سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:دنيا دورنگي

صفحو :4

 

پردو اٺون

 

مڪان شمشاد

شمشاد:  (سجاڳ ٿي) اي ٽمبڪٽو، اڃا ڏينهن آهي يا رات آهي؛ خدايا هيءُ ته پرهه ڦٽي پرڀات آهي.

جميل: (سجاڳ ٿي) خدايا هيءَ جاءِ ته پياري دوست شمشاد واري آهي، جتي مون ساري رات گذاري آهي.

شمشاد: اي دوست فڪر نه آهي، هي اوهان جو مڪان آهي، هي جان قربان آهي، بندي کي هر وقت مددگار ڄاڻ، حال زار، بلڪ جان نثار ڄاڻ.

جميل: تحقيق دوست، اوهان کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوئي نه دوست خويش اٿم، مگر هڪڙو مشڪل درپيش اٿم، بعد اها آرزو اٿم، جو شادي خانه آباديءَ جو ڪو به بندوبست ڪري خانو آباد ڪيان، هن تنها زندگانيءَ کي خيرباد چوان، اهو خيال آهي، ليڪن بغير پئسي اهو خيال پورو ٿيڻ محال آهي، جنهنڪري البت دل اداس آهي.

شمشاد: (علحدو) فڪر نه ڪر، اجهو اوهان جي ستياناس ٿئي ٿي.

شمشاد: (جميل سان) خدا ڪري اها خدمت بندي کان سري، ته بندي جي منهن ۾ به آب وري، دل ٺري.

گانو

شمشاد:

[1]هر حال ۾ اي يار، تنهنجو مددگار هان،

قربان جان و دل سان، تنهنجو غمگسار هان.

مشڪل ۾ مدد جنهن نه ڪئي، تنهن کي نه دوست چئو،

توتان ته مگر جان من، آءٌ جان نثار هان.

باصدق جان و دل، ته آءٌ اي دوست دلنواز،

همراهه هم رفيق تنهنجو، حال زار هان.

مون کي نه دغا دل  ۾ آهي، صاف دل هان آءٌ،

والله يا ”آغا“، آءٌ يارن جو يار هان.

گانو

اي دلنواز دوست، تنهنجو تابعدار هان،

توتي آءٌ جان و دل سان، فدا ۽ نثار هان.

مشڪل ۾ مدد منهجي، سگهو بهر خدا ڪر،

اڄ گردش ايام کان، آءٌ بيقرار هان.

بي چين دل کي چين، دنيا ۾ نٿو ملي،

لالا جي طرح غم کان دل داغدار هان.

راحت ۾ هان شريڪ، رهان رنج ۾ ڀي يار،

آءٌ هر طرح سان اي ”آغا“ خدمت گذار هان.

جميل: مون تي ڪو ڪري لطف؛ مون کي خريد ڪر، هن قفل آرزو سندي ڪليد ڪر، اي يار غمگسار دنيا ۾ تو کان سواءِ ٻيو عزيز ڪونهي.

شمشاد: شبڪ غربت کي ڪو قريب ڪونهي، مگر هاءِ هن وقت هڪ نئين ڳالهه دل ۾ ياد ٿي اچي، جنهن کان دل اندر ۾ ٿي پچي.

جميل: جناب عالي ڇا ڪا اهڙي ڳالهه لا دوا آهي، جا بندي کي ٻڌائڻ ناروا آهي؟

شمشاد: خير انهيءَ  ۾ ڪو سبب آهي.

جميل: مون کي عجب آهي، اهو ڪهڙو سبب آهي، ظاهر ڪرڻ اوهان تي واجب آهي.

شمشاد: خوب اي مرغوب، ليڪن توکي چوندي خوف ٿو ٿئي.

جميل: البت منهنجي دل کي به ضعف ٿو ٿئي، مگر بي تڪليف بيان ڪر.

شمشاد: ڀلا ذرا هيڏانهن ڌيان ڪر، اي پيارا جميل، دوست اصيل، افسوس صد هزار افسوس، جو هو موذي ممتاز بد ذات، هن جي اوقات تي لعنت، هن جي خاندان تي لعنت. هاءِ؛ اُف! غضب غضب......................!

جميل: ڇا، ممتاز!

شمشاد: هان هان؛ بدڪار، مڪار، ممتاز.

جميل: آخر حقيقت سادي.

شمشاد: عياري مڪاري بدڪاري، اُف، افسوس، هاءِ، هو بدذات تنهنجي پياري همشيره جي پاڪدامن کي داغ ڏيڻ لاءِ تيار ۽ توکي خواب غفلت جو خمار، حيف صد حيف.

جميل: هاءِ –هاءِ، خدايا آءٌ ڇا ٻڌي رهيو آهيان، آءٌ خواب ۾ آهيان يا بيدار آهيان؛ خون هن بدڪار جو جيسين نه آءٌ  سرڪي  پيان، خاڪ اهڙي زندگيءَ تي جو دنيا ۾ آءٌ جيان. اي خيرخواه، والا جاه هينئر ڪهڙي مصلحت آهي؟

شمشاد: مصلحت وري ڪهڙي آهي، اها صاف اوهان جي غفلت آهي، اهڙي بدڪاري جي سزا موت آهي!

جميل: بيشڪ موت آهي، ليڪن ڪنهن جو؟

شمشاد: جنهنجو سمجهين، تنهن جو! گرچ ممتاز به قصور وار آهي، ليڪن در حقيقت تنهنجي ڀيڻ بدڪار آهي، تنهنڪري نيڪ صلاح اها آهي، ته انهيءَ بدچلن عورت جو خون ڪري، ممتاز بد ذات جي گهر ۾ اڇلائي، ۽ هن مڪار بدڪار کي گرفتار ڪرائجي. انهيءَ ريت اهو ڪم سر انجام ٿيندو ته توتي الزام ڪونه ايندو؛ اوهان جي خاندان تان اهو دائمي بديءَ جو داغ لهندو.

جميل: ڇا، خون، خون! پنهنجي پياري همشيره جو خون، اُف! اهو ڪهڙو باغبان هوندو، جو پنهنجي نئين گلستان کي باد بهار کان اڳ پنهنجن هٿن سان برباد ڪندو، پاڻ کي ناشاد ڪندو، اهڙو بيداد ڪندو، اُهو ڪهڙو انسان آهي؛ جو پنهنجي نازڪ گل اندام ڀيڻ جي خون ۾ پنهنجي دامن تر ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ۽ حشر ۾ شرمسار ٿئي، هن گلشن نونهال جو ناحق خون ڪري صفُه تاريخ تي نالو آشڪار ڪيان، پاڻ کي رسوا سر بازار ڪيان، آ-ها، زمانو ڇا چوندو!

شمشاد: زمانو اهڙيءَ غيرت تي آفرين چوندو.

جميل: هرگز نه.

شمشاد: اُف! غضب، غضب؛ اي جميل، پنهنجي خدا داد غيرت جو اهو حق ادا ڪرين ٿو؟

جميل: شمشاد، مون کي شرمندو پيش، خدا ڪرين ٿو.

شمشاد: اي بي همت، تون هڪ بدڪار بد چلن عورت جي خون کان ڊڄين ٿو.

جميل: خون کان نٿو ڊڄان؛ مگر هن جي پيدا ڪرڻ واري کان ڊڄان ٿو.

شمشاد: اي دوست، اوهان جي والد بزر گوار جو مون تي احسان آهي، احسان نه مڃڻ منصفيءَ کان دور آهي، تنهنڪري مون کي ضرور آهي ته اي نيڪنام، صبح شام توکي نيڪ صلاح ڏيان، تنهن لاءِ مان توکي بار بار ٿو چوان، ته جي اهو ڪم سر انجام ڪندين (يعني پنهنجي ڀيڻ جو ڪم تمام ڪندين) ته تنهنجي شاديءَ جو سارو بار جميل مون تي آ، هر حال ۾ هي بندو تنهنجو مددگار آ، توکي ضرور شادي ڪرائيندس ۽ پنهنجي ساريءَ زر ۽ جواهرات جو مالڪ بڻائيندس.

(ٽمبڪٽو کي سڏڻ) اي ٽمبڪٽو جلد وڃ، خزاني مان مهرن جون ٿيلهيون کڻائي اچ.

ٽمبڪٽو: حاضر حضور، (علحدو) ٺڪرن جون ٿيلهيون چئو ته گهڻيون، باقي ٻيو ته خزاني ۾ الله جو نالو آهي.

(ٽمبڪٽو ايگزٽ-انٽر-ٿيلهين سميت)

جميل: (علحدو) جي زر ٿو ڏسان ته پنهنجي پياري ڀيڻ جو خون ۾ هٿ رنڱڻ واسطي تيار ٿو ٿيان، جي وري هن ماءُ ڄائي ڀيڻ جي سچي اُلفت، نماڻيون نگاهون ۽ دمبدم واريون دعائون  ياد ٿيون اچن، ته دلخراش، ڪليجو پاش پاش ٿو ٿئي، هي سمورو زر ۽ مال هٿان ٿو وڃي، مگر خير فڪر ناهي، مون کي پيسو وڌيڪ پيارو آهي، پيسي سان زماني جو گذارو آهي، هي وجهه هٿان نه وڃائيندس، نه ته پوءِ مفت پڇتائيندس، (شمشاد سان)

اي دوست، بيشڪ اهو ڪم سر انجام ڪندس، پنهنجي ڀيڻ پاڻ قتلام ڪندس، هنيئر دير اجائي آهي، اها قسمت آزمائي آهي.

(پيسا گهرڻ)

شمشاد: شاباش اي نيڪنام شاباش، غيرت انهيءَ کي چئجي.

ٽمبڪٽو:  (علحدو) بيشڪ انهيءَ کي چئجي ٻيڙا ٻڏگيا دم بهاول حق اقبال چٽ عاقبت جو خير.

شمشاد: مگر اي دوست، مون کي يقين ڪامل آهي، ته هي ڪم مشڪل آهي، تو کان هرگز هرگز سر انجام نه ٿيندو، هي انجام انت خام ويندو.

جميل: آ-ها، سر وڃي مگر سودو نه وڃي.

شمشاد: جي وڃي؟

جميل : ته خدا اُن جو خانو ڀڃي.

شمشاد: ڇا، اوهان کان هي دل آزاري ٿي سگهندي؟

جميل: ڇا، تڏهن هي شرمساري ٿي سگهندي؟

(پيسا وٺي ايگزٽ)

شمشاد: يارو فريب اهڙو مون کي ياد اچي ويو،

خود پاڻ پنهنجي دام ۾ صياد اچي ويو.

ٽمبڪٽو: جناب عالي، اسان سان ته ڪجهه ڇڻ ڇڻ فرمايو، هت ته سڀ ڪجهه کرو، پر ٽمبڪٽو کي ڏيڻ مهل ٽيئڙ ٻڙو، نه ته هينئر وڃي ٿو پوليس کي سڏي اچان.

شمشاد: صبر، صبر، اي بيوقوف، هيءُ تنهنجي خدمت گذاري آهي، اسان جو نگهبان خداوند باري  آهي.

(پيسا ڏيئي ايگزٽ)

ٽمبڪٽو: (اڪيلو) اي ڪمبخت ظالم جميل، تون رڳو چئن پئسن جي لالچ تي پنهنجي جگر جي بند جي مٺي خون جو پياسو ٿي رهيو آهين؛ ڇا هي دولت توسان قبر ڏانهن ساڻ هلندي يا قيامت ۾ ڇڏائيندي، تون هن پيسي مان پنهنجي پليد پيٽ کي ڪيترا ڏينهن پاليندين؟ رڳو چند روز جي عيش عشرت واسطي ساري زماني جي لعنت کڻي رهيو آهين، نه رڳو انسان، پر آسمان به تو تي لعنت ڪري رهيو آهي. هن انڌاري رات جي شبنم شاهدي ٿي ڏئي، ته هي ماتمي لباس ۾ ملبوس آسمان به هن بيخبر معصوم جي بيڪسي حال تي رت روئي رهيو  آهي. اي يارو سچ دنيا جو خون سفيد ٿي ويو. هاءِ، افسوس!

گانو ٽمبڪٽو:

[2]ڏسو مڪاري، دنيا ساري پيسي جي،

الفت محبت مٽي، ياري پيسي جي،

مادر پدر ڀائي برادر، دختر اختر پيسي جي،

آ چوڌاري مارا ماري پيسي جي،

عزت حرمت سڀ آ شفقت پيسي جي،

سهرو سالو جوءِ پياري پيسي جي.

(ايگزٽ)

 

پردو نائون

 

رستو

 

گانو ممتاز:

* دين ۽ ايمان اسان پنهنجو ٿا ڄاڻون يار کي،

صاف پوڄن پرت وارا دوست جي ديوار کي.

برهمن بت خاني ۾، ڪعبي مسلمان ٿا وڃن،

ڇا غرض تن سان، اسان سجدو ڪيو دلدار کي.

خواهش جنت جي نه دل کي طلب حورن جي نه آ؛

ٿا سڪون شب و روز يارو، يار جي ديدار کي.

عشق جي بيمار جو دارون نه آ نادان طبيب،

ديد دلبر جي آ، اڪسير هن آزار کي.

وه شراب ارغواني کان ته ”آغا“ هي ملي،

سر خماري آه هن ميخان جي ميخوار کي.

ممتاز: مرغ دل هي آه و زاري عشق ۾ ناهي روا،

هن قفس جي قيدين جي درد غم آهي غذا.

اي دل نادان ذرا هوشيار ٿي، خبردار ٿي. دشمن تنهنجن تمنائن تي خنجر وهائڻ لاءِ تيار آهي، مگر توکي اڃا خواب غفلت جو خمار آهي-خير تنهنجو مددگار پروردگار آهي.

اي عالم الغيب، بي عيب، توکي اسان جو سارو احوال عيان آهي؛ تنهنجي اڳيان ڪهڙو بيان آهي. اي هر انس و جان جا مالڪ، ممتاز جي جان جا خالق، گرچه زمانو در پي آزار آهي، ليڪن تنهنجو ڪرم درڪار آهي. در و ديوار کان اڄ ٿي اچي حسرت جي صدا، ڪجهه اشارن سان خدايا ٿو چوي مون کي قضا. خير هينئر پنهنجي يار وفادار غمخوار جاني سان ملڻ ضرور آهي، دل کي بيقراري ۽ رنجوري آهي.

صنم جي ياد ۾ اي دل بسر شام و سحر ڪر تون،

زماني تي عيان پنهنجي محبت جو اثر ڪر تون.

گانو ممتاز:

[3]موسيٰ جي طرح طالب ديدار هان مٺا،

حسرت زده ليڪن پس ديوار هان مٺا.

ڏئي نقد هي دل بر سر بازار محبت،

آءٌ ناز جو خوبي جو خريدار هان مٺا:

تنهنجيءَ دم کان دل کي منهنجي ڪجهه قرار آءِ،

و گر نه زندگي کان مان بيزار هان مٺا:

اي جان من مان عشق ۾ تنهنجي ته قسم آءِ،

بدنام ٿيو برسر بازار هان مٺا:

تون آتش فرقت ۾ جلائج نه ”آغا“ کي،

بلبل جي طرح عاشق بيمار هان مٺا:

(ايگزٽ)

 

پردو ڏهون

 

(مڪان مهلقا)

 

گانو سهيليون:

بخشيو ڪنهين کي حق نه هي حسن و جمال آ،

ديدار نه جهان ۾ ٿيو اهڙو مثال آ.

اکين جي اڳيان ناز نين نرگس آ حيا ۾،

اي جان شرمسار اڳيان تو غزال آ.

هي ابرو ئي حضور جا هن عڪس جلوه گر،

اُتريو هي آسمان کان زمين تي هلال آ.

بلبل ۽ ڪبڪ سان ڏيڻ نسبت ته خطا آ،

تن ۾ اهڙي ”آغا“ ڪٿي ٻول چال آ.

(مهلقا جو خواب مان بيدار ٿيڻ)

مهلقا: خدا يا هي خواب آهي، يا عالم بيداري آهي،

جان حيران، دل کي بيقراري آهي.

گانو مهلقا:

افسوس ڪيو خواب پريشان يا الله،

گهٻرائي ٿي قالب ۾ منهنجي جان يا الله!

همراه  هو جميل عجب ماجرا ڏٺم؛

هڪ دشت ڏٺم خواب ۾ ويران يا الله!

لبريز جام خون جو تنهنجي ته دست هو،

گويا ڪيائين پورو پي ارمان يا الله.

گردن تي سيف منهنجي برادر ٿي وهائي،

بلبل جي مثل جنهن تي آءٌ قربان يا الله!

هي ڀيد منهنجي ڌيان ۾ آيو نه اي ”آغا“،

تعبير خواب ڪين آ، آسان يا الله!

گانو سهيليون:

اي بانو اسان جي پياري، نه ڪر اه و زاري.

نه ڪر خواب جو فڪر هرگز، ڪرين ٿي عيش بيقراري.

سرسبز باغ حسن تنهنجو هردم، رکي شال خلاق باري،

باد خزان جي ته بدلي هميشه، هجي شال بعد بهاري.

قائم رهين شل اسان جي تون بانو، ٿي دشمن کي لذت ۽ خواري.

مهلقا:

خدا يا خير ڪر، اڄ دل کي حيراني، طبع کي پريشاني آهي.

هي ڪهڙو شگون بد آهي، من کي بي آرامي بي حد آهي هي،

هن خواب هيبتناڪ آهي، دل غمناڪ جگر چاڪ چاڪ آهي.

پياري سکيؤ دل قالٻ ۾ گهٻرائي ٿي، شايد تقدير اڄ

آزمائي ٿي: اک ڦري ٿي، قضا ڪجهه ڪم ڪري ٿي.

زرينا: بيشڪ؛ پياري هي هڪ هيبتناڪ خواب آهي!

حسينا: پياري تنهنجو مددگار باري جناب آهي.

گلنار: هي خواب ته دل آزار ٿو ڏسجي، يا قدرتي ڪو اسرار ٿو ڏسجي.

گلنار: نه نه، هي خواب اجايو آهي، ڪنهن جن يا پريءَ جو سايو آهي، بنديءَ خوب آزمايو آهي.

مهلقا جنهن بات کي چاهي نه طبيعت سا قهر آ،

جي موت جي خوشي آ، ته امرت به زهر آ.

هاءِ، شايد پياري دلنواز ممتاز جي عشق ۾ مون تي ڪا آفت نا گهاني اچڻ واري آهي،جنهن کان هن دل کي بيقراري آهي.

نه زيور مان ته پائيندس، نه زلفن کي سنواريندس!

هي باقي زندگاني خاڪ ساري ۾ گذاريندس.

گانو مهلقا:

[4]صبا يار کي چئو ته غمناڪ هان مان،

جلائي ڪئي عشق بس خاڪ هان مان.

جدائي ۾ تنهنجي مون باغ-جهان ۾،

گلن جي طرح اڄ جگر چاڪ هان مان.

محبت ۾ ڏيندس قسم سر هي پنهنجو،

نه آ خوف مون کي جو بيباڪ هان مان.

منهنجي دل جو ”آغا“ آ الله شاهد،

جو اُلفت ۾ بدڪاري کان پاڪ هان مان.

(انٽر ممتاز)

مهلقا: عيد جي ڏينهن منجهن لڪائڻ منصفي کان دور آ،

آءٌ گلي لڳ يار پيارا، عيد جو دستور آ.

ممتاز: آءٌ پياسي دد جو غرض نامون عيد جو،

عيد تو بن جان من، و الله جنسي سور آ.

گانو ممتاز:

طالب و صال هان يوسف مثل منٺار پرين،

آ زليخا جو قسم!

ڪر قيس سان ماڻا نه مٺا يار پرين،

توکي ليلان جو قسم!

دل و جان سان قربان آهيان توتي پرين،

آه دل هي ته چري!

دل گرفتار ڪئي زلف جي هڪ تار پرين،

دل شيدا جو قسم!

نسبت آ عنادل سان ڏيڻ توکي خطا،

آ غلطي هي صفا.

من موهيو مٺي تنهنجي آ گفتار پرين،

حق تعاليٰ جو قسم!

زلف پر پيچ ۾ ”آغا“ ته گرفتار ٿيو.

ڇٽڻ دشوار ٿيو.

شربت و صل پيارج مون کي دلدار پرين،

توکي مولا جو قسم.

گانو مهلقا:

[5]تنهنجي جوبن تي جانان واري وڃان،

واري وڃان ، ٻلهاري وڃان.

سجن سنوريا، نينان سنواري،

مون نينان تي سنيان، واري وڃان.

موهني مورت تنهنجي سانولي صورت،

سئو واري سنوريا، واري وڃان.

ممتاز: غنيمت سمجهه تون، منهنجو وصل جاني،

جو آ چار دن جي فقط زندگاني،

ڪيون عيش حسرت، رهي تا نه باقي،

جو الله باقي، و من ڪل فاني.

اي گلزار حسن جا شاداب گل، اي نازنين مهه جبين دل نشين بلبل، ڇو اڄ اوهان جو حال پر ملال ٿو ڏسجي. طبع جو ڪو اور خيال ٿو ڏسجي.

مهلقا: اي منهنجي سر جا تاج، اڄ‎ هڪ هيبتناڪ خواب کان دل بيتاب آهي، جگر ڪباب، مثل ماهي بي آب آهي، دل بي آرام آهي-شايد جلد موت جو پيغام آهي.

ممتاز: نه ڪر خواب تي تون ذرو اعتبار،

جو چاهي ڪري ٿو سو پروردگار.

خدا تي تون بس رک سدا اعتقاد،

ته دل جي تون پائين اي پياري مراد.

اي مهلقا تنهنجو اڃا فهم ڪم آهي، اهو بلڪل جوٺو وهم آهي، خواب جو خيال ڪرڻ صفا چريائي آهي، اها ڳالهه مون پاڻ آزمائي آهي.

اهو خيال دل تان دور ڪر؛ باغ ۾ وڃي دل گلن سان مسرور ڪر.

گانو مهلقا:

[6]رخصت ڪيو اي جان اڄ رخصت جي طلب آ،

راحت جي طلب وئي هلي، آفت جي طلب آ.

هي وصل يا نصيب ميسر ٿئي وري،

شايد منهنجي چشمن کي قيامت جي طلب آ.

سرتاج منهنجا تنهنجو نگهبان خدا آ،

قسمت کي منهنجي هاڻ ته فرقت جي طلب آ.

الفت ۾ آهيان پاڪ، تون شاهد رهج مٺا،

مولا جي اڳيان مون کي شفاعت جي طلب آ.

”آغا“ کي آهي آسرو دنيا ۾ اوهان جو،

محشر اندر به تنهنجي حمايت جي طلب آ.

ممتاز: رضائي حق تي راضي رهه، هميشه اي منهنجا جاني،

هزار ها مشڪلاتن جي صبر سان ٿي ٿئي آساني.

گانو (قوالي)

*ممتاز: ڪيو جنهن  تو کي آ پيدا، اُهو تنهنجو ته آ حافظ!

ٿيان تو کان آءٌ رخصت ٿو، تنهنجو پياري خدا حافظ!

خدا يا مهلقا منهنجي جو هردم تون نگهبان رهه،

نه آ هن غمزده جو ٻيو دنيا ۾ تو سوا حافظ!

زمين توکي به پارت آ، شرم ڪج آسمان تون ڀي،

فرشته سڀ رهن تنهنجا، اي پياري جان سدا حافظ!

* * *

مهلقا: مون کي نه ڪر جدا پرين تو کي روا نه آ،

[7]سڏبو انهيءَ کي اي مٺا هرگز وفا نه آ.

توکي آ منهنجي ناز جو اي جان من قسم،

ميت تي منهنجي ايندين يا تنهنجي رضا نه آ.

زرينا: اها ناحق تنهنجي دل کي پريشاني آهي،

اهو خواب اي بانو شيطاني آهي.

گلزار: خواب جو خيال ڪرڻ ڪم زبون آهي،

اهو اي پياري بدشگون آهي.

ممتاز: وڇڙيلين جو خدا جاني- خدا حافظ! خدا حافظ!

نه ڪر هي خيال ناداني- خدا حافظ! خدا حافظ!

(ممتاز-ايگزٽ)

(مهلقا جو غم ۾ بيهڻ)

زرينا: پياري مان صدقي، مان واري- سڀاڻي ڪنهن ٻانڀڻ ٻڙي پنڊت پڙي وٽ ويندس، ۽ هن خواب جي تعبير ڪرائيندينس، پوءِ ساري حقيقت توکي ٻڌائيندس.

هينئر باغ جو سير ضروري آهي، اها به غمگين دل واسطي هڪ مسروري آهي.

حسينا: هلي باغ ۾ پاڻ پرڀاءِ تون،

گلن سان ته دل بانو وندر راءِ تون.

گانو مهلقا:

[8]سهيليون: دل کي سنڀال پياري بانو- بهر خدا،

مهلقا: بجلي چمڪي بادل برسي رين انڌيري آ.

سهيليون: مدد ڪندو و شل مالڪ مولا،

من مان خوف نڪال پياري بانو-بهر خدا.

مهلقا: هي جڳت فاني، پاپ جو جاني، سر تي بوڦ آباري،

سهيليون: پار ڪندو شل داتا پياري،

خوف نه ڪر ڪو خيال پياري بانو-بهر خدا.

(مهلقا سهيلين سان ڳائيندي ايگزٽ)

 

پردو جهنگل اڳيون

 

(جوڳي ۽ سندس چيلا)

گانو

سر جنهار جڳت جو جائي دل جو دلبر تون ئي تون آن،

قبول آ تنهنجي در جي گدائي، صحيح سڪندر تون ئي تون آن.

هر مظهر منجهه رنگ نرالا، شان آ تنهنجو سڀ کان اعليٰ.

هرشي ۾ تنهنجو جلوه مولا، هر جا حاضر تون ئي تون آن.

عمر گناهن ۾ ويئي ساري، تنهنجي آ در تي توبهه زاري،

ڪرم پنهنجو ڪر خالق باري، بنده پرور تون ئي تون آن.

صفت بندو ڇا ڪندو عيان، جي ڪل نه آ ڪنهن راز نهان جي،

مثال قمري دل اسان جي، سبز صنوبر تون ئي تون آن.

جوڳي: اي گروجي شيوا ۾ رنگي، ساڌن جي سنگت ۾ سنگي.

جيڪو سختين جو جوڳ پائي ٿو، اُهو ئي خوشين جو ڀوڳ پائي ٿو. هيءَ حياتيءَ جو دم گذر آهي، اڳيان وڏو سفر آهي، هينئر شهر ۾ وڃي ڪجهه بيک جو ٽڪرو آڻيو، پوءِ ڪنهن ٻي ڏس تي تاڻيو. بيشڪ اي چيلو وڃي شهر ڀيليو.

(چيلا ايگزٽ)

زرينا: گروجي اوهان کي ته آديس آ،

وسايو اوهان ڇو هي پرديس آ؛

ڪٿان ٿا اچو ڳالهه بتلائيندؤ،

ديا پنهنجي مون تي ڪا فرمائيندؤ.

جوڳي: منهنجو ڇا، جو تو سان بيان آءٌ ڪيان،

هلي وڃ اُتي، آئي آهين جتان.

زرينا: غضب جا هن فقرا جي واه جي،

 گهڻو گرم آهيو ته و الله جي.

گانو

جوڳي: چخي چل چرين کي نه ڏي ڳالهه ياد،

فقيرن کي نا ڇيڙ او نامراد.

هينئر ور نه ڏيندس تو کي آءٌ سراپ،

ستائڻ فقيرن کي آ سخت پاپ.

نياء سان ڀڳو آ اسان سلسلو،

هلي وڃ اي عورت، تنهنجو آ ڀلو.

 

گانو زرينا:

خدا واسطي بخش منهنجي خطا،

نه ناحق گرو جي ٿي مون کان خفا.

عرض مان رکان دل سندي مدعا،

ڪيو گر نوازش ڪا بهر خدا.

اسان جي آ بانو، گرو، مهلقا،

پريشان رهي ٿي، سا صبح و مسا.

قدم رنج فرمايو، تنهن وٽ شتاب،

جو پڇندي اوهان کان هوءَ تعبير خواب.

زباني

جوڳي: غرض بانو تنهنجي سان ڪهڙو ڀلا،

اسان پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ سدا.

منهنجو جهنگل و دشت ۾ راڄ آ،

هي ٽوپي پراڻي گويا تاج آ.

ڀلا ٻڌاءِ ته تنهنجي بانوءَ جي صورت آهي ڪهڙي؟

زرينا: تور جهڙي!

جوڳي: عادت؟

زرينا: حور جهڙي!

جوڳي: ڇا بيمار آهي؟

زنريا: لاچار آهي!

جوڳي: ڪهڙي بيماري آهي؟

زرينا: عشق جي دل آزاري آهي.

جوڳي: ڇا حسن تي ڪجهه ناز آهي؟

زيرنا: تقدطير جو هڪ راز اهي.

جوڳي: اچي پاس منهنجي جي نيڪ اعتماد،

ته البت هو پائيندي دل جي مراد!

زرينا: بجا حڪم تنهجو آءٌ آڻيان گرو،

ڪيان ماهرو کي تنهنجو روبرو.

(زرينا ايگزٽ)

(انٽر ٽمبڪٽو)

ٽمبڪٽو: (علهدو) يارو مون ته پنهنجي بيبي جي پويان پننهجي سهڻي صورت، موهڻي مورت، هي ننڍڙي جواني، ڪئي برباد؛ پر هوءَ چڪر ڏنڊي اسان جي نڪتي اُستاد- گهر ۾ سڄو ڏينهن گوڙ به آهي، ڦٽ ڦت  جي ماني لعنت جو ٻوڙ آهي. اڄ هوءَ ڪمبخت ذري گهٽ ڏنگڻ آئي هئي، پر خدا بچايو جو ڀڄي مون پاڻ ڇڏايو. ضرور دال ۾ ڪجهه ڪالو ڪالو آهي.

ڪنهن ڪار مينهن قرمساق جو ڳالهه ۾ گڙ بڙ گهوٽالو آهي.

خير هينئر هن جوڳي صاحب ڪمال با جمال کان ڪوئي تعويز لکايان، پنهنجي بيبي جي دل ڦسايان، دشمن کي جيئري جلايان. (نزديڪ وڃي)

ٽمبڪٽو: گرو جي، نمسڪار.

جوڳي: جيئو ٻچا، هر هر نام رام، نام ست، چئو ڪهڙو آ ڪلام، اي نيڪ انجام.

ٽمبڪٽو: گرو جي هڪ ڪارو ڀوت منهنجي پويان پيو آهي.

جوڳي: ڇا، ڀوت؟

ٽمبڪٽو: جيءُ، مهراج، ڀوت! پر ڀوت به ڪارو ڀوت!

جوڳي: مان هن کي منتر تنتر جنتر سان جلايان،

تنهنجي جان ڇڏايان.

ٽمبڪٽو: بس گرو جي ڪا اهڙي ڪرپا ڪيو.

جوڳي: پوءِ ٻي ڪهڙي اُداسي آهي؟

ٽمبڪٽو: مهراج باس باسي آهي، جو بندي جي بيبي وڏي شيطان جي ماسي آهي، جنهن ۾ شڪ آهي، يعني ٻي ڪنهن چگهٽي، چڪر ڏنڊي جو چڪ آهي، اهو دل کي ڌڪ آهي. مون کي ڪو اهڙو تعويذ ڏيو، جو هن جي دل گرفتار ٿئي، هن مڪار بدڪار جو يار دربدر ۽ خوار ٿئي.

جوڳي: هان هان، سوامي سڳو ٿو ٿئي؛ سر وڃي، سڳو نه وڃي، جي وڃن ته سر به ساڻ وڃي.

(انٽر چيلو)

چيلو: مهراج، هڪ پرده دار عورت اوهان جي درشن جي اڇا ٿي رکي.

جوڳي (ٽمبڪٽو کي): هل ٻچا، تون ڀڄ، ڀڄ ڀڄ.

ٽمبڪٽو: حاضر، گرو جي حاضر، حاضر! (ڀڄي وري موٽي ٿو.)

ٽمبڪٽو: ليڪن مهراج سوامي، بندي جي راس ته ڏسو.

جوڳي (ڪتاب ڏسي): اي ڪمبخت، تنهنجي راس جي آهي ستياناس، هل، هل، هينئر نڪر، نڪر!

ٽمبڪٽو: (علحده) ليڪن هن جهنگل ۾ پرده دار عورت جو اچڻ راز کان خالي ڪئين ٿو ڏسجي. هي تماشو ذرا لڪي ڏسڻ گهرجي. (ونگ ۾ لڪڻ) (انٽر عورت)

دلربا: گرو جي ڍنڊوت.

جوڳي: سکي رهو، آنند رهو. چئو مائي، تنهنجي ڪهڙي اڇا آهي.

دلربا: مان هڪ مشڪل ڪم واسطي آئي آهيان، مهراج.

جوڳي: بيان ڪر احتياج.

دلربا: گرو جي مان پنهنجي خاوند کان تمام تنگ آهيان.

جوڳي: تنگ آهين، ته پوءِ ڇا گهرجي؟

دلربا: مهراج، مان اهو ٿي گهران، ته يا هن کان منهنجو پيڇو ڇٽي، نڪاح ٽٽي، يا ته وري هو انڌو ٿئي.

ٽمبڪٽو: يا خدا هي ڪهڙو راز، هي ته آهي منهنجي بيبيءَ جو آواز.

جوڳي: مائي تنهنجو ڪهڙي محلي ۾ مڪان آهي؟

دلربا: لکي در تي منهنجو مڪان عاليشان آهي.

ٽمبڪٽو: (ونگ مان اڙي لکي در تي ته منهنجو گهر آهي، خدا يا هي ته سچ پچ منهنجي پياري دلربا آهي.)

جوڳي: تنهنجي خاوند جو نالو؟

دلربا: هن موئئي موٽي، ڏنڊي ڏوٽي کي سڀ ٽمبڪٽو ڀنگ جو سوٽو ڪري سڏيندا آهن.

ٽمبڪٽو (ونگ مان): هان هان، ڀنگ جو سوٽو! بيهه ته ڪپيانءِ ٿو چوٽو، بدڪار.

جوڳي: ڀلا مائي برقعو اُتار.

(برقعو لاهڻ)

ٽمبڪٽو: اڙي سچ پچ، هي ته آهي دربا، مگر هي بي وفائي، خدايا هت ڪيئن آئي! ليڪن يار، منهنجي بيبي ته نهايت پاڪ دامن آهي. خدا منهنجي بيبي منهنجي سر تي سلامت رکي.

جوڳي: اي عورت نيڪبخت ، اهو خاوند توکي پسند ڇو نٿو اچي.

دلربا: هن موئئي جو رنگ جهڙو دانگيءَ جو ترو.

پيٽ وڏڙو، جهڙو پاڻيءَ جو گهڙو. مون کي پسند نٿو اچي. آءٌ ته هڪ ٻئي حسين، دل نشين جوان تي آهيان نثار!

جوڳي: انهيءَ جو نالو ڪر اظهار؟

دلربا: هن جاني، يوسف ثاني جو نالو آهي، پيارو وفادار.

ٽمبڪٽو (ونگ مان): اڙي وفادار ته هو پاڻ وارو ڪارو ڪتو هيو: هن ڪمبخت جو وري عاشق ڪيئن بڻيو.

مون ته اڳي ئي ٿي دانهون ڪيون، ته هي ڪو ٻه پيرو ڪتو گهر ۾ گهڙيو آهي. خير، خدا منهنجي بيبيءَ کي منهنجي سر تي سلامت رکي.

جوڳي: ڇا، پوءِ توکي هن جو رنگ پسند نه ٿو اچي؟

دلربا: هو مئو اهڙو موٽو آهي، جهڙو ڀنگ گهوٽڻ جو سوٽو. مون کي پسند نه ٿو اچي.

ٽمبڪٽو (ونگ مان): بيشڪ ڀنگ گهوٽڻ جو سوٽو- سوٽو ئي سهي، مگر صبر ڪر ٽمبڪٽو، اڃا هن نيڪبخت عورت جو جوهر کلڻ ڏي.

جوڳي: مون وٽ اهڙو منتر آهي، جو جيئن تنهنجي مرضي هجي، ائين هن کي بڻائي ڇڏيان؛ ليڪن نذراني ۾ توکي اهو هار ڏيڻو پوندو.

دلربا: بيشڪ، گرو جي، هي سڀ ڪجهه اوهان تان قربان آهي.

ٽمبڪٽو (ونگ مان): هان، هان، هن ۾ تنهنجو ڪهڙو نقصان آهي، ڏاڏي سائين جي فاتح، حلوائي جو دڪان آهي.

جوڳي: چڱو ته مان هن کي ڪتو بڻائي ٿو ڇڏيان.

ٽمبڪٽو: بيشڪ ڪتو بڻائينس؛ ٻلو بڻائينس. مون کي ماءُ پيءُ انهيءَ واسطي ڄڻيو هيو.

دلربا: نه، نه، مهراج، ڪتو ٿي هو مون کي ڏاڙهيندو!

جوڳي: چڱو، تڏهن ٻيو ڪهڙو جانور بڻايانس؟

دلربا: مون کي ڀولو بڻائي ڏي.

جوڳي: ڀلا ڌيان ڏئي هي منتر سک.

(منتر) انتر منتر تنتر اکين تي بجو گهمنتر-ديوتا ڌنوڪل ڌنتال، سوامي سنتال، گرو گهنٽال، چونڪ چنڊال.

هن مئي مانس کي بڻاءِ لنڪا جو لنگور يا بندر-انترمنتر تنتر.

وڃ، ٻچا، هنيئر تنهنجو ڪارج ٿي ويو.

دلربا: واهه، گرو جي واهه! هينئر جي هو باندر بڻجي ويو ته آءٌ کيس نوڙي ٻڌنديس، گلي ۾ گهنگهرو وجهنديس،

ڍولڪي وڄائينديس، هن کي ناچ سيکارينديس، سلام ڪرائينديس ۽ چوندي وينديس: ڪيو ميان صاحب سلام!

ڪيو ميان صاحب سلام!

ٽمبڪٽو (ونگ مان نڪري): بيبي صاحب سلام! بيبي صاحب سلام! بيبي صاحب سلام! بيبي صاحب سلام!

(هڪڙو هڪڙيءَ ڳليءَ کان، ٻيو ٻيءَ ڳليءَ کان سلام ڪندا.)

(ٻئي ايگزٽ)

(انٽر مهلقا)

گانو مهلقا:

[9]داتا ننگي ننگ پال، لاج جڳت ۾ رک منهنجي مولا!

تو کبي قا آهي، ٻيو ڪل فاني، مايا مڏيون سڀ مال.

ڪرپا ڪرم ڪج پنهنجو ڪو مولا، بيڪس تي جل جلال.

ڏينهن ڏکن جا ويٺي گذاريان، سورن جا هي سال.

”آغا“ جي دل جو آن شاهد تون داتار، رک پردو دنيا ۾ ديال.

نبالي يار، بن همراه تو، اي جان ڪوئي ڪونه آ،

غمزده دل لئي ٻيو سامان ڪوئي ڪونه آ.

ٻئي جي مطلب لئي دنيا ۾ هر ڪو نادان آ،

مگر لاءِ مطلب پانهنجي، نادان ڪوئي ڪونه آ.

زرينا: اي بانو، اڄ شايد تنهنجي مطلب جي چمن ۾ شادابي آهي.

مهلقا: بيشڪ، مگر اڃا ته دل نادان کي بيتابي آهي.

زرينا: ليڪن پياري، دل نادان، هي اسرار ڇا ڄاڻي.

جوڳي(علحدو): خدايا هي عورت نوراني، واقعي آهي دست قدرت جي نشاني.

جوڳي (مهلقا سان): ڪرين ڇو ٿي فرياد اي نيڪبخت،

ويو ٿي ڪو وارث هٿان تاج تخت.

جنهين لاءِ جهنگل ۾ نالان آن،

سگهو ڪر بيان ڪنهن جي خواهان آن.

مهلقا: خدا لڳ کروجي ڪو گوليو ڪتاب،

ٻڌايو ته جلدي هي تعبير خواب.

پر از خون ڏٺم جام عالي جناب،

برادر ڪيو نوش منهنجي شتاب.

ذرا منهنجو طالع جو ڏس تون حساب،

جو آ دل کي شب زور هي اضطرات.

(جوڳي ڪتاب کولي ڍارو ڦيرائي ٿو)

جوڳي: ڦيرايو مون ڍارو اي عورت شفيق،

گهڻو آ تڪرار ڪيو هر طريق.

عمل پنهنجو پورو ڪيو آ قمر،

ستارو زحل جو اچي ٿو نظر.

نحوست ۾ تنهنجو ستارو ته آ،

وڌيڪ عالم الغيب ڄاڻي خدا.

اي نيڪ نام، گل اندام، تنهنجو ستارو ايتريقدر گردش ايام ۾ آيو، جو آخر اچي  موت جي زانئچي ۾ سمايو، قسمت پنهنجو ڪم رسايو.

مهلقا: نه وس، ڪنهن جو آ، حرڪت هي قضا جي،

شڪر، جي آه مرضي هي خدا جي.

هاءِ پنهنجي قسمت جو سارو قصور چوان، يا فلڪ ڪج رفتار جو فتور چوان، مون ميدان محبت ۾ قدم وڌايو، هي ستم سر تي سهايو، ناحق جيءُ جلايو.

بيت

رحم ڀي ڪجهه کاءُ منهنجي حال تي تون اي قضا،

عمر ساري ڪين گهرجي، ظلم هي جورو جفا.

جوڳي: ٻچا الله ڪندو سڀ آساني آهي،

نااُميدي ڪم شيطاني آهي.

(پٺي ٺپي-ايگزٽ)

مهلقا: هاءِ قضا مون واسطي هي سزا پسند ڪئي،

اي بخت بيدار ٿي، تو ڇو اک بند ڪئي.

زرينا: پياري بانو، تقدير اڳيان ڪهڙي تدبير آهي، مگر صبر ڪرڻ روا آهي، اها هن درد جي دوا آهي.

مهلقا: عندليب زار، آءٌ ممتاز، تون آن گلعزار؛

ڇو نه توتان جان و دل سان، آءٌ ٿيان جانا نثار.

آءٌ هان قمري، سرؤ تون آن، گل هان آءٌ، تون عدليب.

عاشق و معشوق کان آ، باغ خوبي جي بهار.

گانو-

مهلقا: مثل لالامان کڻي، اڄ داغ هجران ٿي وڃان.

[10]خاڪ سر تي داغ دل تي، سينه بريان ٿي وڃان.

ڇو نه روئندي بيڪسي، ميت تي اڄ بعد فنا،

بي ڪفن دنيا مان اڄ ،افسوس جانان ٿي وچان.

باغ دنيا ۾ نه هوندي ، مون جھڙي ڪا بدنصيب،

پر  فضا  گلزار  مان ، اڄ  خالي  دامان   ٿي   وڃان .

 ٿي چڪو جو ڪجهه هيو، ”آغا“ منهنجي تقدير ۾،

نااُميد افسوس جو آءٌ پراز ارمان ٿي وڃان.

(ايگزٽ)

 

پردو يارهون

مڪان ٽمبڪٽو

انٽر ٽمبڪٽو ۽ ممو

(ٽمبڪٽو روئندو ٿو اچي)

ٽمبڪٽو: هاءِ خدا مس مس هڪڙي اُڌاري سڌاري، نيڪ طبع واري بيبي عطا فرمائي، سا به گونگي ٿي پئي، سڀ ڪمائي ويئي اجائي.

ممو: مگر، حضور، هن شهر ۾ هڪڙو ڊاڪٽر مسٽر ڊيم فول صاحب، تازو لنڊن مان پارسل ٿي آيو آهي، علاج ۾ يڪتاءِ زمانه آهي. پير عبدالغلچو جي نانيءَ جو قسم آهي ته حڪمت ۾ لقمان جو ڏاڏو، بقراط جو بابو، ۽ سقراط جو سڳو سالو آهي. انهيءَ کي طلب فرمايو، علاج شروع ڪرايو- دوا اندر، دم ٻاهر نه ٿئي، ته بيبي بندي کان ڀرايو.

ٽمبڪٽو: بابا، اهڙا ڊاڪٽر ته اڄڪلهه ٽڪي ٽيهه تي پيا آهن، پليگ يا سرءُ جي ڏينهن ۾ اگرچ مهانگا ٿيندا آهن، ته به پيسي پنج پيا نيلام ٿين. في الحال ته اسان کي ڪنهن يوناني حڪيم جو علاج ڪرائڻو آهي، جي اهڙي رسائي آهي، ته دير اجائي آهي.

(ممو، وفادار کي حڪيم جي لباس ۾ وٺي اچي ٿو)

ٽمبڪٽو: حڪيم صاحب سلام!

حڪيم: سلام، اي نيڪ نام، خوش رهو-مرو ته منهنجي دوا سان مرو. اگر جنت جي اسپتال ۾ جاءِ نه مليو ته جهنم جي شفا خاني ۾ جڳهه پايو.

ٽمبڪٽو: حڪيم صاحب، منهنجي بيبي ٽن ڏينهن کان گونگي ٿي پئي آهي، ان جو اوهان وٽ ڪو علاج آهي؟

حڪيم: واه، ڇو نه! آءٌ ته گهران ٿو ته خدا ڪري اوهان جو سارو گهر ٻار بيمار ٿئي ته آءٌ علاج ڪيان.

ٽمبڪٽو: اڙي ممو جلد وڃي پياري دلربا کي وٺي اچ، پر ڏسجانءِ متان رستي تي پاڻ ۾ ڳالهايو.

(ممو دلربا کي وٺي اچي ٿو)

حڪيم: ڪيئن، پياري! مزاج ڏانهن ته عافيت آهي؟

ٽمبڪٽو: اڙي، هي ڇا ٿو ڪرين شيطان!

حڪيم: علاج ٿو ڪيان نادان. اي عورت، تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟

دلربا: اين اين، اون اون!

حڪيم: واه، عجب سرگم در پت ٻڌوسون.

دلربا: يي يي، آن آن!

حڪيم: هي وري ٻيو، ڊيپڪ شيپڪ ٻڌو.

ٽمبڪٽو: حڪيم صاحب هي غريب ڪيئن جواب ڏيندي، هن جي زبان ته بند آهي.

حڪيم: زبان بند اٿس ته رڳو ايترو کڻي چوي ته آءٌ گونگي آهيان.

ٽمبڪٽو: اوهان مذاق ڇڏيو، مهرباني ڪري ڪو نسخو لکي ڏيو.

حڪيم (علحدو): اي منهنجا ڪوري  بابا سائين، تون ته ساري عمر تاڻي اُڻي اُڻي ٿي وئين فوت، هنيئر علاج ڇا ٻڌايان، موت! خير، هينئر ڪو گپڙ شپڙ جو مصالح ڳنڍي ڪم ته ڪڍي وٺجي.

(ٽمبڪٽو سان): ٻڌ، هينئر آءٌ دوائن جا نالا وٺندو ٿو وڃان، تون لکندو وڃ. پوءِ جيئن آءٌ سمجهايانءِ، ائين ڪج.

نسخو

روغن ريوند چيني  چوني جو تيل  ڪنواري جهرڪي جو کير

ساڍا تيرهن پاءَ  پنج پاءَ ڏيڍ سير

ماڪوڙن جو مٽ آسمان جا ڇوڏا ڦَٽ بُجي جو ٻج

ڏيڍ پاءُ 7 سير 14 داڻا

چمڙن جا کر ٽيٽيهر جا ٽَٽَ ڪَل مُرو جا پن

4عدد 3 کن 6 ڇڙا

انهن سڀني دوائن کي ڪٽي، ڇاڻي، هڪ ٽين گاسليٽ وٺي ان ۾ چرب ڪري، معجون مقوي بڻايو. پوءِ صبح شام سير کن انهيءَ مان نوش جان ڪرايوس. اُميد ته آچر کان اڳ سڀ ڪجهه صفا چٽ ٿي  ويندو.  هن دوا جو نالو آهي: معجون ”دافع عمر“!

ٽمبڪٽو (ممو سان):انهيءَ نالي جو مطلب ڇا آهي؟

ممو: جناب، يعني مرض عمر ڀر دفع.

حڪيم: جي مرص نه، ته مريض ته ضرور عمر ڀر دفع ٿيندو.

هنيئر اوهان دوائن جي تلاش ۾ وڃو ٿا، تيسين آءُ مريض جي چڪاس وٺي ڇڏيان.)

ٽمبڪٽو: هان، هان! بيشڪ وٺينس، خوب وٺينس!

(ٽمبڪٽو، ممو-ايگزٽ)

حڪيم (دلربا سان): پياري هنيئر ته طلب جي طبيبن کان دل جو  مرض نه ڇپاءِ، ڀاڪر پاءِ، ڇاتي ڇاتي سان ملاءِ.

(وفادار حڪيم جو لباس لاهي ٿو)

دلربا: هان! ڪير، منهنجو پيارو يار وفادار. (ڀاڪر پائڻ))

گانو

ڪيو قاتل آ دل تي نگاهن جو آواز-آءٌ نثار، آءٌ نثار!

پيا پياري ، آ پريم جي ماري ڪٽاري- آءٌ جانان ٿيان ٻلهاري!

تو تان واري-سونهين سر تي ڊپٽو گلنار،

منهنجي جوڀن جي جاني آ – آئي بهار

ڪير ڏسي پيا بن سينگار- گلي لايو-نين ملايو-وڃان آءٌ نثار.

ٽمبڪٽو:  (اندران ڇڪ ٿو ڏئي)

وفادار: هان، هي ڇڪ ڪنهن ڏني؟

دلربا: پيارا منهنجي ڪتي کي زڪام ٿي پيو آهي.

(انٽر ٽمبڪٽو)

ٽمبڪٽو: هان، هي بي وفائي، هي ڪهڙي ڪارروائي، چڱو علاج ٿو ٿئي، ڀلا بيهه ته تنهنجي اهڙي تهڙي.

(ٽمبڪٽو وفادار کي پڪڙي ماري ٿو ۽ رڙيون ڪري ٿو، دلربا ٽمبڪٽو کي ماري ٿي.)

(ٽيئي ايگزٽ)

 

پردو ٻارهون

جهنگل پويون

(انٽر مهلقا، ۽ جميل)

(جميل جو مهلقا کي پٽ تي ڪيرائڻ)

مهلقا: هاءِ، منهنجا دلبند ڀاءُ مون کي هت ڪهڙي رضا آندو آهي؟

جميل: مون نه آندو آهي، تو کي قضا آندو آهي جلد  تيار ٿيءُ، توکي هينئر هلڻو آهي.

مهلقا: ڪيڏانهن؟

جميل: اصلوڪي گهر ڏانهن.

مهلقا: هاءِ تنهنجي هي ظالمانا گفتگو منهنجي سمجهه ۾ نٿي اچي، مگر پيارا ڀاءُ، تنهنجون اکيون ڇو لعل ۽ اُداس آهن.

جميل: او ڪمبخت بدڪار، تنهنجي خون جون  پياسي آهن. هي ڇري تو کي عمر تائين خاموش ڪندي، قيامت تائين توکي وري اُٿڻ جو موقعو نه ڏيندي.

مهلقا: سبب؟

جميل: بي سبب.

مهلقا: قصور؟

جميل: بي قصور.

مهلقا: ڪهڙو جرم، ڪهڙي خطا؟

جميل: او بيهيا، اڃا تائين نه ٿي معلوم خطا، جنهن لاءِ هينئر ملئي ٿي سزا. تون بدڪار ۽ بيباڪ عورت آن.

مهلقا: خدا شاهد آهي، آءٌ الفت ۾ پاڪ هان، اهو اوهان جو فرمائڻ فضول آهي جي، اهو خيال آهي ته زير تلوار ڦٿڪي ساهه ڏيڻ قبول آهي.

يا رب تون محبت ۾ مون کي صبر سدا ڏي،

رخ آه بتن جو ته صفا جو رو جفا ڏي.

گانو

[11]مهلقا: هاءِ، هن گردش-ايام تي افسوس، افسوس!

هاءِ، هن محنت و آرام تي افسوس، افسوس!

هاءِ، عصمت کي منهنجي خواه مخواه هي داغ لڳو،

هاءِ، هن ناحقي الزام تي افسوس، افسوس!

هاءِ، تقدير کان ڇا بات بري آئي پيش،

هاءِ، هن حالت بدنام تي افسوس، افسوس!

هاءِ آءٌ گهر جي نه ٿيس، گهاٽ جي توبهه توبهه،

هاءِ، الفت جي هن انجام تي افسوس، افسوس!

جميل: توکي بدڪاري جو داغ دامنگير آ،

اهائي اي شرير تنهنجي تقصير آ،

جنهن واسطي موت تدبير آ.

مهلقا: آءٌ آهيان پاڪ، منهنجو شان رهي يا نه رهي، دم رهي، جان رهي، يا نه رهي؛ آءٌ رهان، نه رهان، ارمان رهي يا نه رهي.

جميل: خير، منهنجو تنهنجي پاڪائيءَ سان ڇا؟ آءٌ آهيان زر جو طالب. نيڪ ۽ بد جي پڇاڻ رهي، يا نه رهي، دين ويندو رهي، ايمان رهي، يا نه رهي.

مهلقا: آءٌ ته آهيان بي جرم، بي قصور.

جميل: مون کي ته آهي زر جو ضرور، اهو ئي آهي دنيا جو دستور.

مهلقا: سچ هي دنيا مڪاري آهي، ڀاءُ کي اڄ ڀيڻ کان زر پياري آهي، نه ٿي گهنگار، او ستمگر. برادر خدا ڪر، خدا ڪر، خدا ڪر، خدا ڪر.

جميل: خير، آءٌ خود آهيان گنگهار، توکي منهنجي گناهه سان ڪهڙو سرورڪار.

مهلقا: ٻئي کي گنهگار بنائڻ وارو خود گنهگار ٿئي ٿو، جهنم جو سزا وار ٿئي ٿو.

ظالم کي هن جهان ۾ عزت نٿي ملي،

سڀ ملي ٿو، ايمان جي دولت نٿي ملي.

جميل: نفس تي بي قابو ٿئي ها، ته فرشتو هربشر ٿئي ها.

مهلقا: منهنجي ته هن وقت تائين آهي پروردگار  عصمت بچائي، جو ڪنهن بدڪار جي ڦندي ۾ نه آئي.

جميل: تنهنجو کڻي ڪهڙو به حال آ، پر مون کي ته سچ پچ زر جوئي خيال آ، زر جي لاءِ ڪندس هي ظلم بيشڪ.

مهلقا: تنهنجي حق ۾ برائي آ.

جميل:! اُڙائيندس تنهنجو سر.

مهلقا: پيرا ڀاءُ  مون گردن جهڪائي آ.

جميل: آءٌ ڪنهن جو ڀاءُ ڪين آهيان، آءٌ زر جو هان طالب.

مهلقا: ڪجهه ڌيان ڪر توتي شيطان آ غالب.

بيت

مهلقا: (علحدو) اي باد صبا يار کي وڃ جلد چئو پيام،

تقدير ڪيو اي مٺا، مهنجو هتي مقام.

(جميل سان) اي جميل جي پنهنجي ڀيڻ جو ناحق خون ڪندين ته حشر ۾ شرمنده پيش خدا ٿيندين، تو کي ڇا ملندو جو ڪرين ٿو قهر.

جميل: زر، زر، زر، زر.

 مهلقا: ڇا توکي ڀيڻ کان زياده زر سان پيار آهي؟

جميل: بيشڪ، زر سان ئي زماني جو ڪاروبار آهي!

مهلقا: پيارا ڀاءُ ماتا اڳيان ڪهڙو جواب ڏيندين،

جڏهن هوءَ تو کان هن مظلوم، بي ڪس، جگر جي بند جو احوال پڇندي؟

جميل: بس، حجت تمام، هينئر پنهنجو سر جهڪاءِ، جلدي،

مهلقا: جهڪايو آهي مون سر، تون محبت جو جهڳڙو چٽاءِ، جلدي.

جميل: (پٽ تي اُڇلائي) هينئر تنهنجو ڪير مددگار آهي؟

مهلقا: پاڪ پروردگار آهي!

جميل: آرزو دل ۾ تنهنجي ڪائي باقي آهي؟

مهلقا: آرزو ڪجهه ناهي، هينئر موت جي مشتاقي آهي.

جميل: ڪنهن سان ملڻ جو  ارمان آ؟

مهلقا: ملڪ الموت جو ڌيان آ.

جميل: هينئر ڇا کائيندينءَ؟

مهلقا: شربت موت.

جميل: دل ۾ جو ارمان اٿئي اظهار ڪر!

مهلقا: ڪجهه ناهي تون خنجر تيار ڪر.

بيت

راضي هان مون جو ڪجهه منجهه قضا آ.

ظالم اگر بشر آ، ته عادل منهنجو خدا آ.

(ڦاسي گلي ۾ وجهڻ)

مهلقا: هاءِ، مٺي مادر، مون کي ڪهڙين اُميدن سان پاليو هيو. منهنجي نصيب ۾ هي پريشاني رکي هئي، منهنجي لوح ۾ هي بدنامي لکي هئي. پيارا ڀاءُ، ڇا منهنجي پيار جو اڄ هي حق ادا ڪرين ٿو؟ برائي خدا، هن پنهنجي نئي گلستان کي باد بهاري کان اڳ برباد نه  ڪر، اهڙو بيداد نه ڪر، اي جميل، هن بيڪس ڀيڻ جي هقير حال تي رحم ڪر، خدا توتي رحم فرمائنيدو. رحم، رحم اي جميل رحم!

جميل: مون کي زر سان پيار آهي، خدا رحم ڪري، يا نه ڪري، تنهنجي اجل جو  ٻيڙو تيار آهي، خدا ڪرم ڪري يا نه ڪري.

مهلقا: هاءِ، دنيا جو خون سفيد ٿي ويو، اي پياري ماتا، اڄ هن دک جي مسائي، غم جي ستائي، پنهنجي ڄائي، بيڪس مهلقا جو هي پريشان حال ته اچي ڏس. گلي ۾ ڦاسي آهي، ڀاءُ ڀيڻ جي خون جو پياسي آهي.

اي رات جا چمڪندڙ تارؤ، هي پوشاڪ زريني اُتاريو، هي ماتمي لباس پاڻ تي سنواريو. جلد مٺي ممتاز کي ٻڌايو ته تنهنجي مهلقا، تنهنجي ڪاڻ ڪسڻ جي لائق ٿي، اڄ اجل جي جام پيڻ جي شائق ٿي.

جميل: (علحدو) ڪهڙي نه جگر سوز تقرير آ، جنهن جي لفظ لفظ ۾ تاثير آ.

مهلقا: مهنجا چڱا ڀاءُ، ياد ڪر جو جڏهن توکي سر ۾ درد پوندو هيو، تڏهن هنن نازڪ نازڪ هٿن سان تو کي زور ڏيندي هيس ۽ هي نماڻا نيڻ تنهنجي تڪيلف ڏسي زار زار ڪڪر، بهار وانگر برسندا هئا. هي گردن جنهن کي گهنٽن تائين تون پنهنجي گود ۾ رکي، پيار مان چميون ڏيندو هئين ۽ جنهن ۾ پنهنجن هٿن سان خوش رنگ گلن جا هار وجهندو هئين. ڇا، اُف! اُهي ساڳيا هٿ اڄ انهيءَ نازڪ گردن تي ڇري وهائڻ واسطي تيار آهن.

جميل: (علحدو) آهه، هي نازڪ شيشو پٿر کي چڪنا چور ڪري رهيو آهي، دل هن جي مٺڙين مٺڙين ٻولين سان نرم ضرور ٿيندي، رحم جي طرف مجبور  ٿيندي. او بيوقوف دل سنڀال. سنڀال، ڇو ڏڪين ٿي، تڙپين ٿي، لرزين ٿي. ڇا تون پنهنجي ماتامي آواز سان ستل رحم کي سجاڳ، ڪندينءَ. نه ، نه، پٿر ٿي. او بزدل بڻائڻ وارا روح، هٽ، دور ٿي، دور ٿي، اي خوني ديوتا مون کي همت ڏي، جلد ٿي.

مهلقا: جت اُلفت ۽ خلاص ڀرين اکين ۾ مٺا ڀاءُ سرمون وجهندو هئين، انهن تي گهڙي دم ۾ گور جي سياهي ڇائي ويندي، ۽ موت جي ننڊ غالب ٿيندي، ۽ تون سنگدل ٿي پيو ڏسندين. ڇا هي تو کان سٺو ويندو. نه، نه، هرگز نه. ضرور فرشتا تنهنجي دل ۾ دخل ڪندا.

جميل: اي اجل گرفته، ڀلا هنيئر ڇا جي طلبگار آهين؟

مهلقا: رحم؛ مروت.

جميل: اي نادار، بدڪار عورت، جميل جي مروت جو خيال صاف ڇوڙ، چراغ ٿي، هوا سان نه رشته جوڙ.

تنهنجي خون جي تيغ تر ڪرڻ جو قسم کاڌو آهي.

مهلقا: بري ڪم واسطي قسم کائڻ هي به هڪ قسم جي برائي آهي (جميل رسيءَ سان هٿ ٿو ٻڌيس ۽ ڦاسي سخت ٿو ڪري).

مهلقا: نه، نه، پيارا ڀاءُ مون کي رسي نه ٻڌ، ڀل مون تي ڇريءَ جو وار ڪر، سر تن کان ڌار ڪر، آءٌ هرگز دانهن فرياد نه ڪندس، آءٌ صبر سان هي سڀ ستم سر تي سهنديس.

جميل: بس، خاموش، صبر،

مهلقا: آءٌ چرندس به نه ۽ تو ڏانهن غصي سان به نه ڏسندس. تون ڏک ڏيندين، آءٌ معاف ڪندس.

جميل (ڦاسي طرف وڌڻ) : بس، جلد تيار ٿي.

مهلقا: ڇا، ڪوئي چارو ناهي؟

جميل: ڪوئي ناهي.

مهلقا: ڪجهه؟

جميل: ڪجهه به نه.

 

گانو مهلڪا:

[12]تمنا سئر گلشن جي، اڙي صياد باقي آ،

نڪر قيد قفس بلبل، اها فرياد باقي آ.

بهاري جو نه غنچه هيئن، هٿن سان ٽوڙ اي ظالم ،

دنيا ۾ چند روز هي چمن آباد باقي آ.

لهو دامن کان تو ڌوتو، و ليڪن حشر تڪ قاتل،

تنهنجي گردن ۾ منهنجو خون، اي جلاد باقي آ.

خدا حافظ اي ”آغا“، چراغ-زندگاني جو،

گهڙيءَ دم هي دنيا ۾، اڄ دل-ناشاد باقي آ.

زباني: اي موت توکي مبارڪ هجي، تو کي چڱو حيلو هٿ آيو، مون پنهنجو مطلب وڇايو، قضا تو ڪم رسايو.

افسوس، مون کي معلوم ڪين هيو، ته تو جهڙو جميل بيدرد، ظالم، سنگدل ڀاءُ،  ملندو، افسوس!

جميل، بس، خاموش، تو صبر ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، صبر ڪر.

مهلقا: بيشڪ، اي جميل مون کي پنهنجي موت جو خيال ڪين آهي، صرف اهو ملال آهي، ته محشر ۾ توکي پيارا ڀاءُ هن خون جو سزا وار نه ڏسان، جهنم جي عذاب ۾ شل گرفتار نه ڏسان.

مگر، پڪ ڄاڻ ته اُتي به تنهنجي مظلوم بيڪس ڀيڻ جي زبان تنهنجي واسطي سفارش ڪندي. هيءَ الفت ڀري دل تنهنجي پر تقصير حال تي فرياد زاري ڪندي.

جميل(علحدو): اهو مجنون، قيس، جو خون، پياري. بيگناهه همشيره جو خون، دل جو خون، جگر جو خون. اُف، ڇا!

مان پنهنجي بي تقصير ڀيڻ کي هنن بي قصور هٿن سان ماريان. اهڙي عيش عشرت جڪي گود ۾ پليل نازڪ گل اندام تصوير جو خون، ناحق زمين تي هاريان، هن دنيا ڪتي جي واسطي. مگر افسوس، آءٌ ڏسان ٿو ته هن دنيا جي طرف ته دل للچائڻ ٿي لڳي. ڏسان ٿو هن بي قصور ڀيڻ جي طرف ته خون جوش ۾ ٿو اچي.

(مٿي ڏسڻ)

آها، ها، آسمان تي هڪ شفق نظر ٿي اچي، نه، نه، هي شفق ناهي، آسمان مان رحم جا فرشتا خوني لباس ۾ پنهنجو رخ ڏيکاري رهيا آهن. اي آسماني فرشتو، ذرا پنهنجو رخ ڏيکاري رهيا آهن. هي آسماني فرشتو، ذرا پنهنجو منهن هن سياه فلڪ جي پردي ۾ لڪايو. اي انڌيري رات جا روشن ستارؤ، اوهان به ابر جي آغوش ۾ پاڻ ڇپايو، ڇپايو! جيسين هن معصوم جو قصو تمام ٿئي.

اي اک نه رو، اي دل نه گهٻراءِ، مگر، آه! هي چراغ (اشارو چراغ ڏي) جو هن وقت روشن ٿو ڏسان، اگر گل ڪندس ته وري به روشن ڪري سگهندس، مگر (اشارو مهلقا ڏي) اي بزمِ حيات جي جان سوز شمع، اگر تو کي وسائيندس، ته تنهنجي وري روشن ڪرڻ جي اُميد دل ۾ قيامت تائين نه پائنيس، مگر افسوس، مون کي دنيا پياري نظر ٿي اچي. هن کي  مان ماريان (زور سان) ها ها، اُف! زمين تڙپي ٿي، فلڪ لرزي ٿو. اي آسمان تون پلٽ ، زمين هٽ. اي رحمدل فرشتو ذرا منهن ڇپايو، لڪايو، ماريندس هرگز نه ڇڏيندس.

(ڦاسي ڏئي، ڦاسيءَ جي طرف اشارو ڪري بيهي ٿو)

مهلقا (ڦٿڪڻ وقت): رحم، رحم، رحم، او ظالم رحم!

(مهلقا جو ڦٿڪڻ ۽ سندس سهيلين جو ڳائنيدي اچڻ)

 

گانو

سهيليون: هلو ڏسون، هلو ڏسون، هلو ڏسون، حقيقت ساري،

ڪير ڪري ٿو، هي آه و زاري

ڇو آئينءَ پياري بن ۾،

ڇا سوچ ڪئي تو من ۾،

 ڪائي جان آ، باقي تن ۾.

پئي بيڪس آ لاچاري- ڪير ڪري ٿو.

(ڊراپ سين)


[1] * طرز- ”امروز ديگرم بفراقي تو شام شد“.

جميل: (طرز ساڳي)

[2] * طرز: ”عالم ۾ هي خوبي ساري پيسي ڪي.“

* روپ: ”سهڻي. پيلو، پهاڙي سورٺ“

 [3] طرز: ”دل ليڪي ستم ڪرتي هو، ڪڇه ڌيان نهين هي“

[4] * روپ ڪانرو

 [5] * طرز- ”ٺمري، خون ناحق“

[6] روپ: ’ڀيروي‘ طرز: ”ڊرتا هون جدا مجهسي ميرا يار نه هو جائي“

[7] * طرز: ”جنون ڪا عشق صادق هي وه ڪب فرياد ڪرتي هين“

يا طرز: ”ڪوئي عاشق گرفتار هي محبت ڦسا هوگا ۾“

[8] طرز: ”دل کي سنڀاليو ري پياري، بهر خدا“

[9] ’روپ آسا‘ طرز: ”کيڏڻ دي دن چار.“

[10] ”روپ سهڻي“

[11] طرز: ”اي فلڪ توني ستم هائي غضب ڪيسا ڪيا“.

[12] ’ڀيروي‘ طرز: ”ڪهو بلبل ڪو ليجا وي چمن سي آشيان اپنا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com