سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو : 17

 

 

اوُنده جي ڳولها

 

شيام جئسنگهاڻي

 

 

 

 

ڪردار:

 

گوتم

نرمل

آنند_ ٽي بيروزگار نوجوان

۽ نياپو کڻي ايندڙ ٻه شخص

 

 

اوُنده جي ڳولها

 

        ]اِسٽيج جي وچ تي، ڀت جي پس منظر اَڳيان، لکمپ پوسٽ جي گولاڪار روشنيءَ ۾ رکيل هڪ پراڻي رد ٿيل ڪاٺ جي پيتيءَ تي ٻانهن ٽيڪي ويٺل گوتم اَخبار پڙهڻ ۾ محو آهي. پٺيان ڀت تي چاڪ سان هڪ وڏو گول ليڪيل آهي، جنهن جي وچ تي وڏن اَکرن ۾ لکيل آهي_ ’اَسين‘.[

]پس منظر مان دهلن وڄڻ جو اوچتو آواز. آواز ويجهو اَچي، ساعت بعد دور ٿيندو وڃي ٿو. گوتم اُهي پل اَخبار بند ڪري ذهني طور آواز جو پيڇو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. آواز لڳ ڀڳ گم ٿي وڃڻ تي اَڃا اَخبار کولڻ جي ڪري ئي ٿو ته اِسٽيج جي هڪ طرف کان آيل نرمل روشنيءَ جي گولاڪار گهيري ۾ داخل ٿئي ٿو.[

نرمل:  (گردن کي ٻنهي طرف موڙيندي): بئنڊ باجا! هن ايراضيءَ ۾!

        (گوتم هاڪاري ڪنڌ لوڏ سان گڏ پاڻ به ڪنڌ لوڏيندي) ممڪن آهي فقيرن جي ڪا جماعت تاجپوشيءَ جي ريهرسل ڪندي هجي. تواريخ آهي، ڪڏهن به نئين سر لکجي سگهي ٿي.

        ]گوتم نرمل تان نگاهون هٽائي اَخبار طرف ڪري ٿو.[

نرمل:  (پيشيمانيءَ واري نوع ۾): اوه مونکي اَفسوس آهي، گوتم. مون کان وسري ويو ته اَڄ تنهنجو ’مون ورت‘ آهي. يار، اِئين سمجهه ته مان نه پر ڪنهن ناٽڪ جو ڪردا ’نمونو لاگ‘ پيش ڪري رهيو آهي. ]چوندي چوندي رمل گوتم جي ڪلهي تي هٿ رکي ڪاٺ جي پيتيءَ مٿان ويهي رهي ٿو.

        ]اِسٽيج جي هڪ پاسي کان ڪنهن جي تڪڙن قدمن جي آهٽ. گوتم ۽ نرمل، ٻئي جنهن طرف نهارين ٿا، آنند اُن طرف کان اِسٽيج جي روشن دائري ۾ داخل ٿئي ٿو.[

آنند:   (ذري گهٽ سهڪندي): سڀ جڳهيون ڳولهڻ بعد خيال آيم ته اَوهين ٻئي هن گهٽيءَ جي آخرين لئمپ هيٺيان ئي هوندا.

نرمل:  (آنند کي سر کان پيرن تائين جاچيندي): هراس ۾ ڇوآهين آنند؟ ڪير مري ويو اَٿيئي؟

آنند:   (سر کان پيرن تائين پنهنجو جائزو وٺندي ۽ هلڪو کنگهندي): مان توهان کي ئي ڪوٺڻ آيو آهيان.

نرمل:  (اِشاري سان پڇندي): ڪنهن جو جنازو کڻڻو آهي؟

آنند:   اَسان جا ڪجهه دوست اين.اين ڪمپنيءَ طرف دهل ڌماڪا کڻي وڃي رهيا آهن. سندن اِرادو آهي ته اَسين_ اَوهين سڀ دوست اُن ۾ شامل ٿيون.

نرمل:  يعني اَسين به هلي دهل وڄايون؟

آنند:   (نرمل جي سوال ڏانهن ڌيان ڏيڻ بنا): اين.اين ڪمپنيءَ ۾ اَڄ رات ٻه ملازم رٽاير ڪرڻ وارا آهن. هيءَ شفٽ سندن آخرين شفٽ آهي.

نرمل:  اُن موقعي تي اَسان کي اُتي هلي ڇا ڪرڻو آهي؟ دهل وڄائي تماشبينن جا ڦٽا ڪيل پئسا ميڙڻا آهن؟

        ]آنند حيرت وچان گوتم طرف نهاري ٿو. گوتم اِئين ويٺل آهي ڄڻ سندس هن دنيا سان ڪوبه تعلق ڪونهي.[

آنند:   پروگرام موجب اَسان جا ڪجهه دوست اين. اين. ڪمپنيءَ وٽ پهچي نهايت بلند آواز ۾ دهل وڄائي مئنيجمينٽ جو اُن طرف ڌيان ڇڪائيندا ته کين رٽاير ڪيل ملامزن واريون خالي جڳهين جلد اَز جلد ڀرڻ کپن.

        (گوتم طرف مخاطب ٿي) اي گوتم، تون هن طرح هڪ ناڪامياب ’هائيڃئڪر‘ جيان ڇو چپ آهين؟

نرمل:  گوتم جي زبان اَڄ ’پئرلائيزڊ‘ آهي.

آنند:   (اَچرج ۾ اَکين ويڪريون ڪندي) ڇا؟

نرمل:  (پير زمين کي هڻندي) گوتم_ جي_ زبان_ اَڄ_ پئرلائيزڊ آهي.

آنند:   ناممڪن.

نرمل:  اِها حقيقت آهي آنند. اَچ آنند، ويهه ]باڪس جي هڪ طرف لڳ ڀڳ روشنيءَ جي ڇيڙي تائين رڙهي وڃي ٿو. آنند ويهڻ بجاءِ نرمل جي چهري ڏانهن نهاريندو رهي ٿو.[

نرمل:  (اَعلان ڪندي) اَڄ گوتم جو ’مون ورت‘ آهي.

آنند:   (ڇوٽڪاري جو ساه ڇڏيندي) اوه، گوتم ۽ مون ورت! اِها ڪفايت ڪهڙيءَ قومي يوجنا جو حصو آهي؟

نرمل:  لفظ_ رفظ_ لفظ (پڙاڏو). جاڳندي_ هلندي_ ويهندي.

لفظ_ لفظ_ لفظ (پراڏو). جيئڻ ناهي گويا لفظن جي ساگر ۾ ترڻ جو شرط آهي. ]چوندي چوندي نرمل اُتساه ۾ ڪاٺ جي پيتيءَ مٿان چڙهي وڃي ٿو_ بلڪل ليڪچر ڏيندڙ شخص جيان.[

آنند:   لڳي ٿو تنهنجي روڪڻي ڍلي ٿي ويئي آهي.

نرمل:  (پيتي تي بينڍي) اِهو ئي ته (پل روڪجي) گوتم جو به اِهو ئي فيصلو آهي ته لفظ گسي ڪمزور ٿي ويا آهن.

آنند:   اِنڪري؟

نرمل:  (پيتيءَ تي بيٺي) اِنڪري لفظن مان هربل معنيٰ نٿي نڪري، ڇو ته دهراءَ سبب لفظن پٺيان جذبو نٿو رهي. جذبو نٿو ملي؟

آنند:   ان جو علاج ڇا ’مون ورت‘ ئي ٿي سگهي ٿو؟

نرمل:  (پيتيءَ تان هيٺ ٽپندي) درست لفظن کان ڪنارو. تعليم ۽ واهپي ۾ آيل زبان کان ڪنارو. اَڌ مئل جذبن کي اَڌ مئل لفظن ۾ بدلائڻ واريءَ اِن ورڪشاپ کي تالو. مؤن، (مؤن لفظ کي ’اوم‘ جي لنبي دير هلندڙ اُچارن جيان اُچاريندي). صرف مؤن_ ماٺ.

        (نرمل هيٺ ويهندي آنند کي ويهارڻ جي ڪوشش ڪندي) اَچ آنند ويهه.

آنند:   (بنا چرپر نرمل ڏانهن نهاريندي) نه، مان ويهڻ نٿو چاهيان، اَوهان جي ماٺ کي دوستن جي ننڍيءَ وڏيءَ تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ ٿو چاهيان.

نرمل:  (ٽهڪ ڏيندي) اِشارو ڪندي) آنند تو شايد پنهنجي، منهنجي، اَسان جي هن ڀت تي ليڪيل جنم ڪنڊلي نه ڏٺي آهي.

آنند:   گول ٽپڻ لاءِ هوندا آهن.

نرمل:  جيئن دهل وڄائڻ لاءِ هوندا آهن.

آنند:   بلڪل. هر سرشتي کان واقف ٿيڻو ئي پوندو آهي. نوڪري به ته ٻين جي اِشارن تي هلڻ آهي، پگهار اُن جو ئي اُجورو آهي.

        ]گوتم اَخبار بند ڪري پٽ ۾ اُڇلائي ٽي دفعا زور سان تاڙي وڄائي ٿو[

آنند:   (خفگي وچان) او گلن ۾ گول ليڪيندڙ گونگا مسيحا! تون اِن طرح منهنجي کل نٿو اُڏائي سگهين!

نرمل:  (آنند کي صبر جو هٿ ڏيکاريندي) تنهنجي هر رٿ هر سوال جو جواب گوتم توکي سڀاڻي ڏيندو؟

آنند:   وقت نه رڪجندو آهي.

نرمل:  مرندڙ وقت جا اَسين تماشبين اُن کي روڪي به ڇا ڪنداسين؟ ڇا پائينداسين؟

آنند:   نرمل تون اَڄ گوتم وانگر ٿو ڳالهائين. ليڪن گوتم اَڄ گونگو آهي. هو اَڄ صرف ’چيز‘ آهي. هي اِز ميئرلِي اَئن آبجيڪٽ. هي اِز ڊيڊ. هڪ ڏينهن لاءِ هو مرده آهي.

نرمل:  بنيادي طور اسين سڀ ’ايڪسپلائٽرس‘ آهيون. تون به، فرق صرف موقعي ۽ طريقي جو آهي.

آنند:   گوتم جي ماٺ سندس چاهيل ماٺ آهي جا مان پسند نٿو ڪريان. اعتراض طور مان هتي موجود رهڻ نٿو چاهيان.

        ]آنند روشنيءَ جي دائري جي ذري گهٽ ڇيڙي وٽ پهچي، رڪجي وري پٺتي گوتم طرف نهاري اِشارو ڪري ٿو.[

آنند:   ياد رکج گوتم جي ماٺ دوکو آهي. گوڙ ۾ گهيريل، شور ۾ دٻيل لفظن جي سهاري محتاج اسان جي هستي ڀل معنيٰ ڀري نه لڳندي هجي، پوءِ به اسين اُنهن سهارن ذريعي جيئون ٿا.

نرمل:  تون انڌي جي لٺ تي ليڪچر ڏيئي رهيو آهين.

آنند:   مان مئل هاٿيءَ تي ڳالهائي رهيو آهيان. ان ڪري لازمي آهي ته گوتم خاموشي ٽوڙي (گوتم ڏانهن مخاطب ٿي، هڪ قدم روشنيءَ اندر وڌندي) ڪم آئوٽ آو يوئر شيل گوتم. پنهنجي کوپي مان ٻاهر اچ، اي پٽ ڪينئان. ڳالهاءِ.

نرمل:  آنند توکي ويهڻ کپي.

آنند:   گوتم، تون هن کي سمجهاءِ. هي اِز ڪمنگ آن ماءِ نروز. مان.... مان.... (هٻڪي ٿو)

نرمل:  (آنند جي هٻڪندڙ آواز سان ترت سر ڳنڍيندي):

        تون.... تون.... تون منهنجو خون ڪندين.

آنند:   (ٽهڪ ڏيئي) بلڪل.

نرمل:  (ساڄي هٿ جي ڏسڻي سان هوا ۾ ناڪاري ڪمان کيچيندي) نه اِها همٿ تو ۾ ڪانهي.خون قانوني چنبو. ڦاسي. رک. سلسلي جا چار ڏاڪا آهن (گوتم ڏانهن اِشارو ڪندي) هو ڏس گوتم سڌو چوٿين ڏاڪي جي نمائش جي تياري ڪري رهيو آهي.

        ]گوتم اُن وقت سگريٽ دکائي پورو ڪري ٿو. اِسٽيج جي هڪ طرف کان هڪ شخص روشنيءَ جي دائري ۾ داخل ٿئي ٿو. گوتم ۽ نرمل جون سوالي نگاهون نئين آيل شخص طرف مڙن ٿيون. ليڪن آنند اُن شخص کي واپس وڃڻ جو اِشارو ڪري ٿو.[

آنند:   (آيل شخص کي) تو هتي به مونکي گولهي ڪڍيو. وڃ، مان جلد ٿو اچان.

        ]آيل شخص چپ چاپ واپس اِسٽيج جي هڪ طرف هليو وڃي ٿو.[

آنند:   منهنجي گهروارا مانيءَ وقت اڪثر مونکي ڳولهيندا آهن.

نرمل:  (ٽهڪ ڏيئي) (ياد ڏياريندي) اُهائي ’مئٿميٽڪ‘؟

آنند:   ها. خرچ جي تازه ترين تفصيلن جو دهراءُ. گهر جا ڀاتي نه بلڪ ’ڪئلڪيوليٽنگ مشينس‘.

نرمل:  آنند، حساب ڪتاب وساري ڪجهه وقت لاءِ توکي ويهڻ کپي.

آنند:   (واچ طرف نهاري) اُف.

نرمل:  (پنهنجو پاڻ کي) گول ئي گول آهن. دهل. لفظ. واچ وقت. ڏينهن_ رات_ جنم_ مرڻ.

آنند:   (ناٽڪي انداز ۾) بس حد ٿي چڪي. گوتم تون نرمل کي سمجهاءِ. اگر اڄ مان هن جو خون ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويس ته سڀاڻي پڪ ئي پڪ هن جو آخرين ڏينهن هوندو.

نرمل:  (ساڳئي آنند واري لهجي ۾) مونکي پرارٿنا لاءِ ملهت نه کپي.

آنند:   گوتم تون شاهد آهين.......

نرمل:  مونکي شاهد جي درڪار ڪونهي.

آنند:   ته پوءِ مان اهو تواريخي ڪارنامو دستوري طرح اَکيون پوري ڪندس. آخر به اَسين دوست آهيون.

نرمل:  (اَلڳ آواز ۾) ڪجهه ڪونه ٿيندو. هڪ بيڪار شخص، بيڪار عضوي جو ختم ٿيڻ باقي بچيلن لاءِ مجموعي وردان بڻبو.

آنند:   (هامي ڀريندي گنڀير آواز ۾) ييس، ديئر ول بي سمدنگ سرپلس فار ادرس. واڌ اڻلکي سهين، ٻين جي حصي تي اثر ضرور ڇڏيندي.

نرمل:  (گردن جهڪائيندي) مان تيار آهيان.

        ]پس منظر مان ڪڪڙ جي ٻانگ جو آواز اچي ٿو.[

نرمل:  (گردن سڌي ڪري، پس منظر طرف اِشارو ڪري) ٻڌ...... ڪڪڙ جي ٻانگ هروڀرو صبوح هئڻ يا صبوح ٿيڻ جو ثبوت ڪونهي. ڏس اڃا رات شروع مس ٿي آهي.....

        ]پس منظر۾ اوچتو شور پئدا ٿئي ٿو. ٽيئي ڪن سرلا ڪن ٿا.[

نرمل:  ڪجهه ضرور آهي.

آنند:   ڇا ٿو ٿي سگهي؟

نرمل:  گڙٻڙ. منهنجي راءِ موجب اَسين هن بيمار روشنيءَ مان اُٿي ڪٿي ٻيءَ اونداهي جڳهه تي هلي ويهون. آنند، روشنيءَ جي غيرموجودگيءَ ۾ توکي منهنجو چهرو برابر نظر نه اچڻ سبب قاتلانه خيال اچڻ به بند ٿي ويندا.

        ]پس منظر ۾ وري شور پئدا ٿئي ٿو. هڪ شخص گهٻرايل چهرو کڻي اِسٽيج جي روشن دائري ۾ داخل ٿئي ٿو.[

آيل شخص: (سهڪندي) توهين..... (ياد ڪندي) توهان کي....... نالو ياد نٿو اچيم.... مين روڊ تي باه لڳي آهي. توهان کي ڪوٺي اچڻ لاءِ چيو ويو آهي.

نرمل:  اسان کي ڇو؟

آيل شخص: توهين.... (ٽنهي جي شڪلين ڏانهن نمبروار نهاري)..... ڳالهائڻ لاءِ وقت ڪونهي.... جلد اچو.... ]آيل شخص تڪڙو تڪڙو واپس وڃي ٿو.[

آنند:   ڪنهن شايد اسان لاءِ ڪم ڳولهي ڪڍيو آهي.

نرمل:  وه وا.... وه وا.....

        ]گوتم مختصر روُم ۾ ٽي دفعا تاڙي وڄائي ٿو.[

نرمل:  اسين ڇو هلون؟ دس اِز ڪليئر ايڪسپلائٽيشن. ڇو نه ڪنهن اونداهي هنڌ هلي ويهجي. گهٽيءَ جي هيءَ آخرين لئمپ پوسٽ به اسان جي ويهڻ لاءِ موزون جڳهه ڪانهي. اسان کي هتان هلڻ کپي، گوتم.

        ]يڪ ٽڪ نگاهن سان بوتي جيان گوتم اُٿي بيهي پير مان جوتو لاهي ساڄي هٿ ۾ جهلي ٿو.[

نرمل ۽ آنند: (عجب وچان) گوتم.

گوتم:  (ڏائي هٿ سان وات ۾ سگريٽ جو بچيل ٽڪرو ڪڍندي، ڳري آواز ۾) اونده جي ڳولها..... ها ها ها.... ]ٽهڪ ڏيئي گوتم جوتي سان لئمپ پوسٽ ۾ لڳل بلب تي وار ڪري ٿو. ايسٽيج تي اونده ڇانئجڻ سان گڏ بلب جي ڇيهون ڇيهون ٿيڻ جو آواز اچي ٿو. پردو ڪرڻ سان گڏ پس منظر مان فاير برگيڊ جي وئن مان وڄندڙ گهنڊن جو آواز اچي ٿو.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com