سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: شڪنتلا

پردو پهريون

صفحو :2

 

شڪنتلا

از

ڪاليداس

 

”شڪنتلا“ ڊراما جا ڪردار

- مرد-

 

دُشيَنت:هستناپور جو راجا، پروءَ جي گهراڻي جو پاڻي ڀرو.

ماڌو:دشينت جو گهاٽو دوست، ۽ درٻاري مسخرو.

ڪڻو: تپ بن جي رشين جو اڳواڻ، ۽ شڪنتلا جو ڌرم جو پيءُ.

سرودمن:دشينت مان شڪنتلا جو پٽ، اڳتي هلي سندس نالو ڀرت ٿيو، جنهن جي نالي پٺيان هندوستان ”ڀارت ديش“ سڏيو هو، ۽ سڏجي رهيو آهي.

ڪشيپ:هڪڙو ناليرو جوڳي، جو برهما جو پوٽو ۽ ديوتائن جو جنم داتا سمجهيو ويندو هو.

ماتلي:اندر ديوتا جو رٿ بان.

شارنگرو ۽ شاردوت: ڪڻو رشيءَ جا چيلا.

(ڪوٽوال، پيادا، دربان، محافظ، مهاڻا، ساڌو وغيره)

-عورتون-

شڪنتلا:مينڪا اپڇرا(حور) جي ڌيءُ، ڪڻوءَ جي ڌرم جي ڌيءُ.

پريمودا ۽ آنسويا:شڪنتلا جون ساهيڙيون.

گوتمي: ڪڻو رشيءَ جي ڀيڻ، هڪ پوڙهي جوڳياڻي.

وسومتي:دشينت جي راڻي.

سانومتي:هڪ اپڇرا (حور) – شڪنتلا جي ساهيڙي.

ويتروتي ۽ چترڪا: راجا جي محلات جون ٻانهيون.

اديتي: ڪشيپ رشيءَ جي زال.

(ڀيلياڻيون، داسيون، مالهياڻيون، ۽ جوڳياڻيون وغيره)

شڪنتلا

(سنڌي ترجمو)

مهاڳ

ڌڻيءَ جي در دعا

(هڪڙو برهمڻ اسٽيج تي اچي، ڌڻيءَ جي تعريف ۾ هڪ گيت ڳائي ٿو:)

شل ايشور اوهان جو، هوندو هميشہ حامي،
اٺ روپ اُن کي آهن، سڀني سندو سوامي،
پهرين جاءِ شيءِ اُپائي، خالق، سا آهه پاڻي،

پر ميشور جو بيشڪ، آهي اُهو پيامي.
ٻي شيءِ، کڄن ٿا جنهن سان، ٻَل قاعدن مطابق،
اگني يا باهه اُن کي سڀ ٿا سڏن مدامي.
ٻَل ٿو جلائي جيڪو، سو روپ ايشور جو،
يعني اُهو برهمڻ، هرگز نه آهه عامي.
ٻيئي ڀلا ڀلارا، جي وقت ڪن مقرر،
ساڳي ٿي جوت ڏسجي، سج چنڊ ۾ تمامي.

هر شيءِ تي اُن جو قبضو، مِڙني سندو هو مالڪ،
سڀ ڪائنات آهي، سائينءَ سندي سلامي.
جنهن ۾ ٻُڌڻ جي خوبي، تنهن ۾ اُهو ئي آقا.
ڪلتار سان، اُڀن جي ڏسجي ٿي هم ڪلامي.
ڌرتي سڏن ٿا جنهن کي، سار رزق ٿي رسائي،
ڏسجي ٿي ڪين اُن ۾، ڪنهن قسم جي ڪا خامي.
جنهن مان ٿئي ٿو حاصل، هر جيو کي جياپو،
سڏجي ٿي سا، هوا جي مشهور خوش خرامي.
آهن اَٺيئي صفتون، جڳ جي ڌڻيءَ ۾ بيشڪ،
هر شيءِ کي ٿي جڳائي، اُن جي ڪرڻ غلامي.
شل هو اسان سڀن کي، ساري سدا سنڀالي،
حاصل ڪريون اُنهيءَ جي نالي سان، نيڪ نامي!
صفتن ۾ ڪين اُن جي هرگز گمان آڻيون،
هردم خيال پنهنجو اُن ڏي وڃي اُڏامي!
اُن کان سوا نه ڪنهن کي ڄاڻون نڪي سڃاڻون،
پنهنجي ڌڻيءَ جي در تي بلڪل وڃون وڪامي!

 

---

]دعا بعد سوترڌار (اسٽيج ڊائريڪٽر) اچي ٿو.[

سوترڌار(سينگار ڪوٺيءَ ڏانهن نهاري) – شريمتي سينگار ڪري چڪي هجين، ته ٿورو هيڏانهن اچج!

نٽي (اندر ايندي) – سائين، اِجها حاضر آهيان. حڪم فرمايو، ڇا ڪرڻو آهي؟

سوتر ڌار – هيءَ پنڊتن جي سڀا آهي. اڄ اسان کي هڪ نئون ناٽڪ ڪري ڏيکارڻو آهي، جنهن جو نالو آهي ”شڪنتلا“.

هيءَ ڪاليداس جو لکيل آهي، جنهن جي اداڪاريءَ ۾ خاص جو هر ڏيکارڻ گهرجن.

نٽي – اوهان جي قابل هدايت ڪاريءَ کان پوءِ، ڪنهن به ڀُل چُڪ جو انديشو نه آهي.

سوترڌار (مرڪي) - شريمتي، اِنهيءَ کي ڇا ڪبو، جو فنڪار کي پنهنجي ڪمال تي ڀروسو ئي نه هجي! جيستائين حاضرينن جي زبان مان واه واه نه نڪري، تيستائين مان توکي نه مڃيندس!

نٽي-سچ آهي. اوهين حڪم فرمايو ته هن کان پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

سوترڌار-مناسب ته ائين آهي ته ڪو مهل جو راڳ ٻڌائي، حاضرينن جي ڪنن کي موهي ڇڏ!

نٽي-راڳ ڪهڙيءَ مُند جو هجي؟

سوترڌار-اونهارو اڃا هينئر شروع ٿيو آهي، ۽ گرمي به ڪا خاص تڪليف نٿي پهچائي-تنهنڪري منهنجو خيال آهي ته تون انهيءَ مَن موهيندڙ رُت جو راڳ ڳاءِ. ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه شام جو وقت ڪهڙو نه سيبائيندڙ ٿئي ٿو، ۽ پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هڻڻ سان ساه کي ڪهڙي نه سڌير حاصل ٿئي ٿئي، ۽ ٻيلن جي گلن:جي سرهاڻ، ۽ ڇانءَ ۾ آرام، روح کي ڪهڙو نه آٿت ڏئي ٿو!

نٽي-حاضر!(ڳائڻ شروع ڪري ٿي.)

سرهه جا گل نزاڪت سان، ڇنن پييون سندر ناريون،
ڪنن ۾ تن جي ڏس جهومڪ، ٽِلن پيون ٽلڻ واريون!
بنايائون محبت مان، عجب سينگار زُلفن جو،
وڻيون آهن سندن دل کي، اهي گُلڙن سنديون ٽاريون!
عجب آهن سُنهري رنگ جي تارُن ڀريل مکڙيون،
چُمن ڀونرا پيا تن کي، ڏيئي هڪ ٻئي کي دلداريون!

 

سوترڌار-واه، واه، تنهنجي تان ته اهڙو رنگ رچايو آهي، جو سڄي مجلس حيرت جي تصوير بنجي، نهاري رهي آهي! چؤ، هينئر ڪهڙو ناٽڪ ڏيکارڻ چاهين ٿي؟

نٽي-هي ڇا! اوهين اڃا هينئر اعلان ڪري چڪا آهيون، ته اڄ اسان کي ”شڪنتلا“ نالي هڪ نئون ناٽڪ ڪرڻو آهي.

سوترڌار-وڏي مهرباني، جو ياد ڏياريئي! مان انهيءَ وچ ۾ پنهنجا هوش حواس به وڃائي ويٺو هوس.تنهنجو جادوءَ ڀريو گيت منهنجي خيالن کي ائين پَري ڇڪي ويو هو، جيئن راجا دشينت کي هيءُ تيز هرڻ هيڏي ڇڪي آيو آهي.

(ٻئي هليا وڃن ٿا)

(پردو ڪري ٿو)

پردو پهريون

جهنگ

]راجا ”دشيَنت“ تير ڪمان هٿ ۾ کڻي، هڪ هرڻ جو پيڇو ڪندي، پنهنجي سارٿيءَ سان گڏ رٿ ڊوڙائيندو نظر اچي ٿو.[

سارٿي (راجا ۽ هرڻ ڏانهن نهاري)-اوهان جي وڏي ڄمار! جڏهن منهنجي نظر هن ڪاري هرڻ ۽ اوهان جي ٻَنگيل ٻاڻن تي پوي ٿي، تڏهن بس، ائين معلوم ٿئي ٿو ته ڄڻ پاڻ شوجي انهي هرڻ جو پيڇو ڪري رهيو آهي، ۽ هنن ويچارن ”چٽڪمرن“ جي نسل جي نالي نشان برباد ڪرڻ لاءِ سنڀري نڪتو آهي.

راجا-سارٿي، ڏس ته سهي، هن هرڻ اسان کي ڪٿان کان ڪٿي آڻي ڪڍيو آهي، ۽ هينئر به ڪهڙي نه ناز ۽ نخري سان ڪنڌ ڦيرائي، پنهنجي عجيب اکڙين سان هن موت جي پيغام آڻيندڙ رٿ ڏانهن نهاريندو پيو وڃي، ۽ تير جي، ڀَو وچان ڪڏهن سندس ڌڙ جو پويون ۽ ڪڏهن اڳيون حصو سُڪڙجي وڃي ٿو. هيءُ پيڇرو جنهن تي سندس قدمن جا نشان آهن، سو سڄو سندس اڌ چريل گاه سان ڇانيو پيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٿَڪ جي سببان سندس وات ڦاٽل آهي. تنهن کان سواءِ، سندس وڄ جهڙا تکا ڇال ته ڏس، ائين ڪڏهن به معلوم نه ٿو ٿئي ته ڪو هو زمين تي آهي، پر اهو ئي گمان پيدا ٿئي ٿو ته هو هوا ۾ اُڏامندو ٿو وڃي! مان جيتوڻيڪ اُن جو لڳاتار پيڇو ڪندو اچان ٿو، تنهن هوندي به هو منهنجن اکين کان ذري گهٽ غائب ٿيو وڃي!

سارٿي- شل جُڳ جيئو! هيستائين زمين ۾ ايترا ته کڏون کوٻا هئا، جو مان رٿ کي تمام جهلي جهلي هلائيندو آيو آهيان، ۽ هرڻ اڳيان نڪري ويو آهي. هينئر ته سنئون ميدان اچي ويو آهي، تنهنڪري هو اوهان کان ڀجھي نه سگهندو.

راجا - پوءِ ته گهوڙن جون واڳون ڍريون ڪري ڇڏ!

سارٿي (تيزيءَ سان رٿ هلائيندي)-جيءُ، جيئندا قبلا. ڏسو سرڪار! واڳن ڍرين هوندي به گهوڙا پنهنجي موج ۾ ائين اڏامي رهيا آهن، ڄڻ ته کين هرڻ جي تيزيءَ تي خار ٿي اچي، اڏامندڙ دز کي ڪيئن نه پنهنجي پٺيان اُڇليندا پيا وڃن! سندن ڳچيون سنيون سڌيون ۽ وڌيل آهن، ۽ ڪن مٿي کڙا ٿي ويا اٿن.

راجا (خوشيءَ مان – سچ پچ، هنن گهوڙن ته اِندر ۽ سورج ديوتان جي گهوڙن کي به شهه ڏيئي ڇڏي آهي! ۽ اچي هرڻ کي ويجهو پهتا آهن. رٿ جي تيزيءَ جي هيءَ حالت آهي، جو جيڪي شيون اڳي ننڍيون ڏسڻ ۾ ٿي آيون، سي هڪدم وڏيون ٿينديون پيون وڃن. جيڪي ٽڙيل پکڙيل هيون، سي هڪ گهڙيءَ ۾ هڪ ٿينديون پيون وڃن ۽ جيڪي قدرتي طرح ڏنگيون ڦِڏيون هيون، سي اک ڇنڀ ۾ وڃن پيون هموار ٿينديون. ڄڻ ته رٿ ۽ ويجهڙائيءَ جي وچ ۾ ڪو فرق ئي نه رهيو آهي.... چڱو ڏس، اجهو ٿو هرڻ مري!

(ائين چئي، ڪمان ڪشي ٿو)

(پردي پٺيان آواز)-مهاراج، هيءُ آشرم جو هرڻ آهي! هن کي نه ماريندا، نه ماريندا!

سارٿي (ڪَن ڏيئي ۽ اکيون ڦاڙي)-جيئندا قبلا، اوهان جي تير جي نشان ۽ هرڻ جي وچ ۾ ساڌو اچي ويا آهن!

راجا (تڪڙ منجهان) – ته پوءِ گهوڙا جهل!

سارٿي – حاضر سائين!

(رٿ بيهاري ٿو-هڪ ساڌو پنهنجي چيلن سميت اچي ٿو)

ساڌو(هٿ مٿي کڻي)-راجن! راجن:هيءُ آشرم جو هرڻ شڪار لاءِ نه آهي! هيءُ تير سندس نازڪ جسم ۾ نه چُڀڻ کپي. اها باه هنن گلن جي انبار کي ساڙڻ جي لاءِ نه آهي. ڪٿي هن جو نرم ۽ نازڪ جسم ۽ ڪٿي اوهان جا تِکا تير، جي ترار کان وڌيڪ تيز ۽ بجليءَ کان وڌيڪ ٻَرندڙ آهن! هي تير ته دکي دلين جي حفاظت لاءِ آهن، ۽ نه معصوم دلين کي ڦٽڻ لاءِ!

راجا (نمسڪار ڪري) – چڱو، چڱو: اوهان جو حڪم اکين تي. (تير واپس ترڪش ۾ وجهي ٿو).

ساڌو(خوش ٿي ڪري)-اي پروءَ 2 جي گهراڻي جا چشم و چراغ ۽ راجائن جي راڄنيتيءَ جا باغ! اِهو ئي تنهنجي شان جي شايان آهي! ڀڳوان ڪري، شل تون اهڙي پُٽ جو پيءُ بڻجين، جو سڀني راجائن جو راجا هجي!

(ٻيا به هٿ کڻي دعا ڪن ٿا)-تحقيق توکي پٽ ڄمندو؛ جو دنيا ۾ وڏو راجا ٿيندو!

راجا(نِوڙي)-پاڪ ساڌوءَ جو سخن قبول آهي.

ساڌو- راجن! اسين ته ڪاٺيون ڪرڻ ٿا وڃون. هو ڏسو، پريان مالني نديءَ جي ڪناري تي اسان جي گُروءَ ڪڻو رشيءَ جو آشرم آهي! جيڪڏهن اوهان جي ڪم ۾ اٽڪاءُ نه ٿئي، ته ڀلائي ڪري اتي هلو، ۽ اسان کي پنهنجي ميزبانيءَ جو شرف بخشيو.

اوهان جي ٻانهن تي ڪمان جي زهه جا جيڪي نشان ٺهي بيٺا آهن، تن جي پناه جو دائرو ڪيڏو نه وسيع آهي! اوهان کي انهيءَ جو اندازو اُن وقت ٿيندو، جڏهن اوهان پنهنجن اکين سان ساڌن کي ڪنهن به ڊپ ڊاءَ کان سواءِ پوڄا پاٺ ڪندي ڏسندا.

راجا-ڇا، اوهان جو مَها گرو اتي آهي؟

ساڌو-هو پنهنجي ڌيءُ شڪنتلا کي مهمانن جي آڌرڀاءُ لاءِ هدايت ڪري، اِجهو هينئر سوم تيرٿ ڏانهن مٿس بلا ٽارڻ لاءِ ويو آهي.

راجا-خير، آءٌ شڪنتلا سان ئي ملي ٿو وٺان، اميد ته هو منهنجا آداب مَها رشيءَ کي پهچائيندي!

ساڌو-چڱو، ڀلي ائين ڪريو؛ اسين موڪلايون ٿا!

(ساڌو پنهنجن چيلن سوڌو هليو وڃي ٿو)

راجا-سارٿي، گهوڙا هلاءِ! جيئن اسين هڪ ڀيرو هن پاڪ آشرم کي ڏسي، پنهنجا پاپ ڌوئي ڇڏيون.

سارٿي-جيئندا قبلا، جيئن اوهان جو حڪم!

(ائين چئي، سارٿي وري به تيز رفتار رٿ هلائي ٿو)

راجا(چوڌاري نهاري)-سارٿي، اسان کي ڪنهن ٻُڌايو به ڪونهي؛ تڏهن به ائين ٿو معلوم ٿئي ته هيءُ تپ بن*جو ماڳ آهي!

سارٿي-سو وري ڪيئن؟

راجا-ڇو، ڏسين نٿو؟ ته ڪيئن هيڏانهن هوڏانهن طوطن جي ٻچن جي چهنبن مان ڪريل چانورن جا داڻا پيا آهن؛ ۽ جنڊ جي پڙن جي آلاڻ صاف صاف ٻُڌائي رهي آهي ته مٿس باداميون ڏريون ويون آهن. هرڻ ماڻهن سان ايتريقدر هري ويا آهن، جو رٿ جي گهرڙ گهرڙ، جو به مٿن ڪو اثر نٿو ٿئي ۽ هو نڪي ٽهن ٿا ۽ نڪي ڀڄن ٿا! نديءَ ڏانهن ويندڙ پيچرن تي آلن ڪپڙن مان ٽمندڙ بُوندن پڻ ڇڻڪار لائي ڇڏي آهي!

سارٿي-سڀ سچ آهي!

راجا(ٿورو اڳڀرو وڌي)- تنهن کان سواءِ، هوا جي مٺڙن ۽ وڻندڙ جهوٽن، ڪَسين جي ڇولين سان، سُندر ڪناري تي اُڀريل ٻوٽن جون پاڙون ڌوئي صاف ڪري ڇڏيون آهن! قربانگاه تي ٻرندڙ گيهه جي دونهين گلن جي پَنن جو رنگ بَدلائي ڇڏيو آهي، ۽ هرڻن جا ٻچڙا بَن جي ساون پڌرن تي ڏاڍيءَ نَرمائيءَ سان چري رهيا آهن ۽ مزي سان پيا گهمن ڦرن! ڏسجانءِ، ائين نه ٿئي، جو ڪٿي آشرم وارن کي تڪليف پهچي!

هتي ئي رٿ بيهار، ته آءٌ لهي پوان.

سارٿي-مون گهوڙن جون واڳون ڇڪي جهليون آهن، ڀل ته سائينءَ جن لهن!

(راجا هيٺ لهي ٿو ۽ پنهنجي جسم کي جاچي ڏسي ٿو)

راجا-سارٿي، آشرم ۾ گهڙڻ وقت بت تي سادا ڪپڙا هئڻ گهرجن، تنهنڪري هي شيون پاڻ وٽ سنڀالي رک.

(جواهرات ۽ تير ڪمان کيس ڏئي ٿو)

جيسين آءٌ آشرم مان ٿي موٽي اچان، تيسين ڀل ته گهوڙا پاڻي پين ۽ ويساهين وٺن.

سارٿي-حاضر، مهاراج!

(راجا هليو وڃي ٿو)

راجا(چوڌاري گهمندي ڦرندي) اجهو، آشرم جو در! هتان ئي اندر وڃڻ گهرجي...

(اندر گهڙندي پنهنجي ساڄي ٻانهن ڦڙڪندي ڏسي ٿو)

راجا(پاڻ)-هيءُ آشرم ته ”تپ جپ“ جو گهر آهي، پر منهنجي ساڄي ٻانهن ڇو ٿي ڦرڪي؟ ۽ انهيءَ جو تعبير ڇا ٿو ٿي سگهي؟ ائين نه چئو، قسمت جا دروازا هر هنڌ کُلي سگهن ٿا.

(پردي پٺيان آواز) سهيليون هيڏانهن هيڏانهن!

راجا(آواز ٻڌي)-وڻن جي هنن وراڪن جي پٺيان ڳالهائڻ جو آواز ڪيئن ٿو اچي؟ هلي ڏسان ته سهي! (اتي وڃي چوڌاري نهاري ٿو) هان، هي ته آشرم جون ڪنيائون آهن، جي وڻن ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي قد بت آهر ٿانو کڻي، هن پاسي پيون اچن! (غور سان ڏسي)ڌڻيءَ جي قدرت، ڪهڙو نه من موهيندڙ رنگ روپ اٿن! جيڪڏهن اهڙو نرالو حسن، جيڪو راجائي محلن ۾ به ناياب آهي؛ سو آشرم ۾ نظر اچي سگهي ٿو ته پوءِ ائين سمجهڻ گهرجي، ته اسان جي باغن جا گل ڦل هنن جهنگ جي گلن ڦلن سان ڪڏهن به مٽ پئجي نٿا سگهن! هينئر آءٌ هن وڻ جي اوٽ وٺي، لڪي ٿو بيهان.

(راجا لڪي ٿو بيهي، ۽ شڪنتلا پنهنجن ٻن ساهيڙين سميت پر گهٽ ٿئي ٿي)

شڪنتلا – ڀينرو، هيڏانهن، هيڏانهن!

آنسُويا-پياري شڪنتلا، آءٌ ڀانيان ٿي ته ڪڻُو بابا کي هي وڻ ۽ ٻوٽا توکان به وڌيڪ پيارا آهن! نه ته هو تو جهڙيءَ نازڪ بدن کي هنن ڪونڊين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڇو حڪم ڏئي ها؟

شڪنتلا-هان، پر آءٌ اهو رڳو بابا جي حڪم تي ٿورو ئي ٿي ڪريان! منهنجو ته پاڻ هنن سان ڀائپيءَ جو ناتو آهي. (ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ لڳي ٿي).

راجا(پاڻ)-ڇا، اِهائي ڪڻوءَ جي ڌيءُ آهي؟ پر هن جي سمجهه ته ڏسو! ههڙيءَ نازڪبدن کان به آشرم جا ڪم ٿو وٺي! هن البيليءَ کان تپ جپ ڪرائڻ اهڙو آهي، جهڙو ٻٻر جي ٽاريءَ کي ڪنول گل جي پَن سان وڍڻ! آءٌ هن وڻ جي پٺيان لڪي، انهيءَ من موهڻيءَ کي بيحجاب ڏسي سگهان.

(وڻ جي پٺيان لڪي بيهي ٿو)

شڪنتلا(ٿورو ترسي) پياري اَنسويا، پريمودا منهنجي چوليءَ جون ڏوريون اهڙيون ته ڇڪي ٻڌيون آهن، جو ساه ٿو گهٽجي! مهر ڪري ڪجهه ڍريون ڪري ڇڏ.

آنسويا – چڱو! (ڏوريون ڍريون ڪري ٿي).

پريمودا (ٽهڪ ڏيئي – اڙي، پنهنجي جوانيءَ کي نٿي چئين، جا تنهنجي جوڀن کي اُڀاري رهي آهي!

مون کي ڇو ٿو جهڻڪين؟

راجا (پاڻ) - اها ڇوڏي جي سخت چولي، هن نازڪ اندام تي نٿي ٺهيئ. ڪلهن تي ٻڌل ڏورين جي هيٺان سندس ڇاتي ائين ٿي لڳي، ۽ ائين ته بيوس آهي، جيئن سُڪل پَنن جي هيٺان ڍڪيل گُل... انهيءَ ڪري ته کيس زيورن جي زيب جي ضرورت نه آهي! خدا جي ڏنل حُسن کي هارسينگار جي ڪهڙي ضرورت! ڪنول جو گل کڻي ڪکن پنن سان گهيريل هجي، ته به سُهڻو لڳي ٿو: چنڊ جو ڪارو داغ پاڻ سندس سونهن کي وڌائي ٿو. هي سنهڙي وينگس ڇوڏن جي لباس ۾ پاڻ وڌيڪ جاذب آهي. اها ڪهڙي شيءِ آهي، جا منوهر صورتن لاءِ سينگار جو سبب نٿي بنجي؟

شڪنتلا (اڳتي نگاه ڪري)-ڄڻ ته هي ڪيسر جو وڻ هوا ۾ ڏڪندڙ آڱرين جهڙن پنهنجن پَنن سان، مون کي پاڻ ڏي ڇڪي رهيو اهي. مان اُن جي عزت افزائي ڪنديس.

(ڏانهنس وڃي ٿي)

پريمودا- پياري شڪنتلا، ٿوري دير ترسج! شڪنتلا-ڪهڙي مطلب لاءِ؟

پريمودا - انهيءَ لاءِ ته تنهنجي ڀرسان بيهڻ ڪري، ڪيسوڻ ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ڄڻ ته ڪنهن ول سان هم ڪنار آهي؟

شڪنتلا-انهيءَ لاءِ ته توکي پريمودا(منهنجي مٺي) چون ٿا.

راجا (پاڻ) – پريمودا سچي ۽ مٺي ڳالهه چئي آهي. ڇاڪاڻ ته هيٺيون چپ ننڍي گونچ وانگر رنگين اٿس: ٻانهون چنبيليءَ جي نازڪ ٽارين جهڙيون اٿس، ۽ جوڀن جواني گلاب جي گل جيان سندس سڀني عضون کي سونهن بخشي رهي آهي!

آنسويا – پياري شڪنتلا، ڇا تو انهيءَ چنبيليءَ کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن انهيءَ انب جي وڻ سان ڪوڏ پئي شادي ڪئي هئي، ۽ تو سندس نالو ”بن جوت“ رکيو هو؟

شڪنتلا – انهيءَ کي ته آءٌ ان وقت وسارينديس، جڏهن مان پاڻ کي وسارينديس. (چنبيليءَ جي وڻ جي ويجهو وڃي) واه واه، اُهو ڪهڙو نه سڀاڳو وقت هو، جڏهن هن وڻ ۽ ول جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿيو هو! ۽ هينئر مکڙين جي صورت ۾ ”بن جوت“ نئين جواني حاصل ڪئي هئي، ۽ اَنب جا نوان پن ڏيکارين ٿا ته هو مزن ماڻڻ لاءِ آتو آهي. (گهُوري رهي آهي).

پريمودا – انسويا، توکي خبر آهي ته شڪنتلا هن ”بن جوت“ ڏانهن اهڙيءَ سڪ منجهان ڇونهاري رهي آهي؟

انسويا – اَلائي! مون کي ڪهڙي خبر؟ تون ئي کڻي ٻڌاءِ!

پريمودا – هوءَ پنهنجي دل ۾ اِهو ٿي سوچي ته ”جهڙيءَريت هن ول کي هڪ من موهيندڙ ساٿي مليو آهي، شل اهڙو ئي پيارو جيون ساٿي مون کي به نصيب ٿئي!“

شڪنتلا – ها، نيٺ ظاهر ڪيئه پنهنجي اندر جو انت!

(ائين چئي گهاگهر اُونڌي ڪري ٿي)

راجا (پاڻ) – متان ائين ته نه آهي ته هيءَ ڪڻو رشيءَ جي ٻيءَ ذات واريءَ زال جي ڌيءُ آهي؟... ڇڏ دل، انهن اجاين وسوسن کي! جيڪڏهن سچ پڇين ته هوءَ اهڙي حسين آهي، جو سندس شادي ڪنهن راڄ کتريءَ سان ئي ٿئي ته سونهين! منهنجي اَصيل دل ۾ به اُن لاءِ محبت جو جذبو جاڳي اُٿيو آهي، ۽ اهڙين ڳالهين ۾ محبتي ماڻهن جو ارادو ئي هميشہ حق ڏانهن مائل هوندو آهي: تنهن هوندي به مون کي ان جي پروڙ پئجي ئي ويندي.

شڪنتلا(مونجهه ۾) – يا مدد! پاڻيءَ جي ڇنڊن پوڻ ڪري، هڪڙو ڀونر چنبيليءَ کي ڇڏي، ڀون ڀون ڪندي، منهنجي منهن ڏي ڪاهي رهيو آهي!

راجا (حسرت منجهان نهاريندي) – واه واه، اي ڀونر،  جنهن جي تلاش ۾ اسين حيران پريشان گهمي رهيا هئاسين، تنهن کي نيٺ تو ئي حاصل ڪيو! تون گهڙيءَ گهڙيءَ انهن نازڪ نيڻن کي اچي ڇُهين ٿو، جن جون پِنبڻيون تڙپي رهيون آهن! تون سندس ڪَنن جي چوڌاري اهڙيءَ ريت چڪر لڳائين ٿو، جو ڄڻ ته ساڻس هوريان هوريان ڪو راز اوري رهيو آهين! هوءَ ته پنهنجا هٿ ڇنڊي رهي آهي، پر تون سندس چَپ چوسڻ ٿو چاهين! جو ئي بنهه عشق جو عين آهي! اي ڀونر، تون بيشڪ بختاور آهين؛ پر اسين ته سندس حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ ئي هلاڪ آهيون!

شڪنتلا هيءُ پاپي ڀونر ڪنهن به ريت باز نٿو اچي، تنهنڪري مون کي هتان هڪدم هليو وڃڻ گهرجي. (نظر ڦيرائي ٿي) اڙي، هيءُ ڪار مُنهون ته هتي به اچي پهتو! ڌڻيءَ جي صدقي مون کي بچايو! هن ڪميڻي مون کي ڏاڍو ستايو آهي.

ٻيئي ساهيڙيون (کلندي) – اسين ڪير آهيون، جو توکي بچايون! دشينت کي پڪار، ڇاڪاڻ ته ”تپ بن“ جو محافظ راجا ئي ٿيندو آهي.

راجا (پاڻ سان اَڌ گابرو ڳالهائيندي) – پر منهنجو راجا ئي راز ته ظاهر ٿي پوندو! خير، پوءِ هيئن ڇو نه چوان ته...

شڪنتلا (هڪدم هٽي، اکيون ڦيرائي) – اڙي هاءِ، هيءُ بدبخت ته هتي به منهنجي پچر نٿو ڇڏي!

راجا (هڪدم اڳتي وڌي) – ڪير آهي اُهو بدبخت، جيڪو هنن معصوم رشي ڪمارين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري رهيو آهي؟ ڇا کيس اها خبر ڪانهي ته ظالمن کي سزا ڏيندڙ ”پورؤ“ دنيا تي راڄ ڪري رهيو آهي؟

انسويا – سائين منهنجا، هتي ڪا خطري جهڙي ڳالهه ڪانهي! اسان جي پياري ساهيڙيءَ کي هڪ ڀونر ايڏو ته اچي تنگ ڪيو آهي، جو هوءَ ويچاري سَهمجي ويئي آهي! (شڪنتلا ڏانهن اشارو ڪري ٿي).

راجا (شڪنتلا ڏانهن مُنهن ورائي) – توهان جي تپَسيا جو ڪهڙو حال آهي؟

(شڪنتلا شرم وچان بُت بڻي بيٺي آهي)

انسويا – اوهان جهڙن معزز مهمانن جو آڌر ڀاءُ به ته اسان لاءِ تپسيا ئي آهي. (شڪنتلا کي) شڪنتلا، تون جهوپڙيءَ ۾ وڃي، ميوي سميت پَذيرائيءَ جو سامان کڻي اچ! باقي پيرن ڌئارڻ لاءِ هيءُ پاڻي ڪافي آهي.

راجا – توهان جي لياقت ڀريل لفظن، منهنجي اڳيئي آجيان ڪري ڇڏي آهي!

پريمودا – گهڙيءَ کن هن ستَگُليءَ وڻ جي ٿڌيءَ ڇانءَ هيٺ دڪيءَ تي ويهي، ٿڪ لاهي وٺو.

راجا – آءٌ ڀانيان ٿو ته توهين به اهو ڌرمي ڪم ڪندي ٿڪجي پيون آهيو: ڇو نه گهڙي کن هت وسرام وٺو!

انسويا – پياري شڪنتلا، اسان کي پنهنجن مهمانن جي عزت ڪرڻ گهرجي! اچو ته ويهون.

(ٽيئي ڄڻيون ويهي رهن ٿيون)

شڪنتلا (پاڻ) – ڪهڙو سبب آهي، جو هن ڌارئي ماڻهوءَ کي ڏسي، منهنجي دل ۾ هڪ اهڙو ته اُمنگ، اُتپن ٿيو آهي، جو هن ”تپ بن“ لاءِ هر طرح اڻ سهائيندڙ نظر اچي ٿو!

راجا (سڀني ڏانهن نهاري) – توهان جي سنگت ڪهڙي نه ساه سيبائيندڙ آهي، جو توهين هم عمر ۽ هم صورت آهيو!

پريمودا – انسويا! هيءُ مٺڙو شانائتو شخص ڪير هوندو؟ جو اهڙي وڻندڙ ۽ فهميدي نموني ۾ ڳالهائي رهيو آهي؟ ڪنهن وڏيءَ ڏيا جو صاحب ٿو ڏسجي!

انسويا (اڃا پاسيرو) – سَکي، آءٌ پڻ اچرج ۾ آهيان. چڱو، پڇانس ٿي! (ٿوري بلند آواز سان) اوهان جي خوش اخلاقي مون کي همت ڏياري ٿي ته آءٌ حضور جن کان اها پڇا ڪريان ته اوهين ڪهڙي شاهي ڪٽنب جا سينگار آهيو؟ اوهين ڪهڙي ديس کي جدائيءَ جو داغ ڏيئي، هتي آيا آهيو، ۽ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي نازڪ تن کي تڪليف ۾ وجهي، هن ”تپ بن“ ڏي اچڻ جو ڏاکڙو برداشت ڪيو اٿو؟

شڪنتلا (پاڻ) – اي دل، بيقرار نه ٿيءُ: انسويا ته پاڻ تنهنجي اندر جي ڳالهه پڇي رهي آهي!

راجا (پاڻ) هاڻي پاڻ کي ڪيئن ظاهر ڪريان يا ڪهڙيءَ طرح پاڻ کي لڪايان! چڱو، هيئن ٿو کڻي چواناڍيان ڳالهائيندي)پَورؤ“ راجا مون کي ڌرمي ڪمن جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيو آهي: هن سنياسي جهڳٽي ۾ ڏسڻ آيو آهيان ته ڌرمي ڪريائن جي فرض ادائيءَ ۾ ڪي رنڊڪون ته ڪينهن!

انسويا – ته ائين چئون ته اسان کي ڪهڙو محافظ ملي ويو!

(شڪنتلا، پيار جي جذبي هيٺ ککي وکي ٿئي ٿي)

ساهيڙيون (شڪنتلا ۽ مهمان جو چهرو پسي) – پياري شڪنتلا، جيڪر پڻهين اڄ هتي حاضر هجي ها ته پوءِ؟

شڪنتلا (ڪاوڙ مان) – ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟

ساهيڙيون – ههڙي مانائتي مهمان کي راضي ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجي پياري ۾ پياري شيءِ به خوشيءَ سان بخشي ڇڏي ها.

شڪنتلا – ٽرو منهنجي اڳيان! اوهين پنهنجون من گهڙيون ڳالهيون ڪري رهيون آهيو. آءٌ اوهان کي ڪَن به نه ڏينديس!

راجا – هاڻي مون کي به پنهنجي ساهيڙيءَ جي باري ۾ ڪجهه عرض ڪرڻ جي اجازت ڏيو!

ساهيڙيون – حضور، اهو عرض ته پاڻ اسان لاءِ احسان آهي.

راجا – عام طرح اها ڳالهه مشهور آهي ته ڪڻو رشي سڄي عمر ڪنوارو رهيو آهي: پوءِ ڀلا توهان جي هيءَ ساهيڙي سندس ڌيءُ ڪيئن ٿي؟

انسويا – چڱو، ٻڌو: هڪڙو وڏي درجي جو راڄ رشي آهي، جنهن جي ڪٽنب جو نالو آهي ”ڪَوسِڪ“...

راجا – اُهو پوج پرش ته مشهور معروف آهي.

انسويا – هيءَ اسان جي پياري ساهيڙي به حقيقت ۾ انهيءَ جي ڌيءُ آهي. ڪڻو بابا ته رڳو انهيءَ مقصد سان سندس پيءُ بڻيو آهي، جو هوءَ کيس رستي تي پيل ملي هئي، ۽ گهر کڻي اچي نپائي تاتي وڏو ڪيائينس.

راجا – رستي تي پيل ملي هئي؟ اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي اَڻ تڻ ٿي آهي. مهرباني ڪري سربستو قصو سُڻايو.

انسويا – چڱو ٻڌو! ڪنهن وقت انهيءَ مهارشيءَ هڪ وڏو مشڪل جوڳ اختيار ڪيو هو. ديوتائن کي ڪنهن سبب اچي شڪ جاڳيو، سو انهيءَ تپسيا ٽوڙڻ لاءِ ”مينَڪا“ نالي هڪڙو اپڇرا (پريءَ) کي ڏياري موڪليائون...

راجا – ها ديوتائن کي ته هميشه ٻين جي رياضت جو کٽڪو لڳل رهي ٿو!... اڳتي ڀلا؟

انسويا – بهار جي مُند ۾ هن حُور جا مَست بنائيندڙ ناز نخرا ڏسي ...

(ايترو چئي شرم وچان چُپ ٿي وڃي ٿي)

راجا – بس، انهيءَ ڳالهه جو نتيجو آسانيءَ سان نڪري سگهي ٿو! (شڪنتلا ڏانهن اشارو ڪري) چئبو ته هيءَ پريزاد آهي؟

انسويا – ٻيو نه ته!

راجا – درست، نه ته ههڙو حُسن انساني ذات ۾ ڪيئن پيدا ٿئي! ۽ نور سان جهلڪا ڏيندڙ وڄ زمين مان ڪيئن نڪري سگهي!

(شڪنتلا شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي ٿي)

راجا (پاڻ) – ويتر منهنجي آرزوءَ کي ڊگهه رسي ملي آهي. پر سندس ساهيڙيءَ واتان چرچي ۾ مڱيندي جو مذڪور ٻُڌي، دل ۾ چورا کورا ٿي اٿم ته سندس سڱ آخر ڪنهن سان ٿيندو؟

پريمودا (مشڪندي پهريائين شڪنتلا ۽ پوءِ راجا ڏي نهاريندي) – من کي ته ائين ٿو سمجهه ۾ اچي ته اوهين وري ڪجهه وڌيڪ پُڇڻ چاهيو ٿا!

(شڪنتلا، آڱر سان سکيءَ کي روڪي ٿي)

راجا – تو برابر سهي ڪري ورتو. اسان کي ٻي به ڳالهه پُڇڻي آهي، ڇاڪاڻ ته چڱن جا ڪم ٻُڌي، خوشي ٿيندي اٿئون.

پريمودا – ته حجاب نه ڪريو! ساڌن کان سوال پڇڻ ۾ ڪو اهم ناهي.

راجا – آءٌ توهان جي ساهيڙيءَ بابت وڌيڪ معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان ته سندس اهو ويراڳ ڪيستائين آهي؟ فقط شاديءَ تائين، يا اها مرگهه نيني، جا هرڻين جي به هارَ آهي، سدائين سندن وچ ۾ رهندي؟

پريمودا – هيءَ ويچاري ته اڃا جپ تپ جي ڳالهه ۾ به ٻين جي هٿ وس آهي، پر تنهن هوندي به سندس پيءُ جي مرضي آهي ته هن جي شادي ڪنهن لائق ماڻهوءَ سان ٿئي.

راجا (پاڻ) پوءِ ته منهنجي اها اميد بلڪل اجائي نه آهي... اي نادان دل، هينئر ته هوش رک، تنهنجا شڪ شبها سڀ صاف ٿيا. جنهن کي تو باه جي چڻنگ ٿي سمجهيو، سا ته اهڙو موتي نڪتي، جو اُن کي تون ڳچيءَ ۾ پائي سگهين!

شڪنتلا (ڄڻ ڪاوڙجي) – انسويا، آءٌ وڃان ٿي! انسويا – ڇو؟

شڪنتلا – آءٌ هن وات راڌيءَ پريمودا جي شڪايت گوتمي ٻائيءَ سان ڪنديس.

انسويا – منهنجي مٺڙي، ههڙي مانائتي مهمان جي ڳالهه ٻڌڻ ڌاران اُٿي وڃڻ هڪ آشرم واسيءَ لاءِ نه سهائي! اڃا ته اسان سندس ڪا خاطري ڪا نه ڪئي آهي.

(شڪنتلا، ڪڇڻ بغير راهي ٿئي ٿي)

راجا (پاڻ) – اُف، ڇا هوءَ وڃي ٿي!يس جهلڻ چاهي ٿو، پر پاڻ کي روڪي ٿو) آه، هاءِ افسوس! پريمين جي دل جو ڀيد اُنهن جي من موجي هئڻ مان ئي کلي ٿو. مون هن رشي ڪماريءَ کي گهڻو ئي روڪڻ ٿي چاهيو؛ پر ادب منهنجا هٿ جهلي ورتا. عجب جهڙي ڳالهه آهي، جو جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي جڳهه تان چريوئي ڪين آهيان ته به ائين ٿو محسوس ٿئي، ته آءٌ اُنهيءَ ڏانهن ويو به آهيان ۽ وري واپس موٽي به آيو آهيان.

پريمودا (شڪنتلا کي جهلي) – منهنجي مٺي، توکي وڃڻ نه جڳائي!

شڪنتلا (پيشانيءَ ۾ گهنج وجهي) – ڪهڙي سبب؟

پريمودا – مون تنهنجي بدران هنن ٻن وڻن کي پاڻي ڏنو آهي؛ پهريائين اُهو منهنجو قرض لاهه ۽ پوءِ ڀلي وڃ.

(زبردستيءَ روڪيس ٿي)

راجا – نيڪ ديوي، اها ته تنهنجي ڏاڍائي آهي! ويچاري وڻن کي پاڻي ڏيندي، ساڻي ٿي پيئي آهي؛ ڏس ته گهاگهر کڻڻ ڪري، سندس ڪُلها ئي لڙڪي پيا آهن، سندس ٻانهون رهڙجي ڳاڙهيون لعل ٿي ويون آهن! سهڪيءَ کان سندس سينو پيو اُڀري. سندس ڳلن تي پگهر جا ڳڙا مُچو ڪري بيٺا آهن ۽ ڪنن ۾ وڌيل سَرنهه جي جهومڪن کي چُرڻ نٿا ڏين، وانگوڙو ڇُڙي پيو اٿس، ۽ ڏس ته ڪيئن نه هڪ هٿ سان پنهنجن وٽڙيل وارن کي جهلي رهي آهي....

مان هن جو قرض چڪائيندس (پنهنجي مُنڊي آڇي ٿو

(ننگ تي اُڪريل نالو پڙهي، هڪ ٻئي جي مُنهن ڏانهن ڏسن ٿيون)

راجا – توهين اسان کي غير ڪري نه سمجهو. اها راجائي بخشش آهي.

پريمودا – پوءِ ته کيس آڱرين کان جدا ڪرڻ نه جڳائي! قرض لاهڻ لاءِ اوهان جو ايترو چوڻ ئي ڪافي آهي. (ٿورو مشڪي) شڪنتلا، اسان جي رحمدل مهمان يعني مهراج توکي اڳيئي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ڀلي وڃ!

شڪنتلا پاڻ – شل، آءٌ پنهنجو پاڻ پَلي سگهان! (پريمودا کي) توکي ڪهڙي طاقت آهي، جو مون کي ڇڏين يا روڪين؟

راجا (پاڻ) (شڪنتلا ڏي نهاري) – ڪريان اُميد ته هوءَ به مون کي ائين ڀانئي ٿي، جيئن مان کيس ڀانيان ٿو! گهٽ ۾ گهٽ منهنجي تمنا کي ته موقعو مليو! اگرچه هوءَ مون سان ڳالهائي نٿي، پر تنهن هوندي به جنهن وقت آءٌ ڪجهه چوان ٿو ته هوءَ اُن کي ڏاڍي غور ۽ فڪر سان ٻڌي ٿي. اهو سچ آهي ته هوءَ مون ڏانهن نٿي نهاري، پر سندس نظر ۾ (مون کان سواءِ) غالباً ٻيو ڪي به ڪينهي.

(ايتري ۾ پَري کان آواز اچي ٿو)

آواز – اڙي جوڳيو، هيڏي اچو! ”تپ بن“ جي جانورن جي حفاظت جو خيال رکو! راجا دُشيَنت جن شڪار ڪندي ڪندي ڪٿي ويجهو ئي اچي پهتا آهن: ڏسو گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ سان اُڏامندڙ مٽيءَ جا ذرڙا، لاڙائو سج جي ڪرڻن جو رنگ وٺي، آشرم جي وڻن تي اِئين پون ٿا، جيئن مڪڙن جي فوج!...

تنهن کان سواءِ هن هاٿيءَ کي ڏسو، جو رَٿ جي آواز کان هراسجي، ائين ڊوڙندو نظر ٿو اچي، ڄڻ ته اسان جي تپسيا کي ڊانوا ڊول ڪرڻ لاءِ ڪا مجسّم بَلا اچي رهي آهي! هڪ وڻ جي ڏار ۾ پنهنجو ڏند اٽڪائي، هڪ ئي ضرب سان ان کي ڀَڃي ڇڏيو اٿس! ڪيترين ئي ولين کي پنهنجي پيرن ۾ کڻي آيو آهي ۽ اُهي ڄار وانگر مَٿس ويڙهجي ويون آهن! هي ڏسو، هرڻن جا وَلر، جي سندس ڊپ ۾ ٽهندا وتن!

ڀ ٻُڌي وائڙا ٿي ٿا وڃن)

راجا (پاڻ) – اُف، شهري ماڻهن ته اسان جي سانگي هن ”تپ بن“ ۾ به ٿرٿلو وجهي ڇڏيو آهي! حال في الحال اسان کي هتان وڃڻ گهرجي.

ساهيڙيون – سائين، هن مست هاٿيءَ جي خبر ٻڌي، اسان جو ته هيانءُ ڦاٽي رهيو آهي! اسان کي موڪل ڏيو ته وڃي پنهنجي جهوپڙيءَ ڀيڙيون ٿيون.

راجا (تڪڙ مان – توهان ڀلي وڃو، آءٌ پڻ جهد ڪندس، جيئن آشرم کي آسيب نه پهچي.

ڀ اٿي کڙا ٿين ٿا)

ساهيڙيون – مهاراج، اسين اوهان جي ڪا به خاطر خواه خدمت نه ڪري سگهيا آهيون، ۽ اهو به چوندي شرم ٿو اچي ... ته ٻيهر ڪڏهن اچي ملاقات جو شرف بخشيندا!

راجا – ائين نه چئو، هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش قسمتي ٿي سگهي ٿي، جو توهان جو درشن ڪيم!

شڪنتلا (ويندي ويندي) – انسويا، منهنجي پير ۾ ڊڀوري چڀي پيئي آهي، منهنجو ڇوڏي لباس ڪنڊن ۾ اٽڪي پيو آهي؛ مهرباني ڪري ترسو، ته پاڻ ڇڏيان!

(انهيءَ بهاني تي راجا کي ڏسندي، ڌيري ڌيري پنهنجين ساهيڙين سان گڏ وڃڻ لڳي ٿي).

راجا (سڀني جي وڃڻ کان پوءِ) – مون کي شهر وڃڻ لاءِ هروڀرو ڪا تڪڙ ته ڪانهي، سو پنهنجن ساٿين سان وڃي گڏجان ۽ حڪم ڏيان ته آشرم جي ويجهو ئي هلي ديرو دمائين. شڪنتلا جو خيال منهنجي دل وٽان هڪ پل لاءِ به دور ٿي نٿو سگهي. منهنجي هيءَ حالت آهي، جو خالي جسم اڳتي وڌندو ٿو وڃي ۽ منهنجو روح سندس پُٺيان پُٺيان ڊوڙندو ٿو اچي؛ بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن مخالف هوا ۾ ڪنهن جهنڊي جي ريشمي بيرق اڏامندي آهي! (هليو وڃي ٿو)

(پردو ڪري ٿو)


 


*  تپ بن:اهو جهنگ، جيڪو تپ جپ لاءِ مخصوص هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com