سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ايڪانڪي

 

صفحو :7

سڀان جو سمر

 

داس طالب

 

 

 

 

پاتر

 

نرمل_  مئٽرڪ پاس ڪيل جوان، مفلس ۽ بيڪار

لاجو_  نرمل جي ڌرمپتني

شيلو_  نرمل ۽ لاجوءَ جي ننڍي ڪڪي

سنتو_  نرمل جو گهرو دوست ۽ پاڙيسري

 

 

سڀان جو سمر

 

(پردو کلي ٿو)

        (هڪ غريب گهر جو نظارو پيو ڏسجي. گهر ۾معمولي سامان بلڪل بريءَ طرح ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. هڪ طرف ٻه ڇنل کٽون، مٿانئن ميريون چادرون ۽ ٻه ٽي وهاڻا رکيل آهن. ڀت تي ميرا ڪپڙا لٽڪي رهيا آهن. ٻئي طرف ٻه ٽي خالي دلا ۽ باسڻن جي کاري ۽ ڪوئلي جي سگريءَ کان سواءِ ڊالڊا جا خالي دٻا ۽ ڀڳوان جي ننڍڙي مندري آهي. لاجوءَ مندريءَ اڳيان پٿڙڻيءَ تي ويٺي آهي_)

لاجو:   (روئڻهارڪي ۽ جوشيلي نوع ۾) ڀڳوان! ڇا تو ۾ اَسان ٽن جيون کي آجيوڪا ڏيڻ جي به سمرٿي ڪانهي.... آخر اَسان تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ جواب ڏي ڀڳوان! جواب ڏي نه ته....

(ڏڪندڙ هٿن سان مروت کڻي ڀڃڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي)

سنتو:  (اندر ايندي_ درشيه ڏسي اکين کي هٿ ڏئي ٿو) هري اوم ست اَٺ هري اوم ست اَٺ. ڀڳوان! دنيا ۾ سڀني جو مؤت ٿيندو ڏسي سگهان ٿو ليڪن تنهنجو موت نه، زماني منهنجي دل اهڙي ته نرم ڪري ڇڏي آهي جو تو بيگناهه جو موت ڏسي منهنجو هنيانءُ ٿو ڦاٽي.

لاجو:   (اکيون اُگهندي، ڀڳوان جي مورت واپس رکندي اُٿي ٿي۽ سنتوءَ طرف وي ٿي) ليڪن سنتو! ٻيو ڀلا ڇا ڪجي؟ جنهن ڀڳوان جي آسري ڇهه مهينا بک ڏک سهي، گهر جا ٽپڙ نيلام ڪري، پيٽ کي پٽيون ٻڌي وقت ڪاٽيوسين ۽ جي ڀڳوان اَڃا به ڪجهه نه ٻڌندو ته آخر ضرور.....

سنتو:  (لاجو کي وچ ۾ ڪپيندي) ته...... ضرور ڀڳوان کي به تين وال ڪبو. ائين نه؟ ڇه ڇه ڀاڀي! متان ائين ڪريو. ڀڳوان ۾ اعتبار رکندا اَچو. اِنهيءَ ڀڳوان نه جنهن مهل هٿ وارو ويل (Wheel) ڦيرايو ته ڏسج ويٺي ته ڪيئن نه توهين ڪکپتيءَ مان بدلجي لکپتي بڻجي ٿا پئو.

لاجو:   نه سنتو! ڀڳوان کي ڪجهه ڪرڻو هجي ها ته گهڻو ڪي اَڳي ڪري ها. مان ته سمجهان ٿي ته اَڄ هو اَسان غريبن لاءِ بلڪل گهري ننڊ ۾ ستل آهي.

سنتو:  هري اوم ست اٺ. هري اوم ست اٺ. شانتي! ستگر شانتي!! نه ڀاڀي! توهين يقين رکو. ڀڳوان جي درٻار ۾ دير آهي، پر انڌير ڪونهي. هن جي ديڳ تپندي دير سان پر جنهن وقت نه تتي ته ٻاڦ جي زور تي هنن شاهوڪارن کي پيڙهين نسلين اوٻاري جلائي ڇڏيندي.

لاجو:   پر جيستائين هنجي ديگ تپي تيستائين ڇا ڪريون؟

سنتو:  تيستائين هن جو ڀڄن ڪندا اچو، زور زور سان گهنڊ گهڙيال وڄائي هن ڪنڀڪرڻ کي ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندا اچو.

لاجو:   پر انهن گهنڊن گهڙيالن سان پيٽ ته ڀرجي ڪونه سگهندو. سنکن ۽ نادن جي آوازن سان بدن ته ڍڪجي ڪونه سگهندو. پيٽ لاءِ ته اَن گهرجي ۽ اَنگ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو.

سنتو:  فڪر نه ڪريو. ايڪاگر من سان اوهين ڌڻيءَ کي ڌيائيندا اَچو. هڪ ڏينهن هو ضرور اَوهان جي پوڄا تي اَوهان لاءِ اَن ۽ اُن جي برسات وسائيندو.

لاجو:   اَسان کي اَن ۽ اُن جي برسات نه گهرجي. منهنجي ته ايشور کي اهائي وندنا آهي ته ”هنن“ کي اهڙي ڪا نوڪري ڏئي جو اَسين ٽي سرير گهر ۾ سکيو ٽڪر کائي سگهون.

سنتو:  نوڪري!! اَڙي ري ري..... ڀڳوان جي دربار ۾ ته فقط اَن جا باردانه ۽ اُن جا ڪارخانا آهن. هن وٽ ايمپلائمينٽ ايڪسچينج (Employment Exchange) جي آفيس ڪٿي آهي جو نرمل کي نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍائي موڪلي.

لاجو:   تنهنجي معنيٰ ته ”هنن کي نوڪري نه ملندي؟!!

سنتو:  ملندي ڇو ڪين؟ نرمل مئٽرڪ پاس ڪيل آهي. عمر ۾ به پنجويهن کان ننڍو آهي. صحت، عقل ۽ دماغ سڀ سالم اٿس. نوڪري ڇو نه ملندس. پر مان سمجهان ٿو ته انهيءَ لاءِ کيس بڙودي جي ايمپلائمينٽ ايڪسچينج آفيسر کي هٿ پير جوڙڻا پوندا.

لاجو:   پر اهي هٿ پير جوڙيندي به کيس ڀريا ڇهه مهينا ٿيا آهن. اَڃا ته اُميدن جي هڪ جهلڪ به ڏيکاري نٿي ڏئي.

سنتو:  اَڇا! يعني نرمل گهڻي ئي ڪانگ اُڏايا آهن، پر اَڃا تائين نوڪريءَ جو نياپو نه آيو آهي. ڀلا ڪانگن سان گڏ ڪجهه ڪلدار به ڳنڍيائين يا صرف نياپا مڪائين.

لاجو:   (ٿورو منهن گهنجائيندي) مون تنهنجو مطلب ڪونه سمجهيو. تون اَلائي ڇا چئي رهيو آهين.

سنتو:  اوهه ڀاڀي! منهنجو مطلب آهي ته اَڄ هر چيز تي ٽئڪس لڳي پيئي آهي. اِنڪم ٽئڪس، سيلس ٽئڪس، بيبي ٽئڪس، موت ٽئڪس ۽ روئپوش ٽئڪس.

لاجو:   (ٿورو خفي ٿي) تون اَڄ ڳالهائين ڇا پيو. ٻڌايومانءِ ته ڇهن مهينن لاڪر ”پاڻ“ هر روز جتيون گسائيندا رهيا آهن پر اَڄ ڏينهن تائين ته آفيسر ننو اَکر واري ويٺا آهن.

سنتو:  ضرور واريندا. پئسي بنا پرساد هريداس به نه ڏئي هٿ ۾_ سو هي آفيسر جيسين روئپوش ٽئڪس نه وٺندا تيسين مجال آهي جو ڪنهن جي مدد لاءِ ڦڙت ٿين، جهڙيءَ طرح ڀڳوان کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ تون گهنڊ ۽ جهانجهه ٿي وڄائين تهڙيءَ طرح هنن اَڻاسن آفيسرن لاءِ به چانديءَ جو کڙڪو گهرجي نه.....

لاجو:   لين سنتو! اَسان مفلس وٽ اُها چاندي اَچي ڪٿان؟ نوڪري هجي ته پنج ٻه رپيا انهن مئن کي به ڏجن، پر.....

سنتو:  پنج ٻه!!! هري اوم ست اٺ! هري اوم ست اٺ!!!! ڀاڀي! پنج ٻه رپيا نه، پنج ٻه سؤ ۽ هزار چئه هزار!! هان.....

لاجو:   (ڇرڪ ڀريندي) هاءِ ڀڳوان!..... تڏهن ته باهه ڏي هن بڙودي کي؛ اَڄ ئي بمبئيءَ وڃي نوڪريءَ جي ڪوشش ڪجي.

سنتو:  بمبئي!..... ۽..... نوڪري!! جنهن شهر ۾ پيڙهين جون پيڙهيون بيروزگاري ۽ بيڪاريءَ جو بک ٿي مساڻن ۾ باهه جو بک ٿيون؛ اُت نرملداس هليو آهي نوڪري ڳولڻ..... (نرمل ٿڪل ٽٽل حالت ۾، مٽيءَ لٽيل ميرن ۽ غليظ ڪپڙن ۾ اَچي ٿو ۽ ٿورو گهڻو سهڪندي اَچي کٽ تي سمهي ٿو.... ليٽيل ئي ڳالهائي ٿو)

نرمل:  توبهه!! اهڙي بي مزي ۽ ڪرم هيڻ جيوت کان ته موت بهتر. موت ۾ ڪم از ڪم پيٽ ۽ پٺ جي ته چورا کورا لڳل ڪانه هوندي.... (کن بعد) لاجو! بڙودي ۾ منهنجي دال نه ڳڙي. هينئر ئي بسترو گول ڪر ته بمبئيءَ  هلون؟

سنتو: ڳنڀير ٿي، بمبيءَ !! ڇا نوڪري ڳولڻ لاءِ بمبيءَ وڃي رهيا آهيو

نرمل:  (کٽ تان ٿورو اُٿندي) ها، سنتو! بڙودي ۾ ته هر دفتر ۾ ”جڳهه خالي ڪانهي“ جا بورڊ ڏسي ڏسي منهنجون ته اَکيون ٿيون سور ڪن.

سنتو:  ها! ها! بمبئيءَ ۾ ته اسٽيشن تي ئي اُوهان کي نوڪريءَ جو آرڊر ملي ويندو.

نرمل:  نه، نه. پر اُتي ٿوري ڪوشش سان ملي ويندي. ٻيو ته بمبئيءَ ۾ آفيسون به اَڪيچار آهن. ڪٿي نه ڪٿي ڪلارڪي جلد ملي ويندي.

سنتو:  ڪلارڪي! هه.... هه.... هه.... ڪلارڪي !! اَن جو منهن جنڊ ڏانهن؛ مئٽرڪ جو منهن ڪلارڪيءَ ڏانهن.

نرمل:  ته، اِها ڪلارڪي نه ته ڇا تو وانگر پاني ۽ پيچڪش سان وتان فقط پيچ پختا ڪندو، نه بابا، مون کان اِها بازن جي ڇن پٽ نه پڄندي. ٿڌيءَ ڇايا هيٺ سانتيڪي جيوت واري سوا سؤ واري ڪلارڪي صدربار بهتر آهي، تنهنجي اِنهيءَ اَڍائي سؤ رپئي واري ورزش کان.

سنتو:  پر اُها ڀڳي ٽٽِي ڪلارڪي به جي ملئي نه، نرمل! مان منڍ کان توکي چوندو ٿو اَچان ته دماغ مان اهو ڪلارڪيءَ جو اُٺ ڪڍي ڇڏ. هڪ ڏينهن تون انهيءَ رينگٽ کي ٻنجو ڏي ته ٻئي ڏينهن مان توکي نوڪري وٺي ڏيان.

نرمل:  تنهنجي معنيٰ هي جو مون مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ هيڏي مٿاڪٽ ڪئي سا سڀ اَجائي!

سنتو:  ڪير ٿوچوي اَجائي. پر مئٽرڪ پاس ڪرڻ جو مطلب هروڀرو ڪلارڪي ڪونهي. ٻيون نوڪريون هندستان ۾ کٽيون آهن ڇا جو هروڀرو ڪلارڪيءَ پٺيان ڪاهي پيو آهين؟ تون منهنجي حالت ڏس. مون مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد هڪدم مڪئنڪ لائين اَختيار ڪئي. اَڄ گهڻن ڪلارڪن کان بهتر آهيان.

نرمل:  تنهنجي ڳالهه جدا آهي سنتو. توکي ته انهيءَ لائين واسطي چاهه به هئو ۽ ڪجهه قابليت به. پر مان انهيءَ لائين ۾ بلڪل ناڪام ويندس. لوهه جو ننڍو اوزار ڏسي ئي مان ڇرڪندو آهيان سو هيڏين مشينن سان ڪيئن ڪم ڪري سگهندس.

سنتو:  اها ڳالهه ڪا نئين ڪونهي. سياري جي مؤسم ۾ تازي پاڻيءَ سان سنان ڪرڻ اِنسان کي ڏاڍو مشڪل لڳندو آهي، پر هڪ دفعو همٿ ٻڌي لوٽو مٿي تي وڌائين ته کيس سيءُ نه ستائيندو.

نرمل:  پر اها همٿ به مون ۾ اَچي ڪٿان ۽ وڏي ڳالهه ته اها آهي ته مون مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ڪنهن به مل يا مشنريءَ ۾ نوڪري ڪئي ڪانهي ۽ خبر ئي ناهي ته ماڻهو مون لاءِ ڇا ڇا چوندا.

سنتو:  ها! ها! تون جيڪڏهن مڪئنڪ ٿيندين ته ماڻهو اَصل تنهنجي گهر ٻاهران اَچي ”پڪيٽنگ“ ڪندا ۽ در تي تڏا وڇائي ويهي روئندا تنهنجي حالت تي، اِئين نه؟.....

نرمل:  نه، نه، هروڀرو اِئين ڪونهي، پر ته به چؤپچؤ ته ٿيندي نه!

سنتو:  چاچي چؤپچؤ، زماني جا ماڻهو ته چڱي به بڪن ۽ مٺي به، تون زماني جو ايڏو سانگو ٿو ڪرين ته ڀلا ٻڌاءِ ته جنهن وقت تنهنجي گهر جي نوبت فاقه ڪشيءَ تائين اَچي پهتي آهي ته زماني جي ماڻهن ڪڏهين توکي کنگهي به پڇيو آهي؟

نرمل:  نه، پر سنتو تون سياڻو آهين. سمجهين سگهين ٿو ته جي ماکيءَ جي گهرج هجي ته ماکيءَ جي ماناري کي لت نه هڻجي. آخر به ته اَسان کي زماني ۾ رهڻو آهي.

سنتو:  پر مون ته توکي ڪونه چيو ته زماني ۾ نه رهه. مان ته صرف اِهو ٿو پڇان ته آخر به هٿ جي پوڙهئي ڪرڻ ۾ ڪهڙو اَهم آهي؟ اهي ڪلارڪ ڪلارڪيءَ مان ڪهڙا ٽڪا ٿا وٽين جو تون هتي نه وٽيندين؟

        ]شيلو بلڪل ميرن ڪپڙن ۾ اَچي پيءُ (نرمل) کي چنبڙي ٿي. نرمل کيس گود ۾ ويهاريندي، ڳالهائڻ جو سلسلو جاري کري ٿو.[

نرمل:  پر به مونکي هڪ دفعو بمبئيءَ وڃي نصيب آزمائڻ ته ڏي. من ڪٿي ٿڌي هوا واري نوڪري ملي وڃي ۽ مون سفيد پوش جي لڄ رهجي اَچي.

سنتو:  ڀل آزماءِ، هڪ دفعو ڇا پر سؤ دفعا آزماءِ. پر مونکي تپرس انهيءَ تي ٿو لڳي ته تون ٻارن ٻچن وارو ٿي ڪري، ههڙي حالت کي اَچي پهتو آهين، ته به شان جو ڍنگر رکڻ ٿو چاهين! ڄڻ سمجهين ٿو ته هي هٿ جو پوڙهيو ڪندڙ ڪڙمي ڪاسبي، مزدور مڪئنڪس سڀ ڪي ڀٽڪا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جنهن کان تون سفيد پوش ڇرڪين ٿو.

نرمل:  آ۽ ڇرڪان نٿو، پر منهنجي دل ۾ اهو ڄڻ نشچيه ٿي ويو آهي ته مونکي بمبئيءَ ۾ پڪ نوڪري ملي ويندي.

سنتو:  مان نٿو سمجهان، پر خيال ڪر ته آخر بمبئيءَ ويندين ڪيئن؟ هينرئ تو وٽ ته هڪ ڪارو پئسو به ڪونهي. توکي قرض ڏيڻ کان هرڪو ڪيٻائيندو. پر جي ڪنهن قرض ڏنئه نه ته به بمبئيءَ جي ڳاٽي ڀڳن خرچن ۾ ايڏو ته پيسجي ويندين جو ڇهن جنمن ۾ به اهو قرض اَدا ڪري نه سگهندين.

نرمل:  نه، بمبئيءَ جا خرچ هروڀرو اَهڙا ڳرا ڪونهن.

سنتو:  بلڪل مؤتمار خرچ آهي نرمل! اُتي اُٿ به پئسو ته ويهه به پئسو. اها بمبئي ئي ته آهي جنهن ڪيترن ڪٽبن جا کوها کڻائي ڇڏيا ۽ اَڄ سندن انس جو نشان به ڪونهي. (طنز سان) بمبئي تو مون پاري لاءِ ڪونهي، نرمل!

نرمل:  نه نه سنتو. تون مونکي خواهه مخواهه ڀنڀلائي رهيو آهين. بمبئيءَ جو آدم لکن ۾ آهي. ته ڇا آهي سڀ ماڻهو بيوقوف آهن جو بمبئي ۾ رهن ٿا.

سنتو:  توکي ڀنڀلائڻ سان مون کي ڪي لک ڪونه ملندا. مان ته توکي دوستاڻي صلاح ٿو ڏيان. بمبئي جا ماڻهو اَگر بيوقوف نه آهن ته تو مون وانگر اَٻوجهه ۽ اڻڄاڻ به ڪونهن. هنن وٽ دولت آهي جا هو فريب ۽ مڪاريءَ سان ڪمائي رهيا آهن.

نرمل:  ته ڇا اُها دولت اَسين نه ڪمائي سگهنداسين؟

سنتو:  ڇو ڪين! شرافت وڪڻندي گهڻو ڪجهه ملندءِ. پر پوءِ اِهو به ته هوسارج ته نرملداس ڪڏهن محل ۾ هوندو ۽ ڪڏهين جيل جي ڪاري ڪوٺڙيءَ ۾.

لاجو:   (جا رنڌڻي ۾ ويهي چانور سوئي رهي آهي ڇرڪ ڀري) ڪاري ڪوٺڙيءَ ۾!! هاٰءِ رام! ٻن ڏي اَهڙي بمبئي کي ۽ کڏ پوي اَهڙي بمبئي جي دولت!

نرمل:  (لاجوءَ کي) نه لاجو! بمبئيءَ ۾ هرڀرو اَهڙو انڌير ڪونهي، سنتو هروڀرو اَسان کي ڳالهه جو ڳالهوڙو ڪري ٿو ٻڌائي، سندس مطلب آهي ته جيئن مان به سندس جهڙو ئي ٿيان.

لاجو:   (بيوسيءَ وچان سنتوءَ کي) تون اَسان کي بمبئيءَ جي حقيقتن کان واقف ڪر. تون ڇو هروڀرو اِئين ڇاهين ٿو ته اَسين بمبئيءَ نه وڃون.

سنتو:  ڀاڀي! مان جو ڪجهه چوان ٿو اها حقيت آهي. بمبئيءَ ۾ هر سال اَڌ لک نوجوان مئٽرڪ پاس ڪن ٿا، اُنهن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ بيهڻ نرمل جو ڪم ڪونهي ۽ تازو بمبئيءَ جي دفترن ۾ عملي وڌي وڃڻ ڪري ٽن مهينن جي عرصي ۾ قريب ڏهن هزارن ڪلارڪن کي نوڪريءَ کان جواب ڏنو ويو آهي. يعني ته نرمل کي اَگر نوڪري ملي به ته به تخفيف (retrenchment) جي تلوار هميشه مٿانئس پئي لٽڪندي.

لاجو:   تنهنجي مرضي آهي ته اَسين بمبئيءَ نه وڃون؟

سنتو:  نه، هرگز نه ۽ پٽيءَ نه.

لاجو: پر هتي به ته آسرو ڪونهي.

سنتو: ڇو ڪين. ڪلارڪيءَ پٺيان لور لور ڪرڻ بجاءِ، اگر نرمل مڪينڪ ٿيڻ لاءِ راضي ٿئي ته پنهنجي جيوت ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏي.

لاجو:   پر اها نؤڪري به ڪا ٺهي ٺڪي ته ڪونه رکي آهي.

سنتو:  واهه ڀاڀي! تون اَهڙي سياڻي ٿي به اهي سوال ڪري رهي آهين. جيوت ۾ پڪي پڪائي ته ڪنهن کي به ملڻي ڪانهي. اُدم ته اِنسان جو فرض آهي. ٽي چار مهينا نرمل کي موٽر مئڪنڪ ٿيڻ جي ٽريننگ وٺڻي پوندي. بعد ۾ کيس ٽي چار سؤ رپيا در مهينو پگهار سان نوڪري ملي ويندي.

سنتو:  (ڪاوڙ ۾) ته اهي ٽريننگ جا ٽي چار مهينا مونکي تون ويهي کارائيندين؟

سنتو:  نه، نه. پر اهو ٽريننگ جو وقت به توکي ٽيهن چاليهن روپين ماهيانو جو لوازمو ملندو رهندو.

نرمل:  واهه! مئٽرڪ پاس ڪيل ڪواليفائيڊ ماڻهو ۽ ٽيهن چاليهن روپين جي نوڪري ڪري، نه نه، اَهڙي بيعزتي مان برداشت ڪونه ڪري سگهندس.

لاجو:   (مڙس طرف_ ٿورو شوخ ٿي) واهه! ۽ هيءَ ڪلارڪي ڪري عمر ڀر لاءِ دک ۽ تنگدستي خريد ڪرڻ کي اَوهين بيعزتي ڪونه سمجهندا. مان ته سمجهان ٿي ته ٽيهن چاليهن سالن جي ڪلارڪيءَ بعد ئي وڃي اَوهان جي پگهار ايتري ٿيندي جيتري هن نوڪريءَ ۾ اَوهان کي ٽن چئن مهينن جي ٽريننگ بعد ملي ويندي.

نرمل:  (بگڙي) نه، هرگز نه، هڪ دفعو چيم ته مونکي جي نوڪري ڪرڻي آهي ته فقط ڪلارڪي. مون کان اها بدني ورزش ۽ پسينو وهائڻ ڪونه پڄندو.

شيلو:  (پيءُ وٽان وڌي ماءُ وٽ وڃي کيس تنگ ڪندي چوي ٿي) اَما، ٽڪو ڏي نه.... صبح نيرن به ڪونه ڏنئه.... هينئر بک لڳي آهي پوءِ، ٽڪو ئي ڏي نه....

لاجو:   (ڌيءُ کي چپاٽ هڻندي) ڇوري! مان ڪٿان آڻيان. وڃي پيءُ کان گهر نه، جو ڪلارڪ ٿي سڄي گهر جي خوشين تي هميشـﮧ لاءِ پاڻي ڦيرڻ ٿو چاهي. (شيلو روئي ٿي ۽ نرمل ڊوڙي وڃي کيس چنبڙي ٿو).

نرمل:  (شيلوءَ کي هنج ۾ کڻندي_ ٿورو شوخ ۽ ٿورو بيوس ٿي چوي ٿو) لاجو! هن بيگناهه شيلوءَ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو. معصوم ٻار کي ڪهڙي نه بيرحميءَ سان مارين ٿي. (شيلوءَ جي ڳلن طرف نهاريندي ۽ ٿورو هٿ گهمائيندي) هي ڏس! ويچاريءَ جي ڳلن تي ڏنا ڪري ڇڏيا اَٿيئي.

لاجو:   (گرجندي) ڏنا! فقط ڏنا! مان انهيءَ ڇوريءَ جو سر کڻنديس. مان چوان ٿي ته هن مفلس گهر ۾ آخر هيءَ پيدا ڇو ٿي؟ ڇا بک مرڻ لاءِ؟ دل ۾ ته اِئين ٿو اَچي ته کيس هينئر ئي گهٽي ماري ڇڏيان. (۽ شيلوءَ کي وڌيڪ مارڻ لاءِ قدم وڌائي ٿي)

نرمل:  (لاجوءَ کي پرتي ڌڪو ڏيندي) لاجو! آخر توکي ٿي ڇا ويو آهي. پاڳل ته ڪونه ٿي پيئي آهين؟

لاجو:   ها! مان بلڪل پاڳل ٿي چڪي آهيان. (اَڃا به زور سان گرجندي) مفلسيءَ ۽ بک ۾ اِنسان آخر گهڻا ڏينهن رهي سگهندو. پاڙيوارن کي کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جو عيش ڪندو ڏسي اِنسان آخر ڪيترو وقت صبر ڪري سگهندو. ٻين زالن کي مڙسن سان گڏ گهمندو، کلندو ۽ خوش ٿيندو ڏسي اَڄ منهنجو خون ٿو ٽهڪي. منهنجي صبر جوجام هنيئر ڪناتار ڀرجي چڪو آهي.

نرمل:  (ٿوروشوخ ٿي) لاجو! بيوقوف نه بڻج. اُنهن اجاين آهن دانهن ڪرڻ مان ڪجهه نه ورندو. تون ڀڳوان ۾ اَعتبار رک، هو ضرور اَسان جو آواز ٻڌندو. (بيوسيءَ وچان) هن واهروءَ جا وڙ بلڪل ويجها آهن.

لاجو:   (جڪ کائيندي) ڀڳوان!...... ڀڳوان ۾ اَعتبار رک! انهيءَ ڀڳوان ۾ اَعتبار رکان جو ڇهن مهينن لاڪر اَسان جو برو حال سانت ۾ ڏسندو ٿو اَچي. (مورت طرف) اهو ڀڳوان جو اَسان جي بيوسيءَ تي صرف کلندو رهي ٿو. پر نه.... اڄ انهيءَ ڀڳوان کي به.... (مورت کڻي ڀڃي ٿي) وڃ ڀڳوان! تون اُنهن محلن ۾ ئي وڃي رهه...... اسان غربين وٽ تنهنجي گهرج ڪانهي.

نرمل:  (شينهن جيان گرجندي) لاجو! (مٿي کي هٿ ڏيئي ڪري ٿو) لاجو! اَڄ تو منهنجي زندگيءَ جو آخرين سهارو به کسي ورتو. هينئر مان ڪنهن تي ڀاڙيندس؟

سنتو:  پاڻ تي. نرمل! اِنسان دنيا ۾ صرف هڪ دفعو ئي پاڻ تي ڀاڙڻ سکي ته جيڪر دنيا جون گهڻيون دک درد جون ڪهاڻيون ختم ٿي وڃن.

لاجو:   (ٿورو شوخيءَ وچان) سنتو! خواهه مخواهه تون پاڻ کي ڏٺو نه ڪر. هنن جي دماغ ۾ ڪلارڪيءَ جو ڀوت اَڄ زور آهي. هنن جو مطلب آهي ته لاجوءَ سان هن شادي ڪئي ئي کيس ڏک ڏيڻ لاءِ. هو سمجهي ٿو ته لاجوءَ کي ڪنهن به راحت ماڻڻ جو حق ڪونهي. هن جو مطلب آهي ته شيلو به بک کان تڙڦي تڙڦي مري ۽.....

نرمل:  لاجو! شيلو بک نه مرندي. هوءَ منهنجي زندگيءَ جو سهارو آهي، هوءَ منهنجي آئينده جي روشني آهي.

لاجو:   پر انهيءَ آئينده جي روشنيءَ کي زندهه رکڻ لاءِ اَوهين ڇا ٿا ڪريو؟ سڀاڻو اَسان لاءِ وڌيڪ تڪليفن ۽ بکن جو ندورو پيغام کڻي اَچڻو آهي ۽ سڀان جو سمر موجود ڪونهي ته شيلو به اَسان وٽ صرف چند ڏينهن جي مهمان آهي!

نرمل:  لاجو! ڀڳوان جي واسطي شيلوءَ جو نالو نه وٺ. هن جي واسطي آءٌ پنهنجي زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

لاجو:   پر به توهان جي بيروزگار زندگي هن لاءِ ڇا ڪري سگهندي. هيءَ معصوم جڏهن پنهنجين جيڏن جيڏين کي رانديڪن سان ڪڏندي ڏسندي هوندي ته گهڻا اَرمان پيدا ٿيندا هوندا سندس دل ۾..... پر هوءَ ڪڇي نٿي، هوءَ خاموش آهي. سندس اَندر جون خاموش آهون ڪيئن نه پٽينديون هونديون. اهو به ڪڏهن فڪر ڪيو اَٿوَ؟

نرمل:  لاجو! ڀڳوان جي واسطي مونکي وڌيڪ نه چئه. مون اَڄ ڪافي ٻڌو آهي ۽.....

لاجو:   لڪين ته به.....

نرمل:  نه نه لاجو. مون گهڻو ڪجهه سوچي ورتو آهي، پر مونکي صرف هڪ مدد گهرجي تنهنجي.

لاجو:   (بگڙجي) چئو، جلدي چئو. توهان کي منهنجو سر گهرجي نه. اهو حاضر آهي.

نرمل:  نه لاجو! تون صرف ٽريننگ (Training) جو وقت صبر ڪر. انهيءَ معمولي لوازمي مان.....

لاجو:   مان سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

نرمل:  ته منهنجو به اهو مردانو سوگند آهي ته مرندي مري ويندس پر ڪلارڪ نه ٿيندس..... مان اَڄ ئي مڪئنڪ ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪندس.

سنتو:  اَڄ ڇو؟ هينئر جو هينئر ڪر. ٺيڪ ٽين بجي توکي مون سان گڏ هلڻو پوندو.

نرمل:  ها سنتو! مان اِجهو ٿو هلان. (کٽ تان اُٿندي، چمپل پائيندي) چڱو لاجو....

لاجو:   (مشڪي) پر هيءَ عينڪ ته نه وساريو نه.

نرمل:  اَڙي ها! چڱو لاجو! شيلوءَ جو خيال رکج.

        (پردو ڪري ٿو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com