سيڪشن؛  لغات

ڪتاب:لـُـغات سنڌي مـُـخففات

باب: 2

صفحو :8

 

ڙ

 

Í

ز

 

زاريُن

زارِن

منٿن زارين (زارن) سان محبوب کي ريجهاءِ.

زنانيُن

زنانِن

زنانيُن (زنان) ڳالهين ۾ مردن جو ڪهڙو ڪم.

زخميُن

زخمِن

زخمين (زخمِن) جا زخم مَس مَس ڇٽا آهن.

 

س

 

ساٿيُن

ساٿِن

سنگتين- امام حسينؑ جي ساٿين (ساٿن) ڪربلا ۾ ڪوفن کي ٽوٽا چٻايا.

ساڙهيُن

ساڙِهن

اڄڪلهه عورتن ۾ ساڙهين (ساڙهن) پائڻ جو رواج وڌندو پيو وڃي.

سامونڊين

سامونڊن

سامونڊين (سامونڊن) سڙهه سنباهيا آهن.

سامِيُن

سامِن

فقيرن- سامين (سامن) لڏا کنيا.

سَتين

ستِن

پاڪدامن عورتن- سکر ڀرسان ستين (ستن) جو آستان آهي.

سڱريُن

سِڱِرن

ٻڪريون سنڱرين (سنڱرن) کي خوب کائين ٿيون.

سِنڌيُن

سنڌِن

سنڌ جي رهاڪن- سنڌين (سنڌن) کي پورا حق نٿا ملن.

ساڳين

ساڳِن

ساڳين ساڳين (ساڳن) فقيراڻِن کي خيرات پيا ڏيو.

ساديُن

سادِن

سادين (سادن) کٽن جو ملهه به سادو.

ساريُن

سارِن

هن سال سارين (سارن) جو فصل گهٽ ٿيو آهي.

ساقيُن

ساقِن

ساقين (ساقِن) هٿان پيالا پيتا اٿم.

ساهيڙيُن

ساهيڙِن

زليخا جي ساهيڙين (ساهيڙن) چاقن سان هٿ وڍي وڌا.

سانداريُن

ساندارِن

سانداريُن (ساندارِن) ۾ پاڻي ڀري اچو.

سياڻِين

سياڻِن

سياڻين (سياڻن) عورتن جون ڳالهيون به سٺيون هونديون آهن.

سُپيريُن

سپيرِن، سپرِن

سڄڻن، سپيريُن (سپرن) جي ڳڻن جون ڳالهيون ڪهڙيون ڪجن!

سَمِيُن

سَمِن

نوري نياز سبب سمين (سمن) کام گوءِ کڻي ويئي.

سوکڙيُن

سوکڙن

هڪٻئي کي سوکڙين (سوکڙن) ڏيڻ سان محبت وڌي ٿي.

سُهِڻيُن

سُهِڻِن

سهڻين (سهڻن) عورتن جا لڇڻ به سهڻا هئڻ گهرجن.

 

ش

 

شاديُن

شادِن

خوشين- شادين (شادن) ۾ اجايو خرچ نه ڪجي.

شڪاريُن

شڪارِن

شڪار ڪندڙن

شيشيُن

شيشِن

شيشين (شيشن) ۾ دوائون محفوظ رهن ٿيون.

شهزاديُن

شهزادِن

مغل شهزادين (شهزادِن) کي انگريزن تڪليفون ڏنيون هيون.

 

ص

 

صحبتِيُن

صحبتن

صحبتين (صحبتن) کي ڪڏهن به نه وسارجي.

صافيُن

صافن

مڪان ۾ صافين (صافن) کي صاف رکو.

صديُن

صَدِن

صديُن (صدن) پڄاڻا آزادي ملي اٿئون.

صدريُن

صَدرِن

صدرين (صدرن) پائڻ جو رواج اڳي گهڻو هو.

صندليُن

صَندلِن

منجِن- صندلين (صندلن) تي ويهي ڪچهري ڪريو.

صوفيُن

صوفِن

صوفِين (صوفن) صاف ڪيو ڌوئي ورق وصال جو.

 

ض

 

ضائفائن

ضائفن

عورتن- ضائفائن (ضائفن) جو ڇنو وهانءَ ۾ الڳ ڪبو آهي.

ضبطيُن

ضَبطن

بئلف ضبطيُن (ضبطن) جا سمن ڪڍرايا آهن.

 

ط

طنبوريُن

طنبورِن

ساز.

 

ظ

ظولمين

ظولمن

ظولمين (ظولمن) ڌاڙيلن ظلم مچائي ڏنو آهي.

 

ع

عاجزُين

عاجزِن

عاجزين (عاجزن) سان راڻو ريجهندو

عاصيُن

عاصِن

الله تعاليٰ شال عاصين (عاصن) جا عيب نه اگهاڙي.

عريضيُن

عريضِن

منهنجي عريضيُن (عريضن) جو اڃا نتيجو نه نڪتو آهي.

عُمريُن

عُمرِن

ڄمارن.

 

غ

غازيُن

غازِن

مجاهدن- غازين (غازن) جا بهشت ئي جدا.

غريباڻين

غريباڻِن

غريباڻين (غريباڻن) جايُن ۾ سامان به غريباڻو.

غميُن

غَمن

شادين- غمين (غمن) ۾ اجايو خرچ نه ڪجي.

غلطين

غلطِن

غلطين (غلطن) کان ڪو بچيل ڪونه آهي.

غورِيُن

غورِن

محمود غزنوي کان پوءِ هند تي غورين (غورن) حملو ڪيو هو.

 

ف

فارسِيُن

فارسِن

فارسين (فارسن) جو ملڪ ايران آهي.

فَراسيُن

فراسِن

ڪيترا قيدي فراسين (فراسن) جو هنر ڄاڻندا آهن.

فرنگيُن

فرنگِن

فرنگين (فرنگن) سنڌ تي 1843ع کان 1947ع تائين حڪومت ڪئي.

فلاڻِيُن

فلاڻِن

فلاڻين (فلاڻن) عورتن کي چئجو ته سڀاڻي لاباري تي اچن.

 

ق

قَرضيُن

قرضِن

قرضين (قرضن) کي قرض معاف ڪرڻ اجر جو ڪم آهي.

قينچِيُن

قينچن

درزي قينچين (قينچن) سان ڪپڙو ڪتريندا آهن.

ڪ

ڪاتيُن

ڪاتن

ڪاتين (ڪاتن) ڪٺا ڪيترا، اکين ڪُٺي آئون.

ڪاٺيُن

ڪاٺِن

ڪاٺين (ڪاٺن) جا اگهه چوٽ تي آهن.

ڪاپڙيُن

ڪاپڙِن

فقيرن- ڪاپڙين (ڪاپڙن) جو لڏو ڪالهه ڪابل طرف ويو.

ڪاريُن

ڪارِن

ڪارين (ڪارن) ۾ وڏا ماڻهو چڙهندا آهن.

ڪارِيُن

ڪارِن

ڪارين (ڪارن) ڪوجهن عورتن کي ڀلي ڳل لايو.

ڪارين

ڪارِن

ڪمن- سڀڪو ڪمن ڪارين (ڪارن) ۾ مشغول آهي.

ڪافيُن

ڪافِن

مصري فقير ڪافين (ڪافن) ڳائڻ جو ماهر هو.

ڪاڪِيُن

ڪاڪِن

چاچن- ڪاڪين (ڪاڪن) کي ڪهڙي ڪل ته مون تي ڇا گذريو.

ڪاڻيُن

ڪاڻِن

ڪاڻين (ڪاڻن) عورتن کي ڪجل ڪيئن ٺهي.

ڪاڻين

ڪاڻِن

غرضن- آئون ته هنن جي ڪاڻين (ڪاڻن) ڪڍڻ ۾ ئي پورو آهيان.

ڪبوتريُن

ڪبوترِن

ڪبوتريُن (ڪبوترن) آنا لاٿا آهن.

ڪبوتريُن

ڪبوتِرن

تماشي ڪندڙ عورتون- ڪبوترين (ڪبوترن) جو تماشو ڏسڻ وٽان هو.

ڪُپڙيُن

ڪُپڙن

ڪپڙين (ڪپڙن) ۾ مس وجهي ڇڏيو.

ڪِنگريُن

ڪنگرن

لوٽين- نار جي ڪنگرين (ڪنگرن) کي مالهه سان سوگهو ٻڌي ڇڏ.

ڪُنگريُن

ڪنگرِن)

ڪوٽ جي ڪنگرين (ڪنگرن) جي مرمت ڪرائي ڇڏيو.

ڪيوٽيُن

ڪيوٽِن

ڳَههَ- ڇوڪري جي ڪنن کي ڪيوٽين (ڪيوٽن) سُڄائي وڌو آهي.

ڪَليُن

ڪَلن

هُن کي ڪليُن (ڪلِن) ۾ سور آهي.

ڪُرسيُن

ڪرسِن

ڀڳل ڪرسيُن (ڪرسن) جي مرمت ڪرائڻ گهرجي.

ڪَهاڻيُن

ڪهاڻن

امير حمزي جي ڪهاڻين (ڪهاڻن) ۾ مزو آهي.

ڪُهاڙيُن

ڪُهاڙِن

ڪهاڙين (ڪهاڙن) سان ڪاٺ ڪپيو.

 

ک

کاٽيُن

کاٽِن

واهن کي کاٽين (کاٽن) جي ضرورت آهي.

کامِڙين

کامڙِن

کامان هڻندڙ.

کانڀاڻين

کانڀاڻِن

هاري کانڀاڻين (ڪانڀاڻن) سان جهار پيا هڪلين.

کٿيُن

کٿِن

ٿَرَ جي کٿيُن (کٿن) جي اُڻت سٺي هوندي آهي.

کجيُن

کجن

هن سال کجين (کجن) ۾ کجور گهڻي ٿي هُئي.

کرڪِيُن

کرڪن

ٻڪرارَ ٻڪرين جي کرڪين (کرڪن) جي آواز تي ڌڻ جو طرف سڃاڻي وٺندا آهن.

کُڙيُن

کُڙِن

پنڌ ڪيو اٿم سو کُڙين (کڙن) ۾ سور ٿي پيو اٿم.

کوڙيُن

کوڙِن

ان جي ٻن کوڙين (کوڙن) مان هڪ هاري کي ڏيو.

کستورين

کستورن/ کٿورن

خونن ۽ کستورين (کٿورن) کي ڪير لڪائي.

کهُين

کُهِن

ڪاڇي ۾ هن سال کهين (کهن) جو پاڻي به سڪي ويو.

کنڀيُن

ڪُنڀِن

مينهن تي کنڀين (کنڀن) جا کوڙ ٿي پيا.

کينهوڙين

کينهوڙِن

هوڙين- ٻار کينهورين (کينهوڙن) سان راند پيا ڪن.

 

گ

گابِيُن

گابِن

گابين (گابن) مان ته ڳئون ٿينديون.

گاديُن

گادن

گاديُن (گادن) تان هڪڙا پيا لهن ٻيا پيا وهن.

گاڏيُن

گاڏن

اڄ ڪلهه گاڏين (گاڏن) جا ٽائيم صحيح نه آهن.

گُڏيُن

گڏِن

ڇوڪريون گڏين (گڏن) سان راند پيون رهن.

گربيُن

گربن

ٺٽي جي گربين (گربن) کي عورتون گهڻو پسند ڪنديون آهن.

گُندين

گُندِن

اَن جي گندين (گندن) کي اندران سَيڙهي هڻبي ته اَن کي سُرو نه لڳندو.

گوهِيُن

گوهن

گدڙ گوهين (گوهن) ۾ ڪُتن کان ڇڏائي ويو.

 

ڳ

ڳاڌُين

ڳاڌِن

نار جي ڳاڌين (ڳاڌن) ۾ ڏاند جوٽبا آهن.

ڳالهيُن

ڳالهِن

ڳالهين (ڳالهن) ڪندي اجايو وقت نه وڃائجي.

ڳائڻين

ڳائڻِن

ٽي وي تي ڳائڻين (ڳائڻن) جو وڏو قدر آهي.

ڳچيُن

ڳچن

ڳچين (ڳچن) سندا ڳچ ويچارن وڃائيا.

ڳُريُن

ڳُرِن

ڪمند جي ڳرين (ڳرن) ۾ ڪيڙو آهي.

ڳوٿريُن

ڳوٿرِن

ڳوٿرين (ڳوٿرن) ۾ ٽپال ايندي ويندي آهي.

ڳُوڻِيُن

ڳوڻن

ڳوڻين (ڳوڻن) ۾ ان توري وجهو.

ڳَهيَليُن

ڳهيلن

ڳهيلين (ڳهلن) عورتن جون ڪهڙيون ڳالهيون.

 

گهه

گهاٽِيُن

گهاٽِن

ماکي گهاٽين (گهاٽن) هُڙين ۾ هوندو آهي.

گهٽيُن

گهٽِن

گهَر جي گهٽين (گهٽن) جي روز صفائي ڪجي.

گهڙين

گهڙِن

واچن- عمر گهڙين (گهڙن) جي مرمت سٺي ڪندو آهي.

گهڙيُن

گهڙِن

ساعتن- گهڙين (گهڙن) مان ورهه ٿيو وڃن.

گهُڻيُن

گهِڻن

گهڻين (گهڻن) عورتن سان گهر نه هلي

گهوٻين

گهوٻِن

ڪيترن مئنيجرن گهوٻين (گهوٻن) سان بينڪون کٽائي ڇڏيون.

 

ل

لاتِيُن

لاتن

پکين جي لاتين (لاتن) ۾ به لطف آهي.

لاڏِليُن

لاڏِلن

لاڏليُن (لاڏلِن) عورتن جا لاڏ ته سهبا.

لاريُن

لارِن

اڄ ڪلهه لارين (لارن) ۾ مسافرن جي گِههَ لڳي پئي آهي.

لاڙُين

لاڙِن

لاڙين (لاڙن) جو فصل سٺو ٿيو آهي.

لانڍيُن

لانڍِن

لانڍين (لانڍن) جا ڇپر نوان ڪري ڇڏيو.

لُنڊيُن

لَنڊِن

بلائن، لنڊين (لنڊن) کپرن کان الله بچائي.

لَنڊيُن

لَنڊِن)

لنڊين (لنڊن) عورتن کان پري رهجي.

لنڱُيِن

لنڱِن

ٿورو منڊِن، لڱين (لڱن) ڳئن کي گهر ۾ گاه چارو ڏيو.

لوهِيُن

لوهِن

لوهين (لوهن) تارن جو لوڙهو پوک جو بچاءُ ڪندو.

ليلِيُن

لِيلن

ٻڪرين جي ليلين (ليلن) کي ٻڪرين کان ڌار چارجي.

 

م

ماٿِريُن

ماٿِرن

مينهن سبب جبل جي ماٿرين ۾ ساوڪ ۽ سبزي ٿيندي آهي.

ماٽيُن

ماٽِن

ماٽين (ماٽن) ۾ کير ڄمايو.

ماديُن

مادِن

قدرت نرن ۽ مادين (مادِن) ۾ فرق رکيو آهي.

ماکين

ماکن

ماکين (ماکن) لاهڻ جي مند پري آهي.

مانڌاڻين

مانڌاڻن/ منڌن

مانڌاڻين (مانڌاڻن) سان کير ولوڙبو آهي.

موڳين

موڳن

موڳين (موڳن) تي ڪهڙي ميار.

مُهرين

مُهرنِ

اکرين ۾ مٿا وجهبا ته مُهرين (مهرن) کان ڇو ڊڄبو.

مِصريُن

مِصرن

اڄ يارن جو مصرين (مصرن) سان وات مٺو ڪرائبو.

مُنيُن

مُنِن

مينهن جي منين (منن) کي مضبوط هڻو.

ماڙين

ماڙِن

غريب ويچارا ماڙين (ماڙن) مان ڇا ڄاڻن.

ماسِيُن

ماسِن

ماسين (ماسن) جو پيار به ماءُ جهڙو هوندو آهي.

مائِيُن

مائن

مائين (مائن) کي سڀاڻي ووڻن جي چونڊي لاءِ چئجو.

 

ن

ناريُن

نارِن

عورتن.

ناڙُين

ناڙڀن

پوک ڪرڻ جو نمونو- سڀاڻي ڪڻڪ جي نمبر تي ناڙين (ناڙن) وارن جي ونگار آهي.

ناڪيلين

ناڪيلِن

اٺن کي ناڪيلين (ناڪيلِن) ۾ مهارون وجهبيون آهن.

نالين

نالِن

شهرن ۾ پاڻي نالين (نالن- نلن) رستي پهچايو ويندو آهي.

نياڻين

نياڻِن

نياڻين (نياڻن) کي به علم پڙهائجي.

نينگريُن

نينگِرن

نوجوان ڇوڪرين.

نيرڳيُن

نيرڳن

ڍنڍ جا پکي- نيرڳين (نيرڳين) جو گوشت مزيدار هوندو آهي.

نِمورِيُن

نمورِن

نم جو ٻج- نمورين (نمورن) جو تيل ڪمائتو هوندو آهي.

نماڻين

نماڻِن

نياڻين (نماڻن) جو قدر ڪجي.

نهٺيُن

نهٺِن

هٺ نه ڪندڙ- نهٺين (نهٺن) کي نه ڏکوئجي.

نهريُن

نِهرن

ڳئون، جن کي سڱ هجن. نهرين (نهرن) جا ٽَڪَر ٺومين کي ڀڄايو ڇڏن.

 

ڻ

 

Í

و

واپاريُن

واپارن

وڏن واپارين (واپارن) جا اگهه ئي پنهنجا.

واڙيُن

واڙِن

واڙين (واڙن) ۾ گدرا ونگا ٿيندا آهن. واڙين (واڙن) ۾ ڌڻ کي واڙيو.

واليُن

والِن

سونِن والين (والن) سان ڪن جهنجهيا اٿن.

وانديُن

واندن

بي ڪميون- واندين (واندن) عورتن جو ڪم گهيٽون گهمڻ.

وانڍِيُن

وانڍن

بنا ور جي- وانڍين (وانڍن) جو واهي الله.

وَنيُن

ونِن

عورتن- ونين (ونن) ۾ ٿي ويهه ته آئون واري ڍڪيان.

وهِيُن

وهِن

بندين واڻيا وهيُن (وهن) واچڻ ۾ ئي پورا.

ويڪريُن

ويڪِرن

ڪشادين- ويڪرين (ويڪرن) جايُن ۾ رهجي.

ويڳين

ويڳن

ويڳين (ويڳن) ڀينرن کي به سڳين ڀينرن وانگر ڀائنجي.

هه

هاٿيُن

هاٿِن

سندربن ۾ هاٿين (هاٿن) جا ول هوندا آهن.

هاريُن

هارِن

هارين (هارن) هر سنڀاهيا.

هاڻوڪيُن

هاڻوڪِن

هاڻوڪين (هاڻوڪن) ايجادن انسان کي حيران و سرگردان ڪيو آهي.

هنڀيُن/ اَڀيُن

هودِن

هودين (هودن) ۾ پاڻي وجهي ڇڏيو جيئن اڃان جانور اچي پين.

هيٺاهيُن

هيٺاهِن

هيٺاهين (هيٺاهن) زمينن ۾ لاڙيءَ جي پوک سٺي ٿيندي.

هيڪليُن

هيڪلِن

اڪيلين- هيڪلين (هيڪلن) سان هٿ همراهي ڪرائجي.

 

ي

يادگيريُن

يادگيرن

پنهنجي يادگيرين (يادگيرن) کي قلمبند ڪجي.

يَشيُن

يَشِنِ

ڪتي جي يشين (يشن) چور ڀڄائي ڪڍيو.

يارانِيُن

يارانِن

اڄ ڪلهه جا يار يارانين (يارانن) نباهڻ ۾ پٺتي پئجو وڃن.

ياريُن

يارِن

يارين (يارن) سان يارن جا ڪهڙا ليکا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com