سيڪشن؛  لغات

ڪتاب:لـُـغات سنڌي مـُـخففات

باب: 1

صفحو :4

لغات

سنڌي مخفّفات

 

 

باب پهريون

اسم – ضمير – صفت – ظرف وغيره

 

آ

[ مَد وارو الف ]

 

اصل

مخفّف

سمجهاڻي

آءٌ

آ- اَچ

هيڏانهن آ، هِتِ اچ.

آئيو

آيو

مان آيو آهيان.

آئيا

آيا

هُو آيا آهن.

آئِيون

آيون

هو عورتون آيون آهن.

آئيون

آيون

تون هِت آيون يعني آيو آهين.

آياسِ

آيَس

آئون آيَس.

آهي

آهِ – آ

هو گهَر آه، هُو ٻاهر ويو آ.

آهِييَن

آهِين – آن

تون سڀاڻي اتي آهين؟ تون شاعر آن.

آهِين

آهِن، آهن، هِن

هو آهِن، هو اَهن، هو هِن.

آهيان

آهيان، اَهان، هان

آئون هِت آهيان، آئون هت اَهان، آئون هِتِ هان.

آهيان

آهيان، اَهئان، هانِ

آئون سڄڻُ اَهيانِ، سڄڻ هانِ.

آئون

آنءُ - آن - (مان)

آنءُ ڳائيندس، آن ڪونه ڳائيندس.

آبائتِيُنِ

آبائِتِن (عزّت وارن)

آبائتِن ڌُرِن سان آبائتو ڳالهائبو.

آباديُن

آبادِن

هن سال پاڻي گهٽ هئڻ سبب آبادِن کي نقصان رسيو آهي.

آدِميُن

آدمِن

آدمن مان آدميت هلي وئي آهي.

آريُن

آرِن

آر يعني حجّت، انگل وغيره آريُن، آر جو جَمع آهي. هن جي آرِن ۾ نازُ آهي.

آکاڻين

آکاڻِن

ڪهاڻِن، ڳالِهن.

آسائتيُن

آسائتِن

آس، اميدواريون.

آمادِيُن

آمادِن

راضي ٿيلن.

آديسِيُن

آديسِن – آديسِن

آديسي، جن جو ڪو ديس نه هجي، سيلاني فقيرن جو قسم

آراڻو

آرڻ

موسم ۾ درياءُ چڙهي جڏهن ڪچو ٻوڙيندو آهي، پاڻي لهي وڃڻ سبب جڏهن زمين هر ڏيڻ جهڙي ٿيندي آهي، تڏهن هاري ان ۾ گدرن جو ٻج ڇٽي هر ڏيئي ڇڏيندا آهن، ان پوک کي آرڻ چئبو آهي.

آڌار

آڌر

ٽيڪ، سهارو.

آهار

آهر

ڏڍُ. آسِرو.

آهِيَرُ

اَهير

عورت جو مڙس، يارُ به.

آهُر

اَهر

وکر – سرنهن کي به چَون.

آسِرو

آسر

آسروند – اميد.

آرا

آر

انگل وغيره.

آڌوتين

آڌوتِن – آڌوت

فقيرن جو قسم، ميرا ڪپڙا ڪندڙ.

آڦري

آڦَر

پيٽ ۾ هوا ڀرجڻ، بدهضمي.

البيلائِيُن

البيلائن

نازن نخرن، هُن البيلائن سان موهي ڇڏيو.

آڙِينِ

آڙِن

آڙ چئبو آهي، ڪنهن جانور يا ماڻهوءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ انجي پيرن جي نشانن کي ڏسي، اڳ وٺي چؤطرف، ڳولا ڪرڻ کي. هو پير پيا آڙين، هو پير پيا آڙن.

آڙارائين

آڙارائن – آڙائن

هنن جا پير آڙارائن يا آڙائن پيا.

آڀارايام

آڀارايم

اڀارڻ معنيٰ اماده ڪرڻ. هنن کي اڀارايم يعني راضي ڪيم چڙ جي معنيٰ ۾ به ڪم ايندو آهي.

آڀاريامِ

اُڀاريَمِ

ڪم ڪرڻ تي راضي ڪيو مانِ.

آڀارين

آڀارن

آماده ڪن.

آگهاريام

آگهاريم

مون ٿانوَ آگهاريا.

]آگهارڻ جي اصطلاحي معنيٰ ٻي به آهي.[

آگهارايام

آگهرايام

آگهارڻ يعني ٿانوَ ۾ پاڻي وجهي ڇاڇولي چڱي طرح صاف ڪري پاڻي هاري ڇڏڻ. يعني ٿانوَ هنن کان آگهارايام. آگهرايم.

آگهارِين

آگهارن

هنن کي چئو ته ٿانوَ آگهارِين ] آگهارِن[.

آڏارايام

آڏارايَم

ديڳڙي ۾ گوشت ۽ پاڻي وجهي انکي باه تي ٻٽي ٽهڪا ڏئي پاڻي هاري، گوشت ڇانوَ ۾ سڪائي رکبو، ان کي آڏارڻ چئبو آهي.. گوشت کي آڏارڻ مهل ان ۾ بصر، لوڻ ۽ ڌاڻا به وجهبا آهن، ته جيئَن کائڻ ۾ سٺو ذائقو پيدا ڪري.

آڏارايوم

آڏارايُم

ٻين کان آڏارايام، آڏاريم.

آڏاريامِ

آڏاريَم

مون آڏاريا. مون آڏاريو.

آڏاريوم

آڏاريُم

جهيڙي ۾ هڪ شخص ٻئي کي زخمي ڪيو تب چئبو آهي، ته فلاڻي فلاڻي کي آڏاري ڇڏيو.

آڍارايام

آڍارايَم

جسم کي تيل سان مالش ڪرڻ کي آڍڻ چئبو آهي.

آڍيام/ آڍيوم.

آڍايم

آڍايَمِ

هنن کي ٻين کان آڍايم. آڍارايم، آڍارايام.

هنن کي مون آڍيو.

آڍايوم

آڍيُم

هنن مونکي آڍيو.

آڪڙايام

آڪڙايَم

آڪڙ هت ڪاوڙ جي معنيٰ ۾ ڪم ٿو اچي، ٻين جي هٿان آڪڙايم (ڪاوڙايم).

آڪڙيُن

آڪڙن

ڪاوڙن. تنهنجي آڪڙن ۾ به مزا آهن.

آڪڙجئين

آڪڙجان، آڪِڙج

ڪاوڙ ڪجان.

آڪڙيام

آڪڙيَم

ڪاوڙجي پيا.

آڪڙيوم

آڪڙيُم

مونتي ڪاوڙيو.

آڪڙائينِ

آڪڙائِن

تون آڪڙ ڪَرائينِ

آڦِرايامِ

آڦرايم

آڦري – سخت بدهضمي، هنن کي ٻين کان کارائي، آڦرايو اٿم.

آڦريام

آڦريَمِ

منهنجا جانور آڦرجي پيا.

آڦرايوم

آڦريُم

ٻين هٿان هِن کي آڦرايم.

آڇارايام

آڇارايَم

هنن شين، ڪمن يا ڳالهين جي.

آڇايام

آڇايم

هنن کي ”آڇ/ پيشڪش“ ڪرايم

آڇايوم

آڇايُم

هن ڪم جي هنن کي آڇ ڪرايم.

آڇائيِن

آڇائِن

هو آڇ ڪرائن.

آڇيوم

آڇيُم

مون آڇ ڪئِي مانِ.

آچارايام

آچارايَم

آچار معنيٰ سوچ ويچار، فيصلو. فلاڻيون ڳالهيون ٻين کان آچارايم ويچار ڪرايم، فيصلو ڪرايم.

آچاريامِ

آچاريم

مون سوچ ويچار ڪيا، غور ڪيا.

آچاريوم

آچاريُم

مون آچار ڪيو.

آڻارايام

آڻارايم

فلانا گهرايم، سڏايم.

آڻايام

آڻايم

فلاڻا گهرايم، سڏايم.

آڻايومِ

آڻايم

هن کي گهرايُم

آڻائينِ

آڻائِن

سَڏائين، گهرائن.

آڻِين

آڻِنِ

کڻي اچن، وٺي اچن.

آلائينِ

آلائن

ڪپڙا آلائين يا آلائِن پيا يعني پوري طرح سُڪا نه آهن.

آيامِ

آيم

مهمان آيم.

آنديامِ

آندم

ڪتاب آندم، وٺي آئيس.

آنديام

آنديَم

هوءَ شي آنديم.

آبري

اَڀري

هِيڻي، هوءَ ڍڳي اَڀري آهي.

آڀام

اَڀَم (ابهم)

ننڍو ٻار.

آٿڻ

هَٿڻِ

سڱ جو عيوضو.

اٿان

اَٿَنِ – ٿَنِ

هنن وٽ هيءَ شيءَ آهي.

آجيان

آجان

مرحبا ڪرڻ.

آجهاپو

آجهپ – جهپ

مسافريءَ م واٽ تي ٿورو ترسي آرام ڪرڻ.

آچار

آچر

ماڻهوءَ جو نالو.

آڌار

آڌر

آسرو، ٽيڪ.

آڌائون

آڌئون

ڪتيءَ جي فصل کڻڻ بعد ۽ چيٽ جي مند کان ٿورو اڳ ڪيل فصل کي اڌئون چوندا آهن.

آڌياري

آڌِيرِي

اڌبائتي، ڪا ڳئون يا مينهن، ڪنهن ماڻهو کان اڌ جي قيمت وٺي ڏجي، باقي اڌ ان وٽ هجي، ان کي اڌيري يا اڌبائتي چئبو.

آڏت وار / آرتوار

اتوار (آچر)

ڏينهن جو نالو.

آڊوڪو

اُڊڪو

فڪر يا ڳڻتي.

آڍڙو ٻڍڙو

آڍو ٻڍو

دعا ته فلاڻو وڏي عمر ماڻي عام پوڙهو ٿئي.

آرا

آر

انگل.

آرياڻي

آري

پنهون جو لقب.

آروپار

آرپار

ٻنهي پاسي.

آراڻو

آرڻ

دريا جي لهي وڃڻ سبب ڪچي واري زمين ۾ ولين جي پوک.

آريٺڙو

آريٺو

وکر، هن جي کل نانگ جي زهر جو ترياق آهي.

آسائتو/ آسائت/ آسائو/ آسروند

آسِي

آسَ يا اميد رکندڙ.

آسارو

آسرو - آسر

اميد – ڀروسو.

آسي پاسي

آسپاس

چؤگرد.

آڪارو

اڪارو

اڪ جو سُٽُ.

آڪاه

آڪہ

ڪٽنب جا ڀاتي.

آڪڙباز

آڪڙيل

اجائي آڪڙ وڏائي ڪندڙ.

آکيرڻو

آکيرو

پکين جو آشيانو.

آڳئل/ آڳيل

آڳل

ٻيڙي جو اڳيون حصو.

آلڙ

الڙ

رڇ يا سوئر تي ڪتن جي بڇ ڪرڻ.

آنڌاري

انڌاري

مٽي گاڏڙ طوفان، اونده.

آئون

آءٌ – آن

مان.

آنهِري

آهري

آئينو – درسني.

آهار

آهر

آسرو - ٽيڪ.

آهينِ

آهِن. اَهِن، هِن

هو هت آهن، هو هت هِنِ.

الف

[ الف بنا مد جي ]

 

اکين

اکِنِ

اکين ۾ سرمو پاتل اٿس، اکن ۾ سرمو اٿس.

ادِيُن

اَدِن

ڀينرن.

اٿَنِ

ٿَن

هٿ ۾ چابڪ اٿن، هٿن ۾ انب ٿن.

اٿم

ٿم

خبر اٿم، خبر ٿم.

انڀُين

اَنڀِن

ٻٽي فوٽ ڪاٺي، جنهن جو هڪ پاسو سہ هن نموني هوندو آهي ۽ ان ان سان ديڳ ۾ چانورن کي اٿلائبو پٿلائبو آهي. انڀيون جمع آهي، اڀني جو.

اَڏِيُن

اَڏِن

اڏي ڪاٺ جو ٿلهو ٽڪر، جنهن تي ڪاسائي گوشت کي قيمو ڪندا آهن. واڍا اڏيءَ تي ڪاٺ رکي انکي گهڙيندا آهن. اڏي جو جمع آهي اڏين يا اِڏن.

اُٻاهرو

اُٻهرو

طبيعت جو تيز، تڪڙو، اٻهرو نه ٿجي.

اُٻاهري

اُٻهري

تڪڙي.

اُٻڌ

ٻُڌو

بيوقوف.

اَڀرو سَڀرو

اَڀر سَڀر

هيڻو ڏاڍو. اڀر سڀر به پنهنجا عزيز ڪم ايندا.

اُڀوکڙو

اڀ کڙو

مٿي ٿيل.

اُتاهُون

اتهون، اُتان

هن جاءِ تان.

اِتاهون

اِتهون، اِتان

هِن جاءِ تان.

اِتهين

اِتي، اِت

اِها شي، اتهين يا اتي رکي هجي.

اٿيئي

اٿئي، ٿئي

تو وٽ آهي. ڪتاب اٿيئي؟ ڪتابُ اٿئي ڪتاب ٿئي.

اٿئون

ٿئون

اسان وٽ آهي. پيسا اٿئون، پيسا ٿئون.

اَٿوَ

ٿَوَ

توهان وٽ پئسا آهن.

اٽلندو

اُٽلو، اُلٽو

رهندو به، چور ته ڀڄي ويو، اٽلندو (اٽلو) الٽو ڀاڳئي کي ڌڪ لڳو.

اُجاڙ

اُجڙ

ناس. باغ خزان ۾ اجڙ ٿي ويو.

اڄ ڪالهه

اڄڪلهه

اڄڪلهه ماڻهو زور آهن.

اڃارو

اُڃو

پياسو، ڍڳو اڃارو يا اُڃو آهي.

اڃاري

اُڃي

ڍڳي اڃاري يا اڃي آهي.

اڇاهرو

اُڇَهَرو

تڪڙو، ناقص.

اڇاهري

اُڇهري

تڪڙي، ناقص.

اڌڪيتو/ اڌگيدو

اڌورو

اڻ پورو ٿيل. اڌڪيتو ڪم نقصان ۾ ويندو.

اُڊڪو

اُڊو

اونو، اُلڪو.

اَسُور

اسر

رات جو پويون پهر.

اڳوڻڪو/ اڳوڻڪي

اڳوڻو/ اڳوڻي

 اڳئين وقت جو- اڳوڻڪو يا اڳوڻو لوه سٺو آهي.

اڳيئي

اڳئي

اڳ ۾ ئي؛ هُو اڳيئي يا اڳئي ڪاوڙيل هو، ويتر وهان جو سڏ نه مليس سو وڌيڪ رنج ٿيو آهي.

اڳئين

اڳلي

اڳوڻي وقت جو. اڳئين يا اڳلي وقت جا ماڻهو وفادار هئا.

اڳاڙي

اوڳڙ

رقم اڳاڙڻ.

اگهاڙائي/ اگهاڙپ

اگهاڙ، اوگهڙ

عرياني، اوگهڙ ڍڪجي، اگهاڙپ کان پاسو ڪجي.

الله توآهار

الا توهر

الله سائين تنهنجي آسري. هاري الاتوهر ڪري هر ڪاهيندو آهي.

اَلَڙُ

ال

ناتجربيڪار.

اڻ موٽ

اموٽ

نه موٽندڙ. اڻ موٽ يا اموٽ مرد مقصد پوري ڪرڻ کان سواءِ نه موٽندا آهن.

اڻ بڻت

اڻ بڻ

دشمني. ڪنهن سان به اڻبڻت يا اڻ بڻ چڱي نه آهي.

اڻ ورچ

اورچ

ڪڪ نه ٿيندڙ. ڪم کي اڻ يا ورچ ٿي لڳجي.

اُڻاوت

اُڻت

اُڻڻ. ڪوري ڪپڙي جي اُڻاوت يا اُڻت ڪندا آهن.

اوٺوال/ اوٺار

اُوٺي

اٺن وارو.

اوڏانهُون

اوڏهون، اوڏنهن

هُنَ طرف.

اونداهي

اونده

روشني جو ضد. بجلي بند ٿئي ٿي ه اونداهي يا اونده ٿئي ٿي.

اوڏڙو

اوڏو

ويجهو. منهنجو ڳوٺ هالن جي اوڏڙو يا اوڏو آهي.

اوڏڙي

اوڏي

ويجهي.

اوراٽ

اورٽ

اوڪارا اچڻ. پيٽ ۾ تڪليف هئڻ سبب اوراٽ يا اورٽ پيا اچن.

اولار

اُلَرَ

ڌڪ ورائڻ. هُو خواهه مخواه هُنَ تي اولار يا الر ڪري ويو.

اولارڻ

الارڻ

ڌڪ ورائڻ.

اورانهون/ اورڀرو/ اورتي

اوري

ويجهو. اورانهون يا اورڀرو يا اورتي اچ ته ڀاڪر پايون.

اوسو پاسو

آسپاس

چوطرف.

اوسيئڙو

اوسيڙو

انتظار.

اولاڪو

اُلڪو

ڳڻتي، فڪر.

اوهان

اَهان

اوهان اتي آهيو؟ اهان اتي رهجو.

اوهين

اَهين

اهين اِتي هججو.

اوئِينُ

اوئن

ٻوٽو. ڪلر تي ٿيندو آهي. پٽي گرم ڪري سوڄ تي ٻڌندا آهن.

ايهڙو تيهڙو

اهڙو تهڙو

ڪاوڙ يا گار جو لفظ.

اهيو

اِهو

اهو ماڻهو لاڙيچو پيو لڳي.

اهيا

اها

اها عورت وڏي داناء آهي.

ائوٿرو

ائٿرو، هُوٿرو

تڪڙو، همراه ڏاڍو ائٿرو يا هوٿرو آهي.

ايڏاهون

ايڏهون

انهيءَ طرف.

ايڏانهن

ايڏهن

انهيءَ طرف.

ايڏهن

ايڏي

انهيءَ طرف.

اَئون

۽، اَئِن

احمد ائون محمّد ڀائر آهن، يا احمد ۽ محمد ڀائر آهن.

ايڏڙو

ايڏو

ڪنهن به شي جو مقدار.

ايرانئون

ايَرئون

ڪدو.

ايستائين

ايستائين، ايسين

ان وقت تائين. ايستائين يا ايسين ترس، جيسين هو اَچي.

ايڪائي

اڪائي، اڪي

هيڪڙائي.

ب

 

بازار

بازر، بزار

بازار اڄ بند آهي. بازر يا بزار سڀاڻي کلندي.

بانڀاڙ

بانڀ

وڏو شگاف. چور کاٽ هڻي ڀت کي بانڀاڙ يا بانڀ ڪري ويا آهن.

باندياڻي/ بندياڻي

باندي/ بندي

قيدياڻي. عمر مارئي کي باندياڻي يا باندي بنايو هو. باندي ٻانهي جي معنيٰ ۾ به ڪم ايندي آهي.

باهَڻُ

بَهڻ

وڻ جو قسم. باهڻ يا بَهڻ مان کٽون ٺهنديون آهن.

باهَڻ

بَهَڻ

ڪتي جي ڀونڪ، ڪتو بَهڻ لڳو.

باهوڙ

بهوڙ

ڪتي جي ڀونڪ، ڪتو بَهڻ لڳو.

بَٽائي

بَٽئي

ان ورهائڻ

بڇڙائي

بڇائي

خرابي. بڇڙائي يا بڇائي ڪرڻ مرد جو ڪم نه آهي!

بگهيڙ/ بگهاڙ

بگهڙ

درندو جانور

بلائتو

بلاتو

هٿيڪو- مسافر وڃي بلائتو يا بلاتو ٿيو.

بُلڙو

بُلو

ننڍو ٻار.

بڻياد

بڻ

پيڙهه- ڀت جو بنياد پڪو رکجي. هُو سٺي بُڻ وارو ماڻهو آهي.

بولاٽي

بلاٽي

گز لڳڻ سان تتر بولاٽي يا بلاٽي کائي ڪريو.

بيهه

بِههُ

ڍنڍ مان پٻڻ مان نڪرندڙ ڀاڄي- بهن جي ڀاڄي سٺي ٿيندي آهي.

بيہ

بِههُ

اتي بيہ يا اتي بِہُ.

بيگار

بيگر

مفت ۾ وَهڻ- بيڪار کان بيگار يا بيگر ڀلي آهي.

بيهڻ/ بيهي

بِهَڻُ/ بهي

هڪ هنڌ بيهڻ يا بهڻ يا بيهي رهڻ ماڻهن کي شڪ وجهندو.

بالڪل/ بلڪل

بلڪ

حرف جملو.

بخشيئي

بخشئي

معاف ڪَرَئي

بُونءِ

بوءِ

بانس

بُکارن

بکين

بکارن يا بکين کي ماني کارائڻ ثواب آهي.

 

ٻ

 

ٻاٽي

ٻٽي

3،2 انگ

ٻاٽيرو

ٻٽيرو، ٻٽير

يعني ڀونئتر، پکيء جو قِسم.

ٻاجهري

ٻاجهر

اَن جو قسم.

ٻاروچو

ٻروچو، ٻروچ، بلوچ

ٻروچ قوم جو.

ٻاڪار/ ٻيڪار

ٻاڪَرَ، ٻيڪ

ٻڪرين جي ٻاڪار يا ٻيڪ پئي پوي.

ٻالڪ

ٻال، ٻار

ننڍو ٻار.

ٻاهر

ٻَهَر

در کان ٻاهر يا ٻَهر بيہُ.

ٻُٿو

ٻُٿُ

ڊڀن جو ٻُٿُ.

ٻٽڙي

ٻٽي

ٻيڻي جوئر جو قسم جنهن ۾ تُہَ ۾ ٻه داڻا ٿين.

ٻَٺَرُ

ٻَٺُ

ننڍو پونگو، ڪُتي جو پٽ.

ٻُچڪار

ٻچڪر، ٻچ ٻچ

ڏاند کي ٻچڪار يا ٻچڪر ڏيئي روڪ.

ٻُرڙِ ٻُرڙِ

ٻور ٻُر

بدن تي آرائين کان ٻرڙ ٻرڙ يا ٻر ٻر ٿي پيئي آهي.

ٻرهاڙو

ٻرهڙو - ٻرڙو

ڍنڍ جي پکيءَ جو قسم.

ٻُگهِلو

ٻگهو، ٻگهه

ڍنڍ جي پکيءَ جو قسم.

ٻوگهلو

ٻُگهه

سادو سودو، بيوقوف.

ٻنجو

ٻجو

ٻجو يا ٻنجو ڏيڻ معنيٰ ڪنهن ڳالهه کي روڪڻ. بيل گاڏي کي به ٻجو هڻبو آهي.

ٻنڌياڻ

ٻنڌاڻ

ڪنهن تي ڪا رقم مقرر ڪرڻ. کدڙن جو هر گهر تي ٻنڌاڻ آهي.

ٻوجهو

ٻوجهه، بوجو

بار. هروڀرو مونتي ايترو ٻوجهو يا بوجو يا ٻوجهه نه وجهو.

ٻيهار

ٻيهر

ٻيو دفعو.

ٻاهران

ٻهران

ٻاهران ٿي اچان. قضا حاجت ڪرڻ وقت اهو لفظ ڪم آڻبو آهي.

ٻيجارو

ٻيجو- ٻج

ٻيجارو، ٻيجو يا ٻجه پوکبو ته پوءِ فصل ڪبو.

ٻيئي

ٻئي

ٻه

ٻُڌُئي

 

تو ٻڌو.

 

ڀ

 

ڀاٽَ

ڀَٽَ

ڀَٽَ فقير

ڀاڏَ

ڀَڏ

کڏ

ڀاڻيج

ڀاڻج

ڀيڻ جو پٽ.

ڀاڻيجي

ڀاڻج

ڀيڻ ڄائي.

ڀانيتن ڀانتين

ڀانت

قسمين قسمين- ڪراچي ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو رهن ٿا.

ڀائو

ڀاءُ

برادر.

ڀوڏ

ڀُڏ

ڪراڙي زال.

ڀروٽڙي/ ڀروٽي

ڀَري

گاه جي ڀروٽڙي گاه جي ڀري.

ڀل ڀلوڙ/ ڀليڙو

ڀَلڙ، ڀلو

تمام سٺو. گل محمد ڀل ڀلوڙ يا ڀلڙ ماڻهو آهي.

ڀلڪار

ڀُلڪر

ڀُل چُڪ ڪندڙ

ڀڻڪاٽ

ڀڻڪو

جيت جو آواز

ڀورڙو

ڀورو

بيوقوف ماڻهو.

ڀُونءِ

ڀُون

زمين.

ڀونڀاٽ

ڀونڀٽ

جيت جو آواز.

ڀُونڀوري

ڀنڀوري

جيت جو جو قسم.

ڀئونترو

ڀونتو

ماحول- وايو منڊل- ملڪ جو ڀئونترو يا ڀئونتوئي ڦري ويو آهي.

ڀَئو

ڀَو، ڀَئهُ

ڊپ.

ڀيٽا

ڀيٽ

نذرانو.

ڀيلاڙو

ڀيل

پوک ۾ مال جي ڀيل.

ڀَلي

ڀَل

ڀلي ته اها ڳالهه ٿئي- ڀل ته اهو ڪم ٿئي.

 

ت

 

تاٿي/ تٿي

تتي، تِت، تٿ

اُن جاءِ تي.

تِتهين/ تتاهين

تتي، تت

ان جاءِ تي.

تاڏ

تَڏَ

اجايو زور لائڻ- تاڏ نه ڏي، ڏاند تڏ پيو ڏئي.

تارازي

ترازي، تُري

تارازي سان تور پوري ڏجي. ترازي ڪي ڪاڻِ ماري ڇڏ. تُري سان چڱي طرح تور.

تاسيارو/ تاسياري

تاسارو/ تاساري

اڃارو. تاسياري يا تاساري جانور کي پاڻي جلد پيارجي.

تاڪائو

تاڪُو

تاڪائو ماڻجو کان پري رهجي. ڪنهن جو تاڪو نه بنجي.

تانسين

تيسين

تانسين صبر ڪر، جيسن هُو اچي. تيسين تڪڙ نه ڪر جيسين هو اچي.

تانڪي

تاڪي، تاڪ

تانڪي وٽن ويهه......

تانهري

طهري، تهري

ڳُرَ يا کنڊ ۾ رڌل ڀت.

تائيٿ

تائٿ

تائيٿ يا تائٿ نج چاندي جا هجن.

تباخ

تبخ، طبق

طباخ ۾ ڀت وجهه. تبخ کي صاف ڪر.

تِتائون

تتئون، تتان

تون اُنَ جاءِ تان.

تڏهين

تڏهن، تڏ

تنهن وقت.

تِڏِي

تِڏِ

تڏي پَنَ ٽڪي ڇڏيا، تِڏِ سلن کي کاڌو.

تُڪلو

تُڪو

ننڍو گز.

تندرو

تنور

بٺي- تنور ۾ ماني پچاءِ.

تَنهين

تنهن

اُنَ.

تِنُهين

تنين

هنن.

تَنين

تن

هنن.

توڙائون

توڙئون، توڙان

منڍ کان وٺي.

تيهڙو/ تيهو

تهڙو/ تهو

اُن جهڙو.

تئو

تَو

ماني پچائڻ وارو تئو يا تَو.

تيلاهين

تيلهن، تيلاه

تڏهن.

تيئَن

تِئَن

ان وانگر.

تيڏانهن

تيڏهن، تاڏي

اُن ڏي.

 

ٿ

 

ٿاريلو

ٿريلو، ٿري

ٿَرَ جو ماڻهو.

ٿاڦوڙا

ٿڦوڙا

ننڍي پاڻي ۾ ٿاڦوڙا يا ٿڦوڙا نه هڻ.

ٿام

ٿم

جهنگ ۾ مرون ويهڻ جي جاءِ.

ٿانڀو

ٿنڀو

بيل گاڏي ۾ ٿانڀو مضبوط هجي.

ٿانَهرَ

ٿاهر-ٿهر (ٺهر)

ٿورو ترسڻ- ٿانهر ٿاهر يا ٿَهر ڪَر.

ٿُٻو

ٿٻ

ڊڀڻ جو ٿٻو يا ٿٻ پٽي اَچ.

ٿڦڙ

ٿڦ

هن کي ٿڦڙ هنيم. ٿڦ سان ڪري پيو.

ٿانهِريو

ٿِهريو، ٺهريو

هو ترسيو يا ٿهريو آهي.

ٿرڙو

ٿرو

ٽيڏو.

ٿُلَهڙ

ٿلهو

هو بدن ۾ ٿلهڙ آهي، ٿلهو تکو ڊُڪي نه سگهندو.

ٿُنڀو

ٿنڀ

ڀت کي ٿنڀو ڏيو- ٻٻر جا ٿنڀ ڇت کي ڏيو.

ٿَڪجي

ٿڪي

آئون پنڌ ڪري ٿڪجي يا ٿڪي پيو آهيان.

ٿڪاوٽ

ٿڪ

پنڌ ۾ ٿڪاوٽ يا ٿڪ ضرور ٿيندو.

ٿِيجان

ٿجان، ٿج

رات خيرپور م ٿجان يا ٿج.

 

ٽ

 

ٽاٻر

ٽٻر

ننڍي عمر وارو ڇوڪر.

ٽاڏَ

ٽَڏَ

ڏاند ٽاڏ يا ٽَڏَ پئي ڏني.

ٽاڙهه

ٽَڙهه

رئڻ جو وڏو آواز.

ٽاڪورَ

ٽڪور

سوڄ تي گرم ٽاڪور ۽ ٽڪور ڪجي.

ٽانڪو

ٽاڪو

ڦاٽل ڪپڙي کي ٽانڪو يا ٽاڪو ڏج.

ٽاڻو

ٽاڻ

مقرر ٽائيم.

ٽَٽونئڙو

ٽٽون

ننڍي قد وارو گهوڙو.

ٽيٽيهر

ٽٽيهر

پکي جو قسم رات جو ڪا شيءِ ڏسي ته دانهون ڪندو.

ٽُڪو

ٽُڪ

ڪپڙي کي ٽڪو اچي ويو. قميص کي ٽُڪ ٿي پيو آهي.

ٽڪرو

ٽُڪر

زمين جو ٽڪرو ورتو اٿم. ڪاٺيءَ ٽڪر کڻي اچ.

ٽڪيٽ

ٽڪٽ

ريل ۾ ٽڪيٽ يا ٽڪٽ کان سواءِ نه چڙهجي.

ٽئونر

ٽونر

ٽوپي جو گُل.

ٽيهار

ٽيهر

ٽيون دفعو.

ٽيئي

ٽئي

ٽي ڄڻا.

 

ٺ

 

ٺاٺُ

ٺٺ

سينگار ڪرڻ.

ٺاپي

ٺپَ

لوهر ڪهاڙي کي ٺاپي ڏني- لهر گهوٻي کي ٺپ ڏني- ٺاپي ڏيڻ ڪنهن کي مار ڏيڻ بابت به اصطلاح ۾ ڪم ايندو آهي.

ٺاپڻ

ٺَپڻ

ٿانوَ ٺاپڻ يا ٺپڻ.

ٺاڪر

ٺڪر

ذات جا ٽاڪر- ٺڪر ٿيندا آهن. هندو بُتن کي به ٺڪر چوندا آهن.

ٺونگڙو

ٺونگو

پکي چهنب سان ٺونگو هڻندو آهي. اصطلاحاً عورتون وارن کي سينڌ ڏيارڻ وقت ٺونگڙو لفظ ڪم آڻين.

ٺونٺ

ٺوٺ

هُن جي ٺوٺ ڌڪ اچڻ سبب نڪتي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com