سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو : 6

جنت-

جانو.

جانو-

جي!

جنت-

مون کي ڊپ ٿو ٿئي جانو!

جانو-

ڪنهن کان--؟

جنت-

رئيس کان! اڄ بابا کي پاڻ گهرايو هئائين! پر بابا کيس رکو جواب ڏئي ڇڏيو.

جانو-

ٿورو انتظار ڪر جنت! باقي ٿورا ڏينهن؛ پوءِ تون ۽ مان هميشه هميشه جي لاءِ هڪ ٻئي جا ٿي وينداسين.

جنت-

وڏيرو ظالم آهي جانو.

جانو-

مان ظلم تي قهر بنجي ڪڙڪندس!

جنت-

هو وڏو مڪار آهي.

جانو-

 مان مڪار جو موت ٿي ورندس.

جنت-

هو ڏاڍو آهي.

جانو-

مان ڏاڍي کي ڏاري ڇڏيندس.

جنت-

جانو!

جانو-

ها جنت! اسان ٻئي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪنداسين.

 

]رئيس جو ٽهڪ گونجي ٿو! جنت ۽ جانوءَ جي ڇرڪڻ جو تاثر[

جانو-

رئيس تون!

رئيس-

ها، مان؛ مان پنهنجي بي عزتيءَ جو بدلو وٺڻ آيو آهيان! موت لاءِ تيار ٿي جانو!

جانو-

اڳتي نه وڌجانءِ رئيس!

رئيس-

رئيس جو چاهيندو آهي سو ضرور حاصل ڪندو آهي؛ جنت جي ٻانهن منهنجي حوالي ڪر.

جانو-

اهو ناممڪن آهي.

رئيس-

ته پوءِ ٻڌي ڇڏ، تون ڪارو آهين! ڏسو ڇا ٿا شڪاري؛ وهايو ڪهاڙي.

جنت-

نه نه! ائين نه ڪيو؛ ائين نه ڪيو! تون هڪ ذليل وحشي ڪتو آهين رئيس.

رئيس-

تون زبان بند رک ڪاري! شڪاري مهل اها اٿو، ڪڙڪايو ڪهاڙي.

 

]ڪهاڙين هڻڻ جو تاثر! جنت جون دانهون. جانوءَ جي آخري دانهن؛ رئيس جا ٽهڪ![

رئيس-

شاباس جوانو! موزي ماريو اٿو؛ جنت ڪيڏانهن وئي؟ ڦوٽا؛ جنت ڪيڏانهن وئي--؟ جواب ڏي ڪاري ڪيڏانهن وئي--؟

ڦوٽو-

ڀڄي وئي رئيس.

رئيس-

خاموش! هوءَ منهنجي چنبي کان بچي ڪيڏانهن ويندي؟ ڪيڏانهن ويندي--؟ ڪيڏانهن ويندي--؟

 سين پنجون

 

 

جڙيل-

(دانهن ڪري) اِهو ڪوڙ آهي.

رئيس-

اهو سچ آهي.

جڙيل-

منهنجي جنت اهڙي ٿي نٿي سگهي.

رئيس-

هوءَ ڪاري آهي.

جڙيل-

وڏيرا، زبان سنڀالي ڳالهاءِ. حسد، ساڙ ۽ ناڪاميءَ تنهنجي زبان ۾ زهر ڀري ڇڏيو آهي.

رئيس-

پيءُ جو پيار ۽ ٻڍاپي جي ضعيفيءَ توکي ڪمزور، بزدل ۽ ڪانئر بنائي ڇڏيو آهي.

جڙيل-

تراڙ وهائي ڪڍ رئيس، طعنو نه ڏجانءِ.

رئيس-

مهڻو مڙس کي ميار ٿي لڳندو آهي جڙيل خان!

جڙيل-

غريب ضرور آهيان رئيس، بي غيرت ناهيان.

رئيس-

(ٽوڪ مان) غيرت--؟ غيرت جا گهاءَ سهڻ جو تو ۾ تاب ڪٿي--؟ عزت جو احساس انهن کي هوندو جي عزت وارا هوندا!

جڙيل-

رئيس--!

رئيس-

دانهن سان بي عزتيءَ جا داغ نه لهندا آهن جڙيل خان! تنهنجي ڌيءَ رات جي اونداهيءَ ۾ جانوءَ سان اڪيلي ڏٺي وئي! ڪارو ٿڏي تي مارجي ويو. پر ڪاري ڀڄي نڪتي، کيس مارڻ تنهنجو ڪم آهي.

جڙيل-

نه نه! ائين نه ٿيندو! مون کيس ماءُ بنجي پاليو آهي مان ايڏو ظالم ٿي نه سگهندس!

رئيس-

تنهنجو خون سفيد ٿي چڪو آهي ڪراڙا! تنهنجي عزت موڪلائي وئي آهي. تنهنجي غيرت مري چڪي آهي! اقرار ڪر ته تون بزدل آهين!

جڙيل-

وڏيرا--!

رئيس-

ٺيڪ آهي جو ڪم تون نٿو ڪري سگهين، اهو اسانکي ڪرڻو پوندو! تنهنجا هٿ ايترا ته ڪمزور ٿي چڪا آهن جو ڪهاڙي کڻڻ جي قابل نه رهيا آهن.

جڙيل-

منهنجي جسم ۾ خانداني خون آهي رئيس! منهنجي غيرت کي نه للڪار! چئه ڇا ٿو چئين--؟

رئيس-

جنت ڪاري آهي!

جڙيل-

ها جنت ڪاري آهي! منهنجي ڌيءَ ڪاري آهي! مان کيس زنده نه ڇڏيندس! مان کيس زنده نه ڇڏيندس!! مان کيس زنده نه ڇڏيندس--!!

 

]رئيس جا ٽهڪ ٿيندا رهن ٿا –[

سين ڇهون

 

 

]ڏينهن جو تاثر- ڪتر جي مشين هلڻ جو آواز- ڪڪڙين وغيره جو شور-[

ربو-

جُود ڪري وٺ جانل، هڪ ٻه ڊڳڙي هڻي ڏينم ته وڃي ڪرت سان لڳان. رات به وڏيري جا ماڻهو آيا هئا؛ ڇيڙ تي وڃڻو اٿم.

جانل-

ان مئي جي ته ڇيڙ کٽي ئي ڪا نه ٿي! چار ڏوڪڙ هڙان خرچيندي تپ ٿو چڙهيس، چوي ته اهو به سو پراون هڏن تان نڪري ته چڱو!

ربو-

آهستي ڳالهاءِ چري! زمانو خراب آهي! ڪو ٻڌي نه وٺي!

جانل-

جُوءِ ٿي چرانس ڪينءَ؟ ٻڌي وٺندو ته ڇا ڪندو--؟

ربو-

وري به راڄ جو وڏو آهي. زور آور کان ڪن ڪجي ته چڱو!

جانل-

جو ڪرڻو هوس سو ڪڏهوڪو ڪري چڪو. باقي ڇڏيو ڇا اٿائين--؟

ربو-

(اُداس) اهي ڪهڙيون ڳالهيون کڻي ويٺينءَ جانل! گذريءَ کي گذري ڪجي. وِيل ويل جي ڪهڙي تان ڪهڙي پچار!

جانل-

اندر ۾ اٿم رت جون مانيون! زال ذات نه هجان ها ته جيڪر...

ربو-

مهڻو نه ڏي جانل، ائين ڇو نه ٿي چوين ته مان پيرسن ٿي ويو آهيان. جوانيءَ ۾ ڪنهن جي مجال هئي جو ربوءَ ڏي اک کڻي به ڏسي؛ ڳوڻ آن جي ڪلهي تي کڻي ڀريءَ بازار ۾ ڊوڙندو هوس؛ هڏ گسي ويا اٿم؛ ڪراڙو ٿي ويو آهيان تڏهن ته...

جانل-

ڇڏ ميان انهن ڳالهين کي؛ ڪجهه گذري آهي، باقي به گذري ويندي؛ رهندو نانءُ الله جو. اسان جو صبر آهي؛ صبر جي مار ڏاڍي بري ٿيندي آهي.

ربو-

سچ ٿي چوين؛ چڱو ڀلا، نيرن ڪرائينم ته وڃي پورهيو ڪيان.

جانل-

اڄ ته سيڌو سامان به اچي کٽو آهي؛ موٽندي عيدن جو دوڪان تان اٽو ٻاٽ وٺندو اچجانءِ. ها سچي—(خاموشي)

ربو-

ڇا پئي چيئي--؟ چپ ڇو ٿي وئينءَ--؟

جانل-

هيءَ ڪير آهي--؟

ربو-

ڪير آهي--؟

جانل-

ڪا اوپري ڇوڪري ٿي ڏسجي.

ربو-

ڪٿي آهي--؟ مان به ته ڏسان.

جانل-

ائي هوءَ سامهون پنڀيءَ وٽ ڪو نه بيٺي آهي؛ سدا ملوڪ؛ ڪپڙي لٽي مان ته ڪا سکر گهر جي ٿي ڏسجي.

ربو-

هائو ٻيلي؛ ساڻي ٿي ڏسجي؛ اُٿ جانل ڏس ته سهي؛ ڪير آهي--؟

جنت-

مونکي نه ماريو؛ مونکي نه ماريو؛ خدا جي واسطي مونکي نه ماريو.

ربو-

تون ڪير آهين ڌيءَ--؟

جنت-

مان ڪير آهيان--؟ مان ڪير آهيان--؟

جانل-

ها ها امڙ، ڏس ته سهي تون ڪير آهين--؟

جنت-

مان ڪاري ناهيان؛ مان ڪاري ناهيان؛ نه نه، مان ڪاري ناهيان؛ مونکي نه ماريو؛ مونکي نه ماريو.

ربو-

امان توکي ڪوئي نٿو ماري؛ سامت ۾ ته آءُ ٻچڙي؛ آءٌ، اندر آءُ.

جنت-

نه؛ توهان مونکي ڪهي ڇڏيندءٌ، مونکي ڪهاڙين سان ماري ڇڏيندءُ، مان مرڻ نٿي چاهيان!

ربو-

ڏاڍي دکي ٿي معلوم ٿين ڌيءَ، اسان تي ڀروسو ڪر امان؛ مان تنهنجي پيءُ جي آچار آهيان.

جنت-

پيءُ--؟ منهنجو پيءُ ته منهنجي خون جو پياسي هوندو (ڊپ مان) هو منهنجي پٺيان اچي رهيا آهن؛ هنن جي هٿن ۾ چمڪندڙ تيز ڪهاڙيون آهن، هنن جي اکين ۾ خون آهي؛ بچايو، بچايو؛ مونکي بچايو؛ خدا جي واسطي مون کي بچايو.

 

]اوچتو رمونءَ جا چرين جهڙا ٽهڪ گونجن ٿا؛ جنت خوف ۾ دانهن ڪري ٿي-[

رمون-

اچي وئي، اچي وئي، منهنجي ساران اچي وئي؛ هوءَ موٽي آئي آهي امان؛ (ٽهڪ) هوءَ مون ڏانهن موٽي آئي آهي؛ هوءَ مون ڏانهن موٽي آئي آهي؛ پر نه، هو توکي نه ڇڏيندا؛ هو توکي ٻيهر ڳولي لهندا؛ ۽ پوءِ؛ ۽ پوءِ ٽڪر ٽڪر ڪري درياءَ ۾ اڇلي ڇڏيندا. (ٽهڪ)

ربو-

(سختيءَ سان) رمون، چپ ڪري ويهه چريا.

رمون-

اڳي چپ ڪئي هئم بابا، تڏهن هو آيا هئا ۽ ساران کي کڻي ويا هئا؛ پر اڄ هو کانئن ڀڄي آئي آهي، ڏس بابا ساڳي آهي ته--؟ هوبهو ساڳي آهي. (ٽهڪ) تون وري مري ويندينءَ، هو توکي وري ماري ڇڏيندا، تون ڪاري آهين نه--؟ ۽ ڪاريءَ جي سزا موت آهي.

جانل-

رمون.

رمون-

رئيس اها سزا ڏيندو آهي، سندس ڀيڻ ڪاري آهي، پر هو کيس ڪجهه به نه چوندو. سندس ڀيڻ آهي نه (ٽهڪ).

ربو-

تون هن جي دل ۾ نه ڪر ڌيءَ، هيءُ ويچارو ته پنهنجي وس ۾ ئي ناهي.

رمون-

مان چريو آهيان؟ مان تو کان پوءِ چريو ٿي پيو آهيان ساران، مان چريو آهيان، مان چريو آهيان، هي سڀ ٿا چون ته مان چريو آهيان.

جانل-

هان ڌيءَ، پاڻي چڪو پيءُ، هنياءَ جهل ٿيندئي.

ربو-

تون ڪو به ڊپ ڊاءَ نه ڪر ڌيءَ؛ اسان مسڪين برابر آهيون، پر مهل پئي سرن جا سودا ڪندي به ڪو نه گسندا آهيون! اچ، اندر اچي ويهه.

رمون-

اندر نه وڃجانءِ! هن گهر ۾ بک رهندي اٿئي ۽ بک ماڻهوءَ کي ”هئو“ ڪري کائي ويندي آهي! ”هئو! هئو!“ – (ٽهڪ) بک نه هجي ها ته اسان غريب نه هجون ها، غريب نه هجون ها ته ساران نه مري ها. ساران نه مري ها ته رمون چريو نه ٿئي ها، سمجهينءَ--؟ (ٽهڪ)

ربو-

رمون، وڃ هتان. وڃي پنهنجو ڪم ڪر. هل، هل.

رمون-

وڃان ٿو بابا، مار ته نه. وڃان ٿو، وڃان ٿو. (ٽهڪ)

 

(وڃي ٿو--)

ربو-

مون دنيا ڏٺي آهي ڌيءَ، ڄاڻان ٿو ته جوان نياڻين جي اکين ۾ خوف جا پاڇا ڪڏهن پر ڦهلائيندا آهن. اِهو به ڄاڻان ٿو ته پيءُ جو نالو ٻڌي ڌيءَ ڪڏهن ڇرڪي اٿندي آهي.

جنت-

اهو ڪوڙ آهي، سراسر بهتان آهي. مان—مان—مان ڪاري ناهيان. بابا. مان ڪاري ناهيان، ڪاري ناهيان. مون ڪو ڏوهه نه ڪيو آهي. مون ڪو به گناهه نه ڪيو آهي.

جانل-

دلجاءِ ڪر امڙ، دلجاءِ ڪر.

جنت-

مان ڪاري ناهيان.

ربو-

مونکي تو تي ويسهه آهي ڌيءَ. (ڏکاري آواز ۾) اسان جي به گهر تي اها آپدا آئي هئي. رئيس منهنجي مومل جهڙي ننهن کي ڪاري ڪرائي مارائي ڇڏيو. ان کانپوءِ اڄ تائين منهنجو رمون ٻيهر سنئين نه ٿيو آهي.

جانل-

زال جي ڏک کيس چريو ڪري وڌو. منهنجو سڪيلڌو ٻچڙو چريو ٿي پيو آهي(سڏڪا).

ربو-

ساران بي ڏوهي هئي، پر اسان کيس بچائي نه سگهياسين. ۽ هوءَ مري وئي.

جنت-

ائين ڇو آهي بابا. ائين ڇو آهي--؟

ربو-

صدين جا ڀرم آهن ڌيءَ. ريتن رسمن ۽ رواجن جا نانگ آهن. پاليا اٿئون ته ڏنگ سهڻا به پوندا. ڪوڙي عزت، غيرت ۽ ناموس خاطر ٻين جي جان سان کيڏڻ اسان وٽ بهادري سڏي ويندي آهي، ۽ ڪمزور عورت هر بهادر جو شڪار پئي رهي آهي ڌي....، تون آرام ڪر،  ڏاڍي ٿڪل هوندينءَ، آرام ڪر ڌيءَ. آرام ڪر.

 سين ستون

 

 

]جري جي موسيقي—رئيس جي اوطاق تي محفل جو تاثر[

مجو-

وه واه! رنگ لڳي ويا رنگ.

رجو-

رئيس وٽ هوندين ته اهڙيون موجون ڪندين ڇورا!

مجو-

بس بابا، مولا ڏينهن ڏئيس. پوکڻ جهڙو آ پوکڻ جهڙو.

ڦوٽو-

اڙي بس ڪر ڇورا، مزو ٿو وڃائين. هئه هئه! صدقي.

رئيس-

ڦوٽا.

ڦوٽو-

جي سائين، حڪم ڪر سائين.

رئيس-

بند ڪراءِ هي گوڙ گهمسان. ڪڍ ٻاهر هنن سڀني کي

ڦوٽو-

ڇا ڳالهه آ رئيس--؟

رئيس-

دل اداس آهي.

ڦوٽو-

(زور سان) اڙي بند ڪيو اهي طبلا سارنگيون. کڻو ٽپڙ، هلو هتان. ڏسو نٿا رئيس جي دل اداس آهي.

 

(سڀني جي وڃڻ جو تاثر--)

ڦوٽو-

سربخت جو خير هجئي. رئيس ڳالهه ڇا آهي--؟

رئيس-

بي عزتيءَ جي بار هيٺان دٻجندو ٿو وڃان، جنت واري خبر هر هنڌ پکڙجي وئي آهي. يار دوست طعنا ٿا ڏين. مان ڇا ڪيان ڦوٽا--؟ مان ڇا ڪيان--؟

ڦوٽو-

رئيس هڪ دشمن ته وڃي پهتو پنهنجي رب کي.

رئيس-

ڪهڙو--؟

ڦوٽو-

جانو.

رئيس-

ڪارو چئه؛ ڀتين کي به ڪن اٿئي!

ڦوٽو-

رئيس جون ديوارون اوچيون ۽ مضبوط آهن. هتان مظلوم جي دانهن به ٻاهر نه ويندي آهي.

رئيس-

ڪم جي ڳالهه ڪر.

ڦوٽو-

ماڻهو کوج ۾ لڳل آهن. اجهو ٿي ڪٿان نه ڪٿان کڙڪ پوي، ۽ تنهن کانسواءِ (کلندي) جڙيل خان به ته ڌيءَ جي تلاش ۾ پريشان آهي. اِجهو هو اچي ويو.

 

(جڙيل اندر اچي ٿو—آهستي آهستي ٿڪل قدمن سان)

رئيس-

ڪر خبر جڙيل خان. ڪاريءَ جو پتو پيو--؟

جڙيل-

نه رئيس.

رئيس-

تو کيس ڳوليو--؟

جڙيل-

مون سڄو تر اُٿلائي ڏٺو آهي.

رئيس-

(ٽوڪ) ڌيءَ سان ڏاڍو پيار اٿئي جڙيل خان--؟

جڙيل-

ڪاري چئه رئيس.

رئيس-

اوهه! غيرت مند به آهين--!

جڙيل-

مُڏيءَ ڇريءَ سان نه ڪُهه ڀوتار! مارڻو ئي اٿئي، ته دونالي وهائي ڪڍ.

رئيس-

جو مهڻي سان نه مئو! تنهن کي دونالي ڇا ڪندي جڙيل خان!

جڙيل-

لوڪ ته ٻوڪ آهي وڏيرا! اندر جو ڦٽ ڪنهن ڦولهي ڏ‎‎ٺو آهي--؟

رئيس-

پيريءَ ٿڪائي وڌو اٿئي؛ نه ته ماڻهو مندو ناهين.

ڦوٽو-

جڙيل خان آڻ مڃي رئيس.

جڙيل-

وڏيرا.....!

رئيس-

اهو ڪم اسان کي ئي ڪرڻو پوندو ڦوٽا!

ڦوٽو-

جو حڪم رئيس!

رئيس-

ته پوءِ وارو ڪر. تر پار جي ڪنڊ ڪڙڇ ڳولي ڦولي ڪاري هٿ ڪر! اسان جي عزت جو سوال آهي.

ڦوٽو-

ائين ئي ٿيندو رئيس، اڄ رات ماڻهو توهانجي در تي هوندو.

 

سين اٺون

 

]جنت جي سڏڪن جو آواز –[

جانل-

نه روءُ ڌيءَ نه رو! روئڻ سان ڇا ورندو--؟

 

]جنت جا سڏڪا-[

جانل-

ڪي داغ ڳوڙهن سان به ڌوئي نه سگهبا آهن ڌيءَ!

جنت-

امان؛ مان بي قصور آهيان؛ مان بي ڏوهي آهيان.

رمون-

(ٽهڪ) هوءَ به بيڏوهي هئي. پر وئي... وئي... رئيس کيس ماري وڌو! (ٽهڪ) ڪاري هئي ڪاري! مري وئي مان ڪارو ناهيان! رئيس ڪارو ناهي! اسان ٻئي جيئرا آهيون--! (ٽهڪ)

ربو-

رمون؛ هوش ڪر پٽ!

رمون-

هوش--؟ (ٽهڪ) هوش وارا مري ويندا آهن بابا--! ساران سياڻي هئي! وئي—وئي--!

جانل-

اهي ڳالهيون دل سان نه لاءِ چريا!

رمون-

مان چريو ناهيان—مان چريو ناهيان! هي سڀ چريا آهن--! (ٽهڪ).

ربو-

وڃ وڃي سمهي رهه، رات لڙي وئي آهي.

رمون-

نه سمهندس! اڄ نه سمهندس بابا، اڄوڪي رات ڏاڍي خطرناڪ آهي بابا. ٻاهر اونداهي آهي؛ ٻاٽ اونداهي-. اڄ رات سڀ گڏجي جاڳنداسين، ڏاڍو مزو ايندو—(ٽهڪ)

جنت-

رمون---.

رمون-

مونکي ڪنهن سڏ ڪيو--؟ تو سڏيو ساران؟ مون کي تو سڏيو--؟

جنت-

مان جنت آهيان ادا.

رمون-

نه نه، تون ساران آهين، تون ساران آهين.

جنت-

ساران ته مري وڳئي ادا.

 

]گهوڙن جي هڻڪار-[

رمون-

ته پوءِ تون به مري ويندينءَ، تون به مري ويندينءَ—(ٽهڪ) ٻڌئي، ٻڌئي--؟ تو ٻڌو بابا--؟ تو ٻڌو امان--؟ ڪنهن ٻڌو--؟

ربو-

ڇا آهي پٽ--؟

 

]گهوڙن جي هڻڪڻ ۽ اچڻ جو آواز-[

رمون-

گهوڙن جو آواز—هو ٻڌو—پنج سال اڳ هوبهو اهڙو آواز آيو هو-- ۽ پوءِ هو آيا هئا ۽ ساران کي کڻي ويا هئا--!

ربو-

جنت ڌيءَ جلدي ڪر! ٻئي ڪوٺيءَ ۾ هل!

 

]در کي لت لڳڻ جو آواز- در کلي ٿو- چار پنج ماڻهن جي اندر اچڻ جو آواز-[

رمون-

(ٽهڪ) اچي ويا؛ اچي ويا! ڀڄ چريا مست اچي ويا-!

ڦوٽو-

پري هٽ چريا! جنت ڪٿي آهي-؟

ربو-

ڪير جنت ڦوٽا خان-؟

ڦوٽو-

چالاڪ ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر ڪراڙا! ٻانهن پيدا ڪر.

رمون-

 ٻانهن پئدا ڪر(ٽهڪ) ڪراڙا ٻانهن پئدا ڪر!

ربو-

مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي ڦوٽا خان!

ڦوٽو-

مون وٽ هر ڳالهه سمجهائڻ جو بندوبست آهي ربو! هيءَ ڪهاڙي ڏسين ٿو--؟

رمون-

(ٽهڪ) کڻي ويندا؛ کڻي ويندا! وري ساران کي کڻي ويندا. (ٽهڪ).

ڦوٽو-

(زور سان) بڪواس بند ڪر.

رمون-

بند ڪيم بڪواس، تون ڪر، تون ڪر؛ (ٽهڪ) تون ڪر ڪهاڙيءَ وارا.

ڦوٽو-

ڪاري پئدا ڪر پوڙها، نه ته ڪنڌ ڪوري ڇڏيندومانءِ.

ربو-

نه نه، ايڏو ڪيس نه ڪيو، خدا جي قهر کان ڊڄو. الله جو انصاف ڏاڍو ڏکيو اٿئي ڦوٽا.

ڦوٽو-

هيءَ وعظ جو وقت ناهي، هٽي پري ٿيءُ، اسان تلاشي وٺنداسين.

ربو-

نه نه، ائين نه ڪر ڦوٽا خان.

ڦوٽو-

هٽي پري ٿيءُ.

جانل-

ابا ڦوٽا، هيءَ جهولي ٿي جهليانءِ، ڊوهي ٿي وجهانءِ، اڳتي نه وڌجانءِ.

ڦوٽو-

اڙي وٺ‎وس چوٽيءَ کان؛ ڏسو ڇا ٿا؟

رجو ۽ مجو-

پري ٿي مائي.

 

]جنت جي چيخ[

رمون-

(ٽهڪ) ملي وئي؛ ملي وئي! ڪاري ملي وئي؛ ڪهاڙي واري کي ڪاري ملي وئي.

جنت-

ڇڏيو مونکي، ڇڏيو؛ خدا جي واسطي ڇڏيو!

رمون-

ڪاري ملي وئي، هاڻي بس ”ٺا“ ۽ پوءِ ساران مري ويندي! (ٽهڪ) مري ويندي--!

ڦوٽو-

(چماٽ هڻندي) دور ٿي وڃ منهنجي نظرن کان. ٻيهر ڏٺومانءِ ته لاش ڪتا کائيندئي، وٺي هلو هن رن کي.

جانل-

ابا واسطو اٿئي خدا جو! پلاند اٿئي پير جو! اهڙو قهر نه ڪر--!

ربو-

قيامت ۾ مري منهن ڏيکارڻو اٿئي ڦوٽا.

ڦوٽو-

سڀ پري ٿي بيهو نه ته ڦڦڙ ڦاڙي ڇڏيندومانو.

 

]جنت جون چيخون- سڀني جي ٻاهر وڃڻ جو آواز- گهوڙن جي پري وڃڻ جو تاثر-[

 

]ٿوري دير جي خاموشي- رمون جي هلڪن سڏڪڻ جو آواز-[

رمون-

ويا هليا! ساران کي وٺي ويا هليا! گهوڙي تي چاڙهي وٺي ويا هليا! هو کيس ٻيهر ماري وجهندا امان! هو ظالم آهن، هو ڏاڍا ظالم آهن.

 

نه نه! ساران نه مرندي! منهنجي ساران ٻيهر نه مرندي!

(ٽهڪ) ٻيهر نه مرندي! ٻيهر نه مرندي! نه مرندي!

(ٽهڪ).

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com