سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو :20

شڪست

هوا جو آواز، بتيءَ جو لُڏڻ، سگهڙ ننڊ ۾ پاسا بدلائي ٿي، ڄڻ ڪو ڀوائتو ننڊ ۾ پاسا بدلائي ٿي، ڄڻ ڪو ڀوائتو خواب ڏسي رهي آهي. هوا جيئن پوءِ تيئن تيز ٿيندي ٿي وڃي ۽ ان رفتار سان سگهڙ جي بيقراري پڻ.

هاڻي طوفان جي آواز سان گڏ رئيس جا خوفناڪ ٽهڪ پڻ شامل ٿي وڃن ٿا. سگهڙ جي منهن تي خوف ۽ ڏک جا آثار اُڀرن ٿا. هوءَ اهڙي طرح تڙپي ٿي ڄڻ ڪنهن آفت کان پاڻ ڇڏائيندي هجي.

ٽهڪ وڌندا وڃن ٿا، ۽ پوءِ بندوق جو فائر پڙاڏي ۾ گونجي ٿو.

سگهڙ چيخ ڪري اُٿي ٿي. اکيون ڦاڙي حراس وچان چئني پاسي نهاري ٿي ۽ پوءِ نڍال ٿي، منهن هٿن ۾ ڏئي روئي ٿي.

TITLES

Desolve

 

سين: 2

ساڳي ئي منظر تي فيڊ ان ڏينهن جو ڏيک، سگهڙ کٽ تي ليٽي پئي آهي هوءَ روئي رهي آهي. سندس ڀر ۾ سندس ماءُ ويٺي آهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ماءٌ- رات ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو هيئي سگهڙ--؟

سگهڙ لڙڪ پيئندي ڪنڌ سان ها ڪري ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

سگهڙ ماءٌ کي چهٽي پوي ٿي-

 

ماءُ- خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيندا آهن چري! خوابن تي ويساهه ڪرڻ ڇڏي ڏي. مان تنهنجي ماءُ آهيان سگهڙ. مان تنهنجو درد سمجهان ٿي، تنهنجا لڙڪ سڃاڻان ٿي. تنهنجون محروميون ۽ پنهنجون مجبوريون ڄاڻان ٿي ڌيءَ--- اسان جي ڪوٽن ۾ عورت جي ڪوڪ اڄ تائين ڪنهن نه ٻڌي آهي. تون به عورت آهين؛ منهنجي بدنصيب ٻچڙي، تون به عورت آهين. تنهنجي خطا صرف اِها آهي جو تو وڏيرڪي گهر ۾ جنم ورتو.

         ....تنهنجي چوڌاري ڪوڙي غرور جا قهري ڪوٽ اُڀا آهن. خانداني عزت ۽ غيرت جي تيز ترار لٽڪيل آهي. دولت جي بيرحم ديوار اُچي آهي- تون رئيس جي ڀيڻ آهين.

سگهڙ- امان--!

 

 

ماءُ- نه رو منهنجي ڌي، روئڻ سان تقديرون نه بدلبيون آهن. زندگيءَ کي زهر سمجهي پي وڃ منهنجي مٺڙي اسان جي حويلين جو اهوئي دستور آهي. اسان ڪيڏا نه مجبور آهيون. اسان ڪيڏا نه لاچار آهيون.

ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ اچي ٿا وڃن. هوءَ رئي سان اکيون اگهندي ٻاهر ٿي وڃي. سگهڙ ڇت کي گهوريندي ٿي رهي.

ماءُ سگهڙ جي ڪمري مان نڪري ڊرائنگ روم مان لنگهي ٻاهر هلي ٿي وڃي. ڊرائنگ روم ۾ گهر جون ٻه نوڪراڻيون ايمڻا ۽ جانل ڇنڊ ڦوڪ ۽ پوچيءَ ۾ مشغول آهن. ماءُ کي ويندو ڏسي جانل پوچو زمين تي ڦٽو ڪري ايمڻا کي سڏ ٿي ڪري-

 

 

 ايمڻا ڇنڊ جو ڪم ڇڏي هوشياريءَ سان آهستي آهستي اچي در وٽ بيهي ٿي ۽ سندس ڳالهيون ٻڌي ٿي، در جي اندران سگهڙ ڪن ڏئي سندن ڳالهيون ٻڌي ٿي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 جانل- ش- ش، ايمڻا هيڏي ته اچ.

  

 

ايمڻا- ڇاهي--؟

جانل- خبر اٿئي، رات سانئڻ ننڍيءَ کي وري دورو پيو هو.

ايمڻا- جائي ٿي چوين--؟

جانل- آئون ٻيو---؟ ريهون ته پاڙي وارن به ٻڌيون هيون.

سگهڙ جي منهن تي ڏک ۽ پيڙا جا تاثرات اُڀرن ٿا.

 

 

 

 

 

 

 

ايمڻا- ائي ادي مون ته اڳي ئي چيو ته سانئڻ ننڍيءَ کي فقير آهي، پر ڪنهن ٻڌي ئي ڪا نه.

جانل- فقير ٻڪير وري ڦلهيار، ويٺل نياڻين جو اِجهو اِهو حال ٿيندو آهي. رئيس جي پُڦي ڪو نه اڇي مٿي تائين ويٺي رهي. ويچاري مرهيات کي

          اچي جو دورو پوندو هو ته راڄ رڙيون ٻڌندا هئا.

ايمڻا- ائي نڀاڳي آهستي ڳالهاءِ، رئيس ٻڌي ورتئي ته بُهه ڀرائي ڇڏيندءِ.

جانل- هونهه! رئيس کي شراب ڪباب کان ته مهلت ملي. ڪاري ماءُ پئي ڳالهه ڪئي ته هاڻي وري نوران جي پٺيان پيو آهي.

ايمڻا- شاهاڻو ٻار آهي، انگل ته ڪندو نه.

جانل- ڀيڻ، مٿان ٿي موٽي آيس ته به مئو ڊپ کان شادي نٿو ڪرائيس ته ڪٿي حصو نه ڇڪيم ۽ پاڻ وتي ٿو راڄ جي نياڻين ۾ اکيون وجهندو.

ايمڻا- ائي جانل سچ پڇين ته مونکي سگهڙ جو ڏاڍو ارمان اٿئي. سدا ملوڪ، مومل جهڙي زال ويچاري ويهي وئي. پر امان ڪا واهه به هجين.

جانل- چاچي ته گهڻائي وس ڪيس پر تريءَ تيلئي نه لائڻ ڏنس.

پر وارن وڏيرن چواين ته کين تريون ئي به هنيائين.

ايمڻا- ادري وڏا ماڻهو آهن. وڏن جون ڳالهيون به وڌيون.

جانل- ائي ڏٺي پئي آهي وڏ ماڻهپ. غريب آهيون، ڏکيا آهيون، بکيا آهيون پر نياڻيون وهاري ته ڪو نه ٿا ڇڏيون. پرائي آهه ته ڪو نه ٿا کڻون. اُهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني.

ايمڻا- بس ڀيڻ، ويچاريءَ جي قسمت، حويليءَ ۾ ئي پئي پئي سڙي ويندي ويچاري.

 

 

سگهڙ وڌيڪ ٻڌي نٿي سگهي. هوءَ آهستي آهستي آئيني جي آڏو اچي بيهي ٿي ۽ پوءِ پاڻ کي ڏسڻ لڳي ٿي.

هلڪي مرڪ سندس چپن تي اچي ٿي پر پوءِ مٿي جا ڪجهه سفيد وار ڏسي سندس مرڪ غائب ٿي وڃي ٿي.

- ڊزالو -

 

تاجو هاٺي ڪاٺيءَ ۾ جانٺو جوان آهي. شهپر وڏا ۽ گهاٽا، اکين ۾ لاپرواهي مٿي تي پٽڪو، وڏي گهير واري سلوار ڀريل چولو، ڪلهي ۾ ڪارتوسن جي پيٽي، رانن تي دونالي بندوق، ٽنگون ڦهلائي مڳ ٿيو ويٺو  آهي. هڪ نوڪر کيس زور ڏيئي رهيو آهي.

ٻاهران ٻنڀي وٽان، جنان لمڪا ڏيندي وڏي واڪي ڳالهائيندي اندر اچي ٿي. جنان ڪراڙي زال، اجرڪ ويڙهيل، ڳالهائڻ ۾ بلا، ناز نخرو، چالاڪ ۽ مڪار، ڳالهائڻ جو رنگ ڍنگ ڌوتين جهڙو. هٿن ۽ اکين جا ترڪتال به خوب ڄاڻي. جتان ڪڙڪو ڪندي اوطاق جي مهڙ وٽ ويٺل توبچي ڏانهن اچي ٿي. توبچي آئيني مان منهن ڪڍي ڏانهس نهاري ٿو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

جنان- مُئو. نپٽو آئٽو.  شل ڪاريءَ تي پير پويس. شل ڳاٽو ڀڄيس، ڪندو منهنجو مولا ته ڪيڙا پوندس؛ شل لاش رلندس گهٽين ۾.

توبچي گهٽ تان ويٺي ئي مزو وڻندي پڇي ٿو-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

رئندي

  

 

توبچي- مائي جنان وري ڪنهن سان وڙهينءَ؟

جنان- اڙي ابا، اهو ٽانڪيءَ نڪتو  ولو ٻيو ڪير--؟ خدا غارت ڪريس. نه مري ٿو نه منجوئي ڇڏي ٿو. نڀاڳو، نه ڪنهن ڪم جو ۽ نه ڪنهن ڪار

         جو. سڄو ڏينهن آڻ ۽ آڻ پئي ٿي پويس.

توبچي-  ڪم ڪار ڪو نه ڪري ڇا--؟

جنان-   انهيءَ سنڌن سُڪي کان ڪهڙو ڪم ٿيندو. جوانيءَ ۾ ته ماڻهن جا ٻيلهپا ڪري، مُئي ڳاٽي لٿي کي کارايم، هاڻي پيريءَ ۾ ڪهڙو ٽاڪرو هڻان--؟

....اڙي ابا رحيمون، ان نڀاڳي جون اندر ۾ اٿم رت جون مانيون.

توبچي- صبر ڪر مائي، وري به مڙس اٿئي. مڙسن جا حق وڏا ٿيندا آهن.

ڳوڙها اُگهندي

جنان- هائو ابا، سچ ٿو چوين. الله الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي. توبه ٿئي منهنجا مولا تنهنجي در تي. شل قادر ڪرم ڪندين.

رازداراڻي نموني ۾

 

 

 

 

 

رحيمون- رئيس ته اندر آهي نه--؟

توبچي- ها، ها، اوطاق تي آهي. رات ڪي مهمان لٿل هئا، وڏي محفل متي، خوب کاڄا پيڄا ٿيا. صبح ٿيندي ئي هنن ته ڪئي الهه واهي، باقي

      ڀوتار هوندو خمارن ۾.

جنان اندر وڃڻ لڳي ٿي

جنان- ته پوءِ وڃي ٻه ڳالهيون ٻڌائي اچنس. موٽي وڃي مُئي کي نيرن گهڙي ڏيان.

توبچي ڏانهس معنيٰ خيز نظرن سان ڏسي مرڪي ٿو

 

توبچي- مائي ڪا اسان جي به ڳڻ اٿئي يا مورڳو وياسون دل تان لهي؟

جنان- ابا، جيئن دير تيئن خير! اهڙي وني پرڻائيندي مانءِ جو يا عمر پيو دعائون ڪندين، ها.

جنان اڳتي وڌي ٿي- گلو ۽ کُدو ڪرڪندي بيهي ٿا رهن- هڪٻئي ڏي ڏسي مرڪن ٿا.

گلو پگهر اُگهندي

 

 

 

 

گلو-  مائي جنان، خوش آن--؟

جنان- ابا خير هوندءِ، خوشي ڪهڙي پٽ! پيريءَ جو پهر آهي. شل خير جي گذاري.

کُدو-  ڀوتار لاءِ مڙئي ڪا چڱي خبر آندي ٿي ڏسجئي. ڪيئن آهي نه سچ---؟

کُدو ڏند ڪڍي کِلي ٿو

 

جنان-  مُئا مستي توکي به گهڻي آ، جوڻهي

ڇيڪ ڇڏي ڏنو اٿئي ڇا--؟

جمعو ٽيبل تان ٿانءءَ ميڙيندي وچ ۾ چوي ٿو-

 

جمعو- نه مائي، جوڻهس ته بندوق ڀريو ويٺي اٿس ٻارهوئي. اِهو چنڊو رئيس جي بچي سچي چڪي پي ڇتو ٿيو اٿئي.

خالي بوتل ۽ گلاس ڏيکاريندي-

گلو- مائي جنان، جي مڙسي ڪرين ته همراهه مارائي ڏيانءِ.

جنان- اهو وري ڪيئن ڙي گلو--؟

گلو- شوق اٿس ٻيءَ شاديءَ جو. مولا بخش واري ٽهاڻ تي دل ٿي اٿس. جي اهو ڪم ڪرائي ڏين ته وه و اه ٿي ويندي.

جمعو- ائون منهنجو ڪم اڌ ۾ رهيو-؟

جنان- هاڻي تون ته بس ڪري ويهه کڳا، اڇو مٿو اتو خراب.

جمعو شڪي ٿئي ٿو- گلو ۽ کُدو مٿس کلن ٿا- مائي جنان موڙو ڏئي ورانڊي ڏي وڌي ٿي. تاجوءَ کي ڏسي خوشامداڻي لهجي ۾ چوي ٿي-

 

 

 

 

جنان- ابا تاجن، خوش ته آهين نه--؟

تاجو ڪو جواب نٿو ڏئي اکيون کڻي جنان ڏانهن نهاري ٿو- سندس چپن تي هلڪي مرڪ اچي ٿي. جنان مرڪندي چوي ٿي

 

 

 

 

 

جنان- شال خوش هوندين، ٻچا ڀرئي ڳوٺ ۾ اڪيلي تنهنجي سر کي ڏسي خوش ٿيندي آهيان پٽ.

تاجوءَ کي زور ڏيندڙ نوڪر کي ڏسي ڳالهه بدلائيندي-

 

.... رئيس ۾ ڪم هوم نه ته ٻاهر نڪرڻ جهڙي ناهيان،  جڙئين.

جنان در کولي اندر وڃي ٿي. تاجو هڪ دفعو وري اکيون بند ڪري پنهنجي منهن مرڪي ٿو.

 

- ڪٽ--

 

سين – 2

 

ڏينهن

رئيس جي اوطاق جو اندريون منظر- چڱي

نموني سينگاريل ڪمرو-ديوارن تي هرڻن جون سريون، بندوقون وغيره سينگاريل آهن. هڪ پاسي پلنگ رکيو آهي، جنهن تي رئيس ڪريم بخش خان اونڌو ستو پيو آهي. هڪ  نوڪر کيس زور ڏيئي رهيو آهي- ڪمري جي وچ تي صوفو سيٽ ۽ وچ ۾ سينٽر ٽيبل رکيا آهن. ٽيبل تي بوتل گلاس ۽ سگريٽن جو پاڪيٽ رکيا آهن-  ڀر ۾ ئي روالور ۽ ڪاتروسن جو پٽو پڻ رکيا آهن.

جنان در کولي اندر اچي ٿي- نوڪر کيس آڱر سان خاموش رهڻ جو

اشارو ڪري ٿو- پر جنان کيس اشاري سان ڇڙٻي رئيس جي مٿن کان وڃي ٿي.

 

رئيس پاسو ورائي جنان کي ڏسي ٿو- ننڊا کڙين اکين ۾ خمار آهن.

اوٻاسي ڏيندي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

جنان- صدقي وڃان رئيس، گهور ٿيان ٻچڙا....آرامي آهين ڇا--؟

 

 

 

رئيس-  مائي جنان آهين--؟

 

 

پَٽ تي ويهي جنان رئيس جي مٿي کي زور ڏيڻ شروع ٿي ڪري.

رئيس نوڪر کي اشارو ڪري ٿو، نوڪر سگريٽن جو پاڪيٽ آڻي کيس ڏئي ٿو.

 

 

رئيس سگريٽ دکائيندي

نوڪر کي اک جي اشاري سان ٻاهر وڃڻ جو چوي ٿو-

نوڪر وڃي ٿو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

رئيس ٻٽون مان ڏهين جو نوٽ ڪڍي جنان کي ڏيندي چوي ٿو-

جنان نوٽ وٺي رئي جي پلوَ ۾ ٻڌي ٿي..

 

 

 

 

جنان- قربان وڃانءَ، ساڳي تنهنجي گولي آهيان، جواني ماڻين، تنهنجي در جي ٻانهي آهيان. شل ويرون وير وڌندين، شل ڪوسو واءُ نه ڏسندين، منهنجا رئيس سهڻا.

 

 

 

رئيس- ڪر خبر مائي جنان، ڇا حال اٿئي-؟

 

 

 

 

 جنان- بس پٽ، نه پڇ  سورن جون ڪهاڻيون، جيسين داڻو پاڻي آهي تيسين ته جيئڻو ئي پوندو. خدا ناس ڪندو ان مئي ولوءِ کي چوي ته ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيان. ڪو ويهي کٽ تي کارائيم، ٻار هو ئي گهر ٽمجهڻ وجهيو ويٺو آهي موالي. سلفي هجيس ۽ پاڻ هجي. مون ڪجهه چيو ناهي ۽ بتليو ناهي.

رئيس- ان ولوءِ کي ته مان هاڻي ئي گهرائي موچڙن جي ٺاهوڪي مار ٿو ڏيان. تون ٻڌاءِ ڪهڙي خبر آندي اٿئي--؟

 

 

جنان- خدا مڙئي چڱي ڪندو رئيس، دل ڇو ٿو لائين.

رئيس- پر به، آخر ٻڌان ته سهي.

جنان- ڇوري آهي الڙ، سمجهي ئي نٿي.

        گهڻيون ئي لاهيون چاڙهيون ڏنيون مانس، لالچ، دڙڪو، دهمان، پيار، محبت، سڀڪجهه آزمايم پر تِريءَ تيل ئي لائڻ نٿي ڏئي.

رئيس- ته چئبو ته تو هن ڀيري آڻ مڃي.

جنان- جنان اڄ تائين ته آُڻ نه مڃي آهي رئيس، پر---!

رئيس- پر ڇا---؟

جنان- صدقي وڃان سهڻا پٽ، آهين اُٻهرو، ڪٿي ڪو خۡنام نه مچائي وجهين، ان لاءِ ٿي ڪيٻايان.

رئيس- مائي جنان، مون اڃا تائين انڪار جو لفظ ٻڌو ئي ناهي. مون جو چاهيو آهي، سو ضرور حاصل ڪيو آهي. ٻڌاءَ، ڇا ڳالهه آهي--؟

جنان- ڇا ٻڌايان رئيس،اها سڄي شَهَه رمضان جي اٿئي.

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com