سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:دنيا دورنگي

صفحو :8

 

پردو ستون

مڪان شمشاد

 

گانو شمشاد:

مان هان زهري نانگ، بنان آگ،

جي مان برباد ڪيان سارو راڄ ۽ تاج.

آگ لڳايان مان راڄ کي خاڪ ڪيان، تخت و تاج کي.

پامال ڪيان، هڪ دم ۾ سارو خاندان. هي آشمشير موذي،

ماريان ڳاريان يارو دشمن کي، موذي ڪريان گهات گهات.

زڊ ني

شمشاد: گرچ قصو طول ٿيو، ليڪن منهنجو مطلب حصول ٿيو. هنيئر ڪنهن زبان درازيءَ سان پاڻ آزاد ڪيان، هن بدبخت جميل جو خانو برباد ڪيان. عداوت جو چشمو جڏهن جوش ۾ اچي ٿو، تڏهن طوفان خيز سيلاب ۾ دشمن جو سامان غرق ڪري ڇڏي ٿو.

ٽمبڪٽو: ۽ محبب جو درياءَ جڏهن موج ۾ اچي ٿو، تڏهن پنهنجن ملاحن کي امن ۽ امان سان سلامتيءَ جي بندر تي پهچائي ٿو. افسوس!

خون لئي هيءَ دل وري اڄ تيار ٿي، ڇو يا خدا،

نور کان جا دل بڻي هوئي نار ٿي، ڇو يا خدا.

شمشاد: مان به سخت حيران آهيان ته،

مور هي اڄ محب منهنجو مار ڇو ٿيو يا خدا،

گل صنوبر جنهن کي سمجهيم، خار ڇو ٿيو يا خدا!

واه هو به ڪو نيڪ آهي، ناحق دل ڌتارڻ.

ٽمبڪٽو: شيطان کي آئينو ڏيکارڻ.

شمشاد: ٽمبڪٽو، منهنجو ڪو به قصور ڪونه آهي، اهو سڀ جميل جو فتور آهي، مون کي قسم آهي.

ٽمبڪٽو: ڪنهن جو؟

شمشاد: هن سر جو!

ٽمبڪٽو: هن تي ته گناهن جو باري ڀوجهه آهي.

شمشاد: هن پاڪ دل جو.

ٽمبڪٽو: اها ته فريب ۽ دغا سان ڀريل آهي.

شمشاد:ڀلا فرشتن جو؟

ٽمبڪٽو: اُهي ته توتي لعنت ڪري رهيا آهن، هو چون ٿا ته تون مڪار آهين.

شمشاد: چڱو، ته اُنهيءَ پاڪ خدا جو.

ٽمبڪٽو: خدا تنهنجي نالي کان بيزار آهي.

شمشاد: ڀل جلان دوزخ اندر، تنهنجو فڪر هن دم نه آ،

ابتدا عمدي ٿئي، انجام جو ڪجهه غم نه آ.

ٽمبڪٽو: عجب ناداني آهي، تنهنجي حالت تي مون کي سخت حيراني آهي.

شمشاد: آدمي پيدا ٿيو لطف جواني واسطي،

عيش راني، حڪم راني، زرفشاني واسطي.

نيڪ بد جو فڪر دل کان دور ڪر نادان تون،

سڀ هي ڪانٽا باغ ۾ هن زندگاني واسطي.

ٽمبڪٽو: مگر اها زندگي ڪيتري آهي، جنهن جي هوس ايتري آهي؟

زندگي هڪ شجر آ، جو سبز آهي ڪجهه زمان،

انت آرهه سان ڪپيو ويندو، نه رهندو ڪجهه نشان.

هي بدن ناپاڪ ڇا هي، ليڪ هڏڙين جو قفس،

آه هي مهمان تنهن ۾، چار دن مرغ-هوس.

موت جو صياد ايندو، هاءِ شوق-جبر ۾،

بلبلون وينديون اُڏي، پڃرو هي پوندو قبر ۾!

شمشاد: گر اٿي سر ۾ عقل، بڪوات زياده ڏي ڇڏي!

ٽمبڪٽو: گر اٿي ايمان دل ۾، بد ارادا ڏي ڇڏي!

شمشاد: تون مجنون آهين.

ٽمبڪٽو: تون ملعون آهين.

شمشاد: تون حيوان آهين.

ٽمبڪٽو: تون ابليس آهين، شيطان آهين.

شمشاد: او بي ادب خاموش، تو اڃا مون کي سڃاتو ڪين آهي، مان آهيان آفت، تو ڄاتو ڪين آهي.

ٽمبڪٽو: اي نادان، خداوند پاڪ غصو انهيءَ واسطي ڏنو آهي ته ظالمن کي ڏڪايو؛ زور انهيءَ واسطي ڏنو اٿس ته مظلومن کي بچايو؛ زر انهيءَ لاءِ ڏني اٿس، ته مسڪينن کي مدد ڪيو؛ حرص انهيءَ واسطي، ته نيڪين کي جمع ڪيو؛ همت انهيءَ لاءِ ته بديءَ کي فنا ڪيو.

شمشاد: بس بس، هينئر زبان کي لغام ڪر. هل دور، هٽ هتان، نه حجت غلام ڪر.

ٽمبڪٽو: ڏي خدا نيڪ عيوص مون کي مننهجي نيڪو ڪاريءَ جو، شرم ڪر، ۽ سبق سک وفاداريءَ جو.

ٽمبڪٽو: مصور جي شيشي تي نقاش ڪري رکي، ۽ اهو خريدار جي هٿان ڇٽي وڃي، يا ٺوڪر سان ٽٽي وڃي!

شمشاد: ته مصور کي سخت ملال ٿيندو.

ٽمبڪٽو: ڀلا ڇو اهڙو خيال ٿيندو؟

شمشاد: ڇو جو مصور  جي محنت برباد ٿي!

ٽمبڪٽو: واه سبحان الله، خوب بات ارشاد ٿي.

هينئر بندي جو عرض آهي، ٻڌڻ فرض آهي، ته جڏهن مصور پنهنجي تصوير جي ٽٽڻ تي ايتريقدر ملال ٿيندو، تڏهن ڇا هن قدرت جي مصور کي پنهنجي بڻايل تصوير جو ڪين خيال ٿيندو!

شمشاد: ها ها، چئي ويو ڍنگ سان هو سارو مطلب،

خوب سمجهو مون هي حرفت وارو مطلب.

ته ڇا دشمن کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي، نانگ ڏسي، سوٽي ٽوڙي ڇڏڻ گهرجي!

 (انٽر جميل)

جميل: السلام عليڪم دوست شمشاد.

شمشاد: وعليڪم السلام يار ناشاد.

ٽمبڪٽو (علحدو): لعنت، لعنت، بد بنياد.

جميل: هان، هي ڇا! اي دوست ڏس ڪهڙو نه وار ڪيم، دشمن خوار ڪيم. هينئر ممتاز جي رهائي مشڪل آهي، انهيءَ ڪيس جي صفائي مشڪل آهي.

شمشاد: افسوس ڀاءُ ڀيڻ سان هيءَ ڪج ادائي، لعنت، لعنت، او قصائي!

جميل: ته ڇا، تو انهيءَ جو موت نه ٿي چاهيو.

شمشاد: مون وٽ ته هن ممتاز جي بدڪاريءَ جو ثبوت موجود هو، جنهن ڪري انهيءَ جي خون جو مقصود هو.

جميل: تڏهن توهان منع ڇو نه ڪئي.

شمشاد: جڏهن توکي نيڪ بد جي سمجهڻ جي تعميز آهي، تڏهن منع ڪرڻ ڪهڙي چيز اهي! زهر، خنجر، آتش، انهن چيزن کان مون توکي منع ڪانه ڪئي آهي. ڇا تون زهر کائيندين، خنجر گلي تي گهمائيندين يا آتش ۾ ٽپي پاڻ جلائيندين؟

جميل: مان ته تنهنجو ٿيس خير خواهه.

شمشاد: هوءَ به  هوئي ڪمبخت بي گناهه.

جميل: قول تي انسان پنهنجي جو رهي ٿو استوار،

مال و جان پنهنجو ڪري ٿو، سڀ هو وعدي تي نثار.

افسوس، تڏهن اهو ڪيل واعدو بي فائدو آهي، اهو به ڪو انسانيت جو قاعدو آهي. واعده مڪن اگر ڪردي  وفا ڪن. زبان ڦيرائڻ هي به ڪو مردن جو شان آهي.

ٽمبڪٽو: هان، اهو ئي مردن جو مال آهي، مردن جي زبان گاڏيءَ جو ڦيٿو-ڦرتو به گهرتو به.

جميل: اوهان جي حق ۾ بدنامي ٿيندي.

شمشاد: او ديوانا هت ڪير ٿو ڏسي، جو بدنامي ٿيندي.

جميل: اهو هر جڳهه موجود آهي.

شمشاد: واه واه، جڏهن پنهنجي ماءُ ڄاڻي ڀيڻ جي لهوءَ ۾ هٿ لعل تي ڪيئه، تڏهن خدا کي حاضر نٿي ڄاتئه- هر شيءِ تي قادر نٿي ڄاتئه.

جميل: اُف، او بيقدر احسان فراموش.

شمشاد: بس، خاموش!

جميل: دوستيءَ ۾ دوست دل صاف، قدر ڪر، شرم ڪر، انصاف ڪر.

ٽمبڪٽو: فقير، پيسو ڀڳل ڪونهي، معاف ڪر.

جميل: هاءِ هي واعدي خلافي.

ٽمبڪٽو: بس، جناب عالي، معافي، معافي!

هينئر وڃي ڏاڙهي مبارڪ کي ڏياريو صفائي.

هل هل ٻاهر، مردود، شيطان جا ساٿي نمردو.

شمشاد: جيڪو پنهنجي ماءُ ڄائي ڀيڻ جو پاڻ قاتل آهي، اُن سان نيڪي ڪرڻ صاف گناهه ۾ داخل آهي.

او ظالم پر جفا،پنهنجي جگر جي ٽڪر سان هي وفا!

اها ڳالهه ڪٿي ٻڌڻ ۾ نه آئي،

ماءُ ڄائي ڀيڻ، ۽ اُن سان هيءَ برائي!

ڪٿي به ائين ٿئي ٿو، جو عزيز پنهنجي عزيز جو خون پئي ٿو، ۽ پوءِ به ٻڏي نٿو مري، دنيا ۾ جئي ٿو.

جميل: دوست جي مدد ۾ ڏبو آهي جان کي،

کائن ٿا ڏند ڪاٽي به ڪنهن وقت زبان کي.

ٽمبڪٽو: جي ڪتي جي بک ۾ خواهان پوست ٿين ٿا،

اُهي هڪ روٽيءَ جي ٽڪر تي، دوست ٿين ٿا.

جميل: مون ته دوست جي دلبري ڪئي،

گويا بهادري ڪئي.

ٽمبڪٽو: ڇا، جي شخص بي قصور جو خون هارين ٿا،

تن کي آدمي بهادر ڪري پڪارن ٿا.

جميل (خط ڏيکارڻ): ذرا پنهنجا دستخط ته ملاحظو فرمايو،

يا رڳو بندي تي الزام ٿا لايو.

شمشاد: جنهن وقت زمين و آسمان جو آخري انصاف ٿيندو، تنهن وقت خدائي لعنت جي وار روڪڻ واسطي اهو ڪاغذ ڍال بڻائي پاڻ بچائج؛ جي تو وٽ اهڙو ڪوڙو دستاويز موجود آهي ته تنهنجو حق تنهنجي زندگيءَ سان نابود آهي.

جميل: حق نابود آهي ته هست ڪندس مان،

انشاءَ الله شمشاد تو کي پست ڪندس مان.

خيال تنهنجو او دغاباز جي انڪار تي ٿيندو،

ته دست منهنجو هي تيغ جوهر  دار تي ٿيندو؛

سمو محشر جو تنهن دم تڪرار تي ٿيندو،

جڏهن سرڪٽيل تو موذي جو تلوار تي ٿيندو.

هينئر جهنم جي غار ۾ بند ڪرڻ آسان آهي،

مگر جميل جو منهن بند ڪرڻ دشوار آهي.

شمشاد: (مرڪي): سبهان الله، ڪنڀار جي ساري سال جي ڪمائي، ۽ هن سوٽي جي هڪ گهڙيءَ جو ڪم آهي.

جميل: چپ ره او نابڪار، فتح منهنجي نام آهي.

نه آ هاڻ مون کي خدائيءَ سان مطلب،

برائيءَ  سان مطلب، ڀلائيءَ سان مطلب.

انهن کي آ شوڪت نمائيءَ سان مطلب؛

رکن ٿا جي شوڪت نمائيءَ سان مطلب؛

اسان کي فقط تيغ آزمائيءَ سان مطلب.

شمشاد: جميل تنهنجي زبان بيان کان زياده سخت ٿيندي ٿي وڃي.

جميل: منهنجي زبان کان تنهنجي دل زياده سخت  ٿيندي ٿي  وڃي.

شمشاد: منهنجي دل جي سختيءَ سچائيءَ جو خزانو آهي.

جميل: منهنجي زبان جي سختي بهادريءَ جو تازيانو آهي. پڪ رک ته جنهن طرح هن تلوار پنهنجي مالڪ جي جگر جو خون پيتو آهي، انهيءَ طرح تنهنجن سفيد رڳن مان جان ڇڪي ٻاهر ڪندي.

شمشاد: الاهي توبهه! ڇا ڪوئي ٻيو خون ڪرڻ منظور آهي.

جميل: بيشڪ تو کي به اهو مزو چکائڻ ضرور آهي.

شمشاد: ڇا خون، ۽ مون جهڙي غريب جو؟

جميل هان هان، تو جهڙي بدنصيب جو!

(شمشاد جون رڙيون ڪرڻ ۽ ڀڄڻ)

شمشاد: هاءِ، اُف، غضب، ظلم، قتل، فرياد، فرياد، پليس، پليس!

(ٽمبڪٽو جو ڀڄڻ ۽ وري موٽڻ رڙيون ڪرڻ، مسخري ڪرڻ ۽ جميل جو ڪڍ پوڻ ۽ موٽي اچڻ.)

جميل: هاءِ، زردار جو ميلو، بيزر جو خدا حافظ،

پردا ويا اُڏري، بي پر جو خدا حافظ.

خير ويندين ڪيڏانهن، او بدڪار پاپي سزا وار!

نصيب تنهنجو منهنجي عقل سان ٽڪري ويو،

مليو هيو جو شڪار، سو اڄ هٿان نڪري ويو.

او لعنتي هيءَ تيغ منهنجي اڃا ذليل ناهي،

خون تنهنجو نه پيان ته  نالو منهنجو جميل  ناهي.

گانو

دشمن، پر رنگ رهزن جو سر ڪاٽيان، ڇاٽيان دشمن جو.

اهڙو فريب اُٿاريان، دشمن کي جنهن سان ماريان،

او ذات پات اوقات تي، تنهنجي خاندان تي لعنت.

او موذي، بدتر، سر ڪاٽيان تنهنجو اڪثر،

ڪه آها، اها، وه وا، وه وا، خنجر اڪثر سر ڪاٽيندو

عالم ۾ دشمن جو.

 

 

 

پردو اٺون

شهر جو دروازو

(انٽر شمشاد ۽ ٽمبڪٽو)

 

شمشاد: بس بس، تنهنجين ڳالهين کان مون کي نفرت ٿي آ.

ٽمبڪٽو: تنهنجين ڳالهين کان خدا کي نفرت ٿي اچي.

شمشاد: ادب سک،

ٽمبڪٽو: نيڪي سک،

شمشاد: انسان ٿيءُ،

ٽمبڪٽو: مهربان ٿيءُ،

شمشاد: خطا کائيندين،

ٽمبڪٽو: تون پڇتائيندين،

شمشاد: اهڙي گستاخي،

ٽمبڪٽو: اهڙي بي رحمي،

شمشاد: عقل ۽ اهڙو بدتر،

ٽمبڪٽو: دل ۽ اهڙي پٿر.

شمشاد: جميل جي دل مون کان وڌيڪ سخت آهي، ۽ اهو بد آهي.

ٽمبڪٽو: ۽ تون به گنهگار آهين.

شمشآد: هو دوزخ جو لائق آهي.

ٽمبڪٽو: ۽ تون سزا وار آهين.

شمشاد: شايد تون انساني جامي ۾ حيوان ٿو ڏسجين.

ٽمبڪٽو: ۽ تون زريني لباس ۾ شيطان ٿو ڏسجين.

شمشاد: بي ادب تون اهڙو بي خوف ٿي ڪلام ڪرين ٿو، ڪجهه منهنجي خوف کان ڪين ڏرين ٿو.

ٽمبڪٽو: جن کي خدا هڪ جو خوف آهي، اُهي انسان کان هرگز ڪين ٿا ڊڄن.

شمشاد: مون آ ڪيو گناهه، تنهنجو ڇا غرض،

دنيا ڪيم تباهه، مگر تنهنجو ڇا غرض.

روئن ٿا مهر ماه، مگر تنهنجو ڇا غرض،

دنيا ڪري ٿي آه، مگر تنهنجو ڇا غرض،

غرض ڇا، اهو منهنجو فرض آهي.

جميل: اُهو انسان نه آهي، جنهن جي دل ۾ رحم ۽ ايمان نه آهي.

(ٽمبڪٽو صبر ڪري ڳليءَ جي منهن وٽ ليٽي ٿو پوي، انٽر هندو ۽ سندس عورت ٻيئي ٽمبڪٽو جي پيٽ تي ڪرن ٿا ۽ ٽمبڪٽو کين پادر هڻي ٿو.)

هندو: اڙي ڦسيئرا تون آدمي آهين يا گاسليٽ جو دٻو؟

ٽمبڪٽو: ڦسيريءَ جا ٻچا، تنهنجي اَبي جو به اَبو!

هندو: گروءَ کڻي پنهنجي کميا ڪئي (در ڏي وڃڻ).

اڙي، او درواجي وارا شنت، درواجو ته کولجانءِ. جود ڪر، اڙي شائين گرو کي مڃ، رام تنهنجا ڪارج ڪندو؛ اشان تي ديا ڪر (جواب ندارد. هري گوبند-هري رام-گوپالي ماءُ هي ليڙپيو درواجي وارو ته ڄنر (ڄڻ) ڪلهه شنجها مهل چلي ويو آهي. گروشون هانري (هاڻي) ته جلم (ظلم) ٿيو، اسان وانرڪي (واتڪي) جات (ذات)، ساري رات ڪيئن گجارينداسين (ٽمبڪٽو سان) سائين کانا وادان (خانه ودان)

ٽمبڪٽو: چپ، ڪافر شيطان!

هندو: هري گوبند، ڪرڪليان، ڪر ڪليان اهي ٿه مسلمان ڪو دشٽ ٿو ڏسجي.

(ٽمبڪٽو جو عورت سان مسخري ڪرڻ.)

ٽمبڪٽو: اڙي واه واه، هي ڪا عورت آهي يا ڪو ريشمي گديلو.

هندو: گرو شون، کوٻلا، کبردار! اهڙين ڳلين تي اصل پونا، کون ٿي پوندي-سر هڪ آ، ٻه نه ٿيندا. اڙي گوپالي ماءُ، هيڏانهن ٿي بيهه، هي ليڙپيو کارباج (خارباز) آهي- منهن ڍڪي ڇڏ.

(انٽر لٽڪن خان ۽ سندس عورت ٻيئي ٽمبڪٽو جي مٿان ڪرن ٿا، ۽ ٽمبڪٽو موچڙا هڻين ٿو.)

لٽڪن خان: اڙي ڪمبخت، تمارا پيٽ هي، يا پلاءُ ڪي ديگه!

ٽمبڪٽو: نه تڏهن، تو وانگر جيسلمير جا ڏڪاري آهيو ڇا، و خان جي گهوڙي وانگر چٽ ٿي ويو آهين.

(دروازي تي آواز ڪرڻ-جواب ندارد)

لٽڪن خان: پياري شهر ڪا دربند هو گيا، يهي جاءِ تعجب هي، ساري رات يهان ڪاٽني پڙيگي. يهان ڪا حاڪم تو بڙا اُلو ڪا پٺا معلوم هوتا هي، ڪيا اس ڪو خبر نه ٿي ڪ آج لٽڪن خان ڪي سواري آويگي. واه بيدادي نگري، چرٻٽ راجا- ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاجا. خير، آوء اب تو آغوش ۾ لپٽ سپٽ رهو، اور بستر گرم ڪرو. صبح در کليگا، شهر ۾ مڪان لي رهينگي.

دل آرا: اي ميان، دل ميرا گهبراتا هي ڪيا ڪرون، اور رات ڪيون ڪر ڪٽيگي. بهتر هي ڪ تم ڪڇ گائو.

 

گانو-لٽڪن خان:

* لٽ پٽ سي هين جنگ ۾ جاتي، هم تو بهادر لٽڪن خان؛

ديک هماري دست وپا ڪو، جن وپري هون سڀ حيران.

لولي لنگڙي دست وپا هين، ناڪ هي نڪٽي، بهري ڪان،

ديک شڪل روتي، غيرت سي اُلو ڪي ڀي جاوي جان.

لولي هين تو مضائقه هي ڪيا، لنگڙي هوني سي ڪيا غم،

نڪٽي هين تو فڪر نهين ڪڇ، هم هين ڦانڪڙي جنگي جوان.

ڪر نه دل آرا پياري دل ۾، تو اپني ڪڇ خوف و غم،

ٿوڙي دنون ۾ آن ملونگا، بوسه دي اڪ ميري جان.

اب پياري جان تم ڀي گانا گائو، دل بهلائو.

 

گانو- دل آرا:

[1]بنوادو پيا ڪوئي ڀاري،

موهي ريشم ڪي چولي شاڙهي.

تجهي ساڙهي بنا دونمين ڀاري؛

اُس ۾ ٽانڪا هو گوٽا ڪناري،

ڦر تو هوئي بهار-

نيا هوگا نظارا!

گوري هاٿون ۾ چوڙي هو ڪالي؛

اور ڪانون ۾ سوني ڪي بالي؛

اڀي لائون سنار-

هان هان جائو بزار.

(ٽمبڪٽو جي دل آرا سان مسخري ڪرڻ)

ٽمبڪٽو: سبحان الله، هي عورت آهي يا قنڌاري صوفن جو مربو!

لٽڪن خان: ابي، ڪمبخت، اُلو ڪا دم، هٽ جائو. ڪيا ڪوئي خيراتي مال ديکا هي.

ٽمبڪٽو: نه، تڏهن ڪوئي گورنمنٽي مال آهي.

(دل آرا سان)

ٽمبڪٽو: ڪيئن منهنجي بابي جي خالا؟

دل آرا: دور هٽ، حسينون ڪي ستياناسي ڪا مصالح. مرجائي تيرا باوا، جسني اتني دن تجهي پالا.

ٽمبڪٽو: اري مين هون تيرا چاهني والا.

لٽڪن خان:  اي، دور نهين هٽتا، تيرا منهن هو ڪالا.

ٽمبڪٽو: واه ميان حسين، منهنجي بابي سائين جا سڳا سالا، معاف فرمائيئي جناب والا.

(انٽر آغا صاحب)

(ٽمبڪٽو جي هٿان ڪرڻ ۽ ٽمبڪٽو کي سڀني جو خوب مارڻ)

آغا (درتي): او ظالم، اين دروازه (خو) ڪيون بند مي ڪني. (هندو سان) ڪافرون دروازه (خو) کولو.

هندو: آگا، گروشون مون بند نه ڪيو اٿي.

(اشارو ٽمبڪٽي طرف) انهيءَ ڦسيري جي حرڪت اٿئي.

آغا (ٽمبڪٽي سان) : او ملعون، اين را خلاص ڪرو.

ٽمبڪٽو(علحده) : وه خلاص ڪرو-جو پڻس ڏاڏهنس جو نوڪر آهيان. اچي ٿي خار ته بابي سائين جي غصي کي ٿو سڏ ڪيان.

آغا (لٽڪن خان سان): اگر آغا راغصه مي اچد، ترا ايڪ ٺونشه مي زند.

لٽڪن خان: اغا ٺمري سنائو، تو ڦر دروازا کولون.

آغا: والله ٺمري چه بلا است!

هندو: آغا، گجل گجل (غزل)!

آغ:؛ غزل غزل، خوب خوب!

 

گانو-آغا:

[2]اين جا بيا، ڪ يار ترا پيارمي ڪنم،

اتنا ڪيا سفر، ڪ هوا کانا سڀ هضم.

حالم خراب شد مرا، والله در سفر،

سيرب ڪلان شد، ڪ بياور گندو حجم

بوسه بده هضم ڪنم، خوراڪ شام ڪي،

جانم فدائي جان تو بابي جو آ قسم.

سعدي نه گفت اهڙو شعر در همه عمر،

والله ڪرد ”آغا“، اين جا شاعري ختم.

ٽمبڪٽو: آغا ٿارو ملڪ ڪون، ڇي، ڇي.

(آغا جي منهن ۾ ڇڪون ٿو ڏئي)

آغا: اي، اي –ڪيا ملڪ ما.

هندو: تنهنجي ماءُ جو نه، تنهنجو ملڪ.

آغا (هندو کي ماري ٿو): صبر ڪرو ڪافرون-ڦر آغا را چڙمي نه دهي.

هندو: هڻ هڻ ليڙ پيا، ٻيو ته هڻي ڏس. گروسون گوپالي ماءُ ڌوتي ڇڙي پئي، نه ته وري هن شنجها مهل کون خون) ڪري وجهان ها. (علحدو) رام رام، کوٻلي لگدي ته  کوب ڪشي. شنجها جي رسوئي به هجم (هضم) ٿي ويئي.

 (انٽر ٻه ڄٽ)

(هڪ هڪڙيءَ  ڳليءَ کان، ٻيو ٻيءَ ڳليءَ کان، ڏاس جي نوڙي وٽيندا ٿا اچن. هڪ کي جتي چيلهه سان، ۽ ٻي کي پٽڪي ۾ ٻڌل آهي.)

پهريون ڄت: اڙي وڏيرا و اصل ڀلي آئين، نچ آئين؛

خوش آن، چڱو ڀلو، تازو مردانو، ٻار ٻچا خوش- ڳوٺ، ڳئون، مينهون، وڇون، ڪونهان، ڪڪڙ-ڌڪڙ، پٽ ڀائر، مال رزق، سڀ ڏي خير. گهرجي به خير!

ٻيو ڄٽ: وڏيرا واڌل پڻهين جا دل ته چوکو آ. تون اُڇڪ آن، ڪرڙ ڪنڊو، مڇر، مٽر. گاجي آڍو؛ ڇتل ڇٽو، ڇانگو ڇپر، سڀ خوش-ڀلا چاچو چنڊول خان ته چاڪ ڀڙ هو. جوسو، موسو، بوسو، ڦوسو سڀ خوش!

پهريون ڄٽ: ادو، قادر ڪل خير آهي! عبدالبند، عبدالڦوڙات، عبدالڀتر سڀني گهڻا گهڻا سلام ڏنئي. پر ادو، چاچو چنڊول خان چڀڙڪوريءَ جو ولي عهد هيو نه!

ٻيو ڄٽ: ها ها، جنهن جي تنهنجي مائيءَ گهر واريءَ سان به عليڪ سليڪ هئي.

پهريون ڄٽ: اهو ڪالهه ساڍي سترهين بجي مهل مري ويو، ٻيو مڙئي خير آهي!

ٻيو ڄٽ: اڙي هاءِ، اڙي هاءِ، پر هيو مڙش؛ پر ڪري لچائي ويو.

ٽمبڪٽو: هان هان، آدمي آهي يا ڪاٺ جو قلاعڊو- ڇو مئو، بابهن جي آرڊر سان مئو!

پهريون ڄٽ: بس ادو، سٽ نه جهليائين.

ٻيو ڄت: ڀلا ٻيو ته مڙيئي خير آ!

پهريون ڄت: ها ٻيو ڪل خير آهي. هو اوهان جي پاڙي ۾ مائي پهريات جو پٽ آڪڙباز خان هو، نه، اهو به ڪلهه قبر جي حوالي ٿيو. ٻيو مڙيئي خير آهي!

ٻيو ڄٽ: شخر ٿيو، شخر ٿيو، پر ٻيو ته سڀئي خير آهي!

پهريون ڄٽ: ها ٻيو ڪل قادر خير ڪيو آهي. هو سڃ پر ۾ وڏيرو ڀينگ بخش هيو ني اهو به مري ويو.

گهر سڙي ويس-

ٻيو ڄٽ: واه ٻيلي، ڏاڍو چڱو ٿيو! ڳوٺ ته واندو ۽ ويڪرو ٿي پيو هوندو.

پهريون ڄٽ: ڀلا تون ڏي خبر ڄائي جو پير لڌا هئا سا، ته اُڇڪ آهي.

ٻيو ڄٽ: شخر آ، شخر، پر چري رن دل لوڙهي پئي آهي.

پهريون ڄٽ: ادو منهنجا به ڀاڄائيءَ کي سلام ڏجانءِ.

ٻيو ڄٽ: اکين سان ادو، اکين سان!

ٽمبڪٽو: اڙي، واه ڪمبخت تنهنجو هن جي زال سان ڇا، جو سلام ٿو موڪلينس، هي وري ڪهڙو فيشن.

سچ چيو اٿن ته ڄٽ من الوٽ، ولوڪان من الذبح.

پهريون ڄٽ: اي شيدي جوان خوش آن، چڱو ڀلو، تازو مردانو!

ٽمبڪٽو: ادا، تون خوش آهين، ٿلهو متارو، ونڊ ڪٽ، جوڙ ضرب، وياج مور، راس لاٿ، سارو گوڊ بولو خوش، ڇي، ڇي، ڇي (ڇڪون ڏيڻ).

ڄٽ پهريون: شخر آ؛ شخر آ، پر جوان، هن بهلزير ڳوٺ جو در ڪڏهن کلندو؟

ٽمبڪٽو: جڏهن اوهان هڪ هڪ ڪافي ڳائيندو.

ڄٽ ٻيو: حاضر ادو اسان جو بابو سائين به ڪافر هو، ملڪن ۾ مڙس جي ريهه هئي.

ڪافي ڄٽ:

چئجانءِ پنهل کي، منهنجا ادا پانڌي،

مان ٿي مران مفت اچي ٿجو ڪانڌي!

جيئجان جتن لئي، هان بيران بر ۾،

ڏک سور سرتيون، سانڍيان اندر ۾،

پنهنجي پنهل کي ٿي ووڙيان وندر ۾،

سرتيون سورن کان، آءٌ ناهيان واندي.

اديون ڏکيءَ سان زوري ڪيائون،

هنجان ڇني هوت، هي هي نيائون؛

ڦازا بروبات هر هر چيائون،

ٿانگو روان ڪري ڪيون پنهل باندي.

ڀينر بلوچن جو آهي برهه باري،

سهڻن ساري رات رڻ ۾ رئاري؛

اديون آريءَ کي  منهنجي ڪجو زاري

هيڪر اچي هوت ڏج ٻانهن سيراندي.

ٿرن برن ۾ ”آغا“ جا ٿاڻا،

جيلن جون جهوليون، ٽڪر ٽڪاڻا؛

پٿر پرتيون آءٌ پلنگر ٿي ڄاڻا،

سسئي سورن يار، ڪئي آهي ماندي.

ڄٽ 1: پر ادو، هاڻي ڪو ٽڪر ٽاپ جو بهلزير مهرباني ڪر.

ٽمبڪٽو: اڙي واه، هت ڪو هوٽل يا بابي سائينءَ جو بورچيخانو لڌو اٿئي ڇا؟

(انٽر پٺاڻ  3 ڄڻا)

(تمبڪٽي جي مٿان ڪرن ٿا ۽ ٽمبڪٽي کي مارن ٿا. ٻيئي ڄڻا دروازي تي آواز ڪن ٿا، مگر جواب ندارڪ.)

 

گانو پٺاڻن جو:

[3]سوڪ عاشق پتاوي، هميشه حال بتاوي،

شڀ و روز په جڙاوي، استا په در، در، در!

سر ۾ قربان شي پتا دلبر جان، مهذي نازڪ

دي و الله گل پشان،

نشتا صنم استا پشان، قسم پا عرب و عجم

تيري واه، واه، واه-

واه، واه، واه- واه، واه، واه!

غواڙي نو روز استادا وصل يوجام، ڪلا

باور ڪئي دا،

سرولب انعام، ولاردي نن بيا استاب در

ڪئي گدا،

سوال ڪري هر صبا تيري واه، واه، واه-

واه واه واه-واه، واه ، واه!

 (انٽو ڊاڪٽر)

ڊاڪٽر: اي، ٽم لوگ ڪيا گڙ بڙ مچايا هي!

لٽڪن: اري، يهي تو ڪاٽني ڪو آيا هي.

هندو: اري، او گوپاليماءُ ڪيڏانهن گرڪ ٿينءَ.

هي کوٻلو، شاحب لوڪ، گوٽ موٽ، نوٽ شوٽ ڪندو ٿو وتي ته وري ڪا کرابي نه ٿئي. بوجن سان اچي ڪارج پيو آهي. ڪرشن مهراج! ڪا ڪرپا ڪج- گوبند تون کير جي گجار (گذار)!

ڊاڪٽر (ٽمبڪٽي سان: اي، تم لوگ ڪوي هي؟

ٽمبڪٽو: جواب ندارد.

ڊاڪٽر: اي، ٽم ڀڙا اُلو ديکني ۾ آتا هي.

ٽمبڪٽو: هان، هان آءٌ ڪارو اُلو صاحب صفيد اُلو.

ڊاڪٽر: ٽم ڪون هي آدمي ڪالا؟

ٽمبڪٽو: واه ڙي، بابي سائين جا سڳا سالا.

ڊاڪٽر: اي، اُلو ڪا پٺا، ٽم ڪيا بڪتا هي؟

ٽمبڪٽو: اي پٺي جا اُلو، ذرا زور سان هن ڪن ۾ ٻڌاءِ.

ڊاڪٽر (ڪن ۾): تم ڪون هي؟

ٽمبڪٽو: نه نه، ڀلا هن ڪن ۾ ٻڌاءِ، ساڍي ستين آني واري ته هن ڪن کان سڻائين ڪين.

ڊاڪٽر: اڌر ڪيون گڙ بڙ مچايا هي؟

ٽمبڪٽو: ڇا تنهنجي بابي سائينءَ جي حرمسراءِ آهي.

ڊاڪٽر: مين ولائتي ڊاڪٽر هون، جب تم ڪو سارٽيفڪيٽ دونگا، تب تم شهر ۾ داخل ڪئي  جائوگي.

ٽمبڪٽو: موت جي ڦاٽڪ جو سارٽيفڪيٽ ملندو ڇا؟

ڊاڪٽر: ول اب صاحب تمارا نام دريافت ڪرنا مانگتا هي.

ٽمبڪٽو: ڊاڪٽر صاحب نالو ته منهنجو بڪس ۾ بند آهي، ڪنجي وڃائجي ويئي آهي، نه ته اکين سان ٻڌيان ها.

ڊاڪٽر: ڊيم. فول. پاڳل!

ٽمبڪٽو: صاحب، نالو ته منهنجو مسٽر ٽمبڪٽو، سن آف مس راسبري اسڪاير هئي.

ڊاڪٽر: ڪيا ٽمبڪٽو (لکندو ٿو وڃي)!

ٽمبڪٽو: نه نه، مسٽر ٽمبڪٽو!

ڊاڪٽر : ول اب ڪا نام؟

ٽمبڪٽو: اُلو جو پٺو، والد سوڍا واٽر خان.

ڊاڪٽر: دادا ڪا نام؟

ٽمبڪٽو: خراساني گهٽو، پٽ لمليٽ خان.

ڊاڪٽر: ول ٽم ڪالا ڪيون هوا هي؟

ٽمبڪٽو: هان، هي صاحب آهي يا حماقت جي ريل آهي.

حضور مين ڪنتري اُلو، صاحب ولائتي اُلو.

ڊاڪٽر: يعني، مٽلب (مطلب)؟

ٽمبڪٽو: يعني، صاحب ڪي شڪل لنڪا ڪي لنگور ڪي موافق ڪيون ٿي آهي.

ڊاڪٽر: ڪيا لنڪا ڪيا لنگور!

ٽمبڪٽوۡ: هان هان، بنگالي بي دم باندر.

ڊاڪٽر: اڇا، هٽ جائو، تمهاري بڪوات صاحب ڪي عقل ۾ نهي آتي.

ٽمبڪٽو: نٿي اچي ته وڃي اشتهاري حڪيمن کان دماغ جي دوا ڪرايو، يا پارسل ٿي واپس ولايت وڃو.

ڊاڪٽر (لٽڪن خان سان): ول تمارا نام؟

لٽڪن: ميري نام سي تمارا ڪيا ڪام.

ڊاڪٽر: ڊيم فول، جلد بتائو ٽائم جاتا هي.

لٽڪن: اڇا صاحب، خفا مت هو. بندي ڪا نام مبارڪ هي. جناب مولانا حضرت حافظ، حاذق حارص حريف نه بدمعاش، نه شريف، نه ربي نه خريف-حاجي الحرمين

ولمغربين، ڪورالعين، چهار طرفين، من المول گڙ بڙ گهٽول-جناب شيخ ڪچڪول.

ڊاڪٽر: باپ ڪا نام؟

لٽڪن ڦاٽل ڦوٽل ڏول.

ڊاڪٽر: دادا ڪا نام؟

لٽڪن: خراساني خول.

ٽمبڪٽو: اسڪو پيٽ ۾ مارو پستول.

ڊاڪٽر:اي، ٽم بيچ ۾ نه بول.

ٽمبڪٽو: اڇا مسٽر ڪارڪول.

لٽڪن: سبحان الله، ڪيا بات هي، يهي تو شعر شاعري ڪا هيڊ ڪوارٽر هي، يا ڪوئي جنگلسن اسٽيشن هي.

ڪنٽري، ولائتي، اغيره وغيره شاعر، سب يهان حاضر هين.

ڊاڪٽر (ڄٽن سان): ول چٽ لوگ تمارا نام ڪيا هي؟

ڄٽ 1: ادو، اسان جو نالو آهي ڏنڊو.

داڪٽر: باپ ڪا نام؟

ڄٽ1: ابي جو نالو ڪنڊو.

ڊاڪٽر: داد ڪا نام؟

ڄٽ 1 : هاءِ هاءِ ڏاڏل سائين جي ته ملڪن ۾ ريهه هئي. سائين نالو هيس صافو.

ڊاڪٽر: مان ڪا نام؟

ڄٽ 1: مون ته پنهنجو نالو سرڪار کي پهريان سڻايو.

ٽمبڪٽو:اڙي ڪمبخت تون نه، تنهنجي ماءُ!

ڄٽ 1: هان، بيبي جمني مائي.

ڊاڪٽر: ول تمارا پيشه ڪيا هي؟

ڄٽ1: صاحب منهنجو پيشاب اهڙو ڳاڙهو آهي، جهڙو صاحب جي منهن جو رنگ.

ڊاڪٽر: اي گدي ڪي مافڪ (موافق).

ٽمبڪٽو: اڙي ڪاٺ جا اُلو- صاحب ڌنڌو ڪم ٿو پڇئي.

ڄٽ 1: سيٺ ڌنڌو ته اسان جو گرڙ گهوٽ، گرڙ گهوٽ آهي، ٻيو وري ڪهڙو هوندو! اُهو پاڻيهي سمجهي وٺو ها، پڇڻ جو ڪهڙو ضرور، ڀلا ادا، ڄٽن سان پئي آهي!

(ڊاڪٽر ٻئي ڄٽ سان)

ڊاڪٽر: ول تمارا نام؟

ڄٽ 2: جهبو.

ڊاڪٽر: باپ ڪا نام؟

ڄٽ 2: کپيو.

ڊاڪٽر: دادا ڪا نام؟

ڄٽ 2: رنڀيو.

(ڊاڪٽر هندوءَ سان)

ڊاڪٽر: ول تمارا نام ڪيا هئي؟

هندو: ڀائي آچاراءِ.

ڊاڪٽر: باپ ڪا نام؟

هندو: ملڪ، سيٺ پاپرداس ستن ڪوٺن جو کانود.

ڊاڪٽر: دادا ڪا نام؟

هندو: کانود، پاپو پڪوڙو مل پٽ ستياناس راءِ.

ڊاڪٽر: مان ڪا نام؟

هندو: حجور، مان ته پنهنجي جال (زال) کي چاچي چٽڻي چوندو آهيان، پوءِ سرڪار مائي باپ آهي.

(ڊاڪٽر پٺاڻن سان)

ڊاڪٽر: ول پٺاڻ تمارا نام ڪيا هي؟

پٺاڻ1 :همارا نام چلم خان.

ڊاڪٽر: اور تمارا؟

پٺاڻ 2 :چرس خان.

ڊاڪٽر: تمارا؟

پٺاڻ 3: ٽپوس خان ولد خڙوس خان.

(ڊاڪٽر آغا صاحب سان)

ڊاڪٽر ول تمارا  نام ڪيا هي؟

آغا: صبر ڪرو، ڪافرون فرنگي، هم سردار لوگ هئي- هم خو لڙيگا.

ڊاڪٽر: اڇا، بابو لوگ صبر ڪرو لڙو مت. تم ڪو صاحب سرٽيفڪيٽ ديتا هئي. اب سو جائو، صبح ڪو شهر ڪا در کهليگا.

(ڊاڪٽر ايگزٽ)

ٽمبڪٽو: هينئر ته موچڙن جي ڀوءَ کان ڪيئن بنان في بابو ڏاڏو ٿو بڻائي. پٺاڻن جو مذهب اهڙو آهي.

(سڀ سمهن ٿا)

جميل جو خنجر کڻي اچڻ)

جميل: خواب گاه جا دروازا کليا پيا آهن، دروازي تي قضا پهرو ڏئي رهي آهي. آها، ها- ڪهڙيءَ نه مٺيءَ ننڊ ۾ غافل پيو آهي. اي ننڊ جا متوالا، تون ڪجهه نٿو ڄاڻين. هت تنهنجي موت جو سامان تيار ٿي رهيو آهي. اي وات تون ظالم جي دل وانگر اڃا به سياهه ۽ خوفناڪ ٿي آسمان جا ستاروء، ابر جي نقاب ۾ پنهنجي رخ روشن کي ڇپايو، ڇاڪاڻ ته اوهان هن هولناڪ نظاري جي ڏسڻ جو تاب نه آڻي سگهندو؛ شور غل مچائي، منهنجي ستل شڪار کي بستر موت کان جاڳائيندوء. اي جهنم جي آگ، اگر منهنجي جسم ۾ ذرو به رحم جو حصو باقي رهجي ويو هجي، ته ان کي جلائي خاڪ ڪر. او خوني ديوتا، منهنجا هٿ فولاد کان ۽ دل پٿر کان زياده سخت بڻائي ڇڏ، واه، گهڙيال هن جو آخر عمر گهڙي وڃائي پوري ڪئي. ڇا هن زهري نانگ کي زنده ڇڏي ڏيان! نه نه، هرگز نه! هن ناپاڪ هستيءَ کان دنيا جو دامن پاڪ ڪرڻ ضروري آهي. اي خنجر، خونخوار خنجر، غمخوار خنجر، هر مشڪل ۾ آهين. بي ڪسيءَ ۾ همدردي ڪرڻ لازم آهي. مرد کي مرد جي ڪم اچڻ ثواب اعظم آهي. مان به مرد ذات آهيان تون به مرد ذات آهين.

بيت

هڪ بار ۾، هڪ وار ۾، موذي جو سينو چاڪ ڪر،

برق تون آن، برگ آ، هي جلد ساڙي خاڪ ڪر.

(جميل جو وار ڪرڻ، ٽمبڪٽي جو سجاڳ ٿيڻ.)

ٽمبڪٽو: خبردار، خوني خبردار!

جميل: دور هٽ، او مڪار!

مسافر: پڪڙيو، پڪڙيو، خوني جڪڙيو!

(شور ٿيڻ، پليس جو اچڻ ۽ جميل کي گرفتار ڪرڻ.)

(پردو ڪرڻ-ڊراپسين)

 

 

 

باب ٽيون

 

پردو پهريون

(ممتاز قيداني لباس ۾ بيٺو آهي)

 

ممتاز: اي خالق ڪون و مڪان، مالڪ هرانس و جان!

اگر تنهنجي مرضي آهي ته مان هنن طالمن جي اڳيان ذليل ٿيان، ته هن بي صبر دل کي صبر عطا فرماءِ! اي ظالمو، ڇا اوهان اهو ڪين ڄاڻُو ٿا ته ظالم مظلوم کي ستائي ڪهڙو ڦل ٿو پائي! غافل نه ٿيو، اجايو دوکو نه کائو، خدا جي رحم کي ٺٺولين سان نه اُڙايو-غمگين دليون نه ستايو. هن قادر مطلق جي سوٽي بي آواز آهي؛ هن جي چڪي ڦرڻ ۾ سست، مگر پيهڻ ۾ جلد باز آهي. مان انهيءَ وٽ فرياد کڻي ويندس، مان پنهنجن رڙين سان هن جو ستل قهر جاڳائيندس. هو چوندو مان چوائيندس، هو ٻڌندو مان ٻڌائيندس؛ بلڪ هن دل چاڪ جا زخمي ٽڪرا به ڏيکاريندس.

(انٽر فوجدار)

فوجدار: او خوني، قاتل بدڪردار، عزت جا دشمن، ذلت جا خريدار، اڃا توکي وجهه ڏنو وڃي  ٿو. سچ سچ بيان ڪر، ڪجهه ڌيان ڪر.

ممتاز: هينئر ته بي عزت آهيان، بد ذات آهيان،

خوني آهيان، خونخوار آهيان، هڪ قيدي آهيان، ذليل آهيان، گنهگار آهيان!

فوجدار: اي ديوانا، تون ناحق خاندانن جي پاڪ عصمت کي داغ ڏين ٿو، ۽ پرده دار عورتن کي معشوق سڏين ٿو.

ممتاز: تير، تلوار، تيغ، نيزه و تبره برزن،

زهر، خون، آگ مصيبت جا خنجر برسن،

بجليون چرخ کان ۽ ڪوهه کان پٿر برسن؛

ساري دنيا جون بلائون، ڀلي برسر برسن،

ٿئي ختم ڀل ته هيءَ هر هڪ مصيبت مون تي،

مگر الفت کان مٽيان منهن، ته آ لعنت مون تي!

فوجدار: غور ڪر، ورنه اجل تيار آهي،

تنهنجو سر آهي ۽ هيءَ منهجي تلوار آهي.

ممتاز: مصيبت جي ڀوء، رنج جو حول کان،

عاشق بدلن نٿا پنهنجي قول کان.

فوجدار: مان توکي وري ٿو چوان ته تون خون جو اقرار ڪر“ انڪار نه ڪر، ورنه تنهنجو سينو سيف سان چاڪ ڪبو، تنهنجو لاش جلائي خاڪ ڪبو.

ممتاز: اي ستمگر، زيردستون پرستمگاري نه ڪر،

ظلم ڪي اقليم ڪي، هرچند سرداري نه ڪر!

ٽوڙ مسجد، ڦاڙ مصحف، پي شراب، اور ڪر زنا،

جو تو ڪرتا هي تو ڪر، يهي مردم آزاري نه ڪر.

فوجدار: پنهنجي ضد کان باز نٿو اچين، ياد رکج، سئين رستي تي ممتاز نٿو اچين. (سپاهين سان ) خير، مقدمو شروع ڪيو، ڪيس ڪورٽ ۾ رجوع ڪيو.

(فوجدار ايگزٽ)

ممتاز: اي خدا دو جهان، مالڪ زمين و آسمان! اگر ممتاز کي ڪجهه اُميد آهي ته تنهنجي ذات پاڪ کان آهي.

گانو ممتاز:

[4]اي ڪار ساز-عالم، مشڪل ڪشا تون آن،

اي بيڪسن جا مالڪ، لائق ثنا تون آن!

هن مبتلاءِ غم جي، اي بيڪسي خبر لهه،

سڀ جڳ ٿيو آ دشمن، هڪ آشنا تون آن.

ڪر دور تون هي داتا، دشمن سڀئي دورنگا،

داناءُ تون آن مولا، منصف صفا تون آن.

شرم و حيا جو توتي، ننگ آه منهنجا مولا،

رک آبرو تون جڳ ۾، لطف-فزا تون آن.

محشر ۾ ڀي اي ”آغا،“ مان نيڪ نام رهندس،

هن دل منهنجي جو مولا، شاهد خدا تون آن.

(ممتاز ايگزٽ)

 

پردو ٻيو

ڪورٽ

جج: پٽيوالا! فريادي شمشاد، جوابدار ممتاز ۽ جميل کي حاضر ڪر.

پٽيوالو: جوابدار ممتاز حاضر ٿئي!

جوابدار جميل حاضر ٿئي!

فريادي شمشاد حاضر ٿئي!

 

(انٽر ممتاز، جميل، شمشاد)

جج: ممتاز تنهنجو نالو آهي؟

ممتاز: جي، ممتاز پر غم؛ هن اسير الم جو نالو آهي.

جج: ڇا خوني تون آهين؟

ممتاز: مان ته نه خوني آهيان نه جنوني آهيان، مگر  ستايل قضا آهيان- نه سينه زور آهيان، نه چور، نه لائق سزا آهيان.

جج: چئو خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ته سچ سچ چوندس.

ممتاز: بخشش-جرم جو سامان شل مون سان رهي،

جان وڃي، مگر ايمان شل مون سان رهي.

جج: جلد ٻڌاءِ، تون ڪرين ٿو شيون ڪنهن واسطي،

چاڪ چاڪ آهي دامن تو ڪنهن واسطي؟

ممتاز: هيءُ افسوس جو مڪان آهي، جو اوهان جهڙو داناءُ جج هجي ۽ پوءِ به جوابدار کان احوال مصيبت دريافت ٿئي.

آدمي صاحب سڃاپي ٿو قيافي کي ڏسي،

مضمون خط ٿو ڄاڻجي، يڪدم لفافي کي ڏسي.

اگر اوهان ۾ ڪجهه دانش آهي، ته اتي جو اتي هر هڪ جي آزمائش آهي.

جج: ڀلا حقيقت ۾ مجرم ڪير آهي؟

ممتاز: اُٿيو جو ڪفر ڪعبي کان، ڪٿي رهندي مسلماني!

جج: يعني؟

ممتاز: فرشتا ۽ هيءَ شيطاني، ڀاءُ ۽ هيءَ بي ايماني!

جج: ڇا، خود جميل!

ممتاز: حي، اهو ڪم اصيل-رذيل.

جڏهن هن بيڪس  تي ٿي رهيو هو ستم، هن جي تيغ آهين جو، فلڪ ٿي خوف کان لرزيو ۽ تڙپيو ٿي جگر زمين جو؛ قريب اچي ٿو روز محشر، نه ڇپندو خون هي ناحق، جي چپ رهندي زبان خنجر لهو پڪاريندو آستين جو.

جميل: افسوس منهنجي جان جا خوني بدو؛ منهنجي خاندان جا عدو-ڇا تو منهنجو بازو ڪين ڪاٽيو، منهنجي پياري ڀيڻ جو خون زمين تي ڪين ڇانٽيو؟

ڪيئن سبز چمن منهنجو، تو برباد ڪيو، تو رحم نه افسوس اي جلاد ڪيو!

ممتاز: جيترو آ بنوس ۽ هاٿي جي ڏندن ۾ فرق آهي، اوترو ئي تنهنجي ۽ هن جي گوشت ۽ خون ۾ فرق آهي.

هوءَ راحم، تون ظالم هوءَ دمساز تون دمباز-”چه نسبت خاڪ را، با عالم-پاڪ!“

جج: ڀلا انهيءَ جي ثابتي ڪورٽ کي پيش ڪر!

ممتاز: اهو سارو هن شمشاد بد حصال جي روباه بازيءَ جو وار آهي، اهو هن ڪمبخت جي فتني پردازيءَ دغابازيءَ جو ڄار آهي؛ جو اڄ ممتاز هن مصيبت ۾ گرفتار آهي.

انهيءَ مظلوم جو آ خون صاحب هن جي گردن تي،

خداوند شل وجهي صدبار لعنت، اهڙن مردن تي!

جج: انهيءَ جو ڪو گواهه آهي؟

ممتاز: هڪ ته سندس حبشي غلام گواهه آهي، ٻيو شاهد الله آهي.

شمشاد (علحدو): اهو ته مان چئي رهيو آهيان ته هن خون جو جميل سزا وار آهي، اهو ئي گنهگار آهي.

بيت

شام غربت جي مون کي پنهنجي ڪهاڻي ياد آ،

دشمن، جان آ انهيءَ جي ايذا رساني ياد آ.

فوجدار: ليڪن سرڪار انهيءَ جو سبب اور آهي، هيءَ ڳالهه قابل غور آهي. هي ممتاز متوالو ٿو ڏسجي، شراب خور، بدچالو ٿو ڏسجي.

ممتاز: جي، بيشڪ مان بدچالو، حجتي، لعنتي، متوالو، حرام جو مال پايان ٿو؛ شراب خوريءَ ۾ اُڏايان ٿو-جڏهن ڪنهن کان نفعو نه کاوان ٿو، تڏهن ان کي گنهگار بڻايان ٿو.

بي گناهن جي گلي تي ڇري ڦيرايان ٿو،

غريبن کي ڦاسي تي چڙهايان ٿو؛

جي شخص ڊڄن ڪين خدا کان، سي اسان هون،

جي پيش اچن ظلم و جفا سان، سي اسان هون؛

مجرم جي بڻائن ٿا دغا سان، سي اسان هون!

فوجدار: او بد او سان خاموش، ورنه تنهنجي زبان ڪاٽي ويندي.

ممتاز: هان هان، ڪاٽي ڇڏيو، ڪاٽي ڇڏيو، ڪاٽي ڇڏيو،

سر کان اول منهنجي زبان ڪاٽي ڇڏيو.

چڱو ٿيندو جو قيامت جي ڏينهن منهنجي منهن ۾ زبان ڪانه هوندي، جو خداوند جي روبرو تنهنجي مڪاري، هنن ظالمن جي جفاڪاري، بيان ٿيندي؛ ورنه اوهان جا سڀ عيب کلي پوندا.

سپاهي: توکي خبر نه آهي ته جيڪو بي ادبيءَ جي فريب ڏئي ٿو، تنهن کي قيد نصيبت ٿئي ٿو.

ٽمبڪٽو: قيدي ته سارو زمانو آهي، جنهن ۾ اوهان جهڙن بدمعاشن جو ٽڪاڻو آهي.

جج: او، ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان هيءَ ڪج ادائي،

لعنت، لعنت، او قصائي!

جميل(علحدو): افسوس، اگر هن پوليٽيڪلي کان خبردار ٿيان ها، ته ڇو ڀيڻ جي خون وهائڻ لاءِ تيار ٿيان ها؛ ۽ اڄ هن مصيبت ۾ گرفتار ٿيا ها. (جج سان) ليڪن حضور انهيءَ جو به ڪو سبب ضرور هوندو، ڪنهن ٻئي جو فتور هوندو.

جج: ڀلا جلد جلد بيان ڪر، سارو قصو پبلڪ تي عيان ڪر.

جميل: مون کي ته هن شمشاد ناشاد شراب پياري، ڌتاري، پيسا ڏيکاري، ڀيڻ جو خون ڪرايو آهي؛ هن ممتاز تي اجايو الزام ڌرايو آهي. مان ڏهي، هي بي ڏوهي آ، اهو سڀ (اشارو شمشاد ڏانهن) هن مڪار جو ڏوهه آ.

شمشاد: اي جميل، اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، ڪجهه خدا کان ڏر.

جج: اي ٽمبڪٽو، تو کي جيڪا خبر آهي سا جلد اظهار ڪر، هن ناحق خون جو قصو عالم آشڪار ڪر.

سپاهي: ٻڌائين نٿو حيوان.

ٽمبڪٽو: ٻڌايانءِ ٿو شيطان.

سپاهي 2: جلد جلد بيان ڪر، او شيدي روسياه!

ٽمبڪٽو: هل هل، راوڻ جا قبله گاه! حضور، غريبن جا عيب زياده ظاهر ٿين ٿا. اميرن ۾ گرچ هزارها عيب آهن، مگر سندن زرو دولت سان گڏ صندوقن ۾ بند رهن ٿا.

فوجدار: حضور، ٽمبڪٽو ديوانو آهي.

ٽمبڪٽو: اوهان جو دماغ به گدوبندر جو پاڳل خانو آهي.

فوجدار: سرڪار هي روسياه گواه ڪاذب ٿو ڏسجي؛ بلڪ فاسق ٿو ڏسجي.

ٽمبڪٽو: برابر حضور، ليڪن جهڙيءَ طرح خداوند پاڪ پٿر جي اندر لعل ڇپائي ٿو، اهڙيءَ طرح ڀيانڪ شڪل ۽ خوفناڪ چهري وارن جي سيني ۾ به نرم ۽ رحم واري دل عطا فرمائي ٿو. (جج سان) حضور، هي ممتاز صاف بيقصور آهي، هي جميل رذيل پنهنجي ڀيڻ جو قاتل آهي، جنهن سان هي شمشاد ناشاد به شامل آهي.

شمشاد: زنده حماقت، تو کي هت ڪنهن موڪليو، ڪنهن گهرايو؟

ٽمبڪٽو: ايمان موڪليو، انصاف گهرايو.

شمشاد: تنهنجي اچڻ جو ڇا ضرور هو.

ٽمبڪٽو: هڪ بيڪس کي ظلم کان ڇڏائڻ منظور هو.

فوجدار: ڇا ايمان تو کي هت بدزباني لاءِ موڪليو آهي؟

ٽمبڪٽو: ته ڇا توکي خدا هت بي ايمانيءَ لاءِ موڪليو آهي؟

شمشاد: ڇا تون منهنجو غلام ٿي، منهنجو شريڪ حال ڪين آهين؟

ٽمبڪٽو: بيشڪ، هڪ مظلوم دشمن جي شراڪت منظور آهي، مگر ظالم مالڪ جي شراڪت جو ضرور نه آهي.

فوجدار: ڪير ٿو تو کان اهڙيون ڳالهيون پڇي.

ٽمبڪٽو: رحم ۽ نيڪي.

شمشاد: ڇو تون منهنجي غصي کان بي خبر آهين.

ٽمبڪٽو: مون کي تنهنجي غصي کان زياده خدا جي غضي جو خوف آهي.

فوجدار: بدزبانن جي طرح بدزباني،

ٽمبڪٽو: شيطانن جي طرح بي ايماني،

فوجدار: عقل اٿئي انجام تي نظر ڪر!

ٽمبڪٽو: بندو آهين ته خدا جو ڏڪر ڪر! (علحده)، افسوس، هن آفيسر پوليس، فرعون جي ڏاڏي ابليس جي دل الاجي ڇا مان جڙيل آهي. اگر پٿر جي هجي ها ته پاڻي ٿي پوي ها، اگر لوهه جي هجي ها ته پگهري وڃي ها، مگر هن دوزخي دنبي جي دل شايد دوزخ جي آگ مان يپد اٿيل آهي. مون کي يقين آهي ته قيامت ۾ به دوزخ جي دروازن تي اهي پهرو ڏيندا.

فوجدار: ٽمبڪٽو خاموش!

ٽمبڪٽو: مان سچ ٿو چوان.

فوجدار: نه چئو!

ٽمبڪٽو: ڇا تون سرڪاري عملدار ٿي مون کي ڪوڙ چوڻ لاءِ مجبور ڪرين ٿو، بهتر آهي ته مون کي پنهنجي تلوار عنايت ڪر، ته مان هيءَ زبان ڪپي اڇلايان.

فوجدار: اهو به جواب جهول آهي.

ٽمبڪٽو: نه ته اها ڳالهه مڃ، ته زبان خدا سچ چوڻ لاءِ عطا فرمائي آهي، ورنه هن جو هئڻ فضول آهي.

جج: اهو بحث ڇا تي آهي، (فوجدار سان) ڇا تون شمشاد جو وڪيل آهين؟ اهو بيشڪ خلاف ايمان آهي، سچ چوڻ ۽ سچ جي طرفان وڙهڻ، اهو خدا جو فرمان آهي.

فوجدار: ڪورٽ جي راءِ منظور آهي، مگر مشيرن جي صلاح به ضرور آهي.

جج: جنٽلمين، ڪورٽ اوهان صاحبن کي دريافت ٿي ڪري ته، اوهان هن جوابدار کي هن کان اڳ ڪنهن آدميءَ کي قتل ڪرائيندو ٻڌو آهي.

مشير: نه.

جج: ڪنهن سان وڙهندو ڏٺو آهي؟

مشير: اصل نه.

جج: ڪنهن تي حملو ڪندي ڏٺو آهي؟

مشير: ڪڏهن به نه.

جج: پوءِ جاءِ غور آهي ته جنهن بي گناهه فرشتي اڄ تائين ڪنهن ڏي غصي سان به ڪين ڏٺو آهي-ڇا هي ممڪن آهي، جو هو يڪدم رحم ۽ نيڪيءَ کان اهڙو بيزار ٿي ويندو، جو ناحق خون وهائڻ لاءِ تيار ٿي ويندو.

فوجدار: جڏهن ظلم جا انڌيرا ڇائجن ٿا، تڏهن فرشتا به هيڪر ٺوڪر کائن ٿا-پر پوءِ وري پڇتائن ٿا.

جج: جڏهن ظلم جو انڌيرو ڇائنجي ٿو، تڏهن ايمان جو چراغ به اتي پنهنجي روشني ڦهلائي ٿو.

فوجدار: انهيءَ ڳالهه جو عقل قائل ڪين آهي، ڇاڪاڻ ته جتي بي رحميءَ جي سياهي گهاٽي ۽ گهري آهي، اتي ايمان جو چراغ ڇا، اگر آفتاب به چمڪي ته به انڌيري آهي.

جج: هي رڳو اوهان جو گمان آهي، دنيا ۾ چڱا ۽ برا ٻنهي طرحن سان انسان آهن. جهڙيءَ ريت صدها اهڙا لالچي آهن جي پرايو حق دٻائن ٿا، اهڙيءَ ريت اهڙا هزاها ايماندار خدا جا بندا آهن، جي فاقن سان مرن ٿا مگر حرام جو مال اصلي نه کائن ٿا. تنهنڪري هڪ بي خطا کي سزا ڏيڻ، هيءَ ڳالهه انسانيت کان دور آهي، ڪورٽ کي نامنظور آهي-ممتاز صاف بي قصور آهي.

فوجدار: ثابتي؟

جج: اول ته جوابدار جو معصوم چهرو جنهن مان نيڪي ۽ رحم دلي ٽپڪي ٿي آهي؛ 2. هن جي چال چلت؛

3. جوابدارن جي پاڪ ۽ صاف زندگي، جا آئيني وانگر چمڪي رهي آهي؛ 4. جميل جو ڏوهه بابت اقراري ٿيڻ؛ ۽ 5. ٽمبڪٽي جي گواهي. تنهنڪري بموجب فرمان شاهي، جوابدار ممتاز کي آزاد ٿو ڪجي؛ عالم کي انصاف سان شاد ٿو ڪجي. اي سپاهيو، قيديءَ جا زنجير يڪدم ٽوڙيو، رسا ڇوڙيو؛ باقي شمشاد ۽ جميل جو ڪيس تاريخ پندرهين تائين محمل رکيو ٿو وڃي.

(پڙدو ڪري ٿو)


[1] طرز: ”شهر آيا مت گهبرائو“ (خدا دوست)

[2] طرز: ”امروز ديگرم بفراق، تو شام شد.“

[3] طرز : ”تيري چل پل هي پياري“

[4] طرز: ”مولا ميري مدد ڪر، مشڪل ۾ آني والي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com