽيو پوئتي، سيد سونهارو،

چوايائين الهه بخش (ڇتاڻيءَ) ڏي، سڀ قصو سارو،

ڪيو عالم امارو، دُڙ ورتيون ٿي دعوتون.

 

دُڙ ورتيون ٿي دعوتون، نيڪ ته جاءِ نشين،

جلوو جيلانيءَ سندو، وڏي رنگ رنگين،

سوين سائل سيڪڙا، دنيا ڪارڻ دين،

مطلب مڙنيءَ جا ٿيا، ماڻهو جي مسڪين،

خاوند خبر ۾ ڏيئي پهرندين پرين،

معاملو مگسيءَ کؤن، ڪڏهن کٽندو ڪين،

اهو سوال امين، اسان دُرس گهريو درگاهه مون.

 

خوش وزيرو خان ٿيو، شاد گهڻيرو شاد،

منهنجو تنهن مرشد تي، اصلؤن آهه اعتقاد،

چئي پيو چانڊين کي، ٿيو مدعي ماد،

الله ڪئي امداد، سڀ اوهان کي سامهون.

 

چڙهيا تنبو جي شهر مان، اُڙد ڪري اد راٽ،

لشڪر لکيو ناهه ڪو، جيئڻ ماڪڙ جا ميلاٽ،

وڄن نغارا ويڙهه جا، ڪيون ڪنواٽن ڪڻواٽ،

ٿيو سوگهو سج رئي ۾، لٽيو منجهه لڙاٽ،

واهه وڌائيون واٽ، ويا ملڪ منجهارؤن خانڪي.

 

هاڻي ”شورڻ“ نه هلون، جيتر ڪيون ديکا ديک،

مهڙ مگسيءَ کي ڏسون، مر رُڪ گڏجي ريک،

بيهي ڪي ڀڄي وڃي، جڏهن ٿئي ترارن تيک،

محڪم کوڙي ميک، نئين ڀاڳهه پنجڪ ۾ هڻون.

 

ڪاهي آيا ڪوٽڙي، لوڏ ڪري لشڪر،

ويجهي ڇانو ڇپر جي، ڏسجن پيا ڏونگر،

ناميا ڀر نغور جي، ٽڪيا ساڻ ٽڪر،

آيا ”پاڇهه“ شهر، منجهه ديهه ديناري،

گاجَ گجي جُهڙڪاج ڪي، ”گاجڻ“ جي مٿؤن،

لٿاهون ”شادڻ“ مؤن، جي يار هئا باقي،

سي ڀي سنبرائي کنيؤن، جي هيا بهادر باقي،

ڪاهي ڪانڌوريءَ ۾، اڄ ٿيون اوطاقي،

جيون پيا جا ڪي، ته مگسيءَ لڙ لاهي ڇڏيو.

 

سباڻي سهرا ٻڌي، گهوٽ چڙهيو گهوڙي،

مرد بيهو ميدان ۾، جنگ بيهو جوڙي،

وسايو ويريءَ کي، خوب کنا کوڙي،

ڳوٺ ڳڙائي نه ٿيو، ته منهن ويندو موڙي،

ٿيو ويجها وڪوڙي، ته مَرُ اکين ”جهل“ جهنڊا ڏسن.

 

وٺايو لشڪر جو، چهرو چهريدار،

جلب جتوئي جوهريا، جهيري جا جهونجهار،

رند، جمالي، عمراڻي، بُڙدي بيشمار،

گڙد گبول، گاڏهي، ديناري دهدار،

ڪلفر، لاشر، کيڙي، قَدَ وڏي ڪاپار،

لاشاري هئا لاڏڪا، جوڙ وڏي جنسار،

ٻارهن ٻروچن جا، تمن ٿيا تڪرار،

ليکو لشڪر جو ٿيو، ساڍا اٺ هزار،

جڏهن گڏجن گهوڙا پاڻ ۾، هانهر ڪن هڻڪار،

بادل چاڙهيا بار، مورهه ڪاڇي مينهن جا.

 

ساز وڄن ٿا سرندڙا، رنگ لايو شعرن،

ساز کڙا ڪيا سارنگن، تارون طنبورن،

نادَ نفيلن نوبتن، ناز ڪيا نقرن،

ساز سنباهيو جنگ جا، ويلون ويل وڃن،

اڄ صبح اُڙدن، آئي مند ميلاپ جي.

 

اولاهو ٿي اڀريو، ڪاري ويس ڪڪر،

ٿيو کڙو روٿ کنوڻ سان، باني ڏيئي بر،

وسندي ورچي ڪين ڪي، سانوڻ مينهن سپر،

جڏهن پيس ڏکڻ جو ڏر، تڏهن ڪڪر نه ڪڪريءَ کي گڏيو.

 

ڪاهيو ڪاهه ڪري، ساجهر آيا سٽهه تي،

پهڻ کنيائون پاڻ سان، جهوليون جهول ڀري،

اول جنگ اها ڪريون، بيهي پنڌ پري،

جنهن کي اچي جان ۾، ڪري زخم ذري،

جان پڻ مرد مري، جان وري ايندو ويجهڙو.

 

لنگهي پيام لغر، شوريا ڪاڻ شڪار جي،

بحريون باشن ساڻ گڏيون، ڪاهن ٿيون ڪڙڪڙ،

ڪڙڪيا ڪانڌوريءَ تي جوان وڏي سان جر،

ڇڏي ور وڪڙ، سڌا ٿيا ساڙيهه تي.

 

رات ته ”روهيلن“ ۾ ديم لهي ديرو ڏنو،

ماڻهو ملڪ ڇڏي ڀڳا، مڙيا کان ميلن،

هڪ ديهه داڻو گاهه ٿي، بنا ٻِن ويلن،

تائين تنبن اُڙدن، کائي ملڪ خزان ڪيا،

عصر ويل کي ڪئي، تان ڀي تياري،

”جهل“ هتان اَٺ ڪوهه ٿَوَ منزل موچاري،

پَهر ڏينهن هلي پُڄون، ڏيون ڏيکاري،

نيٺ هڪ واري، اڄ اَٿوَ ڏينهن مقابلو.

 

بيبيون آيون ميڙ ٿي، بالا سان برڪت،

سَتيون ساداتيون هيون، اعليٰ جن عزت،

قرب ڪرامتَ اڳريون، قوي سان قوت،

صاحب آيا سيگهه ۾، راحم سان رحمت،

مرسل مير مدد، ڪر عربي ڄامَ اسانهنجي.

 

آيا علي الصباح، ڪنهن هنڌ حاويليءَ لَٿا،

پاڪ ته پهري پوش هئا، پهري منجهه پناهه،

آڻايائون ”ارغون“ کي، جائي تنهن جاڳاهه.

 

]بيبين چيو[

ابا! توتي شير محمد، سندي رب نگاهه،

مڙي وڃ مگسيءَ کؤن، ڪَست ڦِٽي ڪر ڪاهه،

اڳ موٽايئه ميڙ کؤن، سهڻو صالح شاهه،

اسين به توڏي آئيون، وٺي اسم الله،

ڪر معافي ڏوهه گناهه، ڏي مهت هن مصحف کي.

 

ڏي مهت هن مصحف کي ته ٿيئي دعا نصيب،

چوين ته آڻي پيش وجهون، مگسي آهه غريب،

هي جي هت ڏسين ٿو، هلندو ڪونه قريب،

اڪثر سان عجيب، پوندو ڪم ڪريم سان.

 

]شير محمد چيو[

نڪي مڙان مگسيءَ کان نڪي ميڙ مڃان،

اڄ آءٌ ڏينهن مقابلي، هرگز ڀون نه ڀڃان،

هڪ نه ڀڳي اٿم هيڪڙي، جا اٿم اميد اڃا،

پوءِ سو واهه وڃان، وڃي ”شورڻ“ شڪاران ڪيا.

 

]بيبين چيو[

جي جنگ نه ڇڏين جوان، ته ڪر چار مهينا دير،

فوجون ڦيرائي هتان، وڃ موٽي پوئين پير،

نيٺ ته هلبو اڳتي، هت نه رهندو ڪير،

مڃ تون منٿون ميڙ، ڏي ڪو مهت مصحف کي.

 

عمر ويلا اٿي ڪري، سوارن وڌا سنج،

]شير محمد چيو[

دعا ڪريو تان فتح ٿئي، ڏيندس گهڻا گنج،

ساعت سيڙائو ڪريان، توڻي رهو منجهه رنج،

سجهو تائين سنج، اڄ فوجن ٿيندو فيصلو.

 

بيبيون بيٺيون ئي رهيون، هن پڪڙيو هٿ لغام،

وڌئين پير رڪيب ۾، تڪڙ سان تمام،

]بيبين چيو[

ادا رند! اسانهنجو ٻُڌ هي قرب ڪلام،

وڃ ته وڍجي ويڙهه ۾، اڄ اٿئي انجام،

سڀان پڄندين اُت وڃي، جاٿي ماڳ مقام،

آهي پاڻي انُّ حرام، جيتر لاشو لنگهندي نه ڏسون!

وڃ ته وڙهيا ويڙهه ۾، ويٺا اٿئي واسينگ،

هي جي گڏهه کنيئه گجرات جا، سي هڪ نه ڏيندءِ هينگ،

مهٽَ نه ”چانڊيي“ جي جهلن، تنهنجا ڍڍر ڍينگ،

ڀيلي ڪندءِ ڀينگ ساڙي باهه صفا ڪندءِ.

 

پاڪ ته موٽيا پوئتي، ڏاڍي ساڻ ڏمر،

وڃي ويٺا شاهه تي، قُبي ڏيئي در،

جڏهن لاشُ لنگهي هتان، پارؤن هن شهر،

پوءِ لهي ڪا ڪر، هلي حاويلين وڃون!

 

جنهن ڏينهن هليو سٽهه کان، داميو دلاور،

ڏاهي هليو ڏاهه تي، صبح کي ساجهر،

اڏاڻو به عقاب جيئن، راهه وٺي رهبر،

بحر ڇٽي بَــرَ تي، لنگهي ”شاديهڙ“

شهر پريؤن پرواز ڪيئين، پَــرَ ساهيائين پر،

داخل ”ديري“ ۾ ٿيو، جان گذريس هڪ پهر،

وڏيرو ويٺو هو، ڪونڌ ڪچهري ڪر،

ايندو ڏٺائونس اوچتو، درس لنگهيو هو در،

دانهيءَن اچي دانهن ڪئي، اٿي شيرَ سنڀر،

جنهن جو ڏُور ٻڌو هوءِ ڏر، سو سِرَ تي آيو سارڌو.

 

خاطيءَ کان خبرون پڇي، واتؤن وکاڻي،

ڪَهُه لشڪر ڪاٿي ڇڏيئه، آيو ڪنهن ٽاڻي،

ساجهر مليو سٽهه کان، لڏي پلاڻي،

مون کي هيڏي موڪليو، رقعو ڏيئي راڻي،

دير نه سهي دم سگهان، هل چڙهي هاڻي،

ساجهر سڀاڻي، اٿئي جائزو جنگ بنگاهه جو.

 

اُٿي خان کڙو ٿيو، ڪير نغارو نَر،

وڳو نغارو ويڙهه جو، ڪئي دمامن ڌڌڪر،

پِري وارا ڪين پڳا، لحظي ۾ لشڪر،

ٻَڌي خان خوشيءَ کان، سوريه سيف سپر،

جنگي جُنگ زيور، جادم پهريا جان تي.

 

وڳو نغارو ويڙهه جو، عالم سڀ آيا،

سايون سُرخيون بيوقون، تن جهنڊن جهڙ لايا،

سڀني ڪيا سعيا، بانڪن دل بهار ٿي.

 

کنيا هٿ خداءَ تي، ولي محمد ويرَ،

چڙهان تنهنجي آسري، قادر رب قدير،

مرشد منهنجا مادتُو، ڪامل قطب ڪبير،

پارس سهڻا پير، اچي ٻهڳڻ مون سان ٻيلهه ٿي.

 

چڙهيو ملهه مهم تي، هاتڪ پهري هول،

”شهوليءَ“ منع ڪيس، ڏي نه اسان کي ڏول،

مٿو پهڻ سان هڻڻ، مغز ڀڄي منهن مول،

ٿو ساٿ ڏائين جمهوريا، ماڻڪ موتي ڏهول.

 

]ولي محمد وير چيو[

ٻَڌل هِن ٻروچ سان، ٻهڳڻ منهنجا ٻول،

اسان سر اختيار ڪيو، ڪارڻ منجهه الول،

پارت غيبيءَ جي اٿيئي، آهه تنهنجي واهه وندول،

”ڪُنڍو“ ڪَرَ موڙي چڙهيو، چنچل ڏيئي چپول.

 

]ڪنڍي چيو[

پوءِ نه رهندس پيءُ کان، گڏجي ڏيندس گول،

شال منهنجا قول، قادر ڪوڙا نه ڪري.

 

چڙهيو ملهه مهم تي، قابل ڪئي ڪاهه،

اٿئي مدد منهنجي، شاهن سندا شاهه،

سنمک ٿيا وڃي سيال سان، البت لڳ الله،

تربون ٽپائن تيز مان، گهوڙن ڏيارين لاهه،

لٿا راتون واهه، وڃي شهر ته ”شاديهڙ“ ۾.

 

اَرڏا آجهاپو ڪري، اُٿيا هئا اڌ رات،

ڏيئي چوٽ چڙهي هليا، ساجهر ٿي سنهاٽ،

سمند، سونهاري سرخا، گهوڙا ڀاتون ڀات،

پرهه ڦٽي پرڀات، جهاڳي آيا ”جهل“ ۾.

 

ٿيو جاري سر جنوب جهڙ روٿ اظهار ٿيو،

تان وڄون ڪن تن سان، سهڻو سرنگ روپ،

وڄ کؤن وينگس سهڻو، منهن روشن محبوب،

آهه اُداسي جنهن لئه ”قادر بخش“ قلوب،

کيٽ پتان خوش خوب، سڀ ساوا ٿي سرحال ٿيا.

 

اڱڻ آيم سپرين، ساريندين سي ئي،

جنهن جي ڪارڻ جيءَ ۾، هيم آڪنڍ اڳي ئي،

ٿيا ويجهو سارڻ کؤن، هئا پرين پري ئي،

هر سو صدقي ئي گهر آين تان گهورجي.

 

اڄ ملي اچي مون، جنهن لئه جيءُ اداس،

ويٺي واٽ نهاريم، روح نه هو ڪنهن راس،

جانب آيم جوهري، جن ڏٺي ڏينهن ٿياس،

اچي ڪنهن اخلاص، مليا مشفق پاڻ ۾.

 

ملي مشفق پاڻ ۾، خوب ٿيا خوشحال،

وٺن ويٺا پاڻ ۾، ورنهه حال في الحال،

ڪيو قادر آ گهڻو، اسان جو اقبال،

مايا مڏي مال، گهورن مٿؤن گهوٽ جي.

 

ماڳين مهمانن جون، تن ڪيون تلافيون،

لکين شعر لنگها چون، ڪي چون ڪافيون،

ملڪ پنا معافيون، تن آين کي امداد ٿيا.

 

چڙهي ويا چارڻ ڪاڻ، گهوڙا ڪاهي گهوٽ،

جوان بهادر جنگ جا، آرڏا ڪونڌ آموٽ،

مَڙدن منهن اچي ڪڍيا، چانڊين ٻڌي چوٽ،

سي مڳ موٽيا پوئتي، مڙد ڏسي اڻموٽ،

سندي رند رپوٽ، اچي جوانن جلديءَ سان ڪئي.

 

اُڀري سج سنئون ٿيو، آيا فريادي،

ڪي ماني کائي خوش ٿيا، ڪن ويٺي کاڌي،

پاکر پشت پناهه ٿئي، هر ويلي هادي،

دم بهاؤ الحق هادي، نئرو نر ڪري اٿيا.

 

چَينُ وڏيري چاءَ، ته چانڊيا گهوڙي نه چڙهون،

هر ڪو پيادو ٿي هلي، توڻي شاهه گداءَ،

پيءُ نه ساري پٽ کي، پٽ نه ساري ماءَ،

مڙس نه ساري زال کي، ڀاءُ نه ساري ڀاءَ،

سيال اڳيون اَٿوَ سامهان، هلي لهو سڌ سماءَ،

ڏسي ترارن تاءَ، متان پوندي ڀيڙ ڀڃي وڃو.

 

لهي ٻڌائون لاڏڪيون، بورقون، بوراڪ،

قوائد ۾ قابو رهيا، انهن جا املاڪ،

جڏهن گهڙياسين گهر ۾، ڏس اسان جا ڏاڪ،

جيڪي ٿيو وس واڪ، مُڙون ته مهڻي هاب ٿيون.

 

جُهلي نڪتا ”جهل“ مون، جهنڊا جهڙلائي،

چوٽ دمامن تي چڙهي، طبلن کؤن تائي،

مهاڄڻ مڙي هليو، پخالون پائي،

اڄ ته پنهنجي اُڙدن ڏيون، پاڻي پهچائي،

هندو هيبت نه ڊنا، ٿيا سُورهيه سر آئي،

ويا ورنهه واڌائي، سانگا لاهي سرجا.

 

نڪتا شير شهر مؤن، گنوَ گڏجي غازي،

آڳانڊو اڙ جو ڪجي، بنائي بازي،

ايندو آرهه سامهون، مر تير ڪنس تازي،

دستين درازي، پوءِ ڪجو دلاور دوبدو.

 

گجي رعد گروڙ ڪئي، دمامين داناءَ،

ڪري مينهن لسي لهي، جيئن ٻائر ٻوڙ،

وٽجي وَرُ وجهي هليون، کنوڻن لامان کوڙ،

تنهن دم رسيا توڙ، هڪ واهي اڙ کان ويجهڙي.

 

آهنيا ويس خوشيءَ سان، گنوَ پهريا گهرام،

ڀاٽيو احمد خان جو، جنهن ڪيا ڪونڌ ڪلام،

آرڏو جنگ امام ٿيو، ڇڪي لشڪر لام،

جتي تنهن گنوَ گام، تتي ٻيا ڀي شير شتاب ٿيا.

 

احمد خان ائين چيو، هڻو گڏ ترار،

چانڊيا مگسي پاڻ ۾، دبم ٻڌو درڪار،

ولي محمد وير چيو، تان ئي ڪو گار،

ڪين مڃيندس ڪار، اها ارڏا ڳالهه اوهان جي.

 

چانڊيو مگسيءَ کان ٿئي، ڇڄي ڌارو ڌار،

جي ڀڳو چانڊيو ڀيڙ مان، ته به گانڊو گلادار،

جي مُڙيو مگسي پوئتي، ته چانڊيي سرَ ميار،

خوب کٿوريا* سڏجو، اڄ اٿو پرکا پار،

هاڙهي ٿيو هشيار، ڀڄي ڀڄي سامهون.

 

اَڙَ ۾ آڻي توبچي، ويهاريا وينگس،

صف جوڙيائون سيگهه مان، گام پري کان گس،

اڳي اٻاهر نه ڪجو، اچي ويجها ٿين منجهه وس،

جزارن تي جامڪون، چاڙهيائون چوڪس،

شهتائون ششخانيون، ڪن رانئي بندوقن رس،

ڪيئي ڪوٺيدار هيون، لاريون لوهن لس،

ست سا هٿ بندوق هئي، ڌار هڻن تي دس،

تڏهن ڇوڙيو دَسءَ، جڏهن دارون ئي ڌڌڪو ڪري.

 

اوڀارو مگسي ٿيو، چانڊيو اولاهين ٻانهين،

پير نه رکجو پوئتي، جُلهه ڪجو جائين،

چهرا ٿي به چڙهي اچن، مَرُ اَڙَ تي اڳاهين،

تاءُ ڪجو تائين، جڏهن چڙهن بندوقون ڪينڪي.

 

]ولي محمد وير چيو[

وريو واءُ ڏکڻ جو، اُتر هو اعليٰ،

چانڊيا، چار اکيون ڪجو، آهن مگسي متوالا،

متان ڏيل ڏسي ڏَڪو، ڀيڙيندوَ ڀالا،

انشاءَ الله تعاليٰ، آهي سوڀ اوهان جي سامهون.

 

چوڪي چار ڄڻا، چڙهي آڙ کؤن لنگهيا اڳتي،

ٻيا پانوَ ويٺا پوئتي، هئا ڪي گهوٽ گهڻا،

جنين ۾ توفيق جي، وڏي ربءَ مڻيان،

”پارو“ يارن کي چئي، خوشيون وِکَ کڻان،

بگهڙ ذات اسان جي، ويري سر وڙهان،

من ڪو هٿ هڻان، متان ڪوري ڪانئر ڪوٺجي.

 

هڪڙو هئو بانو ريو، ٻيو کاندي کوهه فروش،

ٽيو ”ميوي“ نالي مرد هو، جنهن کي جيءَ اندر ۾ جوش،

مڃي موت مٿي تي، پاروءَ پهريو پوش،

هاڻي ڪجو هوش، مَنَ ڪو هٿ هڻي مَرون.

 

رڻ سندو رحميداد هو، باهد بروهي گهوٽ،

پرس پنجاهه سان چڙهيو، کؤن قابل ٽڪي ڪوٽ،

مدد مگسيءَ جي هليو، کنوڻ ڪري کاڻوٽ،

شامل ٿيو اچي شير سان، اَڙَ جي وقت آ موٽ،

چاڙهي ماشا چوٽ، هن به سورهيه هٿ سنوان ڪيا.

 

شامل ٿيو شير سان، اَڙَ جي وقت اچي،

ڏس هاتڪ هٿ اسان جا، باهيؤن ڪين پچي،

جنهن جي دل نوڙي دوست ڏي، سو ڪيئن گپ گچي،

سورهيه سخن سچي، اچي پاڙيو پانهنجو.

 

ڇهه سؤ چانڊيي جا هئا، مگسيءَ هڪ هزار،

بيٺا برابر ٿي، سنڀالي به ستار،

ڪٽڪ ڪيهر شينهن جا، ٿيا اولاهؤن اظهار،

واس ڪريو وڄندا اچن، دمامن ڌڌڪار،

علم آيا تن هٿ ۾، جهالون ڏين جهلڪار،

ناميا ٿين نروار، اچي راوت رڻ کي ويجهڙو.

 

سوين سارنگ ساڻ، بادل هئا برسات جا،

سانول پڌري سر ٿي، مستي ۾ مهراڻ،

ڍوري آب ڍري پئي، هيٺانهينءَ ۾ هاڻ،

ڪري ويس وسڻ جا، پهريائين پهرياڻ،

مينهن ٻَڌو مانڊاڻ، آيو اوهيڙا ڪري.

 

وچؤن ٿوري پنڌ، لشڪر سڀ لاهي پيا،

پويان اڳيان پاڻ ۾، مڙي ٿيا هڪ هنڌ،

شير محمد آکيو، بانڪا ڪيو ڳالهوَ بند،

ڪامل چاڙهيو ڪمند، ته هڪدم هٿن سان وٺون.

 

بڙديءَ بانڪي جي اڳيؤن، هيءَ بات ڪَهي بهرام،

مگسين ڏانهن اٿئي مرتضيٰ (رضه) چانڊيي ڏانهن امام (رضه)

اوهين ڪين اکين ڏسو، مَڪا مرسل ڄام،

ورنهه وير وريام، سوڀ نه ٿيندي سارڌو،

ٻَڌو ٻوٿ چريي جو، ٿو خان ڳالهائي خام،

وير هيسيو همسرن کي ڏسي، ٿيس اهڙيءَ طرح تمام،

ڪَلَ ڦري ڪا وئي، بيبيو آه بهرام،

نَرَ وڃايو نام، اڳيون پويون پانهنجو.

 

درس بندوقن ڌاڙ، گهوٽن جُڌ گهڻي ڏني،

جيئن وڏ ڦڙيو واڪا ڪري، تيئن تيرن ٽاڙو ٽاڙ،

پکين هيانوَ پري ڇڄن، راڻي ٻڌائون راڙ،

اُٿيا اَڙدا وٽاڙ، هلو ته حملو ڪريون.

 

ديمن کي دستا ڪيو، ورنهه ورهائي،

گڙد، گبول، گاڏهي، ٻيو ديناري آهي،

جلب، جتوئي، لاشاري، وڃو چانڊيي تي ڪاهي،

ٻيا مٿي مگسيءَ جي، چڙهو ٻهڳڻ ٻولائي،

ٺاهه اهو ٺاهي، خانن جُڌ کڙي ڪئي.

 

جُلهه ڪيائون جنگ جي، کڙا ٿيڙا خان،

ڪوپا ڪڏندا آئيا، جلدي ساڻ جوان،

اڳيؤن بيٺا پِڙَ ۾، چارئي منجهه ميدان،

مُنهنَ ۾ مٺي رند کي، هنئين پاروءَ پهلوان،

کڙو کوهه فروش ٿيو، قابل ڀڃي ڪانَ،

ميوو مُڙيو ڪينڪي، جنهن کي جيءَ اندر جولان،

بجلي ڀرو ڪري هڻي، دست کڻي دستان،

ڪَهُه، رندڙا ڪاڏي ڀڳين، ڏس ترارن تانَ،

اڳيؤن لائق شير لٿل هو، اٿئي پٽ غيبي سلطان،

آيا اوٿر واٽ ۾، گڏيا منجهه گمسان،

هُن ڪو شوق شمع جو، ٻيا جِلي پوان،

آرڏا سان ايمان، چارئي شير شهيد ٿيا.

 

ڪريا هئا ڪوپن جا، ڌَڙَ سِرَ مٿؤن دُور،

لتڙ منجهه لتاڙي، پانو پهرين پور،

وري وطن نه وريا، رڻ اوڏا، گهر ڏور،

هئا جوان گهڻا جمهور، پر هنن جهڙو ڪونه ڪو.

 

”پاروءَ“ جهڙا پُٽڙا، مَرُ ڄڻيو ماءَ،

مرندي مُڙيو ڪينڪي، پوءِ نه موڙيائين پاءَ ]پير[،

ٻيا ڀي شامل شير سان، جن سيف هنئي سهجاءَ،

هئا جوان بڙي جاراءِ، پر هن جهڙو ڪونه ڪو.

 

ڪاهه ڪري ڪڏ چاڙهه، وٽجي آيا واءَ جان،

ڪَلَ تنين کي ڪانه ڪا، ته ڪي اڙجي منجهه اڻيار،

مٺ ڀيڙي ماشا ويا، باهه اٽيا ڌُر ڌار،

ڌٻي دهوڙيون ٿيون، چڻنگ ڪئي چمڪار،

ٿي هڪل بندوقن ڪئي، گاج مٿؤن گرنار،

مٿؤن ملوڪن جي، لي دارونءَ ڪيا ڌڌڪار،

هٿ نه ڏسي هٿ کي، اهڙو انڌوڪار،

ٻن ٽن کؤن تير ويا، ڪري گهڻو تڪرار،

ڪريا جهنڊا هڪڙن هٿان، ٻين کنيا ٻيهار،

هڻي پوک هٿيو وجهي، پر پٽجي کؤن پاڙ،

ڪوڪو ڪانو ڏسجي، نظر منجهه نروار،

ڀَرِ ڪريا ڪاپار، ڪانن هيانوَ ڪڍي وڌن.

 

ڪانن هيانوَ ڪڍي وڌن، تن جا ڦڦڙ ڪن ڦرڙاٽ،

هڪڙن ساهه مٿي، ويا ٻيا گهايل ڪن گهرڙاٽ،

ڪرنگهه ڪيرائن پٽن تي، ڇنن مٿن کان مولهياٽ،

ڪُڻڪيا ڪين ڪنواٽ، بودا باهه دسي وڌا.

 

مُهڙيان پيا ميدان ۾، پوين ڪيا پرواز،

لتاڙي لنگهي پيا، ڪوپا ساڻ ڪواز

آرهاٽي آڙَ تي چڙهيا، وجهي وک دراز،

هڻي دس دهيون ڪيا، شهتائن شهباز،

آيا آتش وات ۾، ڀڃي تير انداز،

جي هئا پانوَ پلٿي باز، سي سڀ ساڙي باهه صفا ڪيا.

 

اُٿي چانڊيي آڙَ مان، چين ”بيا انديشاه“

”پنج بيا جيءُ بيا“ چيائون مان چاه،

”خير کٿوريا توڏي“ چواين الله،

هٿ نه ورن هن جا، سختي پسي ساه،

اٿن اکين ۾ پراه، جڏهن ديدان توپن ۾ گڏيون.

 

ڀَڙ اُٿي پيا ڀاڪرين، ڳنڍيائون به ترار،

اها ساعت اَهنجي، آهه ڪنهن جي ڪار،

ماڻُ پئي جاٿي رُڪ جو، سا هن ڀڙ جي پار،

توڻي آب اکين ڏيکار، ته به پاڻ وات ۾.

 

ڀڙ اُٿي پيا ڀاڪرين، ڪاهه ڪري ڪيهر،

گنو خانَ کڙو ڪيو، وڄ کنوي ويتر،

وڪوڙيائون ويڙهه ۾، چانڊيي کي چوڌر،

مٿان وسن مينهن پاهڻ پٽ پڌر،

هڻ کٿوريا اڳتي ڀيڙ ڏئي بهتر،

پير نه موڙيو پوئتي آرهه ڏيو اڪثر،

بيٺا جنگ بنگاهه ۾، چانڊيا بنائي بازر،

نامين جنگ نظر، اتي دل لڳي داناءَ کي.

 

”نانگاڻيءَ“ نعرو ڪيو، ڏڦن ساڻ ڏڦيڙ،

سامهون وڃن شينهن جي، مُڙن ڪين مٿير،

هڪ پاري هرگز وهي، پَٽُ ڇڏائن پير،

ديمن ۾ دل شير، ٿي پرکيا چانڊيي سون جا.

 

ولي محمد وير هو، هاڙهي هاڪارو،

جهلي ويٺا جنگ کي، چانڊيا چوڌارو،

مهڙ ڇڏيو ته مان وڙهان، ساهه نه اٿم پيارو،

شابس منهنجا ڀائرو، يار ٻڌو يارو،

ساعت رهي آه هيڪڙي، ٻيو وقت لنگهريو سارو،

ٽلو(1) احمد(2) دائود خان(3) نڪري ڪيو نعرو،

واري تي وارو، جوڌن ڏنو جنگ ۾.

 

ماڻهو مگسيءَ کي سڏن، لکين ئي لک پال،

صحبت رند سو سامهون، ٿيو دانهه سان دوچال،

ٻهڳڻ کوڙيس ٻانهن ۾، بانڪي ڏيئي بال،

سيف نڪا سر ليڪ ڪئي، نه ٿيو زخم زوال،

هاديءَ هٿ بچايو، سالم رهيو سال،

وري وير وارو ڪيو، ڀوتاڻي برحال،

رند ٿيو رهوال، هن ڀي راوت رڻ ملهائيو.

 

مگسيءَ ڀي منهن - موڙ ڪئي، هوڏنهن بڙدي ڪئي ڀاڄ،

ڦاڏان ڦيرائي ڪري، هليا سي هنگلاج،

ٿيا ترارن کاڄ، رات جهليا رڻ پٽ ۾.

 

”مينهان خان“(1) مڙي، نئي مارو مگسين ۾ وڌو،

ڏسي ڀيڙ ڀڳا وڃو، ٿا ڪيو خر کُڙي،

هو ٿيو ڄاڃي(2) مارجي، گهوٽو هن گهڙي،

ڏيو چوٽ چڙهي، ٿيو ٻيلي ساڻ ٻروچ جي.

 

مرندي تائين ميهڻو، وڃو ٿا وڙواند،

موٽي چاندين سان هلي، هرڪو ٿئي هيڪاند،

وٿ ملي اٿو واند، جو بڙدي ڀڄي ڀاڄ ڪئي.

 

مگسي موٽيو پوئتي، يچائين رند پَنا،

ورنهه ورندي ڏني ڪانه، اُکي رند پنا،

رند ته ائين آئيو، جيئن ڀيلي آبُ ٻنا،

آهه آگي در ”آمنا“ نه ته ڪن ها مڇي خور مقابلو!

هڪلون ڏيندو آئيو، شير محمد شير،

ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، دهشت ساڻ دلير،

لاڪ پهرئين سان تڪ ڪري، وهائي شمشير،

ڪو آهي مڙس مٿير، جو دهشت جهلي ديو جي.

 

ماريا سڀ ميدان ۾. جي حالي ڀائي هُس هَڏ،

نه آيس مرد نگاهه ۾، جي گهوٽ بيٺا هئس گڏ،

باقي ڪونه بچيو نئي، جو سختيءَ ۾ ڏئي سڏ،

رند وڏو هر رڏ، پر ڀٽائي پاڙون ڪڍيئين.

 

سامهون سورهيه سر مٿي، ڪاتير ڪئي ڪاهه،

جنهن جو نام سراج هو، پرس نه ڪئي پرواهه،

ٻکيو ٻهڳڻ سان وڃي، چست منجهارؤن چاهه،

ٿڙيو خول مٿي کان، جا پهريل هيس پناهه،

وڃي اُن وٿيءَ تي، لَرَ جي پئي نگاهه،

چڱيا چتائي هنئي، سهجون تنهن سرواهه،

ڪريو ڪونڌ پَٽَ تي، دَلَ نه ڪئي ڪا دانهه،

ڪِرڻ سان ڪونڌر جا، پورا ٿيا پساهه،

جي هئا هاتِڪَ جا همراهه، سي مِڙيو ئي ماهو ٿيا.


* چانڊين کي ”کٿوريا“ چيو ويندو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي کٿوري يعني خوشبو وارا.

(1) سماراڻي چانڊين مان.

(2) ماڻائي چانڊيو.

(3) دعواڻي چانڊيو.

(1) مگسين جو سردار.

(2) چانڊين ڏانهن اشارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com