سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :53

 

حڪيم برزويہ

اسلام کان اڳ ايراني دور حڪومت ۾ خسرو اول نوشيروان عادل 531ع کان 579ع تائين حڪومت جو دور علمي خيال کان مکيه ڳڻيو وڃي ٿو. نوشيروان پاڻ به وڏو عالم ۽ فلسفي هو. فلسفي جي تعليم يورينيوس فلسفي کان ورتي هئائين ۽ ان سان گڏ مختلف علمن جي رواج ۽ اشاعت جو کيس وڏو شوق هو. جندي شاپور ۾ ان هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيو، جنهن کي يونيورسٽي سڏي سگهجي ٿو ۽ شهزادي هرمز جي تعليم لاءِ ان وقت جي وڏي عالم بزر جمهر کي مقرر ڪيو ۽ برزجمهر نوشيراون جو وزير يورينيوس به ٿي رهيو، جنهن ان دور جي نامور طبيب ۽ حڪيم برزوي جي زندگي ۽ علمي، ادبي، تحقيق تي مقالو لکيو. حڪيم برزويہ نوشيروان جي درٻار جو طبيب هو. علامہ ثعالبي لکي ٿو ته نوشيران جي درٻار ۾ هڪ سؤ ويهه طبيب رهندا هئا، جيڪي ايرانين کان سواءِ رومي ۽ سنڌي (هندي) پڻ هئا. انهن ۾ هڪ نامور طبيب برزويہ ايراني به هو. ان هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته هند ۽ سنڌ جي جبلن ۾ هڪ ٻوٽي آهي، جيڪا مُئي کي جيئرو ڪندي آهي. حڪيم برزويہ کي ان ٻوٽي هٿ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو ته ڪيئن به ڪري ان ٻوٽيءَ کي هٿ ڪري. نيٺ ان نوشيروان سان انهيءَ جو ذڪر ڪيو ۽ سنڌ ۽ هنڌ ڏانهن وڃڻ جي موڪل گهري. نوشيروان کيس موڪل ڏني ۽ سفر جو سامان پڻ عطا ڪيو. برزويہ (سنڌ جو سفر ڪندي) هند جي گاديءَ واري شهر ۾ پهچي اتي جي راجا کي نوشيروان جو خط ڏنو. راجا هن حڪيم جي چڱي آڌر ڀاءُ ڪئي ۽ جبلن ۾ ٻوٽين جي تلاش لاءِ آساني پيدا ڪئي. حڪيم برزويہ وڏي تلاش ۽ جاکوڙ ڪئي ۽ ڏک ڏاکڙا ڏٺائين، پر کيس اهڙي ٻوٽي هٿ نه اچي سگهي. هاڻي کيس اهو فڪر هو ته هو واپس وڃي نوشيروان کي ڇا چوندو. نيٺ ان هند جي ڪنهن نهايت لائق ۽ قابل طبيب جو پتو معلوم ڪيو ۽ برزويہ ان طبيب وٽ وڃي ان ڪتاب جو احوال ڪيو، جنهن ۾ اهو لکيل ڏٺو هئائين ته سنڌ ۽ هند ۾ هڪ ٻوٽي آهي، جنهن سان مُئي کي جيئرو ڪري سگهجي ٿو. پوڙهي طبيب اهو ٻڌي چيو ته تون ان ڪتاب جي عبارت ۽ مطلب کي سمجهي نه سگهيو آهين. ان ۾ اڳين بزرگن ۽ حڪيمن هڪ رمز رکي آهي. جا هيءَ آهي ته جبلن مان مراد عالم آهن ۽ مُئي کي جيئري ڪرڻ واري ٻوٽي عالمن جا اقوال آهن ۽ مئن مان مراد جاهل ۽ اڻ پڙهيل آهن. تڏهن ان جو مطلب هيءُ ٿيندو ته ڏاها ۽ سياڻا ماڻهو پنهنجي نصيحتن سان جاهلن جي تربيت ڪندا آهن. اها تعليم ”ڪليلہ دمنہ“ ڪتاب مان پرائي سگهجي ٿي ۽ اهو ڪتاب بادشاهه جي خزاني کان سواءِ ڪٿي به نه ملي سگهندو. حڪيم برزويہ پوڙهي طبيب جي ڳالهه ٻڌي مطمئن ٿي ويو ۽ راجا جي درٻار ۾ حاضر ٿي ”ڪليلہ دمنہ“ ڪتاب مان فائدي پرائڻ جي موڪل گهريائين. بادشاهه ۽ راجا اهو جواب ڏنو ته نوشيروان بادشاه جو خيال رکي هن شرط سان ان ڪتاب مان فائدي پرائڻ جي موڪل ڏجي ٿي جو اهو ڪتاب سرڪاري نگراني ۾ هوندو، اتي ان کي پڙهيو وڃي. برزويہ ان اجازت تي ڏاڍو خوش ٿيو. هو روزانو درٻار ۾ پهچي ڪتاب جو مطالعو ڪندو ۽ ان جي مفهوم ۽ مطلب کي ياد ڪندو هو ۽ رات جو واپس اچي ان کي لکي ڇڏيندو هو. ائين ڪتاب پورو ڪري راجا کان موڪل وٺي ايران پهتو ۽ نوشيروان کي ڪتاب ڏنائين.

هن سلسلي جي ٻي روايت اها آهي ته نوشيروان کي معلوم ٿيو ته هندستان ۾ هڪ ڪتاب آهي، جو حڪمت ۽ دانائي ۾ ڀنڊار آهي، تڏهن ان بُرزجمهر وزير کي حڪم ڪيو ته هڪ اهڙي اديب ۽ عقلمند جي تلاش ڪري، جيڪو فارسي ۽ هندي (سنسڪرت) ٻنهي ٻولين جو ماهر هجي. بزرجمهر وزير انهيءَ علمي ڪم لاءِ حڪيم برزويہ کي چونڊيو. نيٺ حڪيم برزويہ نوشيروان بادشاهه جي خدمت ۾ پهچي آداب بجا آندا ۽ بادشاهه کيس فرمايو ته اسان توکي وڏو عقلمند ۽ عالم ڄاڻي هن خدمت تي مقرر ڪريون ٿا ته تون هند وڃي اهو ڪتاب هٿ ڪر! هن سلسلي ۾ توکي سفر خرچ لاءِ ڪيترو به خزانو کپي، توکي ڏنو ويندو. نجومين کي گهرايو ويو. انهن سفر لاءِ هڪ ڏينهن مقرر ڪيو ۽ حڪيم برزويہ سفر لاءِ ويهه ٻوريون دينار جون کنيون، هر ٻوريءَ ۾ ڏهه هزار دينار هئا. حڪيم برزويہ سنڌ ۽ هند جو سفر ڪري اتي جي ماڻهن سان ملي جهلي ويو ۽ اهو پڌرو ڪندو رهيو ته هو هڪ مسافر آهي، جيڪو علم ۽ ادب جي تلاش ۾ هت پهتو آهي ۽ کيس هتي جي عالمن جي مدد جي وڏي ضرورت آهي. هو اتي جي عالمن کان اهڙا ڪتاب پڙهندو رهيو، جن کي اهو پاڻ به ڄاڻندو هو، پر اصل ۾ راز لڪائڻ لاءِ اهي سڀ ڳالهيون ڪندو رهيو. حڪيم برزويہ گهڻن ڏينهن کان پوءِ دوستن مان هڪ وڏي اديب ۽ عالم کي پنهنجو گهاٽو دوست ۽ رازدان بنايو، جنهن سان صلاح مصلحت ڪندو هو. پر ان کان به ڪتاب وارو راز لڪائيندو رهيو. نيٺ هڪ ڏينهن اهو راز ان جي آڏو رکيائين ته آئون ڪليلہ دمنہ ڪتاب لاءِ هتي آيو آهيان. اهو ڪتاب نهايت محفوظ هوندو هو، ڪنهن کي به نه ڏيکاريو ويندو هو. اهو ٻڌي سندس دوست ڏاڍو ڪاوڙيو، چيائينس ته تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته اسان جو عمدو خزانو کسي پنهنجي ملڪ کڻي وڃين، تنهنجو اچڻ ۽ رهڻ سمورو مڪر و فريب هو، پر جڏهن ته تون هڪ وڏو اديب ۽ عقلمند آهين ۽ توکي علم جي تلاش آهي ۽ عاقلن وٽ عقل لاءِ جن اٺن خصلتن جو هجڻ ضروري آهي، اهي سڀ تو ۾ موجود آهن، ان ڪري تنهنجي مدد ڪئي ويندي. حڪيم برزويہ جو اهو دوست شاهي خزاني ۽ ڪتب خاني جو نگهبان هو، ان جون چاٻيون وٽس رهنديون هيون. ان برزويہ کي اهڙي سهولت ڏني ۽ حڪيم برزويہ ڪتاب کي نقل ڪري ورتو ۽ نوشيروان ڏانهن خوشخبري جو خط لکيائين، جنهن تي نوشيروان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس جلد واپس اچڻ لاءِ چيائين. برزويہ جي ايران پهچڻ تي ان جو وڏو استقبال ٿيو، ست ڏينهن کيس آرام لاءِ ڇڏيو ويو ۽ اٺين ڏينهن تي وڏي درٻار ٿي، جنهن ۾ حڪيم برزويہ مٿيون ڪتاب پڙهي، ان جو مطلب بيان ڪندو رهيو ۽ نوشيروان ايڏو ته خوش ٿيو جو حڪيم برزويہ تي موتين، زمردن، ياقوت ۽ سون چاندي جي ورکا ٿي وئي. نوشيروان اهو به گهريو ته حڪيم برزويہ کي تاج پارائي پاڻ سان گڏ تخت تي ويهاري، پر برزويہ معذرت آڏو رکي. اهو ڪتاب اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ هندي حڪيم بيدبا جو لکيل هو. جنهن جو پهلوي (فارسي) ۾ حڪيم برزويہ پهريون ترجمو ڪيو ۽ ان جو نالو ڪليلہ دمنہ رکيو.

اٺين صدي عيسويءَ ۾ عبدالله بن مقفع فارسي مان عربي جو ترجمو ڪري، ان جو نالو ڪليلہ دمنہ رکيو. نصر بن احمد ساماني جي دور ۾ رودڪي شاعر ان کي فارسي نظم ۾ لکيو ۽ 12 صدي عيسويءَ ۾ حميد الدين ابوالمعالي نصرالله ان کي فارسي نثر ۾ ڪيو. سورهين صدي جي آخر ۾ حسين واحد ڪاشفي ان کي ٻيهر پنهنجي فارسي م لکيو ۽ ان جو نالو انوار سهيلي رکيو. ان ۾ امير سهيلي ڏانهن نسبت ڪيل آهي. هن ترجمي کي سورهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ علامہ ابوالفضل بن مبارڪ ”سنڌي“ سڌاري ”عيار دانش“ نالو رکيو. هن ڪتاب جي اهميت ان مان پڌري آهي، جو دنيا جي اڪثر ٻولين، يوناني، انگريزي، ترڪي، روسي، عبراني، لاطيني، سرياني وغيره ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. حڪيم برزويہ پنهنجي سوانح متعلق لکيو آهي ته سندس پيءُ مقاتلہ مان ۽ سندس ماءُ زمازم مان هئي. اهي ٻئي مجوسي قبيلا آهن ۽ زمازم جي زمزم ڏانهن نسبت آهي ۽ زمزم اهو ڪتاب آهي، جنهن لاءِ زردشت جي اها دعويٰ هئي ته اهو ڪتاب مٿس آسمان تان لٿو آهي، هن جا ٽي ڀاڱا آهن. هڪ ۾ اڳين قومن جو احوال آهي، ٻئي ۾ مستقبل ۾ ٿيندڙ واقعن تان پڙدو کنيو ويو آهي ۽ ٽئين ۾ انهن جي شريعت ۽ مسئلا بيان ٿيل آهن.

آتشڪده جنهن کي منوچهر برباد ڪيو هو، تنهن کي زردشت ٻيهر آباد ڪيو ۽ ايرانين لاءِ ٻه عيدون نوروز (ربيع ۾) ۽ مهرجان (خريف ۾) مقرر ڪيون ۽ مشرق کي قبلو قرار ڏنو. عبادت لاءِ ٽي وقت مقرر ڪيا: سج اڀرڻ مهل، سج لڙڻ مهل ۽ سج لهڻ مهل. حڪيم برزويہ به انهيءَ دين جو پوئلڳ هو.

 

سنڌ جي علم  ۽ اخلاق جو زنده مثال

علامہ دائود پوٽو

 

ماضي بعيد ۾ سرزمين سنڌ جي علمي عظمت ڪنهن وڌيڪ تعارف جي محتاج نه آهي. شعر، مغازي، حديث، حقائق، فقہ، ڪلام ۽ ٻيو اهو ڪهڙو فن هو، جنهن ۾ هن مردم خيز ملڪ جي ماڻهن ڪمال حاصل نه ڪيو هجي. ابو عطاءَ سنڌي (م. 18) نجيح بن عبدالرحمٰن (م. 17)  ابو علي سنڌي (م. 261) شيخ ابراهيم ديبلي، عبدالله منصوري، فتح بن عبدالله سنڌي ۽ انهن جهڙا ٻي سوين سنڌي عالم هئا، جن علمي دنيا ۾ بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي.

اهو ته دور هو اسلام جي اوائلي صدين جو. جڏهن ڏوراهن ڏيهن کان علم جا اڃايل هتي ڪهي اچي پنهنجي علمي تشنگي اجهائيندا هئا. پر ان کان پوءِ به هر دور ۾ سنڌ اندر علم ۽ عرفان جو مهاساگر ڇوليون هڻندو رهيو. 11-12 صدي هجري ۾ اهو سلسلو پنهنجي اوج ۽ انتها تي پهچي چڪو هو. امام ابوالحسن ڪبير، محمد حيات محدث، مخدوم معين، مخدوم قائم، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ابوالحسن صغير جهڙن محدثن، متڪلمن ۽ فقيهن پنهنجي علمي تصنيف، تاليف، درس و تدريس ذريعي سنڌ کي علمي دنيا سان اهڙو ته روشناس ڪرايو جو اسلامي دنيا ۾ اهڙو ڪو سلسلهء استاد گهٽ ملندو، جنهن ۾ هنن سنڌي بزرگن جو نالو اساتذه ۽ شيوخ جي لسٽ ۾ نه ايندو هجي!

”اولٰئک آبائي فجئني بمثلهم“

اڳتي هلي هتي جڏهن انگريزن جو تسلط ٿيو، تڏهن مشرقي علمن جو رواج گهٽبو ويو. عربي ۽ پارسيءَ جي جاءِ انگريزي اچي والاري. سوچ ويچار جا نوان نمونا ۽ تحقيق، تدقيق جا نرالا رستا نمودار ٿيا. هن دور جي اوائل ۾ اسان جي عالمن انگريزي ٻوليءَ جي مخالفت ڪئي ۽ انگريزن سان (جن سنڌ جي آزاديءَ کي سلب ڪيو هو) ايڏي ته سندن عداوت هئي، جو سنڌ جي عالمن جي استاد مولانا غلام صديق رح شهدادڪوٽيءَ بابت هيءَ روايت مشهور آهي ته جڏهن کيس معلوم هو ته ڪو انگريز شهر ۾ آيل آهي ته ان ڏينهن منهن تي نقاب ڏيئي نڪرندا هئا ته جيئن انگريز تي نظر نه پوي. انگريزي اقتدار جي اڳتي نه اسرڻ لاءِ اهو عين علاج هو، پر اها ڪوشش ڪارگر نه ٿي، ڇوته ديس جي غير مسلم رهواسين ساٿ نه ڏنو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هڪ پاسي ديني مدرسن جي رهنمائي نه هجڻ ڪري مسلمان هڪ پاسي ديني تعليم ۾ ته ٻئي پاسي دنيوي تعليم ۾ به گهڻو پوئتي رهجي ويا.

ديني تعليم ۾ جڏهن سنڌ سون سالن کان گهڻو سربلند هئي، تنهن ڪري جيد عالمن ۽ فاضلن کان خالي نه رهي. دنيوي تعليم لاءِ ڪن سڄڻن اک پٽي. خان بهادر حسن علي آفندي، غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سيد الهندي شاهه جهڙا سنڌي هڏ ڏوکي مسلمان پيدا ٿيا،جن جي اڻ ٿڪ محنتن ۽ ايثار ڪري نوان مدرسا کليا ۽ مسلمانن دنيوي تعليم ۾ چڱو چاهه ورتو. هنن نون مدرسن ۽ نئين تعليم جي برڪت سان ڪيئي گوهر پيدا ٿيا، پر ڪو اهڙو  عالم پيدا نه ٿيو هو، جيڪو هڪ ئي وقت انگريزيءَ سان گڏوگڏ عربي، پارسي ۽ سنڌي چئن ٻولين جو لاثاني اديب هجي ۽ ديني ۽ دنيوي عالمن ۾ هڪ ٻئي سان تعاون نه هجڻ ڪري، جيڪا وڇوٽي يا حد فاصل برپا ٿي چڪي هئي، تنهن کي ٽوڙي ٻنهي گروهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي.

قدرت طرفان اها سعادت سنڌ جي هڪ غريب خاندان جي فرد کي عطا ٿيڻي هئي. سو نيٺ اسباب جڙندا رهيا. ٽلٽيءَ جو هڪ ڳوٺاڻو ڇوڪر عمر بن محمد اسڪول ۾ تعليم لاءِ ويهاريو ويو ۽ ساڳئي وقت گهريلو نيڪ ماحول ڪري کيس نيڪ دل ۽ خدا رسيده بزرگن جي صحبت به نصيب ٿيندي رهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اهو ڳوٺاڻو ڇوڪرو ٿوري وقت ”علامہ دائود پوٽي“ جي لقب سان سڏجڻ لڳو ۽ سنڌ جو اهو پهريون سپوت آهي، جنهن پي- ايڇ- ڊي ڪري، ٻين سنڌين ۾ علمي ترقي جو روح ڦوڪيو.

هتي اسان کي ڊاڪٽر صاحب جي سوانح حيات تي روشني وجهڻي نه آهي، ان لاءِ ته سندس هٿ جي لکيل سرگشت يا ”آتم ڪهاڻي“ ڪافي آهي. پر اسان کي سندس تحقيق ۽ تدقيق جي ڪن پهلوئن کي مختصر طور واضح ڪرڻو آهي.

علامه موصوف سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ جيتوڻيڪ گهڻو اڳ جي آهي، پر ڪراچيءَ کان ڪوهين دور سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي گهارڻ ڪري ساڻس ملاقات جو گهٽ موقعو ملندو هو. پاڪستان بنجڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي بزرگ دوست مولانا وفائي مرحوم جي صلاح ۽ مولانا محمد صادق مرحوم کڏهه وارن جي حڪم سان هتي ڪراچيءَ ۾ رهڻ ٿيو، تڏهن کان وٺي ڊاڪٽر صاحب وٽ علمي مجلسن جي حظ وٺڻ لاءِ هن حقير جو اچڻ وڃڻ عام ٿيندو رهيو آهي ۽ ان سان گڏ ڊاڪٽر صاحب جي علميت ۽ تحقيق و تدقيق کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو ڪيئي ڀيرا موقعو ملندو رهيو آهي.

اڄ ڪلهه جي عربي دانن جي انگريزي داني عام طرح رڳو زبان يا ٻولي تائين محدود هوندي آهي ۽ اهي هن ٻولي جي مختلف فنون ۽ علوم کا نسورا نپٽ هوندا آهن، پر منهنجي حيرت ۽ اچرج جي انتها نه رهي جو جڏهن به علمي مجلسن ۾ ڊاڪٽر صاحب سان تفسير، حديث، تصنف، تاريخ، نحو، معاني، بيان، بديع ۽ ٻين علمن جي مسئلن متعلق ڪابه گفتگو ٿي ته مون کيس يگانه روزگار ڄاتو. هتي مون کي بي اختيار عربيءَ جو هي بيت زبان تي چڙهي اچي ٿو:

وليس علي الله بمستنڪر

ان يجمع العلم في واحد

تاليف ۽ تدقق جي سلسلي ۾ علامه موصوف جا ٻه ترتيب ڏنل ڪتاب تاريخ سنڌ معصومي ۽ چچ نامو ئي شهادت لاءِ ڪافي آهن. هڪ دوست خبر ڪئي ته جڏهن هندستان جي مشهور محقق ۽ دنيا جي وڏي مفسر ۽ عالم مولانا ابوالڪلام آزاد رح تاريخ سنڌ معصومي تي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مقدمه ۽ تعليمات کي ڏٺو، تڏهن فرمائڻ لڳو ته سرزمين سنڌ اڃا به محقق عالمن کان خالي نه آهي. اوهان ڏسندا ته رڳو انهيءَ هڪ ڪتاب جي تحقيق ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ڪيترا پارسي، عربي ۽ انگريزي ڪتاب پڙهڻا پيا آهن، جن مان 13 انگريزي ڪتابن کي ڇڏي رڳو پارسي ۽ عربي ڪتابن جا نالا اختصار طور لکجن ٿا، ته جيئن پڙهندڙ، موصوف جي تحقيق جو اندازو لڳائي سگهن:

(1) آئين اڪبري

(2) اڪبر نامه

(3) بيگلار ناما

(4) تاريخ طاهري

(5) تاريخ فرشته

(6) تاريخ فيروز شاهي، تاليف ضياءُ

(7) تاريخ فيروز شاهي، تاليف شمس

(8) تاريخ مبارڪ شاهي

(9) تاريخ اليعقوبي

(10) تحفة الڪرام

(11) تحفة النظار

(12) تذڪرة الشعراءِ- دولت شاهه

(13) ترخان نامہ

(14) چچنامہ

(15) طبقات اڪبري

(16) طبقات ناصري

(17) ظفر الوانہ بمظفر وآلہ

(18) فتوح البلدان

(19) ماثر الامراءِ

(20) ماثر رحيمي

(21) مروج الذهب

(22) منتخب التواريخ

اسان جو شمس العلماءِ دائود پوٽو جڏهن گرهوڙي بزرگ جي ڪلام کي ترتيب ڏيئي حواشي لکي رهيو هو، تڏهن منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته ڪلام ۾ جتي ڪي عربي جملا ٿي آيا ته انهن جي نوعيت ۽ ماخذ معلوم ڪرڻ لاءِ کيس ڪيترا ئي ڪتاب اٿلائڻا پيا ۽ جيستائين کيس قلبي تسڪين نه پئي ٿي، تيستائين تلاش جاري رهندي ٿي آئي ۽ اهڙن موقعن تي ڪن ٻين اهل علم دوستن کان پڇڻ ۾ به عار نه ٿي ڪيائون. اهو سندن تبحرِ علم جو وڏو دليل آهي. ساڳي طرح سنڌ جي هن بلند پايه محقق، عالم ۽ مدقق فاضل جي هن تحقيق ۽ تدقيق به مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، جو سنڌي ادبي بورڊ طرفان مليل ڪم ”شاهه جي رسالي“ جي ترتيب ۽ مقدمي جي سلسلي ۾ سندن آڏو 15-20 ڇاپي نسخا ٽيبل تي کليا پيا هوندا هئا. هڪ هڪ بيت جي تحقيق ۾ ان بيت ۾ آيل لفظن جي پڙهڻين، محل ۽ موقعي (داستانن) جي تلاش ۾ سمورن کليل رسالن تي نظر وجهندا رهيا آهن. تحقيق اهڙي تحقيق هن محقق جو ئي ڪم آهي، ٻئي ڪنهن کان اهڙي محنت مور نه ٿيندي.

ڪنهن به ملڪ جي آب و هوا ۽ مٽيءَ جو اتي جي رهواسين تي عام طرح اثر پوندو آهي. سونهاري سنڌ جو به پنهنجي عمده آب و هوا جي ڪري هتي جي ماڻهن تي ڪو اهڙو اثر رهيو آهي جو انهن جي خوش اخلاقي، سچائي ۽ مهمانوازي ضرب المثال رهي آهي. اسان جي علامہ موصوف ۾ به ملڪ جي روايتي خوش اخلاقي سان گڏ اسلامي علمن، سيرت، حديث ۽ تفسير جي مطالعي ڪري اهو اثر رهيو آهي، جو سندس خوش اخلاقي جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي. منهنجو ته ذاتي تجربو آهي ته ڊاڪٽر صاحب سان هڪ واري ڪنهن رهاڻ ڪئي ته اهو سندس خوش اخلاقي جي ڳڻ ڪري هميشہ ان جو گرويده ۽ ثنا خوان رهيو. اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحب جي جمله دوستن ۽ ملاقاتين مان هر هڪ ائين سمجهندو هو ته علامه موصوف جهڙو سندس مهربان دوست ۽ محسن آهي، اهڙو ٻئي ڪنهن جو نه آهي. ڏک سک ۾ امداد ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ ۽ جيترو ٿي سگهي، ڪنهن مظلوم جي مدد ڪرڻ سندس خاص عادت رهي آهي. سچ پڇو ته ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي پراڻي علمي عظمت ۽ بلند اخلاقي جو هڪ بيّن ۽ زنده مثال  هو، جنهن کي ڏسي سنڌ جي اسلاف جو نمونو ياد اچيو وڃي. پڇاڙيءَ ۾ اسان جي دعا آهي ته الله پاڪ علم ۽ اخلاق جي هن بحر بي ڪنار کي عمر دراز عطا فرمائي ته جيئن هو پنهنجي سنڌ ديس ۽ ان جي مٺڙي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهي.

 

 

موت العالم موت العالم

جنيدِ وقت حضرت مولانا حمادالله هاليجوي (رح)

علامه ڪمال الدين دميري، بني اميہ جي عادل خليفي عمر بن عبدالعزيز رح جو هڪ خواب نقل ڪيو آهي ته هن حجاج بن يوسف کي خواب ۾ ڏٺو ۽ کانئس عالم مثال جي خبر چار پڇيائين، جنهن تي ان جواب ڏنو ته منهنجي هٿان جيڪي به ماڻهو ناحق ماريا ويا، انهن مان هر هڪ ناحق خون جي مون کي هڪ ڀيرو سزا ڏني ويئي، پر سعيد بن جبير جي ناحق خون وهائڻ ڪري ستر ڀيرا سزا طور مون کي قتل ڪيو ويو آهي.

سعيد بن جبير هڪ وڏو اهل الله ۽ تابعي بزرگ هو ۽ آخري مظلوم هو، جنهن کي حجاج بن يوسف پنهنجي پوئين دور حڪومت ۾ گرفتار ڪري مارائي ڇڏيو هو. مٿين خواب کي علامه دميري نقل ڪندي هڪ شبهو ۽ اعتراض اٿاريو آهي ته سعيد بن جبير هڪ تابعي بزرگ هو. ٻئي پاسي حجاج ته صحابين کي به قتل ڪرائي چڪو هو، جيئن عبدالله بن زبير کي سڌيءَ طرح ۽ عبدالله بن عمر کي اڻ سڌيءَ طرح مارائي ڇڏي هئائين ۽ ٻيا به گهڻا ئي اهل الله ان جي سفاڪ هٿن کان بچي نه سگهيا هئا، تڏهن حضرت سعيد بن جبير جي قتل واري سزا ٻين کان ڇو وڌي ويئي؟

هن شبهي کي اٿاريندي ان جو جواب به پاڻ ئي علامه دميري هن طرح ڏنو آهي ته جنهن دور ۾ حضرت سعيد بن جبير کي شهيد ڪيو ويو هو، ان دور ۾ هن بزرگ ۽ ولي الله جي پايي جو ٻيو ڪوبه اهل الله ڪونه هو، جو سندس جاءِ ڀري سگهي. کانئس اڳ جيتوڻيڪ ٻيا به گهڻا ئي مظلوم ماريا ويا، پر انهن جي عالم- بالا ڏانهن اسرڻ کان پوءِ ڪونه ڪو ٻيو بزرگ انهن جي جاءِ ڀريون بيٺو هو، تڏهن حضرت سعيد بن جبير جو سانحو هڪ وڏو المناڪ ليکيو ويو.

هن قصي کي ڏسندي ويجهڙائيءَ ۾ اسان کان جنهن وقت جي جنيد، عالم، عامل ۽ ڪامل ۽ فياض حضرت مولانا حمادالله هاليجويءَ کي موت جي درندي جدا ڪري ڇڏيو، اهو سانحو به ايڏو المناڪ آهي جو نه رڳو سنڌ، پر سارو اولهه پاڪستان سندن فيوضات کان محروم رهجي ويو، ڇوته سندن پايه جو ٻيو ڪوبه بزرگ هن دور ۾ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، جيئن حضرت سعيد بن جبير جو ڪو ثاني ڪونه هو، تيئن هن اهل الله جو به ڪو مد مقابل ڪونه آهي.

هن خدا رسيده ۽ قطب وقت جي ساري ڄمار ظاهري توڙي باطني علم جي اشاعت ۾ صرف ٿي. ٻالجتيءَ کان سندس ماحول علمي ۽ نيڪ هو. پاڻ ذات جا انڍڙ هئا. هي قوم ستين هجري ڌاري سهرودي طريقي جي هڪ بزرگ حضرت موسيٰ نواب جي تبليغي ڪوشش سان مسلمان ٿي ۽ اهوئي سبب آهي جو اڃا تائين انڍڙن جو روحاني لاڳاپو ملتان سان هليو اچي، ڇوته حضرت موسيٰ نواب، غوث بهاؤ الحق زڪريا ملتانيءَ (رح) جو ڀاڻيجو خليفو چيو وڃي ٿو. هن قوم جا ڪي افراد سنڌ ۾ ضلعي سکر جي اوڀرندي ڀاڱي ۾ رهن ٿا ۽ ڪي رستم (تعلقه شڪارپور) جي آس پاس آباد آهن ۽ هنن ۾ سهروردي ذڪر جو مسخ ٿيل نمونو جنهن کي ”سماهه“ چيو وڃي ٿو، اڃان تائين هليو اچي.

 

ولادت ۽ تعليم و تربيت:

حضرت صاحب جن جو خاندان هڪ پاسي درويشن ۽ خدا وارن فقيرن جو خاندان هو ته ٻئي پاسي علمي خاندان به هو. سندن والد مولانا محمود ۽ سندن ڏاڏو حمادالله ٻئي عالم هئا. پاڻ هن نيڪ ماحول ڪري شروع کان ئي نيڪ طبيعت جا رهيا. سندن ولادت 1299هه جي آخر يا 1300هه جي اوائل ۾ تعلقي پني عاقل جي هاليجي ڳوٺ ۾ ٿي ۽ جيئن ئي پڙهڻ جهڙا ٿيا ته کين آخوند ابراهيم جي درس ۽ قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ ويهاريو ويو ۽ فارسي جي تعليم مفتي عبدالڪريم خيرپوريءَ جي والد بزرگوار آخوند عبدالرحيم ڪلهوڙي ۽ مولانا نور محمد عادلپوريءَ کان ورتائون.

 عربي جي تعليم لاءِ کين ڏوراهين سفر تي وڃڻ جي ضرورت نه هئي. سندن ئي قوم جو هڪ علامه سندن ڀر ۾ موجود هو، ان جي خدمت ۾ پهچي ويا. اهو بزرگ عالم هو، مولانا قمر الدين انڍڙ، جنهن کي استاد العلماءَ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. حضرت هاليجوي جو علمي تفوق ايستائين واضح نه ٿيندو، جيستائين سندن ظاهري علم جي مشائخن جي سلسله استاد تي روشني نه پوندي.

استاد العلماءَ مولانا فضل الحق خيرآبادي (رح) جي علمي تفوق ۽ جلالت ۽ شان کان ڪير انڪاري ٿيندو؟ علوم عقليه ۽ ادبيه ۾ سندن اهو درجو هو، جو کين وقت جو فارابي ۽ رازي سڏيو ويندو هو. پاڪ و هند ۾ سندن شاگردن مان سندن پٽ مولانا عبدالحق خيرآبادي شهرت حاصل ڪئي ۽ اتي جي گهڻي ڀاڱي عالمن جا استاد ثابت ٿيا ته وري سنڌ ۾ مولانا محمد اسماعيل هاليپوٽو ويٺل ڳوٺ ابڙا لڳ قمبر، خيرآبادي فيوض جا مرڪز ۽ استاد رهيا. مولانا محمد اسماعيل صاحب (رح) ابڙائي وٽ سنڌ جي سوين شاگردن تعليم پرائي ۽ انهن سڀني مان ممتاز مولانا نظر محمد صاحب ڀنگ وارا هئا. مولانا قمر الدين صاحب سموري تعليم مولانا نظر محمد ڀنگائي کان حاصل ڪئي ۽ ويجهڙائي واري دور ۾ سنڌ اندر جيڪي به محقق عالم ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ مولانا مير محمد صاحب نورنگي، مولانا عبدالوهاب صاحب ڪلاچي. مولانا محمد اسماعيل صاحب ڀٽو گهوٽڪي وارو، مولانا دين محمد صاحب بٺيءَ وارو ۽ مولانا استاد عبدالڪريم ڪورائي (رح) اهي سڀ مولانا قمر الدين صاحب جا شاگرد هئا. مطلب ته سنڌ جي گهڻي ڀاڱي عالمن جو سلسلو انهيءَ ڪڙيءَ سان وڃي گڏجي ٿو.

جهڙيءَ ريت مولانا عبدالحق خيرآباديءَ جي شاگردن مان ٻن شاگردن هر هڪ مولانا حڪيم برڪات احمد ٽونڪي ۽ مولانا ماجد علي صاحب مينڍو (عليڳڙهه) وارن جي پنهنجي استاد سان خاص نسبت هئي، اهڙي ريت مولانا قمر الدين صاحب (رح) سان حضرت هاليجوي (رح) ۽ علامه ڪورائي (رح) جي نسبت رهي. منهنجي هڪ بزرگ دوست مولوي قاضي محمد ابراهيم صاحب ڪارڙوي پنهنجو اکين ڏٺو واقعو حضرت هاليجويءَ جي ادب بابت هن طرح ٻڌايو ته مولانا قمر الدين صاحب ۾ ڏاڍو جلال هوندو هو، هڪ ڀيري غصي مان پنهنجي لائق، فائق شاگرد مولانا هاليجوي کي (جنهن ان دور ۾ سلوڪ جا مدارج به طي ڪري ورتا هئا) سخت ڳالهائي رهيو هو، ليڪن مولانا هاليجوي ادب وچان استاد آڏو هٿ ٻڌيون بيٺا هئا ۽ خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه برداشت ڪندا ٿي ويا.

حضرت هاليجوي (رح) درس نظامي جا جمله ڪتاب اتي پڙهيا  فضيلت جي دستار به اتي ٻڌي، علم حديث جي سند مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان حاصل ڪيائون. هن کان پوءِ درس تدريس کي لڳي ويا. ڳالهه ٿا ڪن ته ايڏي مجاهده ۽ محنت سان شاگردن کي پڙهائيندا هئا، جو رات ڏينهن جي چوويهن ڪلاڪن مان ڪو ٿورو وقت آرام ڪندا هئا، نه ته سندن سمورو وقت علمي خدمت ۽ ڪتب بينيءَ ۾ گذرندو هو. مولانا مفتي عبدالڪريم خيرپوري، مولانا حبيب الله صاحب ٺيڙهي وارا ۽ مولانا نور محمد صاحب گهوٽي وارا سندن مخصوص شاگردن مان شمار ڪيا وڃن ٿا. پاڻ چڱو عرصو ٺيڙهي ۾ به تعليم ڏنائون. شروع ۾ ايڏو ته ظاهري علم جي اشاعت ۾ منهمڪ ۽ مشغول رهندا هئا جو باطني علم پرائڻ ۽ ذڪر اذڪار ڏانهن ڪوبه توجهه ڪونه ڪندا هئا، مورڳو قادري طريقت جي جهري ذڪر بابت شرعي نقطه نگاهه مطابق اعتراض به ڪندا هئا.

تاج الاولياءَ حضرت امروٽيءَ وٽ حاضري

حضرت صاحب جي هڪ مخصوص شاگرد مولانا قاضي عزيزالله صاحب ٺيڙهي وارن اسان کي ٻڌايو ته هتي اسان جي حضرت امروٽي صاحب جو گهڻو اثر هو ۽ ڪيترا قادري طريقت جا فقير ذڪر اذڪار ڪندا هئا، ليڪن حضرت هاليجوي ان قسم جي ذڪر جي مخالفت ڪندو هو. ٺيڙهي کان ٿورو پري فقير عبدالغني رهندو هو، جو حضرت صاحب امروٽي جو خاص مريد هو ۽ نهايت اهل دل درويش هو. ان حضرت هاليجوي صاحب کي سمجهايو ۽ ايترو قائل ڪري ڇڏيو، جو حضرت هاليجوي فقير عبدالغني کي ساڻ ڪري تاج الاولياءِ حضرت سيد تاج محمد امروٽيءَ جي خدمت اقدس ۾ پهچي ويا. پوءِ ته ساڻس پسڻ ٿي ويو، هڪدم حالت بدلجي وئي. ظاهري علم جو غرور اڏي ويو، خواجه محمد زمان (رح) لواريءَ وارن سچ فرمايو آهي: ”ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنين جي هٿ ۾ الخ.“- هڪدم حضرت امروٽيءَ جي هٿ تي قادري راشدي طريقت ۾ بيعت ڪري علم باطني پرائڻ ۽ رياضتن ڪرڻ کي لڳي ويا.

جهڙيءَ طرح ظاهري علم پرائڻ لاءِ کين استاذ العلماءَ جي خدمت نصيب ٿي، تهڙيءَ طرح باطني فيض حاصل ڪرڻ ۾ به سندن اها خوش نصيبي هئي، جو قطب الاقطاب غوثِ وقت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن جي خليفه ارشد سيد المجاهدين حضرت سيدنا تاج محمد امروٽيءَ جي هٿ تي کين بيعت نصيب ٿي. هتي جڏهن ته حضرت هاليجويءَ جي باطني علم جي سلسلي جو ذڪر اچي ويو، تڏهن ضروري آهي ته سنڌ ۾ سلوڪ ۽ تصوف جي انهن طريقن بابت ڪجهه روشني وڌي وڃي.

سنڌ ۾ سلوڪ جا طريقا

سونهاري سنڌ سون سالن کان صوفين ۽ خدا رسيده بزرگن جو ماڳ پئي رهي آهي، هتي سڀ کان اڳ مخدوم نوح بکريءَ جي واسطي سان سنڌ کي سهروردي طريقي کان روشناس ٿيڻو پيو. پوءِ غوث بهاءُ الحق ملتاني ان کي زور وٺايو. ڏهين صديءَ ۾ مخدوم بکري جو همنام غوث الحق مخدوم نوح (رح) هالائي پيدا ٿيو، تنهن ته هن طريقي کي چوٽ تي چاڙهي ڇڏيو. هزارين ماڻهن حضرت مخدوم نوح (رح) کان فيض پرايو، جنهن جي ثابتي لاءِ قديم تذڪرا ۽ تصوف ۾ هتي جي اهل الله جي تصنيف اڄ تائين موجود آهي. انهيءَ دور ۾ قادري طريقو چڱو وڌڻ ويجهڻ لڳو. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو قادري طريقت جو شيخ هو، ساڳيءَ ريت سندن پوٽو شاهه حبيب به انهيءَ طريقي جو ئي بزرگ هو، پر تڏهن به سهروردي طريقو هتي غالب رهيو.

ٻارهين صدي هجري جي اوائل ۾ لاڙ ملڪ جي مرڪزي ۽ مردم خيز شهر ٺٽي ۾ خواجه ابوالقاسم درس نقشبندي، جيڪو سرحد کان فيض پرائي آيو هو، تنهن نقشبندي طريقي جو فيض ڏيڻ شروع ڪيو. هيءُ درويش ايڏو ته بلند پايه بزرگ ۽ اهل الله هو، جو ٿوري ئي وقت ۾ سندن باطني فيض جي برڪت سان هتي سندس ٽيهه، ٻٽيهه خليفا پيدا ٿي پيا، جن ۾ ان دور جو هڪ وڏو محقق عالم، مخدوم محمد معين، جنهن کي فلسفه ۾ سنڌ جو ملا صدرا ۽ تصوف ۾ شيخ ابن عربي سڏيو وڃي ته وڌاءُ نه آهي، سو به ابوالقاسم جو خليفو هو.

هن نقشبندي درويشن سڄي سنڌ کي عام طرح ۽ ڏکڻ سنڌ کي خاص طرح پنهنجي فيوض ۽ ارشادن سان مالامال ڪري ڇڏيو. خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي به انهن خليفن مان هو، جنهن کان خواجه محمد زمان ڪبير لواري کي فيض پهتو. خواجه صاحب ته وري اهو جود جاري رکيو، جو سندن فيض مان هزارين طريقت ۽ سلوڪ جا پياسا سيراب ٿي نڪتا، جن مان سندن فرزند ارجمند خواجه گل محمد ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شهيد بلند پايه جا اهل الله ۽ فيض باطنيءَ جا صاحب ٿي گذريا آهن. خواجه گل محمد کان سندن فرزند خواجه محمد زمان ثاني فيض پرايو ۽ هن بزرگ ولي جي فيض جو درياهه سنڌ مان ڇوليو ماريندو، ڏورانهن اسلامي ملڪن ۾ به پهچي ويو، محدث محمد عابد سنڌي مدني جهڙو علامه به سندن خليفو هو. هن سلسلي جي بي انتها اشاعت ٿي ۽ خواجه محمد سعيد (رح) جي دؤر ۾ پنهنجي عروج ۽ اوج تي وڃي پهتو.

خواجه محمد سعيد صاحب (رح) نه رڳو روحاني فيض جو مالڪ ۽ اڪمل ولي هو، پر ظاهري علم جو به بحر بي پايان هو. سندن ئي ڪوششن سان لواريءَ جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ دنيا جو بي نظير ڪتب خانو جمع ٿي ويو. هنن ڪتابن جي مطالعي لاءِ نه رڳو ڏکڻ سنڌ جا علماءَ هتي ڪهي ايندا هئا، پر اتر سنڌ جي هن ڇيڙي جو استاد العلماءَ مولانا غلام صديق غوث شهداد ڪوٽي به ڪيترا ڀيرا لواري پهچي، خواجه محمد سعيد (رح) سان ريهاڻين ڪرڻ سان گڏ ”طوالع الانوار“ تصنيف شيخ محمد عابد سنڌي ۽ ٻين ناياب زمانه ڪتابن جو مطالعو ڪندا هئا. هن حقيقت جي شهادت لاءِ اڄ به اکين ڏٺو شاهد مولانا عبدالله صاحب کڏهر (ضلع نوابشاهه) وارو موجود آهي، جنهن مولانا شهدادڪوٽيءَ کي لواريءَ ۾ مطالعه ڪندي ڏٺو.

ان وچ ۾ نقشبندي سلسلي جي ٻي شاخ خواجه صفي الله جي واسطي سان به سنڌ ۾ پهچي چڪي هئي، ان دور جا وڏا عالم جهڙوڪ نعمان، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي صاحب البياض (وفات 1224هه)  مخدوم محمد هاشم ٺتويءَ جو پوٽو مخدوم ابراهيم عرف موليڏنه، انهيءَ نقشبندي بزرگ جا خليفا هئا. خواجه حسن جان سرهندي (رح) جي والد خواجه عبدالرحمٰن صاحب جڏهن ٽکڙ سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، تڏهن نقشبندي طريقو جيڪو اڳ اجهامڻ تي هو، تنهن کي خواجه صاحب وري روشن ڪري ورتو. مولانا عبدالرحمٰن صاحب سکر وارو به سندن ئي خليفو هو، مگر پوءِ ستت ئي اويسي درجي کي پهچي ويو ۽ سندس سڌيءَ طرح پيغمبر صلي الله عليہ وسلم سان نسبت پيدا ٿي.

قادري طريقو

اهو ته ذڪر هو سهروردي ۽ نقشبندي طريقن جو. سنڌ وارن کي چشتي طريقي سان ڪوبه چاهه نه رهيو. باقي قادري طريقو، سو گهڻو اڳ هتي سهروردي طريقي سان گڏوگڏ هلندو رهيو. حضرت سيد عبدالقادر جيلاني (رح) جو اولاد سنڌ ۾ اڳ ئي پهچي چڪو هو. ساڳي ريت اُچ وارن قادري بزرگن جو سنڌ سان لاڳاپو هو. درازن وارا فاروقي بزرگ به قادري هئا. عين اهڙي دور ۾ جڏهن هن وڏي طريقي جو چراغ وسامڻ تي هو ته هجري ٻارهين صدي جي آخر ۾ ڪنگريءَ ۾ هڪ اهڙي آفتاب عالمتاب منهن ڪڍيو، جنهن سڄي سنڌ ۽ ڀر وارن ٻين ملڪن کي پنهنجي ضيا پاشيءَ سان منور ڪري ڇڏيو. چؤ طرف الله جي ذڪر جون مجلسون قائم ٿي ويون، مرد ته ٺهيو، پر عورتون به تهجد گذار ٿي پيون. اهو بزرگ هو روضي ڌڻي حضرت پير محمد راشد (رح).

ڪنگريءَ مان سوئي (ضلع سکر) سيراب ٿي، سوئي مان ڀرچونڊي ڀرجي نڪتي. حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن بابت وقت جي اهل الله ۽ عالمن جي متواتر طور اها شهادت موجود آهي ته اهي پنهنجي دور جا جنيد ۽ غوث هئا. حضرت حافظ صاحب جو سلوڪ ۾ جيڪو درجو ۽ مقام هو، ان کي بيان نه ٿو ڪري سگهجي. منهنجو استاد حضرت مولانا عبيدالله سنڌي (رح) فرمائيندو هو ته ”منهنجي اکين جنيد وقت حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن جهڙو اهل الله نه ڏٺو.“ هن بزرگ ولي جي ممتاز خليفن مان ٻه شخص شمار ڪيا وڃن ٿا: (1) مرشدي ابوالسراج مولانا حافظ غلام محمد دينپوري (2) سيد المجاهدين تاج الاولياءَ حضرت مولانا تاج محمد امروٽي (رح).

حضرت امروٽي جي ڪارڪنن کي ٿو ڏسجي ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي هيءَ حديث ياد اچي ٿي. ”علماءَ امتي کانبياءَ بني اسرائيل“ يعني منهنجي امت جا علماءَ بني اسرائيل جي نبين وانگر هوندا. مطلب ته اهي جيتوڻيڪ نبي نه هوندا، ليڪن کانئن تبليغ الاسلام جي سلسلي ۾ نبين وارا ڪارناما صادر ٿيندا. حضرت امروٽيءَ به هزارن غير مسلمن کي پنهنجي تبليغ ۽ توجهه ذريعي اسلام جي حلقي م داخل فرمايو. حضرت امروٽي کي تبليغ اسلام جي سلسلي ۾ اها نسبت مولانا عبدالرحمٰن صاحب سکر وارن کان ملي.

معتبر روايت سان اسان کي معلوم ٿيو آهي ته مولانا تاج محمود امروٽي جڏهن پنهواريءَ ۾ مولانا عبدالقادر صاحب وٽ پڙهندا هئا، تڏهن مولانا ڪنهن ڪم لاءِ کين مولانا عبدالرحمٰن سکر واري ڏانهن موڪليو. هن کان اڳ مولانا امروٽي، مولانا عبدالرحمٰن صاحب کي نه ڏٺو هو. مولانا عبدالرحمٰن صاحب بيحد حسين ۽ خوبصورت هوندا هئا. جيتوڻيڪ پوڙها ٿي ويا هئا ۽ سونهاري ڳاڙهي ڪندا هئا، تڏهن به سندن چهري مان حسن و جمال پيو بکندو هو.  جنهن وقت مولانا امروٽي اتي پهتو ته مولانا عبدالرحمٰن آرام فرمائي رهيا هئا. حضرت امروٽي تي مولانا عبدالرحمٰن صاحب جي وجاهت ۽ بزرگيءَ جو ڏاڍو اثر ٿيو ۽ مولانا جڏهن آرام فرمائي اٿيا ته هن نووارد نوجوان کي ڏسي، ايماني فراست ۽ فهم سان هن جي استعداد ۽ لياقت کي تاڙي ويا. مولانا تاج محمود وڌي جڏهن هٿ ملايو، تڏهن مولانا عبدالرحمٰن صاحب حضرت امروٽي کي وڏو ڀاڪر پائي، سينو سيني سان ملائيندي فرمائڻ لڳو ته تبليغ اسلام جي سلسلي ۾ اسان جي جيڪا نبي صلي الله عليہ وسلم سان نسبت هئي، سا اسان تنهنجي حوالي ڪئي ۽ اها امانت اسان توکي ڏئي رهيا آهيون، ڇوته اسان پوڙها ٿي چڪا آهيون ۽ ٻي دنيا ڏانهن اسرڻ وارا آهيون.

ان وقت کان پوءِ مولانا امروٽي جي حالت بدلبي رهي. هڪ خواب جي ذريعي مرشد جي تلاش ۾ نڪتا ۽ حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن جي هٿ تي بيعت ڪري باطني علم پرائڻ کي لڳي ويا. ڳالهه ٿا ڪن ته ساڻس ڪو اهڙو پسڻ ٿي ويو، جو ٿوري ئي وقت ۾ سلوڪ جا سڀ مدارج طئي ڪري ورتائون ۽ اچي امروٽ کي آباد ڪيائون. هڪ پاسي مولانا عبدالرحمٰن سکر وارن کان کين اويسي نسبت عطا ٿي. ٻئي پاسي جنيدِ وقت حضرت حافظ صاحب ڀرچونڊي وارن کان کين خلافت عطا ٿي، تنهن سوني تي سهاڳي جو ڪم ڏنو، ٿوري ئي وقت ۾ اهو فيض ڏنائون جو ڪيترا خليفا خرقه سلوڪ حاصل ڪري خلق خدا جي خدمت کي لڳي ويا. مولانا حمادالله صاحب هاليجوي (رح) به سندن انهن ممتاز خليفن مان هڪ هو. جهڙيءَ طرح حضرت امروٽيءَ سان پسڻ ٿي ويو، جو ٿوري ئي عرصي ۾ باطني خلافت جي دستارکين عطا ٿي، تهڙي طرح حضرت هاليجوي سان به ڌڻي تعاليٰ جو اهڙو ئي احسان ٿيو. ڀلا ظاهري علم، تقويٰ ۽ عبادت ۾ ته اڳ ئي بينظير هئا، ويتر جو کين حضرت امرورٽي جهڙو مهربان مرشد ملي ويو، تنهن کين جلدي اوج ۽ عروج تي رسايو. سچ چيو اٿن: ”جمال حضرتِ قرآن نقابِ آنکه بردارد، که دارالملڪ معنيٰ را به بيند خالي از غوغا.“ حضرت صاحب امروٽي لاءِ اهو مشهور آهي جو پاڻ فرمائيندا هئا ته ”اسان جيڪو ڏڌ ولوڙيو، ان جو مکڻ حمادالله کڻي ويو.“

حضرت هاليجوي پنهنجي شيخ جي نقشِ قدم تي آخر دم تائين هلي ڏيکاريو. حضرت امروٽي وانگر وطن جي آزاديءَ لاءِ لڙندڙ جماعتن جو ساٿ ڏيندا رهيا. حق جي ڪلمي چوڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه پيا. شرڪ، بدعت جي رد ۾ هميشه ڪوشان رهيا. هن راهه ۾ کين تڪليفون ۽ علماءِ سوءِ جون فتوائون به ڏسڻيون پيون، پر مور نه مڙيا. قرآن پاڪ سان کين بيحد محبت هئي. هاليجي جهڙي ننڍي ڳوٺ ۾ مختلف طبقن، عالمن، آفيسرن، زميندارن ۽ عوام جون روزانو بهيرون اينديون هيون، قرآن پاڪ کليو پيو هوندو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا قرآن پاڪ بيان فرمائيندا هئا.

ضبط ۽ تحمل

عبادت ۽ ذڪر، اذڪار ۽ رياضت ته هن مرد مجاهد لاءِ ڪا اوکي ڳالهه نه هئي، جي کين قرآن پاڪ جو وعظ ڪندي ڏسبو هو ته ائين معلوم ٿيندو هو ته ويٺا وعظ ڪندا هئا ۽ جي وري عبادت ۾ ڏسبو هو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ نوافل ۾ ويٺا رهندا هئا ۽ جي نفي اثبات واري دم کي ڏسبو هو ته اها مشن ننڊ ۾ به جاري رهندي هئي. سڀ کان اعليٰ صفت اسان کي حضرت صاحب جن ۾ ڏسڻ ۾ آئي، سا هئي شريعت تي استقامت، سطحيات کان اجتناب ۽ سلوڪ جي عالمِ اسرار جي ڪنهن به راز بابت ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍڻ. اها هڪ اهڙي اعليٰ صفت آهي، جو سڀ ڪنهن سالڪ کي نصيب نه ٿيندي آهي. پر هن لاءِ وڏي ظرف ۽ اعليٰ مقام ۽ مرتبي جي ضرورت آهي، نه ته عام طرح ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن تي باطني اڪتشافات جو معمولي راز کلندو آهي ته اهو به ضبط ٿي نه سگهندو آهي. حضرت هاليجوي ته وقت جو شيخ ۽ وڏو عارف بالله هو. ڪشف و ڪرامت ته هن راهه ۾ ابتدائي دور جون تجليون آهن.

باطني اولاد

مٿي اوهان پڙهي آيا آهيو ته حضرت هاليجوي (رح) جو سلوڪ ۾ جيڪو مرتبو ۽ مقام هو، ان جي مد مقابل، هن دؤر ۾ ڪوبه اهل الله نظر نه ٿو اچي، اهڙيءَ حالت ۾ سندن معيار مطابق ڪوبه مريد ۽ معتقد پهچي سگهي، سا ڳالهه محال ته نه آهي، پر مشڪل ۽ اوکي ضرور آهي. اهوئي سبب آهي جو حضرت ابوالسراج دينپوري پنهنجي پويان ڪوبه خليفو ڪونه ڇڏيو، مگر حضرت هاليجوي پاڻ جهڙا نه سهي، تڏهن به ڪيترا بلند پايه عالم مجاز خلفاءَ ڇڏي ويا آهن، انهن مان جن کي ذاتي طرح اسان سڃاڻون ٿا، سي هي آهن:

1- مولانا فيض نور زمان صاحب ڪراچي وارو: هي بزرگ سن رسيده ۽ حضرت هاليجوي جي عمر جو ماڻهو آهي ۽ حضرت هاليجوي کان مستفيض ٿيڻ کان اڳ هندستان ۾ ڪيترن طريقت جي شيوخ جو صحبتي ۽ خليفه مجاز آهي، پر حضرت هاليجوي جي زيارت ۽ انهن جي مرتبي کي معلوم ڪري، حضرت جي هٿ تي بيعت به فرمايائين ۽ ستت ئي اجازت حاصل ڪيائين. هي بزرگ دنيا جي گهڻن ڀاڱن ۾ ڦريو آهي، سندس اهو چوڻ آهي ته هن وقت ساري دنيا ۾ حضرت هاليجوي جهڙو باڪمال بزرگ ڪو ورلي نظر ايندو.

2- مولانا حاجي احمد الدين صاحب، صدر مدرس مدرسہ عربيہ جلال پهوڙ تعلقه شڪارپور سنڌ: هن بزرگ جي جيتري تعريف ڪجي، سا ٿوري آهي. قطب الاقطاب حضرت مولانا امروٽي وٽ به ترتيب لڌي اٿس. حضرت هاليجويءَ جي وڏن خلفاءَ مان آهي. سنڌ ۾ حضرت جو جيڪڏهن کيس جانشين سڏجي ته وڌاءُ نه آهي.

هي بزرگ باطني خلافت ملا کان اڳ به وڏين خوبين جو مالڪ هو. مان ذاتي طرح پندرهن سورهن سالن کان کيس سڃاڻان ٿو.  جنهن زماني ۾ آئون مدرسہ دارالسعادت گورو پهوڙ تعلقه شڪارپور ۾ صدر مدرس هوس، ان دور ۾ مولانا احمد الدين صاحب قرب ڪري پاڻ وٽ ڪهي ايندا هئا. سندن زهد ۽ تقويٰ جو تڏهن ئي اهو عالم هو، جو مدرسہ جو کاڌو نه کائيندا هئا. سندن چوڻ هو ته اهو چندو شاگردن لاءِ جمع ٿئي ٿو، ٻئي جو ان ۾ ڪو حق نه آهي. مون وٽ مهمان ٿيندا هئا ته اها مهماني به اهڙي هوندي هئي، جو ميزبان تي بار ته ٺيو الٽو پاڻ سان ڪو ڇيلو خريد ڪري کنيو ايندا هئا، جنهن مان شاگردن کي به دعوت ٿيندي هئي ۽ ان مان مهمانن کي به کارائيندا هئاسون. سندن دستور هوندو هو ته گڏهه تي سواري ڪندا هئا. ڪٿي به تبليغ تي ويندا هئا ته پنهنجو گڏهه سنجي ان تي سوار ٿي ويندا هئا ۽ اهو گڏهه به ذري گهٽ گهوڙي جي قد جيترو هوندو هو. هاڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مريدن، معتقدن جي اصرار تي گڏهه ڇڏي گهوڙي ڌاري اٿن.

هي ڳالهه اسان کي صحيح طور معلوم ٿي ته خليفہ مولوي احمد الدين هتان لڏي مدينه منوره هليا ويا هئا. ظاهري طور هجرت جي نيت جيتوڻيڪ نه ڪئي هئائون، ليڪن خيال اهوئي هون. مدينه منوره ۾ حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن کيس خواب ۾ ارشاد فرمايو ته اسان جي دوست حمادالله کي ڇڏي آيو آهين؟ اهو ٻڌي هجرت جو خيال لاهي واپس وطن پهچي ويا. حضرت هاليجوي (رح) جي وفات بعد اهو بزرگ اڃان تائين هاليجي ۾ قيام پذير آهي ۽ سلوڪ جي شاگردن کي تلقين فرمائيندو رهي ٿو.

3- مولانا عبدالعزيز صاحب ڀانڊوي تعلقه رتوديرو: هي درويش وڏو عالم، زاهد ۽ تقويٰ جو صاحب آهي. اسان جو ذاتي طرح بزرگ دوست ۽ تعليم ۾ هم مدرس رهيو آهي. دارالعلوم ديوبند مان فراغت لهي تدريس جي مشغوليءَ سان گڏوگڏ سلوڪ جي راهه رسم ۾ به سفر ڪندو رهيو. نيٺ وڃي منزل مقصود کي رسيو. ليڪن پنهنجي هيءَ حالت آهي جو اڃان تائين اکرن ۾ اڙيا ويٺا آهيون. هوڏانهن حضرت هاليجوي (رح) پاڻ تي ايڏا ته مهربان هئا جو هميشه دعائن ۽سلامن سان ياد ڪندا هئا. ساڳي ريت سنڌ جي هڪ ٻئي عالم، فاضل مولانا عبدالحق رباني نصرپوريءَ کي به حضرت صاحب جن ڏاڍو ياد ڪندا هئا، پر اهو بزرگ ته اسان کان وڌيڪ ڪٺور رهيو.

انهن بزرگن کان سواءِ پنجاب ۾ به ڪي خلفاءَ آهن، جن متعلق اسان کي ڄاڻ نه آهي ۽ ڪي صحبت جا مجاز آهن ته ڪن کي محدود اجازت مليل آهي. جهڙي طرح مولانا محمد مدني صاحب ڪراچي واري کي به خاص ماڻهن جي تربيت لاءِ اجازت مليل آهي. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته مولانا محمد شاهه امروٽيءَ جي به چڱي تربيت فرمائي ويا آهن. ساڳي ريت مولانا محمد يوسف صاحب بنوري، جو هڪ وڏو محدث ۽ اديب آهي، تنهن به حضرت صاحب جي مجلسن مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي. اسان کي هڪ ملاقات ۾ مولانا يوسف صاحب ٻڌايو ته حضرت هاليجويءَ جي روحاني ۽ علمي مجلسن ۾ اسان جا اهي عقدا حل ٿيندا رهيا، جيڪي اسان کي ڪتابن مان حل ٿي نه سگهيا.

سيد الاحرار مولانا عطاءُ الله شاهه بخاري ته گويا مولانا هاليجويءَ تي عاشق ۽ پروانو هو. جڏهن به سنڌ يا بهاولپور ۾ ايندا هئا ته تتيءَ ٿڌيءَ جو ڪوبه خيال نه رکي حضرت هاليجويءَ جي خدمت ۾ پهچي ويندا هئا ۽ حضرت جن جا وڏا مداح هئا. سنڌ جي وڏن ماڻهن مان خان بهادر حاجي مولا بخش صاحب سومرو گهڻو ڪجهه پرايو آهي. هن امير ڪبير جي اها حالت هئي، جو ڏينهن جا ڏينهن هاليجيءَ جي مسجد جي صحن تي سمهي ذڪر ڪمائيندو هو ۽ امير هوندي به فقير بڻيو ويٺو هوندو هو ۽ رات ڏينهن مجنون بنجي حضرت جي آخري وقت تائين سندن تيمارداري ۽ خدمت ڪندو نظر آيو. جزاه الله خير الجزاءِ.

حضرت هاليجوي تاريخ 12 ذوالقعد 1381هه مطابق 18 اپريل 1962ع اٽڪل روءِ 83 سال عمر جا هئا، طويل علالت کان پوءِ حظيرة القدس ڏانهن راهي ٿي، پنهنجي سون، هزارن مريدن، معتقدن ۽ شاگردن کي غم و الم سان همڪنار ڪري ويا. ”شائق“ نظاماڻي هيٺين مصرع مان سندن وفات جي تاريخ ڪڍي آهي ”حامد ذات حق حمادالله“ (1381هه) پنهنجي پويان چار فرزند ڇڏيائون، جيڪي سڀ علم ۽ فضل جا مالڪ آهن، الله پاڪ کين صبر جميل عطا فرمائي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com