سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هدايت الانشاء

باب :1

صفحو :2

باب پهريون

 

فصل پهريون

پيرن جي ارشادنامن ۽ مريدن جي عريضي ۾ هن قسم جي نمونن کي اُهي پير ۽ مريد ڄاڻن، جن تي سڀني شرطن سان پيريءَ ۽ مريديءَ جو نالو برابر اچي ـــ پر هتي اڳوڻن جي برڪت واري ڪلام مان ڪجهه انتخاب ڪري ٿو لکجي:

 

عريضو (1)

مريدن جو نپائيندڙ، سالڪن کي مقصود جي منزل تي پهچائيندڙ، طريقت ۽ معرفت جي گودڙيءَ جو سينگار، ايمان ۽ ايقان جي دستار جو جنسار، فيض جو سمنڊ ناپيدا ڪنار، مخلص جو قبلو ۽ مدار ــ شال اُن جي هدايت جو سج مڙن سچارن اعتقاد وارن تي چمڪندڙ هجي، ۽ خدا جي ڳوليندڙن جي واٽ مان آڏن وَرن کي پاسي ڪندڙ هجي!

سلام ساهه بخشيندڙ، روح پاليندڙ، مشڪل پينهندڙ، عطر ڇٽيندڙ، انهيءَ مجلس شريف ۽ محفل منيف، علم ۽ عرفان جي انوارن چونڊڻ ۽ هدايت ۽ فيض جي هٿ ڪرڻ جي جاءِ تان گهوريو، دعا جي لوازمن سان، جنهن جي اجابت جا نشان زماني جي صفحن تي ڏٺل، ۽ قبوليت جا اثر ورهين ۽ مهينن جي ورقن تي ثابت ٿيل هجن ـــ ان عالي خدمت، متعالي منزلن ۾ گذارش ڪرڻ بعد، پاڻ کي ان آستان فيض نشان جي خادمن مان ڳڻيو، ان خاطرِ عاطر تي هنيل دل جي غرض جو عرض ٿو ڪجي، ته ضمير منير آفتاب تنوير تي جو غيبي انوارن جي لمعن ۽ لاريبي اسرارن جي لمحن کان مستنّر آهي. اوهان جي ذات بابرڪات لاءِ هن ڪميني جو دعائن جي وظيفن تي دائم رهڻ، ۽ ثنائن جي عادتن تي قائم رهڻ پوريءَ طرح معلوم آهي؛ تڏهن ان معنيٰ جي طوالت سببان ۽ ملامت جي خوف کان قلم جي گهوڙي جي واڳ کي ٿو موڙجي.

”ڪرڻ بيان صفت شوق جي جِي حاجت ناهه،

زبان حال جي مون کان چڱي، ڪندي تقرير.“

جنابا! هن نامراد جي مراد، هن نياز جي رسالي جي ارسال مان هيءَ اهي، ته جيڪڏهن ڪرم واري خاص توجهه سان هن اَڀريءَ ٿوري موڙي واري کي ڪا ساعت خلوت باسعادت ۾ جاءِ ڏيندا، ته مٿي مان پير ڪري، خدمت فيض موهبت ڏي ڊوڙي ايندو، ۽ جيڪو هن نابود جي وجود تي وهي واپري ٿو ۽ لکڻ ۾ سڀئي برابر ڪين اچي ٿو، سو تفصيل سان ان سج آسمانِ ڪرامت جي خدمت ۾ عرض رکندوـــ

”جي اچي هٿ مون کي اسرارن جو واقف مثلِ گل،

دل منجهان غم جا ڪڍي سڀ ٻهر اُڇليان خار خار.“

زيده، ولايت جو پيرهن، جنهن جي هڪڙي تند سان هزارين سڪندري ۽ دارائي خلعتون نه پڙن، قيام قيامت تائين، ان قامت باڪرامت تي سونهندڙ هجي!

نوٽ: هن جو جواب پير جي مرضيءَ تي موقوف آهي، تنهنڪري ان جي ڪا صورت نه ڏيکاري ويئي آهي.

 

عريضو (2)

شريعت جو مدار، طريقت جو سينگار، حقيقت جو جنسار، معرفت جو مهندار، سالڪن جو سردار، عارفن جو سالار، الاهي اسرارن جو واقف، ڳجهين حڪمتن جو عارف، هدايت جي دائري جو نقطو، ڪرامت جي ڪتاب جو نڪتو ــ شال قيامت تائين مخلص ۽ مريد ان جي ارشاد کان مستفيد هجن!

”جهان تنهنجي صفتن کان پُرنور هوءِ،

مڙئي فيض تنهنجي مان مخمور هوءِ:

ڪريان وصف ڪهڙي، جو برسر زمين

سندءِ در سدا بيت معمور هوءِ!“

اعتقاد جي پيشاني، ان آستان فلڪ نشان تي گهَيو، مجلس حضور جي بساط چمڻ سان سعادت جا نور چونڊيو، نيازن ۽ بندگي ۽ ادبن ۽ سرافگندگيءَ جي سلامن رکڻ بعد، عرض ٿو گذاري ـــ

”تنهنجي تعظيم جي ٿي عالي جا،

ذڪر ڪونَين جو تنهنجي دعا؛

آهي عرفانَ جي ڪنجي تو هٿ،

آهي ٽِڪ هيٺ تنهنجي ملڪ هدا!“

عالم جا قبلا، منهنجو قلب ۽ روح اوهان تان فدا هجي! مدت مديد کان حسن ۽ عشق جي حقيقت پروڙڻ ۾، عقل ۽ شعور گم اٿم، ۽ ان جي ڪماحقہ تعريف کي فهم ۽ ادراڪ ڪنهن وقت ڪين رسيم ـــ

”ٿيو محو ان فڪر ۾ منهنجو جسم،

حقيقت جو هٿ ڪونه آيوم اسم“.

ڪئين مرتبا حضور فيض گنجور ۾ ان جي ماهيت پڇڻ جي آرزو ڪيم، پر زبان تاروٽيءَ ۾ بند رهيم؛ ڪڇڻ جي طاقت ڪانه ٿيم:

ڳنهي ڳجهه ڳالهيون آيس اوهان ڏي،

چيم، ’چوندس سي چيتاري سڀيئي‘،

ٿيس جان روبرو، تان دل نه ساڳي:

اها ڳت ڳالهه مت وسري مون ويئي!“

هاڻي، جڏهن اها تمنا سانڍي وڃي ڀانڊي پيئي، ۽ وس کان نڪري ويئي، تڏهن دل ۽ زبان تي پلٽجي پيئي. قلم جي نوڪ مان ڪي قطرا ڪِريا، سي به سڀ جي هوند جمع ڪيم، ته دفتر ڀريا، پر انهيءَ خوف کان ته متان ان طومار طويل جو مطالعہ جناب جي خاطر شريف تي ثقيل ٿئي، ۽ ان جي سببان حضور جي وقتن سڳورن کي حق جي مشغوليءَ کان تعطيل ٿئي، هي ٿورڙا اکر عرض رکيا ويا. رجا واثق ۽ اميد صادق، ته ان جي جواب جي ارشاد سان سعادت ابدي ۽ فيض سرمدي کي پهچائيندا ـــ

”اي سڳورا رهنما راهِ هدا!

دين ۽ دنيا سندو تون مقتدا.

تنهنجي هٿ ڪنجيون حقيقت جون همه،

مون تي ڪج ڪا مهرباني لڳ خدا!“

زياده، ارشاد ۽ هدايت جا ستارا وجود جي عالم تي عام روشني ڪندڙ ۽ ولايت جا نشان شهود جي مقام سيني مٿاهان ٿيندڙ هجن ـــ فقط.

جواب

مخلص صادق، محب وائق، فقيرن سان دوستي ڪندڙ، اهل الله سان محبت رکندڙ، صفا وارن ڀائرن وٽ وڻيل، وفادارن دوستن وٽ ڌئل، صفتن ساراهيل اخلاقن واکاڻيل، ميان (فلاڻا) سلمه الله تعاليٰ ــ آمين.

سلام سنت اسلام ۽ دعا خيريت انجام بعد مطالعہ ڪجو، ته اخلاص ڀريل خط موچاري وقت ۾ رسيو: شوق ۽ محبت جو واڌارو ٿيو. محبا! اوهان حسن ۽ عشق جي ماهيت پڇي هئي، سو انهيءَ درياءَ جي پرين ڪنڌيءَ جو پرو ڪونهي؛ انهيءَ اونهي ڪُن جو ترو ڪونهي. انهن جي صفتن ۾ عقل اجهن ٿا ۽ متيون منجهن ٿيون. سڀڪنهن پنهنجي پروڙ موجب سندين وصف جام ئي، پر جيئن جڳائي تيئن هر طرح تام نه ٿي. ڇا چئجي، ڪهڙي تعريف ڪجي! حسن ۽ عشق، ٻيئي پکي آهن وحدت جي آکيري مان اڏامي آيل، ۽ جهنجهائي مظهرن جي ٽاريءَ تي آراميل. جي معشوقي عزلت جو هوڪو پئي ٿو، يا عاشقي محبت جو آواز ٿئي ٿو، ته ٻيئي اتانهان آهن. هن اجمال جو تفصيل آهي ته جنهن خلوص ۾ هستي بي نشان هئي ۽ عالم نيستيءَ جي ڪنڊ ۾ پنهان هو، تنهن ۾ هڪڙو وجود، ٻيائيءَ جي نقش ۽ ”آءٌ“ ۽ ”تون“ جي گفتگو کان پاڪ، موجود ۽ عيان هو. اهو جمال، مظهرن جي قيد سان نه لڳندڙ، پنهنجي نور جو پاڻ تي ظهور ڪندڙ هو. غيب جي ڏهليءَ ۾ هڪڙو محبوب هو، جنهن جي دامن عيب ۽ تهمت جي لڳڻ کان ميرا، ۽ ذات بي شبهي ۽ بيمثلي ۾ يڪتا: نه منهن اڳيان آرسي هيس، نه زلفن ۾ ڪا ڦڻي پيس، نه صبا کي ان جي تري مان ڪا تار هٿ آئي، نه ان جي اک کي سرمي جي لٽ ڏسڻ ۾ آئي، نه ان جو گل سنبل ساڻ پاڙوسي ٿيو، نه ان جي سبزي گل وانگر ڪو جنسار ڪيو؛ نه ان جي منهن ۾ ڪو خط ۽ خال هو، نه ڪنهن جي اک جو ڏٺل ان جو جمال هو. دلبريءَ جو هوڪو پاڻ کي ٿي ڏنائين، عاشقيءَ جي راند پاڻ سان ٿي کيڏيائين ــ پر نيٺ خوبروئيءَ جي حڪم سببان، جو سدا جاري آهي، ته خوبروئيءَ لاءِ پردي ۾ هميشہ تنگ خوئي ۽ لاچاري آهي، تقدس جي اقليم کان ٻاهر خيمو کوڙيائين ۽ آفاق ۽ انفس کي نور جي تجلي سان نهوڙيائين ـــ

”سدا ڪم حسن جو پرده دريءَ سان،

بندين در، تان ڪڍي سو سردريءَ کان:

نظر ڪر، پس تون لالا کي جبل ۾،

ته ڪنهن پر سو بهاريءَ جي عمل ۾ ــ

ڪنڊن تي پيرهن چيري ٿو اڇلاءِ،

جمال کي پنهنجي پڌري ڪرڻ لاءِ!

نه دل سڀڪنه نجي منجهه معنيٰ اها پوءِ،

جا معنائن جي دفتر ۾ عجب هوءِ،

خيال ۾ تنگ هي مضمون ٿيندو،

نه منجهه تقرير ۽ تحرير ايندو ــ

تقاضا حسن جي ايءَ آهه هر جا:

ازل جي حسن کان پهرين ٿي پيدا.“

غرض ته پوءِ سڀڪنهن آرسيءَ مان پنهنجو منهن پسايائين ۽ هر جا پنهنجي عشق جي گفتگو هلايائين: ملڪ ۽ ملڪوت تي ان مان هڪڙو لمعو چمڪيو؛ ملڪن، فلڪ جيئن پاڻ کي سرگردان معلوم ڪيو. سبوحي سبوح چوندڙ بيخوديءَ جي صبوح جا ڳولا ٿيا؛ ۽ انهيءَ بحر ۾، فلڪ به جنهن جو هڪڙو ڦوٽو آهي، ٽوٻيارن جا ”سبحان ذي الملڪ و الملڪوت“ جا غوغا پيا! گل تي ان جي سونهن جو ڪو پرتو پيو، جنهن جو بلبل جي دل ۾ شور پئجي ويو شمع جي منهن کي انهيءَ آتش مان روشني ملي، جنهن تي هرجا هزارين پتنگن جي جان جلي! سج تي ان جي نور جو ڪو تاب پيو، جنهن لاءِ نيلوفر پاڻيءَ مان مٿو ٻاهر ڪيو. ليليٰ جي منهن کي به ان جي منهن وٽان ڪو عڪسي پرتوو پڙ پيو، جنهن جي هڪڙيءَ ديد هزار جهڙپ سان مجنون جي دل کي جهڙپيو: شيرين جو شڪر ريز چپ اُپٽيائين، فرهاد جي جان ۽ پرويز جي دل پٽيائين، ماه ڪنعانيءَ جي حبيب مان مٿو ٻاهر ڪڍيائين؛ ري هٿيار زليخا جي دل وڍيائين، انهيءَ جي جمال هرجا جلوا ڪيا، ۽ عالم جا معشوق سندس پردا ٿيا. انهيءَ جي عشق کان دل کي زندگاني آهي؛ انهيءَ جي شوق کان جان کي ڪامراني آهي. توڻي ڪا دل سهڻن جي عشق ۾ ڦاسي ٿي، ته يقين ڄاڻي ته ان جي عشق ۾ ان جي حسن کي ڏسي وائسي ٿي، بلڪ هينئن چئجي، ته اهو پنهنجي ذات جي ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي صفتن کي عاشقيءَ ۽ معشوقيءَ جي آرسي ۾ پيدا ٿو ڪري.

”اهو آهي عاشق مٿي حسن پنهنجي،

ڪري پاڻ سان حسن پنهنجو تماشا“.

حضرت خواجه احرار قدس سره فرمايو ته: جي تعمق سان نظر ڪندين ته حق تعاليٰ جل و علا، مڙني مرتبن جي سڀڪنهن مرتبي ۾، پنهنجي غير کي دوست ڪين رکيو آهي؛ ڇا کان، جو جمال واري جي آرسيءَ سان دوستي سببان آرسي نه آهي، بلڪ ان ۾ پنهنجي جمال ڏسڻ لاءِ آهي، تڏهين حقيقت ۾ پاڻ کي ئي رکيو اٿس.

”’يُحِبُهم و يُحِبُونہ ۾‘ اقرار آهه،

حجاب هيٺ اهو پانهنجو خريدار آهه.“

عزيز! حقيقت ۾ نهاريندين، ته عاشق ۽ معشوق پاڻ آهي، پاڻي ۽ مٽيءَ تي بهاني کان واڌو ڪينهي. هتي پروڙڻ ۽ پساهه گهٽڻ ڌاران علاج به ڪينهي. ظاهر آهي باطن ڏيکاريائين، عاشقيءَ جو آواز پيدا ڪيائين، باطن کي ظاهر لاءِ سينگاريائين، معشوقيءَ جو نالو رکيائين. ”يَفعَلُ الله مَايَشَاءُ وَ يَحڪُم مَا يُرِيدُ“ ٻيو نڪو هو، نه ڪنهن ڪي ڪيو ــ حسن ۽ عشق جي ماهيت جو اِهو مختصر بيان آهي، زياده شال توفيق رفيق هجيوَ.

 

عريضو (3)

محققن جو مهندار، مقربن جو سردار، عارفن جو قبلو، واصلن جو ڪعبو، شريعت ۽ طريقت جو جامع، حقيقت ۽ معرفت جو نور لامع، هدايت جي بيان کي تازو رکندڙ، ۽ ان جي ’ڊٺلن اثرن ۽ محو ٿيلن نشانن کي نئون ڪندڙ، ارشاد جي بنياد کي محڪم فرمائيندڙ، علو جي درجن ۽ قرب جي مقامن سان پهچائيندڙ، واردن الاهين ۾ يد بيضا ۽ قوت قويءَ جو صاحب؛ حقيقتن جي ڪشفن ۽ هلندڙن تصرفن ۾ ٻانهن ڊگهيءَ جو صاحب ــڱ شال هميشہ  زهد شعار رهيس، مخفي ٿيل اسرار اُن اڳيان پيدا هجن، ۽ لڪل حقيقتون ان وٽ هويدا هجن:

”سرّ لاهوت، همنشين سندوءِ،

فيض الهام حق قرين سندوءِ،

ڳجهه ڳجها ڄاڻي تنهنجي روشن دل،

آهه پيو در تي دل حزين سندوءِ.“

سلام ۽ تحيت اخلاص جي بنياد تي اڏيل بنا ٿيل، ۽ تعظيم ۽ تڪريم قلب جي محبت جي خبر ڏيندڙ ۽ ان جي نائب هئل، دعا ۽ ثنا اُن ذات بابرڪات لاءِ سدا قبول پيل، ۽ بندگي ۽ سرافگندگي ان خدمت باعظمت سان مناسب ۽ وڻيل، حضور پرنور وافرالسرور ۾ ادبن سان ادا ڪريو، عرض کي ٿو سينگارجي:

”خدا ري ڪونه رتبو تنهنجو ڄاڻي،

توکي جنهن خلقيو سو ٿو سڃاڻي.

سندءِ در جڳ جي لاءِ جاءِ سجدي،

عرض عالم وٽ ئي ان لاءِ آڻي.“

مڪتوب، بهجت اسلوب، معتقدن جي قلبن جو محبوب، مخلصن جي دلين جو مرغوب، شرف جي آسمان کان وحيءَ وانگر نازل ٿيو، غلام، تراب الاقدام، سچي ويساهه ۽ اخلاص جي ارڪانن جي محڪميءَ جو سبب سمجهي، ۽ موچاري اعتقاد ۽ خالص مراد جي بنياد جي پڪائيءَ جو وسيلو ٻجهي، ان کي چمي، سيني سان لائي، اکين تي رکي، اتانهون شرف ۽ مٿانهون فخر حاصل ڪيو: پڌريءَ عيسوي ڪرامت سان مئل قلب کي جياريائين، ۽ پنهنجي نعمتن جي باغيچي سان دل تان اندوهه جو عذاب ٽاريائين، مطالع بعد سيني کي سرور ۽ قلب کي قرار ڏنائين، ۽ وهم غم جي ول کي ڇڪ ڏيئي ڇنائين.

 

غزل

رسيو رسول،[1] ڏنائين اچي ڪتاب پيام.

نيازمند کي بخشيو جنهين مٿانهون مقام.

اُن جو هرهڪ جملو ٿي وحيءَ جي آيت،

سڄئي خطاب سو روح الامين جو پيغام.

 

ڪلام سبع مثاني جو ڄڻڪ ثاني سو،

سماء فضل جي کان نازل اچي ٿيو الهام.

 

رسي ان جي منجهان حرف حرف راحت روح،

ٿيو ان جي منجهان لفظ لفظ مقصد تام.

 

سري سعادت ٿي مشڪلن جي آساني،

پني اميد، ٿي دل جي سڀ مراد تمام.

 

نه آءٌ لائق ان لطف جو هڏه آهيان،

ڪري گذر جو مٿي دل اوهان جي منهنجو نام.

 

”فدا“ فقير جو اُن تان هجي هي ساهه پساهه،

علو جنهن کي عنايت ڪري ٿو ان جو سلام.

 

سلام هيڪ رسي آهنجو تان چوان آءٌ:

هزار بار عَليڪمُ السلام والاڪرَامِ.

 

جنابا! جڏهن اوهان جي توجهه عاليءَ سان حسن ۽ عشق جي حقيقت جي معرفت آشڪار ٿي، تڏهن مهربانيءَ جي گستاخ ڪيل دل، عاشق ۽ معشوق جي صفتن معلوم ڪرڻ لاءِ موٽي ٻيهر عرض گذار ٿي: هزار اداس سان قوي آس آهي ته ٻنهي جي حقيقي ۽ مجازي وصف کان آگاه فرمائيندا؛ ۽ هن نيازمند جي نياز جي چوٽيءَ کان خاڪ تان کڻي افلاڪ سان پهچائيندا. زياده، ارشاد جي دوام ۽ فيض جي عام هجڻ جي دعا ۽ ثنا ڌاران، ڪهڙو عرض ڪري:

”ڪيا اسرار توتي رب روشن،

ڪيئين آن پيشوا سڀ علم ڏيئي.

 

تڏهن تو در اچن دم دم مڱڻ فيض،

حقيقت معرفت وارا مڙيئي.

 

بقا باقي هجيئي ارشاد دائم،

سڀن توکان سرن مقصد سڀيئي.“

 

جواب

ڀاءُ ديني، دوست يقيني، مخلص خاص، سچي اخلاص ۽ خالص اختصاص وارو، سدا مقصدن سان سوڀارو، ميان (فلاڻي) ـــ سلمہ المنان!

منت اسلام جي سلامن ۽ اشتياق جي پيامن ۽ مڙن مدعائن لاءِ قبول پيل دعائن بعد، ظاهر ڪجي ٿو ته محبت نامو رسيو، وقت سرخوش ڪيائين. تنهن جي جواب ۾ لکجي ٿو ته عاشق ۽ معشوق جي حقيقت جي پوري صفت ڪڏهن ڪنهن تي ظاهر نٿي رهي، ڪوئي حال سوا قال سان ان جي پروڙ ڏي رستو نٿو لهي، مگر اوهان جي خاطر راضي رکڻ لاءِ، جيڪي ناقص علم ۾ اچي ٿو، سو پڌرو ڪجي ٿوــــ

 

”ان جي پيچان زلف جي اڄ ڳالهه،

منهنجي چپ مان سڄي ادا نه ٿئي،

جنهن به صورت ۽ شڪل ۾ ٿو چوان،

وات ۾ وٽجي، ڄڀ صفا نه ٿئي.

عزيزا! عاشقي، معشوق جي رغبت ڌاران ڪنهن کي حاصل نه ٿيندي، جي اهو پاڻ عنايت نه ڪندو، ته ڪنهن کي هٿ نه ايندي. ڀلا جي يار طلبگار نه ٿئي، ته خاڪ جي مٺ کي ڪهڙي طاقت، جا پاڻهي ان جي عشق ۾ گرفتار ٿئي؟ موسيٰ عليہ السلام کي ”واَلقَيتُ عَلَيَڪ مُحَبَّةً مِنّي“ جي دولت سان مخصوص ٿو ڪري، تڏهن ”رَبِ اَرنِي“ جو دم ڀلي ڀري ـــ ”يُحِبّهّم ويُحِبّونہ“ ۾ جا سنديس محبت ٻانهن سان ۽ ٻانهن جي ساڻس فرمائي اٿس، تنهن ۾ پنهنجي پاران محبت جي ابتدا ڄاڻائي اٿس؛

يُحُبّهُم ويُحِبونَنہ ۾ فرمائي،

شروع حب جو اول اسان وٽان آهي.“

اها ٻانهي سان الله تعاليٰ جي محبت رکڻ، تنهن مان مراد اها ورونهن آهي، جا ٻانهي کي ان جي پاڪ جناب ڏي جذب ڪرڻ ۽ ڇڪڻ جي گهُرندڙ ٿئي، ۽ ان کي غير سان مشغول ٿيڻ نه ڇڏي، تڏهن ٻانهي جي محبت، ڌڻيءَ جي محبت جو فرع ٿي، تنهن جو دليل هيءُ، جو ان ٻانهي جي محبت کان پهرين پنهنجي محبت ذڪر ڪئي. هيءَ محض ازلي بخشش آهي، نه ته ٻانهون ان جي لائقي ئي ڪانه ٿو رکي.

”رياضت مان رضا ڪانهي، نه هوءِ جي لطف بخشايش:

ان مان عيش دلداري، ان مان اَمن آسايش.“

حقيقي حسن جو عاشق نه ڪونين جو طلبگار هجي، نه اڄ سڀان جي غم ۾ گرفتار هجي! طلب جي اُڃ تار هجيس، حسن جي شمع تي سڙڻ جي سودا ۾ پرواني واري ڪار هجيس؛ عشق جي درد ۽ آزار ۾ صبر جهلڻ ۽ ماٺ ۾ اُهو رتبو ۽ مرتبو حاصل ڪري، جو ڪنهن کي ڪنهن رياضت مان نه سري:

”عشق جو قيدي سدا آزاد هوءِ،

سوَ غمن سيني ۾ تن سان شاد هوءِ.

ري سڙڻ سودا نه پرواني مثال،

سر ويو تان سڀ ٿيو سودو بحال.

اِي سڙڻ ناهي، سڙڻ آهي سچِي،

اِي سڙڻ آهي ٿيڻ پختو پچي.

اِي سڙڻ سڪندن جي لاءِ آهي سونهن،

اِي سڙڻ واڍوڙئن ڪارڻ ورونهن.

اِي سڙڻ آهي صداقت جو دليل،

اِن سڙڻ جي قدر کي ڄاڻي خليل.

عشق ڇا آهي؟ وڃائڻ هي وجود،

خاڪ ۾ ٿي خاڪ، پوءِ آڻڻ سجود.

ٿي وڏي نعمت سان هر شيءِ اي عزيز!

منجهه بلا محنت هجي نقصان چيز.

عشق نعمت سان ٿئي نقصان پذير،

منجهه بلا محنت هجي سو جلوه گير.

عشق جو احوال عاشق تي عيان،

هو سڻي سمجهي اُهو ڄاڻي بيان.

ناهي ان کي ڪو ڪنن ڄڀ جو ضرور،

منجهه چئي، منجهين سڻي، منجهه سانڍي سور.

هجن عشّاقن تي دائم رحمتون،

عشق ۾ جن ترڪ ڪيون سڀ نعمتون.

هوءِ همت عاشقن جي تي آفرين،

عشق جي آزار ۾ ڪڻڪن جي ڪين.

توءِ ناهن ڪو ڪٿي ياور ۽ يار،

صبر سان سڀ ٿا سهن برسر سي بار.

آهه بيشڪ عشق جي دولت عجيب،

او چڱا جي عشق پاڙهي ڪيا اديب.

توڻي سوَ ڪار آزمائِي ڪو ڪري،

عشق ري ڪنهن مان نه نابودي سري.

عشق نعمت آهه توڻي سو مجاز،

جو حقيقت جو هميشہ ڪارساز.“

عزيزا! مجاز، مطلق جمال جي مظهرن جو عشق آهي؛ تنهنڪري سڀڪو سالم طبع وارو اُن کي ٿو ساراهي ـــ ضرور آهي ته پهرين ان جي آتش ساڙي ڦلهيار بنائيس، ۽ ان مان دل جي اک جو سرمو پائيس، ته سا منور ٿئيس، ۽ ٻيو غيبي نور نظر اچيس، غيبي حسن جا تماشا پسائيس، ۽ اهو پاڻ ۾ محو فرمائيس:

”ڪيو اک سين مٿي جي مون نظر منجهه صورت،

معنيٰ جو ٿيو جيئن ته اثر منجهه سورت ـــ

هي عالم صورت جو، اسين پڻ صوري؛

معنيٰ کي ڏسون ڪين مگر منجهه صورت.“

غرض ته انهيءَ جي جوش ۽ خروش جي حصول بعد، اطلاق جي مرتبي ڏي ڪو عبور واقعي ٿيو ته ڪهڙو نه سڻائو پُکو پيو! ڇا کان جو، هيءَ حقيقت جي پُل آهي، تنهن ۾ يقين جي پل تي اُڀو رهڻ مقصود جي منزل تي پهچڻ کان ٿو راهي. انهيءَ مجاز ۾ به جي بوالعجبيون آهن؛ سي به انهيءَ حال وارا سمجهن؛ قيل ۽ قال ۾ اچيو نٿيون سگهن. اهو مجاز به فقط ڪنهن سونهن يا صباحت يا مَٺيءَ يا چڱيءَ عادت سان ٻڌل ۽ لڳل نٿو رهي؛ بلڪ اُن جي پيوند جي حقيقت کي به ڪوئي پروڙ وارو نٿو لهي. انهيءَ ۾ به عاشق کي سڪڻ پهرين معشوق سيکاري ٿو، جو اول نت نت نوان ناز ساز اُن کي ڏيکاري ڳڻن ساڻ ڳهيس، محبت سڻ مهيس. جنهن وقت عاشق ۾ محبت جي باهه جا شعلا اُٿين، ۽ شوق جا مچ ساهه ساڙيندڙ پيدا ٿين، تنهن وقت ٻي رمز ڌاري؛ ڪڏهن گڏ گهاري، ڪڏهن گوش گذاري؛ ڪڏهن ٻول پاري، ڪڏهن وساري؛ ڪڏهن منٿ مڃيس، ڪڏهن عذر پڇيس؛ ڪڏهن اُجهائيس، ڪڏهن ٻاريس؛ ڪڏهن ڏنڀيس، ڪڏهن ٺاريس! توڻي انگ انگ وڍيس، ته به دل مان ڪين ڪڍيســـ دل گڏي توڻي نه گڏي، ته به هرگز ساڻس ڇني نه ڇڏي؛ ڇا لاءِ جو اهڙو عاشق خلقت عشق ڪٿي ڪونه هوندو، جنهن جي محبت جو پرتوو سگهو سڌو معشوق جي دل تي نه پوندو. عاشق کي جيتريقدر سوز ۽ گداز زياده سري، معشوق جي دل ۾ تيتريقدر سرايت ڪري ـــ پر، هن جي عشق ۾ ڌمچر ۽ غوغا آهي، تنهنڪري آه ۽ زاريءَ سان مبتلا آهي ۽ هن جي عشق تي پردو ۽ حيا آهي، تنهنڪري ظاهر ۾ بيپرواه آهي. هن کي عشق ڪلر ڪندو ۽ ساڙيندو پچائيندو، هن کي معجون ٿيندو ۽ مچائيندو، انهيءَ سببان هو دل جو نظر هن تي ڌري ۽ منهن ٻي پاسي ڪري. جي ڪَن ڳالهه ۾ هڻي، ته اکيون ڳهر مان ڀري. جي اکيون سامهيون کڻي ته ڪن ڳالهه ڏي نه وري؛ هر حال ۾ رسڻ جو اڻسڃاڻو پرچڻ کان پري، توڻي سٺو هنيل هجي، ته به اقرار جو دم نه ڀري. عاشق جي هئڻ وڃائڻ لاءِ وس ڪري؛ جڏهن جو نابود ٿئي، تڏهن سندس دل ٺري! اِنهيءَ حالت ۾ پنهنجي هٿان لڪڇپ ۾ مارڻ کي ثواب سڃاڻي، ۽ غير جي بڇ ڪرڻ ۽ عشق جو مشهور ٿيڻ، خطا ڄاڻي ـــ غرض ته هميشہ هن کي عتاب جي خطاب هيٺ ڇڏي، ۽ حال جي مقال سان هي هوڪو ڏي؛

 

غزل

 

پرت وارن پهرين، ڏيئي هيج، هيرايون اسين؛

قابلن قابو ڪري پٺ پوءِ ڦيرايون اسين.

 

لال چپ چوري، مڍي مرڪڻ ٻهون ٻاٻيس سين،

عشق وارن جا اُمالڪ ساهه سيرايون اسين.

 

ناز جي ناوڪ سَڃي، دل لا اُبالِيَن، لاڏ سان،

هٿ هڻِي، مرڪي مُهي گوندر ۾ گهيرايون اسين.

 

جن بڇيوُن نيڻن جا نيزا، چاڪ تن دائم چڪن،

ميٽجڻ ناهن، مگر ان کي جي ايرايون اسين.

 

ناهه پرچڻ پر اسان جي ۽ رڻ ناهيسون ريت،

منجهه وڇوڙي وصل پڻ سوڀيرا ڀيرايون اسين.

 

جل جدائيءَ جا جليل ڪوٺيو ڪڍون هردم هريل،

پنهنجي وڻنديءَ پاڻ ڏاڍا ڦير ڦيرايون اسين.

 

بيک ان ۾ بر اسان سين ڪونه عالم مان اچي،

چٽ ڏيو چترائيون، ڇيڙيون ۽ ڇيڙايون اسين.

 

جت هڻي توبون توڏ جون چاڙهيون لشڪر فراق،

صبر جا ساعت کان اڳ ات ڪوٽ ڪيرايون اسين.

 

مچ محبت جا مچائي، عشق کي اوجر ڏيون؛

ڪين ڇڏيو مور منجهه ”مشتاق“ ميرايون اسين.

عاشق صادق جي ڪهڙي وصف ڪجي، جو ان جي ڳالهه ۾ ڳچ عقل گهرجي! توڻي دفتر تمام ٿئي، ته به نه پورو ڪلام ٿئي _ ڪير تنهن جي تعريف ڪري ۽ ڪجهه وصف جي ميدان ۾ پير ڀري، جنهن جي دل مَي جي جام وانگر شوسخ جي دست ۾ ڌريل؛ پاڻ کان خالي، اُن مان ڀريل؛ سموري ۾ سڄڻ جي قامت جو خيال ويٺل، ڄڻڪ جان جي گلشن سدا نئون نهال ويٺل؛ ڀرن جا خنجر پبڻين جا ڀالا جيءَ ۾ جهلي، ته به هردم نظاري ميدان ڏي هلي؛ دوست جي دهن تنگ کان دل تنگ رهيس، ۽ سلوڻيءَ گفتار کان پاڻي ٿي غبغب جي کوهه ۾ ڪِري پئيس! مرڪڻ ان کي ماري، ۽ کلڻ خون ڪاري، جسم تي لاغري اچيس، ۽ هيڻائي ۽ ضعيف پهچيس، بدن ۾ باقي ساهه جي تند بچيس، جگر جدائيءَ جي پرسوز جل ۾ پچيس؛ توڻي اَڻ ٻڌل اَڻ ڏٺل سور سهي، ته به ڪڏهن پچار کان بيڪار ويهي نه رهي. توڻي نااُميديءَ ۾ اچي اميد جي ڪا واٽ نه لهي، ته به ڪڏهن دل کان آزردگيءَ جو قول نه ڪَهي! هميشہ ادب سان وک کڻي، ڪا خطا يار تي نه هڻي؛ پنهنجي بخت تي ڏوهه ڌري، ۽ حال جي زبان سان هيءَ مقال ڪري:

 

غزل

هاءِ اُن وٽ نه آشنائي آهه،

مون کي مشڪل سهڻ جدائي آهه!

 

شوق گهٽيو نه ساڻ جور جفا ــ

عشق جي اِيءَ وڏي وڏائي آهه.

 

قرب ڪرڻ مان ٿو ٿئي واڌو،

ايئن طبيعت مون آزمائي آهه.

 

ڪينَ ظالم چوان، معاذ الله!

جان ظلمن توڻي جلائي آهه.

 

حاسدن سان هلي جي هٿ هٿ ۾،

ڪيئن چوان هيءَ بيوفائي آهه.

 

 

هو رقيبن جي پڻ رضا ٿو رکي،

منهنجي قسمت جي ڪا ربائي آهه!

 

جي نه ڪيو التفات اُن مون ڏي،

تان سا طالع جي نارسائي آهه.

 

اُن دهن تنگ مان نه نڱيو حرف،

مون جڪس ڪي منٿ اجائي آهه.

 

آب حيوان جنهن کي ڄاتو هوم،

زهر جي شڪل تنهن پسائي آهه.

 

آسري ڪنهن جي هاڻي ساهه تڳي؟

هي جيئڻ سخت بيحيائي آهه!

 

موت ڪيئن ديرڪي، سو ڇا سمجهي،

عمر دنيا ۾ تنگ آئي آهه.

 

ناهه ڪو دل جي درد جو پڇندڙ،

درد هي دل تڏهن دٻائي آهه.

 

منجهه گهٽيءَ ان جي مثل نقش قدم،

خاڪ ۾ جاءِ مون بنائي آهه.

 

 

جي پئي مون تي ڪا پڻي پيرن،

تان به تنهنجي ڀلي ڀلائي آهه.

 

آس موجب مراد جنهن کي سري،

منجهه اَزل تنهنجي ڪا سڻائي آهه.

 

هِت ٿيو محو منجهه مٽيءَ ”مشتاق“،

هُت اُهو ناز خود نمائي آهه!

 

محبا! شال ڪا دل عشقبازيءَ ــ توڻي حقيقي توڻي مجازيءَ ـــ کان خالي نه هجي؛ ڇا کان جو عالم جي لاءِ هئي، ۽ عشق سان قائم آهي: جڏهن عالم مان عشق اُٿي ويندو، تڏهن فنا قبوليندو. جنهن دل کي عشق جو درد حاصل نه آهي، سا هستيءَ جي ڌاڳي ۾ ڳنڍ آهي، دل نه آهي! زياده دعا ــــ

”نه سو خير دنيا ۾، جنهن ۾ نه عشق،

نه سا آهه نعمت، نه جنهن ۾ حبيب.“

 

فصل ٻيو

 

ساداتن جي نوازنامن ۽ اُن سان متعلقن جي عريضن ۾ سيادت جو اهڙو مٿانهون درجو آهي؛ جنهن جي اڳيان سڀڪو، ڪيڏي اُتانهين شان وارو هجي، ته به نِمڻ ۽ نياز ڪرڻ، ڪامل ايمان جي نور سان پاڻ تي واجب ٿو ڏسي. ڇاکان جو جڏهن مشائخن جي اولاد اڳيان ان جي گذريلن ڀلارن مائٽن جي محابي سببان ـــ نه خاص سندن سببان ـــ سڀڪو تعظيم سان پيش ٿو اچي، تڏهن ساداتن جي اڳيان (جن جي مائٽن سڳورن جهڙا ڪنهن جا مائٽ دنيا ۾ نه آهن، ۽ وري انهن جا مڙيني مومنن تي هر طرح جا حق ثابت ٿا رهن) سڀڪنهن ايمان واري کي تعظيم ۽ تڪريم سان پيش اچڻ ۽ ان جي قولن ۽ فعلن تي نظر ڪرڻ، ڇو نه فرض چئجي ۽ ابدي سعادت سمجهجي؟ ٻيو سڀڪو مرتبو، جي سڻائي ـــ گهر آهي ته ڪسب، ڪمائي، محنت ۽ مشقت سان هٿ ڪريو ٿو سگهجي؛ مگر سيادت، جا ڪنهن جي وس ۾ نه آهي، خدا جي خاص ڪيلن ڌاران ٻئي ڪنهن کي ڪڏهن به هٿ نٿي اچي. تنهنڪري سڀڪنهن ڪامل ايمان واري کي توڻي روبرو جي ڪلامن توڻي پرپُٺ جي نيازنامن ۾ ـــ انهن اڳيان پنهنجي هيڻائي ڪرڻ، نص قرآن ۽ چِٽين حديثن تي هلڻ ۽ ازل جي نيڪ بختيءَ جو سبب ٿو سمجهجي: بلڪ جي ٻنهي طرفن سيد هجن، ته اُنهن کي به هڪٻئي جي تعظيم رکڻ واجب ۽ هڪٻئي اڳيان پنهنجي پنهنجي هيڻائي ڪرڻ مناسب آهي؛ ڇا لاءِ جو تعظيم جو حڪم وارد ٿيل سڀني لاءِ عام ٿو سمجهجي ۽ ڪنهن جماعت سان خاص چيو نٿو سگهجي.

 

عريضو (4)

سيد عالم ۽ صوفيءَ ڏانهن، ڪن موڙهيلن جي ايذائن جي شڪايت

سيادت جي سرسبز باغ جو گُل، سعادت جي صفا پرور سونگيءَ جو ماڻڪ اَمل، نقابت جي مٿانهين قدر واريءَ مسند جو سينگار، نجات جي اُتانهين شان واري تخت جو جنسار، ڌڻي تعاليٰ جي ڌوئلن ۾ ڌوئل، پيغمبرن جي پيارن ۾ پيارو ٿيل، حضرت حيدر ۽ بيبي بتول جو جان ۽ جگر، حسنين ڪريمن جي سڳوري اولاد جو سُرور، حسب ۽ نسب جي ٻنهي شرفن کان فخر ڏيندڙ، ظاهري ۽ باطني نبوي وراثت ۾ مڙن جو مهندار ٿيندڙ، علم ۽ ادب جي خلعت سان سينگاريل، شريعت ۽ طريقت جي حقيقت جي معرفت سان سنواريل، عيسوي پساهن ۽ موسوي ڪمالاتن جو صاحب، فخر وارن مقامن ۽ پڌرين ڪراماتن جو صاحب، ملڪوتي اسرارن جو واقف، لاهوتي انوارن جو عارف، اوچي ارشاد وارو، محڪم بنياد وارو، مرشدن جو مهندار، سونهائيندڙن جو سالار، دين جو پيشوا، متقين جو مقتدا ــ شان ابد الاباد تائين ان جي سڳورائيءَ جو جهنڊو اتانهون ۽ شرف جو نشان مٿانهون هجي ـــ آمين

 

”هجئي تخت ارشاد جو تڪيه گاهه،

سنئين دڳ جا سونهان، سندءِ سڀ سپاه.

هجي چانئٺ تو قبلو روحانين،

جنين منهن مَٽيو توکان سي ٿيا تباه.“

سلامن آل اطهر جي عشق گڏيلن، ۽ نيازن ان جي محبت مان ڀريلن، ۽ دائن فرضن ۽ واجبن وانگر پاڻ تي لازم ڄاتلن ــ ادا ڪرڻ بعد، اعتقاد جي پيشاني ان آستان فلڪ نشان تي گَهِيو، حضور جي خادمن جي خدم ۾ عرض ٿو گذارجي ته هن نيازمند جي دل، جا لطف الاهيءَ سان سدا آل عبا جي صفت ۽ ثنا ۾ بيوس مستغرق آهي، ڪن ڪمينن، حاسدن، منڪرن معاندن جي ڪلاس بيفائدن سڻڻ سان ان جاهلن جي زبانن جي تلوارن جا گهاٽا گهاءُ ٿي کائي. وري نه ايتري همت ۽ طاقت، جو انهن جي زبانن کي بند رکي نه صبر ۽ سهڻ جي قوت، جو سدا سندن چاڪ چکي ـــ تنهنڪري اميد ته ڪا دلداري ڏيڻ فرمائيندا، ۽ ڪنهن رستي لائيندا.

”اي اجها اڀرن جا منجهه دنيا ۽ دين!

مون کي بخشيو ڪِي، منجهان ڪامل يقين.

ري تردّد روح دل تنهنجا پئي،

ڪيا منوّر فيض سان روح الامين.“

زياده، رشد ۽ ارشاد جو سج چمڪندڙ ۽ عالم کي روشني ڪندڙ هجي!

 

جواب

آلِ عبا جي عشق ۾ فنا ٿيل، خدا ۽ رسول وٽ قبول پيل، سچائي ۽ ويساهه وارو، دين جو ڀاءُ ساهه کان پيارو ــ شال سلامت هجي! شوق جي سلامن کان پوءِ، هن طرف جي خيريت معلوم ڪندا، ۽ انهيءَ طرف جي عافيت گهرڻ بعد، اوهان جي موڪليل خط جو جواب مفهوم ڪندا، ته جيڪڏهن ڪو واقعي عيب ڪڍندو، ته سچ تان چڙ نٿي ٺهي ۽ ٻيءَ طرح ان جي چوڻ مان ڪو نقصان واٽ نٿو لهي. ٻنهي صورتن ۾ ڏکوئجڻ نامناسب آهي؛ ساراهه ۽ ڪُوار کي هڪ سمجهڻ واجب آهي ـــ الله تعاليٰ اوهان ۾ قبوليت پيدا ڪئي آهي، تنهن تان حاسد خارون کائين ٿا، ۽ اوهان جي پيشوا جي مرتبي ۾، اوهان جي دل ڏکوئڻِ لاءِ، داغ ڪن ٿا. انهن جي بڪڻ کان بي دماغ مَ رهجو؛ اصل کان اها پَرُ آهي، پر نئين نه سمجهجو. جن جو هٿ بنديل ۽ ترار کپ ۾ پيل آهي، تن، جي زبان جا ڌڪ هنيا، ته ڇا ٿيو؟ گذريل وقت جا واقعا ڏسي دل کي تسليٰ ڏيو. اهلبيت جي ذات کي سج وانگر ڄاڻجو، جو سڄين اکين لاءِ روشنائي ۽ چمڙن لاءِ انڌائي آهي؛ يا نيل جي درياءَ وانگر، جو سبطين لاءِ پاڻي ۽ قبطين لاءِ رت ۽ گهاٽي آهي. دل قوي رکو، چاڪ پيا چکو: خدا تعاليٰ اوهان کي صبر ڏيندو، ۽ انهيءَ محبت جو چڱو نتيجو اوهان تي قبر ۽ قيامت ۾ ظاهر ٿيندو ـــ زياده دعا.

 

عريضو (5)

سيد امير ڏي ـــ بيروزگاريءَ جي شڪايت ۽ نوڪريءَ جي استدعا ۾ زماني جي صحيي جي زينت، زمين جي بساط جو زيور، عالم جي شرف جي برج جو روشن ستارو، جهان جي سڳورائيءَ جي سونگيءَ جو جوهر، سعادت جي ايوان جو تخت سينگاريندڙ، سيادت جي ديوان کي سعادت بخشيندڙ، مصطفوي جرات، حيدري همت، مٿانهين حسب وارو، پاڪ نسب وارو، نوڙت ڪندڙن تي نوازش فرمائيندڙ، نيازمندن تي نعمت وڌائيندڙ ـــ شال هميشہ عز دائم ۽ فضل قائم سان محفوظ هجي! دعا، مڪر ۽ شڪ کان صافِي ـــ جنهن جي قبوليت جا انوار ان جي اول کان پيدا، ۽ سلام، ريا جي گڏجڻ کان پاڪ ــ جنهن جي اجابت جا آثار ان جي شروع کان هويدا هجن، محفل عدن منزل جو تحفو ڪريو، اُن قلب حلب جي آئيني کي رشڪ ڏيندڙ تي ظاهر ٿو ڪجي، نه خدمت وافرالمسرت جي آرزو ايتريءَ حد نه آهي، جو قلم کان تحرير ۾ اچي، ۽ صحبت وافر البرڪت جو اشتياق ايتري اندازي نه آهي، جو زبان کان تقرير ۾ اچي: پر بيروزگاري ۽ بيڪاري ۽ عيال اطفال جي بسياريءَ کان کٽلائيءَ جي گهيري ۾ گهيرجڻ ڪري، پيرن ۾ دوال پيل ۽ سڀ وس ويل اٿم! اهڙي گذران گهڻا رنج اُٿاريا، ۽ ڏاڍا ڏک ڏيکاريا، جن جو تفصيل بيجا آهي؛ روشن ضميرن تي هويدا آهي: زائد تقرير جي طول کان سڻندڙ ملول ٿئي ٿو، ۽ ڊگهو ڪلام فضول ٿئي ٿو.

الحاصل ـــ اميرنامدار، خصوصاً اهلبيت، امت جا آڌار! الله تعاليٰ، محتاجن جي حاجتن جا وسيلا ۽ مطلبن جا واسطا ڪيا آهن: علي الخصوص ذات بابرڪات، جا ناڪاميءَ جي گهٽين گهمندڙن لاءِ اميد جي جاءِ ۽ مددگار ۽ حامي آهي، هن بيتابيءَ جي ستايل ۽ گهنگهرن جي گهايل کي دولت جي دامن ٿي هٿ آئي، ۽ سرگردانيءَ مان طالع جي مدد سان اتي آڻي منزل وجهائي! هاڻي اميد قوي ته غريب نوازيءَ ۽ بيڪس جي چاره سازيءَ جي صفت ظهور سان، حضور عالي مان ڪنهن خدمت تي مامور ٿي، انهيءَ آستان گردون نشان جي خاڪ، بينائيءَ جي اک جو سرمو ڪري، ”مرادُن“ جي گلن مان دامن ڀري، باقي حياتي دولت ابد مدت جي دعا ۾ ڪٽيندس، ۽ ناڪاميءَ جي شام کي سعادت جي صبح سان مٽيندس! توڻي لياقت نه هجڻ جو داغ لڳل به اٿم، مگر حضور جي ذره پروري ۽ فيض گستري، اَوکن پيچن اُکوليندڙ ۽ مشل جي ڳنڍين کوليندڙ جو بهرحال ڀرسڀر ٿو رهي!

ڄاڻان ٿو ته اهو تير ڪين گُسندو، پوري نشان تي رسندو، ڇا کان جو ٻيءَ ڪمان مان اُڇل ٿو لهي ـــ زياده دولت ۽ حشمت جو آفتاب، اقبال جي آسمان ۾ سدا روشن هجي.

 

جواب

عقيدتمند، اخلاص پيوند، مخلص خاص، سراپا اخلاص، دوست صادق، محبت واثق ـــ سدا سلامت رهي! سلامن سنت اسلام حضرت خيرالانام عليہ و عليٰ آلہ و اصحابہ الصلاة والسلام کان پوءِ معلوم هجي ته اوهان جو ڪاغذ موڪليل، سچائيءَ ۽ اخلاص مان ڀريل رسيو. تنهن جي جواب ۾ لکجي ٿو ته هڪڙي هفتي بعد سهي سنڀري اچي حاضر رهج، دل جي تمنا موجب موچاري وڻندڙ مراد لهج ـــ فقط والسلام.

 

عريضو (6)

سيد جو، سيد سخيءَ ڏي ـــ ڪنهن حاجتمند جي سفارش ۾

صفوت ۽ صفا جو سينگار، عزت ۽ علا جي مرڪب جو شهسوار، سيادت جي شرف جو جنسار، سڳورن سلفن جو سڳورو خلف نامدار، پيغمبري پيروي جياريندڙ، حيدري عطا وارا ڏان ڏياريندڙ، حاتم جي همت، مٿانهين منزلت، حضرت شاهه صاحب ـــ دام الله اِقبالہ!

سِڪ جي سلامن ۽ شوق جي پيامن ادا ڪرڻ ۽ طرفين جي خيريت گهرڻ بعد، اميد ۽ حجت جي واٽ کان ظاهر ڪجي ٿو ته جڏهن ”فاستبقوا الخيرات“ جي حڪم موافق، احسان جي بنائڻ جي محڪمي ۾ جلدي ڪرڻ، ٻنهي جهانن جي دولت جي زيادتيءَ جو سبب آهي، ۽ جناب جي مهربانين جا ڪڪر هميشہ حاتمندن لاءِ وسندڙ آهن، ۽ ان جي حال جا نهال، لطف جي ڳٺ جي ڪناري تي پيا پرجهن، تڏهن التماس ٿو ڪجي ته ”فلاڻو“ـــ جنهن جي اميدواريءَ جي قاعدن جو تمهيد حضور جي التفات تي ٻڌل آهي ــــ پنهنجي همت انهيءَ ۾ خرچي ٿو ته جناب جي ڪرمن جي نورن مان روشني وٺي، ان مان پنهنجي گذر جو فانوس ۽ عيش جو ڏيئو روشن ڪري: تنهن ۾ شڪ نه آهي، جو اوهان سڳورن جي احسانن جي آستين سان ان جي احوال جي پيشانيءَ تان فاقي جو غبار لهي وڃي، ۽ لفطن ۽ مهربانين جي شعاعن سان ان جو سڀ ڪم نورُعليٰ نور ٿئي ـــ

”سفارش جو ڇا آهي سج ڏي ضرور،

ته ’ڪر ٻاجهه، عالم کان جهَل ڪيم نور‘.

ڪرڻ اُڀ کي ڇا سفارش جڳاءِ:

’مٿي ساڪنن ڀوُن جي پاڇو تون پاءِ‘.

ڪبي ڪين وسندڙ ڪَڪر سين مقال:

’ڪرم ڪر سُڪيءَ ڀوُن تي، وس جام جال‘.

ڇا عيسيٰ کي آهي ڏَسڻ جو غرض:

’جيارج مُئا هيئن؛ ڇڙهج هيئن مرض‘.

ڪري اَڻ چيا جيڪو مقصد تمام،

نه گهرجي چوڻ تنهن کي ڪِي ـــ والسلام!“

 

جواب

سيادت ۽ سعادت جو سردار، شرافت ۽ نجابت جو سالار، خدا جو پيارو، ڀلارن کان ڀلارو، سڳورن جو ساراهيل، وڏي شرف وارن جو واکاڻيل، چڱي ارشاد وارو، ڀلي بنياد وارو، آل عبا جي فخر جو سبب، عالي نسب، والا حسب، جناب شاهه صاحب ـــ دام اشفاقہ!

سلامن، نياز ۽ شوق بي انداز کان پوءِ، غرض اصلي ۽ مطلب دلي هيءُ، ته نوازشنامي جي رسڻ کان نيازمند جي نياز جي چوٽي خاڪ تان کڄي افلاڪ تي پهتي ۽ اُن ۾ ارشاد ڪيل امر کي هن هوا ــ خواه، هميشگيءَ جي سعادت جي واڳ سمجهي، شخص معلوم جي فُقر ۽ فاقي جي سڄي صفت معلوم ٿي: قاعدي ”واحسَنوا، اِنَّ الله يَحِبّ المُحسُنِين“ جي بنا تي جيڪا وقت جي گهرندڙ رعايت هئي، سا اُن جي واسطي مقدم ڪئي ويئي!

خدا شاهد ته هي غلام اهڙيءَ خدمت جي اعلام سان گهڻو گهڻو خوش ۽ ممنون ٿو رهي، علي الخصوص، جڏهن اوهان جنابن جي ڪا فرمائش هجي!

”فرماءِ اشارت، جو سدا آهه سڀن وٽ،

مقبول سندءِ قول، ۽ فرمان تو جاري.

تو امر انهيءَ ساڻ ڪيم قدر اتاهون،

احسان جي ساري نه سگهان شڪرگذاري!“

واڌو شوق ۽ نياز.

 

 

فصل ٽيون

 

علمائن جي سرفرازنامن ۽ شاگردن ۽ ٻين جي عريضن ۾ جڏهن علمائن جا ڪيترائي مرتبا آهن ـــ ڪي مدرس ۽ استاد، ڪي بليغ ۽ اديب، ڪي قاضي ۽ مفتي ۽ ٻيا ان کان سواءِ ـــ تڏهن هتي اختصار جي طرح ڪيترن ڏي عريضن لکڻ ۽ اُن کان جوابن ملڻ جا جدا جدا نمونا ڏيکارجن ٿا:

 

عريضو (7)

علمائن راسخن جو افتخار، مدرسن محققن جو مهندار، عقيلن ۽ نقلين علمن کي ڄاڻندڙ، اصلن ۽ فرعن مسئلن کي سڃاڻندڙ، دين جي مجلسن کي سينگاريندڙ، علم جي مدرسن کي جياريندڙ، جناب حضرت مولوي صاحب ـــ دامت فيوضاتہ!

دعا، ثنا ۽ سلام ـــ اخلاص تمام سان سينگاريل، ڪڏهن قلمن جي قدمن جا پامال نه ٿيل، ۽ ڪنهن جي به چڱي خطري ۽ موچاري فڪر جي هٿ نه چڙهيل ـــ هر وقت ان حضرت جي خدمت ۾ گذارش ڪرڻ بعد، عرض ٿو ڪري ته جڏهن اُن روشن ضمير تي ـــ جا حڪمت ۽ فراست جي نورن جي شمع، فهمن ۽ علمن جي دروازن جي ڪنجي آهي ــ هني خادم جي اخلاص جا لوازم ۽ نيازمند جي خدمتگاريءَ جا آداب ۽ مراسم، سج جي انوارن ۽ چنڊ جي آثارن وانگر ظاهر ۽ عيان آهن، تڏهن برڪت وارن وقتن تي تشويش ڏيڻ ناپسند رکيو، سارو احوال اوهان جي معنوي شهود کي ٿو سپاري:

”شوق خدمت جي توءِ نه ڪريان وصف؛

منهنجي دل نزد اوهان جي؛ تنهن کان پڇو!“

جنابا! جڏهن هميشہ اوهان جي درسن سان مسجديون ۽ مدرسا روشن آهن، ۽ منطوق ۽ مفهوم جي تصريح لاءِ مڙئي مذاڪر ۽ مدرس اوهان ڏي احتياج ٿا رکن، ۽ مدرسن جا درس اوهان جي نظر اڪسير اثر سان ٿا جيئن، ۽ علم جون مڙئي مجلسون اوهان جي وجود عاقبت مسعود ساڻ فخر واريون ٿيون ٿين، تڏهن فرزند عزيز (فلاڻو) علم جي طلب لاءِ خدمت شريف ۾ روانو ٿو ڪجي، ۽ اميد ٿي رکجي ته اوهان جي تلقين ۽ افادت، تعليم ۽ افاضت سان علمن جا دقيقا مشڪل، ۽ فهمن جا عقد حل نه ٿيل، اُن تي پڌرا ۽ پيدا، روشن ۽ هويدا ٿيندا ـــ زياده، شال فاضلن پاليندڙ، مڪتب ۽ ڀلاين پکيڙيندڙ محفلون اوهان جي ذات مَلڪي ملڪات سان هميشہ مرشح ۽ مزين هجن!

 

جواب

فضيلت پناهه، ڪمالات دستگاهه، ميان (فلانا) ــ سلمہ المنان! سلام خيريت انجام ۽ دعا عافيت دوام پڄاڻا، پڌرو هجي ته اوهان جو فرزند عزيز، سراپا تميز (فلاڻو)، اوهان جي مڪتوب خوش اسلوب سميت، اڄ اچي پهتو. اوهان جي چڱائيءَ تي جناب باري تعاليٰ جي شڪرگذاري ڪئي ويئي، ۽ اوهان جي امر عالي قدر موجب ان جي سبق جي تياري ڪئي ويئي ـــ شال توفيق رفيق رهيس، ۽ هن موچاريءَ طلب کان ڪو مانع ڪِيم راهيس! فقط والسلام.

عريضو (8)

شاگرد جو استاد ڏي

جناب عالي القاب، خاص ۽ عام کي واٽ ڏيکاريندڙ، دين اسلام جا آداب سيکاريندڙ، علمائن جو ڌئل، فضلائن جو مهندار، محققن جو پيشوا، مدققن جو سالار، زماني جو افتخار، وقت جو سينگار، مائٽن کان زياده مشفق ۽ مهربان، فيض بخش فيض رسان، جناب حضرت اُستاد صاحب ــ شال هميشہ ان جو پاڇو فائدي وٺندڙ تي ڊگهو ٿيندڙ هجي!

اخلاص وارن سلامن ري نهايت، ۽ برڪت بخشيندڙ خدمت جي آرزو بي عنايت ظاهر ڪرڻ، ۽ حضور موفو رالسرور جي ملازمن جي آستان آفتاب نشان تان فيضن ۽ فائدن جي آنوارن چونڊڻ بعد، ضمير عقيدت پذير جي نهايت ضروري مقصدن جو عرض ته جناب، فيض انتساب کان رخصتياب ٿي، وطن ۾ رسيس؛ عزيزن ۽ دوستن کي عافيت ۾ ڏسي خوش ٿيس. ارشاد عالي موجب ڪم معلوم ۾ سعيو ڪيو ويو. عنقريب خاطر خواه مقصد منهن ڪڍندو، جيئن اهو حال تفصيلوار نيازنامو آڻيندڙ خدمت ۾ عرض رکندو. جيسين تائين قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ٿئي، تيسين تائين نوازش نامن، فيض شمانن سان سرفراز ۽ ممتاز فرمائيندا رهندا ــ زياده نياز.

 

جواب

تلميذ عزيز، وافر التميز، خوش ڪردار، سعادت آثار، صلاحيت جي مدرسي جو سبق پڙهندڙ، تربيت جي مدرسي جو سبق وٺندڙ (فلاڻو) زاد توفيقہ.

پڄاڻا سلامن ۽ دعا ترقيءَ علم ۽ توفيق عمل جي واضح هجي ته تنهنجو هڪڙو ڪاغذ رسيو. خيريت طلب تنهنجي جلد اچڻ جي انتظار ۾، جواب موڪلڻ کان ٿي ترسيو: تان مدت مديد گذري ويئي، جنهن ۾ نه ڪتابت رسي، نه اچڻ جي سڌ پيئي! جي ڪنهن لاچار سواءِ اها غفلت ڪئي اٿئي، ته تمام ناپسند هلت ڪئي اٿئي؛ تنهن ۾ توکي جلد اچڻ جڳائي، متان اهو لاڳيتو ناغو وڏو نقصان پهچائي! زياده خير والسلام.

 

عريضو (9)

مَهندين ۽ پوين جون فضيلتون ميڙي وٺندڙ، شرعين ۽ اديبن جي علمن کي گڏ ڪندڙ، فرعن ۽ اصلن کي سينگاريندڙ، معقولن ۽ منقولن جو رستو ڏيکاريندڙ؛ قيس جي بلاغت، سحبان جي فصاحت، موتين جي هار وانگر نظم کي زيب ڏيندڙ، قلم جي زبان سان بيان جو جادو بنائيندڙ، زبان جي قلم سان معنائن جا طلسم پسائيندڙ، سخن سنج، سخندان، جناب ميان (فلاڻو) ــ سلمہ المنان!

صافن، تحيتن، عنبر جي هٻڪارن، ۽ سٿرن سلامن، عطرن جي ڇٽڪارن، ۽ گڏجڻ جي شوقن بيشمارن؛ ۽ اخلاص جي نيازن آپارن بعد: مقصد اصلي ۽ مطلب دلي هي آهي، ته جڏهن ڏسجي ٿو ته هن زماني ۾ ڪيترن نون سکيلن، علم جي فن کان ناواقفن، سنڌي زبان تي تعديءَ جو هٿ دراز ڪيو آهي، نظم ۽ نثر جي ميدان ۾ اُبتو پير کنيو آهي، ۽ بي مهل هجوم آڻي، بيجا تصرف ۽ تداخل ڪيو اٿن، بيواجبي استعمال سان ان کي ڪمال جي درجي کان لاهي نقصان جي اوڙاهه ۾ نيو اٿن، فصاحت کي وساريو اٿن، انشاء جي ادبن ۽ ڳالهه جي حسابن کي کاريو اٿن ـــ توڻي انهيءَ بلا کي نعمت سمجهيو مرڪن ٿا، پر سالم راءِ وارا ان بيجا هلت کان وڏو افسوس ڪن ٿا ــ تنهنڪري عرض ته هن فن شريف ۽ زبان لطيف جي ڪجهه قواعدن بيان ڪرڻ سان، هن نيازمند تي احسان رکندا، ۽ فائدو عام فرمائي، نقصان جي مرمت، بلڪ ان ۾ ڪجهه زيادت ڪندا، ته ناقصن جي تعليم ۽ رب ڪريم وٽ اجر عظيم جو سبب ٿيندو. واڌو حد ادب ــ والسلام.

 

جواب

سخندانيءَ جي شهر جو سينگار، معنائن جي باغ جو بهار، خوش ڪلاميءَ ۾ يڪتا، شيرين بيانيءَ ۾ بي همتا ـــ سلمہ الله تعاليٰ: آمين!

تحيتن جي هدين، سلامن جي سوکڙين ۽ دعائن جي تحفن موڪلڻ بعد: اڄاڻن جي احوالن ۽ بي پروڙن جنجالن کان دل آب ۽ جگر ڪباب ٿيو! اوهان جي محبتنامي موڪليل جو جواب ٿو لکجي: دوستا! هي فن ڪيترن علمن حاصل ڪرڻ تي ٻڌل ٿو رهي؛ ڪنهن اڻڄاڻ غبيءَ کي ڇا جرات، جو ان جي پروڙ ڏي واٽ لهي! توڻي ڪنهن جو جاهلن ۾ هوڪو پئجي ويندو، ته جيسين تائين اڳوڻن استادن جي قدم بر قدم نه هلندو، تيسين تائين ڪنهن اهل علم ۽ ادب واري وٽ پسند نه ٿيندو. جن جي پسنديءَ تي اعتبار آهي، انهن جي عدولين کي ڪهڙو وقار آهي؟ عوام انهي چاشنيءَ کي ڇا سڃاڻن، جي گهوڙو گڏهه ڪَن برابر ٿا ڄاڻن؟ هاڻي ڄاڻو ته لفظن جي معنائن جا ٻه حال آهن: (1) حقيقت ـــ جنهن معنيٰ لاءِ اهو لفظ ٺهرايل آهي، (2) مجاز ــ جا ٻي معنيٰ، حقيقت سان مناسب مراد وٺجي ــ جهڙو گڏهه حيوان هينگ ڏيندڙ ۾ ’حقيقت‘ آهي، ۽ ٻيو بيوقوف ڀوڪ جي معنيٰ ۾ ’مجاز‘. پر مجاز جي معنائن معين ڪرڻ جو کليو قاعدو صفت جي هيڪڙائي؛ يعني جا صفت حقيقت ۾ هجي، سا مجاز ۾ به هجي ــ جهڙو بهادر کي شجاعت جي وجهه سان شينهن، ۽ سخيءَ کي درياءَ چون ٿا. مجاز جو استعمال قرينو ۽ عبارت جي ڪاهه آهي؛ ڇا لاءِ، جو حقيقت جو استعمال مجاز کان قوي ٿئي ٿو. تنهن ۾ وجهه ڌاران ضعيف کي قويءَ تي ترجيح نه ٿي سگهندي. مجاز مان نفع يا تعظيم آهي. يا تحقير يا اختيار ـــ ان جا گهڻا قسم آهن: ڪڏهن سبب مان مسبب مراد وٺن ٿا، جهڙو ”اهو منهنجي هٿ هيٺ آهي“ـــ ته هٿ قدرت ۽ قابوءَ جو سبب آهي. ڪڏهن ان جي ابتڙ، ”انّ وسيو“ ـــ ته ان مان مراد مينهن آهي، جو انّ جو سبب آهي. ڪڏهن ظرف مان مظروف، جهڙو ”واهه وهيو“ـــ ته ان مان مظروف يعني پاڻي آهي ـــ عليٰ هذا القياس، ٻيا ڪئين قسم اٿس.

استعارو، جو مجاز جي عمدن قسمن مان آهي، تشبيہ کان وڌيڪ اثر رکي ٿو؛ ڇا کان جو تشبيہ ۾ مشبہ بہ جهڙو هوندو، ۽ استعاري ۾ استعارو مستعارلہ جو عين قرار لهندو. حسن عبارت، يعني عبارت جي موچارائي هيءَ آهي، جو چٽا لفظ هليل چليل، اهل زبان جي محاوري سان موافق هجن ـــ توڻي ترڪيب جي شوخي ۽ نون مضمونن جو پيدا ڪرڻ، مثال ۽ استعارن جو آڻڻ وڻيل آهي، پر نه ائين ته اڳوڻن استادن جي واٽ ۾ مخالفت جو پير ڀرجي؛ بلڪ پراڻي قالب کي تازيءَ جان، ۽ تازيءَ جان کي پراڻو قالب ڏيڻ گهرجي: يعني پراڻا مضمون نين عبارتن ۾ ۽ نيون عبارتون هليل چليل مضمونن ۾ هجن؛ خالص اجنبي نه هجن ـــ ڇا لاءِ جو نئين نموني جو زيب، پيروي ڪرڻ جي زيور سان آهي ۽ ترڪيب جي فصاحت، ٻڌڻ جي موافقت سان.

ذوق وارا موچاريءَ طرح ڄاڻن ٿا ته ڪلام جا ٽي حال آهن: (1) صحيح ــ جنهن جا لفظ پنهنجن معنائن تي نحو جي ٿوريءَ مناسبت سان هجن؛ (2) فصيح ــ جنهن جا لفظ چٽا، زبان تي هلڪا، فهم سان مناسب، عرف سان موافق، هڪٻئي کان ٽهڻ ۽ زبان تي ڳري ٿيڻ ۽ غير مستعمل هجڻ کان پاڪ هجن، ۽ ان جي ترڪيب نحو جي ڪمال ۽ ادب جي موچارائي کي رسيل هجي، ۽ مقام جي مناسبت ۽ احوال جي قرينن جي گهُر زور موچاري وجهه سان رعايت رکيل هجي: آدمين جي عضون وانگر، جن ۾ ڪنهن عضوي جو گهٽجڻ يا وڌڻ يا مٽجڻ يا ڦرڻ وڻندڙ نه آهي بلڪ جڳائيندڙ، تيئن آهي جيئن آهي؛ (3) مڪلف ـــ جنهن کي صنايع ۽ بدايع چون ٿا. اهو ٽن صفتن تي آهي: (1) منع ڪيل ـــ جنهن ۾ ڇڪتاڻ ۽ مضمون جي تنگيءَ ۽ ٺاهه ٺوهه ڳالهه کي صحيحائيءَ جي چوٽيءَ تان ڪيرائي وڌو هجي؛ (2) ضعيف ـــ جنهن ۾ صناعت جي ڳولا ڦولا ۾ بلاغت ۽ فصاحت جو لحاظ ڇڏي ڏنو ويو هجي؛ (3) وڻيل ـــ جنهن ۾ ڳالهه جي محبوب کي پنهنجي ذاتي حسن سوڌو نئون جنسار ڪرائي، نهايت دلفريبيءَ سان جلوو ڏياريو ويو هجي. جيڪي صنعتن، موزون ٿيڻ ۽ ٻين سببن لاءِ عذر رکيا اٿن، ۽ جواز جا دروازا کوليا اٿن، سي سڀ ڪجهه نه آهن؛ ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪو زائد حسن هجي ۽ ذاتي حسن کي گهٽائي، سو قبح آهي حسن جي صورت ۾، ۽ ديو آهي پريءَ جي نقاب ۾، جو ٽيڏن ۽ آڏي ڏسندڙن کي ٺڳي ٿو.

سڀڪنهن سالم راءِ واري کي معلوم آهي ته بلاغت ذاتي حسن آهي، ۽ ٻيو مڙئي وڌيڪ. انهيءَ ڪلام مڪلف وڻيل جا توڻي گهڻيئي قسم آهن، پر سڀني جو خلاصو هي آهي ته جنهن کي شاعر جوڙڻ کان اڳي پاڻ تي لازم ڪري ورتو، صنعت سا آهي ۽ ان کان پوءِ ٻين نڪتن جو وچ ۾ اچي پوڻ، طبع جي ذڪاءَ جو نتيجو ۽ ڳالهه جي پلٽ ۽ مشق جو ڪمال آهي، نه صنعت ڪرڻ؛ ڇا کان، جو صنعت آندل هجي نه آيل. پوءِ سڀڪنهن صنعت لاءِ ان جي موافق نالو رکيو اٿن ۽ حڪم ڏنو اٿن، پر ان جي حد ٻڌڻ ٿوري اوک ڊوک کان آهي. هن ڳالهه کي سڀڪو مڃيندو، ته جيڪي پاڻ تي لازم ڪري ورتو، سو سڀ صنعت آهي؛ توڻي مقدار ۾ گهٽ ۽ رعايت رکڻ ۾ زور آسان هجي. عبارت جا ٻه قسم ٿين ٿا: (1) ڊگهي (2) ڇوٽي. ڊگهي اها عبارت آهي، جا استعارن ۽ مثالن جي وڳي سان سينگارجي، ۽ گهڻو ڪري مدعا جي مضمونن کي بيانن ۽ سببن، حرفن ۽ معترفن جملن سان جنسارجي. سڀڪنهن دعويٰ تي دليل، سڀڪنهن ڳالهه تي تمثيل ثابت ڪجي، ۽ مراد فن لفظن ۽ مخالفن مضمونن کي قافيي ۽ ٻين صنعتن جي لحاظ کان شرح ۽ بسط جي واٽ سان آڻجي، پر نه هيئن جو زائدن ۽ بيڪارن لفظن کي استعمال ڪجي، ۽ نه هيئن جو جيڪو لفظ وڻي سو کڻجي ۽ جيڪو فقرو نه وڻي سو ڇڏجي.

ڇوٽيءَ جا ڪيترائي قسم آهن: (1) اکرن ۾ ڇوٽي، يعني لفظ پنهنجي مرا کان اکرن ۾ گهٽ هجن ـــ جهڙو ڏمر، ڪاوڙ، گنج ۽ خزانو؛ (2) عبارت ۾ ڇوٽي. ڊگهي عبارت جو مثال: ”جيڪو شخص نماز نٿو پڙهي، ان جي صحبت کان پرهيز ڪرڻ، ۽ گڏجڻ کان گوشي ٿيڻ زور موچارو آهي.“ ڇوٽي عبارت جو مثال: ”بي نمازيءَ کان پرهيز ۽ گوشو ڀلو.“ــــ مطلب ۾ ڊگهي عبارت جو مثال: ”انشاءَ الله تعاليٰ صبح جو سوير اُٿي، فلاڻي جي گهر وڃي، سفر جو سبب، راهه جي روئداد ۽ ٻي سڀڪا سرگذشت معلوم ڪري، اشراق جي وت کان اڳ خدمت ۾ رسي، تفصيلوار عرض رکندس.“ ڇوٽيءَ جو مثال: ”سڀاڻي فلاڻي کان سفر جو سبب ۽ ٻي سرگذشت پروڙي، اشراق کان اڳ عرض ڪندس“ـــ هن ۾ توڻي عبارت ۽ مطلب جي تنگي آهي، پر حاصل ٻنهي جو هڪڙوئي آهي.

دوستا! وقت جي تنگيءَ ۽ فڪرن جي هجوم سببان، انهيءَ مختصر بيان تي اڪتفا ڪئي ويئي آهي: پر جي انصاف فرمائيندؤ، ته ڄاڻندؤ ته ڪهڙي اعجاز جي قدم سان انهيءَ ذڪر جي وادي ويڙهي ويئي آهي ــ توڻي ڪو شرف نٿو رکان، جو کيسن ۾ ٺڪرين ري ٻيو ڪين اٿم، نڪو گوهرشناسن جي تِريءَ جو زيب، نڪا گوهرين قياسن جي قبوليت جي تحسين ۽ آفرين اٿم ــــ بي هنرن کي نوازيندڙن ۾ اميد رکيو، هن عيب تي اُنهن جي لطف سبب مَرڪ ڪريان ٿو، ۽ پنهنجي بي هنريءَ کان ادب جي واٽ کان پاسو ڪريو، تو درياءَ ڏي پنهنجي قطري آڻڻ، ڪ تنهنجي سدا بهاريل باغ ۾ هن بوءِ گل جي رسائڻ ۾ جرات جو دم ڀريان ٿو. تنهن ۾ اميد ته پنهنجي ڀلائيءَ ڏي ڏسي ”المامور معذوو“ سمجهي، عيب کي لڪائيندا ۽ خطا کي اصلاح ڏيندا. باقي ڀانئڻ مان ڀريلن، خودپسنديءَ چي گڏهه تي چڙهيلن، ٻه ـــ پڙن جاهلن، علم ۽ عقل کان غافلن کي هن قانونن ۽ قاعدن پُرفوائدن جي پيروي، ۽ انهيءَ موجب هلڻ، مشڪل ٿيندي؛ بلڪ اهي مقصد به ڪين سمجهندا ۽ اجائي ڳالهه سمجهي، ان کان گوشي نشين رهندا ـــ زياده خير والسلام.

 

عريضو (10)

قاضيءَ ڏي ـــ عيد جي چنڊ جي تحقيق بابت شريعت عزا جو حڪم نبيريندڙ، ملت بيضا جو فتويٰ ڏيندڙ، ديني مسئلن کي رواج وٺائيندڙ، قرآن ۽ حديث جو حاصل سمجهائيندڙ، سوڌي واٽ ۽ سنئون رستو ڏيکاريندڙ، بدعت کي محو ڪندڙ، ضلالت کي ٽاريندڙ، فضيلتون ۽ ڪمالاتون ميڙي وٺندڙ، آيتن ۽ حديثن جي اسرارن جي خبر رکندڙ، علم ۽ فضل وارن جو مقتدا، عقل ۽ نقل وارن جو پيشوا، افاضت پناه، افادت دستگاه، جناب قاضي القضات ـــ ادام الله فضلہ علي البريات: آمين!

”تنهنجي گوهر پاڪ جو آهي شريعت افتخار،

تنهنجي عالي فڪر کان پڻ دين پاتو اقتدار.“

دعا ۾ هٿن ڊگهي ڪرڻ، ۽ ثنا ۾ دفترن ڀرڻ، ۽ نياز جي پيشانيءَ کي محڪم اعتقاد جي چانئڍن تي رسائڻ، ۽ سلامن سنت نبويءَ جي هديي آڻڻ بعد، گهڻي انڪساريءَ ۽ ڪمال اميدواريءَ سان عرض ته جڏهن هن طرف جا معتقد هميشہ اوهان جي حڪم جا مقلد ٿا رهن، تڏهن استدعا ٿي ڪجي ته عيدالفطر جي ڏينهن جي معين ٿيڻ بابت، جيڪو شرع قانون سان اوهان وٽ حڪم ثابت ٿئي، تنهن جو اطلاع ڏيڻ فرمائيندا، ته ان موجب هلجي ـــ

”تون تخت شرع جي تي آهين مالڪ الرقاب،

وڌ اهل علم تي، جيئن تارن تي آفتاب.“

جواب

حمد ۽ صلوات کان پوءِ، مڙن مسلمانن کي عام ۽ ديندارن شهر (فلاڻي) جي کي خاص اطلاع ڏجي ٿو، ته مون (فلاڻي) شريعت جي خادم وٽ، اڄ (فلاڻي) هنڌ، (فلاڻي) وقت، قضا جي محڪمي ۾ ڏهه مرد نمازي، جن جا هي نالا آهن، شاهدي ڏيڻ لاءِ حاضر ٿيا. ان جي احوال جي ڳجهي پڌري پڇا ڪيم، تان سچار، ديندار، نيڪوڪار ۽ پرهيزگار نڪتا. پوءِ سڀڪنهن ڌار ڌار، مصحف شريف جي روبرو، الله تعاليٰ جل و عليٰ جي قسم سان، هڪڙي لفظ هڪڙيءَ معنيٰ ۾، هيءَ شاهدي ادا ڪئي ته ’فلاڻي) ڏينهن جي سج لهڻ کان پوءِ، سانجهي نماز کان اڳي، (فلاڻيءَ) رات، غبار جي حالت ۾، ٻن ڪڪرن وچان، (فلاڻي) سال جي مهيني شوال جي پهرينءَ تاريخ جو چنڊ، تحقيق ۽ يقين سان ڏٺوسون.“

مذڪورن جي انهيءَ شاهديءَ کي معتبر رکيم، ۽ (فلاڻيءَ) رات کان، مهيني شوال (فلاڻي) سال جي پهرينءَ تاريخ جي شروع جي ثبوت جو پنهنجي قضا جي مجلسن ۾ حڪم ڪيم: انهيءَ منهنجي حڪم ڪيل ۽ مون وٽ ثابت ٿيل مسئلي تي جيڪو چٽي دليل شرعي موجب، سڀاڻي (فلاڻي) ڏينهن، روزو ڇوڙي، عيدالفطر جي نماز پڙهي، ته ڀلي ائين ڪري ـــ والسلام عليٰ من اتبع الهديٰ.[2]


[1]  ”رسول“ جي معنيٰ قاصد.

[2]  جيڪڏهن واقعي جي صورت ٻيءَ طرح هوندي، ته ڪاغذ به انهيءَ ڊول سان لکبو، مگر سڀني صورتن ۾ شاهدي وٺڻ ۽ ڪاغذ لکڻ ۾ شرطن جو لحاظ رکبو، ۽ اهو به شرط ته ڪاغذ قضا جي مجلس ۾ لکجي ۽ اُن تي ٻه شاهد به هجن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org