سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: پرنٽ ٽيڪنالوجي

باب: --

صفحو :4

پرنٽ ٽيڪنالوجي

---

D

 

روزاني اخبار، ڏھاڙي، ڏينھڪ، روزنامو

Daily

پاڻي وارو ويلڻ، ڊمپر، جيڪو ڇپائيءَ دوران مس کي پاڻي ڏئي

Damper

پاڻي واري نلڪي

Damping tube

گھرو نيرو

Dark blue

گھرو رنگ

Dark colour

ڊيش، وٿي، واڌي (- )

Dash

گڏ ڪيل ڄاڻ، ترتيب ڏنل مواد

Data

ڊيٽابئنڪ، ڪمپيوٽر ذريعي ڄاڻ جمع ڪرڻ جو مرڪز

Data bank

ڊيٽابيس، ڪمپيوٽر ڊسڪ ۾ ڄاڻ جمع ڪرڻ جو اسٽور يا ھنڌ

Data base

ڊيٽا پروسيسنگ، ڄاڻ جمع ڪرڻ جو ڪمپيوٽري عمل

Data processing

صحافي جي نالي، تاريخ ۽ ھنڌ سان خبر جو شايع ٿيڻ، خبر موڪليندڙ صحافي ۽ شھر جو نالو تاريخ سان

Date line

اشاعتي تاريخ

Date of Publication

روزنامو، روزنامچو

Day book

بحث مباحثو، ڳالھين جي ڏي وٺ

Debate

اصل ۾، حقيقي

Defacto

اوچي جلد بندي، ڊيلڪس بائينڊنگ

Deluxe binding

اوچو ڇاپو، ڊيلڪس ايڊيشن

Deluxe edition

متروڪ ٻولي

Dead language

مقرر تاريخ، مقرر حد، مقرر وقت

Dead line

استعمال ٿيل مسودو

Dead manuscript

ڏھائي

Decimal

نرم لھجي ۾ تنقيدي خطاب

Declaim

جوشيلي تقرير

Declamation

اخبار يا رسالي وغيره جاري ڪرڻ لاءِ گھربل اجازت نامو

Declaration

مخفي لکت سمجھڻ، پڙھڻ

Decipher

موڪليل پيغام پڙھڻ، سمجھڻ

Decode

سنواريل پھريون اکر

Decorative initial

سنواريل مواد

Decorative material

سنواريل منظر

Decorative scene

سنواريل ٽائيپ

Decorative type

سگھڙ

Decorous

سليقو، ڍنگ

Decorum

گھٽائڻ، تخفيف ڪرڻ

Decrease

ارپڻ، نذر ڪرڻ، منسوب ڪرڻ

Dedicate

انتساب، ارپنا، نذر

Dedication

انتسابي صفحو، ارپنا صفحو

Dedication page

گھرو، اونھو، عميق

Deep

گھرا رنگ، شوخ رنگ

Deep Colour

گھري نقشي پليٽ، پليٽ جو ھڪ قسم

Deep etch plate

گھٽ ڪرڻ، ٿورو ڪرڻ، گھٽائڻ

Deduct

ڪڻتو، گھٽ، ٿورو

Deduction

خراب، بدنما

Deface

بدنما سرورق، خراب ٽائيٽل

Deface title

ٺپو لڳل ٽڪلي

Deface stamp

تحرير سان بدنام ڪرڻ

Defame

عيب، نقص، داڳي، خامي

Defect

دير ٿيڻ، ڪم ٽنگيو رھڻ

Delay

لکت يا ڇپائيءَ کي ختم ڪرڻ، ڪمپيوٽر تان اڏارڻ، منڌيئڙو ڦيرائڻ

Delete

خاڪي نما

Delinea scope

نقشو، پئنسلي خاڪو، لفظي خاڪو، ڪردار نگاري

Delineation

مصور، خاڪو ٺاھيندڙ

Delineator

حوالگي، سپردگي

Delivery

مال پھچائڻ جو ڀاڙو

Delivery carriage

ڊيمي، ڪتاب ۽ ڪاغذ جي سائيز (22.1/2x17.1/2) ۽ (23x36/8)

Demy

ناول يا ناٽڪ جو انجام

Denouement

لفظن ۾ تصوير يا نقشو چٽڻ

Depict

تصوير ڪشي

Depiction

عميق، اونھائي

Depth

اندر جي خبر

Depth reporting

اشتقاق، لفظ جو مادو، بڻ، مصدر

Derivation

نازل ٿيل، لٿل، پيڙھي

Descended

نمونو، خاڪو

Design

بطاقي جو نمونو

Design of card

نموني ساز

Designer

نموني سازي

Designing

لفظن جو متروڪ ٿي وڃڻ

Desuetude

متروڪ لفظ، وساريل لفظ

Desuetude words

بنان ترتيب مطالعو

Desultory reading

الڳ ڪيل، ٽوڙيل

Detached

الڳ ڪيل حصو

Detached portion

تفصيل، وچور

Detail

بطاقا گڏ ڪرڻ جو شوق، ڪارڊ جمع ڪرڻ جو جنون

Deltiology

فلم ڌوئڻ جو ڪيميائي عمل

Developing bath

فلم ڌوئڻ، ظاھر ڪرڻ

Development

مختلف نموني جي ٽائيپ، ٽائيٽ جي گڏوچڙ

Deviate type

سرڪاري لکپڙھھ ۾ منظوريءَ لاءِ ويندڙ مسودي لاءِ استعمال ٿيندڙ انگريزي مخفف

DFA (Draft for approval)

امتيازي نشانيون، خاص نشانيون، ٽٻڪا

Diacritical marks

سر جي مٿان ڏنل ٻھ نقطا اچار سڃاڻڻ لاءِ

Diaeresis or  Dieresis

ٽيڏي ليڪ

Diagonal

ٽيڏي لکڻي

Diagonal stroke

شڪل، تشريحي خاڪو

Diagram

لھجو، محاورو

Dialect

لھجي واري، محاورتي

Dialectal

مناظري واري

Dialectical

ڊائري، روزنامچو

Diary

ڊڪٽافون، ڪوبھ مواد اتارڻ لاءِ آواز رڪارڊ ڪندڙ مشين

Dictaphone

چيل لفظ لکڻ

Dictate

لکڻي، بندش، لفظن جي چونڊ ۽ استعمال

Diction

لغت، فرھنگ، لغات

Dictionary

قول، ڪھاوت

Dictum

ڊيڊاٽ ٽائيپ، ٽائيپ جو ھڪ قسم

Didot type

ٺپو، ڊائي، ڌاتوءَ تي اڪريل لفظن يا شڪل جو سانچو

Die

سانچا ٺاھڻ واري مشين، ٺپا ٺاھڻ واري مشين

Die cutting machine

ٺپو ٺاھڻ، سانچڻ

Die stamping

انگ، عدد، ٻڙي کان نو تائين ڪوبھ انگ

Digit

ڇڊو ڪرڻ

Dilute

گندرف جو ڇڊو تيزاب

Dilute sulphuric acid

ڇڊو ٿيل، ڇڊو ڪيل

Diluted

ڇڊاڻ

Dilution

ڌنڌيل شڪل

Dim figure

رخ، ڏس، پھلو، منزل

Dimension

اسم مصغر، ڪنھن لفظ جي ننڍڙي حالت کي ظاھر ڪندڙ لفظ جيئن ڪتاب = ڪتابڙو، دھل = دھلڙي

Diminutive

ھڪ آوازي ٻٽو سر

Diphthong

سڌ، ھدايت

Directness

ڊائريڪٽري، ڪنھن خاص گروھھ جي نالن ۽ پتن جو الف بي وار ڪتاب، عنوان نامو

Directory

مرثيو

Dirge

ڪمپيوٽر جي ڊسڪ، مواد کي منتقل ۽ محفوظ ڪرڻ واري گول پليٽ

Disc, Disk

ڪنھن شيءِ جو اصلي رنگ بدلائڻ، رنگن جو ڦيرو

Discoloure

غير مربوط، ٽٽل

Disconnected

رعايت

Discount

رعايتي وڪرو

Discount sell

مقالو، عالماڻو خطاب

Discourse

سخن ساز، مفصل

Discursive

موقعي شناس

Discreet

ڊسڪ رولنگ، سٽ ٺاھڻ

Disc ruling

لاھڻ، گھٽائڻ

Dismount

بي ترتيب

Disorderly

خط يا مسودو موڪلڻ، روانو ڪرڻ

Dispatch, Despatch

نمائش ڪرڻ، نماءُ ڪرڻ،  ظاھر ڪرڻ

Display

نمائشي مرڪز

Display centre

نمائشي قارب، ٽائيپ جو آزمائشي سانچو

Display matrices

نمائشي ڪم

Display work

ميڊيا ذريعي نشر ۽ اشاعت ڪرڻ، ڄاڻ پکيڙڻ

Disseminate

نشر ۽ اشاعت

Dissemination

حاصل مطالعو، تحقيقي مقالو

Dissertation

ڳارڻ

Dissolve

ورھائڻ

Distribute

ورھاست

Distribution

ورھاستي سرشتو

Distribution mechanism

ورھائڻ وارو ويلڻ، مشيني ويلڻ جيڪو مس پليٽ تي آڻي

Distribution ruler

ورھائيندڙ

Distributor

ورھائيندڙ شيخ

Distributor bar

شڪل بگاڙڻ، ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ

Distortion

متروڪ، استعمال ۾ نھ ايندڙ

Disuse

ايضا، ساڳيو، تحقيق ۾ لفظن جي ورجاءُ کي روڪڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ انگريزي لفظ

Ditto

مڪرر نويسي، ورجاءُ روڪڻ جو ھنر

Dittography

گيت

Ditty

ورڇيل، ورھاستي

Dividing

ورڇيل صفحا

Dividing pages

دستاويز، تحرير، نسخو، ڪتاب

Document

دستاويزي

Documentary

دستاويزي مسودو

Documentary draft

دستاويزي فلم

Documentary film

دستاويزي ثبوت

Documentary proof

دستاويزڪاري، دستاويز محفوظ ڪرڻ

Documentation

ڪتاب ۾ ڪنڊون ڀڳل صفحا

Dog’s ears

بي خياليءَ ۾ ليڪون پائڻ

Doodle

ٽٻڪو، نقطو

Dot

ٽٻڪيل ليڪ، نقاطي واري ليڪ

Dot line

ٽٻڪا ھڻڻ

Dot marking

ٽٻڪا زني

Dot Punch

ٽٻڪا ۽ وٿيون، نقطا ۽ وٿيون

Dots and dashes

ٽٻڪي ڇاپ، ڇپائيءَ جو ھڪ قسم

Dotted print

ٽٻڪن واري پين، نقطا ٺاھيندڙ قلم

Dotting pen

ٻھ ضربي وال، ھڪ مشيني پروز

Double beat valve

ٻٽو ڪالم، ٻھ ڪالمي

Double column

ٻھ ڪالمي خبر

Double column news

ڊبل ڪرائون، ڪاغذ ۽ ڪتاب جي ھڪ ماپ

Double crown

ٻھ فرشو

Double deck

ٻٽي  ورھاست  ڪندڙ،  ٻٽو ورڇيندڙ، ٻھ منھون

Double distributor

ٻٽو استر

Double end papers

ٻٽي معنيٰ وارو لفظ، ذومعنيٰ لفظ

Double entendre

ٻھ پڙو، ٻيڻو

Double fold

ٻيڻو ڪاغذ

Double leaf

ٻٽو اکر

Double letter

ٻئي پاسا اندريون ڪٻ، ٻھ وٿيو

Double indent

آمھون سامھون شڪل

Double plate

ٻٽا واو (”) (“)، حوالي جون نشانيون

Double quotes

ٻٽي واو بندي، ٻنھي پاسن کان حوالي جون نشانيون ڏنل (”  “)

Double quotes closing

ڪنھن جملي تي ٻٽا واو ھئڻ

Double quotes opening

ٻھ وٿيون

Double space

ٻيڻي وٿي وارو مواد

Double space typing

ڊووز پريس، پريس مشين جو ھڪ قسم

Doves press

ڊووز ٽائيپ، ٽائيپ جو ھڪ قسم

Doves type

ڀورو رنگ

Drab

مسودو، پھرين لکت

Draft

مسودو نويس، اوتارو، خاطو

Draft man

خط وغيره جي لکت، مسودو نويسي

Drafting

ناٽڪ منڊلي جو اسٽيج، اداڪاريءَ ڪرڻ جو ٿلھو

Drama stage

ناٽڪ منڊلي

Drama theater

عجيب غريب اثر

Dramatic effect

نقشا نويس، نقشيندڙ

Draught man

نقشي نويسي، نقشي ٺاھڻ جو ھنر

Draughts manship

ليڪون پائڻ جو فن، تصوير، خاڪو

Drawing

پلڪار

Drawing compass

ڊرائنگ پيپر، ڪاغذ جو ھڪ قسم

Drawing paper

ڊرائنگ پين، ڊرائنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ قلم

Drawing pen

ڊرائنگ پن، ٿلھي مٿي واري ننڍي پن

Drawing pin

نقشيل ٿلھو ڪاغذ، ڊرائنگ جو خاص پاٺو

Drawing sheet

چڀي چٿي ڳالھھ ڪرڻ

Drawl

مس وارو ڪوپ، ڦڙو ڦڙو ڪري مس ڏيندڙ مشيني پرزو

Drip cup

منظر جو خاتمو، فلم يا ناٽڪ جي پڄاڻي

Drop scene

سڪائيندڙ، خشڪ ڪندڙ

Dryer

خشڪي، سوڪ

Drying

سڪل، خشڪ

Dryish

سوڪھڙو، خشڪي، مس جو خشڪ ٿيڻ

Dryness

سڪائڻ، خشڪ ڪرڻ

Dry up

نئين صدابندي ڪرڻ، ٻولي مٽائي ٻي ڪرڻ، ڊب

Dub

مس کڻي ويندڙ نلي

Duct

ھلڪو رنگ، دنڌلو رنگ

Dull colour

ڪچو ڪتاب، ڇپائيءَ کان اڳ واري جڙت، ڊمي، بوتو

Dummy

ٽائيپ جو ٻٽو سانچو

Duplex matrix

اصل تان نقل

Duplicate

نقل، اصل جو عڪس، اصل تان ورتل ٻي ڪاپي

Duplicate copy

مسودي جو نقل، اصل جي فوٽو

Duplicate manuscript

نقل ڪرڻ جو عمل، اوتاري جو عمل

Duplicating process

ورجاءُ، نقل گيري

Duplication

تڪراري عدد

Duplication of number

جٽادار، پختو، پائدار

Durable

پائدار شيون، جٽادار سامان

Durable goods

پائداري، جٽاءُ، پختگي

Durability

مقرر وقت

Duration

حفاظتي جلد، ڊسٽ ڪور، واڌو جلد

Dust cover

صافو

Duster

فرض نامو

Duty list

ڊيوٽي رجسٽر

Duty register

رنگ

Dye

ٻانڌڻو، رنڱيل ڪپڙو

Dyed cloth

رڱائي

Dyeing

رنگريز، رڱيندڙ

Dyer

ڦڙتيلو حساب ڪتاب، ڦڙتيلو اھتمام

Dynamic arrangement

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com