سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو :17

حاڪم علي سختي سان-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حاڪم- شيرين؛ مان مڃان ٿو ته هن جي ڪاوڙ بي واجبي هئي. پر رت دانگيءَ تي به ورندو آهي.

شيرين- مونتي ڇو ٿا ناراض ٿيو! مون ته

        حقيقت ٿئي چئي--!

حاڪم- ڪڏهن ڪڏهن حقيقت ڏکوئيندڙ ڏنڀ ٿي پوندي آهي--! هن جو ڪجهه ڪيو، مون وساري ڇڏيو.

شيرين- ادا وڏي جو پرچاءَ بي مقصد ڪونهي.

حاڪم- مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي؟

شيرين- ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي--! پنهنجي وياءَ وارا آهيون. ڊڄان ٿي سندن هِت اچڻ مٽي مائٽي جي سلسلي ۾ نه هجي.

حاڪم- هي تون ڇا چئي رهي آهين شيرين--؟ جنت ۽ شيرل به ته منهنجا پنهنجا آنڊا آهن.

شيرين- اهو ته برابر آهي؛ پر....

حاڪم- پر ڇا--؟

شيرين- اسانجا ٻار تعليم يافته آهن؛ هو اڻ پڙهيل ۽ ڳوٺاڻا آهن.

حاڪم- اڻ پڙهيل آهن ته ڇا ٿي پيو؟ پنهنجا ته آهن؛ پنهنجو ماري ڇانءَ ۾ وهاريندو آهي ۽ پرائو ماري اُس ۾ وهاريندو آهي؛ ۽ تنهن کانسواءِ هي اسانجي خاندان جو سوال آهي.

شيرين- توهان ته پڙهيل لکيل آهيو.

حاڪم- تعليم جو مقصد اِهو هرگز ناهي ته ماڻهو پنهنجون ريتيون رسمون ۽ رواج وساري ويهي؛ ماضيءَ کان منهن موڙي ڇڏي ۽ غيرت جو سودو ڪري ڇڏي--!

ٿڌو ساهه ڀريندي-

شيرين- ته منهنجا وهم صحيح نڪتا!

حاڪم علي ٻاهر هليو وڃي ٿو- شيرين جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا-

Cut

حاڪم- هي خون جا رشتا آهن، جي صدين کان قائم آهن ۽ صدين تائين قائم رهندا.

سين ڇهون

رات:

حاڪم عليءَ جو گهر- ڪمرو- نعيم دريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو آهي- مُڙي ماءُ کي چوي ٿو-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نعيم- مون کي اِهو منظور ناهي.

شيرين- اِهو تنهنجي پيءُ جو فيصلو آهي پٽ.

نعيم- ٻين جي قسمتن سان کيڏڻ وارا آئيندي

کان اڻڄاڻ هوندا آهن امان.

شيرين- مون ته کيس گهڻو ئي سمجهايو پٽ-!

نعيم- هي اُهي زمانا ناهن امان، جڏهن شادي گُڏي گڏيءَ جو کيل سمجهيو ويندو هو. اُٺ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌڻ وارا ڏينهن گذري ويا. بابا اسانکي تعليم ڏياري بي ڊپو ۽ بهادر بنائي ڇڏيو آهي- هاڻي هو اسانجي مستقبل متعلق فيصلو ڪرڻ جو ڪو به حق نٿو رکي.

شيرين- پيءُ لاءِ اهڙا لفظ زبان تي نه آڻبا آهن پٽ. هو جو ڪجهه ڪندو، توهانجي ڀلائيءَ لاءِ ئي ڪندو.

نعيم- ڀلائي! منهنجي لاءِ جنت جو سڱ گهري ٿو وٺي، جنهن سڄي عمر ريل گاڏي ڪا نه ڏٺي آهي! ۽ هوڏانهن فريده جو پلئه شيرل جهڙي جاهل ڪاهل ۽ نااهل سان ٻڌڻ ٿو چاهي--!

شيرين- اهي به ته تنهنجا سوٽ آهن پٽ!

نعيم- انسان جي ڪنهن گهر، خاندان يا قبيلي ۾ پيدائش محض اتفاق هوندي آهي

       امان. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته صرف خاندان جو نالو اوچو رکڻ لاءِ اسان کي قربانيءَ جي پاهيءَ تي چاڙهيو وڃي.

گهبرائجي نعيم جي وات تي هٿ رکندي-

 

شيرين- آهستي ڳالهاءِ پٽ؛ چاچهين ٻئي ڪمري ۾ ويٺو آهي. ٻڌي ورتائين ته غضب ٿي ويندو.

نعيم- مونکي ڪا به پرواهه ناهي. مان ته مرد آهيان، توهان کي سامهون به چئي سگهان ٿو؛ ويچاري فريده ته نياڻي آهي ۽ اسانجي معاشري ۾ نياڻيءَ کي زبان کولڻ جي ڪا به اجازت ناهي؛ هوءَ ته پيءُ ماءُ ۽ خاندان جي شان ۽ مان ڪارڻ قربان ٿيندي رهندي آهي.

شيرين- رواجن کي ٽوڙڻ جي همت ڪنهن ۾ آهي پٽ--؟ فريده کي به پيءُ جي مرضيءَ آڏو جهڪڻو پوندو.

حاڪم عليءَ جو آواز O/L ٿئي ٿو ۽ پوءِ

حاڪم اچي ٿو-

نعيم- اهو ناممڪن آهي.

حاڪم- اِهو منهنجو آخري فيصلو آهي ڇوڪرا؛

      ۽ منهنجا فيصلا پهڻ تي ليڪو هوندا آهن.

نعيم- بابا--!

حاڪم- مان ڀاءُ کي مايوس نه موٽائيندس.

نعيم- پر بابا--!

حاڪم- وچ ۾ نه ڳالهاءِ ڇوڪر. تون ننڍو آهين؛ ڏي وٺ جون شاديون ائين ٿينديون آهن.

نعيم- جنت اڻ پڙهيل آهي.

حاڪم- وري به پنهنجي آهي. سگهڙ، چئوان ۽ شريف آهي؛ ٻيو ڇا گهرجئي—”

نعيم- پر بابا؛ هن جو ۽ منهنجو ذهن هڪ جهڙو ناهي-

حاڪم- شاديءَ کانپوءِ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.

شيرين- پر مان پنهنجي فريده جي شادي ته ان موالي شيريل سان ڪو نه ڪرائيندس.

حاڪم علي نڪري وڃي ٿو- شيرين مايوس ۽ روئڻهارڪي انداز ۾-

 

 

 

 

 

ٻاهر وڃڻ لاءِ مڙي ٿو ته نظر ٿي پويس، جا سندس پويان بيهي سڀڪجهه ٻڌي رهي هئي-

حاڪم- مردن جي معاملن ۾ عورت کي دخل ڏيڻ جي ڪا ضرورت ناهي.

 

شيرين- مون ته توکي اڳ ئي چيو هو.

نعيم- پر امان ويچاري فريده جو ڇا ٿيندو--؟

شيرين- بيوس بار اُٺن به ڇڏي ڏنا پٽ! نياڻيءَ

جي قسمت!

نعيم- هٿ سان زندگي تباهه ڪري قسمت کي ڏوهه ڏيڻ به ڪو توهان کان سکي! ڇا به ٿي پوي؛ مان پنهنجي ڀيڻ جي زندگي تباهه ٿيڻ نه ڏيندس. فريده، تون--!

اڳتي وڌي فيصلي جي انداز ۾-

فريده- مون سڀڪجهه ٻڌو آهي ادا--! پيءُ جو ضد، ماءُ جي بيوسي ڀاءُ جي بغاوت. سڀ بيسود آهن. مان قربانيءَ لاءِ تيار آهيان.

نعيم- پر اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي--!

فريده- ائين ئي ٿيندو آيو آهي منهنجا ڀاءُ.

فريده کي ڀاڪر پائي سڏڪي-

شيرين- منهنجي مٺڙي ڌيءُ.

فريده- لڙڪ اگهي ڇڏ امان؛ مان ڏاج  ۾ توکان اهي چند ڳوڙها وٺڻ ٿي چاهيان.

نعيم- فريده--!

فريده فيصله ڪُن انداز ۾-

Cut

 

سين ستون

Disolves

شرنائي ڪلوز کلي ٿو ڪيمئرا پٺتي هٽي ٿي ته دهلاري وڄت ڪري رهيا آهن.

Disolve

 

عورتون سهرا ڳائي رهيون آهن -  ڪنوار گهونگهٽ  ڪڍيو ويٺي آهي-

Disolve

 حاڪم ۽ بهادر خان گلن جا هار پايو گڏ ويٺا آهن سامهون ٻئي گهوٽ موڙ پايو ڄاڃين جي وچ ۾ ويٺا آهن- نعيم ڪنڌ جهڪايو غمگين ويٺو آهي- شيرل موڙ پري ڪري مڇ کي تاءُ ڏئي ٿو- سندس ڀر ۾ بشن ڪڪڙ ڪڇ ۾ ڪيو ويٺو آهي.

Disolve

لانئن جي رسم-

Disolve

ڏاوڻ جي رسم-

Disolve

 

سين اٺون

رات:

حاڪم علي جي گهر جو ٻاهرين حصو- شرنائي جو آواز O/L ٿئي ٿو- راڄ مڙيل آهي- ٻئي گهوٽ موڙ ٻڌيو ويٺا آهن-

نعيم اُداس آهي.

فريده- بابا کي چوائي موڪليو ته سندس اولاد خاندان جي ڀرم رکڻ ڪاڻ وهه وٽو پيئڻ لاءِ تيار آهي.

         شرنائي جو آواز

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حاڪم- خدا جا لک لک شڪرانا جو اڄ هن گهر ۾ وري خوشي موٽي آئي آهي.

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com