سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هدايت الانشاء

باب: 3-4

صفحو :7

        باب ٽيون

 

فصل پهريون

 

جڏهن، اسلامي ڀائپيءَ ۾ موچارن ڪمن جي دعوت ڏيڻ، ۽ خوشيءَ جي مجلس ۾ معززن  عزيزن ۽ دوستن جو ڪوٺڻ پسند ڪيل آهي، تڏهن اختصار جي طرح سان، انهيءَ قسم جا به ڪي نمونا ڏيکارجن ۽ سيکارجن ٿا ۽ حاجت وقت، مڪتوب اليہ جي مرتبي موجب القاب ۽ خطاب هوشوَر ڪاتب جي فهم تي موقوف ڇڏجن ٿا.

 

خط دوست ڏانهن حرمين شريفين جي دعوت ۾

دوستا! مدت کان آرزو هئي ته هڪڙو ڀيرو گهرٻار کي ڇڏجي، ۽ يار جي ديار ڏي لڏجي، ۽ مطاف آفاق ”مَن دخَلَہ ڪَانَ آمِناً“ جي مصداق جو جسم ۽ جان سان طواف ڪجي، ۽ حضرت حبيب اڪرم ﷺ جي زيارت مان ”مَن زارَ قبري وجَبَت لہ شفاعتِي“ جي بشارت هٿ آڻجي- ته هن اجائيءَ عمر سان انهيءَ سفر با ظفر وارا ڏينهن سجايا ٿين ۽ واٽ جيون تڪليفون هن گنهگار جي گناهن جي ڪفارت هجن. تنهن ۾، هن وقت اَلحمدلله، جو عزم بالجزم ۽ سامان مهيا آهي، تنهنڪري هزار اُميد سان التجا آهي ته ڪيل وعدي موجب هن طرف ڏي تشريف فرما ٿيندا، ۽ عزيزن ۽ دوستن کان موڪلائي هن مخلص سان رفاقت جي مهرباني ارزاني فرمائيندا- ته سفر اڳتي، هيون پٺتي نه رهندو ۽ اهو اوهان جو احسان بي پايان مون تان ڪڏهين ڪين لهندو.

 

خط، قرآن شريف جي ختمي پڙهڻ جي دعوت ۾، حافظ ڏي

سڀن حافظن جو مهندار، اهلَ قِرآت جي جو افتخار، ڪلام مجيد جي اسرارن جو عارف، فرقان حميد جي حڪمن ۽ حدن جو واقف، عالي شرف، والا مناقب، جناب حافظ ميان (فلان) صاحب- شال! اُن جي قرآت جي روايتن جيون برڪتون ۽ تلاوت جي تجويدن واريون بخشيون ۽ رحمتون، سڀن سالن ۽ ماهَن ۾ مڙني مؤمن تي عام هجن!

”صدر الحفاظ اهل قرآت جو تون امام،

هر جاءِ حافظن تي سندءِ فيض دمبدم؛

تون منجهه فنن قرآت جي آهين مستند،

تون عاصم القواعد، تون نافع لامم“.

سلام ۽ دعا جو وظيفو، جنهن جي بزرگيءَ جي پلؤ تي ريا جو غبار نه وهي ۽ صفت ۽ ثنا جو تحفو، جنهن کي بصيرت جي اک وارن کان سواءِ ٻيو ڪونه لهي- ان ڌڻيءَ جي ڌئل، ”اهل القرآن هم اهل الله“ جي فضيلت سان مخصوص هئل، جي خدمت لازم البرڪة ۾ گذارش ڪريو، ظاهر ٿو ڪري ته ڪيتري مدت کان ان ذات شريف، مھستغني عن التوصيف، قرآن جي مجلسن جنساريندڙ، تلاوت جي محفلن سينگاريندڙ جي ملاقات مُنبع البرڪات جو اشتياق مالايطاق هو، پر ڪن ضرورتن ۽ طالع جي نارسائيءَ کان اتفاق نٿي ٿيو. هينئر جو ماه رمضان مبارڪ قريب آهي- جنهن ۾ اوهان جي خادمن جو سڀڪنهن سعادت مان ڀَلو بهرو، ۽ سڀڪنهن سڳورائيءَ مان موچارو نصيب آهي- هزار تمنا ۽ بي نهايت التجا سان عرض، ته جي هن آرزومند جي حال تي ڀال فرمائي، انهيءَ دائودي لحن سان تراويحن ۾ هڪڙو ختمو شريف اچي سڻائيندا، ۽ قرآت ۽ تلاوت جي سدا بهاريلن باغن جي سُرهيءَ هير سان مشتاقن جي مشام کي معطر ۽ معنبر فرمائيندا، ته احسان ابدي ڄاڻڻ ۾ ايندو.

 

خط، مولد نبوي يعني عرس شريف جي دعوت ۾

جڏهين، آيت شريف ”لَقد مَن الله عليڪم اِذ بَعث فيڪم رسولاَ مِن اَنفسڪُم“ جي معنيٰ موجب، حضرت حبيب اڪرم شفيع اعظم ﷺ جو ظهور، بعثت، نبوت ۽ رسالت، ايمان وارن تي الله تعاليٰ جو وڏو احسان آهي، ۽ انهيءَ احسان جي شڪر گذاريءَ مان آيت ”لئن شڪر تم لا زيدنڪم“ جي شاهديءَ سان نعمت جي واڌاري جو يقين آهي- نه گمان آهي- ۽ شڪر جي طرز يعني نعمت جو ذڪر ڪرڻ به آيت ”واَما بنعمةِ ربڪ فحدث“ مان عيان آهي، تڏهن هن بدڪردار، مولد شريف جي محفل ڪرڻ لازم ڄاڻي، ان لاءِ ”فلاڻي“ تاريخ جي رات مقرر ڪئي. تنهن ۾، اوهان مشفق مڪرمن کي تصديع ڏجي ٿي ته مٿئين انجام تي تشريف فرما ٿي، محفل جي بساط تان نبوي انوار نازل ٿيل چونڊيندا، ۽ انهيءَ طرف جي سڀني مهربانن خصوصاً مولود- خوانن کي به پاڻ سان آڻيندا.

”مولد جي آهه محفل اڄ آءُ يار هِتِ،

آيو ربيع اول پس ٿيا بهار هت.

جنهن نور سان جهان منور ٿيو سڄو،

تنهن جي جهلڪَ شعاع جي اڄ آهه وار هِت.

تشريف آهي فخر رُسل مصطفيٰ سندي،

ٿيندا نه ڪيئن ملائڪ خدمتگذار هِت؟

اک کول، پس تون پسندڙ! تان ڪيئن ڪري اُڀا،

خدمت جي ڪاڻ ملاءُ الا عليٰ قطار هِت!

جبريل منجهه تياريءَ مجلس جي چست ٿيو،

رحمت جي حاضرن تي ڪري ٿو نثار هِت.

آيا نبي، مرسل ۽ اوليا عظام،

وٺندا وٽون ڳنان چڱا نابڪار هِت.

’مشتاق‘ تون به آءُ ثناخوان آهئين-

ملندءِ سبب ثنا جي صلا هزار هت.“

 

خط، قرآن جي حافظيءَ جي دعوت ۾

هزار هزار شڪر پروردگار جا، جنهن اُها اُميد ڏيکاري، جنهن لاءِ دل سَڌايل هئي ۽ اُها آس پوري ڪيائين، جنهن ڪاڻ دل سدا سڪايل هئي، فرزند عزيز ”فلاڻي“ جي قرآن پوري ڪرڻ جو ”فلاڻيءَ“ تاريخ جي ڏينهن انجام آهي. ان جي شڪر گذاريءَ لاءِ خوشيءَ جي محفل جو سامان به انهيءَ ڏينهن سرانجام آهي. دوستن تي ڪمال آرزومنديءَ سان تڪليف رکجي ٿي، ته انهيءَ سرهائيءَ جي مجلس ۾ تشريف فرما ٿيندا، ۽ ان کي زياده زيب بخشيندا.

 

خط. ختني جي دعوت ۾

جڏهن ڪنهن خوشيءَ جي محفل جو دوستن جي حضور ڌاران جنسار ڪونهي، ۽ ڪنهن شاديءَ جي مجلس کي يارن جي هجڻ سواءِ سينگار ڪونهي، تڏهن ڪمال نيازمنديءَ سان تصديع ڏجي ٿي، ته لطف ۽ نوازش جي واٽ کان دعوت قبول فرمائي، پنهنجا ضروري ناضروري ڪم ترسائي، هن غريبخاني ڏي متوجهه ٿيندا، ۽ نورچشمي ”فلاڻي“ تاريخ جي ڏينهن مقرر ڪيل آهي- حاضر ٿي، انهيءَ سُرور جي محفل جو زيب ۽ رونق وڌائيندا- ته هميشہ جو احسانمند رهندس.

 

خط، شاديءَ جي دعوت ۾

الحمدالله جو مقصد جي تاري اُميد جي آسمان ۾ طلوع ڪيو، ۽ مراد جو نَکٽ سرهائيءَ جي شعاع سان اُڀريو، قمر ۽ مشتريءَ جي ويجهڙائي ويجهي آئي؛ ۽ قرآن السعدين جي ساعت نزديڪي پسائي، يعني فرزند ارجمند ميان ”فلان“ جي شادي خانه آباديءَ جو انجام مقرر ڪيو ويو: ”فلاڻيءَ“ تاريخ جي رات حِنابندي ۽ ورنديءَ رات زفافُ رٿيو ويو. تنهن ۾، هن عشرت جي ڏينهن ۽ خوشيءَ جي راتين ۾، سرهائيءَ جي مجلس کي رونق بخشڻ ۽ عيش جي محفل ۾ زينت وڌائڻ لاءِ، اوهان پيارن جو تشريف فرما ٿيڻ ڏاڍين ضرورتن مان سمجهيو ويو؛ تنهنڪري ادب جي وادي ويڙهي ايڏانهن اچڻ ۽ اوهان کي تصديع ۽ تڪليف ڏيڻ لاءِ هيءُ عاجز تيار ٿيو، پر هتي جي ضروري ڪمن کان فراغت نه ٿي؛ تنهنڪري ”الضرورات تبيع المحضورات“ تي عمل ڪري، هيءَ دعوت موڪلي ويئي. اُميد ته اڳي احسانن ۾ ڳهيل تي احسان وڌائيندا، ۽ ري عذر ”فلاڻيءَ“ تاريخ تشريف آڻڻ جو لطف فرمائيندا. واڌو اميد ۽ نياز- فقط.

 

خط، دوستن جي مجلس جي دعوت ۾

سڪ جي سوَن سلامن ۽ پرت جي لَکن پياس کان پوءِ مقصد هيءُ ته:

”پري توکان ٿي عمر منهنجي وبال،

لُڪن ساڻ لوساٽجي ويو نهال.

وڇوڙو وڏيءَ عمر جو ٿيو سبب،

جو گذري ٿو هڪ ڏينهن، ٿيو مون تي سال.“

آرزومنديءَ جي ڪيڏائيءَ، ڪهڙائيءَ ۽ ڪيترائيءَ کان، ڪِي به ظاهر نٿو ڪريان. عبارت آرائيءَ ۽ انشا پردازيءَ جي واٽ ۾، استعاري ۽ مضمون طرازيءَ جا پير نٿو ڀريان- پر ڪيترا ڳچ جيترا ڏينهن گذريا جو هن هوا- خواهه کي اوهان پيارن وفادارن ملاقات سان مشرف نه فرمايو، تنهنڪري خاطر وصال جي عادت ڪيل کي هڪ- هڪ ڏينهن سال برابر نظر آيو. تنهن ۾ جيڪڏهن شوق ۽ تمنا جي زيادتيءَ سببان، ڪنهن مدعا جي استعدا ڪندو ته البت محبت جي مذهب ۽ صداقت جي مشرب ۾ ايتري جرات کان بيڏوهه رهندو- سا مدعا هيءَ جو ايندڙ جمع جي ڏينهن، دوستدارن جي مجلس جو عهد، ميثاق ۽ صحبت جي انجام تي اتفاق آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن اُن مروت ۽ مردميءَ جي بهار جي قدوم مسرت لزوم جي يُمن ۽ برڪم سان، هن دل- ڪُومايلن جو بيت الاحزان، بهشتي باغ جو غيرت وڌائيندڙ ۽ رضوان جي باغيچي کي رِيس ڏياريندڙ ٿئي ته مخلص نوازيءَ ۽ دوست پروريءَ کان بعيد ۽ عجيب نه هوندو- فقط، والسلام.

 

 

خط، حاضر مجلس جي دعوت ۾

”اي صبا ڪر تون گذر بَستان ڏي،

چؤ وڃي ان نازنين شمشاد کي:

’وقت ڪو، پنهنجي اچڻ جي نور سان،

ڪر منور هن خراب آباد کي‘.“

قلبن جو مشاهدو ۽ روحن جي اتصال اگرچ اصلي محڪم آهي، پر:

”لُطف معنيٰ جو، جي پڌرائيءَ ۾ ناهه،

’رب ارني‘ ڇو چوي موسي! ڪلِيم؟“

شوق جي باهه جون ڄڀيون ڪمال جي درجي کي پهتيون؛ تنهنڪري دوستن جون کوٽيون همتون انهيءَ تي ڪوتاه ٿيون، ته جلد زور تشريف فرما ٿيڻ سان دوستن جي هن مجلس کي گلشن ۽ مخلصن جي انتظار جي اک کي روشن فرمائيندا.

”حُب ۾ حيران جي ٿيا تو سوا،

ديد ڌاران تن ٿئي ڪيئن خوشدلي؟

ڪينَ مقصد کي رسي سگهياسون مُور،

لُطف سان ڀر ڪي قدم اڄ وڃ ملي.

ناهه تو ري مجلس جي روشني،

سڀ سَرهائي ٿو سوا بي حاصلي.

آهه ڪهڙو ڏينهن چڱو جي تون هجين،

پُر پيالا وصل جا تان پيون کِلي!“

خط، خاص هڪڙي دوست جي دعوت ۾

ضروري دوريءَ ۽ لاچاري مهجوريءَ جو ڪهڙو ذڪر قلم تي آڻجي؟ دوستن جي روشن دل تي مڙئي معلوم ٿو ڄاڻجي- اندر جوڳجهه نه ٻئي کي سڻائڻ جهڙو، نه اوهان کان لڪائڻ جهڙو. رڳو جگر جو رت پيڻو ۽ سِر تي رنج نِيڻو آهي، ۽ بيوس ٿيڻو ۽ غم کيڻو آهي- اڳواڻن صحبتن جي ڏينهن ۽ آڳاٽن ورونهن جي راتين جي يادگيريءَ، درد ۽ سوزش جاڳائي ورونهن جي راتين جي يادگيريءَ، درد ۽ سوزش جا ڳائي دل کي انهيءَ تي آندو هو ته ڪڏهن اوهان وٽ اچي رسان ۽ ملاقات سان مشرف ٿي وهسان؛ پر ڪم ضروري، پرائي مزوريءَ ۽ قسمت جي مجبوريءَ رخصت نه ڏني، ۽ انهيءَ پار جي يارن اوهان پيارن جي هيڏانهن تشريف آڻڻ جي به خبر ڪئي، تنهنڪري رهجي پيس. اوهان جو اچڻ نه ٿيو، آءٌ وَسان نڪري ويس: ڄاتم ته هيءُ متان انهيءَ ڏينهن لاءِ اچڻ آهي، جنهن ڏينهن آءٌ نه هوندس! آخر اندر جي اشتياق، اُداس، محبت ۽ پياس جو ذڪر وڏيءَ آس سان لِکيم، تنهن کي اوهان سراسري ڳالهه سمجهي، تڏهن لاچار قلم جو پير ڀڃي کڻي رکيم! پر دل نه رهي، صبر نه سهي سگهي؛ موٽي به اتي آندائين ته قلم جو گهوڙو تاڻيان ۽ دل جِي مَنجهِين سوزش اوهان کي رسائيان.

منهنجي حُج يا عتاب ڪونهي، مگر دوريءَ جو تاب ڪونهي- هن مسڪين جي لِله في الله جي دعوت قبول فرمائي، جي ايندا ته دوست نوازيندا، جي نه ته مون کي وڌيڪ ڏک ڏيندا.

 

خط

جڏهن دوست کي، سدائين دوستن جي خوشيءَ جي طلب ٿي رهي ۽ يار جي ديدار کان سواءِ ٻئي ڪنهن حالت ۾ اهڙي خوشي ڪانه لهي، تڏهن ڇا سبب جو هميشہ آرزومند رهيس ۽ هڪ مرتبو به دل جي مراد کي نه رسيس؟ باوجوديڪ، مَن جي مَنجهِين محبت مَهند ظاهر ڪيم، اوهان جي ڪوٺي آڻڻ لاءِ خط سان گاڏي مُڪِيم، ته به متان ڪو جهَڪي نظر چئي ته ’نه- ايندن وٽ ٿو اچي‘- سو ڏهه ڏينهن ٿيندا، جو تپ جي گرميءَ کان بيتابيءَ جو همبستر آهيان! طاقت ايتري ڪانهي جو گهڙي ۽ پيالي وانگر، ڪنهن دوست جي دستياريءَ ۽ ڪنهن دست جي دستگيريءَ سان ڪنهن ماڳو ٿيا؛ نه ته جيڪر تڪليف نه ڏيان ها ۽ پرانهينءَ جا ڏک به نه ڪاٽيان ها.

دل درد سان ۽ زبان اوهان جي ذڪر سان گهڻيئي خوش آهن، مگر ديدار پوڄيندڙ اک کي اُسڙڪڻ ۽ واٽن تڪڻ کان ڇوٽڪو ڪونهي. هاڻي هن گمان سبب، ته بيمار آهيان- جي مري پيس ته سَڌون سڀ ساڻ کڻي ويس- اُميد اٿم، ته نظر مثل جلد بيتاب اک کي روشني بخشيندڙ ٿيندا.

 

جواب

دل جو درد- جو اوهان جي مهربانين وانگر نهايت کي رسڻو نه آهي- جي دل ۾ نه ڌريان، ته ڇا ڪريان؟ محبت نامو رسيو؛ قلب اوهان جي نوازش کان خوش ۽ عتاب کان ڪباب ۽ بيماريءَ جي حالت کان ملامت وارو ٿيو. جيڪي اِتيجن خطن ۾، هِتان جواب نه اچڻ سبب رنج لکيو اٿوَ، سو سڀ برابر، مگر نه اينءَ، جو مغروريءَ ۽ بيپرواهيءَ کان خيال ڪيو اٿوَ. سچ هيءُ، ته ڀانيم ٿي ته اُن خطن جو جواب پاڻ ٿيان: منهنجا قاصد ۽ ڪاغذ اوهان جو ديدار ڪن، ۽ آءٌ محرم هجان- اهو ڏک دل کي ڇو ڏيان!

هاڻي انشاءالله تعاليٰ، جلد پاڻ کي اِتي رساڻيان ٿو، ۽ اوهان جي گلا اوهان وٽ آڻيان ٿو.

 

خط

مدت ٿي، جو بيمار آهيان- ٻڌو به اٿوَ، ڪڏهن پڇڻ لاءِ به نٿا اچو! جي گلا ڪريان ته جاءِ اٿس، پر ڪهڙو زبان اوهان جي سدا ساراهيندڙ کي گلا سان ڀريان!

منهنجو حال هي، جو هِن ڀؤن جي آب ۽ هوا جي ناموافقت سببان تپ اچي مُنهن ڪڍيو آهي. ٻه راتيون ٻه ڏينهن پاڻان پاسي هوس. اڄ هوش ۾ آيس، اوهان کي آگاهه ڪيم ته اچو- جو اکيون راهه تي اُڀيٺلون ۽ چَپُ آهه سان ڀريل اٿم!

 

جواب

بيماريءَ ۾ پڇڻ لاءِ نه اچڻ، هڪڙو چڱڀلائيءَ جي سرهائيءَ واري سڏ سڻڻ جي سَڌ کان هو، ٻيو ته بيماريءَ جي بستر تي اوهان کي ڏسڻ جي طاقت به ڪانه رکيم، ٽيو ته اغيارن بيوقارن ۽ رقيبن بدنصيبن ۽ حاسدن جي بيفائدن طعنن هڻڻ جي به نگاهه ٿي ڪيم- جهانن جا ڪم جوڙيندڙ جلد آرام بخشيوَ، ته ڪنهن خلاصي وقت ۾ خوش ۽ خرم اچي ڏسان!

(اشارو: اگرچ هي پويان چار خط، عتابي خطن سان به مناسب آهن، پر انهيءَ فصل کان رهجي وڃڻ ۽ ڪنهن ٿوريءَ ڳالهه ۾ هن فصل سان مناسب ٿيڻ سبب، هتي لکيا ويا.)

 

 

فصل ٻيون

 

دلداري ۽ دلاسي ڏيڻ جي خطن ۾

 

جڏهن، ڪنهن به فڪر واريءَ حالت ۾، هڪٻئي کي تسلي ڏيڻ ۽ صبر جي آڇ ڪرڻ اسلام جي سنت آهي، تڏهن انهيءَ قسم جا به ڪي نمونا ڏيکارجن ٿا.

 

خط، بيماريءَ جي حالت پڇڻ ۾

اوهان جي دشمنن جي طبع جي علالت ۽ ملالت سڻڻ کان نهايت پريشاني آهي- شال شافي حقيقي، شفا ڪامل ۽ صحت عاجل بخشيوَ!

هن دعاگوءَ عيادت لاءِ ايڏانهن اچڻ جو ارادو رکيو، پر ڪهڙي مُنهن ۽ ڪهڙيءَ اک سان ڏسي سگهندو! تنهنڪري، هيءُ خط آڻيندڙ پنهنجو نائب ڪريو ٿو موڪلي، ته اسان جي اکين سان اوهان کي ڏسي اچي.

 

خط

ٻڌم ته ڇت تي چڙهندي، چڙهڻيءَ تان پير ٿِڙڪندي، هيٺ اچي پيؤ، هٿ کي ايذاءُ پهچي ويؤ! تنهنڪري هٿ هٿ تي مهٽيم، چڙهڻيءَ وانگر مٿو ڀت تي هنيم- شافي مطلق شفا، ۽ پنهنجي لطف جو هٿ ڏئيوَ!

”صبح جو ڇت اُتان ڪِرين جو تون،

ٿي مَ آندو هگين هرگز يارَ!

ڪيم مردن جي جيئڻ ڪِرڻ آهي،

سڀڪنهن جا ايهي نه سَولا پارَ.

 

خط

ٻڌم ڪَنُ تنهنجو ايذايو متان ڏک

منهنجي دل جو، اچِي ڪَنَ تنهنجي رسيو“!

جيسين تائين اوهان جي ڪَن جو سور ڪَن تي پيو پوندم، تيسين تائين بيتابي دل سان سرگوشي ۽ بي آرامي گرمجوشي رکنديم. دل ۾ جو درد هو، سو ڪَن تي ۽ سِيني ۾ جو بار هو، سو ڪُلهي تي آيو- جهانَن جو علاج ڪندڙ جلد آرام عطا فرمائي، ۽ ڪَن جي بيدرديءَ جي خوشخبرَ منهنجي ڪن کي پهچائي!

 

خط

”نبض تنهنجي ۾ جان چُڀِي نشتر،

پيو وَهي منهنجي اک مان خونِ جگر!“

جڏهن سِير ڇوڙيندڙَ چالاڪَ، نبض سڃاڻڻ جي مدد سان، وڍِي ٻَڌي، تڏهن ڄڻ رتَ  گرم وارن تي آرام جو دروازو کوليائين: توڻي، ظاهر ڏسندڙن جي نظر ۾، سچن دوستن جي ساهه جي نبض ۾ نشتر هنيائين، مگر پردي پسندڙن- اونهيءَ نگاهه ڪندڙن- جي نگاهه ۾، دشمنن جي اک ۾ سُوئي ٽنبيائين! اُهو ڪهڙو نيش هڻندڙ، جو مدامي نوش بخشي ۽ ڪهڙو خاص خونخوار، جو تازي حياتي ڏئي؟ نيش هڻڻ ان جو انديشو آهي، ۽ رت ڪڍڻ سندس پيشو. دشمن ڏانهن به جي سِري ته ان جو رت به ڏانهنس جوش ڪري- ڪنهن نبض ۾ نشتر نه هنيائين، جنهن تي پٽي نه ٻَڌائين!

”نڄاڻان ان جي هٿ ۾ ڪهڙو جادو،

جو سڀڪو پنهنجو رت اڳيانس هاري

خدايا، بدخواهن جون اکيون، رت تي چهٽل سِڱيءَ وانگر اونڌيون ۽ سرنگون هجن، ۽ حسد ڪندڙن جا بدن، دِڙن جي ٻهار ۾ ميري رت پيل اڳڙين مثل زبون هجن!

 

خط، بيمار جي عزيزن ڏي

دوست پياري ”فلاڻي“ جي بيماريءَ جي حالت سڻڻ کان ملالت پيدا ٿي، ۽ هن فدا ٿيل جي دل شيدا ٿي؛ چيم ته پکيءَ وانگر اُڏامي اچان، پر دوستن کي بيماريءَ جي بستر تي ڏسڻ جي طاقت نٿو رکان! شافي حقيقي شفا عطا فرمائيس، ۽ اهو آزار دشمنن تي وجهِي ان بلا کان بچائيس! تنهن ۾ ڪنهن حاذق حڪيم جو علاج ڪجو، ۽ اوهان جي ڀر واري نيم طبيب خطره جان کان دوا مَ وٺجو- ڇا کان، جو اُهو زهر جو استاد آهي ۽ شهر جو جلاد آهي: اوچتي موت جو ٻيو، قتل عام ۽ وبا جو ٽيو، وِهه قاتل جو قائم مقام، زهر هلاهل جو نائب مدام، ڊگهيءَ اُميد جو وڍيندڙ، اَجل مَوعُود جي واڳ ڇڪيندڙ، هلاڪيءَ ۽ فوت کي رستو ڏيکاريندڙ، مَلڪ الموت کي مَتيون سيکاريندڙ، وڏين آفتن جي قافلي جو سالار، لذتن ڦٽائيندڙ لشڪر جو مهندار- جي ڪنهن جي لاءِ دوا جو نسخو لکي، ته پهريون حرف مريض جي موت تي دلالت رکي! ان جي دوا، مريضن کي مدد ڏيندڙ ۽ آزارن جي همراهه؛ ان جي مجلس، هميشہ اَجلن جي گذرگاهه. اهڙو فنا جو ڪاريگر، جو هڪڙي پساهه ۾، انساني بدنن جي ڪيترن سلان جي سَٿي کي نابود ڪري ڏئي، ۽ اهڙو مرڻ جي سببن ۽ نشانن جو ڄاڻو، جنهن جي نيزي قلمَ جو قطرو، ڇوٽڪي ۽ شفا جي بنياد ڊاهڻ ۾ روحن ڪڍندڙن جي سعيي جي حاجت ڪانه ڇڏي! سندس راءِ حاذق، ڪُلي قانون آهي مرضن جي نگاهبانيءَ ۽ صحت جي وڃائڻ ۾ ۽ سندس عقل صائب، مقرر دستور آهي بيمارن جي ڏاڍائيءَ ۽ آزارن جي وڌائڻ ۾. مريض لاءِ سندس ملاقات زهرُ ري ترياق، ۽ بيماري لاءِ سندس کينڪار بُحران هَلاڪ. سمجهه  واري کي سندس ديدار جي اهڙي ڇڪ، جهڙي دستن واري کي دمدم طَهارتخاني جي سڪ!

شال ان جي جدائيءَ جا سبب- جي ڪن ڏينهن جي بقا جا وسيلا آهن- مُيسر هجن!

 

خط، روزيءَ جي تنگيءَ کان مسافر ٿيل جي دلداريءَ ۾

روزيءَ جي تلاش لاءِ اوهان جو سفر اختيار ڪرڻ، ۽ ڏيهه ڇڏي پرڏيهه وڃڻ، معلوم ٿيو. تنهنڪري، هن مخلص جي دل تي ڪمال تلسف منهن ڪڍيو. بيشڪ هن ناموافق زماني ۾- جو ڏينهان ڏينهن گهٽ آهي- روزگار جو قحط پيو؛ پر جڏهن مڙئي ڪم حڪمت ۽ ٻانهي جي آسائش کان خالي نه آهن، تڏهن يقين ته البت عُسرت جي ڪيترن ڏينهن تي صابر ٿي، منتظر رهندا ته الاهي گُهر ڇا ٿي پيدا ڪري، ۽ دلاسي ”اِن مع العُسريُسرا“ موجب آسانيءَ جو واءُ ٿو وري- زياده ڇا لکجي.

 

خط، عاشق محبوب جي بيپرواهيءَ کان تنگ هئل جي دلداريءَ ۾

دوستا! عشق واريءَ دل جي درد بي نهايت ۽ آزار بي غايت جو ڪهڙو ذڪر قلم تي آڻجي؟ افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو جنهن کي اوهان ناز ۽ نعمت سان نپايو ٿي، ۽ سندس پيرن جي خاڪ کي سُرمو ڪيو اکين ۾ پايو ٿي، سو اوهان جي بيخبريءَ ۾ اخلاص جي واٽ ڇڏي پنهنجي مرتبي جي پاس نه رکي، اڳواڻن انجامن ۽ تازن عهدن کي برباد ڏيئي ڪاوڙجي هليو ويو! يقين سان ڄاڻان ٿو ته دوستن جي دل تي غم جا دروازا کوليائين ۽ يڪدل يڪجهت مشتاقن کي وڇوڙي جي شسدريءَ ۾ ڇڏيائين، دغا جي چؤپڻ کيڏيائين، وصال جو ڌاڳو ڇنيائين، آشنائن سان موافقت جي مجلس گرم ڪيائين، ۽ هن تي نظر نه رکيائين ته محبت ۽ صداقت جي هڪ نقطي جي حد لنگهڻ کان محنت ڪڍڻي ۽ سؤ آفتن جي صورت ڏسڻي آهي. جڏهن ايڏين مهربانين سان به خدمت فيض موهبت کان جدا ٿي ويو ۽ بي گُن کي ڪو گُن پِتي تي نه پيو تڏهن تنهن جي شڪايت جي حڪايت قلم سان ڇا تحرير ڪبي، ۽ بيان جي ميزان ۾ ڇا توربي!

”نه سَرؤ لاله کان خالي اهو چمن رهندو،

ويو هِڪو ته ٻيو پُٺ ۾ ڪين ٿيندو ڇا؟“

تنهن ۾ اميد ته خاطر مبارڪ جي لوح تي ان جي وڃڻ کان ڪو غبار نه ويهندو- فقط، والسلام.

 

 

فصل ٽيون

مبارڪباديءَ جي خطن ۾

خط، مبارڪباديءَ جو حاجيءَ ڏانهن

ٻنهي حرمن جو فيض وٺندڙ، ٻنهي قبلن ۾ عبادت سان نَمندڙ، خدا جو قبول ڪيل، پيغمبر وٽ وڻيل، ايمان کي تازو ڪندڙ، ايقان کي محڪم رکندڙ، سڀني نعمتن سان واصل، مڙني خيرن ۾ داخل، سڀني مقصدن سان شاداب مڙني مرادن سان ڪامياب- شال اُن جي پيرن مبارڪن جون برڪتون مدام عام تي هجن!

سلام حرم آمن جي طائفن جيئن حساب ۾ نه ايندڙ، دعا ملتزم ۽ مدعا واري اجابت قبوليندڙ، ڪمال شوق سان هديو ڪريو، حضرت ذوالجلال کان وصال جو سوال گُهريو، ظاهر ٿو ڪري ته عالم ۾ آسپاس خوشي ڏسي جان ماهيت پڇيم، تان حرمين شريفين کان صحت سلامت سان اوهان جي تشريف آوريءَ جي سُڌ سُيم- دل ۾ به اڳي اها آرزو ۽ تمنا هيم. جدائيءَ کان خالي هُئل دل، وصال جي اُميدن مان ڀريم، بي اختيار ظاهر ٿي پيئي، جا هٿ چمڻ جي آرزو دل ۾ ٿي ڌريم.

”مبارڪ هجيئي خاص ۽ عام جي،

بشارت هجيئي حَجّ اسلام جي!

وڏو تنهنجو طالع، وڏو بخت تو،

سعادت جو حاصل ٿيو تخت تو.

ڪونهي غم ٿئين جي اسان کان جدا،

پنهنجي گهر ڏي توکي هو ڪوٺيو خدا!

اُهو ماڳ بنياد اسلام جو،

اُهو هنڌ عطا، لطف، اسلام جو.

ڪيو قصد سڀ تنهنجو قادر قبول،

ٿيو رحم سان توتي راضي رسول.

شفاعت جي سَريَئي بشارت ڀلي،

ڀلي آئين مقصد سان مَرڪي مَلي.

ڀلي آئين موٽي ڀلا مرحبا،

سدا مرحبا، مرحبا، مرحبا!

انهيءَ سفر خيريت اثر کان سلامت اچڻ جي خوشي بي نهايت، ۽ مسرت جي بي غايت، شال مڙني متعلقن، آرزو مندن، محبن ۽ خيرخواهن تي مبارڪ هجي! هي هوا- خواهه به، قاصد پٺيان خدمت شريف ۾ اچيو ٿو پهچي.

 

خط، سفر کان سلامت اچڻ جي جي مبارڪباديءَ ۾

الحمدلله، جو سعادت ۽ اقبال وڌائيندڙ، مقصودن ۽ مرادن پهچائيندڙ سفر کان، اُن وفا وارن جي ڌئل ۽ صفا وارن وٽ وڻيل جو سلامت، عافيت، نعمت ۽ غنيمت سان پنهنجي وطن پياري ۽ ملڪ موچاري ڏي موٽڻ ٿيو. انهيءَ سلامت جي رسڻ سان دوستن جون اکيون ٺريون ۽ دشمنن جون دليون ڪَڙهيون. شال، مڙني مطلبن ۽ مقصدن جي حصول بعد هميشہ پنهنجي عزيزن ۽ مخلص سان هيڪاندو ۽ ان لاءِ مبارڪ هجي!

 

خط، شاديءَ جي مبارڪباديءَ ۾

جهان جي خداوند جو شڪر، جو موچاري وقت ۾، قمر ۽ مشتريءَ ويجهاڙائي لڌي ۽ قرآن السعدين ٿيو ۽ سروَ آزاد جو شمشاد سان پيوند پيو! ڪهڙيءَ موچاريءَ شاديءَ ۽ مبارڪ خانه آباديءَ جي خوشخبري جو جهان جي ڪَنَ کي ڳريءَ بها وارن گوهرن جو گنجينو ڪيائين، ۽ عالم جي دلين جي گلشن کي ٽِڙڻ ۽ تازگي رساڻيائين! شاديءَ ۽ شادمانيءَ جو ڏينهن، خوشيءَ ۽ ڪامرانيءَ جو زمانو آهي، جنهن ۾ فلڪ انهيءَ عقد مسعود تان ڪَتيُن جو هار گهوري، يا ان جي مبارڪباديءَ ۾ تارن جي جواهرن کي هاري، ته ناشايان نه آهي.

جڏهن هن عشرت جي ڏينهن ۽ مبارڪن وقتن ۾، واڌو لکڻ، موچارائيءَ مان نٿو ڳڻجي، تڏهن دعا تي اختتام ٿو جي: شال اهو زفاف، سعادت انصاف، مبارڪيءَ ۽ موچارائيءَ سان لڳل ۽ عشرت ۽ سرهائيءَ مان ڀريل هجي!

 

خط، پٽ ڄائي مبارڪباديءَ ۾

ٻنپهرن جي وقت، ننڊ جي وڇاڻي تان اُٿيس ۽ ڪنهن ڪم لاءِ ٻاهر نڪتس، تان اوچتو ’مبارڪ‘ جو آواز ڪن تي پيو. واءَ وانگر تکو قاصد پريان پيدا ٿيو، سر سُڃاتم، دوستن جي مُلڪَ جو ڄاتم، جو ان جي وک وک سرهائي ڏيکارِي ٿي، ۽ قدم قدم خوشيءَ جي مجلس سينگاري ٿي. تان ته اچي پهتو. سلام کان اڳ مبارڪ ڏنائين، ۽ سلام ڏيئي خبر ڪيائين ته ”بلنديءَ بخت جي آسمان ۾ تارو چمڪيو، دلين جي عزيز ”فلاڻي“ جو فرزند ارجمند تولد ٿيو“- سا سُڌ سڻي وهسيس، ۽ پيراهن ۾ سمائجي نه سگهيس! اوهان جي لاءِ اکين جي ڏِيئي جِي تمنا هُئم؛ ڌڻيءَ جو شڪر، جو پنهنجي اکين سان اُها روشني ڏٺيم- پروردگار مڙني دوستن دل ٻَڌلن لاءِ مبارڪ ڪريس، ۽ موچارن اطوارن سان وڏي ڄمار بخشش!

 

خط

هزار هزار خوشيءَ، شاديءَ ۽ لک لک مبارڪباديءَ سان ظاهر ڪجي ٿو، ته اوهان جي اُميد جي باغ ۾ تازي گل کلڻ ۽ آرزويءَ جي وڻ مان مراد جي ميوي ملڻ جي خبر پهُجت اثر سڻڻ ڪري، خوشنودي ۽ خُرمي حاصل ٿي. ان دم قلم جي زبان، زبان جي قلم، حقيقي سرڪار جي درٻار ۾ شڪر گذاري ڪئي ته الحمدلله، جو سعادت جو هلال، بخت جي آسمان ۾ اُڀريو، ۽ اوهان جي خواهش انشاءَالله الُمتعال، اهو حسن، جمال، سعادت ۽ صلاحيت جي ڪمال جو هلا، سڀن آفتن، آسيبن، حسدن، نظرن، نقصانن ۽ عيبن کان امن ۾ رهي، دين ۽ دنيا جي ڀلائيءَ ۽ بخت ۽ دولت جي ڪامروانيءَ ۾، چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر هر جا روشن ٿيندو ۽ هڪجيڏن ۽ هڪسَرتن کان صلاحيت ۽ سعادت جي گوءِ نيندو- خداوند تعاليٰ شال اوهان جون اکيون ۽ هِنيون اُن سان ٺاري، ۽ دين ۽ دنيا ۾ ان جون مٺيون مرادون ڏيکاري!

”سڄڻ هوءِ توکي مبارڪ مُدام،

مُبارڪ، مبارڪ، سدا والسلام!“

 

خط

اوهان جي فرزند ارجمند جي ڄمڻ جِي راحت ڏيندڙ، فرحت بخشيندڙ، خبر رسي. وقت خوشيءَ جو ٿيو، ۽ ساهه کي آرام سريو. شال الله تعاليٰ برڪت وارو ڪري ڏيوَ، ۽ دين ۽ دنيا جي موچاراين ۾ هڪسرتن کان سرسي لَهي، ۽ ناز نعمت سان پنهنجي ماءُ- پيءُ جي پاڇي هيٺ هميشہ رهي!

 

خط، مڪتب ۾ ويهڻ ۽ بسم الله شروع ڪرڻ جي مبارڪباديءَ ۾

اوهان جي فرزند پياري جي مڪتب ۾ ويهڻ ۽ ’الف- بي‘ پڙهِي بسم الله شروع ڪرڻ جي خوش خبر رسِي، ۽ مٺائي موڪليل به پهتي ۽ ذائقي ۾ آئي. جيڪر هن مخلص کي اشارت فرمايو ها، ته خوشيءَ جي محفل ۾ اچي حاضري ڏئي ها، ۽ بروقت روبرو مبارڪباد جي رسم ادا ڪري ها. شال الله تعاليٰ انهيءَ آغاز جو انجام مبارڪ ڪري، ۽ ان برخوردار، ڪامگار، سعادت آثار کي ديني، دنيوي علم مان ڀلو بهرو ۽ وڏو وانٽو سري! فقط.

 

خط، قرآن شريف جي ختمي جي مبارڪباديءَ ۾

مبارڪ خبر، راحت رسائيندڙ، اوهان جي فرزند پياري، سعادت واري جي قرآن شريف پوري ڪرڻ جي پهتي دوستن جِي دل خوش ۽ خرم ٿي. الله تعاليٰ جل و عليٰ جا پَدمين شُڪر، جنهن اوهان کي اها چڱي ساعت پسائي ۽ مراد جي گُل ملڻ لاءِ اميد جي مکڙي کُلائي! شال ان جي لطف ۽ احسان سنا، هي سعادتمند، علم ۽ عمل هڪسرتن کان سرس ۽ هڪجيڏن کان واڌو ٿئي!

هيءُ مخلص، مبارڪباد جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ، دولتخاني جي دروازي تي آيو هو، پر جناب جن ان وقت جلوه افروز نه هئا، تنهنڪري موٽي ويو- هينئر برخودار ”فلاڻي“ هٿان تهنيت جا ادب بجاءِ آندا ويا.

 

خط، ختني جي مبارڪباديءَ ۾

اوهان جي فرزند سڳوري جي ختني جي خوش خبر سڻي، گهڻي خوشيءَ منهن ڏيکاريو. ۽ اوهان مشفق نوازن جي عنايت فرمائيءَ کان حيرت آهي، جو باوجود گهرائڻ ٻين يارن جي، هِهڙي جشن ۾ هن هوا- خواهه کي اوهان نه سنڀاريو! بهرحال، انهيءَ معنيٰ جو ظهور، اُن ڪرمفرما ۽ مڙني ننڍن وڏن لاءِ مبارڪ هجي ۽ الاهي فضل سان اوهان جي مٿانهين پاڇولي هيٺ، انهيءَ پٽ پياري جي شادي ۽ ڪتخدائي ميسر ٿئي؛ پٽن ۽ پوٽن وارو ٿئي- زياده مهرباني.

 

خط، بيماريءَ کان شفاياب ٿيڻ جي مبارڪباد ۾

”هزارين حمدَ حَق جا، جنهن ڪرم سان،

مٿان دل تنهنجي، غم جا سڀ کنيا بارَ.

توانائيءَ ۽ طاقت موڪلڻ سان،

ڪيائين مَحو بيتابيءَ جا آثارَ.

بچي ڪا ڀانڃ بيماري نه تو ۾،

سوا ڪاڪل ڪُنڍي ۽ چشم بيمار.“

الحمد الله، جو ان وجود فائض الجود جي سلامت، ۽ مزاج  صحت امتزاج جي استقامت جي بشارت ۽ خوشخبريءَ سڻڻ ڪري، مخلصن جي بدنن ۽ محبن جي قلبن مان محنت ۽ غم جا مرض هلاڪت ڏيندڙ، ۽ ڏکن جا آزار ڏاڍا ٿيندڙ، يڪدم نابود ٿي ويا؛ ۽ احوال خير مال جي وجود، ۽ اميد ڪيل خبر بهجت اثر جي ورود سان، اثر ۽ نشان ”تنزل من القرآن ماهو شفاء و رحمة للمؤمنين“ جا نازل ٿيا.

”شڪر رب کي جو تنهنجو غم گذريو،

هاڻي سڀ هجوَ جو الم گذريو،

درد غم شال ڪونه ٻيو ٿيندو؛

دل کي وڻيو نٿي، سو دم گذريو.“

خدا جو قسم ته انهيءَ نعمت عظميٰ جي شڪر ادا ڪرڻ ۾ ڄڀ عاجز اهي، ۽ انهيءَ عَطميت ڪُبريٰ جي عذر بيان ڪرڻ ۾ زبان قاصر آهي، تنهنڪري دعا تي اختصار اوليٰ ٿو سمجهجي، شال هميشہ مزاج ڪثير الابتهاج سلامتيءَ سان لڳل، ۽ ذات ڪريم الصفات دردن ۽ بيمارين کان پناهه ۾ رهيل هجي!

آمين، والسلام.

 

خط

اُن مهربان، قدردان جي شفا جي غسل ڪرڻ ۽ صحت جي پاڻي وجهڻ جي خبر سُڻي، خشي ۽ راحت حاصل ٿي ۽ باري تعاليٰ جي درگاهه ۾ شڪر جا سجدا بجاءِ آندا ويا. شال شافي حقيقي، اُن ذات بابرڪات کي هميشہ صحت ۽ عافيت سان رکي! هي جاننثآر جيڪر حضور ۾ هجي ها، ته جان جي نقد کي گهوري ڏئي ها؛ پر مجبوريءَ سببان، اها دل جي لڪل تمنا دل ۾ رهي. بالفعل، هيترو مقدار اوهان جي سر مبارڪ تان صدقي ڪرڻ لاءِ هلايو ويو، جو نظر انور ۾ گذر جو شرف لهندو:

”تون مُحبن جو آهين دل- گُهربل،

ڏڍ ڏکوين جو تنهنجي ذات سدا.

ڇا هجي نقد هي جو گهوريان ٿو،

منهنجي دل جان توتان هوءِ فدا!“

 

خط، جاءِ اَڏائڻ جا مبارڪباديءَ ۾

سلام، دوستيءَ جي بنياد کي برپا رکندڙ، دعا، محبت جي عمارت کي محڪم ڪندڙ، ان پياري وفا واري جي مجلس جو تحفو عرض ٿو سينگاري، ته موچاريءَ اڏاوت سان اوهان جي نئينءَ عمارت ٺهرائڻ جي سرهائيءَ ڀريل سُڌ آئي، تنهن دوستن جي دل جان ۾ خوشي، ۽ دشمن جي هِنئين ۾ حسرت وڌائِي. سبحان الله، ڪهڙي منزل مبارڪ، جنهن کي سعادت گهيرو ڪندڙ ۽ اقبال هر طرف هجن ۾ رکندڙ آهي! الله تعاليٰ منجهس ان دوستن جي ڌوئل جِي سڪُونت، نعمتن سان تمام ٿيل ۽ سعد ستاري جي اسعد طالع ۾ ڪري، ۽ سعادت بنياد هجيس، ۽ اقبال ٿنڀ، ۽ برڪت اڱڻ، ۽ توفيق در جِي چانئٺ! زياده ڇا لکجي- فقط، والسلام.

 

خط، مسجد شريف جوڙائڻ جي مبارڪباديءَ ۾

سڻڻ ۾ آيو ته جناب جي خير ڳوليندڙ فڪر جي سعيي ۽ ڪوشش ”اِنما يعمر مساجد الله من اَمن بالله“ سان، بنا لمسجد اھسس علي التقويٰ“ جي خبر پيئي؛ ۽ ثاني مسجد اَقصيٰ جي ٺهي، چڱيءَ عمارت ۽ محڪم بنياد ”اَلتي جي ٺهي، چڱيءَ عمارت ۽ محڪم بنياد ”اَلتي لم يُخلق مثلها في البلاد“ سان مڙني عبادت ڪندڙن ۽ سجدي ڏيندڙن وٽ ”ولبيت المعمُور وَالسقف المُرفوع“ جا اثر ڏٺل ۽ سُئل ٿيا- عليٰ الخصوص اِتي جا اهل اسلام، انهيءَ مهل ۽ مقام جي شرافت سبب، ثاني بيت الحرام خيال ڪري، ان ۾ زهد ۽ عبادت ڪرڻ کان الاهي اجر عظيم ۽ لطف عميم جا اُميدوار ٿيا.

”الاهي فيض جي جامع ٿي مسجد،

الاهي نور سان لامع ٿي مسجد.

ٿيو ان جو اُتاهون شان سڀ تي،

مڪائين ذڪر جو آواز اُڀ تي.

پيا تسبيح جا تنهن ۾ پڙالا،

لنگهي ويا سي نَوَن(9) طبقن کان بالا.

سعادت جنهن جي سونهپ ٿي ڪري، سو

مٿو پيرن کان اڳ اُن در ڌري ٿو.“

هتي ان خير جي بنا عاليشان جي توفيق جي خبر خوشي ۽ مبارڪيءَ  سان رسي. ڪمال خوشحاليءَ کان، مڙني مؤمنن جي دل وهسي- شال ايزد متعال، پنهنجي افضال سان مقبول ڪرائي، ۽ بشارت ”مَن بني لله مسجدا نبي الله لہ بيتا في الجنة“ جو مصداق فرمائي! آمين.

 

خط، رٺل محبوب جي پرچڻ جي مبارڪباديءَ ۾

ڪنهن معتبر کان خوش خبر رسي ته جنهن محبوب من مُهڻي، سِج چنڊَ کان سُهڻي، ڪيتريءَ مُدت کان، گُهنڊ ۽ گهور سان سهسين سُور ڏيئي، ان فضل ۽ ڪمال واري جو هوش کسي، وصال جي واٽ کان منهن موڙي، فراق جو گس ڏَسي، طبع سڳوريءَ کي مجذوب ۽ بيحال، ۽ زبان کي لال ڪيو هو، ۽ ناز بي انداز سان وڇوڙي جي راتين کي دراز ڪري، خاطر مبارڪ کي سوز ۽ گداز ۾ رکيو هو، تنهن جي قلب ۾، موچاري اتفاق سان، اوهان جي مهبت جي جذبي، سَير ڪري، سنديس هينئن جي گهر کي صبر ۽ آرام جي وَٿن خالي ڪيو؛ بي اختيار ان عاشق زار جي مجلس ۾ اچي، صلح، صفا، دوستيءَ ۽ وفا جو گُهرندڙ ٿيو؛ ساڙيل باهه فراق جي کي، وصال جو ڇنڊو هنيائين، ۽ ماريل آزار اشتياق جي تان ڳڻتيءَ ۽ انتظار جا سڀ بار کنيائين!

”خدا جو حمد، ٿيو مَهرُو بغل ۾،

مُرادن دل جيءَ موجب تنهنجو همدوش!

رکيو اُن تنهنجي دل ڦٽيل تي مرهم،

اڳيان آزار هاڻي ٿيا فراموش!

ڀِريو ڪنهن بخت تنهنجو گُم ٿيل عقل،

وري هٿ آئيو توکي ويک هوش.

هُجئي لک لک مبارڪ- وات تنهنجو،

هجي انجي چپن مان شال پُرنوش!“

الله تعاليٰ جي ڪرم عميم ۽ لطف عظيم سان، شال اُو ٻيئي مشتاق، عشرت جي بُرج ۾ همقران ٿي، مرادن جا مالڪ ۽ شاد ڪام رهن ۽ ان سعادتمندن جي خوش وقتيءَ جي برڪت سان، مڙئي دوست مسرور مدام، سڀ رقيب ۽ دشمن، مقهوم ۽ بدنام رهن!

(اشارو: اگرچ، مبارڪباديءَ جي خطن جا اڃا ڪيترا نمونا رهيل آهن- جهڙوڪ، نئين ورهيه، نو روز ۽ نئين چنڊ علي الخصوص، ماهه رمضان، عيدن، چڱيءَ منصب ملڻ جي مبارڪبادي ۽ ٻيون- پر ڪتاب جي طوالت ۽ پڙهندڙن جي ملامت جي خوف ڪتاب جي طوالت ۽ پڙهندڙن جي ملامت جي خوف کان، هن ٿوري قدر تي اڪتفا ڪئي ويئي.)

 

فصل چوٿون

 

تعزيت ۽ غمخواريءَ جي خطن ۾

جڏهن ڪنهن مصيبت هَنيلَ جي غمخواري ڪرڻ ۽ اُن سان سور اورڻ حديث شريف ”من عزيٰ مصابا ڪساه الله حلتين مِنِ حلل الجنة لا تقوم بهما الدنيا“ (جنهن مصيبت هَنيلَ سان ڏک اوريو، تنهن کي ڍڪائيندو الله تعاليٰ ٻه وڳا بهشتي وڳن مان، جن سان ساري دنيا برابر نه اُڀيندي) موجب اَجر عظيم جو سبب آهي ۽ اهل السلام وٽ ڀاءَ مومن کي ڏک لڳل پنهنجو ڏک سمجهڻ آڳاٽو وڻيل ادب آهي،

تڏهن انجا به ڪي نمونا لکجن ٿا:

 

خط، سيد عالم صوفي عالم سخي جي وفات جي خبر ڏيڻ تي

هزار تاسف ۽ ڪمال افسوس سان معلوم رهي ته هتي فلاڻي مهيني جي فلاڻي تاريخ جي ڏينهن (جو مصيبت جي ڏاڍائيءَ کان قيامت کي شرمندو ڪندڙ هو) سعادت ۽ سيادت جي سردار، حسب ۽ نسب جي شرف جي سينگار، علمائن ۾ عامل، ولين ۾ ڪامل، حاتم همت، عالي منزلت، زماني کي فيض پهچائيندڙ، محتاجن جي مشڪل مٽائيندڙ، جناب فلاڻي شاهه صاحب مرحوم هن خراب آباد، سُست بنياد کان انتقال، اصلي وطن جنات عدن ڏي ارتحال فرمايو، ۽ اهل عالم تي جهوري، جنجال ۽ منهن ڏيئي ملال آيو (انالله وانا اليہ راجعون) اگرچ سدا سڀڪنهن شاهه ۽ گدا کي انهيءَ شاهراهه تي اچڻو، ۽ موافق مضمون (ڪل نفس ذائقة الموت) جي مماتيءَ جو شربت چکڻو ۽ وفاتيءَ جو لباس ڍڪڻو آهي! پر جڏهن جناب شاهه صاحب مغفور مبرور جو وجود مسعود عاقبت محمود، علم جي زيور، زينت، حلم جي لباس ۾ خلعت سان سينگاريل، هن قحط الرجال ۾ وڏي عظمت هو. اهڙن خدا جي مردن، الاهي لقا جي عاشقن، دولت کان دل سردن جي لاڏاڻي جو اهل عالم جي تي غم، افسوس، ماتم واجب ۽ لازم ٿيو. تنهنڪري سڀ اورانهان ۽ پرانهان، اليٰ ۽ ادنيٰ فاتح خوانيءَ لاءِ آيل هئا ۽ اچن پيا: شور برپا آهي، قيامت پيدا آهي! تنهن ۾، هن غم ۾ اوهان جو شامل ٿيڻ ضروري ٿو سمجهجي- واڌو ڇا لکجي! فقط، والسلام.

 

جواب

تعزيت جو شاهه صاحب جي اولاد ڏي

ملامن، نيازن،بندگين، ادبن، تعظيمن ۽ سرافگندگين کان پوءِ هزار آه ۽ زاري، غم ۽ بيقراريءَ جي عرض ته عالم جي اکين جي نُور، روشنائيءَ جهان جي ساهه ۽ سگهائي يعني جناب، مستطاب، سيادتماب، معليٰ القاب اوهان جي والد ماجد جي ذات بابرڪات مَلڪي صفات جي تعزيت پرسيءَ جي درد ڀريل، اندوهه گڏيل ڳالهه سان ڀڳل زبان کي پريشان تارونءَ ۾ ڪيئن چوريان. حق ڪپ قسم ته انهيءَ ساهه ساڙيندڙ، جسم وگهاريندڙ واقعي سببان روحاني پروڙون ۽ جسماني سمجهون، (جن جو هميشہ اُن عالي نسب والا حسب جي جود جي خونچي مان کيَڻ، ۽ سخا جي چشمي مان پاڻي پيئڻ هو ۽ اُن مسيحا دم جي لطف گڏيل نڪتن ۽ شوق وڌائيندڙن احسانن مان سُرهِي حياتيءَ جي لذت ۽ چاشني وٺي جيئڻ هو). ميتن جو ويس ڍڪي بي روحن جي صورت ۾ پڌريون ٿيون. انهيءَ حالت ۾ ان ڳري مصيبت جي لوزمن ۾ روئڻ ۽ زاري ڪبي، ۽ ڀون کان اُڀ تائين بلڪ ان کان مٿي آه نبي، ته سا سڀ آسمان جي هوا ۾ مَک جي مُنهن مٿي پِٽڻ ۽ پکن هڻڻ، ڪون ۽ مڪان جي بار کڻڻ کان مهٻي جي دانهن ڪرڻ جي قسم کان چئبي. تڏهن قضا تي رضا رکڻ، پنهنجي عجز ۽ قصور مڃڻ، ۽ ان تي دليلن ثابت ڪرڻ ڌاران هن غمن جي اوڙاهن مان نڪرڻ جي واٽ ڪانه ڏِسبي، نه اُها ٻانهن (جا حسرت جي ڪُن ۾ ڪِريلن جي دامن وڍي ٻاهر ڪڍي) هٿ ڪبي، نه اُها پناهه جي جاءِ (جا حزن ۽ ملال جي مضطرين کي حال موجب آسائش جو هنڌ ٿئي) ڪٿي ڳولي لهبي. وسون بي وسون صبر جي عاطفت واريءَ دامن جهلڻ ڌاران ٻي راهه ڪانهي، ۽ شڪيبائيءَ جي مهربانيءَ ڀريل بغل ۾ اچڻ سواءِ واهه ڪانهي. خدا تعاليٰ جل و عليٰ جي ڪرم ۾ اُميد قوي ته هن جان جلائيندڙ، روح رلائيندڙ واقعي ۾ مصيبت ڪڍندڙن ۽ آزار چکيندڙن کي صبر جميل ۽ اَجر جزيل عطا فرمائيندو ۽ ان سيادت ۽ نجابت جي باغ جي تازن گلن، بلڪ هڪ- هڪ معرفت جي گلزار ۾ علم ۽ عرفان جي گلدستن جي حياتيءَ جي ٽاري، الاهي فضل جي ڪڪر وسڻ سان سدا سرسبز ۽ ڍَيل هوندي، مغفرت ۽ مرحمت جي نورن جا قنديل ان پاڪ ساهه جي پاڪ جسم جي مُرقد مُطهر ۽ مدفن مقدس ۾ وقت بوقت روشن هئل هوندا. زياده، حد ادب.

 

خط، ڪنهن امير جي وفات جي خبر ڏيڻ بابت

”هاري ٿو ساڻ حسرت ڪاريون هَنجون قلم،

ڪاغذ جي تن تي وار غمن کان اُدوهيا.

ڇا روئداد عالم جو هي قلم لکي،

گردش فلڪ طلسم غمن جا پَسائيا.“

ڪالهه جناب، مستطاب ”فلان“ مرحوم هن گذر جي جهان کان لڏي ويو، جهان تي پنهنجي جدائيءَ جو درد ڇڏي ويو. خصوصاً هن عاجز هميشہ سندس احسانن جي هريل تي- جنهن هڪ دم به ان جي جدائي پسند نٿي رکي، ۽ ڪڏهن ان جي موچاريءَ مجلس کان پري پوڻ جي آزار جي تڪليف نٿي چکي. شب روز بيتابيءَ جي بستر تي لُڇان پيو ۽ ساهه کي ساڙيندڙ آهون ۽ دانهون ڪريو پچان پيو:

”هاءِ هن هنڌ مون کي گوندر ۾ گڏي،

هيڪ ٻئي پٺيان ويا ساٿي لڏي.

نقش وانگر پير جي رهجي پيس،

منجهه لَٽُن جي سڄو لَٽجي ويس.“

جيڪڏهن ٻن- ٽن ڏينهن لاءِ اچي، منهنجي دلداري فرمايو ته بجا آهي- فقط، والسلام.

 

جواب

آندوهه جو خط رسيو، ساهه جو آزار وڌيو. جناب والاماب ”فلاڻي“ جو هن جهان مان موڪلائڻ لکيل ڏسي، مٿو ڀِت تي هنيم ۽ سينو سيلهن جي ڇَڙهه تي اُڇليم:

”ڌڳِي درد جي باهه دل ۾ ته ’هاءِ،

رهي قافلي کان ويس آءٌ- واءِ!

هليا منهنجا همراهه هُن پار تي،

ويهاري ويا مونکي ڦُهليار تي‘.“

اسان جو ساڻس دوستي جاني هئي، نه ٻين جهڙي زباني! افسوس جو هن پنجن ڏينهن جي حويليءَ مان قصد ڪيائين! دل ٻه اڌ ٿي- دوستن کان جدائي ڌيائين! حياتيءَ جي بيجا سَڌ ٿي- جڏهن ”مِٺي به ماٺ، مُٺيءَ به ماٺ“ آهي، تڏهن لاچار سيني تي پٿر هَنيم، ۽ صبر ڪيم. اوهان کي به لکان ٿو ته پنهنجي دل جمع رکجو، ۽ پوين جي دلداريءَ ۾ ڪوشش ڪجو، جي بخت ياري ڏئي، ته سور سهجو ۽ مولا جي يادگيريءَ ۾ مشغول رهجو. هِن ۽ هُن کان پرهيز فرمائجو. مون کي هِن ڪاغذ پٺيان آيو ڀانئجو.

 

خط، وفات جي خبر ۾

هتي اَڀرن جي اَجهي، بيوسن جي وسيلي، جناب مخدوم ”فلان“، دَستن جي بيماريءَ ۾ هن دار ملال کان اُن عالم لايزال ڏي انتقال فرمايو- افسوس، صد افسوس، جو ههڙي بزرگوار جو پاڇولو، اسان جي مٿن تان ڪنهن بدبختيءَ کڻايو! جڏهن ڌڻيءَ جي گُهر ۾ صبر ڪرڻ ڌاران چارو ڪونهي، تڏهن طوعاً و ڪرهاً ان جي رضا تي راضي رهبو- وانالله وانا اليہ راجعُون.

 

جواب

اندوهه گڏيل، غم سان ڀريل خط جناب فيضماب مخدوم ”فلان“ مرحوم جي وفات جي خبر ڏيندڙ رسيو، ۽ ان سڳوري جي انتقال کان ڪمال تاسف پيدا ٿيو. لحظي بلحظي ان مغفور مبرور جون شفقتون- جي مخلص جي حال تي هيون- ياد ڪريو، دليون دردن مان ڀرجن ٿيون. جڏهن، جزع ۽ فزع مان خدا تعاليٰ جي ناخوشنودي، ۽ وفاتيءَ بعد موٽي حياتي حاصل نه ٿيڻ کان سواءِ، ان مرحوم مغفور جو ڏکوئجڻ آهي، تڏهن لاچار، الاهي قضا تي رضا رکجي ٿي. يقين ته او مشق به صابر رهندو ۽ ”اِنمايُوفي الصَابرون“ موجب اجر بغير حساب لهندو.

 

خط، تعزيت جو

ڪيتريءَ مدت کان بي سببي، جميعتي پاڻ ۾ لَڌيم ٿي، هڏي چور چور، بيمارن واري حالت ڏٺيم ٿي. توڻي سير ۽ تماشي لاءِ باغن ڏي نڪتس ٿي، ته به راحت ۽ آسائش ڪانه ٿيم ٿي. تنهن جي ماهيت دريافت ڪيم ٿي، ته ’يا خدا، هي ڪهڙي سبب کان آهي؟‘ تان اوچتو ڇاتي ڇنندڙ، پساهه پٽيندڙ آواز ڪن تي پيو ته ”والاشان ميان ”فلان“ بهشت ۾ رسيو!“- بيهوش ٿي ڪِري پيس، ۽ اُن بقا جي جهان جي مسافر جي رفاقت لاءِ جلدي ڪندڙ ٿيس، پر نڌڪ ساهه پاسو موڙيو ۽، آه ۽ زاريءَ ڪجهه ڪم جوڙيو- آخرڪار صبر  ري علاج نه آيو. تنهن ۾، مناسب ته اوهين به دل کي هٿ هڻي، ان مرحوم جي يتيمن جي دلداري فرمايو ۽ اُن گذر جي جهان کي ٿُڏي ڇڏيندڙ لاءِ، مرهه ۽ مغفرت جي دعا جو هديو هلايو.

 

جواب

منهنجا غمخوار! والا شان مرحوم ”فلان“ جي وڇوڙي کان سيماب جيئن بيقرار هوس- تو دلدار جو خط آيو، تنهن منهنجي دل کي صبر جي هنج ۾ جهلي ڏُسڪو بس ڪرايو. تو ڏڍ ڏيندڙ ڌاران اسان جو ڪير آهي، جو دل مان اَندوهه ڪڍي ۽ زخم تي مرهم رکي؟ شال جهانن جا ڪم جوڙيندڙ، تنهنجو مبارڪ پاڇو اسان تي هميشہ ڊگهو رکي!

 

خط، مڪتوب اليہ جي والد جي تعزيت ۾

افسوس! ڪنهن کي هن جهان ۾ بيداغ نه ڏٺم، جنهن ۾ خزان نه ٿيو، سو ڪڏهن باغ نه ڏٺم! هر طرف هن آواز مان ڪَن ڀريل اٿم، ته ’سڀڪنهن نقش ۽ نگار جو رنگ، سڀڪنهن باغ ۽ بهار جي بوءِ پرواز ۾ اهي‘!

”انبيا، اولياءَ ۽ عُرفا، خان، ذيشان ۽ امير وزير- هن گذرجي گهٽيءَ مان سڀ هليا، ڪانه تقدير کي رسي تدبير.“

دل ۾ چوپاسيون اِهي ڳالهيون آيون ۽ وييون ٿي، ۽ لاڳاپن جون رسيون ڇنيون وييون ٿي، تان اوچتو اوهان جي والد ماجد جي وفات جي خبر کان آگاهه ٿيس. اوندهه ۾ وروٽجي ويس! جيڪا ڪم ڪار هٿ ۾ هيم، سا به کڻي ڇڏيم- ڇا کان جو بي ثباتيءَ جي تازي شاهد اچڻ سان اها حاج هئي، جا ڪيم.

اوهين ڪنهن رنج ۽ اندوهه کي پاڻ ڏي واٽ مَ ڏجو، ۽ جزع ۽ فزع وارن جي رسم ۾ متان گڏجو: جنهن ڪنهن تي اڌاريءَ حياتيءَ جو وڳو سِبيائين، تنهن  کان موٽايو جلد ٿو ڦُري- فقط، والسلام.

 

خط

سُڻن خبر، وحشت اثر رحلت والد ماجد ان فيض رسان جي، آه ۽ زاري اختيار ٿي ڪيم؛ پر وري ساڳيءَ مسند کي اوهان جي ذات بابرڪات جي زينت بخشيءَ جو تصور ڪري، سُست خاطر کي تسڪين ڏنيم.

”گل ويو، بلبل ٿي تنهن جي يادگار،

هيڪڙو هٿ مان نِڱيو، بچيا هزار.“

غرض ته قادر قدير جي تقدير ۾ صبر سواءِ علاج ڪونهي، تنهنڪري، سنديس رضا تي راضي رهي، متعلقن غم جي ماريلن جي دلجوئي ڪندا. جڏهن ان مرحوم جي بجاءِ، اوهان جهڙو ڪامگار يادگار آهي، تڏهن يقين تي ٻڌل هٿ جا ڪم- جي نام آوريءَ جا سبب آهن- ظهور لهندا، ۽ ڪارخانا اڳوڻي نقش موافق بحال رهندا- خياده نياز، والسلام.

 

خط، مڪتوب اِليہ جي پيءُ ۽ ماءُ جي تعزيت ۾

اوهان جي والدين شريفين جي هن جهان فانيءَ مان عالم جاودانيءَ ڏي لاڏاڻي ڪرڻ جي خبر وحشت اثر سُڻي، گهڻو افسوس ٿيو- شال الله تعاليٰ انهيءَ مصيبت تي اوهان کي چڱو صبر عطا فرمائي، ۽ موچاري بقيي (اولاد) جي بقا سان، اوهان کي تسلي بخشي، اهو ڏک گهٽائي، جن تو جهڙو ڀلارو فرزند ڇڏيو، سي مري ويا نه چئبا، ۽ تنهنجي سلامت ۽ حضور ۾ اُهي غائب نه چئبا.

 

خط، مڪتوب اليہ جي ڀاءُ جي تعزيت ۾

جان جلائيندڙ، ساهه ساڙيندڙ واقعو، اوهان جي ٻانهن جي زور، دل جي ڏڍ، هِنئين جي ٿنڀ، مرحوم ”فلان“ جو معلوم ٿيو. انهيءَ خبر، زهر اثر کان حياتيءَ جي ذائقي جو ميٺاج ڪڙو ٿي پيو، ۽ پَسڻ تي اونداهيءَ جو سُرمو وڌيو- صبح ان حال جي ڏسڻ کان گريبان چاڪ ڪيو، ۽ شام ان ملال جي پَسڻ کان ڪارو لباس ڍڪيو. فلڪ غم ۽ الم جي بار کان ٻيڻيءَ پُٺ ٿيو، ۽ سج نهايت درد کان رخ زرد رهيو، ۽ چنڊ ماتم وارن وانگر پِڙَ جي حلقي ۾ ويهڻ قبوليو. پاڻيءَ پاڻ تي هيٺ مٿي اچڻ کنيو، ۽ خاڪ خشڪيءَ جو بنياد رکيو، ۽ آتش پنهنجي ٻار کي ساڙي ڇڏيو، ۽ واءُ مجنوءَ وانگر گهٽين ۾ ڦرڻ جو اسباب ميڙيو- جڏهن جهان جو ئي اهڙو حال هوندو، تڏهن هن صورت ۽ معنيٰ جي دوستدار جيدردناڪيءَ کي ڪير سڃاڻي نه سگهندو، ۽ هن غم ۽ الم جي گوشي نشين سان ڏک ونڊڻ ۽ سُور اورڻ ڪير ڪندو؟

”سڄو تن ٿيان رت، اک مان وَهان-

جي ڄاڻان ته آهي روئڻ کي اثر.“

غرض ته هي داستان، آتش فشان قلم جي دامان جلائي ٿو، ۽ ڪاغذ جي گريبان ۾ ٽانڊا وسائي ٿو. افسوس جوسڀڪنهن شاهه گدا کي هن شاهراهه تي اچڻ تقدير ڪيل ۽ سڀڪنهن خلقيل جو هٿ بقا جي نقد کان ڪوتاهه ٿيل آهي. تڏهن،ان ڪارخاني قضا جي معنيٰ ڄاڻندڙ کي ضرور آهي ته پهرين پاڻ کي صبر ڏسيندو، پوءِ ڏک ڏکوين کي تسلي ڏيندو- اِن الله مَع الصابرين.

 

خط، مڪتوب اليہ جي عورت جي تعزيت ۾

رنج رسائيندڙ، ڏک وڌائيندڙ، افسوس جي وٽ وٽيندڙ، دل پَٽيندڙ خبر اوهان جي همراز، دمساز جي وفات جِي رسي، انا لله وانا اِليہ راجعون!

الاهي اَمر پَري ۽ خدائي تقرير نه ٽَري، ۽ روئڻ راڙي مان ڪين سري، ويل ڪونه وري- تنهنڪري رضا تي راضي رهبو، دل صبر ڪري يا نه ڪري!

شال الله تعاليٰ ان کي مَرهي ۽ مَرڪائي، ۽ دارالخُلد ۾ رهڻ جِي جاءِ عطا فرمائي- فقط، والسلام.

 

خط، مڪتوب اليہ جي نياڻيءَ جي تعزيت ۾

اوهان جي جگر جي ٽُڪر جي وفات جِي خبر سُڻي، دل ٽُڪر ٽُڪر ٿِي. ڇا ڪجي، تقدير وٽ تدبير جي جاءِ ڪنهن ڪانه ڏٺي- پر جڏهن قبر جهڙو سَڱِيڻو ۽ موت جهڙو مَهر ڪونه ٿو ڏسجي، تڏهن ”دفن الَبنات مِن المُڪرمات“ کي اکين آڏو رکي، اوهان کي به صبر ٿو ڏَسجي: روئڻ ۽ زاريءَ کان سُور گُهيو ڀَلو ۽ مسلمان جو ننگ ۽ سَتر قبر ۾ ڍڪيو ڀلو- فقط، والسلام.

 

خط، مڪتوب اليہ جي پٽ جي تعزيت ۾

اوهان جي فرزند جي وفات حسرت آيات جي سُڌ سُڻي اکين آڏي آنڌ وري، ۽ ونِي رت سان ڀَري، جگر ۾ درد ۽ پَساهه سرد پيدا ٿيو. عقل اُڏامي ويو ۽ شعور شيدا ٿيو. آخر صبر جي امر تي نظر ڪيم ۽ دل کي هن دستور تسلي ڏنيم ته ”اولاد، توڻي انسان وٽ سڀڪنهن زماني ۽ مڪان ۾ سڀني شين کان پيارو آهي، پر ري شڪ، پَڪ سان اُڌارو آهي. ڏيندڙ جي رضا- جي نِئي، يا موٽائي ڏئي، کَسي يا ترسي! ۽ ماءُ- پيءُ لاءِ سڀڪنهن قضا تي رضا رکڻ مان چڱاين جو سَٿو ٿيڻ ۽ درجن جو وڌڻ آهي، ۽ جڏهن اصل سالم آهي، تڏهن فرع توڻي ويو، ته به ان جو موٽڻ اُميد ۾ اچي سگهندو. چڱو وڻ جيستائين ثابت آهي، تيستائين پنهنجي موسم تي مُکڙيون ۽ ميوا پيو ڪڍندو- ۽ ان مشفق جي بقا وڏي نعمت آهي، ۽ مڙني مخلص ۽ مُتعلقن لاءِ غنيمت آهي“.

شال الله تعاليٰ اوهان کي صبر بخشيندو ۽ ان جو چڱو نتيجو ڏيندو- فقط، والسلام.

 

خط، مڪتوب اليہ جي ٻن جاڙن پٽن مان هڪ جي تعزيت ۾

اوهان جي ٻن فرزندن جي ڄمڻ ۽ انهن مان هڪ جي وفات ڪرڻ جي خبر رسي. زماني جي دورنگي ڏسڻي آهي، جو سوين شعبده بازيءَ سان، وچ شاديءَ کي غم جي طرح ٿو رکي- تان انهيءَ خوشي ۾ ڪنهن کي پنهنجي مصيبت تي اطلاع نه رهي ۽ جگر  جي سوزش کان پاڻ کي مطعون نه ڪري. هي هوا- خواه، ان عالم بقا جي واٽ ويندڙ جي انتقال کان، جزع ۽ فزع ڪرڻ کي ويجهو هو؛ پر ٻئي فرزند ارجنمد جي سلامتيءَ جي خوشخبر انهيءَ حال اڳيان آڏي آئي، تڏهن سؤ طرح سان غمگين دل کي تسلي ڏيئي، تسڪين ڪيائين. اُميد ان سڳوريءَ به هڪ جي سلامتيءَ جي ديدار ڏسڻ سان، ٻئي جو غم وساريو هوندو.

 

خط، مڪتوب اليہ دوست جي تعزيت ۾

جوش جاڳائيندڙ واقعو ۽ دردن جي باهه ڌڳائيندڙ قضيو، يعني بهشت جي وطن گزينن جي همدوش ۽ خلد جي چمن نشينن جي هم آغوش، مرحوم ”فلان“ جي هن دار ناپائدار کان دارالقرار ڏي سفر اختيار ڪرڻ جي خبر حيرت اثر سڻي، صبر جا ڪوٽ ڀَڳا ۽ دل تي تازا داغ لڳا. سڀڪنهن آشنا ۽ نا آشنا جي اکين مان هنجن جو چشمو جاري ٿيو- روز روشن نجي رات ڪاري ٿيو. ان ورونهن جي گلزار حسن ۽ سونهن جي بهار جي فراق ۽ بُلبل، بيدل جي آه زاري فلڪ تي پهتي، ۽ نرگس جي اک عاشقن جيئن نهاري رهي. سوسن ڪبود پيرهن گفتگو کان زبان ٻَڌي ۽ مکڙيءَ هزار تنگدليءَ سان تعزيت جي ڪُنڊ ڌاران ويهڻ جي جاءِ نه لڌي.

لالا، حزن جي نهايت کان حسرت جي رٿ ۾ غرق ٿيو. سُنبل، محبوبن جي زلفن جيئن ويڙهجي وروٽجي ويو- غرض ته حزن ۽ ملال جا دروازا اُپٽجي ويا، ۽ عشرت جي جگر ۾ هزارين حسرت جا خار ڇپجي ويا- اِنالله و اِنا اليہ راجعون! هائو، دنيا جي حياتيءَ جو لباس مستعار آهي ۽ هن پراڻي گهر جو عيش ناپائدار آهي. تنهنڪري صورت ۽ لباس جي ٻڌلن جي عادت، جزع ۽ فزع ڪهڙو ڪجي؟ لازم ته رضا ۽ تسليم جي ”حَبل المَتِين“ ۾ مضبوط هٿ وجهجي. تنهنڪري اوهان کي به ٿو لکجي ته انهيءَ واٽ کي اختيار ڪري فرمان جي اَڏيءَ تي مٿو رکندا، ۽ جزع فزع نه ڪندا، ۽ اُن عالم محمود جي مسافر جر روح ڏي فاتح ۽ درود جو تحفو موڪليندا، دلبريءَ ۽ تسليءَ سان دل ڦَٽلين متعلقن تي مرحم رکي، بيحساب اَجر ۾ اميدوار ٿيندا- فقط، والسلام.

(اشارو: وفات جي تعزيت جا قسم ۽ ٻين تعزيتن جا نمونا اڃا ڪيترا رهيل آهن، پر ڪتاب جي اختصار جي غرض تي ڇڏي ٿا ڏجن.)

 

 

 

 

 

باب چوٿون

 

هن باب ۾ عشق، شوق، محبت ۽ ذوق جا خط لکجن ٿا، ۽ عشق جي بوالعجبيءَ ۽ عاشقن جي صاف مشربيءَ جا نشان بيان ڪجن ٿا- ۽ ڪتاب جو سينگار به اهو باب آهي، ۽ عاشقن جو مُونس ۽ عمخوار به اهو بابت آهي. محبت صادق جو حبتب موافق آهي، ۽ فراق جو ڦٽيل سندس عاشق آهي. هيڪلي جو يار آهي، وساريندڙ جو يادگار آهي، وڇڙيل جو دلدار آهي، ڏکويل جو غمخوار آهي، ڳالهيار لاءِ قصو آهي، حاسد لاءِ غصو آهي، اٻوجهه غبيءَ لاءِ تنبيہ ۽ خواري آهي، سٻوجهه ذڪيءَ لاءِ واڌو پروڙ جي مددگاري آهي، مغلوب کي غالب ڪندڙ آهي، ۽ ٽهندڙ کي طالب ڪندڙ آهي. منجهس اُهي افسون آهي، جي پريءَ کي شيشي ۾ بند رکن، ۽ اُهي طلسم، جي پٿر کي پاڻي ڪن مگر جهل مرڪب، ڪٽيل دل ۽ اَڏي طبيعت کي اعتبار ڪونهي؛ ڇا کان جو ان جو مروت ۽ فُتوت ۾ ڪٿي شمار ڪونهي. نه ڄاڻان ته هن ڳالهه جو داد ڪير ڏيندو، ۽ سالم طبع سانمنصف ڪير ٿيندو؟ ڇا لاءِ، جو سچا عاشق جهان مان لڏي ويا، ۽ ڪنهن ۾ پنهنجو نشان به ڪونه ڇڏي ويا! ڪنهن ۾ سندن پار ڪونهي؛ جي نالو لڀي ٿو، ته ناليدار ڪونهي!

”يا سچيءَ گفتار منهنجيءَ کي وسهُه،

يا ڪري ڪوڙو ڪڻم هڪڙو پَساءِ.“

افسوس، افسوس! هن زماني جو ڪوتاهه همت- فجر جو عاشق زار، ظهر جي وصل سان پُرڪار، عصر جو عاشق بيزار! هَي هَي هن وقت جو طالب شهوت! نه غم ڏٺائين، نه سور چکيائين، اهنج ڏٺائين ۽ نه اهنج لڌائين. جان ميلاپ ٿيس، تان ڪر اَمينن نڪاح وڌو هئس! اِهو عشق نه آهي، نفساني غرض آهي، بلڪ مرضن مان هڪڙو مرض آهي. انهيءَ ۾ وصال کي رَسڻ به جهٽ پٽ، وري رُسڻ به جهٽ پٽ- بلڪ ڪڏهن آخر عمر تائين منجهانئس عداوت ٿئي ٿي، دنيا جي خواري، آخرت جي شقاوت ٿئي ٿي! خود پسنديءَ کان عشق جا ادب ساري به ڪين؛ ٿوري جفا ڏڍائين، ته وري ڪڏهن نهاري به ڪين- اهو عشق کي بدنام ڪندڙ بدانجام آهي، جنهن جو پيشاب ڦُڙي هارڻ سان سڀ ڪم تمام آهي. اهو خبيث ۽ خام آهي، نامرد ۽ ناڪام آهي؛ تنهنڪري عاشقن ۾ سندس ذڪر به حرام آهي!

”’حال‘ وارا هَمہ هلي چُريا،

جي بچيو ’قال‘ تان غنيمت آهي.“

جڏهن زماني ۾ عشق جو ’حال‘ ڪونهي، تڏهن سندس قال ٿو ڪجي، ۽ اهل زماني کي حسرت ۽ افسوس ٿو ڏجي، ته هي جن جي حال جو قال آهي، سي اڄ بي نشان آهن- جيڪي ان جي پيروي ڪندا تن جا وڏا شان آهن.

جناب سيد مهمد مرتضيٰ زبيديءَ ”احياءُ العلوم“ جي شرح ۾ ڪيترين روايتن سان، ڪيترن راوين کان، ڪيترن نوعن سان، هيءَ حديث آندي آهي: ”من عَشقَ وَڪَتم وَعفَ ثُمَ مَات مَات شهيداً“؛ يعني جو شخص عاشق ٿيو ۽ عشق لڪايائين ۽ پرهيزگاري ڪيائين، پوءِ مري ويو، ته سو شهيد ٿي مُئو- هن مان معلوم ٿيو ته ”لڪائڻ“ ۽ ”پرهيزگاري ڪرڻ“ ٻيئي ’عشق جا شرط‘ آهن، سي جي نه لڀندا، ته عشق به نه چئبو. ۽ ’لڪائڻ‘ جي هڪڙن اها معنيٰ ڪئي آهي ته وسؤن ان جي حال جي معشوق کي به پوري خبر نه پوي- تڏهن ڌارين کي ته بطريق اوليٰ سُڌ نه رهي. ۽ ”ديوان الصابة“ ۾، سَندَ مُسلسل سان، حضرت ابن عباس سڳورن کان روايت آهي، ”مَن عَشَق و ڪَتم وعَفَ و صَبر غَفَرالله ذنبہُ و آد خَلہُ الجنةَ“، يعني جو عاشق ٿيو پوءِ لڪايائين، پرهيز ۾ رهيو ۽ صبر جهليائين، ته مرهيندو الله تعاليٰ ڏوهه ان جا، ۽ داخل ڪندس بهشت ۾- هن حديث مان عشق جو ٽيون شرط ”صبر“ به معلوم ٿيو. بيسڪ، انهن ٽنهي شرطن جي رعايت رکندڙ، عشق جي حالت ۾ مري ويو ته شهيد ۽ مَرهيل ۽ بهشت ۾ داخل آهي.

حضرت مرزا مظهر جان جانان قدس سره فرمايو ته ”مجازي عشق، ڪُومائلين دلين جي گرميءَ لاءِ الاهي آتش آهي، پر منجهس شرط هيءُ ته پاڻ ۾ ملاقات نه ٿئي؛ متان وصال جو پاڻي، دل جي حرارت کي ٿڌو ڪري وجهي! انهيءَ سببان چوندا آهن ته جنهن کي عشق شور اُٿياريندڙ ڪونهي، تنهن تي طريقت به حرام آهي. توڻي ورع ۽ تقويٰ جي واٽ ۾ نور ۽ صفائي آهي، پر محبت جي واٽ ۾ سوز ۽ گداز مان ڪيترائي ذوق آهن.“ ۽ به فرمايائون ته ”جنهن شخص پنهنجو اکيون ۽ منهن عشق جي خاڪساريءَ جي زمين تي نه گٺا، تنهن کي سجدي جي شوق جي لذت (جا حديث شريف موجب هيءَ آهي ته ’سجدو ڪندڙ، الله تعاليٰ جي قدم تي سجدو ڪري ٿو‘) ڪٿان پروڙڻ ۾ ايندي! ڪي الاهي ’تجليون‘ اک سان دل تي چڙهندڙون آهن، ۽ ڪي ڪاڪل جي ڪمند ۾ قابو ڪندڙون آهن. تجلين جو ذوق، ۽ رخسار ۽ خال جي جلوي جو تاثير جدا جدا ڪامل محبت سان پروڙجي ٿو. حافظ شيرازيءَ، شيخ فخرالدين عراقيءَ ۽ اوحدالدين ڪرمانيءَ پنهنجي شعرن ۾ جي اصطلاح مقرر ڪيا آهن، سي سڀ تجلين ڏي اشارا ڪيا اٿن. ايءَ ڳالهه درست ۽ برابر آهي ته جتي دل لُٽيندڙ، حسن جي بيتابيءَ کي سينگاري، تتي يقين سان حقيقي محبوب جي جمال جو جذبو آهي- جو مٿس پر توو پايو، پردي اندر ڪڻس پاڻ ٿو ڏيکاري“. اتي حضرت جناب مرزا صاحب قدس سره جو ڪلام پورو ٿيو- هاڻي سڀڪو سالم طبع وارو هن باب جي مضمونن جو انڪار نه ڪندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org