سيڪشن؛  لغات

ڪتاب:لـُـغات سنڌي مـُـخففات

باب: --

صفحو :2

(د) گهڻ – لساني لغات:- هن قسم واريون لغتون ڪيترن ئي ملڪن ۾ تيار ڪيون ويون آهن. پاڪستان ۾ هن سلسلي جو ڪم پشتو اڪيڊمي ۽ اردو مرڪزي بورڊ ڇپايو هو. پشتو اڪيڊمي پنج – لساني لغت، ۽ مرڪزي اردو بورڊ .هفت – لساني لغت“ تيار ڪرائي ڇپائي. انهن لغتن ۾ اردو ٻوليءَ جي لفظ کي مرڪزي لفظ مقرر ڪري، اُن جي سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي، بروهي ۽ انگريزيءَ ۾ معنيٰ ڏني ويئي آهي.

اردو، سرائڪي ۽ ٻين ٻولين جي تاريخن ۾ به هن قسم جي عام لفظن جو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. مثلاً عين الحق فريد ڪوٽيءَ جو ڪتاب ”اردو زبان ڪي قديم تاريخ، ۽ ظامي صاحب جا سرائڪي ٻوليءَ تي لکيل ڪتاب وغيره.

(ر) ڪنهن هڪ شاعر جي ڪلام مان چونڊيل لفظن جي لغات:- هن قسم جو ڪم دنيا جي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جي سلسلي ۾ ڪيو ويو آهي. سنڌي زبان ۾ پڻ شاهه، سچل، سامي، شاهه ڪريم ۽ گرهوڙيءَ تي سٺو ڪم ٿيل آهي؛ مثال طور هيٺيان عنوان هن موضوع جي مطالعي ۾ مدد ڪن ٿا:

(i)     لغات لطيفي

(ii)    لغات قديمي

(iii)    ٻاروچي ٻولي

(iv)    غريب اللغات

(v)     ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارو شاهه جو رسالو

(vi)    شاهواڻيءَ وارو شاهه جو رسالو

(vii)   ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو شاهه جو رسالو

(viii)  ڪريم جو ڪلام

(ix)    سامي ڌاتو ڪوش

(x)     سچل جي لغت

(xi)    ڊاڪٽر سنديلي صاحب طرفان سچل جا ڌاتو

(xii)   شيخ اياز جي ڪلام ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ

(xiii)  ڇپر ۾ ڇڙيون ڪتاب ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ

 

(ز) ڪنهن به ٻوليءَ جي علم ادب جي لغات:- هن قسم جون لغتون ڌار ڌار ملڪن جي ٻولين جي ادب تي ملن ٿيون. هن قسم جي لغات ۾ معياري ادب، لوڪ ادب ۽ ٻين علمي ۽ ادبي صنفن ۾ ڪم ايندڙ فني ۽ اصطلاحي لفظن جي سمجهاڻي ڏني ويندي آهي. هن قسم واري لغات ۾ هيٺيان عنوان/ڪتاب شامل ڪري سگهجن ٿا:

(i)     سنڌ جو سينگار

(ii)    هنر

(iii)    ڏهسنامون

(iv)    سرهاڻ

(v)     سڳنڌ

(vi)    لغت گنان

 

(س) اينسائڪلو پيڊيا:- هن قسم واري لغات جو بنياد برٽئنيڪا وڌو. ”نئين سوچ رسالي“ ۾ هن قسم واري لغات جي وصف هن ريت ڏني ويئي آهي:

”انسائيڪلو پيڊيا يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: انسائيڪلو = پوري، پيڊيا = تعليم. اصطلاحي معنيٰ، علم ۽ فن جي دائري ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ انسائيڪلو پيڊيا کي حوالن واري تصنيف به چئي سگهون ٿا. ائين کڻي چئجي ته اهڙو ڪتاب جنهن ۾ دنيا جي سمورين شين جي پوري ڄاڻ ڏني وڃي. تهذيب و تمدن جي ابتدا کان وٺي اڄ تائين انسان پنهنجي ذات ۽ ڪائنات جي باري ۾ جيڪي ڪجهه ڄاتو يا حاصل ڪيو آهي اهو سڀ ڪجهه انسائيڪلو پيڊيا ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي.

انسائيڪلو پيڊيا ۽ لغت (ڊڪشنريءَ) ۾ فرق آهي. لغت (ڊڪشنريءَ) ۾ لفظ جي هِجي، تلفظ ۽ معنيٰ درج هوندي آهي، پر انسائيڪلو پيڊيا ۾ انهيءَ اصل ڳالهه ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي. جنهن لاءِ اهو لفظ واضح ٿيل هوندو آهي“(1).

(ش) خاص  موضوعن ۽ مضمونن تي مشتمل لغتون:- هن قسم جون لغتون دنيا جي هر ملڪ جي ٻوليءَ ۾ لکيون ويئيون آهن. سنڌيءَ ۾ ڪن موضوعن تي هن سلسلي ۾ ڪم ٿيو آهي. خاص خاص موضوع هي آهن

علم ڪيميا، فزڪس، علم ارضيات، علم رياضي، اقتصاديات، معاشرتي علوم، سوشيالاجي، جاگرافي، لسانيات، صوتيات، صوتي اُچارن واري لغت، علم آثار شناسي، ٽيڪنيڪل ٽرمز واري لغت، بايولاجي، علم انسان شناسي، علم اللنسان، علم طب، علم دواسازي، علم زهريات، زراعت، علم ادب، فنونء لطيفه، علم نجوم، علم فلڪيات، علم موسيقي، علم التعليم ۽ علم التاريخ وغيره.

(ص) انڊيڪس يا ڏسڻي:- هن قسم جون ڏسڻيون دنيا جي سڀني ٻولين ۾ لکيون ويئيون آهن. سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جي ڏسڻين ۾ ماڳن، مڪانن، ماڻهن، دريائن، شهرن، ڳوٺن وغيره کان سواءِ، ڪتابن جا نالا پڻ شامل ڪيا ويندا آهن. هت منهنجي مراد اها ڏسڻي آهي جنهن جي مدد سان هڪ شاعر جي ڪلام جي مصرعن ۽ انهن ۾ ڪم آندل لفظن جي ڏسڻي ڏنل هجي.

هن موضوع تي شاهه لطيف جي ڪلام تي ڪم ٿي رهيو آهي. ان کان سواءِ Concordance به هن موضوع ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا.

(ص) گلاسري يا فرهنگ:- هي به هڪ بين الاقوامي موضوع آهي. ڪن ڪن ڪتابن ۾ اهڙا فني اصلاحات ڏنا ويندا آهن جن جي سمجهاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي. اهڙا فني لفظ ۽ اصلاحات، گلاسريءَ جي عنوان هيٺ گڏ ڪيا ويندا آهن ۽ انهن جي سمجهاڻي ڏني ويندي آهي.

(ط) دفتري ٻوليءَ تي مشتمل لغتون:- سرڪاري طور آفيسن، ڪورٽن ۽ حڪومت جي ڪم ڪار لاءِ جيڪا ٻولي منظور ڪئي ويندي آهي اُن کي دفتري ٻولي چئبو آهي. سنڌ ۾ انگريزن جي دور ۾ سنڌ صوبي ۾ انگريزيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي به سرڪاري ۽ دفتريءَ ٻوليءَ طور قبول ڪيو ويو. پاڪستان ۾، سنڌ اسيمبليءَ ۾ 1972ع ۾، ”سنڌي لئنگوئيج ائڪٽ“ پاس ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي اهو درجو عطا ڪيو، حالانڪ سنڌي سرڪاري زبان طور انگريزن جي زماني کان به اڳ رائج هئي. تازو نومبر 1990ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ وارو بل ترميم سان منظور ڪيو آهي. انگريزن جي دور ۾ دفتري ۽ سرڪاري ڪاروبار لاءِ هر قسم جو مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپايو ويو هو، پر جيئن ته اُن ساري مواد جي هن مقدمي ۾ فهرست ڏيڻ، موضوع کان ٻاهر ٿيندو، تنهنڪري هت صرف دفتري ڪم ڪار لاءِ تيار ڪيل لغوي مواد جي نشاندهي ڪبي. انگريزي دور ۾ ۽ پوءِ پاڪستاني دور ۾ هيٺيون مواد شايع ٿيو:

(i)     سنڌ گزيٽيئرس ۾ دفتري ڪاروبار لاءِ انگريزي لفظن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ انهن جي فهرست

(ii)    انگريزي – سنڌي لغت

 

(ظ) ڪرانالاجيڪل لغات:- هن قسم جي لغات جو ٻوليءَ جي رائج لفظن سان ڪو واسطو ڪونهي. هن قسم جي لغات ۾ ملڪ جي تاريخ، ثقافت ۽ تاريخي مواد، تاريخ – وار ۽ سال – وار درج ڪيو ويندو آهي.

(ع) پنهنجي ماحول ۾ رائج روز مره وارن لفظن جي لغات:- ڪي ليکڪ، اديب، عالم ۽ شاعر پنهنجي چوڌاري واري ماحول ۾ رائج لفظن تي مشتمل لغوي مواد جو شبد – ڀنڊار گڏ ڪري، انهن کي لغات جي صورت ۾ شڪل ڏيندا آهن. هن جو هڪ مثال ”لغات سنڌي مخفّفات“ ۾ ملي ٿو. محترم مرتب هن لغات ۾ اُهي لفظ به شامل ڪيا آهن جيڪي فقط سندس ماحول ۾ يعني دادو ضلعي ۾ (اُهو به فقط دادوءَ جي آسپاس) رائج آهن. مثال طور هيٺ ڪي لفظ ڏجن ٿا جن جي جائزي مان ثابت ٿو ٿئي ته هن لغات ۾ انهن لفظن جي شامل ڪرڻ سان، هن لغات جي حيثيت، هڪ لهجي تائين محدود ڪرڻ جي ڪوش ڪئي ويئي آهي. اهي لفظ هن لغات جي اهميت کي گهٽائين ٿا ڇو ته اهي لفظ سڄيءَ سنڌ جي لغوي خزاني جي نمائندگي نٿا ڪن؛ مثال طور:

اصلوڪو لفظ          مخفف روپ

تاتي                   تتي

تاتهين                 تِت

تِتاهون                 تتئون

تڏهن                  تڏ

تيڏانهن                        تاڏي

هن فهرست ۾ ”تاتي“، ”تاهين“، ”تِتاهون“، ”تاڏي“، ”تتئون“ لفظ فقط هڪ محدود حصي ۾ رائج آهن(1) ”تڏ“، ”ڪڏ“ ۽ ”جڏ“ روپن لاءِ طالب الموليٰ سائين پنهنجي ديوان ۾ واضع طور فرمائين ٿا:

”ڪڏهين ۽ جڏهين جو مخفف (گهٽايل) ڪڏهن ۽ جڏهن آهي.

ڪي ته ”ڪڏ“ ۽ ”جڏ“ به لکندا آهن، جي غلط سمجهان ٿو.(2)

 

3- لغت نويسي (سنڌي لغات نويسي):- لغت نويسيءَ لاءِ به ڪي اصول ۽ قانون مقرر ٿيل آهن، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”جامع سنڌي لغات“ مرتب ڪرڻ جي سلسلي ۾ جن جن ڳالهين ۽ اصولن کي سامهون رکي هيءَ لغات تيار ڪئي هئي، انهن تي اڳتي هلي لکيو ويو آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب جا بيان ڪيل اصول ٻڌايا ويا آهن.

عام طور لغت نويسيءَ لاءِ جيڪي اصول، قاعدا ۽ قانون، طور طريقا ۽ عملي قدم کنيا ويندا آهن، اُهي لڳ ڀڳ اُهي ئي آهن جيڪي هر ٻوليءَ جي لغات تيار ڪرڻ يا لغت نويسيءَ لاءِ لفظن جو سرمايو گڏ ڪرڻ يعني شبد – ڀنڊار ڪٺو ڪرڻ، گڏ ڪيل لفظن جا ڌاتو، ماده، اشتقاق ڪڍڻ، ٻوليءَ جي لهجن، محاورن ۽ روز مره وارن اُچارن (Dialectology) ۽ ٻوليءَ جي لساني اڀياس ۽ ويا ڪرڻي جائزي لاءِ اختيار ڪيا ويندا آهن. انهن اصولن جي اڀياس لاءِ سر گريئرسن، بدولف (Biddulph)، مسٽر لاريمر، پروفيسر اسڪالموسڪي، ڊاڪٽر رُٿ، مارٿي فچ ۽ گريگري ڪوپر، ڊاڪٽر لورسئندر، پروفيسر ايم – اي يانگ، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ڪتاب ۽ جائزا رهنمائي ڪن ٿا. لغت نويسيءَ لاءِ ماهرن جيڪي اصول، قاعدا ۽ قانون مقرر ڪيا آهن، اُنهن مان ڪي هي آهن:

ٻوليءَ جي دائري اندر مختلف خطن ۾ مروج لفظن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جون الف – ب وار چٽڪيون ۽ فهرستون ٺاهڻ.

هر هڪ لفظ جي اُچارن، هجي (Spelling)، جزن ۽ پدن (Syllabication) ۾ ورهائڻ، ۽ ان موجب اُچار مقرر ڪرڻ.

هر هڪ لفظ جا ماده، ڌاتو ۽ اشتقاق ڪڍڻ ۽ ان لفظ جي تاريخي ارتقا بيان ڪرڻ.

هر هڪ لفظ جي معنيٰ، ان جو مفهوم، سمجهاڻي ڏيڻ ۽ فقري، جملي ۽ شعر جي مصرع، چوڻي ۽ پهاڪي ۾ ان جو مفهوم، سمجهاڻي ڏيڻ ۽ فقري، جملي ۽ شعر جي مصرع، چوڻي ۽ پهاڪي ۾ ان جو استعمال ڏيکارڻ ته جيئن الڳ الڳ حالتن (Context of Situation) ۾ لفظ جي ڌار ڌار معنيٰ نمايان معلوم ٿئي.

هر هڪ لفظ جي وياڪرڻي حيثيت يعني ڳالهائڻ جي اٺن صورتن (parts of speech) مان ڪنهن به هڪ حيثيت جي نشاندهي ڪرڻ.

هر هڪ لفظ اُچار لاءِ، ڪنهن خاص علامت (Symbol) ذريعي اُچار جي نشاندهي ڪرڻ.

هر هڪ لفظ جي حيثيت ۽ معيار، نثري جملن، چوڻي، پهاڪن ۽ شعري مصرعن ذريعي بيان ڪرڻ ته جيئن خبر پوي ته اهو لفظ روز مره واري ٻوليءَ موجب عام محاوري (Colloquial) ۾ ۽ عام گفتگو ۾ عام طور مروج آهي يا بازاري ٻولي (Slang) ۾ رائج آهي.

اهڙيءَ طرح هر هڪ لفظ جي معنيٰ کان سواءِ هم معنيٰ لفظ ۽ انهن جا فقرن، جملن، چوڻين، پهاڪن ۽ بيتن وغيره ۾ رائج استعمال جا مثال ڏيڻ.

لغت نويسيءَ لاءِ ڌار ڌار لغت نويس، ڌار ڌار قدم کڻندا آهن. ڪي لغت نويس جدا جدا خطن ۾ پنهنجا .خابرو“ (Informants) مقرر ڪندا آهن. اُهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي تر مان ڌار ڌار موضوعن وارا لفظ گڏ ڪري، لغت نويس يا مرڪزي آفيس ڏانهن موڪليندا آهن. ڪي لغت نويس پنهنجن ساٿين، مددگارن جي مدد سان ڪتابن، رسالن، اخبارن، مضمونن ۽ مقالن وغيره مان اساسو گڏ ڪندا آهن. ڪي ماهر ٻئي طريقا اختيار ڪندا آهن. هن ڏس ۾ ”جامع سنڌي لغات، لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جيڪو طريقو اختيار ڪيو تنهن لاءِ ڊاڪٽر صاحب خود فرمائي ٿو ته:

”هن لغات جي لفظن جو ذخيرو هيٺين سرچشمن مان گڏ ڪيو ويو آهي:

(الف) ڇپيل ڪتابن، جن مان ادب توڙي ٻين مختلف موضوعن تي لکيل اندازاً 450 ننڍا وڏا ڪتاب توڙي مخزنون پڙهيون ويون ۽ اُنهن مان الفاظ ۽ اصطلاح چونڊيا ويا.

(ب) اهي جملي ڇپيل لغاتون، جن جو سنڌي لفظن جي معنيٰ سان واسطو هو.

(ج) ادب ۽ لغت جي اڻ ڇپيل قلمي ڪتابن جو ذخيرو- خاص طرح شاهه عنات رضوي، خليفي نبي بخش، فقير محمد صديق ۽ مولوي غلام محمد خان زئي جا رسالا جن مان انوکا الفاظ چونڊي هن لغات ۾ داخل ڪيا ويا. اڻ ڇپيل لغاتن مان آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي جواهراللغات ۽ مولوي علي محمد مهيريءَ جي سنڌي لغات (مسودو) انهن ٻنهي مان جملي الفاظ شامل ڪيا ويا آهن. بمبئيءَ مان مسٽر تاراچند گاجرا ۽ لالا هاسانند جي لکيل لغات جا الفاظ اُتاري موڪليا، جن کي ڇنڊڇاڻ بعد داخل ڪيو ويو.

مٿئين ماخذن کان سواءِ، اسان عوامي ادب ۽ عام رائج سنڌي ٻوليءَ جي سرچشمي کي وڏي اهميت ڏني آهي. اڄ ڏينهن تائين جيڪي به لغاتون يا ڪتاب لکيا ويا اهن تن جي اڪثر مصنفن ۽ مؤلفن جو واسطو شهرن سان رهيو آهي جي ٻهراڙيءَ جي نج سنڌي ٻوليءَ کان ڪماحقہ واقف نه هئا؛

انهيءَ ڪري سندن تصنيفن ۾ ٻهراڙيءَ جي عام رائج ٻوليءَ جا ڪيترائي نج سنڌي محاورا، الفاظ ۽ اصطلاح موجود نه آهن.

هن لغات لاءِ سڄيءَ سبڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان عام رائج لفظن ۽ اصطلاحن کي سهيڙڻ لاءِ خاص ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌ جي هر ضلعي جي مکيه ڀاڱن ۾ مڪاني ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ ته پنهنجي تر جي ٻوليءَ جا الفاظ ۽ اصطلاح هٿ ڪري موڪلين (مثلاً: ڪاسبين، ڪنڀارن، لوهارن، ڪورين، واڍن، وگهاملن وغيره جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ جنسن جا نالا جهڙوڪ: گاهن، جيتن، گلن، پکين وغيره جا نالا؛ مقامي ريتين رسمن جهڙوڪ: شادي غمي، ميلن ملاکڙن جا اصطلاح؛ گهرو الفاظ، جهڙوڪ: عورتن جا اصطلاح ۽ ڀرت جا نالا وغيره؛ اُٺن ۽ گهوڙن جي سازن، سنجن، پنڌن، بيمارين ۽ علاجن جا الفاظ ۽ اصطلاح پوک جي مڙني قسمن جي پوکڻ ۽ سنڀارڻ جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ ميوي جي فصلن جهڙوڪ انب، کجيءَ وغيره جا اصطلاح ۽ الفاظ).

هن سلسلي ۾ هيءُ احتياط پڻ رکيو ويو آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي مڙني مکيه محاورن يعني ته لاڙ، سري، ٿر، ڪاڇي، کاري، ڪڇ ۽ لس ٻيلي جي مخصوص ٻولين جا انوکا عام رائج الفاظ ۽ اصطلاح هن لغات ۾ شامل ڪري سگهجن.

نج سنڌي لفظن کان سواءِ عربي ۽ فارسي لفظن جو پڻ ڪافي وڏو ذخيرو سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿي چڪو آهي؛ انهن مان هڪڙا الفاظ اهڙا آهن جن کي سنڌي ٻوليءَ آڍي مکي، پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ ٻيا ڪي عربي، فارسي لفظ ۽ محاورا پوين ڏيڍ سو ورهين ۾ سنڌي شاعرن ۽ اديبن جي زبان ذريعي سنڌي ادب جو جز بنجي ڪتابن ذريعي، شايع ٿي چڪا آهن. اهڙن عربي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاهن کي پڻ داخل ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ هيءَ لغات سڀني طبقن لاءِ ڪارآمد ٿي سگهي.“

ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو:

هن لغات جي تياري ۽ تڪميل لاءِ هڪ مرڪزي آفيس قائم ڪئي ويئي ۽ تعلقي وار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، جن هدايتن موجب سنڌ جي سڀني ڀاڱن جي مقامي لفظن ۽ اصطلاحن جا ذخيرا گڏ ڪري موڪليا. مرڪزي آفيس جي عملي، ڪارڪنن کان پهتل مواد کي هدايتن موجب ڇنڊي ڇاڻي صاف ڪيو، ۽ پڻ ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪتابن مان الفاظ ۽ اصطلاح چونڊي قلم بند ڪيا“(1).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، گڏ ڪيل لفظن جي اُچارن، مادن، جُزن، ڌاتن، اشتقاقن ۽ انهن لفظن جي خطي وار استعمال، ڪارج، مفهوم ۽ عمل وغيره جي سلسلي ۾ جيڪي اصول مقرر ڪيا، تن جو پاڻ هن تفصيل سان ذڪر ڪيو اٿن، جيڪي جامع سنڌي لغات ۾ پڙهي سگهجن ٿا(2).

(الف) سنڌي لغات نويسيءَ جي ابتدا ۽ ارتقا:

سنڌي لغات نويسيءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو:

”جيتوڻيڪ سنڌي لغات جو سلسلو هڪ سو سال اڳ ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري شروع ٿيو، تنهن هوندي به باوجود ڪيترين ئي مخلصانه ڪوششن جي، سواءِ ڪن خاص لفظن تي مخصوص لفظن جي، سنڌي ٻوليءَ جي سنڌي لغات، جنهن ۾ مجموعي طور رائج ٻوليءَ جا مکيه لفظ ڏنل هجن ۽ معنائون پڻ سنڌيءَ ۾ لکيل هجن، هن کان اڳ لکجي شايع ٿي نه سگهي آهي. ان ڏس ۾ هيءَ پهرين جامع سنڌي لغات آهي“(3).

ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”هن لغات ۾ هي خاص احتياط پڻ رکيو ويو آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي مڙني مکيه محاورن يعني ته لاڙ، سري، ٿر، ڪاڇي، ڪڇ ۽ لس ٻيلي جي مخصوص ٻولين جا انوکا عام لفظ ۽ اصطلاح، هن لغات ۾ شامل ڪري سگهجن. مطلب ته هيءَ پنهنجي نوع جي پهرين سنڌي لغات آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي هڪ ججهي ذخيري کي شامل ڪيو ويو آهي ۽ هر لفظ جي عام توڙي اصطلاحي معنيٰ کي، شاهدين ۽ مثالن سان کولي ورجايو ويو آهي“(1).

هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب، پنهنجي ڪتاب، تحقيق لغات سنڌيءَ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:

”جيتوڻيڪ سنڌي لفظن جو صحيح سلسلو انگريزن جي دور کان شروع ٿئي ٿو تاهم انهن سڀني لفظن ۾ بنياد يا ڌاتوءَ جي ڪمي نظر اچي ٿي. ڪئپٽن اسٽئڪ پهريون انگريز هو جنهن 1848ع ۾ انگريزي – سنڌي لغت جي پيڙهه جو پٿر رکيو. هن صاحب 1855ع ۾ سنڌي – انگريزي لغت پڻ ٺاهي جا عربي – سنڌي آئويٽا بدران ديوناگري لپيءَ ۾ آهي“(2).

سنڌ جي انهن ٻنهي عالمن، يعني ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب، سنڌي ٻوليءَ جي جن جن لغتن جا نالا ۽ تفصيل ڏنا آهن انهن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

نمبر

مصنف جو نالو

لغات جو عنوان

سال

(1)

جارج اسٽئڪ

انگريزي-سنڌي ڊڪشنري

1848ع

(2)

ايضاً

سنڌي-انگريزي ڊڪشنري

1855ع

(3)

پادري شرٽ

اکر ڌاتو

1866ع

(4)

آخوند عبدالرحيم وفا

جواهرالغات

1866ع

(5)

آخوند فتح محمد هالائي

ڪاشف الفيوض

1866ع

(6)

پادري شرٽ

سنڌي-انگريزي ڊڪشنري

1879ع

(7)

جهمٽ مل وسناڻي

وئتپتي ڪوش

1880ع

(8)

مرزا صادق علي بيگ ۽ منشي اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي

سنڌي-انگريزي لغت

1880ع

(9)

ڪاڪو ڀيرومل

غريب اللغات

1906ع

(10)

پرمانند ميوارام

سنڌي-انگريزي ڊڪشنري

1910ع

(11)

مرزا قليچ بيگ

Philological Curiosities

1911ع

(12)

ايضاً

لغات لطيفي

1914ع

(13)

علامه علي محمد مهيري

سنڌي لغات (قلمي نسخو)

1920ع

(14)

مرزا قليچ بيگ

لغات قديمي

1924ع

(15)

ڊاڪٽر گربخشاڻي

شاهه جي رسالي ۾ لفظن جي معنيٰ ۽ ڌاتو وغيره

1933ع

(16)

لالاهاسانند

سنڌي ڊڪشنري

1947ع

(17)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

جامع سنڌي لغات

1960ع

(18)

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

تحقيق لغات سنڌي

 

(19)

سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ غلام اصغر ونڊير

انگريزي سنڌي ڊڪشنري

 

(20)

غلام محمد شهواڻي

شاهه جي رسالي ۾ لفظن جي معنيٰ

 

(21)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

لاڙ جي لغت

 

(22)

سيد حسام الدين شاهه راشدي ۽ ٻيا

بنيادي سنڌي لغات

 

(23)

مظهر خوجا

لغت گنان

 

(24)

سيد محمد صالح شاهه

ڌنڌي – وار لغت

 

(25)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان

اردو – سنڌي لغت

 

(26)

ايضاً

سنڌي – اردو لغت

 

(27)

پروفيسر غلام حسين جلباڻي

عربي-سنڌي لغات

 

(28)

سيد نجف علي شاهه نقوي ”ڪمتر“

ٻاروچي ٻولي

 

(29)

ڪلياڻ آڏواڻي

شاهه جي رسالي ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ

 

(30)

ڊاڪٽر دائود پوٽو

شاهه ڪريم جي رسالي ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ

 

(31)

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

سامي ڌاتو ڪوش

 

(32)

محمد علي هداد

سچل جي لغت

 

(33)

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

سچل جي ڪلام ۾ لفظن جا ڌاتو

 

(34)

محمد ابراهيم جويو

شيخ اياز جي ڪلام جي ڏکين لفظن جون معنائون

 

 

4- لغات سنڌي مخففات:

(الف) علم اللسان جي لحاظ کان اهميت:

هيءَ پنهنجي نوع ۽ قسم واري پهرين ۽ اهم لغات آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا مخفف روپ گڏ ڪري، اُنهن جي صوتي، صرفي، نحوي ۽ لغوي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي ۽ اُنهن جي ڪارج کان سواءِ اُنهن جي مفصل سمجهاڻي پڻ ڏني ويئي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي هيءَ پهرين واکاڻ جوڳي ڪوشش آهي.

”مخفف“ لفظ لاءِ انگريزيءَ ۾ abbreviation لفظ ڪم آندو ويندو آهي، پر مقصد ۽ ڪارج جي لحاظ کان، هن لغات جي حوالي سان مخفف جي معنيٰ ۽ مفهوم ٿيندو: ڪنهن لفظ کي سسائڻ، گهٽائڻ، يا ننڍو ڪرڻ، يعني ڪنهن لفظ مان ڪو آواز، ڪا صوتيه، ڪا صرفيه، ڪووينجن يا ڪو سُر حذف ڪرڻ، گهٽائڻ، ڪيرائڻ يا سسائڻ، جيئن اردوءَ ۾ ”بدتر“ لفظ جو مخفف يا سسيل اُچار يا روپ ”بَتّر“ ڪيو ويندو آهي.

مطالعي دوران اهو معلوم ٿيو آهي ته لفظن جا مخفف روپ ڪنهن ڌُڪيبازيءَ سان يا بيقاعدي نموني نٿا حاصل ڪجن پر اُن لاءِ به ٻوليءَ جي ارتقا دوران ڪي اصول يا قانون ٺهي ويندا آهن. مثال طور هيٺيان اصول عام طور لفظن جي مخففات لاءِ ڪارفرما هوندا آهن، مثلاً:

سَنڌي (ادغام) وارا اصول ۽ قانون

شاعري يا نثر وارين صنفن ۾ ٻوليءَ جي استعمال ۾ لفظن جو مخفف روپ وٺڻ

روزمره واري ٻولي ۽ عام گفتگو واري ٻوليءَ ۾ لفظن جو سسڻ وغيره.

سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي مخفف صورتن جي اڀياس لاءِ حاصل ڪيل اصولن ۽ قانونن جي مفصل تجزئي کان اڳ، اهو مناسب ٿيندو ته ”لغات سنڌي مخففات“ جي مصنف جي هن اهم ڪم ۽ ڪارنامي، ۽ هن لغات جي باري ۾ ڪجهه عرض ڪجي. منهنجي خيال ۾ هن لغات جي مصنّف جو هي ڪارنامو هڪ ”جدت“ مڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن لغات واري تحقيقي ۽ تخليقي ڪم جو خيال، هن کان اڳ ڪنهن به عالم جي ذهن ۾ اُڀري ئي نه سگهيو؛ اڃا به وڌيڪ وضاحت سان هيئن چئبو ته هن لغات جي تخليق ڪرڻ جو خيال ڪنهن به ماهر جي ذهن ۾ هن کان اڳ سِرجيوئي ڪونه هو. هن لغات جي تيار ٿيڻ کان اڳ، البت مختلف لغتن ۾ لفظن جا ڌاتو، ماده ۽ اشتقاق ضرور ڏنا ويا آهن پر لفظن جا سسيل يا مخفف روپ، انهن جو لساني ڪارج ۽ وياڪرڻي حيثيت جي سلسلي ۾ ڪا به راءِ ڏنل ڪانهي، ان لحاظ کان هن دعويٰ ڪرڻ ۾ اهو ڪو وڌاءُ ڪونهي ته سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي مخفف يا سسيل روپن جي اڀياس جي سلسلي ۾ هيءَ پهرين اهم لغات آهي جا جدت واري عمل ۽ تحقيق واري خوبيءَ سان مالامال آهي، جنهن لاءِ طالب الموليٰ سائين ۽ محترم احمد خان آصف مصراڻي مبارڪن جا مستحق آهن.

ديوان جهمٽ مل وسناڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”وئتپتي ڪوش“ ۾ لفظن جا ڌاتو ڪڍندي، مخفف روپ ته ڏنا آهن پر هن به مخفف روپ نالي ڪنهن به صورت جو ذڪر نه ڪيو آهي. وئتپتي ڪوش تي تنقيد ڪندي ڊاڪٽر سنديلو صاحب لکي ٿو:

”گرچه ڪتاب تي ڪافي مٿا ڪٽ ڪيل آهي مگر اونهي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته ڪن ڪن هنڌ، مصنف صاحب هڻي ويو آهي؛ مثلاً لکي ٿو: مُترڪو، سنسڪرت ”مُدگر“ مان نڪتل آهي. ”پيچرو“ سنسڪرت ”پاد“ مان نڪتل آهي. خير ائين به هجي ليڪن مخفي نه رهي ته ”مُترڪو“ عربي لفظ ”مطرقہ“ ۽ ”پيچرو“ لفظ فارسي ”پايه چاره“ مان نڪتل آهي“(1).

بهرحال” پيچرو“ لفظ لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهو لفظ فارسيءَ جي ”پايه چاره“ جو مخفف روپ آهي پر اهڙو ذڪر نه ڊاڪٽر سنديلي صاحب ڪيو ۽ نه وري ڪو اهو نقطو ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي ذهن ۾ ئي هو. مخفف روپن يا مخفف جي ان حيثيت لاءِ سنڌي زبان ۾ پهريون دفعو لکڻ جو سهرو عزت مآب مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جي سر تي ٿو سونهي ۽ هن لغات جي تصنيف ڪرڻ جي سعادت کين ئي نصيب ٿي.

ڊاڪٽر سنديلي صاحب کي ”تحقيق لغات سنڌي“ جي اشاعت تي مبارڪن جو خط (مورخه 18-11-1958ع) لکندي، جناب طالب الموليٰ صاحب جن فرمائين ٿا:

”اوهان جي تصنيف ”تحقيق لغات سنڌي“ زير مطالع آهي. رايو بعد ۾ موڪليندس پر ايترو ضرور چوندس ته اوهان سنڌي زبان کي سونو نڪ وڌو آهي. هن قسم جي لغت جي سخت ضرورت هئي“(1).

جيڪڏهن سنديلي صاحب واري تحقيق (تحقيق لغات سنڌي)، سنڌي زبان کي سونو نڪ وڌو آهي ته ”لغات سنڌي مخفّفات“، سنڌي زبان کي سونو تاج پهرايو آهي. هن لغات جي به ايتري ئي ضرورت هئي جيتري ٻين لغتن جي، ڇاڪاڻ ته هن لغات جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي فقرن، جملن ۽ شاعريءَ وارين مصرعن ۾ سسيل روپن ۽ مخفّفات جي، صرفي، نحوي ۽ لساني ڪارج ۽ حيثيت جي باري ۾ مفيد معلومات ملي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جي لغات واري کيتر ۾ هيءَ پهرئين قسم جي لغات آهي، جنهن ۾ چونڊيل لفظن جو اصلي اُچار ۽ اُنهن جا مخفف يعني سسيل روپ ڏيئي، انهن جي سمجهاڻي ڏني ويئي آهي، ۽ روز مره واريءَ توڙي عام گفتگو واريءَ ٻوليءَ ۾ اُنهن سسيل روپن جي استعمال ۽ ڪارج جا مثال پڻ ڏنا ويا آهن. هي هڪ اهڙو اهم ۽ مفيد ڪم آهي جو گهڻو اڳ ٿيڻ کپندو هو. منهنجي هن دعويٰ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته هيءَ پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽ هڪ اهم تحقيقي ڪم آهي جو گهڻي ۾ گهڻو داد لهڻي.

(ب) ترتيب:- هن لغات ۾ 2100 لفظ ڏنا ويا آهن، جن جي ترتيب ”ديوان طالب الموليٰ“ ۾ صفحي 9 تي ڏنل الف – ب واري پٽيءَ موجب رکي ويئي آهي. الف – ب جي هيءَ پٽي، سنڌي علائقي جي سرڪاري تعليم کاتي طرفان 1940ع ۾ ڇپايل ٻاراڻي ڪتاب ۾ ڏنل الف – ب جي پٽيءَ موجب آهي. مواد جي ترتيب جي سلسلي ۾ هن لغات جو مرتب آصف مصراڻي صاحب لکي ٿو:

”هن لغات ۾ گڏ ڪيل مواد کي اساسي سرمايو سمجهي، اُنهن لفظن کي مُنڊ ۾ ساڄي طرف اهم لفظ طور برقرار رکيو ويو آهي ته جيئن بقول سندس: ”سندن انفرادي ڪارنامو نمايان رهي.“

محترم مصراڻي صاحب سموري مواد کي الف – ب وار ترتيب ڏيڻ لاءِ سندس چوڻ موجب .الف – ب جو سلسلو ٻاراڻي ڪتاب 1940ع واري ڇاپي، جنهن جو عڪس ديوان طالب الموليٰ جي صفحي 9 تي ڏنل آهي، اُن موجب رکيو آهي.“

ساري مواد کي چئن باب ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين باب ۾، بقول مرتب جي، اسم، ضمير، صفت، ظرف ۽ فعل وغيره لفظن جا مخفف ڏنا ويا آهن؛ ٻئي باب ۾ اسم عام تي مشتمل لفظن جا مخفف روپ ڏنا ويا آهن؛ ٽئين باب ۾ اسم مصدر مان نڪتل لفظن جا مخفف روپ ڏنا ويا آهن؛ چوٿين باب ۾ بقول مؤلف جي ڪن ٻٽن لفظن جا مخفف ڏنل آهن، جن مان ڪي هي آهن:

ٻٽو لفظ

مخفف روپ

ٻٽو لفظ

مخفف روپ

سنڌ جو

سنڌي

هند جو

هندي

عربستان جو

عربي

لوهه وارو

لُهر

سون وارو

سونارو

 

 

 

منهنجي خيال ۾ ”سنڌ جو“، ”عربستان جو“، ”هند جو“، ”لوهه وارو“ ۽ ”سون وارو“ ٻٽا لفظ نه آهن. بهرحال هيءُ هڪ ڌار بحث آهي جيڪو هن مقدمي سان واسطو نٿو رکي. ساڳيءَ طرح محترم مؤلف هيٺين گروهه کي هم آواز لفظن طور پيش ڪيو آهي. منهنجي سمجهه مطابق انهن لفظن کي هم آواز لفظ بيان ڪرڻ، علم اللسان جي حوالي سان صحيح نه آهي. اُهي لفظ هي ڏنا اٿس:

لفظ            مخفف

 موهِين                موهِن

کوهِين         کوهِن

ڳوهِين         ڳوهِن

انهن لفظن کي ڌار عنوان هيٺ رکڻ صحيح فيصلو نه آهي.

(ت) مخفف لفظن جي وياڪرڻي خصوصيت:- هن لغات جي گهري مطالعي سان خبر پوي ٿي ته هن ۾ شامل لفظن مان هرهڪ جو انفرادي حالت ۾ اُچار ڪيئن ڪيو ويندو آهي پر جڏهن اهو لفظ يا اهي لفظ ڪنهن گفتگو (روز مره واريءَ گفتگو) ۾ ڳالهايا ويندا آهن يا شعرو شاعريءَ ۾ ڪم آڻبا آهن، تڏهن اُنهن جي لکت واري صورت مان خبر پوندي ته اُنهن لفظن جو اُچار ڪهڙي شڪل يا صورت وٺي بيهندو آهي، يعني اُهو لفظ يا اُهي لفظ مرره واري گفتگو، ڪنهن نثري جملي يا شعر جي مصرع ۾ ڪهڙي مخفف صورت ٿا ٺاهين. اهڙن مخفف لفظن جي اڀياس ڪرڻ مهل انهن لفظن تي علم صوتيات، علم صرف يا علم نحو جا قانون اثر انداز معلوم ٿين ٿا. اُنهن لفظن تي، ”سَنڌي، (assimilation) جي قانون موجب، تخفيف يا سوس وارو اصول اثر انداز محسوس ڪبو آهي. انهن ۽ اهڙن لفظن جي مخفف روپن ۾ جيڪي صوتي، صوتياتي ۽ سَنڌيءَ جي اصولن جي ڪري تبديليون رونما ٿينديون آهن، اُنهن کي (انهن لفظن جي مخفف روپن کي) چڱيءَ طرح جاچي يا پروڙي سگهجي ٿو. مثال طور:

لفظن جي انفرادي صورت

عام جملي ۾ لکيل صورت ۽ اُچار

مخفف روپ

اٿن

ماني کاڌي اَٿن

هن چيو آهي/چيو اَٿن

ماني کاڌي ٿن/ماني کاڌِن

چيو ٿن/چيُنِ

 

مٿين مثالن ۾ ”کاڌن“ ۽ ”چَيُنِ“ مخفف روپن جو جڏهن غور سان اڀياس ٿو ڪجي ته معلوم ٿو ٿئي ته هن سلسلي يا عمل ۾ ”سَنڌي“ وارا اصول اثر انداز آهن، ۽ اهي اصول ئي مخفف روپن جي اصلوڪن لفظن جي ڳولڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

هن نقطي کي اڳتي هلي، مثال ڏيئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. انهن روپن جو تفصيلي جائزو تڏهن سامهون ايندو جڏهن انهن ۽ اهڙن ٻين لفظن يعني مخفف يا سسيل روپن کي روزمره واريءَ ٻوليءَ يا عام گفتگو يا شعر و شاعريءَ ۾ ڪم آڻي، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي.

مرحوم ڊاڪٽر سنديلو پنهنجي ڪتاب، ”تحقيق لغات سنڌي“ جي حوالي سان فرمائي ٿو:

”فلسفه اللسان (Philology) بحر بيڪران آهي، جنهن جو انت لهڻ آسان نه آهي“(1)

پر آءٌ ته ائين چوندس ته ”فلسفه اللسان“ ته ”علم اللسان“ جو فقط هڪ شعبو آهي. جڏهن ته ”فلسفه اللسان“ (Philology)، مرحوم سنديلي صاحب جي خيال ۾ بحر بيڪران آهي ته پوءِ ”علم اللسان“ (Science Linguistic) جي اَٿاهه مهاساگر جي پاتال ۾ پيهي، اُن جو انت ڳولڻ ته اوکي ۾ اوکو ڪم آهي. مخدوم طالب الموليٰ صاحب ته هڪ غواص بڻجي، علم اللسان جي هن عميق ۽ بي انت بحر ۾ ٽپو ڏنو آهي، ۽ موتي ميڙڻ جي نهايت ئي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. نواءِ سنڌ اخبار جي ايڊيٽر پنهنجي 1-1-1956ع واريءَ اخبار ۾ تبصرو ڪندي، سنديلي صاحب کي داد ڏيندي لکيو آهي:

”قابل مصنف هن بحران بيڪران ۾ هٿين خالي گهڙي، تڙڳي تڙڳي ۽ ٽٻيون هڻي، جيڪي موتي ڪڍيا آهن، تن جو قدر نه ڪرڻ حد درجي جي زيادتي ٿيندي.“

ماشاءَ الله هن قسم جو داد طالب الموليٰ سائينءَ جن کي به، سندن هن املهه ماڻڪ ۽ اعليٰ پايه جي شهپاري تي ڏيڻ گهرجي. مخدوم صاحب جن، موجوده ڪائنات تي فتح واري هن دور ۾، هڪ آزمودگار غواص بنجي، سنڌي زبان ۽ ادب جي اٿاهه مهاساگر ۾ ٽپو ڏيئي، اُن جي پاتال تائين پهچي، املهه ماڻڪ ميڙي، هن لغات جي صورت ۾، سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن اڳيان رکيا آهن. هاڻ اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اُن جو ڪهڙي نموني سان قدر ڪريون، پر آئون ته ائين چوندس ته مخدوم صاحب سنڌي ٻوليءَ کي سونو تاج پهرايو آهي. وري جو ساٿي ملين محترم احمد خان آصف مصراڻيءَ جهڙو مخلص، محنتي، سٻاجهو، سخنور ۽ هن ڏس ۾ ماهر، جنهن مخدوم صاحب طرفان گڏ ڪيل مواد کي سهيڙي، سموهي ۽ سنڌري هڪ مڪمل مسودي جو روپ ڏنو. هو لکي ٿو:

”لغات سنڌي مخفّفات جو مواد قبله مخدوم محمّد زَّمان صاحب طالب الموليٰ جن، جدا جدا نوٽبوڪن، چوپڙين، بلڪ چٽڪين تي ڪٺو ڪري، ان کي باقاعدي ترتيب ڏيڻ لاءِ هڪ خاص نوٽبوڪ تي ڪم به شروع ڪيو، مگر لڳاتار طبيعت جي ناسازي، سروري جماعت جي سالاري، ٻين ذميدارين، مشغولين ۽ مصروفيتن سبب اهو ڪم روڪي ڇڏيو هئائون.


(1)  خالد سيف الله ڀٽيِ مقالو ”انسائيڪلو پيڊيا“، هفتيوار نئين سوچ رسالو، جلد 2، شمارو 19 – 20، ڪراچي، 15 آڪٽوبر 1990ع، ص 26

(1)  ڀيرومل آڏواڻي: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع، ص

(2)  طالب الموليٰ: ”ديوان طالب الموليٰ“، هالا، 1982ع، ص ص 16 ۽ 17

(1)           نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات“، 1960ع، مهاڳ

(2)           ايضاً

(3)           ايضاً

(1)  عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر: تحقيق لغات سنڌي، مهاڳ

(2)  ايضاً

(1)  عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر: ”تحقيق لغات سنڌي“، حوالو ڏنو ويو آهي.

(1)  عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر: ”تحقيق لغات سنڌي“، حوالو ڏنو ويو آهي.

(1)  عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽري ”تحقيق لغات سنڌي“،  ص 33

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com