سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب: نيڪي ۽ بدي

باب: 3

صفحو : 14

 

باب ٽيون

 پردو پهريون

 ]اصغر ۽ ٻين ڇوڪرن جي پريڊ.[

اصغر:   ڪيئن دوستو! جي دشمن ڪنڌ کنيو، ۽ وڙهي مرڻ جو وقت آيو ته پوءِ اوهين ڇا ڪندؤ؟

هڪڙو ڇوڪر:   اسين ڇا ڪنداسين؟ جي دشمن جبل هوندو، ته انهيءَ تي چڙهي وينداسين!

ٻيو ڇوڪر:          جي هو درياهه هوندو، ته انهيءَ ۾ ٽپي پونداسين!

ٽيون ڇوڪر:       جي هو باهه هوندو، ته انهيءَ ۾ ڪاهي وينداسين!

چوهٿون ڇوڪر: جي ديو هوندو، ته آءٌ ڌڪ هڻي منهن ڦيرائي رکندوسانس!

پنجون ڇوڪر:   جي رستم پهلوان ئي هوندو، ته آءٌ ساڻس وڙهي پوندس.

اصغر:   شاباس، منهنجا بهادر دوستو، شاباس!

 

پردو ٻيو

شاهي محل

 ]عصمت، سهراب، شاهه بانو ۽ گرگين ويٺا آهن.[

عصمت:              راڻي شاهه بانو ۽ گرگين! جتي حاڪم جو قانون ۽ انصاف جاري ٿئي ٿو، اتي ڪوبه ماڻهو ڏوهه ڪرڻ جي همت نٿو ڪري؛ مگر اوهان، خدا جهڙي حاڪمن جي حاڪم، ۽ سج چنڊ جهڙن شاهدن، ۽ ملائڪن جهڙن جاسوسن جي وسيلي جيڪو حقيقي قانون ۽ انصاف جاري آهي، تنهن جي برخلاف ڪهڙا ڪهڙا نه گناهه ڪيا آهن! انهن کان آزاد ٿيڻ لاءِ اوهين ڪهڙا اُپاءُ وٺندؤ؟

شاهه بانو:            هي سڀ قصو تون ڪنهن سان پيئي ڪرين؟

عصمت:              توسان، جنهن ٿورن ڏينهن جي حياتيءَ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ظلم ۽ ستم نه ڪيا! ڪاوڙ ۾ جو تنهنجي آسمان تي نظر ئي نٿي پيئي، سو هاڻ تنهنجو اهو هٺ ۽ تڪبر ڪيڏي ويو؟ هينئر ته پنهنجو حال ڏس، ۽ پنهنجي اوج جو زوال ڏس!

شاهه بانو:            بيشڪ، سرديءَ کان پوءِ گرمي، ۽ گرميءَ کان پوءِ بارش آهي، ڏينهن کان پوءِ رات آهي، ۽ اُڀرڻ کان پوءِ الهڻ آهي، ڄمڻ کان پوءِ مرڻ آهي، ٽڙِڻ کان پوءِ ڪومائجڻ آهي؛ ۽ مٿي چڙهڻ کان پوءِ هيٺ ڪِرڻ آهي، اِهو سڀ قدرت جو قانون ۽ طبيعت جو قاعدو آهي، جي آءُ پاڻ کي هن حال ۾ ڏسي افسوس ۽ ارمان ڪريان، ته ناداني آهي، ۽ جي تون انهيءَ تي خوش ٿي ٿين، ته ديواني آهين!

عصمت:              ڪنهن جي ڪمبختي ۽ مصيبت ڏسي خوش ٿين“ نيڪن جو ڪم ناهي! آءٌ خوش نٿي ٿيان، پر خوف کان منهنجي جان ڏڪي ٿي. تون اڳي ڪهڙي هئينءَ، ۽ هاڻ ڪهڙي آهين! آءٌ خيال ٿي ڪريان ته هاڻ تون ڪهڙي منهن سان معافي گهري سگهندينءَ؟

شاهه بانو:            معافي اوهان جهڙن کان گهرنديس، جي منهنجي دسترخواني تان ڪِريل ڀور کائي پيٽ ڀريندا هئا؟ آسمان ۽ زمين جي اڳيان ڪنڌ جهڪائينديس، ڪتن ٻلن جي آڏو منٿون آزيون ڪنديس، ليڪن پنهنجن ڪمينن غلامن کي رحم جو عرض نه ڪنديس!

سهراب:                ڪيئن گرگين، ڇا ٿيو اٿئي؟_ لاش وانگي سرد، قبر وانگي چُپ، ۽ ويرانيءَ وانگي اُداس بيٺو آهين؟

شاهه بانو:            سنڀالج، گرگين سنڀالج! عزت سان پيدا ٿيو آهين، عزت سان جيئندو رهيو آهين، ۽ عزت سان مر_ مگر خسيس دشمن کي جواب ڏيڻ مهل بزدلي متان ڏيکارين!

گرگين: بس شاهه بانو، هاڻ اسان جو اهڙو حال نه رهيو آهي، جو خدا ۽ انسان سان هٺ ۽ وڏائيءَ سان ڳالهايون!

شاهه بانو:            شرم سک شرم، نامرد ڀورڙا! تنهنجي ڳالهائڻ مان بزدليءَ جي بانس ٿي اچي.

گرگين: مگر توکي خبر آهي ته معافيءَ نه گهرڻ جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟

شاهه بانو:            ڪهڙو ٿيندو_ موت ايندو، ٻيو ڇا ٿيندو!

سهراب:                خدا جو سونهن، جيڪڏهن ههڙيءَ ظالم زال جي لاءِ ملائڪ کڻي سفارش ۽ شفاعت ڪن، ته به جيڪر مٿس رحم نه ڪجي!

عصمت:              نه سهراب نه! خدا پاڻ رحيم ڪريم آهي، هو پنهنجن بندن تي به رح۾ ۽ ڪرم ڪندو ڏسڻ گهري ٿو. جي اسان کڻي هن کي ماري وڌو، ته هن جي موت مان اسان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ جيڪڏهن هي جيئري رهندي اڳتي جي لاءِ توبهه ڪندي؛ ۽ برائي ڇڏي، نيڪيءَ جو رستو وٺندي، ته هڪڙي گنهگار روح کي دوزخ جي عذاب کان بچائڻ جو اسان کي ثواب ملندو. شاهه بانو! اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي جو مون ڪنڌ جهڪائي، ڳچيءَ ۾ پاند وجهي، توکي منٿون آزيون ٿي ڪيون، ۽ اصغر جي حياتي خيرات ۾ ٿي گهري!

شاهه بانو:            ڇا تون ڀانئين ٿي ته آءٌ به تو وانگي بيهي عاجزيون ڪنديس؟

عصمت:              نه نه، آءٌ ائين نٿي ڀانيان، آءٌ فقط توکي ياد ٿي ڏياريان ته تو مون کي انهيءَ مهل خيرات جي بدران سڪرات ٿي آڇي، ۽ منهنجي جهوليءَ تي ٺٺولي ٿي ڪئي!

شاهه بانو:            برابر ٿي ڪئي_ ياد آهي.

عصمت:              مگر آءٌ اڄ، تنهنجيءَ نيزاريءَ کان سواءِ توکي معافي ۽ جيئدان ٿي ڏيان!

شاهه بانو:            تنهنجو جيئندان مون کي موت جي سمان آهي، ۽ تنهنجي معافيءَ کان مون کي انحرافي آهي_ اُها آءٌ وري نفرت سان تنهنجي ذليل منهن تي ٿي هڻان، مون کي نه گهرجي!

گرگين: بي شڪر زال، حياتي جو قدر ڪر!

شاهه بانو:            غلامن وانگي جيئڻ کان شاهن وانگي مرڻ بهتر آهي!

گرگين: پر اسين ٻيئي موت جي لاءِ تيار ناهيون!

شاهه بانو:            ڇو؟

گرگين: موت کان حياتي زياده پياري آهي.

شاهه بانو:            صبر ڪر، نامرد! شرم ڪر، بزدل! آءُ زال ٿي موت کان نٿي ڊڄان، ۽ تون مڙس ٿي پيو ڊڄين؟

گرگين: خدا جي واسطي پاڻ به جيءُ، ۽ مون کي به جيئڻ ڏي!

شاهه بانو:            هائو، آءٌ توکي جيئڻ ڏيان ٿي، ۽ پاڻ به جيئان ٿي_ هينئن......

                (تماچو ڪڍي، گرگين کي هڻي ماري ٿي، ۽ پاڻ کي به هڻي ماري ٿي.)

گرگين: اهو آهي هڪڙيءَ بدڪار عورت جي محبت جو نتيجو!

عصمت:              ٿورا منٽ مس ٿيندا، ته هن جسم ۾ هٺ ۽ غرور جي رت پئي جوش کاڌو! افسوس؛ اِهو هاڻ هوش ۽ حواسن کان سواءِ زمين تي پيو آهي! هي پير، جي لتون هڻي هزارين غريبن جا مٿا ڦاڙيندا هئا، هي هٿ، جن ۾ خوني ۽ خوفناڪ خنجر چمڪندا هئا، هي مٿو، جنهن جي اڳيان هزارين ماڻهو سر جهڪائيندا هئا_ اُهي سڀئي اڄ مٽيءَ تي پيا آهن، ۽ دنيا دولت کي پنهنجي خواريءَ ۽ ذلت جو تماشو پيا ڏيکارين! جن ماڻهن دنيا تي ٺڳي آخرت کي وساري ڇڏيو آهي، تن کي هي رنگ ڏسي انهيءَ مان عبرت وٺڻ گهرجي.

                هتي ئي آهي بهشت دوزخ، هتي ئي جزا ۽ سزا ملي ٿي، ڀلي ڪرڻ سان ڀلو ٿئي ٿو، دغا ڪرڻ سان دغا ملي ٿي!

                (پردو ڪِري ٿو.)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com