سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: شڪنتلا

 

صفحو :6

سانومتي (پاڻ) – پنهنجو غرض ڪيترو نه پيارو ٿو ٿئي! راجا کي غم ۾ غلطان ڏسي، منهنجي دل ۾ هيڪاري خوشي پيدا ٿي رهي آهي.

ماڌو – منهنجي سمجهه ۾ اِئين ٿو اچي ته شڪنتلا کي ڪو ديوتا کڻي ويو آهي.

راجا – اهڙيءَ سَتيءَ کي هٿ لائڻ جي همت ڪنهن کي ٿيندي؟ مون ٻڌو آهي ته مينڪا نالي پَري شڪنتلا جي ماءٌ آهي. سو ضرور مينڪا جون ساهيڙيون ئي کيس کڻي ويون هونديون!

سانومتي (پاڻ) – حيرت ته تڏهن اچڻ گهرجي، جڏهن هوش وڃائجي وڃي. هوش اچڻ کان پوءِ حَيرت جي ڪهڙي ضرورت؟

ماڌو – جي اها ڳالهه آهي، ته پوءِ شڪنتلا جي ملڻ ۾ ويرم ئي نه لڳندي.

راجا – سو وري ڪيئن؟

ماڌو – بلڪل ظاهر آهي ته پيءُ ماءُ پنهنجي ڌيءُ کي سندس مڙس کان گهڻو وقت جدا ڏسي نٿا سگهن.

راجا – هاءِ! ڇا، شڪنتلا سان منهنجو ميلاپ هڪ قسم جو خواب هو؟ ڇا اها سُڃ جي رُڃ هئي يا مايا جو ڪو کيل هو؟ يا وري منهنجي دان جو ڦَل هو، جو ٿوريءَ دير لاءِ جَهلڪو ڏيکاري، هڪدم غائب ٿي ويو!

.... خير، جو ڪجهه به هجي مگر اهڙو آرام وري ڪڏهن به نصيب نه ٿيندو! ڇاڪاڻ ته منهنجي اُميد ڪنهن اهڙي اوڙاهه ۾ وڃي پيئي آهي، جنهن جو ڪو اَنت ئي ڪونهي!

ماڌو – ائين نه چئو، هيءُ مُنڊي انهيءَ ڳالهه جو پورو پورو ثبوت آهي ته وڃايل شيءِ وري به حاصل ٿي سگهي ٿي. ڀڳوان جي ڪارنامن کي ڪير ٿو سمجهي سگهي؟ ڪيترن سالن جا وڇڙيل به پاڻ ۾ هڪدم مليو وڃن!

راجا (مُنڊيءَ کي ڏسي) – هاءِ، هيءَ مُنڊي به ڪيڏي نه نڀاڳي آهي! ڇاڪاڻ ته ڪِري به اهڙيءَ جاءِ تي، جتان واپس هَٿ اچڻ به هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي!.... اَي مُنڊي! تنهنجي تقدير ڏسي، مون کي خبر ئي نٿي پوي ته تون به مون وانگر بدنصيب آهين يا نه؟ ڇاڪاڻ ته تون به انهن رتول آڱرين تائين رَسي، وري هڪدم ڌار ٿي چڪي آهين!

سانُومتي(پاڻ) – انهيءَ مُنڊيءَ جو نصيب ته اُن وقت ڦٽي ها، جڏهن هوءَ ڪنهن ٻئي جي آڱر ۾ هجي ها.

ماڌو – مگر اوهان مون کي اهو ته نه ٻڌايو ته هيءَ مُنڊي شڪنتلا تائين پهتي ڪهڙي نموني؟

سانُومتي(پاڻ) – آءٌ به ته اهو معلوم ڪرڻ چاهيان ٿي.

راجا – آءٌ جڏهن تپ بن کان پنهنجي راڄڌانيءَ ڏانهن واپس موٽي رهيو هوس، تڏهن منهنجي محبوب اکين ۾ آب آڻي پڇيو ته ”اي پيارا تون وري ڪڏهن اچي منهنجي سار لهندين؟“

ماڌو – ها، پوءِ؟

راجا – انهيءَ سوال جي جواب ۾ مون پنهنجي هيءَ مُنڊي سندس آڱر ۾ پارائي ڇڏي ۽ چيومانس ته ”هن ۾ جيترا اکر آهن اُنهن کي هڪ هڪ ڪري روز ڳڻيندي رهج، جنهن ڏينهن اُنهن اکرن جو ڳاڻاٽو ختم ٿي وڃي، تنهن ڏينهن ائين سمجهه ته اڄ منهنجي ساهري گهران ڪو نه ڪو مون کي وٺڻ لاءِ اچي رهيو آهي.“ پر هاءِ افسوس! مون پاپيءَ کي اها ڳالهه ياد ئي نه رهي.

سانُومتي (پاڻ) – سَنجوڳ جو ڪهڙو نه عمدو طريقو ڳولي ڪڍيو هئائون! مگر قسمت سڄو کيل هڪ پَل ۾ بگاڙي ڇڏيو.

ماڌو – خبر ئي نٿي پوي ته هيءَ مُنڊي مڇيءَ جي پيٽ ۾ ڪيئي ويئي؟

راجا – شڪنتلا جڏهن ”شچي تيرٿ“ تي پهتي هوندي ۽ پوڄا لاءِ پنهنجا هٿ گنگا جَل ۾ وڌا هوندائين، تڏهن اها منڊي سندس آڱرين مان ڪري پيئي هوندي!

سانُومتي(پاڻ) – اوهو! اهو ئي سبب هو، جو هيءُ ويچارو پاپ جي ڊپ کان شاديءَ جي باري ۾ شڪ ۾ پئجي ويو.... پر جي ائين ٿيو به سهي، ته پوءِ مُنڊي ڏسندي ئي شڪنتلا جي پريم ۾ وري محو ٿي ويو!

راجا – انهيءَ ڪري ته آءٌ هن مُنڊيءَ کي چڱي ڦِٺ ملامت ڪرڻ چاهيان ٿو.

ماڌو(پاڻ) – مار، هيءُ ته چَرين جهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري!

راجا – اَي مُنڊي! اُنهن نازڪ آڱرين کان جدا ٿي، تو ۾ اها همٿ ڪيئن پيدا ٿي، جو تون پاڻيءَ ۾ ڪِري پئينءَ؟... مگر نه نه! هيءَ ته هڪ بيجان شيءِ آهي. اِهو سڄو ڏوهه منهنجو ئي آهي، جو هوش حواس سلامت هوندي به، شڪنتلا کي پاڻ وٽان تَڙائي ڇڏيم.

ماڌو (پاڻ) – هيءُ ميان ته رڳو پنهنجن ڳڻتين ۾ غرق آهي. ۽ بک هتي منهنجا آنڊا وڪوڙي رهي آهي.

راجا – اي ساه کان وڌيڪ پياري، مون، سواءِ ڪنهن قصور جي، توکي پاڻ وٽان تڙائي ڇڏيو! مگر هاڻي منهنجي پڇتائڻ جي هيءَ حالت آهي، جو دل ٽڪرا ٽڪرا ٿيو ٻاهر نڪريو ٿي اچي. هاڻي منهنجي هن حال تي رحم ڪر، ۽ هڪڙو ڀيرو وري اچي، مون کي پنهنجو درشن ڪراءِ!

(چترڪارڻي، پردو مٿي ڪري، تصوير کڻي اچي ٿي)

ماڌو (غور سان ڏسي) – واه واه! تصوير جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڪهڙي نه مَن موهيندڙ مورت آهي! سڄي صورت اکين آڏو ڦريو اچي! منهنجا ته، پنهنجي هن ڀيڻ جي سون وانگر چمڪندڙ جسم جي سوز ۾، هوش حواس به گم ٿي ويا آهن. بس! اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڇا چوان؟ اِئين ٿو ڀانئجي، ڄڻ هوءَ جيئري جاڳندي سامهون بيٺي آهي ۽ ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿي!

سانومتي(پاڻ) – جَس هجي راجا جي عقل کي!هن تصوير ته مون کي به حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ۽ آءٌ پڻ ائين ٿي سمجهان ته شڪنتلا سچ پچ سامهون اچي بيٺي آهي.

راجا – ماهر چترڪارن جو دستور هوندو آهي ته اُها تصوير جنهن جون خوبيون بيان نه ٿي سگهن، تنهن جو اظهار اهڙي ئي طريقي سان ڪري ڇڏيندا آهن. مون به شڪنتلا جي هن تصوير ۾ اُها ساڳي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي ڪري مون کي سندس شڪل شبيہ مان ڪي ٿورا گهڻا مُهانڊا نظر اچن ٿا.

سانُومتي(پاڻ) – اِهو نياز نئڙت سندس سچيءَ محبت جي ساک ڀري ٿو.

ماڌو – هن تصوير ۾ ٽن سُهڻين جو ميڙ آهي، ٻڌايو ته اِنهن مان ڀيڻ شڪنتلا ڪهڙي آهي؟

سانُومتي(پاڻ) – هن جڏهن اُن حُسن جي ديويءَ کي ڏٺو ئي ڪونهي، تڏهن کيس اکين کان انڌو ئي سمجهڻ گهرجي.

راجا – ماڌو، اها ڳجهارت ته توکي ئي ڀڃڻي پوندي!

ماڌو(غور سان ڏسي) – منهنجي خيال ته شڪنتلا اها آهي، جيڪا اَنب جي وَڻ سان ٽيڪ لڳايو بيٺي آهي. سندس حسن جون تازيون مُکڙيون جوڀن جي پاڻيءَ ملڻ ڪري ٽڙي ۽ ٻهڪي رهيون آهن. هن جو وانگوڙو کلي ويو آهي، ۽ سندس وارن ۾ لڳل گل هيٺ لڙڪي رهيا آهن، ۽ ٿڪ جي سببان ٿورو پريشان به نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس ڳلن تان پگهر جا ٽيپا ٽمي رهيا آهن ۽ ٻانهون بلڪل ساڻيون ٿي ويون اٿس؛ اهڙيءَ طرح سندس ٻنهي پاسن کان جيڪي سُهڻيون صورتون نظر اچن ٿيون، سي سندس ساهيڙيون آهن.

راجا – آءُ قبول ٿو ڪريان ته تون برابر هوشيار آهين، مگر تو انهيءَ تصوير ۾ منهنجي جذبات جو اثر ته نه ڏٺو؟

....ڏس، تصوير جا ڪنارا پگهريل آڱرين جي ڪري ميرا ٿي ويا آهن. اُهي جايون جن تي منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙي وڃي ڪريا آهن، سي سندس ڳل آهن – جن تان ٿورو رنگ لهي ويو آهي ... اڙي چترڪارڻي، هن ۾ وَلين جو جهڳٽو ته اڌ ۾ رهجي ويو آهي! وڃ برش ته کڻي اَچ!

داسي – حاضر مهاراج؟... (ماڌوءَ کي) ڀائي ماڌو، جيسين آءٌ موٽي اچان، تيسين تون هن تصوير کي جهلي بيهه.

راجا – نه نه، اِها تصوير ماڌوءَ کي ڇو ٿي ڏين؟ مو کي ڏي!

(راجا تصوير پنهنجي هٿ ۾ جهلي ٿو ۽ داسي هلي وڃي ٿي)

راجا – هوءَ جڏهن مون وٽ هلي آئي، تڏهن مون کيس ڏاڍي بيدرديءَ سان ڍيلي ڇڏيو. ۽ هاڻي وري هيءَ حالت آهي، جو رڳو هن تصوير کي ڏسي جيئرو گذاريان ٿو ... ماڌو، جيڪڏهن سچ پڇين ته منهنجو مثال به اُهو ساڳيو آهي، جيئن ڪو وهندڙ نديءَ مان نڪري سَکڻيءَ رُڃ پٺيان ڊوڙندو آهي.

ماڌو(پاڻ) – منهنجو خيال پڻ ساڳيو آهي. (بلند آواز سان) مهاراج، هن ۾ باقي ڇا رهجي ويو آهي؟

سانومتي (پاڻ) – منهنجو خيال ته ائين ٿو چوي ته هن تصوير ۾ اُهي جهڳون ٺاهيون وينديون جيڪي شڪنتلا کي پياريون آهن.

راجا – ٻُڌ، مالتي نديءَ جو هڪ نظارو ٺاهڻو اٿم ... جنهن جي واريءَ تي هنجن جو جوڙو کوٽهڙو ڪري رهيو هجي .... ٻنهي پاسن کان هماليه جبل جون ٽڪريون پکڙيل ڏسڻ ۾ پييون اچن ۽ مٿن هرڻن جا ولر بيٺا اوڳارين!

.... ساڳئي وقت آءٌ اهو به چاهيان ٿو ته هڪ اهڙو وڻ ڏيکاريو وڃي، جنهن جي ٽارين تي ڇوڏي ڪپڙا سڪي رهيا هجن، ۽ ان جي هيٺان هڪ هرڻي پنهنجي کاٻي اک ڪنهن ڪاري هرڻ جي سڱ سان کنهي رهي هجي!

ماڌو (پاڻ) – جي اوهان منهنجو چوڻ مَڃو ته انهيءَ نظاري کي وڏين ڏاڙهين وارن جوڳين سان ڀري ڇڏيو.

راجا – يار، هتي شڪنتلا جو پيارو گهڻو ڏيکارڻو هو، سو ته وسري ويو!

ماڌو – ڪهڙو ڳهڻو؟

راجا – جيڪو بَن جي ڪمارين جو ٿيندو آهي. ڪَنن ۾ سَرنهن جي گلن جي جهالر هئڻ گهرجي، جنهن جون چمڪندڙ تارون سندن ڳلن کي چُمي رهيون هجن .... ۽ ڇاتيءَ تي لٽڪيل ڪنول گلن جو هار، سرو جي چنڊ وانگر نرم هجي.

ماڌو – مون کي هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هوءَ پنهنجي منهن کي ڪنول جهڙن ڳاڙهن هٿن سان لڪائي، هراس ۾ ڇو بيٺي آهي؟ (غور سان ڏسي) اوهو، گلن جي رس جو چور، هيءُ ڪمبخت ڀونر، شڪنتلا جي گلابي ڳلن تي جهٽ هڻي رهيو آهي!

راجا – هن نٺر کي هتان ڀڄائي ڪڍ.

ماڌو – بابا، هنن مٿي ڦريلن جي مرمت اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ڪري سگهندو؟

راجا – ڀَونر کي چئو ته ”تُون هنن گلن ۽ وَلين جو مهمان آهين، تنهنڪري هڪدم هليو وڃ، هتي اجايو ڇو پيو لامارا ڏين؟.... اڙي بيوقوف، تنهنجي مادي هُن گل تي ويهي، تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي، ۽ تو کان سواءِ گلن جي رَس به نٿي پي سگهي!“

سانومتي (پاڻ) – ڀَونر کي ڪهڙي نه سُهڻي ڍنگ سان ڌمڪي ڏني اٿس!

ماڌو(پاڻ) – ڀَونر جي ذات به ڪڏهن اِئين ڀَڳي آهي؟

راجا – اڙي ڀونر، تون جيڪڏهن سِڌيءَ طرح سان منهنجو چوڻ نٿو مڃين ته پوءِ مون کي به سمجهي ڇڏ!

.......ياد رک، منهنجي ساه کان وڌيڪ پياريءَ جا چپ اهڙا ته نازڪ آهن جهڙو اَنب جو تازو ٻور! اِنهيءَ ڪري ته مون سندس ميلاپ وقت هوريان هوريان سندس چپن جي رَس پيتي هئي. جيڪڏهن تون انهن چپن کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندين، ته هڪدم توکي ڪنول گل جي دل اَندر بند ڪري ڇڏيندس.(1)

ماڌو – جيڪڏهن ڀونر اهڙيءَ ڳَريءَ سَزا کان به نه ڊنو، ته بس پوءِ ته غضب ٿي ويندو ....(کلي – پاڻ) مهاراج ته سودائي ٿي ويو، پر سندس سنگت ۾ اچي آءٌ به اَلائي ڇا جو ڇا بَڪڻ لڳس ... (بلند آواز سان) سائين وڏا، هيءَ تصوير آهي – بيجان تصوير!

راجا – هان! ڇا چَيئي؟

سانومتي (پاڻ) – سچ پچ ته هن وقت آءٌ به وساري ويٺي آهيان ته هيءَ شڪنتلا نه، پر سندس بيجان تصوير آهي: تنهنڪري جنهن اِها تصوير ٺاهي آهي، تنهن کي وري ڪهڙو ڌيان رهندو؟

راجا – اَڙي بيوقوف، آءٌ ته پنهنجي جيءَ جي جياپي جي ديدار سان پنهنجي اندر جو آرام حاصل ڪري رهيو هوس، ۽ منهنجي مَن جو مندر سندس يادگيريءَ جي جوت سان ٻهڪي رهيو هو. مگر تو مون کي ڇو ياد ڏياريو ته هيءَ شڪنتلا جي تصوير آهي؟ هوءَ منهنجي اڳيان هَلي چَلي ۽ گهُمي گهتي رهي هئي، پر هاڻي ته بيجان تصوير جي خيال کان سواءِ ڪجهه به باقي نه رهيو آهي!

(روئڻ لڳي ٿو)

سانُومتي (پاڻ) – بره جي باه به سڀ کان نرالي آهي. گهڙيءَ ۾ تولو ته گهڙيءَ ۾ ماسو!

راجا – منهنجا عزيز، آءٌ اِهو ڏک هميشہ لاءِ ڪيئن برداشت ڪري سگهندس؟ جنهن صورت ۾ راتين جون راتيون جاڳندي گُذريو ٿيون وڃن، ۽ اُن محبوب کي خواب ۾ ڏسڻ جي اُميد به ختم ٿي چڪي آهي! هاڻي آءٌ جڏهن سندس تصوير ڏسان ٿو، تڏهن منهنجي اکين مان بي اختيار ڳوڙها ڳڙي ٿا پَون، ۽ اُنهن جي ڌنڌ ۾ مون کي ڪجهه به نظر نٿو اچي.

سانُومتي (پاڻ) – اِهي ڳوڙها شڪنتلا جي دل مان سندس بيعزتيءَ جو داغ ڌوئي ڇڏيندا.

(ايتري ۾ داسي واپس موٽي اچي ٿي)

داسي – مهاراج، آءٌ رنگن جو دٻو کڻي، هن پاسي اچي رهي هيس ته....

راجا – ته پوءِ ڇا ٿيو؟

داسي – راڻي بسومتي پنهنجي ماسيءَ سان گڏ اچي رهي هئي. اوچتو ئي اوچتو منهنجو رستو روڪي ڇڏيائين، ۽ منهنجي هٿان دٻو وٺي چوڻ لڳي ته ”تون هل، آءٌ اهو دٻو پاڻهئي وڃي ٿي پهچايان“.

ماڌو – ڇوڪري، شڪر ڪر، جو تنهنجي جان بچي پيئي.

داسي – راڻيءَ جو پَلانگ هڪڙي ٻوٽي ۾ اٽڪي پيو ۽ سندس داسي اُن کي ڇڏائڻ لڳي. اُن به اهو موقعو مناسب سمجهي، سندس اک بچائي وٺي ڀڳيس.

راجا – راڻي بسومتي، پهاڄپي جي ساڙ وچان سَڙي پچي، هيڏانهن اچي رهي آهي. ميان ماڌو، هاڻي جلدي ڪر ۽ هن تصوير کي بچاءِ!

ماڌو – ائين ڇو نٿا چئو ته پنهنجي جان بچاءِ. (تصوير کڻي) جڏهن رنواس جا ڪارا ڪڪر دل کولي وسي، هليا وڃن، تڏهن مون کي ميگهه محل مان سڏائي وٺجو!(ائين چئي، ڀڄي وڃي ٿو)

سانُومتي(پاڻ) – شڪنتلا تي ساه صدقي ڪرڻ کان پوءِ به راجا پهرين پريت نڀائيندو اچي. پر راڻين سان هاڻي ڪو خاص پيار نه رهيو اٿس.

(داسي هٿ ۾ هڪ ڪاغذ کڻي ٿي اچي)

داسي – مهاراج جي جئي!

راجا – تو راڻي بسومتيءَ کي هن پاسي ايندو ته ڪو نه ڏٺو؟

داسي – هائو سرڪار! هوءَ مون سان ملي هئي، مگر منهنجي هٿ ۾ هڪ چٺي ڏيئي پوئين پيرين واپس موٽي ويئي.

راجا – راڻي وقت بيوقت کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿي ۽ راجائي ڪمن ۾ رنڊڪ وجهڻ نٿي چاهي.

داسي – مهاراج، ديوان وينتي ڪئي آهي ته ”سرڪاري خزاني ۾ ايترو پيسو جمع ٿي ويو آهي، جو حساب ڪتاب کان واندڪائي نٿي ملي! جيڪڏهن اوهان کان ٿي سگهي ته فقط هڪ معاملي کي نظر مان ڪڍو، جو اوهان جي خذمت ۾ لکي موڪلي رهيو آهيان.“

راجا – مون کي ڏي، ڏسان! ڇا لکيو اٿس؟

(داسي لکيل ڪاغذ ڏئي ٿي)

راجا (خط پڙهندي) – ڌن منتر نالي هڪڙو واپاري، جو بنا اولاد سمنڊ ۾ ٻُڏي مري ويو آهي، تنهن جو مال ملڪيت حڪومت جي قانونن مطابق ضبط ٿيڻ گهرجي.

....(اُداس ٿي) اولاد نه هئڻ به ڪهڙو نه هيانءُ پاڙيندڙ صدمو آهي! پَر هن جڳ جي سيٺ کي ته گهڻيون ئي زالون هونديون! مگر فيصلي  ڏيڻ کان اڳ اِها خبر ضرور هئڻ گهرجي ته اُنهن زالن مان ڪا پيٽ سان ته نه آهي؟

داسي – مَهاراج، ٻُڌڻ ۾ آيو آهي ته اُن سيٺ جي هڪڙي زال آيوڌيا جي ڪنهن سيٺ جي ڌيءُ آهي ۽ هينئر سندس گهر ۾ ڇَٺي ملهائي پيئي وڃي!

راجا – ته پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ ديوان کي ٻُڌائي ڇڏ ته اهو ئي ٻار پيءُ جو وارث آهي.

داسي – حاضر مهاراج! (وڃڻ لڳي ٿي)

راجا - ۽ ٻڌ.

داسي – حڪم ڪريو.

راجا – اِنهيءَ حقيقت مان ته هرڪو واقف آهي ته اولاد هئڻ يا نه هئڻ سان ڇا ٿو ٿئي! تنهنڪري سڄي شهر ۾ پَڙهو گهمايو وڃي ته ”منهنجي سڄيءَ پرجا ۾ ظالمن کان سواءِ جنهن کي به پنهنجي ڪنهن مائٽ جو وڇوڙو هجي، سو دُشينت کي پنهنجي وڇڙي مائٽ وانگر بلڪل پنهنجو ڪري سمجهي ۽ پنهنجا سڀ ڏک سُور بنا حجاب اچي بيان ڪري!

داسي – مهاراج جي حڪم جي تعميل ڪئي ويندي! ۽ سڄي پرجا کي اها ڳالهه ٻڌي، ايڏي ته خوشي ٿيندي، جو چوڻ ڄڻ ته بَر ۾ برسات پوڻ شروع ٿي آهي.

راجا (ٿڌو ساه کڻي) – جنهن جي گهر ڪو ڏيئي ٻارڻ وارو نٿو رهي، ته اُن جي دولت ڌارين جي ور چڙهيو وڃي!

.... افسوس، جنهن وقت آءٌ هن دنيا ۾ نه هوندس، تڏهن پرو گهراڻي جي لڇميءَ جو به اهڙو ئي حال ٿيندو جهڙو ڪنهن ويران کوري جو ٿيندو آهي!

داسي – ڀڳوان اسان کي شل اُنهيءَ کان بچائي!

راجا – حيف آهي منهنجي اِنهيءَ حال تي، جو مون گهر آيل سُک کي پنهنجن هٿن سان هڪالي ڪڍيو!

سانُومتي(پاڻ) – ڪهڙي نه اچرج جهڙي ڳالهه آهي جو مهاراج منهنجي شڪنتلا کي ياد ڪري، پاڻ تي ڦٺ ملامت ڪري رهيو آهي.

راجا – هوڏانهن مان ئي سنديس دل جو دولهه هوس، ۽ هيڏانهن مون کيس ڦٽو ڪري ڇڏيو! هوءَ ته منهنجي سچي حقدار استري هئي ۽ منهنجي خاندان جي دوام جو باعث! هوءَ ائين هئي، جيئن زمين، جنهن ۾ مندائتو ٻج پوکجي ۽ جا مهل تي شاندار فصل ڏئي!

سانُومتي (پاڻ) – اڙي نادان، تنهنجو نسل ته دنيا جي توڙ تائين قائم رهندو!

داسي(ٻيءَ داسيءَ کي) – باه: لڳي شل هن نامراد سيٺ کي، جنهن جو قصو ٻڌي، مهاراج جي ڪيڏا نه پريشان ٿي چڪا آهن! وڃ ۽ وڃي ميگهه محل مان ماڌوءَ کي سَڏي اچ، ڇاڪاڻ ته اُهو ئي آهي، جو راجا کي وندرائي سگهي ٿو.

داسي – سچ ٿي چوين.

(وڃي ٿي)

راجا – ڦٽڪار آهي مون تي! منهنجن وڏن جي آتمائن تي اَلا جي ڇا وهي واپري رهيو هوندو؟ ۽ هو اِهو ئي سوچيندا هوندا ته دُشينت کان پوءِ اَلاجي ڪير اسان جي نالي تي دان پڃ ڪندو؟ افسوس، منهنجا وڏا ته هينئر به منهنجن ڳوڙهن جو پاڻي روئي روئي پيئندا هوندا!

(غم جي گهڻائيءَ سببان بيهوش ٿي وڃي ٿو)

داسي (ڪرندڙ راجا کي سنڀالي) – حضور، هي ڇا؟ هوش ۾ اچو!

سانُومتي (پاڻ) – هاءِ! هن وقت ته مهاراج جي اهڙي حالت آهي، جيئن ڏِئي جي اڳيان پردي اچڻ ڪري، چئن ئي پاسي انڌڪار ڏسڻ ۾ اچي. آءٌ ته جيڪر هينئر ئي اُن جو دک دور ڪري ڇڏيان، پر ڇا ڪريان، جو اِندر ديوتا جي ماءُ واتان شڪنتلا کي اهو سمجهائيندو ٻڌو اٿم ته ”ديوتائون اهڙو بندوبست ڪري رهيا آهن جيئن  ٿورن ڏينهن ۾ تنهنجو مڙس پاڻ ئي اچي تنهنجي زندگي اُجاري.“ انهيءَ ڪري جيستائين اُها مبارڪ مهل نه اچي، تيستائين آءٌ ڪجهه به نٿي ڪري سگهان. ها، باقي ايترو ٿي سگهي ٿو، جو اهو سڄو قصو وڃي شڪنتلا کي ٻڌايان، جنهن سان ڪجهه ته آٿت ايندس.

(نچندي ٽپندي، هلي وڃي ٿي)

پردي پٺيان آواز – خون، خون، ڀڄو ڀڄو، بچايو، بچايو!

راجا (هوش ۾ اچي) – هان، هيءَ ته ماڌوءَ جي رڙ آهي! اَڙي ڪو آهي؟

(داسي ڊڄندي اچي ٿي)

داسي – سرڪار، پنهنجي دوست کي مصيبت کان بچايو!

راجا – ڇو؟ ڇا اُن کي ڪو ستائي رهيو آهي؟

داسي – مهاراج، خبر نه آهي ته جن آيا ڀُوت! ڪنهن کي ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي. ماڌوءَ جا هَٿ پير ٻڌي، کيس ميگهه محل جي کُڏ تي کڻي ڦٽو ڪيو اٿس.

راجا (اُٿي بيهي) – ڇا چَيئه؟ منهنجي محلات ۾ جن ڀوت اَچڻ لڳا آهن! (ٿورو ترسي) نه، مگر حيرت ڇا جي؟ آءٌ جڏهن بيخبريءَ ۾ هر روز ڪيترائي پاپ ڪندو رهان ٿو ۽ پنهنجن ڪارنامن جي ڪا به خبر نٿي پويم، تڏهن اهو ڪيئن ٿو سمجهي سگهان ته پرجا ۾ ڪير ڪهڙيءَ واٽ سان وڃي رهيو آهي؟

(پردي پٺيان آواز) – اڙي يار، ڪيڏانهن وئين؟ سگهو ڊوڙي اچ، اَڙي منهنجو ساه ٿو نڪري!

راجا (تڪڙو وڌي ٿو) – ماڌو، ڊڄ نه! آءٌ اچي رهيو آهيان.

ماڌو(پردي پٺيان) – ڪيئن نه ڊڄان؟ ڪو منهنجي ڳچيءَ کي ڪمند جي لَٺ وانگر مروڙي رهيو آهي.

راجا (هيڏانهن هوڏانهن ڏسي) اَڙي ڪو منهنجو تير ڪمان ته کڻي اچي.

ڀيلياڻي(تير ڪمان ڏيئي) – هي وٺو، هٿ ڍڪڻي ۽ ڪمان.

(راجا وٺي ٿو)

(پردي پٺيان آواز) – آءٌ تنهنجي خُون جو طالبو آهيان. آءٌ تنهنجو ساه ڪڍندس ۽ جهڙيءَ ريت شينهن پنهنجي ڦٿڪندڙ شڪار کي ساه کڻڻ جي مُهلت نه ڏيندو آهي، تيئن آءٌ به توکي تڙڦائي تڙڦائي ختم ڪندس ۽ کائي ناس ڪري ڇڏيندس. ٻُڌاءِ، ڪٿي آهي هيڻن جو حامي دُشينت، جو پاڻ کي وڏو تير انداز ٿو سڏائي؟ هاڻي توکي بچائڻ ته اچي!

راجا(ڪاوڙ وچان) – هان، هيءُ ته خود مون کي ٿو طعنا ڏئي! اڙي مَڙهه چور! بيهه ته سهي! موت تنهنجي پُٺيان هٿ ڌوئي لڳو آهي.

(تير ڪمان ۾ وجهي) اڙي ڪو آهي، جو مُون کي واٽ ڏيکاري؟

داسي – مهاراج، هن پاسي اچو!

(ٻئي تڪڙو تڪڙو وڃن ٿا)

راجا (چئن ئي پاسي ڏسي) – پر هتي ته ڪو به ڏسڻ ۾ نٿو اچي!

ماڌو(پردي پٺيان) – ڀڳوان جي صدقي مون کي بچايو! مهاراج! آءٌ ته اوهان کي ڏسي رهيو آهيان؛ پر اوهان مون کي ڇو نٿا ڏسي سگهو؟ منهنجو حال بلڪل اهڙو آهي، جهڙو ٻليءَ جي چنبن ۾ ڦاٿل ڪو ڪُئو هجي!

راجا – او جادوگر! جيڪڏهن آءٌ توکي نٿو ڏسي سگهان ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. مگر منهنجو تير توکي ضرور ڏسي رهندو. وٺ، آءٌ هينئر ئي ڪمان ۾ تير چاڙهي، تنهنجو سينو چيري ٿو ڇڏيان! منهنجو هيءُ تير ماڌوءَ کي اهڙيءَ طرح بچائي مون وٽ وٺي ايندو، جهڙيءَ طرح هَنج پَکي پاڻيءَ مان کير ڪڍي ايندو آهي.

(تير چاڙهي ٿو)

(ماڌوءَ کي ڇڏي، ماتلي اچي ٿو)

ماتلي – مهاراج! اِندر ڀڳوان، راڪاسن کي اوهان جي تيرن جو کاڄ مقرر ڪيو آهي. اوهان ڀل ته اُنهن تي پنهنجا تير ڇوڙيو، مگر پنهنجن تي رحم جي برسات هُئڻ گهرجي ۽ نه تيرن جو وسڪارو.

راجا – اِندر جو رٿ هلائيندڙ ماتلي! تون؟ ڀلي ڪري آئين! پر ڪر خبر، تون وري هتي ڪيئن؟

(ماڌو اچي ٿو)

ماڌو – هان! جيڪو مون کي قربانيءَ جي ٻڪري وانگر حلال ڪري رهيو هو، تنهن جو ايترو آڌر ڀاءُ؟

ماتلي (کلي) – مهاراج! آءٌ اوهان کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته اِندر مون کي اوهان جي خذمت ۾ ڇو موڪليو آهي؟

راجا – آءٌ بلڪل ڌيان سان ٻڌي رهيو آهيان.

ماتلي – راڪاسن جو هڪڙو گهراڻو اجيت نالي سڏجي ٿو.

راجا – ها، نارومڻيءَ کان اُن جو احوال ٻُڌي چڪو آهيان.

ماتلي – اِندر ڀڳوان به اُنهن جو ڪَنڌ ڀَڃي نه سگهيو آهي، تنهنڪري اوهان کي انهيءَ ڪم لاءِ چونڊيو اٿس. رات جي اونده کان جڏهن سج نٿو هٽائي سگهي، ته اُهو ڪم چنڊ کي ئي ڪرڻو پوي ٿو. هاڻي اوهان هٿيار سنڀالي، سَندرو ٻڌي، اِندر جي رَٿ تي هلي ويهو، ۽ دشمنن جي رڻ ڏانهن روانا ٿيو.

راجا – اِندر ديوتا مون کي تمام گهڻي عزت ڏني آهي، مگر مون کي اهو ته ٻڌايو ماڌوءَ کي ڇو ايترو سَتايو اَٿوَ؟

ماتلي – مون جڏهن اوهان کي ڪنهن خاص سبب جي ڪري، مونجهاري ۾ مبتلا ڏٺو، تڏهن رڳو اوهان کي جوش ڏيارڻ جي مقصد سان اهو سڄو تماشو ڪري ڏيکاريم، ڇاڪاڻ ته اڱرن کي جيستائين اُٿلايو پُٿلايو نه وڃي، تيستائين باه نٿي ڀڙڪي؛ ڪاريهر نانگ کي جيستائين ستايو نٿو وڃي، تيستائين ڦڻ مٿي کڻي ڏنگ نٿو هڻي؛ ۽ اهڙيءَ طرح ڪنهن غيرتمند انسان جي خودداريءَ کي ٺوڪري نٿي لڳي، تيستائين هو بلنديءَ ڏانهن ڪڏهن به نٿو وڌي.

راجا (ماڌوءَ جي ڪن ۾) – ڀائي! اِندر ديوتا جو حڪم ڪنهن به حالت ۾ ٽاري نٿو سگهجي، تون وڃ ۽ ديوان کي اها سڄي حقيقت وڃي ٻڌاءِ، ۽ منهنجي پاران اهو به چئينس ته جيستائين آءٌ ڪم ۾ رڌل رهان تيستائين هُو اڪيلي سر ئي نهايت هوشياريءَ سان پرجا جي شيوا ۾ مشغول رهي!

ماڌو – بلڪل بهتر.

(ٻاهر وڃي ٿو)

ماتلي – مهاراج، هاڻي رَٿ تي سوار ٿيو!

(ٻيئي رٿ ۾ ويهي روانا ٿين ٿا)

(پردو ڪري ٿو)


 


(1)  چوندا آهن ته شام جي وقت جڏهن ڪنول جو منهن بند ٿيندو آهي، تڏهن ڪڏهن ڪڏهن مٿس ويٺل ڀونر به ان ۾ بند ٿي ويندو آهي ۽ صبح ٿيڻ تائين منجهس قيد رهندو آهي. هندي شاعريءَ جو اِها هڪ مقبول ”تشبيہ“ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com