سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :51

 

مولانا عبيدالله سنڌي (رح)

 

ولادت باسعادت

1289هه مطابق 1872ع ۾ جمعه رات ضلع سيالڪوٽ جي چيانوالي ڳوٺ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيا. سندن والد مولانا جي پيدائش کان چار مهينا اڳ گذاري ويو هو. ان ڪري ڏاڏي جي سنڀال ۾ رهيا. 1874ع ۾ سندن ڏاڏو به وفات ڪري ويو. هاڻ سمورو بار مولانا جي والده تي پيو، جا کيس ضلع ڊيره غازي خان ۾ پنهنجي پيڪن وٽ وٺي آئي.

ابتدائي تعليم

1880ع مطابق 1295هه ۾ کيس ڄام پور جي هڪ اسڪول ۾ تعليم لاءِ ويهاريو ويو ۽ هميشه امتيازي نمبرن سان پياس ٿيندا رهيا.

اسلام لاءِ محبت

1884ع ۾ هڪ آريه سماجي ڇوڪر جي هٿان کين ڪتاب تحفة الهند مليو، جنهن جي مطالعي سان اسلام ڏانهن سندن لاڙو پيدا ٿيو ۽ پوءِ هلي کين شاهه اسماعيل جو ڪتاب تقوية الايمان مليو، جنهن جي ذريعي توحيد جي مسئلي کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ورتائون.

1887ع ۾ الله تي آسرو رکي اسلام مٿان سڀ ڪجهه قربان ڪري گهر کان اسري نڪتا. 1305هه مهيني صفر ۾ سيد العارفين جنيد وقت حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن جي خدمت ۾ پهچي اسلام جو اظهار ڪري بيعت ورتائون. ڇهه مهينا ذڪر و اذڪار جو شغل جاري رکي 1306هه ۾ دارالعلوم ديوبند ۾ داخل ٿيا. 1308هه ۾ دوره حديث کان فارغ ٿي علمي فراغت حاصل ڪيائون. 1308هه ۾ سنڌ ڏانهن واپس وريا، حضرت حافظ صاحب فوت ٿي چڪو هو. ان ڪري ان کان پوءِ حضرت امروٽيءَ وٽ آيا ۽ اتي عربيءَ مدرسه سان گڏ هڪ پريس به کوليائون، جتان ماهوار رسالو ”هداية الاخوان“ سنڌي ٻوليءَ ۾ جاري ڪيائون ۽ قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي ۾ حضرت امروٽي جا مددگار رهيا. 1319هه تائين امروٽ ۾ رهيا ۽ ان عرصي ۾ سکر مان شادي ڪيائون، جنهن مان کين اولاد به عطا ٿيو.

انهيءَ سال امروٽ کي ڇڏي پير جهنڊه ضلع حيدرآباد ۾ ابو تراب حضرت پير رشدالله جي مشوري سان مدرسہ دارالرشاد جو بنياد وڌائون. 1327هه ۾ حضرت شيخ الهند کين ديوبند گهرائي ورتو ۽ ان سال رمضان مهيني ۾ جمعيت الانصار جو بنياد وڌائون.

اداره نظارة المعارف

1331هه ۾ حضرت شيخ الهند جي ارشاد پٽاندڙ دهلي ۾ هڪ اداره نظارة المعارف کوليائون جنهن ۾ نوجوانن کي قرآن مقدس انقلابي رنگ ۾ پڙهائڻ شروع ڪري ڏنو. 1333هه ۾ پهرين جنگ عظيم ڪري اهڙيون حالتون پيدا ٿيون، جو کين نظارة المعارف ڇڏڻو پيو.

1335هه ۾ انگريزي حڪومت طرفان مدرسه دارالرشاد پير جهنڊه کي هن ڪري بند ڪرڻ جو حڪم مليو جو اتي انگريز سرڪار جي خلاف باغيانه تعليم ڏني وڃي ٿي.

هجرتِ ڪابل

1333هه مطابق 1915ع ۾ پنهنجي استاد حضرت شيخ الهند جي حڪم سان آزادي وطن جي سلسلي ۾ مهاجر بڻجي ڪابل ويا.

1337هه ۾ هندستان لاءِ عارضي حڪومت جو ڪابل ۾ بنياد رکيو ويو، جنهن جو صدر مولانا کي مقرر ڪيو ويو. افغانستان کي انگريزن جي خلاف ڀڙڪائي جنگ شروع ڪئي وئي. نتيجو هي نڪتو جو افغانستان آزاد ٿي ويو. اهو سارو مولانا سنڌي جو رٿيل پروگرام هو. 1335هه ۾ مولانا شيخ الهندکي گرفتار ڪري مالٽا ۾ رکيو ويو. مولانا سنڌي جي ريشمي رومال خط جي سلسلي ۾ اها گرفتاري هئي.

1339هه ۾ مولانا جو استاد حضرت شيخ الهند فوت ٿي ويو. ان موقعي تي ڪابل ۾ ويهن هزارن ماڻهن غائبانه نماز جنازه ادا ڪئي ۽ شاهه افغانستان طرفان حضرت شيخ الهند ۽ مولانا سنڌيءَ جي علم، فضل جي تعريف ڪئي وئي.

روس ڏانهن روانگي

1340هه مطابق 1922ع ۾ روس پهتا ۽ ماسڪو ۾ ڇهه مهينا حڪومت جا مهمان رهيا اتان جي انقلابي تحريڪ جو مطالعو ڪيائون.

انگورا ۾

1341هه مطابق 1923ع ۾ انگورا پهتا ۽ چار مهينا اتي رهيا، ان وچ ۾ عصمت پاشا، رئوف بڪ سان سياسي مجلسون ڪندا رهيا. مولانا جو ارشاد آهي ته ”جيڪڏهن آئون روسي انقلاب جو مطالعو نه ڪيان ها ته ترڪيءَ جي انقلاب کي سمجهي نه سگهان ها.“ اتان استنبول پهتا ۽ ٽي سال اتي رهيا. ان وچ ۾ مصطفيٰ ڪمال پاشا سان به ملندا رهيا.

مڪہ مڪرمہ ۾ قيام

1345هه ۾ مڪہ مڪرمہ ۾ 1344هه ۾ حج جي موقعي تي موتمر خلافت جو اجلاس رکيل هو، ان ۾ مولانا جا گهڻائي هندستاني دوست آيا هئا، انهن سان ملڻ جي خيال سان جلد پهچڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر وقت تي نه پهچي سگهيا ۽ صفر مهيني ۾ اتي پهتا. مڪه ۾ رهي مولانا پنهنجن تجربن ۽ سياسي نظرين کي ٻيهر سوچڻ لڳا ۽ سندن محبوب مشغلو امام الهند شاهه ولي الله جي فلسفي  جو مطالعو هو ۽ خاص شاگردن کي قرآن مقدس جي انقلابي رنگ ۾ تعليم ڏيندا رهيا.

1356هه ۾ دنياءِ اسلام جي علامه ماوراءُ النهر جي امام موسيٰ جارالله کانئن شاهه ولي الله (رح) جي فلسفه مطابق ترجمه قرآن پاڪ 6 مهينن جي عرصي ۾ پڙهيو ۽ ڪيئي هزار صفحن جا عربي ۾ نوٽ لکيا.

1936ع ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ سندس ٻين دوستن جي تحريڪ طرفان مولانا جي واپسي لاءِ آواز اٿيو، نيٺ گورنمنٽ مولانا جي واپسي کي منظور ڪيو.

1937ع نومبر ۾ مولانا کي 1- جنوري 1938ع مولانا کي پاسپورٽ ڏيڻ جو فيصلو به ٿيو، پر جڏهن ته حج جي موسم ويجهي هئي، ان ڪري حج جي ادائي لاءِ ڪجهه عرصو رهي پيا.

1939ع مارچ مهيني ۾ پنجويهن سالن جي جلاوطني کان پوءِ پياري ديس سنڌ ۾ پهتا، هتي پهچڻ سان پنهنجي افڪار جي اشاعت شروع ڪري ڏنائون. هتان جون حالتون بدلجي چڪيون هيون. سندن گهڻن پراڻن ساٿين تي مايوسي ڇانيل هئي. ان ڪري مولانا صاحب بذات خود پيرانه سالي ۾ هندستان جي گوشه گوشه ۾ وڃي انقلابي پيغام پهچايو. قومي خيال رکندڙ ماڻهن سان جدا جدا ملندا رهيا. ڪيترن جلسن ۾ وڏن ميڙن کي خطاب ڪيائون. انگريزي يا عربي دان نوجوان شاگردن کي سمجهائيندا رهيا. ڪيترائي علمي مرڪز کوليائون ۽ پئمفلٽ پڌرا ڪيائون. پير جهنڊه سنڌ ۽ جامعه مليه دهليءَ کي علمي ڪم لاءِ خاص طور نوازيائون.

17 اپريل 1944ع تي سنڌ جي عربي شاگردن طرفان حيدرآباد سنڌ ۾ سڏايل جمعية الطلبة ڪانفرنس جي صدارت ڪري هڪ صدارتي تقرير فرمايائون. جنهن کي هڪ پئمفلٽ جي صورت ۾ شاگردن طرفان پڌرو ڪيو ويو. ان خطبي ۾ شاگردن کي علمي ۽ عملي ڪم بابت اعليٰ پروگرام عطا ڪيائون ۽ مفيد مشورا ڏنائون. جنهن تي جيڪڏهن عربي جا شاگرد عمل ڪن ها ته ملڪي سياست ۾ انگريزي دان نوجوانن کان گهڻو اڳتي وڌي وڃن ها، پر انهن کي پراڻي ماحول ۽ جمود اڳتي وڌڻ نه ڏنو. افسوس!

2 آگسٽ 1944ع ۾ شهداد ڪوٽ سنڌ ۾ هڪ مدرسه ولي الله ٿيالوجيڪل اسڪول جي افتتاح لاءِ هڪ جلسو رٿيل هو، جنهن جي صدارت مولانا سنڌي کي ڪرڻي هئي. مولانا بيماري جي حالت ۾ سنڌ جي عربي مدرسن جي دوري تي ويل هئا. جڏهن مرض کين گهڻو ستايو، تڏهن ڪن رفيقن جهڙوڪ: مولانا  وفائي مرحوم ۽ ٻين جي استدعا تي علاج لاءِ ڪراچي اچڻ تي تيار ٿيا ۽ ڪراچي پهچي ويا. شهدادڪوٽ جي جلسه لاءِ تارن مٿان تارون پئي آيون، ليڪن مولانا کي واقف نه ڪيو ويو. انهيءَ تڪليف جي حالت ۾ به شهدادڪوٽ اچڻ لاءِ تيار ٿيا، پر طبيعت ۽ قوت هارجي وئي، اهڙيءَ حالت ۾ به پنهنجي هٿ سان جلسه لاءِ هڪ خطبو لکي، ڇپائي موڪلي ڏنائون. اها مولانا جي آخري تحرير آهي.

ڪراچي ۾ علاج ٿيندو رهيو، پر طبيعت راس نه آئي. ڪراچي کان پير جهنڊي پاڻ کڻائي آيا ۽ انهيءَ مرض ۽ سفر جي حالت ۾ مولانا جا خاص شاگرد ۽ معتقد هم سفر هئا. پير جهنڊه کان مولانا پنهنجي نياڻي ۽ ڏهٽي ميان ظهير الحق جي استدعا تي دين پور رياست بهاولپور ويا.

1944ع 22 آگسٽ دين پور ۾ ئي وفات فرمائي هميشه لاءِ حظيرة القدس ۾ آرامي ٿيا. مولانا مرحوم کي سنڌ لاءِ بيحد محبت هئي ۽ سنڌ کي پنهنجو روحاني وطن ڄاڻي سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا ۽ سنڌ جي باشندن کي پڻ حضرت علامه سنڌيءَ سان بيحد محبت ۽ عقيدتمندي آهي. اهوئي سبب آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ 22 آگسٽ تي مولانا مرحوم جي ورسي ملهائي ياد تازه ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪراچي ۾ مرڪزي بيت الحڪمة ادارو هن غرض لاءِ قائم ڪيو ويو آهي ته مولانا سنڌي جي تصنيفات کي شايع ڪيو وڃي ۽ انهن جي افڪار جي اشاعت ڪئي وڃي.

 

 

امام عبيدالله سنڌي جي شخصيت

شيخ الاسلام مولانا حسين احمد صاحب مدني جي بيان تي هڪ نظر

 

اخبار مدينہ بجنور 17 مارچ 1949ع جو پرچو نظرن مان گذريو. جنهن ۾ مولانا عبيدالله مرحوم جي هيڊنگ سان هڪ وڏو بيان مولانا حسين احمد صاحب مدني جي نالي سان شايع ٿيل پڙهيم. هن کان اڳ جو ان مضمون جا ڪي دل ڏکوئيندڙ جملا اوهان جي آڏو رکي جواب جي ڪوشش ڪئي وڃي، هي عرض رکان ٿو ته منهنجي هن مضمون کي حضرت مولانا مدني جي ذات گرامي متعلق ڪنهن به گستاخي مٿان حمل نه ڪندا.

مولانا مدني احقر راقم جا نه صرف استاد آهن، پر ان سان گڏ سلوڪ ۾ پير طريقت به آهن. منهنجو مطلب ۽ مراد آهي امام عبيدالله سنڌي مٿان مڙهيل الزامن جي حقيقت تي تنقيد ڪري برائت پيش ڪرڻ، حضرت مولانا حسين احمد صاحب لاءِ جيترو مون کي ذاتي تجربو آهي ته هو هڪ ايڏي وڏي مشغولي وارا آهن، جو کين ايتري فرصت ئي نه آهي جو مولانا، امام سنڌي جي افڪار جو مطالعو ڪري ڪجهه راءِ قائم ڪن. اهو سڀ ڪجهه اڻ سڌي طرح انهن ماڻهن جي سازش آهي،جيڪي گورنمنٽ جا ڇاڙتا، عقيدتمندن جي شڪل ۾ ٿي مولانا کي وڪوڙيون ويٺا آهن. بيان جي شروع واري ڀاڱي ۾ ته مولانا سنڌي رح لاءِ هن طرح تعريف ڪئي وڃي ٿي: مولانا عبيدالله صاحب نهايت ذڪي طبيعت ۽ وڏي سمجهه وارو انسان هو. حضرت شيخ الهند مولانا عبيدالله جي ذڪاءِ علمي دلچسپين ۽ ٻين خوبين جي آڌار تي کين نهايت پيارو گهرندا هئا. مرحوم کي شاهه ولي الله ۽ مولانا محمد قاسم جي ڪتابن سان گهڻي محبت هئي ۽ ايترو ته کين ڊگهو مطالعو هيو جو مٿين ڪتابن جون ڪيتريون عبارتون ازبر ياد هيون. اڳتي هلي لکن ٿا: جنگ طرابلس ۽ بلقان واري زماني ۾ شيخ الهند رح مولانا عبيدالله سنڌي کي پنهنجي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ايڏو متاثر  ۽ بيدار ڪن ٿا جو ان تحريڪ جي بناءَ تي مولانا سنڌي کي ڪابل وڃڻو پيو. مولانا مرحوم ڪابل پهچي امير حبيب الله مرحوم ۽ ان جي وزيرن کي پنهنجو ڪري وڌو. امير حبيب الله جي شهادت مولانا مرحوم جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. پر جنهن صورت ۾ مولانا مرحوم کي فطرت کان لوهه جهڙي مضبوط دل ۽ اڻ ٿڪندڙ دماغ مليل هو، ان لاءِ مولانا پنهنجي پروگرام مطابق ڪم ڪندا رهيا ۽ امير امان الله جي برسرِ اقتدار اچڻ کان پوءِ مولانا مرحوم امير صاحب کي پنهنجو ڪري وڌو. افغانستان جي جنگ آزادي ۾ مرحوم جي اسڪيمن کي وڏو دخل هيو. جيئن ته هڪ مشهور جنگي انگريز آفيسر جو قول آهي ته هي ڪاميابي افغانستان جي نه آهي پر عبيدالله جي فتح آهي. مولانا مرحوم جي حالات سفر تي لکندي مولانا مرحوم لاءِ لکيو وڃي ٿو ته وطن ۽ مذهب جي آزادي لاءِ گهڻن ماڻهن تڪليف ۽ مصيبت سٺي ۽ برداشت ڪئي آهي، پر مولانا مرحوم جهڙيون مشڪلاتون ڪنهن نه ڏٺيون هونديون. غور ڪيو ويندو ته پهاڙ ۽ ذره جو تفاوت نظر ايندو. مضمون جي ان حد تائين ته اسان مولانا سان متفق آهيون، پر اڳتي هلي جو ڪجهه لکيو ويو آهي ته ان مان ناظرين کي صاف طرح معلوم ٿيندو ته زهر آميز شڪر وارو معاملو آهي. جيڪڏهن سچ پچ مولانا مدني جو پنهنجو لکيل مضمون آهي ته پوءِ چئبو ته مولانا مدني کي امام سنڌي جي پوئين هسٽري پوري طرح معلوم نه ٿي آهي. بيان جا ڏک پهچائيندڙ جملا به ملاحظه ڪريو، جنهن کي اسان مختصر طور خلاصو پيش ڪريون ٿا:

مولانا سنڌي جڏهن ماسڪو، اٽلي، ترڪي ۽ ٻين ملڪن جي سفر کي طئي ڪندي مڪي شريف پهتا ته مٿن جلاوطني ۽ سفر جي تڪليفن جو ايڏو اثر ٿيو جو مولانا سنڌي جو قلب (دل) ۽ دماغ بيڪار ٿي ويا. مولانا دماغي توازن وڃائي ويٺا. صبر، تحمل ۽ استقلال جواب ڏئي ويا. فڪر ۽ طبع جيڪا مولانا کي بلند مضمونن ۽ سياست جي اونهائين تائين پهچائيندا هيا، ختم ٿي ويا. مولانا جي ذهانت، ظرافت، علم، بردباري رخصت ڪري وئي. هڪ ئي مجلس ۾ هڪ ٻئي جي مخالف ڳالهيون ڪرڻ لڳا. هندستان واپس اچڻ کان پوءِ به سندن اها حالت رهي. اهوئي وجهه آهي ته واپسي ۾ مولانا مرحوم هندستان جي سياسي رهنمائن ۾ ڪا وڏي پوزيشن حاصل نه ڪري سگهيا.

هاڻي اسان ناظرين اڳيان مٿيان الزام پيش رکي امام سنڌي جي ان پاڪ زندگيءَ جو بيان ڪريون ٿا، جنهن زماني جي زندگي کي ديوانگي ڏيکاريو ويو آهي. چند شاهديون به پيش ڪريون ٿا:

علامہ موسيٰ جارالله روسي دنيا ۾ هڪ بين الاقوامي شهرت جو عالم آهي، جنهن کي ماوراءُ النهر جا علماءَ امام جي لقب سان ياد ڪندا آهن. مولانا انور شاهه مرحوم جي حالات زندگي ۾ فخريه طور هي ڳالهه لکي وئي آهي ته علامه موسيٰ جارالله جي مرحوم شاه صاحب سان هڪ هفتو علمي مجلس رهي. ٻنهين هر هڪ جي فضل ۽ ڪمال جو اقرار ڪيو. اهڙي جليل القدر عالم جي تازي لکيل خط مان (جيڪو رساله توحيد فيبروري 1945ع ۾ ڇپيو آهي) مولانا امام سنڌي جي مڪي زندگي معلوم ڪري سگهو ٿا.

علامه لکي ٿو ته روس مان مولانا عبيدالله سنڌي 1923ع ۾ روانو ٿي ويو. پوءِ آئون 1926ع ۾ وري وڃي استنبول ۾ مليس. ان کان پوءِ حرمين شريفين ۾ ڪيترا دفعا ڏٺم ۽ مڪي جي حرم ۾ ڪيترا مهينا سندس ساٿي يا صحبتي ٿي رهيس. امام شاه ولي الله جي فلسفي پٽاندڙ قرآن ڪريم جي تفسير بابت سندس تقريرون لکي ورتم. انهيءَ قيمتي فرصت ۾ سندس جمهوري فڪرن ۽ قرآن ڪريم بابت حڪيمانه مقصدن تي واقف ٿي ويس. ڪن وقتن تي فرمائيندو هو ته اسان ۾ هي طاقت آهي جو جدا جدا مذهبن جي ڪانفرنس ۾ انهن مذهبي ڪتابن مان الله تعاليٰ جي هن قول کي ثابت ڪري ڏيکاريون: ”چؤ اي انسانو! آئون اوهان سڀني ڏانهن رسول ٿي آيو آهيان.“ مگر شرط هي آهي ته قرآن جو تفسير امام شاه ولي الله جي فلسفه پٽاندڙ ڪيو وڃي.

هاڻي ناظرين انصاف ڪن ته مولانا عبيدالله مرحوم جي مڪي زندگي علمي ترقي ۽ ڪمال جي زندگي آهي، جنهن جي ايڏي بين الاقوامي شهرت جو عالم مٿين نموني شاهدي ڏئي رهيو آهي يا ديوانگي؟ مٿئين تفسير جو گهڻو ڀاڱو اسان وٽ موجود آهي. ان مان نظر ايندو ته مولانا عبيدالله مرحوم تي خاص طرح سان حرم شريف جي سڪونت واري زماني ۾ قرآن مجيد جي اسرارن ۽ سياست مدينه جي رازن جو ايڏو ته انڪشاف ٿيو آهي جو مرحوم کي امام يا مجتهد سڏڻ بيجا نه آهي. اسان جي دعويٰ آهي ته موجوده دور ۾ ڪوبه عالم بيدار مغز جنهن جو دماغي توازن به ٺيڪ هجي، قرآن مجيد يا سياست جي رازن تي امام سنڌي جي فهم جي مقابلي ۾ هڪ صفحو به لکي نه ٿو سگهي. اچو ته ٻيو مثال ٻڌايون:

مولانا نور محمد مرشد مڪي هڪ وڏو عالم آهي، سندس مطالعو ايڏو ته وسيع آهي جو حديث، تفسير، تاريخ، ادب جو ڪوبه ڪتاب سندس مطالعي کان گهٽ رهيل هوندو. رياض ۾ سلطان ابن سعود جي شهزادن جو استاد ٿي رهيو آهي. ان جي جڏهن اسان جي امام عبيدالله سنڌي رح سان ملاقات ٿي، ته نوڪري تعليم وغيره ڇڏي، مولانا امام مرحوم جي خدمت ۾ اچي تلمذ اختيار ڪري ٿو ۽ مولانا امام جڏهن سنڌ واپس اچي ٿو ته مرشد مڪي به پنهنجي وطن کي خيرباد چئي هتي پهچي ٿو. حضرت مولانا سنڌي رح جڏهن وطن تشريف فرما ٿين ٿا ۽ هندستان جو دورو ڪندي، دارالعلوم ديوبند ۾ مولانا مدني جا اچي مهمان ٿيا ته ان زماني ۾ آئون دارالعلوم ۾ دوره حديث پڙهندو هوس. حضرت امام سان منهنجي پهرين ملاقات مولانا مدني جي مڪان تي ٿي. مولانا امام رح جي علمي ۽ سياسي تقريرن ايڏو ته منهنجي مٿان اثر ڪيو جو کيس مجتهد تسليم ڪرڻ لڳس. مولانا امام سنڌي پوري هوشياري ۽ تدبير سان پنهنجو پروگرام پيش ڪندا پئي رهيا، پر جيئن جو آئون پهريان لکي آيو آهيان ته مولانا مدني مدظلہ هڪ وڏي مشغولي وارو انسان آهي، ان کي ايڏي فرصت ئي ڪانه هئي جو مولانا امام سنڌي رح جي ڳالهه کي غور سان ٻڌي. ائين به هوندو هيو ته مولانا امام ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، پر مولانا مدني پنهنجين ٻين مشغولين ۾ رڌل هوندا هئا. دوره حديث کان فارغ ٿي پنجاب يونيورسٽيءَ جا ڪي امتحان ختم ڪري، ڪجهه زمانو مدرسہ دارالسعادت گوروپهوڙ ۾ تعليم ڏئي، حضرت امام سنڌي جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. مون سان گڏ سنڌ جي نامور عالمن مان مولانا علي محمد صاحب، مولوي فاضل، منشي فاضل، فاضل ديوبند، مولانا عبدالحق صاحب رباني ناظم جمعيت العلماءِ صوبه سنڌ، مولانا حافظ خليل احمد صاحب سجاولي ۽ ٻيا بزرگ آيل هئا. پنجاب مان مولانا بشير احمد صاحب بي- اي لڌيانوي ۽ مولانا خدا بخش صاحب لاهوري حاضر هئا. هي اجتماع مدرسه دارالرشاد پير جهنڊي جي عاليشان عمارت ۾ ٿيو. حضرت امام عبيدالله جڏهن درسِ تفسير، فلسفه، سياست شروع ڪيو، تڏهن سڀني بزرگن بي ساخته مولانا امام سنڌي جي علمي سياسي تجربي ۽ قابليت جو اقرار ڪيو. منهنجو ۽ منهنجي ڪن خاص بزرگن رفيقن جو عقيدو هن حد تي پهتو ته موجود دور ۾ مولانا امام جي پروگرام کان سواءِ ڪامياب ٿيڻ مشڪل آهي. هي واقعو 1943ع جو آهي. ڇا هڪ ديوانو ايترن فضل ۽ ڪمال رکندڙ بزرگن کي ديوانو ڪري اهڙو گرويده بنائي سگهندو؟

مولانا امام سنڌي خلاف سازش جو انڪشاف:

حضرت مولانا سنڌي هڪ صحبت ۾ آبديده ٿي فرمايو ته جڏهن منهنجي هندستان ڏانهن واپسي سرڪار منظور ڪئي ته منهنجي خلاف اڳ ۾ ئي هڪ سازش رٿي وئي. سرڪاري ڇاڙتن (جنهن ۾ ڪيترا علماءَ به اچي وڃن ٿا، جيڪي منهنجي استاد شيخ الهند جي تحريڪ جا مخالف هئا) اها پروپيگنڊا شروع ڪئي ته مولانا عبيدالله هاڻي ديوانو ٿي ويو آهي، يورپ زده ٿي ويو آهي وغيره. منهنجو (مولانا جو) نظريو ۽ سياسي تجربو جنهن صورت ۾ هندستان جي موجوده سياسي پارٽين کان الڳ هيو ۽ عالمن جو وڏو طبقو (جنهن سان منهنجي گهڻي لهه وچڙ هئي) يورپ جي نظام کان بي خبر هيو. هوڏانهن ڪابه پارٽي جيستائين يورپين نظام کان واقف نه آهي ته اڄ ڪالهه جي سياسي لڙائي ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. آئون کين بيدار ڪري رهيو آهيان، تنهن ڪري مٿين پروپيگنڊا منهنجي خلاف آساني سان ڦهلجي وئي. نتيجو اهو نڪتو جو پراوا ته ڇڏيو، پر پنهنجا ديوبندي عالم به منهنجي ڏسيل پروگرام تي ويچار ڪرڻ ته ڇڏيو، پر ٻڌڻ لاءِ به تيار نه آهن. مولانا فرمايو ته ان ڪري اسان پنهنجو رخ نوجوان علمائن ۽ انگريزدان طبقه ڏانهن ڪيو آهي. هي جو مولانا امام سنڌي لاءِ لکيو ويو آهي ته استقلال صبر وغيره ڇڏائي ويو آهي، بلڪل حقيقت جي خلاف آهي. هن کان وڌيڪ استقلال ۽ پنهنجي پروگرام تي صبر ۽ استقامت ٻيو ڇا ٿيندو جو باوجود ايڏي مخالفت جي به پيرسني ۽ ضعف جي حالت ۾ هندستان جي گوشه گوشه، شهري ۽ ٻهراڙي آبادي ۾ گشت ڪندي مسلمانن کي ايندڙ لاديني انقلاب کان بيدار ڪري صحِيح پروگرام ٻڌائڻ لڳا. حضرت امام سنڌي رح لاءِ لکيو ويو آهي ته متضاد ۽ هڪ ٻئي جي مخالف ڳالهيون ڪندا هئا. ان جي جواب ۾ هيترو عرض رکڻ ڪافي آهي ته روزمره حديث پڙهائيندڙن اڳيان اهڙا سوين جملا ملندا، جنهن ۾ بظاهر تضاد نظر ايندو. پر اهو نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم کان ڪنهن خاص موقعي ۽ حادثه جي بناءِ تي حڪمت جي پيرايه ۾ ڳالهائڻ ٿيو آهي. جنهن لاءِ امت جي وڏن عالمن تطبيق جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي طرح امت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جا اهي عالم جيڪي صحيح معنيٰ ۾ نبي ڪريم صلي الله  عليہ وسلم جي حڪمت ۽ علم جا جانشين آهن، انهن کان به موقعه پٽاندڙ اهڙا جملا صادر ٿين ته ان کي دماغي عدم توازن تي قياس نٿو ڪري سگهجي. پڻ مهرباني ڪري اهو ٻڌايو وڃي ته اهي ڪهڙا جملا آهن، جنهن تي اعراض ڪيو وڃي ٿو؟ اڄ ڪلهه جي زبان ۾ ڊپلوميسي پاليسي هڪ ضروري شيءِ آهي، جنهن کي قرآن پاڪ جي زبان ۾ مڪر سان عبارت آڻي سگهجي ٿو. اسان جو ذاتي تجربو آهي ته مولانا امام رح جي کلي مجلس ۾ هر قسم جا ماڻهو ايندا هئا، انهن ۾ سرڪاري ڇاڙتن ۽ جاسوسن جو به گهڻو ڀاڱو هوندو هو. اهڙن موقعن تي هميشه ڊپلوميسي پاليسي ڪم ايندي هئي. باقي مولانا امام جي خاص عقيدتمندن کان پڇي ڏسو ته حقيقت تان پردو کڄي ويندو. مولانا امام سنڌي رح لکيو آهي ته اهوئي سبب آهي ته مولانا مرحوم هندستان جي سياسي رهنمائن ۾ ڪا وڏي پوزيشن هٿ نه ڪري سگهيو. اسان باادب پڇون ٿا ته هڪ سياسي رهنما جيڪو 24-25 سال جلاوطن رهيو هجي، پويان ملڪ اندر ري ايڪشنري قوتن (رجعت پسندن) جو زور وڌيل هجي، خاص طرح ان سياسي رهنما (مولانا) جي مخالفت ۾ ايڏي پروپيگنڊا سرڪاري ڇاڙتن طرفان ڪرائي وڃي، جنهن ۾ پنهنجي آدمين کي به متاثر ٿيڻو پوي ۽ خاص طرح جنگ جو زمانو به هجي، سخت ۾ سخت آرڊيننس به جاري هجن، اهڙي وقت ۾ ساري هندستان تي حاوي ٿي وڏين پوزيشن هٿ ڪرڻ محال نه، تاهم مشڪل ضرور آهي. ايترين مشڪلاتن هوندي به مولانا امام سنڌي وڏو ڪم ڪري ويا آهن. پنهنجو سياسي، مذهبي فڪر، هندستان جي نوجوان طبقي کي سمجهائي ويا آهن. ڪيترن شهرن ۾ مولانا امام رح جي پروگرام پٽاندڙ بيت الحڪمة بيادگار شيخ الهند رح جون شاخون برپا ٿي ويون آهن، جنهن ۾ فلسفه سياست جي تعليم ڏني وڃي ٿي. مولانا امام سنڌي رح جي افڪار تي لٽريچر پڌرو ٿي رهيو آهي، جنهن مان سوين انگريزي ۽ عربي دان فائدو وٺي رهيا آهن ۽ ڪيترا بيديني خيالن جا نوجوان لادينيت کي ڇڏي، اسلام جا گرويده نظر اچي رهيا آهن. عربيدان نوجوان جو ننڍو وڏو شاگرد سياسي پليٽ فارم تي پهچي، هي نعرو هڻي رهيو آهي ته اسان شاهه ولي الله جي اقتصادي پروگرام ۽ مولانا سنڌي رح جي فڪر کي کڻي دنيا ۾ انقلاب آڻينداسين. هندستان ۾ انقلابي عنصر وڏي حرڪت ڪري رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄ ڪالهه ان بيداري کي ڏسي ڪن سرڪاري ڇاڙتن جا حواس باخته نظر اچي رهيا آهن. اسان جي ڪن بزرگ هستين کان حقيقتن کي مروڙي سروڙي، غلط خبرون ٻڌائي مخالفتن ۾ بيان ڪڍايا وڃن ٿا، پر اهو حقيقت کان غافل رکڻ ڪيتري وقت تائين هلندو. ڪيئن هڪ اهڙي مجدد دين ۽ سياست (جنهن جي سموري زندگي جو دور فلسفه ولي اللـٰهي ۽ مولانا نانوتوي ۽ شيخ الهند رح جي اشاعت ۾ گذريو هجي) کي امام ولي الله جي فڪر کان هٽيل رکيو ويندو ۽ بي خبر لکيو ويندو، جنهن لاءِ موافق ته ٺهيو، پر مخالف تحريڪ سيد سليمان صاحب جهڙا به هيئن چئي ۽ لکي رهيا آهن ته شاهه ولي الله جي فلسفي ۽ علومن جو سچو ڄاڻو ۽ ماهر مولانا سنڌي کان سواءِ ٻيو ڪوبه ٿي نه ٿو سگهي. اسان کي ٻڌائيندا اسان جا بزرگ ته اڄ ڪلهه رجعت پسندي جي دور ۾ باوجود ڪيترين قومي قربانين جي هندستان جي سياسي رهنمائن ۾ ڇا پوزيشن هٿ ڪئي آهي ۽ ڪيترا پوئلڳ پيدا ڪيا ويا آهن. افسوس جو جنهن مردِ حق (مولانا سنڌي) دنيا کي امام ولي الله، مولانا نانوتوي، شيخ الهند ۽ دارالعلوم سان متعارف ڪرايو. اڄ بعد از مرگ ان کي هڪاليو ٿو وڃي. افسوس صد افسوس! قصه ڪوتاهه. آخر ۾ هيٺين بيت تي پنهنجي مضمون کي ختم ڪريان ٿو:

آل دل که ره نموده از خوبرو جواني،

ديرينه سال پيري بدوش بيگ نگاهي.


 

 

 

ميرزا قليچ بيگ مرحوم

سنڌي علم و ادب جو هڪ محسن

اڄ اسين سنڌي ادب جي هڪ اهڙي محسن ۽ مربيءَ جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، جو پنهنجي علم، فضل، وسيع النظري ۽ ذهانت جي اعتبار سان وڏي شهرت رکي ٿو. جنهن کي ٻي دنيا ڏي اسرندي سڄا سارا ٻاويهه سال گذري ويا آهن. پر جيستائين سندس ڪيل علمي، ادبي خدمتون موجود آهن ته ادبي مجلسون ۽ معرڪا، سنڌي اخبارون ۽ رسالا کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندا. سنڌي ادب جو اهو گهڻ گهرو بزرگ شمس العلماءَ ميرزا قليچ بيگ بن فريدون بيگ آهي.

هرگز نميرد آڻکه دلش زنده شد بعشق (حافظ)

مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿين نه مات (شاهه)

حسب نسب:

چوڻي آهي ته ”سائين سڳورو جي سرچي ته ڪک مان لک ڪري، سو اسان جي سنڌي شاعر ۽ نٿر نويس ميرزا صاحب مرحوم جا ابا ڏاڏا غير مسلم هئا، پر پرين کي قدرت کڻي نوازيو، جو اسلام جي برڪت سان مالا مال  ٿيو.

حقيقت هن طرح آهي ته ميرزا مرحوم جي والد فريدون بيگ جو اصلي نالو مسٽر سڊني هو ۽ هو عيسائي مذهب جو پوئلڳ هو. جارجيا يا گرجستان جي نگريءَ ”طفليس“ کان ڪي ٿورا ميل پري ”سڪز“ نالي هڪ شهر ۾ 1418ع ۾ هڪ امير گهراڻي ۾ ڄائو. ميرزا مرحوم جو ڏاڏو اتي جو جاگيردار هو، جنهن کي هرقل يا هراڪلول روس جي فرمانروا جي حڪومت ۾ سرحد جي ڀر ۾ هڪ ڪشادو پرڳڻو به مليل هو. جنهن جو سڄو ئي تعميري ۽ دفاعي انتظام سندس حوالي هو.

ميرزا جي خاندان جي ايران ۾ نظربندي:

ايران جي بادشاهه موقعو وٺي، سٺ هزار لشڪر ساڻ ڪري جارجيا جهڙي زرخيز ۽آباد علائقي تي چڙهائي ڪئي وقت جي سوڙهه ۽ اوچتي حملي ”هراڪلوس“ روس کان مدد نه پهچڻ ڪري لڙائي ۾ شڪست کائي ڀڄي ويو ۽ انهيءَ لڙائي ۾ ميرزا مرحوم جو ڏاڏو به هرقل جي مدد ۾ هڪ لشڪر وٺي آيو، جنهن پڻ شڪست کائي پاڻ، زال ۽ ٻن پٽن جان ۽ سڊني سوڌو گرفتار ٿي پيو ۽ اسلام قبول ڪيائين. ايراني بادشاهه سندس اسلامي نالو منوچهر، جان جو جمشيد ۽ سڊڻي جو فريدون رکيو.

ميرزا جي والد فريدون جو سنڌ ۾ اچڻ:

اتفاق اهڙو ٿيو جو اصفهان ۽ تبريز جو هڪ جاگيردار سيد مرتضيٰ جارجيا جي قيدين کي ڏسڻ آيو، جنهن فريدون کي ڏسندي ان جي سمجهه، لياقت کي تاڙي ورتو. مٿس ٻاجهه کائي بادشاهه جي خدمت ۾ هيءَ گذارش ڪئي ته انهيءَ ڇوڪر کي ان جي سپرد ڪيو وڃي ته جيئن ان جي چڱي تربيت ڪري. بادشاهه اها گهر قبول ڪري ننڍي فريدون کي سيد صاحب جي حوالي ڪيو، جنهن کيس پهريون تبريز ۾ تعليم ڏياري ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ اصفهان ۾ آڻي کيس عربي ۽ فارسيءَ جي چڱي چوکي تعليم ڏياري.

انهيءَ سمي ۾ سنڌ جا حاڪم ٽالپر هئا، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي صاحبي هئي، سندس وڪيل ڏورانهن ڏيهن ۾ ويندا هئا ۽ واپسيءَ ۾ ڪي سوکڙيون پاکڙيون مير صاحبن لاءِ آڻيندا هئا. ڪنهن لڱا هڪ وڪيل ايران ويو، ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه قاچار جي درٻار ۾ ان جي سيد مرتضيٰ سان ڏيک ويک ۽ ڄاڻ سڃاڻ ٿي ۽ ان وٽ فريدون جي ڏسڻ جو به کيس موقعو مليو،  جنهن ڇوڪر جي اهڃاڻن مان پروڙي، پرجهي ورتو ته هي ڇوڪر ڪو سڀاڳو ۽ سمجهو ٿيندو. مير ڪرم علي خان کي جيئن ته اولاد نه هو، تنهن ڪري ان وڪيل خيال ڪيو ته مير صاحب جي درٻار ۾ هي ڇوڪرو تحفي طور پيش ڪبو ته مير صاحب گهڻو خوش ٿيندو. نيٺ وڪيل سيد صاحب کي راضي ڪري فريدون بيگ کي ساڻ ڪري سنڌ پهتو.

ولادت ۽ ٻالپڻو:

مورخه 4 محرم 1270هه مطابق 1853ع ٽندي ٺوڙهي ۾ فريدون بيگ جي جهوني گهر ۾ ميرزا صاحب جو تولد ٿيو، جڏهن کير پياڪي واري اوستا کان اسري پاڻ ڀرو ٿيو ته ٻين ڇوڪرن جي بنهه ابتڙ هن ٻالڪ جي راند روند مس، قلم ۽ نبن سان هوندي هئي ۽ ويندو هو ڪاغذ ڪارا ڪندو. سندس والده به ان جو شوق وڌائڻ لاءِ ڀات ڀات جا رنگين ڪاغذ، قلم ۽ ڪمانگري پٽيون کيس وٺي ڏيندي هئي ته جيئن ان جو چاهه وڌندو رهي.

تعليم ۽ تربيت:

جڏهن هي ٻالڪ پڙهڻ جي وهيءَ کي پهتو ته کيس پهرين ڳوٺ جي خانگي مڪتب ۾ آخوند شفيع محمد وٽ ويهاريو ويو. جڏهن ستن ورهن جي اوستا کي پهتو ته لکڻ پڙهڻ جي چاهه سان گڏ شعر جو شوق به جاڳيس ۽ ڪيترا شعر ٺاهي، پنهنجي والد ۽ ناني کي ڏيکاريندو  هو، جي کيس چڱوئي داد ڏئي همٿائيندا هئا. ٿورن ڏينهن ۾ قرآن شريف پورو ڪيائين ۽ کيس حيدرآباد جي سنڌي اسڪول ۾ ويهاريو ويو، جتي پهرين ته آخوند ولي محمد کان پڙهيو، پر پوءِ ستت مخدوم حاجي احمد مٽيارين وارو اتي هيڊ ماستر ٿي آيو، جنهن کان ميرزا صاحب پارسي جا سمورا ڪتاب سڪندر نامه تائين پڙهي ورتا. سنڌي ۽ پارسي ۾ سندس قابليت ۽ هوشياري هن درجي جي هئي جو کيس ڪيترا انعام مليا. سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ واري عرصي ۾ ميرزا صادق علي بيگ وٽ گهر ۾ انگريزي به پڙهڻ لڳو. پوءِ سگهوئي اينگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ پڙهڻ لڳو ۽ هميشہ اتي پهريون نمبر ايندو رهيو. 1817ع ڌاري مسٽر فلٽن ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ميرزا صاحب کي اسڪول ۾ پرشين جو ٽيچر مقرر ڪيو. جتي پنهنجي پڙهڻ سان گڏوگڏ ٻين ڪلاسن کي فارسي پڙهائيندو هو. انهيءَ سال بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان مئٽريڪيوليشن امتحان ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ”ايسي“ پرائيز سٺ روپين جي رکي وئي هئي. انهيءَ ڪري ميرزا صاحب عربي، فارسي کي ڇڏي سنڌي کنئين ۽ اهو انعام کٽيائين.

اعليٰ تعليم

مرزا صاحب مرحوم اعليٰ تعليم پرائڻ جي خيال کان پنهنجي والد بزرگوار جي وفات کان پوءِ ٻئي سال بمبئي وڃي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ان وقت عربي، فارسيءَ جو پروفيسر مولوي عبدالفتاح هو. پر جلد ان جي جاءِ تي ميرزا حيرت پروفيسر مقرر ٿيو. پروفيسر حيرت پنهنجي هن شاگرد (مرزا قليچ بيگ) جي هوشياريءَکي سهي ڪري ورتو، تنهن ڪري مٿس گهڻو مهربان هو ۽ مرزا صاحب مرحوم فارسي شعر جي اصلاح ۽ علم عروض ۾ تربيت مرزا حيرت کان وٺندو رهيو. مرزا حيرت جڏهن ته ترڪي ٻولي به ڄاڻندو هو، تنهن ڪري قليچ بيگ مرحوم کي کانئس ترڪي سکڻ جو شوق به جاڳيو، نيٺ ترڪي ايتري سکي ورتائين جو ان ۾ شعر چوڻ به شروع ڪري ڏنائين. مرزا حيرت جي سفارش تي مرحوم کي بي- اي پاس کان اڳ ئي اليج ۾ فيلو مقرر ڪيائون ۽ پارسي پڙهائيندو رهيو.

اعليٰ تعليم جي ڪاميابيءَ ۾ رڪاوٽ:

هيءُ مقولو مشهور آهي ته علم پرائڻ آڏو ڪيئي رڪاوٽون پيش اينديون آهن. ميرزا صاحب جي والده 1876ع ۾ گذاري وئي، کيس والده جي وفات جي سڌ نه هئي، پر ترت ويڪيشن تي ڳوٺ اچي مٿئين دردناڪ سانحي جو منهن ڏسڻو پيس ۽ کيس ايترو ته افسوس ٿيو جو تعليمي امنگ ماٺا ٿيڻ لڳا. بمبئي واپس ته ويو، پر ماءُ جي موت وارو ڏک اهڙُ ته کيس وڪوڙي ويو جو محنت نه ڪرڻ سببان بي- اي ۾ فيل ٿيو ۽ جلد بيمار ٿي پيو. ڊاڪٽرن جي صلاح سان وطن وريو.

روينيو ۾ ملازمت:

مرزا صاحب مرحوم تعليم وٺڻ جو خيال ترڪ ڪري، هاڻ ڪنهن سرڪاري محڪمي ۾ گهڙي خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ٿي چاهي. جڏهن ته انهيءَ دور ۾ روينيو کاتي ۾ مسلمان اٽي ۾ لوڻ جي مثال وانگر هئا ۽ انهيءَ کاتي جا اختيارات به وسيع هئا. تنهن ڪري مرحوم کي روينيو ۾ ملازمت جو خيال پيدا ٿيو ۽ جلدي نوڪري اختيار ڪيائين. نيٺ ترقي ڪندي ڊپٽي ڪليڪٽري جي عهدي تي پهتو.

تصنيف و تاليف:

اڳ ٻڌايو ويو آهي ته مرحوم کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ، پڙهڻ جو شوق دامنگير هو، جيئن علمي ترقي ۽ تجربو وڌندو ويو، تيئن وڌيڪ ڪتاب پڙهندو هو، فراغت جي وقتن کي ڪڏهن به بي سود نه وڃائيندو هو، پر ويهي ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو ۽ نادر ڪتابن جو چڱو ذخيرو گڏ ڪيو هئائين، جنهن ۾ عربي، فارسي، انگريزي، سنڌي، اردو ۽ ترڪي ڪتاب سندس لائبريري ۾ موجود هئا. مرحوم جو دستور هو ته ڪتابن کي پڙهندي ڪي ٽڪرا کيس پسند ايندا هئا ته انهن تي نشان لڳائيندو هو ۽ پوءِ انهن انتخابن جا ترجما ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻيندو هو. عربي، فارسي ۽ اردو ڪتابن جي انتخاب جو نالو ”ابڪار الافڪار“ رکيو هئائين ۽ انگريزي انتخابن جو ”انگلش جيمس“ مرحوم جي اڪثر ڪتابن کي ڏٺو ويندو ته ان ۾ ترجما گهڻا نظر ايندا.

ڪنهن به زبان جي اوائلي ترقيءَ جو مدار ڌارين ٻولين جي چونڊ ڪتابن مان ترجمن ڪرڻ تي هوندو آهي، جيئن انگريزيءَ ٻوليءَ جي اوائلي دور ۾ فرانسيسيءَ زبان جي سون ڪتابن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، ٺيڪ اهڙيءَ طرح مرزا صاحب جو سنڌي ادب تي وڏو احسان آهي جو سوين ڪتاب ترجما ڪري ۽ پنهنجا لکي ادبي ڀنڊار کي ڀريائين.

شعر و شاعري:

مرزا صاحب کي نثر نويسيءَ سان گڏ نظم جو به ڪافي ملڪو هو، سندس شعر سادو ۽ سليس آهي، جنهن کي ٿوري علميت وارو به سمجهي سگهي ٿو. سندس شعر جي اها وڏي خوبي آهي، جيڪا فارسي ٻوليءَ جي سخن جي سرتاج فردوسيءَ جي ڪلام ۾ پڻ وڏي خوبي اهائي ڳڻي وئي آهي ته ان جو شعر سادو، سليس ۽ عام فهم آهي.

مرزا مرحوم جهڙيءَ طرح نثر نويسيءَ ۽ ترجمن کي وڏي اهميت ڏني آهي، اهڙيءَ طرح شعر ۾ ڪيترن ٻاهرين شاعرن ۽ فلسفين جي فڪر کي سنڌي نظم ۾ پويو آهي. بهرحال سنڌي ادب جي ٻنهي ڀاڱن نثر ۽ نظم تي مرزا صاحب جو وڏو احسان آهي جو ڪيئي سو جي قريب ڪتاب لکي وڏو ذخيرو ڇڏي ويو آهي.

مذهب:

مرزا صاحب جيتوڻيڪ روايتي خيال کان اثنا عشري هو، پر تصوف ڏانهن دلي ميلان سبب منجهس  تعصب بنهه ڪونه هو ۽ گهڻو ڪري پاڻ کي سني سڏائڻ ۾ کيس ڪا هٻڪ نه ٿيندي هئي، نه فقط مسلمانن سان مذهبي معاملات ۾ فراخدل هو، پر غير مسلمانن سان به سندس سلوڪ ساڳيو ئي هو، تنهن ڪري سڀني فرقن ۾ کيس عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. مرزا صاحب جي خدا پرستي ۽ توڪل جو سندن هنن بيتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو:

آهي منهنجي سدا، خدا تي نظر،

رات هيءَ، ڏينهن هي ڪه شام و سحر،

نه انڌاري نه سوجهري ۾ خطر،

ڪونهي ڪنهن پر ڏکن کان مون کي ڏر،

چؤ ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.

وفات:

1929ع ۾ هالن جي مخدوم صاحب جي ڪوٺ تي مرزا صاحب هالا ويو. رستي خراب هئڻ ۽ رستي جي لوڏن لامن ڪري گردي جي سور جي تڪليف ٿي پيس، پوءِ نمونيا به ٿي پيس. سندس دوست ڊاڪٽر شيخ نور محمد جي علاج ۽ معالجه سان تندرست ته ٿيو، پر بالڪل ڪمزور ٿي چڪو هو. ڊاڪٽرن آرام جي صلاح ڏنس، مگر دستور موجب ڪم کان نه مڙيو، نيٺ صحت جواب ڏئي وئي. 3 جولاءِ 1939ع ۾ هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو. مرحوم علمي يادگارن سان گڏ جدا جدا بيگمن مان 11 پٽ ۽ 3 نياڻيون ڇڏي ويو. ان کان سواءِ سنڌي ادب جو اهو خزانو ڇڏي ويو آهي، جنهن جي روشنيءَ ۾ ايندڙ نسل پنهنجي لاءِ هدايت ۽ رهنمائي حاصل ڪندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com