سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:دنيا دورنگي

صفحو :7

 

پردو ٽيون

(انٽر ممتاز)

 

گانو ممتاز:

اڄ عيد آهي گهر گهر، پنهنجي به عيد ٿئي،

حاصل اگر اسان کي، دلبر جي ديد ٿئي.

آءٌ نقد جان ڏيان ها، ۾ قيمت ۾ يار جانا،

بازار ناز جي، ۾ دل جي خريدار ٿئي ها.

تيغ-نگهه سان دل تي، جي وار ڪن ها سهڻا،

هي جان نثار ٿئي ها، هي دل شهيد ٿئي ها.

جي بيوفا نه ٿين ها، اي جان من ته هرگز،

ڇو قفل آرزو جي، پيدا ڪليد ٿئي ها.

اي بيوفا جي تنهنجو، ڪو خط کڻي اچي ها،

”آغا“ جي يار دل کي، ڪجهه ڪجهه اُميد ٿئي ها.

زباني

يا الله دل کي گهٻراهٽ آهي، جان ڇو اڄ بيطاقت آهي. در و ديوار کان حسرت ٽپڪي ٿي، اڄ بار بار اک ڇو ڦڙڪي ٿي. يا الله، خير، خير، رحم!

(انٽر سهيليون)

(ممتاز جو سهيلين کي حيرت سان ڏسڻ)

گانو سهيليون

[1]هاءِ بانو، واءِ بانو! لائي قسمت اسان تي تباهي،

ڏيئي عمر ساري هي جدائي، ڪاري قبر وڃي تو وسائي-

هاءِ بانو، واءِ بانو!

اسان تو وساريو پياري، بي موت اجل ڪيئن ماري-

هاءِ بانو، واءِ بانو!

تو کي سهيليون ٿيون سارن، توريءَ رنج والم ۾ گزارن-

هاءِ بانو، واءِ بانو!

توبن عمر و بال آ پياري، توريءَ جيئڻ جنجال آ پياري-

هاءِ بانو، واءِ بانو!

بيڪس ”آغا“ هليو آ وطن کان، نڪتي بلبل جيئن ڪا چمن کان-

هاءِ بانو، واءِ بانو!

(سهيلين جو غم ۾ بيهڻ)

زباني

ممتاز: افسوس، هيءَ آه و زاري ڪنهن واسطي؟

انتظاري بيقراري ڪنهن واسطي، هيءَ پوشاڪ ڪاري ڪنهن واسطي؟ حيرت، حسرت، عبرت!

 (سهيلين سان) اي عورتو اوهان کي ڪهڙو ڪم آهي، هي ڪنهن جو ماتم آهي؟ خير ڪر الاهي!

زرينا: غضب، ستم تباهي.

ممتاز: آخر صفائي.

زرينا: پياريءَ بانو جي جدائي.

متماز: ڇا مهلقا جي شادي ٿي.

حسينا: بربادي ٿي.

ممتاز: يعني؟

گلنار: هت  ويراني، ملڪ عدم ۾ آبادي ٿي.

ممتاز: مطلب!

گلزار: موت، اجل غضب!

ممتاز: هاءِ ڦول تو دو دن بهار جان فزا دکلا گئي،

حسرت ان غنچون په هي، جو بن کلي مرجها گئي.

اُف، جگر چاڪ، دل جلي خاڪ ٿي،

ڪنن کي ڇا سڻائيي، اي ڪنؤ ٻوڙا ٿيو، ٻوڙا ٿيو!

زرينا، زرينا ٻڌاءِ! سچ چئو، جاني ڪٿي آهي- منهنجو گل رعنائي، هاءِ تو گردن ڇو جهڪائي. ڇا منهنجي پياري ڪنهن حال تباهه ۾ آهي، يا ڪنهن پناهه ۾ آهي؟

زرينا: افسوس، صدا افسوس! اي عاشق صادق، هوءَ اڄ انهيءَ مالڪ جي پناهه ۾ آهي، جتي قيامت جي ڏينهن هن جميل، ڪم اصيل کي پناهه وٺڻ دشوار ٿيندي- جڏهن هن ناحق خون جي پرسش سر بازار ٿيندي.

ممتاز: هاءِ، ته ڇا منهنجي پياري، بي اجل موت ماري! اُف:

هينئن چمن ڪنهن جو نه شل برباد ٿئي،

پر فضا گلزار مان، نابلبل هي ناشاد ٿئي!

زرينا: صبر، صبر، اي عاشق، ناشاد فرياد نه ڪر! دنيا تي حشر ايجاد نه ڪر، تنهنجن هنن پردرد دانهن کان دل کي خروش، جگر کي جوش ٿئي ٿو.

حسينا: والله، ڪليجو منهن ڏي اچي ٿو.

گلنار: دل گهٻرائي ٿي.

گلزار: شايد تقدير اڄ اسان کي آزمائي ٿي.

ممتاز: خالي نه انهيءَ داغ کان هيءَ دل خدا ڪري،

 محبوب جي ماتام ۾ شامل خدا ڪري.

جن جان کان جدا ڪئي آ دل دغا ڪري،

اُميد تن جي پوري نه بلڪل خدا ڪري.

بس، هينئر هن زخم جو مرهم ڪجهه نه باقي آ، صرف موت جي مشتاقي آ.

زرينا: يعني؟

ممتاز: خودڪشي، موت، اجل، اي اجل! جلد آءُ، جلد آءُ، جلد آءُ. اچي گلي لڳاءِ، آغوش ۾ سلاءِ.

معلوم جي هجي ها، هي انجام –محبت،

هرگز نه وٺان يار ها، مان نام-محبت.

رخصت، اي دنيا جي نعمت رخصت! بس، هميشه لاءِ رخصت، تا قيامت رخصت!

(تلوار ڪڍڻ ۽ سهيلين جو جهلڻ)

حيات صورت نقش حباب باقي آ،

ڪوئي دم يار منهنجو اضطراب باقي آ؛

مسافران، عدم کي چئو، ته ذرا ترسو،

جو هڪ مسافر پادر رڪاب باقي آ.

زباني

زرينا: اي نااُميد، غم رسيده عاشق! جي تون پنهنجي جان برباد ڪندين ته ڇا، پنهنجي پياري مهلقا جي روح کي شاد ڪندين؟

ممتاز: آ هٿن کان وئي صفا دل، هاءِ دل، افسوس دل،

ڪئي ادا مون سان دغا دل، هاءِ دل، افسوس دل!

ڇا، هن تنهنجي زبان کان مرحوم مهلقا جو پاڪ روح ٻولي رهيو آهي؟

زرينا: هان، هان، تنهنجي فهمائش واسطي اُهو ئي زبان کولي رهيو آهي.

ممتاز: شمع هئي اُميد دنيا ۽ هي دل پروانو هو،

خواب هو جو ڪجهه ڏٺم، ۽ جو ٻڌم افسانو هو.

(ممتاز جو بيهوش ٿيڻ، ۽ سهيلين جو سهارو)

پڙدو لهڻ

 

 

پردو چوٿون

(انٽر ٽمبڪٽو)

گانو

ٽمبڪٽو: هي عورت آ، يا آفت، بد خصلت آ، بي عزت،

ٿئي اهڙي صورت غارت، آ مون کي نفرت نفرت!

جو اهڙي زال وارو،

تنهنجو هر هارو منهن ڪارو:

هن جوءِ جي اهڙي تهڙي، وجهو لعنت تنهن تي يارو!

هڪ موٽر سائيڪل چنچل، ٻي چال فيشن ايبل،

کاني لئي چئر ٽيبل، آئو جي وٽس ليبل،

جو اهڙيءَ زال وارو،

تنهن جو هر هارو منهن ڪارو:

هن جوءِ جي اهڙي تهڙي، وجهو لعنت تنهن تي يارو!

ٿي لئو جا لکي ليٽر، يارن سان ڏسي ٿيئٽر،

چهري تي مکي پوڊر، زلفن تي ڇڙڪي لونڊر،

جو اهڙيءَ زال وارو،

تنهن جو هر هارو منهن ڪارو:

هن جوءِ جي اهڙي تهڙي، وجهو لعنت تنهن تي يارو!

(ايگزٽ)

 

 

پردو پنجون

(انٽر ممتاز ديواني حالت ۾ ۽ لاش تي نظر پوڻ)

 

زباني

ممتاز: هاءِ، غضب، ظلم، روئو پٽيو! اي فرشتو هن مسڪين جي ماتم لاءِ اچو، خاڪ وسايو، پهاڙو پٿر برساو؛ دوزخو آگ اُڙايو، چنڊ سورج پرزا پرزا ٿيو. هاءِ، منهنجو چنڊ اڄ موت جي بادل ۾ ڇپي ويو، منهنجو نازڪ ٻوٽو خزان جي جهولي جهوٽيو، مايوس باغ ۾ بلبل ٿيو، اڄ منهنجي جگر جو چراغ گل ٿيو.

آهيان جليو مان، آڳ لڳي هاءِ نصيب کي،

آرام ننڊ ۾ به، نه آيو غريب کي.

(لاش کي هنج ۾ رکي ڳائي ٿو)

گانو ممتاز:

[2]سوز غم آ تن لاغر کي جلائڻ آيو،

اشڪ خون دل جي لڳي آڳ اُجهائڻ آيو.

دامن دشت آ غربت ۾ ڪفن بعد فنا،

بيڪسي ۾ نه ڪوئي لاش کڻائڻ آيو.

قيد خاني ۾ منهنجو حال سگهو ڏس تون اچي،

اڄ اجل موت جو پيغام سڻائڻ آيو.

بيڪسي ۾ نه آ ڪوئي حال جو ڀائي ”آغا“،

هر ڪوئي آ ڏکي دل کي ستائڻ آيو.

 

زباني

اي سنگدل زمين، ڇا تو ۾ سيلاب ڪونه هو، جو هن نازڪ گل اندام جي هن سرخ خون سان پنهنجي پياس پوري ڪئي. اي دنيا دورنگي، دل جي آس پوري ڪيئي. اي خوفناڪ پهاڙو، اوهان کي به منهنجي بيقصور مظلوم معشوق جي هن حقير حال تي رحم نه آيو. اي سيه فام آسمان، توکي به شرم نه آيو. اي ڀيانڪ جهنگل، تون هن شهيد جفا جي ناحق خون جو شاهد رهج. اي رات جي انڌيري، تون به مولا اڳيان آه و زاري ڪج. اي زمين تون به حشر ۾ پڪاري ٿج. اي خون آلوده زخمو، فرياد ڪيو، فرياد ڪيو، دنيا تي حشر ايجاد ڪيو.

گانو ممتاز:

هي گل ۽ ٻوٽا، مٽي ۽ پاڻي، فاني آ، فاني آ،

سارو جهان هي سڀ جوٺو آ، دنيا جو خيال،

گهر و زر سڀ جوٺو آ مال.

(لاش کي چمڻ)

زباني

جاڳ، جاڳ، او بيوفا مهلقا بيدار ٿي، هوشيار ٿي! ڇا هي به هڪ ناز آهي، اُٿ، ڏس ته ڪهڙي نه حال ۾ پر ملال تنهنجو ممتاز آهي.

هيچ دنيا آهه هيءَ، عقبيٰ جي طلب گاريءَ ۾،

آخري دم شال نڪري، اڄ هي وفاداريءَ ۾.

دعا ڪيو ته اُت هزارن ۾ نه شرمسار ڪري،

دعا ڪيو ته خدا منهنجو ٻيڙو پار ڪري.

هاءِ ساقيا، تنهنجي مئيخاني مان اڄ پُر از ارمان نڪتس.

(پاڻ کي خنجر هڻڻ، سپاهين جو اچڻ)

سپاهي: او خبردار خوني، نه ڪر غرق زندگاني!

ممتاز: ذات رحماني! ذات رحماني! اي عدم جا مسافرو، ذرا هوش سنڀاليو. زمين تڙپي ٿي، فلڪ لرزي ٿو، قيامت اچي ٿي، اوهان ڪير آهيو، مون کي ڊيڄارڻ وارا.

سپاهي2: توکي موت جو ڦاٽڪ لنگهائڻ وارا؛

سپاهي3: توکي آغوش-قبر ۾ سمهارڻ وارا.

سپاهي 1: او خوني، جنوني، هيءَ عياري، مڪاري؛ ۽ پوءِ به هيءَ آه و زاري!

 (انٽر جمعدار)

جمعدار: ڇا، ٻيو ته خير آهي؟

ممتاز: ڪجهه ناهي، ملڪ عدم جو سير آهي.

جمعدار: هينئر قتل جي دهشت طاري آهي، جو خودڪشي جي تياري آهي.

ممتاز: البت.

جمعدار: ڀلا هت ڇو آيو آهين؟ جلد بيان ڪر!

ممتاز: هت ڇو آيو آهيان! نصيب جو ستايو آهيان.

قسمت جو جلايو آهيان، رحم اي زيشان ڪر.

صبر حال تابه مشڪل آ، ضبط فرياد آه مشڪل آ.

جمعدار: فريب، دغا، ظلم، مڪاري، انهن چيزن جو نالو آهي دنياداري!

سپاهي: صورت ۾ نور، سيرت ۾ نار-منهن ۾ پيار، بغل ۾ تلوار!

ممتاز: غريب، عاجز، غم رسيده. گردش- ناهنجار جو گهايل، فلڪ ڪج رفتار جو ستايل. مسڪين، بيتسڪين، بيڪس، رحم، رحم!

جمعدار: بس، هينئر زبان بند ڪر! جلد هل، پنهنجي واسطي سزا پسند ڪر.

ممتاز: هتي نازل خدا يا هر بلا آ، هي منهنجو گهر آ، يار يارو ڪربلا آ. او دوزخ، ڇا تو  ۾ ايتري آتش ڪين آهي، جو مون کي جلائين. اي پهاڙ، ڇا تو ۾ ايترا پٿر ڪين آهن، جو مون تي برسائين. افسوس، شايد ممتاز ۽ بدنصيبي، هڪڙي ئي ڏينهن پيدا ٿيا هئا.

جمعدار: بس!

سپاهي 1: صبر.

سپاهي 2: خاموش.

(ممتاز کي زنجير وجهڻ)

ممتاز: ابر، پاڻيءَ جي عيوض آڳ کي برسائي ٿو،

ٿو وڃان درياءَ لب ته پاڻي به مون کي کائي ٿو.

تحقيق عشق جو نتيجو دلگيري آهي، شاهي جو نتيجو فقيري آهي.

جمعدار: او ڪمبخت، تون دنيا ۾ انهيءَ لاءِ پيدا ٿيو آهين، ته خدا جي بندن جي خون ۾ تيغ رنگين ڪرين، ۽ وري پاڻ کي مسڪين ڪرين.

ممتاز: آءٌ هن واسطي آهيان جو مصيبت اُٺايان، ۽ شڪايت زبان تي نه لايان.

جمعدار: بهادرو، اوهان جو ڇا خيال آهي، قاتل آهي، يا ديوانو، يا غافل آهي؟

سپاهي 1: ايمان جي ڳالهه ڳپڇو ته فريبي آهي، خونخوار آهي.

سپاهي 2: قاتل آهي، قابل دار آهي.

سپاهي 3: خوني آهي، جنوني آهي، هن جو ڇٽڻ دشوار آهي.

جمعدار: تحقيق، کڻو هي لاش، جلد پيش سرڪار ڪيو، قاتل جو سر بردار ڪيو.

ممتاز: عزيزو، اوهان ناحق تڪليف نه ڪيو، مان خود پنهنجي مظلوم معشوقه جو بيڪس لاش کڻڻ لاءِ تيار آهيان، گرچه پاپي آهيان، گنهگار آهيان!

سپاهي: خاموش، او نابڪار، دور هٽ، خوني بدڪار!

ممتاز: اي سنگدل سپاهيو، اوهان منهنجي هن آه و سوزان کان ذرا نرم ٿيو، هن نازڪ جي خون آلوده ميت کي تڪليف نه ڏيو.

سپاهي: بس، صبر، زبان بند ڪر!

ممتاز: يا خدا، هنن ڪاساين جي جماعت ۾ ڪو رحم جو فرشتو آهي يا نه؟

 (سپاهين جو لاش کڻڻ ۽ ممتاز جو چنبڙڻ)

ممتاز: اي يارو بهري خدا، معشوقه جو لهو  ۾ لعل لاش نه هلايو. هن شهيد عشق جي بيقرار روح کي تڪليف نه رسايو. ذرا هن بي ڪفن، بي دفن لاش تي رحم فرمايو.

جمعدار: دوست هٽ، او دنيا جا آزار، هل موت لاءِ ٿي تيار.

ممتاز: مون کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃو، آءٌ ڇا لاءِ ٿيان تيار.

سپاهي 1: تو کي اجل جي ڦاٽڪ کان لنگهائينداسون پار.

ممتاز: بهتر آهي ته منهنجو گلو هت چاڪ ڪيو، قصو پاڪ ڪيو. جيڪي خون جا قطرا زمين تي ڪرندا، اهي به اوهان کي هميشه دعا ڪندا، ۽ آفرين وجهندا.

سپاهي 2: هان، هان، تنهنجو قصو پاڪ سر بازار ٿيندو، پيش سرڪار ٿيندو.

ممتاز: افسوس، اوهان ثابت ڪري رهيا ته اوهان مٽيءَ جا نه آهيو، بلڪ پٿر جا بڻيل پتلا آهيو.

جمعدار: بس زبان ٿام، او بد انجام! اگر زياده بڪوات  ڪندين، ته تنهنجي زبان ڪاٽي ويندي.

ممتاز: اگر اوهان زبان ڪاٽيندؤ، ته آءٌ اکين جي اشارن سان اوهان کي سمجهائيندس.

جمعدار: اُهي به ڦوڙيون وينديون.

ممتاز: ته آءٌ پنهنجي مظلوم معشوقه جي واسطي پنهنجو سر اوهان جي قدمن تي ڌريندس.

جمعدار: اُهو به علحدو ڪيو ويندو.

ممتاز: هاءِ افسوس، اهڙي جلادي!

سپاهي: ڪمبخت، اهڙي بيدادي.

ممتاز: اي آسمان، تو به ڏٺو ٿي؛ اي زمين تو به ٻڌو ٿي؛ اي جهنگلي درختو اوهان به حاضر هئا، مگر افسوس جو ڪنهن کي ترس ڪين آيو، ڪنهن رحم ڪين کاڌو.

 

(سپاهي لاش کي کڻي هلن ٿا)

 (ممتاز جي چرين جيئن دانهون ڪرڻ)

ممتاز: هاءِ اي جلادو، هنن نازڪ نازڪ لعل رخسارن تان هن عاشق ناشاد، غريب، ڪم نصيب کي آخري بوسو ته وٺڻ ڏيو. اي ظالمو هن بيڪس جي رت ۾ رنڱيل زخمن کي هن فريادي زاري سان زرا خشڪ ته ڪرڻ ڏيو. هاءِ، اي شهيد، جفا، حافظ خدا، حافظ خدا!

گانو ممتاز:

[3]باغ الفت جو مزو، اڄ يار بن ويندو رهيو،

بلبليون وينديون رهيون، سوسن سمن ويندو رهيو.

اي مسافر يار تو، حافظ خدا، حافظ خدا،

هاءِ يارو صبر سان، غنچھء دهن ويندو رهيو.

مان نه وڇڙيس ٿي اوهان کان، هي قضا جو قهر آ،

هيئن چئي محبوب منهنجو، گلبدن ويندو رهيو.

ڪر دعا تون يار ”آغا“، دلربا کي دل منجهان،

جو مسافر يار  تنهنجو، بي ڪفن ويندو رهيو.

(سڀ ايگزٽ)

 

 

 

 

 

پردو ڇهون

فوجداري

(انٽر ممتاز گرفتار ٿيل)

 

گانو ممتاز:

 [4]بدقسمتي کان مون ڏٺا، سامان نوان نوان،

حاصل ڪيم هي حسرت و ارمان نوان نوان.

دلدار تنهنجي عشق ۾ مون کي نصيب ٿيا،

صحرا نوان نوان، ۽ بيابان نوان نوان.

ٿيندين نه يار غم کان تون آزاد، اي ”آغا“،

فرياد ڪرين تون کڻي، نالا نوان نوان.

فوجدار: اي اجل رسيده، تنهنجو نام؟

ممتاز: بي آرام، بدنام، ناڪام، مبتلائي آلام!

فوجدار: وطن؟

ممتاز: اُجڙيل ۽ ويران بن.

فوجدار: ڀلا هت تنهنجي اچڻ جو سبب؟

ممتاز: ڄاڻي ٿو رب، مگر...........

هر ڪو وطن آ ڇڏي ارمان کان نڪتو،

يوسف نه خوشيءَ سان ڪڏهن، ڪنعان کان نڪتو؛

نڪتو به اگر گردش دوران کان نڪتو.

فوجدار: توکي ڪهڙي چيز جي تلاش آهي؟

ممتاز: نه زر جي تلاش آ، نه پسر جي تلاش آ، اکڙين کي اڄ نور نظر جي تلاش آ، پهلو  ۾ دل آ، جگر جي تلاش آ.

فوجدار: ڀلا تون ڪير آهين؟

ممتاز: آهيان مان اُهو گل، جو گلستان کان جدا آ،

پروان جئن شمع فروزان کان جدا آ.

ساغر جي آه و نالان کي تون سمجهه ساقيا،

هيءُ جام رهيو جو لب- جانان کان جدا آ.

فوجدار: ڪجهه حال ڪر، تون جلدي ته پنهنجي زبان سان، پوشيده بات نڪري، ڪا تنهنجي بيان سان.

ٻڌايان درد دل جي ٿو،جلي منهنجي زبان يارو،

ڪيان جي صبر ٿو و الله، سڙن ٿا استخوان يارو!

ممتاز: دل آ غذائي رنج، جگر آ غذائي رنج،

راحت جي نام کان نه هان، وقف سوائي رنج،

رنج مون تي مبتلا آهي، مان مبتلائي رنج،

رنج منهنجي واسطي آ، ۽ مان برائي رنج؛

احوال منهنجو جو سڻي، سو ڀي سهائي رنج.

فوجدار: شايد اها ئي تنهنجي تقدير آهي، جنهن واسطي ايتري تقرير آهي.

ممتاز: بيشڪ، اگر پيشانيءَ جي سچي تحرير نه هجي ها، ته ممتاز هن مصيبت ۾ اڄ اسر نه هجي ها.

سر نوشته ڪاتب تقدير پيشانيءَ تي آ،

نامھء اعمال جي تحرير پيشانيءَ تي آ.

فوجدار: آ گذر تنهنجو ٿيو هتي، اڄ داد پائڻ واسطي،

يا آيو آهين مون کي تون سبق پڙهائڻ واسطي.

ممتاز: مان ته پنهنجي معشوق جي قتل جو ٻڌي، سندس لاش تي ماتم لاءِ ويس، جتي گرفتار ٿيس. بس، ايتري تائين جو حاضر دربار ٿيس.

هال ڇا مان ٻيو چوان، بادهء پيمائيءَ جو،

آ سڻيو سارو قصو، سرڪار هن رسوائيءَ جو.

(انٽر-جميل ۽ شمشاد)

جميل: هان ڪير خوني، موذي، ظالم؟ جنهن منهنجي روح روان کي ستايو، جنهن کي ڪجهه قياس ڪين آيو- هن جو قفس عنصري ٽوڙي ناس ڪيو-جهاز زندگانيءَ جو موت جي بندر جي پاس ڪيو.

(فوجدار کي) سرڪار، هن فرياد جو جلد داد ٿئي، هن مردود جي زندگي برباد ٿئي؛ هن ناحق خون جو منصف حضور ٿئي؛ هن خونيءَ جو هڏ هڏ چڪنا چور، ضرور بلضرور ٿئي!

ممتاز: بيشڪ، صاحب! مان موذي، مان خوني، مان چور، ليڪن اُهي آهن سينه زور، جيڪي پنهنجي جگر جو خون پي شاد رهن ٿا، ۽ پوءِ به دنيا ۾ آزاد رهن ٿا.

فوجدار: ٻڌاءِ نام تن جو، تڏهن صاف صاف،

زبان ورنه ڪٽبي، جي هوندو خلاف!

ممتاز: صاف صاف، ڪنهنجو نالو ٻڌايان! ڪهڙي طرح زبان تي لايان-ظاهر ته بندو گنهگار آهي، ليڪن حقيقت ۾ ڪو اور خوني سزاوار آهي.

سپاهي: اگر انهيءَ جو نالو اظهار نه ڪندين،

ته اڃا زياده عذاب ۾ گرفتار ٿيندين!

ممتاز: عذاب کان ڏڪايو ٿا، ڌمڪايو ٿا، ته ڀلا ڪنن جا پڙدا کولي ٻڌو!

سڀ پتا صاف سڻائڻ ٿا سڻائڻ وارا،

هتي موجود آهن، قتل ڪرڻ، ۽ ڪرائڻ وارا.

فوجدار: ڇا شمشاد!

ممتاز (اشارو جميل طرف): هان ۽ ٻيو هي ناشاد؟

فوجدار: ڇا جي واسطي؟

ممتاز: دنيا ڪتي جي واسطي.

فوجدار: ڇا، ههڙي نيڪ انسان تي اهڙو گمان؛ الامان، الامان!

ممتاز: ڇا، نيڪ انسان؟ خدا لعنت وجهي شيطان تي، اهڙي قسم جي انسان تي.

فوجدار: ڀاءُ ڪيئن ٿيندو قصائي،

ڀيڻ سان ڪيئن ڪندو، ڪج ادائي!

سپاهي: ناشدنهي، ناشدني!

سپاهي: ناممڪن ، ناممڪن!

ممتاز: بيدرد دير قتل ۾، صفا نٿو ڪري،

دولت جي لاءِ آدمي، ڇا ڇا نٿو ڪري!

فوجدار: بس، زبان ٿام مردود، هنيئر ڪيانءِ ٿو نابود- خوني، جنوني.

سپاهي: او موذي، پاپي، بدڪار، ڪهڙي تفصير تي هن غريب عورت جو ڪيئي سر تن کان ڌار؟

 

گانو ممتاز:

[5]نه هي داغ دامن تي يارو لڳايو،

ڀلي جان منهنجي، هيءَ جيئري جلايو!

فلڪ جي ستم کان، اڳي هان ستايل،

ڏکي دل نه ناحق، دوباره ستايو!

شڪايت آ ڪنهن جي، بري منهنجي قسمت،

ٿيو آه دشمن، ته پنهنجو پرايو!

رهي خون ناحق جي محشر تي دعوا،

نه هت فاش ”آغا“ کان پڙدو ڪرايو!

سزا ڏيو لائق ڪار محبت،

کڙا هون اجهو گنهگار محبت.

شمشاد: ڪيئن جناب اعليٰ، قيد جو مزو ماڻيو ٿا؟

بندي کي به ذرا سڃاڻو ٿا!

ممتاز: شيطان کي ڪير نٿو ڄاڻي،

بلڪ هر هڪ انسان ٿو سڃاڻي.

شمشاد: اي مغرور شخص، زنجيرن ۾ جڪڙيل آهين، تڏهن به تنهنجي اها خوءِ نه ٿي وڃي.

ممتاز: گل گرچ سڪي وڃي، ته به اُن مان اُها بوءِ نٿي وڃي.

عشاق مصيبتن کان ڪٿ ڊڄن ٿا،

تارا ڏينهن جي عوض رات جو چمڪن ٿا.

عطر جي مٽيءَ ۾، مهڪ نٿي وڃي،

ٽوڙيو به اگر هيري کي، ته چمڪ نٿي وڃي.

شمشاد: او ديوانا ڪجهه اک کول، خبردار ٿي،

حياتيءَ جي اقليم تان دست بردار ٿي.

ممتاز: جان هيءَ ويندي، مگر جوهر جي بوءِ ويندي ڪٿي، قيد ۾ ڀي شير جي شيرانه خوءِ ويندي ڪٿي؟

سپاهي: هن زماني تو جهڙو ڪوئي گنگهار نه آ،

تو جهڙو موذي نه آ، ڊاڪو نه آ، بدڪار نه آ.

شمشاد: آخر تون ڪيتريون دانهون فريادون ڪندين،

او روسياه!

ممتاز: ايتريون آهون ڪندس، جيترا تنهنجي نامهء اعمال ۾ آهن، گناهه!

سپاهي: تو کي جان جو خوف نٿو ٿئي، او بدڪار، جو سرڪاري عملدارن جي اڳيان ڪرين ٿو بي ادبيءَ جي گفتار.

ممتاز: ڇا، خوف جان! يعني موت! او نادان موت کان اوهان جهڙا گنهگار خوف ڪن ٿا. جن کي خدا جي روبرو ٿيڻ شرم ٿئي ٿو. موت ته هڪ رحمت الاهي آهي، جا نيڪن کي دنيا  جي براين کان بچائي، خدا وٽ پهچائي ٿي.

فوجدار: نٿو ڊڄين ذرو به تون منهنجي عتاب کان،

بڪوات ڪرين بيجاءِ ٿو، نشي شراب کان.

ممتاز: خير اوهان شراب خور بڻايو، يا زناڪار يا ڦاسي جو سزا وار بڻايو.

ڌوتا مون دست پنهنجا هن، پنهجي جيءَ جان کان،

پوءِ راست بات ڇو نه ڪيان، مان زبان کان.

فوجدار: بي ادبيءَ جي گفتار ڇڏ، ورنه بي رحميءَ سان تنهنجي زبان ڪاٽي ويندي.

ممتاز: گر اهي ناپاڪ ارادا هن دل صفاڪ جا،

حال تنهنجا ڀي ٿيندا جيڪي ٿيا ضحاڪ جا؛

جو هٿن سان اڄ زبان منهنجي ڪپيندين ظالما،

هت سڀان ڪاتيندا تن کي، هاءِ ڪيڙا خاڪ جا.

ڇا انصاف انهيءَ جو نالو آهي؛ رحم انهيءَ کي چون ٿا، جو هڪ بي دست وپا سرتا پا بزنجير تي تلوار اُٺائين ٿو. شير کي زنجيرن ۾ جڪڙي، لونبڙين کان ڌمڪائين ٿو.

سپاهي: بس، او بي ادب خاموش!

ممتاز: وڃ، ڏيکار بزدلن کي هي جوش و خروش.

فوجدار: بي ادب گفتار ڇڏ، مڪار خبردار! خوني گنهگار، روڪ زبان ورنه ڪڍانءِ ٿو جان. ڪوئي حاضر آهي! وٺي وڃو هن ڪمبخت کي، داخل زندان ڪيو. ڪجهه وقت قيدخاني جي هوا کائيندو ته مزاج ٺيڪ ٺيڪ پائيندو.

ممتاز: خطا معاف، اگر شيطان جي هٿان انصاف ٿئي ها، ته ذرو نه انهيءَ جي خلاف ٿئي ها.

فوجدار: هنيئر هرگز نه قاتل توکي ڇوڙيو ويندو،

هڏ هڏ تنهنجو، هن خنجر فولاد سان ٽوڙيو ويندو.

جميل: هن جو خون نچوڙيو ويندو.

شمشاد: هن جو سر سوليءَ تي کوڙيو ويندو.

سپاهي: هن جو گوشت سرنين ۽ ڪانون کي ڏبو.

سپاهي: هان هان، بيشڪ ائين ڪبو.

گانو ممتاز:

اي خدا تون مدد ڪر، مولا منهنجي مدد ڪر،

مون تي رحم ڪر باري تعاليٰ، منهنجي مدد ڪر!

هر شيءِ ۾ نمايان آ تنهنجو جلوو،

اي منهنجا باري تعاليٰ مدد ڪر!


[1] * طرز: ”هاءِ بابا، واءِ بابا (خدا دوست)

[2] طرز: ”شمع ڪو ديکه ميري جي ڪي جلاني والي“

[3] روپ سهڻي: ”سورٺ پهاڙي“

طرز: ”يا الاهي لطف سي اس شهر ڪا در کول دي“

[4] روپ: ”سهڻي“

[5] روپ ڪانرو: ٽوڙي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com