سيڪشن؛  لغات

ڪتاب:لـُـغات سنڌي مـُـخففات

باب: 1

صفحو :6

 

ظ

 

ظولمي

ظالم

ظولمي يا ظالم ماڻهو خدا کي ناپسند آهي.

ظهورو

ظهور

پڌرائي- امام مهدي جو ظهورو (ظهور) جڏهن ٿئي.

 

ع

 

Í

 

غ

غوراب

غراب

جهاز.

غليلو

غليل

مٽي جو ڳوڙهو.

غيرتمند

غيرتي

غيرت وارو.

 

ف ق

 

ÍÍ


 

ڪ

 

ڪاٽڻ

ڪَٽڻ

ڪپڻ.

ڪاڇيلو

ڪاڇي

ڪاڇي جي ملڪ جو.

ڪالهه

ڪلهه

ظرف.

ڪانگل/ ڪانگو

ڪانگ، ڪانءُ

لاءِ- هُن ڪاڻ (ڪان) ڪپڙو آندم.

ڪٿاهون/ ڪاٿهون

ڪِٿان

هي سامان ڪِٿاهون، ڪاٿهون (ڪٿان) خريد ڪيو اَٿوَ.

ڪاٿي

ڪِٿي، ڪٿ

اڄ ڪلهه هو الاجي ڪاٿي (ڪٿي، ڪٿ) ٿو رهي.

ڪُپڙو

ڪُپو

پاڻيءَ سان ڪُپڙو (ڪُپو) ڀري اچ.

ڪڏهين

ڪڏهن، ڪڏ

ڪهڙي وقت.

ڪليئي

ڪُلئي، ڪُلي، ڪُل

سڀئي.

ڪِڪِڙو

ڪِڪو

ننڍو ٻار.

ڪَڪِڙو

ڪَڪَو

ڏاند رنگ جو ڪَڪَڙو (ڪڪو) آهي.

ڪَڪوه

ڪَڪَہ

مند، شراب.

ڪَوڙا

ڪڙا

هي مرچ ڏاڍا ڪَوڙا (ڪڙا) آهن.

ڪَوڙي

ڪري

ڪڙي دوا.

ڪَمتي

ڪمي

گهٽتائي- اڄ ڪلهه پاڻي جي ڪمتي (ڪمي) آهي.

ڪامي

ڪَمي

مزور هن وقت ڪامي (ڪمي) ڪن ٿا.

ڪماند

ڪمند

پوک.

ڪنڀار

ڪنڀر

مٽي جا ٿانو ٺاهيندڙ.

ڪوڏار

ڪوڏر

هاري ڪوڏار (ڪوڏي) سان کاٽي کڻي ٿو.

ڪُوڪار

ڪوڪر، ڪُوڪ

هُن جي ڪوڪار (ڪُوڪار (ڪُوڪر، ڪوڪ) پئي ٿي پوي.

ڪُوئو

ڪُئو، چوهو

جانور- ڪوئو (ڪئو) ڪتاب ڪتري ويو.

ڪوهَرَ

ڪُهَر

مٽرن جا ڪوهر (ڪهر) سوادي ٿيندا آهن.

ڪيڏانهون

ڪيڏهن، ڪيڏي، ڪاڏي

ادا تون ڪيڏانهون (ڪيڏهن ڪيڏي، ڪاڏي) ٿو وڃين.

ڪيڪراٽ

ڪيڪٽ

گدڙ جا ڪيڪراٽ (ڪيڪٽ) پيا پَوَن.

ڪِيئون

ڪِيون

وونڻن کي ڪيئون (ڪيون) نقصان پهچائيندو آهي.

ڪيئي

ڪئي

گهڻا.

ک

 

کاٽائُو

کاٽو

کٽندڙ- کاٽائو (کاٽو) پُٽ وڻندو آهي.

کاڏڙي

کاڏي

هن کي کاڏڙي (کاڏي) تي ٻٽي وار مس ڄاوا آهن.

کاسارو

کسارو، خسارو

نقصان.

کاٻو

 کٻو

کٻو پاسو.

کستوري

کٿوري

خوشبو- کٿوري ۽ خون ڪڏهن لڪي ڪينڪي.

کوکلو

کوکو

اندران خالي- شير مڙس هو بيماري کوکلو (کوکو) ڪري ڇڏيو اٿس.

کوهي

کُهي

جنهن مان پاڻي نڪري/ ڪڍجي.

کوهَرُ

کوه

ٿر ۾ کوه کي کوهر چَون.

کينڪار

کيڪر

ڀلي ڪار.

کينهوڙو

کينهون

بال.

کِيون

کيو

خُوش- هو رُيون کيون آهي.

کائڻ

کِيَڻ

 

کاوان/کايان/ کائيان

کِيان، کان

آئون ماني کاوان ٿو. کيان، کان ٿو.

کيوڻ

کِوَڻُ، کِيَڻُ

کاڌو مهل تي کيوڻ (کيڻ) گهرجي.

 

گ

 

گابار

گابر

گنجو گابار (گابر) گابا چاريندي اڳتي هلي وڏو ماڻهو ٿيو.

گادي

گَدي

مسند- ڪنهن بزرگ يا سجاده نشين جي ويهڻ جي جاءِ.

گاڏاهي

گاڏِهي

گاڏهي ذات جا فقير به آهن، ته امير به آهن.

گاڏِيَرُ

گاڏِر

گاڏي وارو.

گجوراڙ/گجگوڙ/گجڪار

گوڙ، گرج

آسمان ۾ ڪڪرن ۽ وڄ سبب گجوراڙ (گوڙ، گرج) ٿيندي آهي.

گيدڙ

گدڙ

شغال، جانور.

گاڊَڙ

گڊو

گڏيل نسل وارو.

گراهِڪ

گاهَڪ، گراڪ

خريدار، سڀڪو دڪاندار پنهنجو گراهڪ (گاهڪ گراڪ) سڃاڻي.

گرانٺ

گراٺ

چيچ جي ڊيگهه جي ماپ.

گراه

گره

لقمو.

گرڀ

ڳڀ

ٻج.

گونجار

گنجار، گونج

آواز.

گونگو

گُنگو، گنگُ

ڳالهائي نه سگهندڙ.

گونگو ٻوڙو

گُنگ ٻوڙ

سومر ڪچهري ۾ گنگ، ٻوڙ ٿيو ويٺو هوندو آهي.

گودَڙُ

گُندُ

گاه جو رکيل زمين جو ٽڪرو.

گوڏِيَرُ

گوڏِر

گوڏ ٻڌندڙ، اڄ ڪلهه گوڏير (گوڏر) به فئشن ٿا ڪن.

گوراڙو

گراڙو

ٻج جي هٿي- گوراڙو (گراڙو) کڻي رونبو ڪَر.

گونرو

گورو

اُٺ جو ننڍو ٻچو.

گيسر

گِسَر

سُستي، گيسر (گسر) ڪرڻ نه گهرجي.

گِيههُ

گِههُ

مکڻ رجائي گهه ٺاهبو آهي.

 

ڳ

 

ڳالِهير

ڳالهر

ڳالهيون کڻندڙ.

ڳالهاءُ

ڳالهئه

ٻن ڌرين پاڻ ۾ ڳالهاءُ (ڳالهئه) ڪري وڌو آهي.

ڳاڻيٽو

ڳڻڻ

ٻڪرين جو ڳاڻيٽو يعني ڳڻڻ ڪيوسين ته ڌڻ مان ڪجهه کٽيون آهن.

ڳٽڪَار

ڳٽڪر

ڏاند کي ڳٽڪار (ڳٽڪر) ڏج ته بيهي.

ڳرهاٽي/ ڳراٽڙي

ڳراٽي

ڳچي ۾ ڀاڪر وجهڻ- هُن کي ڳرهاٽي (ڳراٽي) پائي پرچائي ڇڏ.

ڳهيلو

ڳهلو

يار تون ته ڪو ڏاڍو ڳهيلو (ڳهلو) آهين.

ڳِيهَڻ

ڳِهڻ

گره ڳهڻ.

 

ڱ

 

Í

 

گهه

گهاتَڪ

گهاتُو

گهاءُ ڪندڙ، ماريندڙ.

گهاٽُ

گَهٽُ

1. لنگهه 2. کَڙهه 3. جتي کٽِي ڪپڙا ڌوئن.

گهمسان

گمسان

گوڙُ- گهمسان (گمسان) متل آهي.

گهنڊڻي

گهنڊي

جست، ٽامي يا ڪُٽِ وغيره مان ٺهيل ننڍڙي چڙي جيڪا مال جي ڳچيءُ ۾ ٻڌبي آهي.

گهوگهاٽ

گهوگهٽ

هڪ قسم جو آواز- گهوٻاٽو گهوگهاٽ (گهوگهٽ) ڪندو هليو ويو.

گهيتلو

گيتلو

ديسي جوتو.

گهيرٽ

گيرٽ

ننڊ، ڍڪر، گهه جو آکر.

 

ل

لاڙائي/ لاڙيچو/ لاڙ جو

لاڙي

معلوم ٿو ٿئي ته هي ماڻهو لاڙائي (لاڙيچو) لاڙي آهي.

لاسرياٽ

لاسراٽ، لسوٽ، لسو

جنهن کي ڏاڙهي اڃا پوري نه آئي هجي.

لانگوٽو

لنگوٽو، لنگوٽ

ڪپڙي جو ٽڪر، جنهن سان اوگهڙ ڍڪجي ان کي لانگوٽو (لنگوٽو يا لنگوٽ) چئبو آهي.

لاه پاه

لهه پهه

هڪٻئي کي وهنوار ڏيئي ليکو چڪتو ڪرڻ.

لانگهو

 لنگهه

ڪنهن خاص هنڌ کان لنگهڻ جي جاءِ ان کي لانگهو يا لنگهه چئبو.

لاءِ / لئي

لئه، لَءِ

هُن لاءِ (لئه – لي).

لُونگي

لنگي

ٺٽي جي لونگي (لنگي) خريد ڪئي اٿم.

لوهار

لهار، لهر

لوه جو ڪم ڪندڙ.

ليئو

ليو

جهاتي- ليئو (ليو) ته پائي وڃو.

ليئي

لَئي

اٽي مان ليئي (لَئي) ٺاهبي آهي جا ڪاغذن چنبڙائڻ جي ڪم ايندي آهي.

 

م

 

ماڳَهيِن

ماڳهن

منڍ کان.

معاملو

مامرو

ڪو مسئلو

مانڌاڻي

منڌي

مانڌاڻي (منڌي) سان کير ولوڙبو آهي.

ماه

مہ

چنڊ

ماه جبين

مہ جبين

جنهن جي پيشاني چنڊ جهڙي هجي.

ماه تاب

مهتاب

 چنڊ جهڙو روشن.

ماه رو

مهرو

جنهن جو منهن چنڊ جهڙو هجي.

ماه رخ

مہ رخ

جنهن جو منهن چنڊ جهڙو هجي.

ماه پارو

مہ پاره

چنڊ جو ٽڪرو.

ماه وش

مهوُش

چنڊ جهڙو.

ماهيانو

ماهانه

مهيني جو.

مهينو

مهنو

ٽيهه ڏينهن، چار هفتا.

ماهيو

ماهو

مينهن جو.

مُچو

مُچ

گاه جو مُچو کڻي اچ.

منڌ

مَڌُ

شراب

مڙيئي/ مڙيائي/ مڙيوئي

مِڙئي

سڀئي.

مزدور

مزور

پورهيت.

مکيه/ مُکي

مُک

شهر جو مکيه (مکي، مُک) ماڻهو ضامن پوندو آهي.

ميرانجهڙو

ميرانجهو

ميري رنگ وارو.

ميڙائو

ميڙو، ميلو، ميل

ميلاپ.

ميڙاڪو

ميڙو، ميڙ

ماڻهن جو ميڙاڪو يا ميڙو (ميڙ) لڳو پيو آهي.

ميهار

ميهر

مينهن وارو

مهينا

مهنا

مهيني جو جمع

مهينن

مهنن

مهيني جو جمع.

مورڳو

مُرڳو، رڳو

سڏ ڪيومانس مگر هو ته مورڳو (مرڳو، رڳو) ٻاهر به نه نڪتو.

مُوراهين

موران، مور

اصلي نه، مونکان اِهو ڪم مُوراهين (موران) مور نه ٿيندو.

مڃيان

مڃان

تسليم ڪيان، قبول ڪيان.

مُونا

منا

گوڏا.

مُهَاڙ

مهڙ

مُنڍ.

مُهاڳ

مُهڳ

اڳُ- شروع

مڪائي

مَڪئي

اَن جو قسم.

 

ن

 

ناڪار

نهڪر

انڪار ڪرڻ- صفر، ڪم کان بلڪل ناڪار (نهڪر) ڪئي.

نانءُ

نام، نان، نالو.

ڪنهنجو نانءُ (نام، نان) نه وٺجي ته ڇو ڪو ڳالهائي.

ناٽُ

نٽ

نازنخرو- ناچو ڏاڍا ناٽ (نٽ) پيو ڪري.

نروٽو

نر

مذڪر.

نراه

نره

چَٽُ، بيڪار.

نزديڪ

نزد

ويجهو- حبيب بئنڪ جي نزديڪ (نزد) ڊاڪٽر رهي ٿو.

نِڪِڙو

نِڪو

ننڍو ٻار.

نُونار

نونر

ان جا نونار (نونر) لڳا پيا آهن.

نذرانو

نذر

مرشد اڳيان عقيدت سان نذرانو (نذر) رکجي.

نينگرو

نينگر

شادي ٿيڻ کان اڳ ويهن سالن جي عمر وارو.

نينگري

ننگري

شادي ٿيڻ کان اڳ ويهن سالن جي عمر واري.

نيئر

نِيَرُ

لوهه جو نيل.

ناهِيين

ناهين

تون نه آهين.

ناهين

ناه

هو ڪونه آه.

نيئي

نئي

وٺي.

 

ڻ

 

Í

و

 

واتَئون

واتَون، واتان

وات مان، مون اڃا واتئون (واتون، واتان) حرف ئي نه ڪڍيو ته هوپ ڪاوڙجي پيو.

وات ڦاٽوڙو

واتڙيو

گهڻ ڳالهائُو.

واجهه

وَجهه

هو واجهه (وجهه) پيو وجهي.

وڌيڪ

وڌڪ

زياده- هن جي پگهار منهنجي پگهار کان وڌيڪ (وڌڪ) آهي.

وانگار

ونگار

ڪالهه رونبي جي وانگار (ونگار) ڪئي هيم.

واهَڻُ

وَهَڻ

ٿورن گهرن واري وسندي.

وانگيان

وانگي، وانگر

مان ڪو هن وانگيان (وانگر وانگي) گهٽ وڌ ڪونه ڳالهائيندس.

ورتو

وتو

خريد ڪيم.

ورتي

وتي

خريد ڪيم.

ورتم

وَتم

خريد ڪيم.

ورتائين

وتائين

خريد ڪيائين.

ورتوم

ورتم

خريد ڪيم.

ورتئين

وتئين

هن خريد ڪئي.

وراءِ

وار

ورق وراءِ (وار)

ورجَئيِن

ورجان، ورج

موٽج.

وِرهاست

وراست

ونڊ ورڇ.

وَڙول

ووڙ

(تلاش)- ڍڳيءَ جي وڙول (ووڙ) ڏئي آيو آهي.

وِنِواه

وَنَہُ

ڪُنوار شادي ڪرڻ کان ٿورا ڏينهن اڳ پردي ۾ وهاري، ان کي سٺا طعام کارائبا آهن. کيس آٽڻ وغيره هڻبو آهي گويا کيس گهوٽ جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي. ان رسم کي ونواه يا ونهه چئبو آهي.

واه واه

وهه وا، وه وه

شاباس جا لفظ.

ويهڪ

وِهڪ

وهڻ جي جاءِ- مينهون ويهڪ (وهڪ) تي آهن.

ويساه

ويسہ

اعتبار مونتي ويساه (ويسہ) ڪر.

وينجهار

وينجهر

سياڻو- هو وڏو وينجهار (وينجهر) هو.

ويئي

وئي

گُذري- هوءَ مائِي هتان لنگهي ويئي ]وئي[.

ويئيون

وييون، وَيون

مايون ڪالهه ڳوٺ وييون (وَيون).

ويهه

وِههُ

پَٽَ تي ويهه ] وهه [.

 

هه

 

هائو/ هان هان

ها

 

هينئون/ هنيان

هِئيون، هان

دِل- منهنجو محبوب لاءِ هينئون (هيون، هانءُ) ٿو ڦاٽي.

هتي/ هتڙي

هِتِ

گلاب اڄ هتي (هتڙي، هت) هئو.

هِتئون/ هتائون

هتان

موتي هن هنڌان هتئون (هتائون، هتان) ڪالهه مينهن وٺي ويو هو.

هٿئون هٿ

هٿو هٿ

هي خط هٿئون هٿ (هٿو هٿ) حاجي عمر کي ملي.

هوڏانهن

هوڏي

هوڏانهن (هوڏي) ته نِهار.

هيڏانهن

هيڏي

هيڏانهن ] هيڏي[ ته ڏس.

هڙيئي

هڙئي

سڀ ڪجهه.

هيڪڙو

هڪڙو

هڪ ڄڻو.

هنجهر

هنجهه، هنس

هڪ مشهور پکي.

هئا/ هوا

ها

هو اتي هوا (هئا، ها).

هُيون

هُون هُيون

هو مايون اتي (هُون).

هوريان هوريان

هوري هوري/هري هري

آهسته آهسته.

هونگار

هونگر

ڌراڙ جو مال چارڻ وقت مال کي آواز ڏيڻ.

هيراڪ

هيرڪ

هري ويل.

هيڪار/ هڪوار

هيڪر

هڪ دفعو.

هينئَر

هِنَيَر

هن مهل.

هيءَ

هِيَ

هيءُ ] هي[  ڪتاب آکاڻين جو آهي.

 ي

 

يار

ير

دوست.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com