سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو :1

راهون جُدا جُدا

سين پهريون

 

رات جو وقت؛- پاشا اڪيلي رستي تي ڪار ۾ اچي رهيو آهي، رستي جون روشنيون تيزيءَ سان پٺتي ڊوڙي رهيون آهن.

 

اوچتو هڪ ڪراڙو، هڪ هٿ ۾ لٺ، ٻئي سان سلميٰ جو سهارو وٺي، رستو ٽپڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

سلميٰ جي ٻئي هٿ ۾ دوا جي شيشي آهي ۽ ڪراڙو زور زور سان کنگهي رهيو آهي.

سلميٰ ڪار کي ايندو ڏسي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي؛ پر هو بيخبريءَ ۾ تيزيءَ سان رستو ٽپڻ لاءِ وڌي ٿو.

پاشا ڪار کي بريڪ هڻي ٿو.

 

 

 

 

 

 

سلميٰ جي چيخ!

Crash.

 

ڪئميرا ڪراڙي تي اچي ٿي، جيڪو آخري هڏڪي ڀري مري ٿو وڃي.

سلميٰ جو هيٺيون ڌڙ گاڏيءَ هيٺان دٻيل آهي. هوءَ پيءُ جي لاش ڏانهن پهچڻ لاءِ هٿ وڌائي ٿي. پر سندس آڱريون پيءُ تائين پهچي نٿيون سگهن.

 

 

 

 

سلمي-!بابا، بابا!

 

هو سڏڪي سڏڪي روئي ٿي.

سلميٰ بابا: بابا!

ايمبولينس جو سائرن Over lap ٿئي ٿو.

Cut.

 

سين ٻيو

 

رات؛-

 

اسپتال جو آپريشن ٿئيٽر- ڊاڪٽر سلميٰ جو آپريشن ڪري رهيا آهن.

پاشا بيچينيءَ وچان ورانڍي ۾ انتظار ڪري رهيو آهي، کيس مٿي ۽ هٿن وغيره تي پٽيون ٻڌل آهن.

ڊاڪٽر آپريشن ٿئيٽر جو در کولي مايوس ٻاهر نڪري ٿو. پاشا اتاوليءَ مان ڏانهن وڌي ٿو. پر ڊاڪٽر نااُميديءَ وچان ڪنڌ ڌوڻي ناڪار ٿو ڪري.

پاشا ڏکاري انداز ۾ ڏانهس نهاري ٿو.

Titles ڏيکارجن ٿا.

ٽائيلز کانپوءِ Dissolve.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

غمگين موسيقي اُڀري ٿي.

 

سين ٽيون

رات؛-

فيشنبل هوٽل جي سانتيڪي ڪنڊ؛ بيڪ گرائونڊ ۾ هلڪي غمگين موسيقي، ٻاهر وڄ ۽ برسات، دريءَ تان پاڻي هيٺ وهي رهيو آهي.

پاشا جي گفتگو، دريءَ تي پوندڙ برسات ۽ رکي رکي وڄ جي چمڪي تي O/L ٿئي ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

پاشا- اهڙيءَ طرح سلميٰ اپاهج ٿي وئي. هن جو هن دنيا ۾ ڪو سهارو نه رهيو هو؛ هوءَ اڪيلي هئي، بي سهاري هئي، معذور هئي.

     مون  هڪ لمحي ۾ سندس سڀ اُميدون، آشائون ۽ اُمنگ کسي، سندس دامن ۾ ڪنڊا ڀري ڇڏيا هئا... احساس جي اٿاه بار هيٺان منهنجو بيچين روح تڙپي اُٿيو، ضمير جي زنجير

     منهنجي سوچ تي سنگهر وجهي ڇڏيا. منهنجو من ماندو ٿي اُٿيو ۽ تڏهن... ۽

     تڏهن ذهن تان گناه جي دز ڌوئڻ لاءِ مون ساڻس شادي ڪري ڇڏي

پاشا منهن ڦيري شاهده ڏي نهاري ٿو. جا پيار، پنهنجائپ، همدردي ۽ ڏک جي مليل جليل تاثر سان کيس گهوري رهي آهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ان ڳالهه کي ڏهه سال گذري چڪا آهن. مون سندس جيءَ تان محروميءَ جو احساس ته ميٽي ڇڏيو، پر پاڻ کي اڻ ڄاتي اونداهي آئيندي جي حوالي ڪري ڇڏيم. منهنجو سمورو وجود پرزا پرزا ٿي ڀڄي ڀري پيو.

شاهده- اهو فيصلو ته توهان خود ئي ڪيو هو.

پاشا- ها شاهده؛ وقتي جزبات جي رؤ ۾ وهي مون ئي پنهنجو صليب پنهنجن هٿن سان جوڙيو هو؛ ۽ ان کانپوءِ هر ايندڙ صبح اها

سوري منهنجي سيج ٿيندي رهي!

شاهده- پر آخر ان ۾ سلمي! جو ڪهڙو قصور--؟

تلخ مرڪ-

پاشا- قصور ڪنهن جو آهي--؟

    ان گهڙيءَ جو، جا گهاءُ بنجي منهنجي جيءَ کي جهوري وئي. ان احساس جو، جو واسينگ بنجي منهنجي ڏات ڏنگي ويو. يا هِن وقت جو، جنهن توکي منهنجي روح جي رڙ بنائي سامهون آڻي بيهاريو آهي.

شاهده- منهنجي ڪهاڻي به ته توکان مختلف ناهي، پاشا؛ شايد اسان ٻئي هڪ ئي راهه جا راهي آهيون.

 

پاشا- تقدير ته صرف تير هلائي ڄاڻي.ڪير وڍيو، ڪير ڪِريو، ڪير ڪُٺو، قسمت جا انڌ ديوتا ڇا ڄاڻن--؟

 

شاهده- انسان ايترو مجبور ڇو آهي پاشا؟ ايترو بيوس، جو پنهنجي مختصر حياتي به سنواري نه سگهي. اکڙين ۾ مکڙيون سجائي نه سگهي، ساهن ۾ سرهاڻ سمائي نه سگهي--؟ ائين ڇو آهي--؟

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

پاشا- ڪي درد انسان کي اڪيلي سر سهڻا پوندا آهن! ڪي روڳ روح ۾ پالي مسڪرائڻو پوندو آهي؛ ڪي گهاءَ سيني ۾ سمائي جيئڻو پوندو آهي؛ ۽ شايد اسان ٻئي به انهن انسانن مان ئي آهيون جي جيئري ئي مري ويندا آهن.

شاهده- ائين نه چئو. اسان نئين دور جا نوان انسان آهيون؛ اسان پنهنجين خوشين کي ٻين جي خوشين تي قربان ٿيڻ نه ڏينداسين.

پاشا-  ڪي انسان صرف ٻين لاءِ ئي جيئندا آهن شاهده! هنن کي پنهنجو ڪو به وجود نه هوندو آهي.

شاهده-  پر مان باغي آهيان.

پاشا-    چري آهين.

شاهده- منهنجي سرڪش روح ۾ ايتري قوت آهي جو ماضيءَ جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏي.

پاشا- اسان ڪري به ڇا ٿا سگهون؟ هي ڄار اسانجا پنهنجا اُڻيل آهن.

شاهده- مون فيصلو ڪيو آهي ته وحيد سان شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيندس.

پاشا-   هو تنهنجو مڱيندو آهي شاهده.

شاهده-  اسانجي سوچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.

پاشا-   پر هو توکي بيحد چاهي ٿو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

شاهده-  هن ڪڏهن به منهنجي روح کي سڃاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي! منهنجي احساسن، اُمنگن ۽ خيالن جي هن وٽ ڪا به اهميت ناهي هو مون کي خوشي ڏئي نه سگهندو.

پاشا-   خوشي ته هڪ پاڇي جو نالو آهي، هڪ خواب، هڪ خيال آهي.

شاهده- وحيد منهنجو سؤٽ برابر آهي، پر روحن جا رشتا ڌرتيءَ کان گهڻو دور طئه ٿيندا آهن.

پاشا-   شايد مان تو جيان بيباڪ ۽ بيخوف نه هوس شاهده! بزدل، ڪمزور ۽ ڪائنر هوس، ۽ پنهنجي ڪانئرتا کي ضمير جو آواز سمجهي گذريل ڏهن سالن کان پاڻ کي ڌوڪو ڏيندو پئي آيو آهيان! مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو هن سان پيار ناهي؛ مون ڪڏهن به هن سان محبت نه ڪئي آهي.

شاهده-  توهان هن کي صاف صاف ٻڌائي ڇو نٿا ڇڏيو؟

پاشا-  ايڏو ڏکوئيندڙ سچ چوڻ جي مون ۾ همت ناهي؛ هن جي دل ٽٽي پوندي.

شاهده-  هن جو توهان سان ڏاڍو پيار آهي--؟

پاشا-   هوءَ منهنجي ئي سهاري زنده آهي

ڪجهه دير برسات ڏي تڪيندي

        وقت انسان جو ازل کان ويري آهي؛ ڪاش! تون مون کي گهڻو اڳ ملين ها--!

شاهده- وقت جي واڳ ورائي سگهجي ٿي.

پاشا-  ان لاءِ احساس جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻو پوندو ضمير جي خون سان هٿ رڱڻا پوندا ۽  مان اهو سڀڪجهه ڪري نٿو سگهان.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

شاهده- توهان کي ائين ڪرڻو ئي پوندو.

پاشا- اِهو ناممڪن آهي.

شاهده- مان ڄاڻان ٿي اوهان جو مون سان بي انتها پيار آهي.

پاشا- تون منهنجي خوابن جي تعبير آهين.

شاهده- مونکي حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي سلميٰ کي ڇڏڻو ئي پوندو.

پاشا- شاهده--!

شاهده- ٺيڪ اهڙيءَ طرح، جهڙيءَ

    ريت مان وحيد کي هميشه لاءِ پنهنجي دنيا مان رخصت ڪري ڇڏيندس--! انهيءَ ۾ ئي اسان ٻنهي جي ڀلائي آهي.

Cut

سين چوٿون

رات؛

شاهده جو گهر- ڊرائنگ روم سٺي نموني سينگاريل- ڪئميرا گهڙيال تي کلي ٿي- گهڙيال ۾ ڏهه لڳا آهن. بيگم مراد بيچينيءَ مان ٽهلندي چوي ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

بيگم- ڏهه ٿي ويا؛ شاهده اڃا نه آئي--!

مراد ڪو ڪتاب پڙهي رهيو آهي، ڪتاب تان نظرون هٽائڻ کانسواءِ چوي ٿو-

بيگم مراد جي ڀرسان اچي ٿي-

 

 

مراد- چيائين پئي ته ڪاليج ۾ ڪو فنڪشن آهي.

بيگم مراد جي ڀرسان اچي ٿي-

بيگم- جواڻ جماڻ ڌيءَ جو گهر کان ايتري دير ٻاهر رهڻ مون کي پسند ناهي.

ڪتاب تان نظرون هٽائيندي.

 

مراد- ڀلا ان ۾ ايترو بيچين رهڻ جي

     ڪهڙي ضرورت آهي-؟

بيگم صوفي تي ويهي ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

 

ريڪ تي مختلف قسم جي ايوارڊن ۽ ٽرافين ڏانهن اشارو ڪندي.

     اِجهو اچڻ واري ئي هوندي.

بيگم- توهانجي بيجا پيار ته کيس مٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي.

ڀلا اشراف گهرن جون ڇوڪريون وڃي اسٽيج تي ناٽڪ ڪن. ماڻهو ڇا چوندا؟

مراد- مونکي ماڻهن جي پرواه ناهي. بيگم! مون کي پنهنجي شاهده تي پورو ڀروسو آهي. ماشاءَ الله بيحد ذهين ڇوڪري آهي! ڏس، ڪيترا نه انعام آڻي گڏ ڪيا اٿائين--!

 

بيگم- بس، توهان ته انعام ئي ڏسندا رهجو! ڪجهه ڌيءَ جو به فڪر اٿوَ--؟

مراد- شاهده تمام حساس ڇوڪري آهي. مان هن جي مرضيءَ خلاف ڪو ڪم نه ڪندس.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

وحيد لاپرواهيءَ سان اندر اچي ٿو- ٻنهي کي ڏسي شاهده لاءِ واجهائي ٿو.

بيگم- مڱيندو ته گهر ۾ موجود آهي، باقي دير ڇا جي--؟

مراد- وحيد ته منهنجو به ڀائٽيو آهي، پر...مان ڪجهه عرصي کان محسوس ڪري رهيو آهي ان ته  هو ٻئي ذهني طور هڪ ٻئي کان پري ٿيندا ٿا وڃن.

بيگم- شادي ٿي وڃين، پوءِ ڏسجو ته ڪيئن ٿا کير کنڊ ٿين.

مراد- وحيد لاپرواه، خودغرض ۽ ضدي آهي! ۽ شاهده نرم دل سٻاجهي پر سرڪش آهي.

بيگم- اجهو وحيد به اچي ويو.

وحيد- شاهده ڪٿي آهي--؟

مراد- ڪاليج ۾ ڪو فنڪشن هوس اوڏانهن وئي آهي پٽ!

ٽوڪ واري انداز ۾-

 

 

 

 

 

 

 

وحيد- فڪشن--؟

     فن جي اوٽ ۾ ٿيندڙ هي ڊراما مونکي بلڪل پسند ناهن چاچا! توهان کيس روڪي ڇڏيو.

مراد- جذباتي نه ٿيءُ پٽ! شاهده ته....

وحيد- مونکي شاهده جي ڪردار تي شڪ ناهي چاچا-! پر  مان حاسد

    آهيان. هن لاءِ منهنجي چاهت جو ڪو انت ناهي! مون سڄي زندگي سندس تمنا ۾ گذاري ڇڏي آهي، پر مونکي ايتري آزادي پسند ناهي! اها منهنجي بيعزتي آهي.

شاهده داخل ٿئي ٿي، سندس هٿن ۾ ايوارڊ جي مورتي آهي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

بيگم- شاهده؛ تون هيتري دير....

شاهده- ترس امان؛ مونکي وحيد جي سوال جو جواب ڏيڻ ڏي.

مراد- نه ڌيءَ؛ وحيد ته ائين ئي تنهنجي لاءِ پريشان ٿي رهيو هو---!

شاهده- فن منهنجي زندگي آهي، مان ان کان الڳ ٿي نٿي سگهان وحيد صاحب!

وحيد- پر مون کي اِهو ناپسند آهي.

شاهده- ان لاءِ جو هي مردن جي دنيا آهي...؟

وحيد- عورت بنيادي طور ڪمزور آهي.

شاهده- عورت کي ڪمزور چوڻ وارا

     پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسن ته کين پنهنجي بزدليءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر نه ايندو.

وحيد- چاچي هيءَ منهنجي سراسر بي عزتي آهي.

 

شاهده- بس! اِهو آهي تنهنجي عزت ۽ غيرت جو معيار--؟

بيگم. شاهده، تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃ.

شاهده نفرت جي نگاه سان وحيد ڏانهن ڏسي ٿي ۽ پوءِ ٻاهر نڪري وڃي ٿي.

Cut

 

سين پنجون

رات جو تاثر

Indoor

شاهده جو بيڊ روم، شاهده پنهنجي وهاڻي ۾ منهن لڪائي سڏڪا پيئي ڀري.

 

وحيد آهستگيءَ سان ڪمري ۾ اچي ٿو؛ هوريان سڏ ڪري ٿو-

 

 

وحيد- شاهده؛ مون جو ڪجهه چيو

   آهي، ان لاءِ شرمسار آهيان.

شاهده- مهرباني ڪري منهنجي ڪمري مان هليو وڃ.

وحيد- منهنجو توسان بي انتها پيار آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪندو آهيان ته تون مونکان دور ٿيندي ٿي وڃين ۽ مان اها دوري برداشت ڪري نٿو سگهان.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

شاهده- مان چوان ٿي منهنجي ڪمري مان نڪري وڃ.

وحيد- تنهنجو ڏک منهنجوئي ڏک آهي شاهده.

شاهده- پيار ايترو خود غرض نه ٿيندو آهي وحيد صاحب.

وحيد- پيار بيحد خود غرض ٿيندو آهي شاهده، ڪنهن کي پنهنجو بنائڻ جي آرزو سڀ کان وڏي خود غرضي آهي.

شاهده- خدا جي واسطي مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي، مون کي تنهائي گهرجي.

وحيد- وڃان ٿو، پر اهو نه وسارجانءِ ته تون منهنجي ۽ صرف منهنجي آهين.

شاهده- وحيد پليز!

وحيد ٻاهر وڃي ٿو. شاهده ٻيهر وهاڻي ۾ منهن لڪائي سڏڪي ٿي.

Cut.

وحيد- وڃان ٿو؛ وڃان ٿو.

 

سين ڇهون

 

پاشا جو ڊرائنگ روم- خوبصورتيءَ سان سجايل- ٻاهر رکي رکي وڄ چمڪي ٿي. پاشا ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ ويٺو آهي، سلميٰ Wheel chair تي سندس ڀرسان اچي ٿي.

 

 

 

 

 

سلميٰ- اوهان ڪجهه پريشان ٿا لڳو.

پاشا ڇرڪ ڀري ڏانهس نهاري ٿو-

پاشا- هون--؟ نه سلمي!؛ اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي.

سلميٰ- ڪا ڳالهه ته ضرور آهي.

سخت لهجي ۾-

 

 

 

 

 

 

سلميٰ پاشا جي مٿي ڏانهن زورن ڏيڻ لاءِ هٿ وڌائي ٿي پر پاشا سندس هٿ پري ڪري ٿو ڇڏي.

 

ڏکار لهجي ۾

پاشا- چيم ته ڪا ڳالهه ڪانهي.

سلميٰ- ڪا ڳالهه ته ضرور آهي

پاشا--چيم ته ڪا ڳالهه ڪانهي.

سلميٰ-ڪجهه عرصي کان اوهان اُداس اُداس ۽ ويڳاڻا رهڻ لڳا آهيو؛ مونکا ناراض آهيو؟

پاشا-تو کان ڀلا ڇو ناراض ٿيندس؟

سلميٰ- اها عورت ئي ڪهڙي جا پنهنجي مڙس جي منهن تي آيل پريشاني نه پرکي سگهي! طبيعت خراب آهي ته...

پاشا-ضد نه ڪر سلميٰ. منهنجي طبيعت بلڪل ٺيڪ آهي.

سلمي!- مان اڀاڳي اپاهج آهيان؛ مجبور آهيان جو حياتيءَ جي هر قدم تي اوهانجو ساٿ ڏئي نٿي سگهان.

بيزاريءَ وچان-

 

 

 

 

پاشا اُٿي دريءَ ڏانهن منهن ڪري بيهي ٿو رهي.

سلميٰ- Wheel chairt تي سندس ڀرسان اچي ٿي بيهي-

 

 

 

 

پاشا-سلميٰ....!

سلميٰ توهان منهنجا محسن آهيو؛ مونکي سهارو نه ڏيو ها ته جيڪر مان اڄ زنده نه هجان؛ ها توهان پنهنجي پيڙا مونکان  ڇو ٿا لڪايو---؟

پاشا- اُف سلميٰ! تون سمجهين ڇو نٿي--؟

سلميٰ-ڪجهه به سهي؛ زندگي ڏني اٿو ته جيئڻ جو ڍنگ به ٻڌايو--!

      ڄاڻان ٿي ته منهنجو وجود اوهان لاءِ جيئن پوءِ تئين بار ٿيندو ٿو وڃي! توهان نوجوان آهيو، خوبصورت آهيو، اوهان کي منهنجي معذورين ۽  پنهنجي مجبورين جو احساس ته ضرور  ٿيندو هوندو.

 

 

پاشا-ان مجبوريءَ کي مون فرض جو فرضي نالو ڏيئي، پنهنجي

    محرومي بنائي ڇڏيو آهي.

سلميٰ-مان اهي محروميءَ جا داغ ڌوئڻ ٿي چاهيان. ٻڌايو، ڪجهه ته ٻڌايو.

پاشا-هڪ مجبور ۽ بيڪس انسان ٻئي مجبور ۽ بيڪس انسان لاءِ ڪري به ڇا ٿو سگهي--؟

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

سلميٰ هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪي ٿي.

 

 

سڏڪندي-

پاشا پٺي ڏيئي بيٺو ئي رهي ٿو. سلميٰ چيئر کي هلائيندي ٻئي ڪمري ڏانهن هلي وڃي ٿي---

Cut

سلميءَ هيءَ ساهه ته اوهانجي امانت آهي! توهانجا مونتي بي انتها احسان آهن پاشا.

پاشا- احسان-احسان-احسان- ڪوبه ڪنهن تي احسان نٿو ڪري سلميٰ! حتيٰ ڪه انسان پنهنجي وجود لاءِ به ٻين جي احسان جو محتاج آهي! انسان ڏاڍو مجبور آهي سلمي!

سلميٰ-ياد اٿو، هڪ اڪيلي اونداهي رات ۾ توهان منهنجيءَ آڏو اڇي بيٺا هئا.

پاشا- اُها رات بيحد ڀيانڪ ۽ اونداهي هئي ۽ ايتري اونداهي جو مان ان تاريڪيءَ مان اڃا تائين نڪري نه سگهيو آهيان--!

سلميٰ- ۽ توهان ئي منهنجي هٿن ۾ بيساکيون ڏئي ڇڏيون هيون.

پاشا- ها! اهي بيساکيون  تنهنجي هٿن ۾ ڏئي مان خود اپاهج ٿي پيو هوس! ۽ اڄ تائين اپاهج آهيان---!

سلميٰ- ۽ پوءِ تون قرباني ڏني هئي.

پاشا- مونکي ياد آهي، ان رات

مون ٻيو قتل ڪيو هو! ۽ جڏهن منهن ورائي ڏٺم تڏهن محسوس ڪيم ته خون ۾ ٻڏل اُهو لاش خود منهنجي ئي هو! ۽ پوءِ اُن لاش کي ڪلهي تي کڻي مان اڄ تائين هلندو ٿو رهان--!

سلميٰ- ڪاش! مان توکي سمجهي سگهان ها.--!

پاشا- مان وڃايل انسان آهيان سلميٰ

     مونکي ڀٽڪيل ئي رهڻ ڏي.

سلميٰ- ائين نه چؤ؛ خدارا ائين نه چؤ.

پاشا- مان ئي قاتل، مان ئي مقتول! فرياد ڪيان ته ڪنهن جي خلاف؟ ڏوهي ٺهرايان ته ڪنهن کي؟ ٻڌاءِ سلميٰ ٻڌاءِ!

سلميٰ- پاشا--!

پاشا- ڪي ڏک اڪيلي سر سهڻا پوندا آهن، سلميٰ! تون رڻ جي رڃ ۾ منهنجو ساٿ ڏئي نه سگهندينءِ، وڃ، وڃي آرام ڪر---!

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com