سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :75

 

مرحوم ماستر الهه بچايو سمون ۽ سندس ادبي شاهڪار

 

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، ٻهراڙيءَ جي نج لفظن کي پنهنجي اشهب قلم سان ڪڏائيندڙ شهه سوار ۽ علمي، ادبي ڪچهرين جو وينجهار مرحوم ماستر الهه بچايو سمون جيڪو ٿورا مهينا اڳ، اسان جي ادبي محفلن کي الوداع ڪري هيمشه لاءِ وڃي شهر خموشان ۾ آرامي ٿيو، تنهن جي اسان کان عالم برزخ ڏانهن اسرڻ ڪري سنڌي علم و ادب ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، ويجهڙائيءَ ۾ ان جي ڀرجڻ جا ڪي اهڃاڻ نظر نه ٿا اچن.

ائين برابر آهي ته اسان جي سٻاجهي ساڻيهه ۾ سوين علم جا اڪابر، نثر نويس ۽ شاعر پيدا ٿيا ۽ ٿيندا رهندا، پر اها به حقيقت آهي ته اڄ اسين جنهن وڇڙيل اديب جي ياد ۾ غم جا ڳوڙها ڳاڙي سندس ذڪر خير ڪري رهيا آهيون، ان جي نهج جا خالص سنڌي ٻوليءَ جا ڄاڻو ۽ اديب کانئس پوءِ ته ٺهيو، پر اڳ به اوهان کي ڪي آڱرين تي ڳاڻ ڳڻيا ملندا، جنهن لاءِ مرحوم جا ڇڏيل ٻه ادبي شاهڪار ”سير ڪوهستان“ ۽ ”لاڙ جو سير“ ڪافي ثبوت آهن.

هن سمي مرحوم جي سوانح تي سرسري نظر ڪجي ته هو ڪنهن يونيورسٽيءَ جو گرئجوئيٽ يا ڪنهن دارالعلوم جو عالم، فاضل نه هو. هو هڪ غريب جي گهر ۾ ڄائو. سندس گهرو ماحول به ڪو علمي نه هو، جو سندس لياقت ۽ استعداد لاءِ وڌيڪ معاون ۽ مددگار ثابت ٿئي ها ۽ نڪي وٽن ڪا دولت جي فراواني هئي جو بي فڪريءَ سان اولاد کي تعليم ڏياري سگهن ها. انهن سڀني ڳالهين هوندي به مرحوم پنهنجي مادري زبان ۾ اهو ته ڪمال حاصل ڪيو جو سڀ ڪو ننڍو وڏو اديب ۽ عالم سندس تحرير تي رشڪ کائڻ لڳو ۽ سندس ساراهه ڪندو رهيو.

مرحوم جي زندگيءَ جو مختصر احوال هن ريت آهي ته سندس والد جو نالو يار محمد پٽ ٻڍو خان هو، جو ذات جو سمون (نج سنڌ ذات) ۽ ڪراچيءَ جي ڪلهي تي اڏيل سرسبز ڳوٺ ملير جو رهاڪو هو. سندس گذر چوپائي مال جي واپار تي هو، جنهن مان ڪجهه پونجي وارو مس ٿيو ته ورتس دمڪشيءَ جهڙي منحوس مرض، جنهن ڪري وڻج واپار ڇڏائي ويس ۽ چوپايو مال به ويو وڪڻندو ۽ اڳتي هلي غربت ۽ افلاس جا ڏينهن گهارڻ لڳو.

يار محمد کي شادي ڪئي ورهيه گذري ويا، پر ڌيئرن کان سواءِ نرينه اولاد نصيب نه ٿيندو هو، جنهن ڪري گهڻائي سڳا ڌاڳا ۽ دعائون دفائون ڪرائڻ لڳو، پر وريو ڪجهه به نه. نيٺ ٻيا در ڇڏي ڌڻيءَ جي در ٻاڏائڻ لڳو. ڌڻيءَ جي برڪت ۽ عنايت سان 12 مارچ 1913ع تي کيس پهريون پٽ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو رکيائين الله بچايو ته جيئن الله کين بچائي ڏئي. هن بختاور کان پوءِ ڌڻيءَ کيس ٻئي پٽ جي نعمت سان به نوازيو، جنهن جو نالو رکيائون پير بخش.  مالڪ جي راضي ٿئي ته سندس درٻار ۾ ڪا ڪمي ڪانهي، نه ته سڄي عمر پيو سڪي، سو ٻن پٽن کان پوءِ ٽيون پٽ به جهولي پائي ڏنو، جنهن جو نالو رکيائون صالح محمد (جهڙو رکيائونس نالو صالح، تهڙو برابر صالح ساماڻو)

ننڍڙو نينگر الهه بچايو پنجن سالن تائين پاڻ جيڏن جي ٽهيءَ ۾ کيڏندو رهيو. جيتوڻيڪ سندن ڳوٺ ڪراچيءَ جي ڪڇ ۾ هو پر تڏهن به ٻارن تي ٻهراڙيءَ جو اثر اتامڙو هو. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ڇا ڄاڻن پڙهڻ، پڙهائڻ مان، تنهن ڪري هن ننڍڙي نينگر جي پڙهائڻ ۽ کيس علمي سکيا ۽ تربيت ڏيارڻ جو سندس وڏڙن کي ڪو خاص خيال نه هو، پر مرحوم جيڪا ٿوري گهڻي سنڌي تعليم پرائي سگهيو، سا به سندس خوش بختي ۽ ڀاڳ هو جو انهن ڏينهن ۾ سندس سوٽ ماستر محمد عرس سمون ملير اسڪول ۾ ماستر هو، جنهن جي ڪوشش سان هيءُ بختاور نينگر ملير اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان جو اهو اثر ٿيو جو ٻي به سموري سندس ٽهي اسڪول ۾ داخل ٿي. وڻن جي گلن وانگر ڪئين ڪري پيا، باقي ٿورن گلن وڃي ڦر جهليو، جن مان مرحوم الهه بچايو سڀ کان اول هو.

مرحوم الهه بچايو ڄمندي ئي ڄام هو. اڃا ٻارهن سالن جي عمر جو مس هو، جو زوري تعليم جي عنوان تي بهترين مضمون لکي ڪراچي ضلع ۾ اول اچي انعام کٽيائين. 1928ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪري هڪ سال کان پوءِ تعليمي خدمت ۽ نوڪريءَ ۾ گهڙيو. 1933ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جو پهرئين سال جو ڪورس پڙهي پاس ٿيو ۽ پنهنجي فطري ذهانت ۽ لياقت ڪري اول نمبر آيو. 1940ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جو آخري سال پڙهي امتحان ۾ اول نمبر اچي تربيت يافته مدرس ۽ استاد جي سند ۽ سرٽيفڪيٽ ورتائين. انهيءَ سال ڪاليج جي في البديهه تقرير بازيءَ ۾ ”ڳوٺاڻي زندگي“ جي موضوع تي دستوري 5 منٽن بدران لاڳيتو اڌ ڪلاڪ ڳالهائيندو رهيو. سندس چوڻ هو ته سير ڪوهستان انهيءَ موقعي تي سندس دل ۽ دماغ ۾ پيدا ٿيل علمي امنگن ۽ خيالن جي تڪميل آهي.

1941ع ۾ سندس والد بزرگوار کيس جدائي جو داغ ڏيئي راه رباني وٺي ويو. ان کان ٽي سال پوءِ 1944ع ۾ سندس ڀاءُ پير بخش به گذاري ويو. 1952ع ۾ کانئس والده (ماءُ) جو شفقت وارو سايو به لهي ويو. انهن ۽ ٻين سانحن هن سلڇڻي اديب ۽ ساهت جي موجون ماريندڙ مهاساگر نثر نويس جو سک ۽ آرام ڦٽائي ڇڏيو هو. نيٺ ڪيترن مهينن جي بيماريءَ کان پوءِ پاڻ به 9 ڊسمبر 1958ع تي پنهنجي معصوم ٻچن ۽ ننڍي ڀاءُ کي هميشه لاءِ الله جي حوالي ڪري راهه رباني وٺي ويو.

اهو ته هو مرحوم جي مختصر زندگيءَ جو مختصر احوال. هاڻي اچو ته سندس ادبي شاهڪارن ۽ شخصيت بابت به ڪجهه اپٽار ڪريون. مرحوم جي ڪتابن سان منهنجو تعارف جيتوڻيڪ گهڻو اڳ جو هو، پر مرحوم سان جسمي تعارف منهنجو تڏهن ٿيو، جڏهن آئون 1950ع ۾ آزاد ۽ پاڪستان پريس ۾ ويهي شاهه جي رسالي تي ڪجهه ڪم ڪندو رهيس ۽ مرحوم ڪڏهن ڪڏهن اتي اچي چوياري ڪندو هو. هڪ دفعو جڏهن ساڻس سير ڪوهستان بابت ڳالهه نڪتي، تڏهن ڳالهه ڪرڻ لڳو. مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي ته ”هڪ ڀيري جڏهن ساڻس ميلس ته حڪيم صاحب مرحوم مون کي چوڻ لڳو ته مهرباني ڪري اهو قلم مون وٽ کڻي اچو، جنهن سان توهان سير ڪوهستان ڪتاب لکيو آهي ته ان کي آئون چمي ڏيان.“

مرحوم جون هن وقت ٻه علمي تصنيفون اسان جي آڏو آهن. هڪ سير ڪوهستان ٻيو لاڙ جو سير. انهن ٻنهي ڪتابن کي ڏسندي اسان جو ڌيان عربيءَ جي ٻن وڏن نثر نويس اديبن بديع الزمان همداني ۽ حريريءَ جي مقامات ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو.

بديع الزمان همدانيءَ جي مقامات عربي ٻوليءَ جي سونهن آهي، جنهن ۾ اکرن جو انبار، مجاز ۽ استعارن سان ڀرپور، عبارت مسجع لفظي ۽ معنوي محسنات سان ڳتيل، پهاڪا ۽ شعر جهجها آيل، هر هڪ ڪچهري هڪ ادبي پارو آهي. ساڳي ريت حريري به آهي، جنهن لاءِ مشهور مورخ ابن خلڪان لکي ٿو ته حريري پنهنجي دور جو هڪ امام هو، مقامات جي بنائڻ ۾ کيس پوري قدرت حاصل آهي. عربي ٻوليءَ جي خيال کان سندس ڪتاب ”مقامات“ لغت، پهاڪن ۽ رمزن کان ڀريل آهي. جيڪو به انهيءَ ڪتاب کي چڱيءَ طرح سمجهندو، سو مصنف جي فضيلت جو ڀلي ڀت اقرار ڪندو. حريريءَ جو مقصد رڳو قصا بيان ڪرڻ نه هو، پر هو لفظن جو بادشاهه آهي. جيتوڻيڪ سندس قصا ۽ ڪهاڻيون جڙتو ۽ من گهڙت آهن، پر بيان، بديع ۽ عربي ٻوليءَ جي نادر لفظن ۽ ڪلام سان ڀرپور آهي.(1)

ابن خلڪان جيڪا ڪسوٽي ۽ پرک، حريريءَ لاءِ پيش ڪئي آهي، انهيءَ ڪسوٽيءَ سان اسين پنهنجي سنڌي ادب جي اديب الهه بچايو مرحوم جي مٿين ٻنهي ڪتابن کي عموما ۽ انهن مان ”سير ڪوهستان“ ۾ آيل ڪچهري ۽ ”لاڙ جو سير“ ۾ لاڙ جي هڪ رات ۽ لاڙ جي ٻي رات کي غور سان پڙهنداسين ته اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي هن سٻاجهڙي اديب جي سنڌي عبارت مان اهوئي رس ايندو، جو هڪ عربي جي اديب کي مقامات مان ايندو آهي. منهنجي نظر ۾ الهه بچايو مرحوم جو سنڌي ٻوليءَ جي لفظن تي پوري دسترس رکندو هو ۽ نادر اکرن جو ڀنڊار هو. هن جو هڪڙو ڪارڻ سندس فطري صلاحيت هئي ۽ ٻيو وڏو ڪارڻ اهو هو، جو هو ٻي ڪنهن به مغربي يا مشرقي ٻوليءَ کان بابلند هو، اهوئي سبب آهي جو هن پنهنجي مادري زبان ۾ پنهنجي قابليت جو جوهر ڏيکاريو آهي.

مرحوم جو پهريون ڪتاب ”سير ڪوهستان“ وجود ۾ آيو. هن ڪتاب جي فهرست تي نظر ڪبي ته اسان کي هيٺيان عنون نظر ايندا:

ڪوهستان، حڪومت، ماڻهن جي پوشاڪ ۽ ڊول رهائش، کاڌو، مهمان نوازي، ڪچهري، بيماري ۽ علاج، چوپائي مال جو علاج، پيري مريدي، قبر پرستي،  قومون ۽ رواج.

صحت، هٿيار، دولت، غيرت، ايمانداري، پاڙيسرين سان ورتاءُ، انصاف.

فاضل مصنف هن ڪتاب جي تمهيد ۾ لکي ٿو ته:

”ڪوهستاني دنيا اسان شهري باشندن لاءِ هڪ نئين دنيا آهي. نئين دنيا جو سير، تفريح طبع لاءِ ضروري آهي.

ڪوهستاني ماڻهو پنهنجي هر هڪ ضرورت جا موجد پنهنجو پاڻ آهن. هو مصنف، حڪيم، فيلسوف، شاعر، سگهڙ، سالڪ ۽ هنرمند آهن. اسين جيڪڏهن سندن خوبين مان ڪي پرايون ته هوند ههڙا نستا، روڳي، ڪانئر ۽ فرقه پرست هرگز نه ٿيون.“

اڳتي هلي تمهيد ۾ وڌيڪ لکي ٿو:

”اسان جي سنڌي مصنف ڀائرن مان ڪيترن ئي سنڌي زبان وساري ڇڏي آهي، جا اڄ تائين ڪوهستاني غريب، غارن ۽ چرن ۾ ڳالهائي رهيا آهن. ڪوشش ڪري اها سنڌي، جنهن سان شاهه صاحب پنهنجي رسالي کي جڙي ڇڏيو آهي، عام جي اڳيان پيش ڪئي وئي آهي. نه فقط ايترو پر اهي لفظ، جملا ۽ اصطلاح سعيو ڪري، اصلوڪي صورت ۾ استعمال ڪيا ويا آهن، جن مان سندس هوشياريءَ جي ڀلي ڀت پروڙ پئجي ويندي.“

تمهيد جي آخر ۾ مصنف ڪيئن نه پنهنجي هن تصنيف تي ويساهه رکي ٿو ۽ نازان نظر اچي ٿو، جنهن مان سندس بلند خيالي ۽ سنڌي ساهت سان چاهه نمايان نظر اچي ٿو. فرمائي ٿو ته:

”هي ننڍڙو سير جو ڪتاب چئجي ته ڪوهستان جي تاريخ آهي، جا آئون سمجهان ٿو ته دنيا جي وڏن تاريخن سان ڪلهي جوسي ٿيندي. آئون يقين سان چوان ٿو ته جيڪي هن ننڍڙي ڪتاب مان حاصل ڪري سگهبو، سو اسين دنيا جي وڏن دفترن مان به حاصل ڪري نه سگهيا آهيون.“

ڪراچي 10 اپريل 1942ع

نيازمند

الهه بچايو يار محمد سمون

ڪوهستاني ماڻهن جو جيڪو نقشو فاضل مصنف چٽيو آهي ۽ سندن ڪردار ادا ڪيو آهي، سو پڙهڻ وٽان آهي. فرمائي ٿو:

”ڪهڙا نه دکي انسان آهن. ڪهڙي نه ڪٺن زندگي ٿا ڪاٽين! ڪيترين نه مصيبتن جو مقابلو ٿا ڪن! ڪيڏو نه خفو سر تي ٿا کڻن! زماني سندن بي وسيءَ ۽ بي ڪميءَ جو فائدو وٺي، مٿن ڪيڏا نه ڪلور ڪيا آهن! اها دکي زندگي، اها وحشياڻي رهائش، اها خسته حالي ۽ تن برهنگي، ههڙي بکن ۽ ڏکن جي تڪليف، مگر مجال جو سندن ايمان کي ڪو لوڏو اچي. پارو وڻ ساڙي، بارش جبل ڏاري، قحط سالي سطح زمين جي رونق بدلائي، مگر هنن خانه بدوش ۽ اٻوجهه انسانن جي ايمان کي ڪو ڪوسو واءُ ڪونه لڳي.“

ساڳي ڪتاب جي ڪوهستاني ڪچهريءَ ۾ ڪوهستاني ماڻهن جي جيڪا ڪيفيت بيان ڪئي وئي آهي، سا به نهايت پرلطف آهي:

”ماڻهو ڏسو ته صفا ڄٽ، لڱن تي پورو لٽو به نه جڙين، ميرا ۽ گدلا، جن سان ماني کائڻ به ڪراهت، پر هو جيڪي ٻولين ٿا سو اسان نه پڙهيو ۽ نه ٻڌو. اسان جا سنڌي مصنف، شاه صاحب ۽ سامي صاحب جي رسالن مان چند بيت ڌار لکيو، ڪتاب تيار ڪري کڻي اسان اڳيان رکن. اسين به هر هر ساڳي ڳالهه پيا پڙهون، پر هنن وٽ اهو قصو ڪونهي. نئين سج، نئون سبق. مهمان سان ڪچهري ته ڪن، پر وقت ڪيئن گذري؟ ڪچهري ڪيئن رونق افروز ٿئي؟ تنهن لاءِ جيڪو ڪن ٿا، سو سراپا علم ادب جي بحرِ بي ڪران آهي لٽريچر ته ليڪچر آهي. ڪهني ۽ وساريل تعليم آهي.“

هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1942ع ۾ ڇپيو ۽ ڇپائيندڙ:

سنڌي ادبي (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ ڪراچي ۽ ٻيو ايڊيشن مصنف مرحوم جي لکڻ مطابق 1953ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيو. پر جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي ته ڪتاب جي گهڻي گهرَ، قدرداني ۽ ايم- اي ۽ بي- اي جي امتحانن ۾ رهڻ ڪري ڪن پبليشرن لڪ ڇپ ۾ به ڇپايو ۽ کپايو، جنهن جي ڄاڻ مصنف مرحوم کي به ڪانه پئي.

ٻئي ايڊيشن بابت مصنف مرحوم ”شڪريه جي عنوان سان هڪ صفحو وڌايو آهي ۽ سنڌ سرڪار جي سنڌي ادبي بورڊ جو شڪريو ادا ڪيو اٿس.

مرحوم جو ٻيو ڪتاب آهي ”لاڙ جو سير“

هن ڪتاب ۾ فاضل مصنف طرفان هيٺين عنوانن تي سنڌي ادب جون موجون ماريندڙ مهراڻ پيش ڪيو ويو آهي:

مهاڳ، لاڙ، لاڙ جي تواريخي اهميت، لاڙ جي ادبي اهميت، سنڌي شعر جي مختصر تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، لاڙ جي هڪ رات، لاڙ جي ٻي رات، جهنگ جو سير، لاڙ جا ماڻهو، ماڻهن جي رهائش ۽ پوشاڪ ۽ صحت.

هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ فاضل مصنف فرمائي ٿو:

”هن کان اڳ ’سير ڪوهستان‘ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪوهستاني ماڻهن جي رهائش، خورش، ٻولي ۽ تهذيب چٽيءَ طرح بيان ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ لاڙ واري ڀاڱي جو احوال قلم بند ڪيو وڃي ٿو.“

اڳتي هلي مهاڳ ۾ لاڙي ٻوليءَ بابت هن طرح اظهار فرمائي ٿو:

”لاڙي ٻولي وڌيڪ رسيلي ۽ سوادي آهي، تنهن جو مقصد اهو آهي ته سنڌي زبان جي ٺهڻ جو ڪارخانو لاڙ هو. اڄ جا ٻولي لاڙ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، سا عام سنڌي زبان جي ماءُ پيءُ وانگر آهي، اهوئي سبب آهي جو منجهن ميٺاج گهڻو موجود آهي. سنڌ جي ٻين ڀاڱن ۾ جنهن طرز تي سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي يا جيڪي ٻوليون مثلاً ٿري، وچولي، اترادي وغيره ڳالهايون وڃن ٿيون، سي ٻوليون لاڙي ٻوليءَ جون اهڙيون ڌيئرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جهڙو جهوني چال وارن مائٽن جون اڄوڪي نٽ شٽ واري وقت ۾ ڄاول ڌيئون يعني رڳو ويس مٽيل اٿن، باقي مهانڊا ۽ اهڃاڻ بلڪل مائٽن جهڙا اٿن.“

اڳتي هلي هڪ شڪايت به ڪري ٿو. چوي ٿو ته:

”اڄ ڪلهه هلنديءَ پڄنديءَ وارن ماڻهن انهن مالڪن کان نه رڳو ميراث کسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گهڻي ڀاڱي کسي به ورتي آهي. يعني لاڙي ٻوليءَ کي ترڪ ڪري وچولي والي ڀاڱي جي ٻوليءَ کي پنهنجي ٻولي ڪري مڃيو آهي ۽ لاڙين کي نڙيءَ تي لت ڏني اٿن، ته اوهين به اهائي ٻولي ڳالهايو. انهيءَ ڪري هو نه فقط ٻاتا ٿي پيا آهن، پر پنهنجي ٺيٺ سنڌي ڳالهائڻ کان عاري به ٿي ويا آهن. انهيءَ ڪوتاهه انديشيءَ جو نتيجو اهو وڃي نڪتو آهي جو اڄ سنڌ ملڪ اندر سنڌي ڄاڻن جو ڏڪار پيو ڏسجي.“

لاڙي ٻوليءَ کي ”نماڻي“ ثابت ڪرڻ لاءِ فاضل مصنف ڪيڏو نه زوردار دليل پيش ڪيو آهي. لکي ٿو:

”پري نه وڃو، شاهه عبداللطيف جو رسالو کولي ڏسو. جتي جتي نماڻائي ۽ عاجزي ظاهر ڪئي ويئي آهي، اتي اتي انهيءَ جو لاڙي محاورن يا لاڙي لفظن سان اظهار ڪيو ويو آهي. مثلاً مهجو ڪڄاڙو ڀينر هن ڀنڀور ۾.“

هي سٽ پڙهندي پنهنجي تخيل کي ٿورو تيز ڪريو ۽ پوءِ اها سٽ پڙهندي سسئي جو تصور پنهنجي آڏو جهليو. ڏسو ته انهيءَ سٽ ۾ ڪيڏي نه انڪساري بيان ڪيل آهي. جيڪڏهن ساڳي سٽ شاعر هن ريت چوي ته:

”منهنجو آهي ڇا ڀينر هن ڀنڀور ۾“

ته به معنيٰ ۾ ڪو ڦير نه پوي ها، ليڪن هڪ لفظ ”ڪڄاڙو“ ڪم آڻڻ ڪري جا نماڻائي ظاهر ٿئي ٿي، سا ”آهي ڇا“ مان ڪانه ٿي نڪري، پر پاڻ ان مان آڪڙ جي بوءِ پيئي اچي.

اڀي اوسڙان اس ۾ جهلئو ڪن ڪار

”اڀي اوسڙان“ اوسيڙو لفظ لاڙي رواج مان آندل آهي. هتي ٿورو ويچار ڪري ڏسو ته انتظاريءَ جو نقشو نه فقط هڪ لفظ اوسڙان جي ڪم آڻڻ ڪري ڪيترو نه چٽو ۽ صاف بيهي ٿو. منجهس ڪيڏي نه نماڻائي پئي ظاهر ٿئي.

اهڙيءَ طرح ٻيون به ڪيتريون ثابتيون آڏو رکي لاڙي ٻوليءَ کي نماڻائي ٻولي ثابت ڪيو ويو آهي.

”لاڙ جو سير“ سڄي موتين جي هڪ مالها آهي، جو هر هڪ موتي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي نهايت نرالو ۽ سهڻو نظر اچي ٿو، پر جيڪا ٻولي ”لاڙ جي رات“ ۾ استعمال ڪئي ويئي آهي، سا پنهنجي لطافت، فصاحت، سلاست ۽ بلاغت ڪري وري وري پڙهڻ لاءِ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ڪشش ۽ جاذبيت جو سامان مهيا ڪري رهي آهي. اسان جي ٻن، چئن ورقن جي هيءَ پونجي انهيءَ املهه وٿ کان واندي ٿي ته ڄڻ ڪجهه به هڙ نه حاصل ٿي ۽ سودو سڦلو نه ٿيو، تنهن ڪري پڙهندڙ جي رس لاءِ ان جو به ٿورو واس وٺون ٿا. فاضل مصنف هن طرح پنهنجي گلدسته جهڙي گل افشان وات سان گل هاري ٿو:

”آئون پنهنجي عقيدي موجب لاڙ جون ليون لتاڙيندي جهنگ جهر جهاڳيندي، ڪهي وڃي ڪينجهر ڪنڌيءَ پهتس. پريان سونڊن جو شهر به سڏ پنڌ تي هو، هيڏانهن هيلا يا به هڪيا منهن ۾ هئا، پر چيم ته جنهن سانگي سان سفر سنڀوڙو آهيان، اهو سانگ شهرن مان سرجي ڪين سگهندو. تنهن ڪري پري وڃان پکيرن جي پار. ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ رس ڀري رهاڻ ڪرڻ وارا راڻا، ضرور لين ۽ لاڻن جي اوٽ ۾ هوندا. ائين اوريندي لڪي ويس هڪ ٺٺ ۾. وڏيرڙي وانڊ ۽ ويڙ هئي، منجهس ڏهه پندرهن پرهياڙو هئا. مون کي هڪ ڇني ۾ ڇتر وجهي ڏنائون. خير جو سج لٿو، مال سهڙيا. هاري ناري ڍور ڍڳا ٻڌي ڀاڻين ڀرياءِ ٽڪر ٽانبو کائي حقو سرڪري سرندا آيا.“

هن کان پوءِ ”جهنگ جو سير“ عنوان هيٺ جيڪي ڏور جا بيت شاهد ۽ رمزون لکيون اٿس، تنهن ۾ ته ڇيهه ڪري ڇڏيو اٿس.

مرحوم جي انهيءَ سفرن مان اسان کي عربي لغت جي امام اصمعي جو نقشو آڏو اچي وڃي ٿو، جو هو به عربي ٻوليءَ جو نج اکرن هٿ ڪرڻ لاءِ عرب جي ريگستانن ۾ وڃي ڏونگر ڏوري بدوين ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن سان ملندو هو ۽ ساڻن رهاڻون ڪندو هو. اسان جي هن هيري ۽ سٻاجهي سنڌي اديب جو به هن ڳالهه تي پورو ويساهه هو ته هر هڪ ملڪ جو علم ادب، تهذيب ۽ تمدن، حسن اخلاق جيترو ٻهراڙيءَ م سٿيل آهي، اوترو شهرن ۾ ڪونهي. وڏو شهر، وڏي ويراني، تنهن ڪري جي ڪو آدمي کوجنا لاءِ ڪٿي وڃي ته اهو وڃي پکيرن جي پنا1ري پوي. اتان جيڪي هڪ رات ۾ هٿ ڪري سگهندو، سو شهرن مان سال ڀر رهڻ سان به ڪين وٽيندو.

هن ڪتاب لکڻ تي مصنف کي انعام پڻ مليو هو، جيئن ڪتاب جي شروع ۾ هن طرح به لکيل آهي:

هن ڪتاب لاءِ مصنف کي سنڌي ادب (ساهتيه لاءِ) مرڪزي صلاحڪار بورڊ 175 روپيا انعام ڏنو آهي.

لالچند امر ڏنو مل

جوائنٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي (ساهت)

مرڪزي صلاحڪار بورڊ ڪراچي

آخر ۾ اسين هن لکڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿا ڪريون ته اسان جي هن سهڻي ديس سنڌ ۾ سنڌيءَ جا ٻيا به گهڻائي اديب ۽ عالم پيدا ٿيا، پر جڏهن اهي هڪ ئي وقت ٻن ٻولين جا به وڏا ڄاڻو ۽ اديب هئا، تنهن ڪري انهن مان ڪن ٿورن کان سواءِ ٻين جي سنڌي تحرير ۾ اوهان کي اها يڪساني نظر نه ايندي جا هن سنڌي خوانده اديب مرحوم الهه بچايو سمي جي تحرير ۾ نظر ايندي. انهن مان ڪن ٿورن ٿوري وقت لاءِ طبيعت تي زور رکي خالص سنڌي الفاظ اچاريا به هئا، پر جي اوهان سنڌي لکڻيءَ تي تنقيدي نگاهه وجهندا ته اوهان کي چٽائيءَ سان اهو پتو پئجي ويندو ته ان جي پڇاڙيءَ تائين نباهه نه ڪري سگهيا آهن، جهڙو نباهه سمي مرحوم جي سندر سنڌي تحرير ۾ ملي ٿو.


(1) ڏسو ادباءُ العرب بطرس البستاني مطبع بيروت صفحه 463-464

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com