سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو :16

سين ستون

باغ جي ڪنڊ ۾ پيل بينچ پاشا گهري سوچ ۾ خلائن ۾ گهوري رهيو آهي- شاهده ڀرسان ويٺي آهي-

 

 

 

 

پاشا- سوچيان ٿو پنهنجي ئي سيني مان دل ڪوري ڪڍڻ ڪيڏو نه اوکو ڪم آهي!

شاهده- ڪڏهن ڪڏهن جيئڻ ڪاڻ وهه وٽو پيئڻو پوندو آهي!

پاشا- شايد تون سچ ٿي چوين ۽ مون ڪڏهن به سچ سان سينو ساهڻ جي همت نه ڪئي آهي.

شاهده- اها ئي ته اسان جي ڀُل آهي.

پاشا- تون جرئت مند ۽ بيباڪ آهين شاهده.

شاهده مون ۾ زنده رهڻ جي خواهش آهي. مان بي زبان جانور جيان چپ چاپ موت قبولڻ لاءِ تيار ناهيان!

اڄ اسان کي آخري فيصلو ڪرڻو ئي پوندو.

پاشا- فيصلو--!

شاهده- ها فيصلو؛ اسان ٻنهي جي آئيندي جو فيصلو.

پاشا- پر اسان صرف ٻه ناهيون! اسانجي سهاري ٻه جانيون ٻيون به زنده آهن.

سلمي- جا مون کي عبادت جي حد تائين چاهي ٿي؛ ۽ وحيد تو کانسواءِ زنده رهي نه سگهندو.

شاهده- وحيد منهنجو آئيڊيل ٿي نٿو سگهي. هو خود سر، خود غرض ۽ ضدي آهي.

پاشا- پر هن جو توسان اٿاهه پيار آهي.

شاهده- هن جو پيار منهنجي صلاحيتن جو موت آهي، ۽ مان بي موت مرڻ نٿي چاهيان! هو  شاديءَ لاءِ ضد ڪري رهيو آهي. اسان کي ڪو فيصلو ڪرڻو ئي پوندو.

پاشا- قسمتن جا فيصلا کن ۾ نه ٿيندا آهن شاهده--!

شاهده- اِها ئي ته انسان جي بدقسمتي آهي جو سندس قسمت جو فيصلو هڪ لمحي ۾ ٿي ويندو آهي ۽ کيس ڄاڻ به نه پوندي آهي.

پاشا- پر سلميٰ جو ڇا ٿيندو--؟

شاهده- ساڳيو سوال وحيد متعلق به پڇي سگهان ٿي--؟

پاشا- وحيد مرد آهي، هو ٻي دنيا آباد ڪري وٺندو.

شاهده- مان وحيد کي سڃاڻان ٿي، منهنجو انڪار کيس ماري وجهندو؛ هو ٻيهر جي نه سگهندو! پر پنهنجي زندگيءَ لاءِ اسان کي سڀڪجهه ڪرڻو پوندو.

اشا تڙپي اُٿي ٿو-

پاشا- شاهده! جي زخم مون ڏهه سال سانڍي رکيا هئا، تو آخر انهن کي ڇلي ئي ڇڏيو. ها؛ مان به جيئڻ ٿو چاهيان! مان به خوشيءَ جو تلاشي آهيان! زندگيءَ جو ڳولائو آهيان!

شاهده- سچ پاشا--؟

پاشا- ها شاهده، اڄ مان ماضيءَ کان منهن موڙي ڇڏيندس. اڄ مان سلميٰ کي صاف صاف ٻڌائي ڇڏيندس ته  مان سندس ساٿ ڏئي نٿو سگهان--! ۽ اهو به ته هوءَ منهنجي زندگيءَ ۾ ناڪامين جي علامت بنجي آئي آهي.

شاهده- ۽ مان وحيد کي صاف جواب ڏيئي ڇڏيندس ته مان هن جي ٿي نٿي سگهان.

پاشا- سلميٰ جي دل ٽٽي پوندي ۽ هوءَ سڏڪي اُٿندي.

شاهده- وحيد مايوس ٿي ڪٿي دور هليو ويندو ۽ ٻيهر ڪڏهن به موٽي نه ايندو.

پاشا- ۽ سلميٰ جو روح رهڙجي پوندو.

شاهده- ايندڙ صبح اسان ٻنهي لاءِ نئين زندگيءَ جو پيغام آڻيندو.

Cut

 

سين اٺون

شاهده پنهنجي ڪمري ۾ ڪتاب پڙهي رهي آهي- وحيد خوش خوش اندر داخل ٿئي ٿو- سندس هٿ ۾ پيڪٽ آهي-

 

 

ڪتاب ڦري پلنگ تي اُڇلائي ٿو ڇڏي شاهده کيس ڪو جواب نٿي ڏئي.

 

وحيد پيڪٽ شاهده ڏانهن وڌائي ٿو-

شاهده بي رخي سان ساڙهي وٺڻ کانسواءِ چوي ٿي-

وحيد ميز تي پيڪٽ رکي ڇڏي.

کلندي-

شاهده هڪدم اُٿي بيهي ٿي ۽ زور سان سندس جملو ڪٽيندي چوي ٿي-

 

 

 

 

 

 

وحيد- شاهده، مان سڄو گهر ڳولي ٿڪو آهيان ۽ تون هتي ويٺي بور قسم جا ڪتاب پڙهي رهي آهين

 

       

 

ناراض ٿي ڏسجين--؟ ڏس شاهده؛ مان بيحد خراب انسان سهي، ليڪن تنهنجي خاطر جان تي به کيڏي ويندس؛ آزمائڻ چاهين ته آزمائي ڏس! هان وٺ؛ مون تنهنجي لاءِ ساڙهي آندي آهي.

شاهده- وحيد، تون اها ساڙهي موٽائي وڃ.

 

 

وحيد- موٽائي وڃان--؟ واه سائين واهه! شادي کانپوءِ ته.....

 

 

شاهد- اها شادي نه ٿيندي!

وحيد- مذاق ڪرڻ ته تنهنجي عادت آهي.

 

 

 

 

 

 

وڍيل لهجي ۾-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

شاهده- نه؛ اها شادي هرگز نه ٿيندي، نه ٿيندي؛ نه ٿيندي.

وحيد- پر آخر ڇو--؟

شاهد- مونکي توسان نفرت آهي، بي انتها نفرت آهي. ايتري نفرت جيتري هڪ انسان جي سيني ۾ سمائجي سگهي.

وحيد- شاهده--!

شاهده- مون ڪڏهن به توکي پيار جي قابل نه سمجهيو آهي.

وحيد- هي تون ڇا چئي رهي آهين شاهده؟

شاهده- اهو ئي جو گهڻو اڳ چوڻ گهربو هوم! پر شرم حيا ۽ ريتن رسمن منهنجي منهن تي هٿ رکي ڇڏيو هو. اڄ مون اهو هٿ هميشه لاءِ پري ڪري ڇڏيو آهي. اڄ مان آزاد آهيان،

       تنهنجا خواب ڪڏهن به سچا نه ٿيندا وحيد صاحب!

وحيد- نه نه! اهو ڪوڙ آهي،  تون اهڙي سنگدل ناهين! تون ته پيار جو ٻيو نالو آهين شاهده!

شاهده- مان زهر آهيان!

وحيد- مان اهو زهر خوشي سان پي ويندس.

شاهده- توکي منهنجي دنيا مان وڃڻو ئي پوندو.

وحيد- توکي ڇڏي مان ڪيڏانهن ويندس       شاهده--؟

 

 

وحيد گهائيل انداز ۾ شاهده جي ويجهو وڃي پڇي ٿو-

 

 

 

 

 

 

 

 

سڏڪا-

وڃڻ لڳي ٿو-

شاهده ڏڪندڙ هٿن سان کيس روڪي ٿي-

 وحيد ٻاهر وڃي ٿو-

 

 

 

 

شاهده کيس ٻيهر سڏي ٿي-

ٻاهر نڪري وڃي ٿو.

شاهده- وڃ هليو وحيد، مون کي تنهنجي پيار جي ٻوسٽ ماري وجهندي! تون مونکي ڪجهه به ڏئي نه سگهندين! ڪجهه به نه

وحيد- اهو تنهنجو آخري فيصلو آهي- شاهده؟

شاهده- ها

وحيد- ته  پوءِ مان چپ چاپ تنهنجي دنيا مان هليو ويندس، جيئن روح کان جسم جدا ٿيندو آهي! تنهنجي خوشين خاطر مان هتان هليو ويندس! تون ئي منهنجو سهارو هئينءَ شاهده! توئي منهن موڙي ڇڏيو ته پوءِ جي ڇا ڪندس--!

ايترو ضرور ياد رکجانءِ ته مون توکي بيحد چاهيو هو.

شاهده- وحيد--!

وحيد- مونکي آواز نه ڏي شاهده؛ دل جا رشتا ڏاڍا نازڪ ٿيندا آهن، هڪ دفعو ٽٽا ته ٻيهر جڙي نه سگهندا. مان وساري ويٺو هوس ته پيار پيڙا جو ٻيو نالو آهي؛ مان وساري ويٺو هوس ته تون ۽ مان ٻه جدا انسان آهيون. محبت ڏاڍي خودغرض ٿيندي آهي شاهده.

شاهده- وحيد......

وحيد - وحيد مري چڪو آهي شاهده بيگم. وحيد مري چڪو. وحيد  مري چڪو.

 

سين نائون

پاشا ڊرائينگ روم لتاڙي ڏاڪڻ چڙهي مٿي بيڊ روم ۾ داخل ٿئي ٿو. سلميٰ انتظار ڪندي ڪندي Wheel chair تي ئي ليٽي پئي آهي- سندس سيني تي ڪتاب کليو رکيو آهي. پاشا جي پيرن جو ٻڌي  Chair تي سندس قريب وڃي ٿي-

پاشا نهايت تڪليف ۽ ڪشمڪش کان پوءِ چوي ٿو-

پاشا وڌيڪ چئي نٿو سگهي-

سلميٰ خوف ۽ حراس وچان ڏانهن نهاري ٿي- پاشا دل تي پٿر

رکي چئي ٿو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

سلميٰ- اوهان اچي ويا---؟

 

 

پاشا- مان وڃڻ لاءِ آيو آهيان سلميٰ

سلميٰ- وڃڻ لاءِ---!؟

 

پاشا- ها سلميٰ؛ مون گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ فيصلو ڪيو آهي ته.... مون فيصلو ڪيو آهي ته توکان ڌار ٿي وڃان!

سلميٰ-  پاشا.....!

پاشا-  ها سلميٰ؛ ڪي فيصلا نهايت ڏکوئيندڙ هوندا آهن؛  پر  ڪرڻا ئي پوندا آهن.

سلميٰ-  پاشا!

پاشا-  اسان ٻئي هڪ ٻئي جو ساٿ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

سلميٰ  Wheel chair ڦيرائي پاشا جي  سامهون اچي ٿي بيهي.

 

 

 

 

 

وڌيڪ دير ڏئي نٿا سگهون.

سلمي- پر اهو فيصلو ڪندي توهان اِهو ڇو نه سوچيو ته مان اڪيلي هن جهان ۾ڪيڏانهن وينديس؟

پاشا- مون پنهنجي حصي جا درد خاموشي سان سٺا آهن، هاڻي تنهنجو وارو آهي.

سلميٰ- پر پاشا مون ته توهانجي سهاري ئي حياتيءَ جو بار سٺو آهي.

پاشا- مونکي ان جو  احساس آهي سلميٰ! پر هاڻي مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته همدردي مان توکي محبت ڏئي نٿو سگهان؛ اها ڪنهن ٻئي جي امانت آهي.

سلميٰ- مان توکان سواءِ جي نه  سگهنديس پاشا--!

پاشا- ۽ مان توسان گڏ جي نه سگهندس.

سلميٰ- ته پوءِ پنهنجي ئي هٿن سان اها لاٽ

اُجهائي ڇڏ، جنهن کي تو روشي بخشي هئي؛ مان تنهنجي هٿان موت مُرڪي قبولينديس.

پاشا- مان اهڙو ڪٺور ناهيان.

سلميٰ- زهر جو پيالو پياريندي به 

 

 

 

 

 

Sad Music

پاشا منهن لڪائي سڏڪندو رهي ٿو- هن جي رويي مان ذهني ڪشم ڪش ۽ روحانيت اذيت ظاهر آهي. سلميٰ جي منهن جو تاثر بدلجي وڃي ٿو. ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ هن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي-

سلميَ تيزي سان ويل چيئر ڏاڪڻ ڏانهن هلائي ٿي- پاشا اهو ڏسي پريشانيءَ مان رڙ ڪري ٿو؛ ۽ ڏانهن ڊوڙي ٿو-

Cut

همدردي ٿو ڪرين؟

پر مان ائي ٿيڻ نه ڏيندس!

پاشا- اسان کي ائين ڪرڻو ئي پوندو. سلميٰ! توکي منهنجي زندگيءَ مان وڃڻو ئي پوندو: وڃڻو ئي پوندو--!

سلميٰ- جنهن کي مون سهارو سمجهيو هو، سو ته خود سهارن جو تلاشي نڪتو! جنهن کي مون ساهه ۾ سانڍيو هو، سو ته ٻين جو سودائي نڪتو؛ جنهن کي مون عبادت جي قابل ڄاتو هو سو ٻين بتن جو پوڄاري نڪتو! مونکي جيئڻ جو ڪو حق ناهي؛ مون کي مرڻ گهرجي؛ مونکي مرڻ گهرجي! تنهنجي خوشين لاءِ مونکي تنهنجي رستي تان هٽڻو ئي پوندو! هٽڻو ئي پوندو--!

 

 

 

 

 

 

پاشا- سلميٰ.....

ڊرائنگ روم مان ڏاڪڻ تائين Wheel chair هيٺ ڪرندي ڏيکارجي ٿي- ڪرسي ڏاڪڻ تان ٿڙندي هيٺ اچي ٿي ڪري ۽ ڀڄي پوي ٿي

Cut

بيڊ روم ۾ ڏاڪڻ جي منهن وٽ پاشا سلميٰ کي ڪرڻ کان بچائي ورتو! ۽ کيس جهليو بٺو آهي. سلميٰ روئي رهي آهي.

 

پاشا سلميٰ کي آهستي آهستي هيٺ زمين تي وهاري ٿو ۽ پاڻ به سندس ڀرسان زمين تي ويهي ٿو رهي.

 

 

سڏڪا-

روئندي.

 

Sad Music

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

پاشا- سلميٰ! سلميٰ!!

سلميٰ- اوهان مونکي ڇو بچائي ورتو، ختم ٿيڻ ڏيو ها هن بيسود زندگي کي! اجهامڻ ڏيو ها هن روشنيءَ کي--!

 

 

 

پاشا- نه سلميٰ نه تون جيئندينءَ ۽ مان به جيئندس؛ تنهنجو ٿي جيئندس. مان شاهده کي وساري ڇڏيندس. ائين، جيئن ڪو ٻار ٽٽل رانديڪي کي وساري ڇڏيندو آهي...!

سلميٰ- پاشا---!

پاشا- ها سلميٰ! مان احساس جي هنيانءَ ۾ ڪٽار لاهي نٿو سگهان! مان هڪ دفعو وري قرباني جي

 

 

 

 

 

سڏڪا

Cut

 

سين ڏهون

باغيچي جي بينچ-

پاشا پٺي ڏيو بيٺو آهي-

Sad Music

شاهده جا پير گاهه تان هلندا پاشا جي ويجهو اچن ٿا.

پاشا ڇرڪ ڀري شاهده ڏانهن ڏسي ٿو. سندس اکين ۾ لڙڪ آهن، چپ ٿڙڪي رهيا اٿس ۽ بيڪسيءَ جي تصوير بنيل آهي.

شاهده ڪنڌ جهڪائي ٿي پاشا پاڻ  تي ضبط ڪندي لڙڪن لڪائڻ جي ناڪام

علامت ٿي جيئندس. تنهنجي لاءِ محبت جي صليب تي لٽڪي گذاريندس! مان توکي ڇڏي نه ويندس سلميٰ--! پنهنجي خوابن کي دفن ڪري ڇڏيندس. شاهده کي ٻڌائي ڇڏيندس ته مان هن جو ٿي نٿو سگهان---! ٿي نٿو سگهان---!

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

شاهده- پاشا---!

 

 

 

 

 

پاشا- تون، تون اچي وئينءَ شاهده؟

شاهده- ها پاشا.

 

ڪوشش ڪري ٿو، سڏڪندي چوي ٿو

تلخ مرڪ سان-

 

 

 

 

 

 

 

 

پاشا جا لڙڪن وهن ٿا-

 

 

سڏڪندي-

 

پاشا- شاهده مون فيصلو ڪيو آهي ته....

شاهده- هاڻي شايد ان جي ڪابه ضرورت باقي

         نه رهي، مون وحيد سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي---!

پاشا-    شاهده---!

شاهده- مان ڄاڻان ٿي تنهنجي دل تي ڇا گذري هوندي؛ پر اڄ مان احساس جي وهڪري ۾ وهي وئي آهيان؛ اڄ مان پنهنجي سوري پنهنجي هٿن سان سينگاري آهي--!

         هو مون کانسواءِ تڙپي تڙپي مري ويندو، مان هن جو ڏک سهي نٿي سگهان---!

پاشا- شاهده! شاهده---!

شاهده- تون روئي رهيو آهين پاشا---؟

پاشا- شاهده، مان ته مرڪي رهيو آهيان هي ڏس؛ قسمت جي ستم ظريفيءِ تي کلي رهيون آهيان.

شاهده- ياد اٿئي پاشا؛ تو هڪ دفعي چيو هو ته ڪي ڏک انسان کي اڪيلي سر سهڻا پوندا آهن.

ياد اٿئي---؟

 

 

 

 

 

 

 

شاهده وڃڻ لاءِ مڙي ٿي-

 

شاهده تڪڙي تڪڙي هلي ٿي وڃي-

پاشا هڪ ٻه قدم سندس پٺيان وڃي ٿو- پوءِ سندس قدم رڪجي وڃن ٿا.

هو هٿ وڌائي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

پر پوءِ سندس هٿ رڪجي وڃي ٿو.

ڪئمرا  آهستي آهستي پٺتي هٽي ٿي

The End

پاشا- مونکي ياد آهي.

شاهده- اڄ مان اهي دک سهڻ لاءِ اڪيلي رڻ جي سفر تي نڪتي آهيان. موڪلائيندين نه---؟

پاشا- مون اهو به چيو هو شاهده ته انسان سڄي دنيا کي جيتي سگهي ٿو، پر پنهنجي پاڻ کان کٽڻ ناممڪن آهي!

شاهده- تو سچ چيو هو پاشا! تنهنجون ڳالهيون منهنجي روح جو پڙاڏو ٿي رهنديون.

پاشا- شاهده!

شاهده- شاهده کي وساري ڇڏجاءِ پاشا، شاهده تنهنجي لاءِ مري چڪي آهي! خدا حافظ---! منهنجي نئين زندگي منهنجي راهه واجهائي رهي آهي. 

 

 

  

 

واريءَ سندوڪوٽ

سين پهريون

رات؛

حاڪم عليءَ جو گهر- ڊرائنگ روم- سريقي سان سجايل ڪمرو- صوفا سيٽ- غاليچا- ديوارن تي تصويرون-

فريده صوفي تي ويٺي آهي ۽ ليمپ جي روشنيءَ ۾ پڙهي رهي آهي.

نعيم آهستي آهستي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو- فريده جي پٺيان اچي شرارت سان رڙ ڪري ٿو.

فريده ڇرڪ ڀري چيخي ٿي- نعيم زور سان کلي ٿو-

گلستو کڻي اُلاري ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 نعيم- هائو!

فريده- هائي الا-! تون آهين! نيموءَ جا ٻچا، بيهه ته مان توکي ٺيڪ ٿي ڪيان.

نعيم-  اڙي اڙي اڙي! هي ڇا ٿي ڪري-؟

 

ڏسجان ڪٿي سچي

هٿ ٻڌندي- وشامداڻي  لهجي ۾-

فديده گلدستو رکي ٿي ڇڏي-

نعيم شرارت سان نقل ڪندي-

ساڙ کائيندي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

شيرين اچي ٿي-

پچي هڻي نه ڪڍين---! مٺري ڀيڻ ناهين---؟

فريده- چڱو هي دفعو معاف ڪيو مانءِ.

 

 

نعيم- چڱو هي دفعو معاف ڪيومانءَ؛ هونهه-!

فريده- وري ڏس، نيمو!

نعيم- نعيم چؤ نعيم؛ مسٽر نعيم؛ وڏي ڀاءُ سان ڳالهائڻ جي به تميز ڪانهي.

فريده- هاڻي ٺهرائجان مون کان سوئيٽر؛ وٺجان مونکان نوٽس؛ ڌوئار جان مونکان رومال--! مان فوزيه کي به چئي ڇڏينديس ته نيمو وڏو ٺڳ آهي: ڪوڙو ۽ فريبي آهي؛ هن سان شادي هرگز نه ڪجانءَ---!

نعيم- اڙي اهڙو غضب نه ڪجانءَ فري؛ ڏس، مان معافي ٿو گهران،

فريده- اونهون؛ ائين ڪم نه هلندو.

نعيم- ته آختر ڪيئن هلندو--؟

فريده- فلم ڏيکار.

نعيم- پئسو ناهي فري؛ نه ته.....

فريده- مان فوزيه کي اهو به چوندس ته.....

نعيم- چڱو چڱو؛ ڏيکاريندومانءَ فلم بابا؛ هاڻي ته جان ڇڏ.

شيرين- اڙي هي توهان پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ ڇا تي جهيڙو لايو ويٺا آهيو--؟

فريده ۽ نعيم ڏڪي وڃن ٿا  ۽ ٻئي صوفي تي ويهي ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳن ٿا-

 شيرين مرڪندي اچي فريده جو اونڌو جهليل ڪتاب سنئون ڪري ڏسي ٿي ۽ پوءِ ٻنهي ڏي پيار مان نهاريندي هلي وڃي ٿي.

نعيم فريده کي زبان ڏيکاري ٿو ۽ فريده نعيم کي ڏسي مهن ٺاهي ٿي-

Cut

 

سين ٻيو

ڏينهن؛

حاڪم عليءَ جو گهر-

ڊرائينگ روم- نعيم ۽ فريده ڪاليج وڃڻ جي تياريءَ ۾ آهن.

 

 

 

نعيم- ڪجهه ناهي، ڪجهه ناهي امان؛ پڙهيوسين ويٺي.

فريده- ها امان؛ امتحان ويجها آهن نه!

 

 

 

 

 

 

 نعيم- نبو!

نبو-   جي سائين!

نعيم- منهنجي ٽاءِ ڪٿي آهي—؟

نبو-   توهانجي هٿ ۾ آهي سائين!

فريده- نبو!

نبو-   -جي امان!

فريده- منهنجو رئو ڪونه ٿو لڀي--!

 

 

نبو ٻنهي کي واري سان ڏسندو رهي ٿو.

حاڪم علي ڊرائنگ روم ۾ اچي ٿو.

 

 

 

فريده شڪايت جي لهجي ۾-

نعيم فريده کي هٿ ٻڌي ٿو.

 

 

 

کيسي مان پئسا ڪڍي ڏئيس ٿو.

حاڪم علي ٻاهر هليو وڃي ٿو- فريده نعيم کي نوٽ ڏيکاري ساڙي ٿي . نعيم نوٽ کسڻ لاءِ ڏانهس ڊوڙي ٿو. پر نبوءَ سان ٽڪرائجي ٿو. فريده کلندي ٻاهر هلي وڃي ٿي- پٺيان نعيم به ڪتاب کڻي ٻاهر هليو وڃي ٿو. نبو مٿي کي مهٽيندو ٻنهي ڏي

ڏسي ٿو. ايتري ۾ ڀانان جو آواز O/L ٿئي ٿو.

نعيم- پهريون منهنجو ڪوٽ.

فريده- جي نه! رئو.

فريده- رئو---!

نعيم- ڪوٽ.

حاڪم- اوهو:؛ ڪاليج جي تياري  ٿي رهي آهي.

 

 

 

فريده بابا!

حاڪم- جي ڌيءَ!

فريده- ڪجهه نه بابا!

حاڪم- اڙي ها؛ ياد آيم؛ تو ڪلهه پارٽيءَ لاءِ پئسا گهريا هئا نه؟

 

 اچي وٺ.

نعيم- پارٽي ته ڪئنسل ٿي وئي بابا.

حاڪم- ڪائي ڳالهه ناهي؛ چڱو مان هلان ٿو.

 

 

 

 

 ڀانان- ائي ڪا گهر ۾ آهي---؟

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com