سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:ڊراما

 

صفحو : 10

 

ايڪٽ ٻيو

 

        (پهرين ائڪٽ وارو ساڳيو منظر، رات جا اٺ لڳا آهن، پريان گهٽيءَ مان اڪارڊيئن جو هلڪو آواز ٿو اچي، اسٽيج تي اوندهه آهي، نتاشا کي گاؤن پاتل آهي، هوءَ هٿ ۾ ميڻ بتي کڻي اچي ٿي ۽ اينڊري جي ڪمري جي دروازي وٽ بيهي ٿي.)

نتاشا:  اينڊري، ڇا ٿو ڪرين؟ پڙهين ٿو ڇا؟ مون ائين ئي چڪر پئي هنيو (هوءَ اڳتي وڌي ٻيو ڪمرو کولي اندر ليئو ٿي پائي ۽ در بند ٿي ڪري) ڪنهن ڪا بتي ٻرندي ته ڪانه ...ڇڏي....... آهي.

اينڊري:        (اندر اچي ٿو، هن جي هٿ ۾ ڪتاب آهي) ڇا آهي نتاشا؟

نتاشا:  ڪجهه نه آهي، ڏسان پئي ته ڪا بتي ٻري ته ڪانه ٿي. ڪارنيوال جو هفتو آهي، سڀ نوڪر ميلي ۾ ويا آهن، ان ڪري مون کي خيال رکڻو ٿو پوي ته متان ڪجهه ٿي نه پوي. ڪالهه رات ٻارنهين لڳي ڊرائينگ روم ۾ ويس، خبر ٿي ته ان مهل اُتي ميڻ بتي ٿي ٻري، الائجي ڪنهن اُتي بتي ٻرندي ڇڏي هئي (ميڻ بتي رکي ٿي) وقت ڇا ٿيو آهي؟

اينڊري:        (گهڙي ڏسي ٿو) سوا اٺ ٿيا آهن.

نتاشا:  ايڏي دير ٿي وئي آهي پر اولگا ۽ ارينا اڃا ڪم تان نه موٽيون آهن، اولگا پنهنجي اسٽاف جي ميٽنگ ۾ هوندي ۽ ارينا تار گهر ۾ (ٿڌو ساهه کڻي ٿي) اڄ صبح مون ارينا کي چيو ته پياري، ڪجهه پنهنجي صحت جو به خيال ڪر. پر هن منهنجي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، سوا اٺ ٿيا آهن نه؟ اسان جي ننڍڙي بوبي ڪنز جي طبيعت ٺيڪ نه آهي. الائجي ڇو هن جو سارو بت ٿڌو آهي. ڪالهه هن کي بخار هو، بخار لٿو ته هاڻي هو برف جهڙو ٿڌو آهي، مون کي ته ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي.

اينڊري:        خيال نه ڪر، هو ٺيڪ آهي.

نتاشا:  وري به احتياط ضروري آهي، هن کي پرهيز ڪرائڻو آهي، مون ٻڌو آهي ته اڄ نائين لڳي ڪي سازندا هتي ايندا، اينڊري پيارا، سازندا نه اچن ته چڱو.

اينڊري:        مان ڇا ٿو چئي سگهان، سازندن کي ته دعوت ڏيئي گهرايو ويو آهي.

نتاشا:  ننڍڙو صبح جو ننڊ مان اُٿيو ته مون کي ڏسي مرڪڻ لڳو. هن مون کي سڃاتو، مون هن کي چيو ”هيلو، بوبيڪنس، هيلو منهنجا پيارا“، موٽ ۾ هو کلڻ لڳو. ٻار سڀ سمجهندا آهن، اينڊري، مان نوڪرن کي چئي ٿي ڇڏيان ته هو سازندن کي اندر نه ڇڏين.

اينڊري:        ان جو فيصلو منهنجون ڀينر ڪنديون، هي گهر هنن جو آهي.

نتاشا:  بيشڪ هي گهر هنن جو آهي، مان هنن کي به چوندس، هو تمام سٺيون آهن (وڃڻ لڳي ٿي) مون مانيءَ لاءِ ڏهي گهرائي آهي. ڊاڪٽر چوي ٿو ته وزن گهٽائڻ لاءِ ڏهيءَ کان سواءِ ڪجهه نه کاءُ (بيهي ٿي)  بوبيڪنس کي ٿڌ ٿي لڳي. هي ڪمرو به ڏاڍو ٿڌو آهي. اونهاري تائين هن کي ڪنهن ٻئي ڪمري ۾ ٿا رهايون، منهنجي خيال ۾ ننڍڙي لاءِ ارينا وارو ڪمرو سٺو ٿيندو. ان ۾ ايڏي هوا به ڪانهي ۽ سارو ڏينهن اُس به اچي ٿي. ارينا کي چئون ته هو اولگا سان سندس ڪمري ۾ رهي ڏينهن جو هوءَ هونئن ئي گهر ۾ نه هوندي آهي. رڳو رات گذارڻ جي ڳالهه آهي. اينڊري پيارا، تون جواب ڇو نه ٿو ڏين؟

اينڊري:        مان پنهنجي خيالن ۾ هيس، منهنجي خيال ۾ منهنجي ڳالهائڻ جي ضرورت ڪانهي.

نتاشا:  مون کي توسان هڪڙي ڳالهه ڪرڻي هئي، پر وسري وئي، ها، ياد اچي وئي، ڪائونسل آفيس مان فيراپانٽ ڪنهن معاملي ۾ توسان ملڻ ٿي گهريو.

اينڊري:        هن کي مون ڏانهن موڪل.

        (نتاشا وڃي ٿي، اينڊري هن جي وساريل ميڻ بتي کڻي ڪتاب پڙهي ٿو، فيراپانٽ اچي ٿو، هن کي گهنج پيل سوٽ پاتل آهي ۽ سيءَ کان بچاءُ لاءِ ڪوٽ جا ڪالر مٿي ڪري ڇڏيا اٿئين، ڪنن جي چوڌاري مفلر ويڙهيل اٿس.)

اينڊري:        ڪيئن آهين فيريانٽ، مون ۾ ڪهڙو ڪم اٿئي.

فيريانٽ:       چيئرمين اوهان کي هي رجسٽر ۽ ڪاغذ موڪليا آهن. (هن کي رجسٽر ڏي ٿو).

اينڊري:        مهرباني، پر تو ايڏي دير ڇو ڪئي؟ سوا اٺ ٿا ٿين.

فيرپانٽ:       ڇا...؟

اينڊري:        (وڏي آواز سان) مون چيو ايڏي دير ڇو ڪيئي؟ سوا اٺ ٿي ويا آهن.

فيريانٽ:       اوهان صحيح ٿا چئو، مان سنجهي سان آيو هيس، پر مون کي اوهان سان ملڻ نه ٿي ڏنائون، چيائون ٿي ته صاحب واندو نه آهي. مون دل ۾ چيو ته جي صاحب واندو نه آهي ته ڀل نه هجي، مون کي به تڪڙ ڪانهي (هو سمجهي ٿو ته اينڊري هن کان ڪجهه پڇي پيو) ڇا؟

اينڊري:        ڪجهه نه (رجسٽر ڏانهن نهاري ٿو) سڀاڻي جمعو آهي ۽ ميٽنگ ڪانه ٿيندي، پر مان روزانو وانگر آفيس ويندس ۽ ڪم ڪندس. مان گهر ۾ ڏاڍو بور ٿو ٿيان (ماٺ) پيارا پوڙها شيون ڪيئن نه بدلجي ٿيون وڃن. حياتي ڪيڏو نه وڏو دوکو آهي. اڄ مون کي ڪو ڪم نه هو، بوريت کان بچڻ لاءِ هي ڪتاب کنيم. يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ٻڌا هئم، هي انهن جو ڪتاب آهي. قدرت جي ڪرڻي ته ڏس. مان ڪو ڪائونسل جو سيڪريٽري ۽ پروٽوپوپوف چيئرمين آهي. مان پنهنجي ترقيءَ جي وڏي ۾ وڏي اميد اها ئي ڪري سگهان ٿو ته ڪائونسل جو ميمبر ٿيان، مان ته هر رات خواب ڏسندو هيس ته ماسڪو يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيندس، مشهور عالم ٿيندس ۽ سارو روس مون تي فخر ڪندو.

فيراپانٽ:      معاف ڪجو، مان ڪجهه چئي نٿو سگهان، مان ٿورو گهٻرو آهيان.

اينڊري:        گهٻرو نه هجين ها ته توسان اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪيان ها، ڪنهن نه ڪنهن سان ته اندر اوڳڍرڻو پوندو آهي. زال منهنجون ڳالهيون سمجهي نٿي ۽ ڀينرن کان ڊپ ٿو ٿئي ته هو مون تي کلنديون ۽ ٺٺوليون ڪنديون، مان شراب ڪونه پيئان ۽ ڪلب به ڪونه وڃان، پر دل ٿي چوي ته جيڪر هينئر ماسڪو جي ٽيٽوف يا ڪنهن عاليشان هوٽل ۾ ويٺو هجان.

فيراپانٽ:      ان ڏينهن آفيس جي هڪڙي ٺيڪيدار ٻڌايو ته ڪي واپاري مال پڙا کائڻ ويٺا، انهن مان هڪڙي چاليهه مال پڙا کاڌا ۽ مري ويو، چئي نٿو سگهان ته چاليهه مال پڙا ٿي چيائين يا پنجاهه.

اينڊري:        ماسڪو جي ڪنهن وڏي رسٽارينٽ ۾ ماڻهو ويٺو هجي، ڪوبه هن کي نه سڃاڻندو هجي ۽ نه ئي هو ڪنهن کي سڃاڻندو هجي، پر پوءِ به هو پنهنجو پاڻ کي اوپرو نه سمجهندو، جڏهن ته هتي سڀ اوهان کي سڃاڻن ۽ اوهين سڀني کي سڃاڻو، پر تڏهن به اوهان کي محسوس ٿيندو ته اوهين هتان جا ناهيو.

فيراپانٽ:      ڇا ٿا چئو؟ (ماٺ) ان ساڳي ماڻهو ٻڌايو، خبر ناهي ته سچ ٿي چيائين يا ڪوڙ ٿي ڳالهايائين ته ماسڪو شهر جي وچ ۾ هڪڙو وڏو رسو ٽنگيل آهي.

اينڊري:        ڇا جي لاءِ ٽنگيل آهي؟

فيريانٽ:       معاف ڪجو، مون کي خبر ڪانهي، هن ائين ٿي چيو.

اينڊري:        بڪواس ٿي ڪيائين (ڪتاب پڙهي ٿو) تون ڪڏهن ماسڪو ويو آهين؟

فيراپانٽ:      (هلڪي ماٺ کان پوءِ) نه، ڌڻيءَ جي مرضي نه هئي (هلڪي ماٺ) مان هاڻي وڃان؟

اينڊري:        ها، خدا حافظ.

        (فيراپانٽ وڃي ٿو).

خدا حافظ (پڙهي ٿو) سڀاڻي اچي ڪاغذ کڻي وڃجانءِ، هاڻي بيشڪ وڃ (ماٺ) هي هليو ويو.

(گهنٽي وڃي ٿي).

ڌنڌا ائين ئي پيا هلن (ڪر موڙي ٿو ۽ آهستي آهستي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ٿو).

(اسٽيج کان پرڀرو آيا ٻارڙيءَ کي لوري ٿي ڏي، ماشا ۽ ورشينن اچن ٿا، ٻئي ڳالهائين ٿا، نوڪرياڻي بتيون ٿي ٻاري.)

ماشا:  چئي نٿي سگهان ته ائين ڇو آهي (ماٺ) ها، سچ پچ ته چئي نٿي سگهان. شايد ان جو سبب عادت آهي، عادت جو انسان جي زندگيءَ تي وڏو اثر ٿو ٿئي. مثال بابا جي حياتيءَ ۾ اسان کي فوجي نوڪرن جي عادت ٿي وئي هئي، بابا جي وفات کان پوءِ اسان کي نوڪرن کان سواءِ ڏاڍي ڏکيائي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته ٻين هنڌن تي نه هجن پر هتي فوجي آفيسر نهايت سٺا، فراخدل، پڙهيل ڪڙهيل ۽ مهذب نظر ايندا آهن.

ورشينن:       مون کي اُڃ لڳي آهي، ٿوري چانهه ملي وڃي ته ڏاڍو سٺو ٿئي.

ماشا:  (گهڙي ڏسي ٿي). چانهه ڄاڻ آئي..... مان ارڙهن سالن جي هيس جو منهنجي شادي ٿي هئي، منهنجو مڙس اسڪول ماستر هو، مون اڃا تعليم مَسَ پوري ڪئي هئي، مان هن کان ڏاڍي مرعوب هيس، هو مون کي وڏو عقلمند، ذهين ۽ اهم ماڻهو لڳندو هو، پر بدقسمتيءَ سان هاڻي ائين ناهي.

ورشينن:       هان.

ماشا:  مان هن جي خلاف نٿي ڳالهايان. مان هن سان هري وئي آهيان. غير فوجي عملدار ڏاڍا بدتهذيب، اڻ وڻندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ هوندا آهن، بدتهذيبي مون کي پريشان ڪري ڇڏيندي آهي. بي عزتي محسوس ٿيندي اٿم، پنهنجي مڙس جي هم پيشي ماسترن سان هوندي آهيان ته ڏاڍي تڪليف ۾ هوندي آهيان.

ورشينن:       سچ ٿي چئين، مون کي اها ڳالهه سمجهڻ گهربي هئي ته هن شهر ۾ فوجي توڙي غير فوجي ٻئي غير دلچسپ آهن. ڪنهن به فوجيءَ يا غير فوجيءَ سان ڳالهاءِ. هو پهرين ڳالهه اها ڪندو ته زال، گهر، جائداد ۽ سندس گهوڙي کيس بيزار ڪري ڇڏيو آهي. اسان روسين جا خيال ته ڏاڍا اونچا هوندا آهن پر عملي زندگيءَ ۾ اسان جي سوچ ايڏي پست هوندي آهي.

ماشا:  ها واقعي ائين ڇو آهي؟

ورشينن:       ڪنهن به ماڻهوءَ کي زال بيزار ڇو ٿي ڪري. ٻار بيزار ڇو ٿا ڪن. ڪو هن کان پڇي ته هو پاڻ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ڪيترو بيزار ٿو ڪري.

ماشا:  اڄ اوهين ڪجهه ٿڪل ٿا لڳو.

ورشينن:       شايد ان ڪري جو مون رات جي ماني نه کاڌي آهي، صبح کان ڪجهه به ناهي کاڌو. منهنجي هڪڙي ڌيءَ جي طبيعت ٺيڪ نه آهي. ٻار بيمار ٿيندا آهن ته مان پريشان ٿي ويندو آهيان، ضمير ملامت ڪندو آهي ته مون کي ڪهڙيءَ ماءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اڄ صبح تون کيس ڏسين ها، ڏاڍي خسيس ٿي لڳي. صبح جو ستين لڳين کان اسان جو جهيڙو شروع ٿيو، آخر نائين لڳي مان زور سان در بند ڪري ٻاهر نڪري آيس (ماٺ) مان ٻين سان اهڙيون ڳالهون نه ڪندو آهيان، مون کي خراب لڳندو آهي، رڳو توسان پيو ڪيان (هن جا هٿ چمي ٿو) دل ۾ نه ڪجانءِ، تو کان سواءِ منهنجو ٻيو ڪو ڪونهي.

ماشا:  بخاريءَ ۾ هوا ڪيڏو نه شور پئي ڪري، بابا جي موت کان ٿورو اڳ هوا ائين ئي زوزاٽ ٿي ڪيا.

ورشينن:       تون اهڙا وهم ڪندي آهين؟

ماشا:  ها.

ورشينن:       ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي (هن جا هٿ چمي ٿو) تون ڏاڍي سٺي آهين، واقعي ڏاڍي سٺي آهين. هتي اوندهه آهي، پر مان تنهنجي اکين جي روشني ڏسي سگهان ٿو.

ماشا:  (اُٿي ٻي ڪرسيءَ تي ويهي ٿي) هتي وڌيڪ روشني آهي.

ورشينن:       مون کي توسان پيار آهي، مون کي توسان واقعي پيار آهي، تنهنجي اکين سان، تنهنجي اٿڻ ويهڻ سان پيار آهي، مان انهن جا خواب ڏسندو آهيان، تون سٺي آهين، ڏاڍي سٺي آهين.

ماشا:  (هلڪي کل سان) تون اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهين ته مان کل روڪي نه سگهندي آهيان، پر ساڳئي وقت مون کي ڊپ به ٿيندو آهي. مهرباني ڪري اهڙيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر. (هيٺاهين آواز ۾) نه نه_ ڀل ڪندو ڪر، مان دل ۾ نه ڪندس. (ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي ٿي) مان دل ۾ نه ڪندس، شايد ڪو اچي پيو، ڪا ٻي ڳالهه ڪر.

        (ارينا ۽ ٽيوسن بيچ هال مان اچن ٿا).

ٽيوسن بيچ:   منهنجا خانداني نالا ٽي آهن، منهنجو پورو نالو بيرن ٽيوسن بيچ ڪيرون الشائر آهي. اصل ۾ مان روسي ناهيان، تو وانگر مان به يوناني گرجا جو پوئلڳ آهيان. ان کان سواءِ مون ۾ جرمن قوم واري ڪا خاصيت ڪانهي ته مان وڏي صبر مان توکي پنهنجي پيار جو يقين ڏياريندو ٿو رهان، ڏس ڪيئن نه روز شام جو مان توکي گهر ڇڏڻ ايندو آهيان.

ارينا:   مان ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان.

ٽيوسن بيچ:   جيستائين تون پاڻ نه مون کي جهليندينءَ مان ايندڙ ويهن سالن تائين توکي تار گهر مان وٺي گهر تائين ڇڏڻ ايندو رهندس. (ماشا، ورشينن کي ڏسي خوشيءَ مان) اوهين هتي آهيو، ڪيئن آهيو؟

ارينا:   آخر گهر پهچي ويس (ماشا کي) مان آفيس مان اٿيس ٿي ته هڪڙي عورت پوسٽ آفيس ۾ آئي، هن ساراٽوف شهر ۾ پنهنجي ڀاءُ کي تار موڪلڻ ٿي گهري جو سندس پٽ مري ويو هو، پر کيس ڀاءُ جي ائڊريس ياد نه هئي، اسان رڳو شهر جو نالو لکي تار موڪلي ڇڏي، هوءَ سارو وقت ٿي رني، مون هن کي هروڀرو ڇنڀيو، چيومانس ”منهنجو وقت نه وڃاءِ“ اها منهنجي نالائقي هئي...... ڀلا اڄ سازندا ايندا؟

ماشا:  ها.

ارينا:   (آرام ڪرسيءَ تي ويهندي) آرام ۾ ڪيڏو نه مزو آهي، مان ٿڪجي پئي آهيان.

ٽيوسن بيچ:   تون آفيس ۾ ڪم ڪري موٽندي آهين ته وڌيڪ جوان ۽ وڻندڙ لڳندي آهي. بهرحال...... (ماٺ)

ارينا:   مان ٿڪجي پئي آهيان. مون کي تار گهر پسند نه آهي، بنهه پسند ناهي.

ماشا:  تون سنهي ٿي وئي آهين (سيٽي ٿي وڄائي) نوجوان ٿي لڳين، صفا ڇوڪري.

ٽيوسن بيچ:   ان ڪري ڇوڪري لڳندي آهي جو هن جي وارن ٺاهڻ جو نمونو اهڙو آهي.

ارينا:   مون کي اها نوڪري نٿي وڻي، مون کي ٻي نوڪري ڳولهڻي پوندي، هي اهڙي نوڪري ناهي جهڙي مون سوچي هئي، جنهن جا خواب ڏٺا هئم، هي اهو ڪم ناهي جنهن لاءِ دل چوي، هي ڪم بنان سوچڻ سمجهڻ جي ڪري ٿو سگهجي.

        (ڪو هيٺين فرش تي کڙڪو ڪري ٿو).

        اهو ڊاڪٽر ٿو فرش تي کڙڪو ڪري (ٽيوسن بيچ کي) تون هن کي سڏ ڏي، مان ٿڪجي پئي آهيان.

ارينا:   هو ڄاڻ آيو، ڪالهه رات ڊاڪٽر ۽ اينڊري ڪلب ويا هئا ۽ ٽاس ۾ هارائي آيا، چون ٿا ته اينڊريءَ ٻه سؤ روبل هارايا، اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي.

ماشا:  (بي خياليءَ سان) اسين ڇا ٿا ڪري سگهون.

ارينا:   ٻه هفتا اڳ به هن هارايو هو، ان کان اڳ ڊسمبر ۾ به هارايو هئائين، مان سمجهان ٿي ته جيڪي به اسان وٽ آهي اهو سڀ هو هارائي ڇڏيندو ۽ تمام جلد هارائيندو، پوءِ شايد اسان کي هتان لڏڻو پوندو، مان هر رات ماسڪو جا خواب ڏسندي آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ته محسوس ٿيندو اٿم ته منهنجو دماغ خراب ٿيندو ٿو وڃي (کلي ٿي) اسين جون ۾ ماسڪو وينداسين، پر اڃا فيبروري، مارچ، اپريل، مئي، پورو اڌ سال پيو آهي.

ماشا:  اسان کي خيال ڪرڻ گهرجي ته جيئن نتاشا کي خبر نه پوي، اينڊري هارايو آهي.

ارينا:   هن کي ڪا پرواهه ڪانهي.

        (چيبوٽڪن داخل ٿئي ٿو، رات جي مانيءَ کان پوءِ هو ننڊ ۾ هو، هاڻي جاڳيو آهي، هو ڏاڙهيءَ کي ڦڻي ڏيندو کاڌي جي ميز جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهي کيسي مان اخبار ڪڍي پڙهي ٿو.)

ماشا:  هي اچي ويو، هن مسواڙ ڏني آهي؟

ارينا:   (کلي ٿي) پوئين اٺن مهينن ۾ ته پائي به ڪانه ڏني اٿيئن. منهنجي خيال ۾ مسواڙ ڏيڻ وسري وئي اَٿس.

ماشا:  (کلي ٿي) ڪهڙو نه معتبر ٿيو ويٺو آهي.

        (سڀ کلن ٿا. وقفو)

ارينا:   ورشينن، اوهان ماٺ ڇو آهيو.

ورشينن:       ائين ئي، چانهه پيئڻ تي ڏاڍي دل ٿي چوي..... مان  چانهه جي هڪڙي ڪوپ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، مون صبح کان ڪجهه کاڌو ناهي.

چيبوٽڪن:    ارينا!

ارينا:   ڇا آهي؟

چيبوٽڪن:    اچ منهنجي ڀر ۾ ٿي ويهه.

        (ارينا هن جي ڀر ۾ ڪرسيءَ تي ويهي ٿي)

        توکان سواءِ مون کي آرام نٿو اچي.

        (ارينا تاس ڪڍي ٿي).

ورشينن:       جيستائين چانهه اچي تيستائين اچو ته فيلسوفاڻيون ڳالهيون ڪيون.

ٽيوسن بيچ:   ها، پر ڇا تي ڳالهايون.

ورشينن:       ڇا تي؟ اچو ته تصور ڪيون ته اسان جي مرڻ کان سؤ يا ٽي سؤ سال پوءِ زندگي ڪيئن هوندي.

ٽيوسن بيچ:   چڱو، اسان جي مرڻ کان پوءِ ماڻهو رٻڙ جي وڏن ڦوڪڻڻ ۾ اُڏامندا، ڪوٽن جا ڪالر بدلجي ويندا، ماڻهو پنهنجو ڇهون حواس ڳولهي لهندو، ان کي تيز ڪندو، استعمال به ڪندو، پر منهنجي خيال ۾ زندگي ساڳئي رهندي، ساڳئي طرح ڏکويل، ڏکي ۽ خوشين ۽ اسرارن سان ڀريل، هزار سالن کان پوءِ به ماڻهو ٿڌو ساهه کڻي چوندو ”الا، زندگي ڪيتري نه ڏکي آهي!“ ماڻهو موت کان ڊنل هوندا ۽ مرڻ نه چاهيندا جيئن هاڻي نٿا چاهين.

ورشينن:       (ٿورو سوچي) اوهان کي ڇا ٻڌايان؟ منهنجي خيال ۾ ته دنيا جي هر شئي بدلبي، ڏٺو وڃي ته اسان جي اڳيان پئي بدلجي، ٻن ٽن سؤ سالن يا اڃا به هزار سالن ۾، چئي نٿو سگهجي ته ڪڏهن هت هڪ نئين ۽ خوشين سان ڀريل زندگي هوندي، اَسان اها زندگي ماڻي نه سگهنداسين، پر ساڳئي وقت اسان ان لاءِ زندهه آهيون ته اسين آئيندي جي زندگي تخليق ڪيون. اهو ئي اسان جي جيئڻ جو مقصد آهي، چئي سگهجي ٿو ته اها اسان جي خوشي آهي، جيڪا اسين زندگيءَ ۾ حاصل ڪري سگهون ٿا.

        (ماشا آهستي کلي ٿي).

ٽيوسن بيچ:   ڇا تي ٿي کلين؟

ماشا:  مون کي پاڻ خبر نه آهي ته ڇو ٿي کلان! اڄ صبح کان ائين بنا ڪنهن سبب جي کلندي رهي آهيان.

ورشينن: مان به اُن ساڳئي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهيو آهيان، جنهن ۾ تون پڙهيو آهين، پر مان مليٽري ايڪيڊمي ۾ داخل ٿي نه سگهيس، مان گهڻا ڪتاب پڙهندو آهيان، پر مون کي سٺن ڪتابن جي چونڊ ڪرڻ نه ايندي آهي، شايد مان اجايا ڪتاب پڙهندو آهيان پر جيستائين مان جيئرو آهيان پڙهڻ لاءِ منهنجي اُڃ  وڌندي رهندي. منهنجا وار اڇا ٿيڻ لڳا آهن، مان پوڙهو پيو ٿيان، پر هن عمر ۾ به منهنجي ڄاڻ تمام ٿوري آهي، هڪڙي ڳالهه جي مون کي پوري ڄاڻ آهي جيڪا نه صرف سچي آهي، پر اهم به آهي ۽ اها هيءُ آهي ته اسان ۽ اسان واري نسل لاءِ ڪا خوشي ڪانهي، اسان کي رڳو محنت ڪرڻي آهي، محنت، محنت..... اڻ ٿڪ محنت! خوشي اسان کان پوءِ اچڻ وارن لاءِ آهي، اسان کان گهڻوپوءِ اچڻ وارن لاءِ، جي منهنجي لاءِ خوشي ڪانهي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ٻارن لاءِ ته خوشي هوندي. (فيڊونڪ ۽ روڊي هال ۾ اچن ٿا ۽ گٽار وڄائي هوريان ڳائين ٿا).

ٽيوسن بيچ:   ان جي معنيٰ ته اوهان اسان کي خوشيءَ جا خواب ڏسڻ به نٿا ڏيو، پر اڄ مان خوش آهيان.

ورشينن:       تون خوش نه آهين.

ٽيوسن بيچ:   ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته اسين هڪ ٻئي کي سمجهي نٿا سگهون، مان اوهان کي ڪيئن يقين ڏياريان.

        (ماشا آهستي کلي ٿي، ٽيوسن بيچ هن ڏانهن آڱر سان اشارو ڪري ٿو).

        تون بيشڪ کل، هن کي رڳو آڱر ڏيکاريو ته کلي پوندي (ورشينن کي) سائين، زندگي ٻن ٽن سؤ سالن ۾ ته ڇا لکن سالن ۾ به ائين ئي هوندي. زندگي بدلجي نٿي، سدائين ساڳي ٿي رهي، پنهنجن قانونن تي هلندي ٿي رهي، جن جو اسان سان ڪو تعلق نه آهي ۽ جنهن کي اسان سمجهي به نه ٿا سگهون، انهن پکين کي ڏسو جيڪي خزان ۾ ٻين ملڪن ڏانهن اُڏامي ويندا آهن. ڪونجن جو مثال وٺو اهي سدائين اُڏامنديون ٿيون رهن. هنن کي خبر ئي ڪانه هوندي آهي ته ڇو ٿيون اڏامن ۽ ڪيڏانهن ٿيون اڏامنديون وڃن. ڪيترا به کڻي فلاسفر پکي هنن سان هجن، اهي فيلسوفياڻيون ڳالهيون ڪن، پر تڏهن به هو اُڏامنديون رهنديون.

ماشا: ان جي معنيٰ ته زندگيءَ جو ڪو مقصد ڪونهي، ڪا معنيٰ ڪانهي.

ٽيوسن بيچ:   معنيٰ ۽ مقصد! ٿورو ٻاهر نهار، ٻاهر برف ٿي پئي، ان جي ڪهڙي معنيٰ آهي.

        (وقفو)

ماشا:  منهنجي خيال ۾ ماڻهوءَ لاءِ ويساهه ضروري آهي، جي ويساهه نه آهي ته ويساهه حاصل ڪرڻ گهرجي، ويساهه کان سواءِ زندگي خالي آهي، بنهه خالي! اهو ڄاڻڻ کان سواءِ ماڻهو ڪيئن ٿو جيئرو رهي سگهي ته ڪونجون ڇو ٿيون اُڏامن، ٻار ڇو ٿا ڄمن، آسمان ۾ ستارا ڇو ٿا ٽمڪن، ماڻهن کي خبر هئڻ گهرجي ته هو ڇو ٿو جيئي، ٻي صورت ۾ هر شئي جهنگلي گاهه وانگر اجائي ۽ بي معنيٰ آهي.

ورشينن:       افسوس آهي جو جواني گذري وئي.

ماشا:  گوگول چيو هو ته ”دوستو! هن دنيا ۾ رهڻ ڪيڏو نه بيزار ڪندڙ عمل آهي.“

ٽيوسن بيچ:   ۽ مان ٿو چوان ته دوستو! اوهان سان بحث اجايو آهي، مان اوهان سان بحث نٿو ڪيان.

چيبوٽڪن:    (اخبار پڙهي ٿو) بلزاڪ جي شادي برڊيچيف ۾ ٿي هئي. (وري اخبار پڙهي ٿو)

        مون کي اها ڳالهه منهنجي نوٽ بڪ ۾ لکي ڇڏڻ گهرجي (لکي ٿو) بلزاڪ جي برڊيچيف ۾ شادي ٿي هئي.

ارينا:   (پنهنجو پاڻ سان تاس کيڏندي پنهنجي خيال ۾ چئي ٿي) بلزاڪ جي برڊيچيف ۾ شادي ٿي هئي.

ٽيوسن بيچ:   مون پنهنجي ڳالهه تان هٿ کنيو (ماشا کي) توکي خبر آهي ته مون استعيفيٰ ڏياري موڪلي آهي.

ماشا:  ها، مون ٻڌو آهي، پر ان ۾ خوش ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، مون کي سول آفيسر پسند ڪونهن.

ٽيوسن بيچ:   خيال نه ڪر (اُٿي ٿو) الائجي مان فوجي آفيسر ڪيئن ٿو لڳان، مان شڪل جو به چڱو ناهيان، پوءِ ڇا ٿي پيو، مان محنت ڪندس، ايڏي محنت ڪيان جو جڏهن گهر موٽان ته بستري تي ليٽڻ سان ننڊ وٺي وڃي (ڪمري ڏانهن وڃي ٿو) منهنجي خيال ۾ پورهيت ڏاڍي مٺي ننڊ ڪندا آهن.

فيڊوٽڪ:      (ارينا کي) مون تنهنجي لاءِ هيءَ رنگن واري ڊرائينگ ڪڍڻ جي پينسل ورتي آهي ۽ پين ۾ پيل چاقو ورتو آهي.

ارينا:   تون اڃا مون کي ٻار ٿي سمجهين، مان هاڻي وڏي ٿي وئي آهيان (هن کان وٺي ٿي. خوشيءَ مان) ڪيڏا نه سٺا آهن.

فيڊوٽڪ:      پنهنجي لاءِ مون هي چاقو ورتو آهي. ڏس، هن ۾ ٽي ڦرَ آهن. هي هڪ، هي ٻيو ۽ هي ٽيون..... هي ڪن کوٽڻ لاءِ آهي..... هي ننهن ڪترڻ جي ننڍي قئنچي ۽ هي ننهن صاف ڪرڻ لاءِ.

روڊي:  (ڏاڍيان) ڊاڪٽر تنهنجي عمر گهڻي آهي؟

چيبوٽڪن:    منهنجي عمر؟ سٺ سال.

        (سڀ کلن ٿا).

فيڊوٽڪ:      مان توکي تاس جي نئين راند ٿو ڏيکاريان.

        (هو تاس جا پتا ميز تي رکي ٿي، سماوار آندو وڃي ٿو. آنفسا سماوار جي ڀر ۾ بيهي ٿي، ٿوريءَ دير کان پوءِ نتاشا اندر اچي ٿي ۽ ميز جي ڀر ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪم ۾ رڌل رکي ٿي، سوليئوني اچي ٿو، سڀني سان سلام دعا ڪري ميز جي ڀرسان ويهي ٿو.)

ورشينن:       هوا ڪيڏي نه تيز آهي.

ماشا:  مان ته سياري کان بيزار ٿي پئي آهيان، مون کان ته جهڙو ڪر اونهارو وسري ويو آهي.

ارينا:   تاس جي پتن مان فال ٿي نڪري، ته اسين ماسڪو وينداسين.

فيڊوٽڪ:      نه...... ڏس..... ڪاري جي ٻڪيءَ تي اٺي نڪتي آهي (کلي ٿي) ان جي معنيٰ ته اوهين ماسڪو نه ويندا.

چيبوٽڪن:    (اخبار پڙهي ٿو) ”ٽسي ٽسي هار“ ۾ ماتا پکڙي آهي.

آنفسا: (ماشا کي) ماشا پياري، چانهه تيار آهي (ورشينن کي) سائين، اوهين به اچي چانهه پيئو، معاف ڪجو، مون کان اوهان جو نالو وسري ويو آهي.

ماشا:  منهنجي لاءِ چانهه هيڏانهن کڻي اچ، مان ايڏانهن نه ايندس.

ارينا:   مائي.

آنفسا: هڪڙو منٽ!

نتاشا:  (سوليئوني کي) جيڪا ڳالهه اسان چڱيءَ طرح ٿا چئون ته اها ٻارڙا سمجهي ٿا وڃن. اڄ مون پنهنجي ٻار کي چيو ”صبح بخير بوبڪ، صبح بخير منهنجا پيارا…..“ ۽ هو ائين مون ڏانهن هڪڙي خاص انداز سان نهارڻ لڳو ڄڻ هن منهنجي ڳالهه سمجهي هئي، تون سمجهندو هوندين ته مان ماءُ آهيان ان لاءِ پئي پنهنجي ٻار لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪيان، پر ائين ناهي، هو واقعي غير معمولي ٻار آهي.

سوليئوني:     اهو ٻار منهنجو هجي ته مان کيس فراءِ پان ۾ تري کائي ڇڏيان (هو گلاس کڻي ڊرائينگ روم جي ڪُنڊ ۾ وڃي ويهي ٿو).

نتاشا:  (ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي ٿي) ڪهڙو نه ڄٽ ۽ غير مهذب ماڻهو آهي.

ماشا:  اهي ماڻهو وڏا خوش قسمت هوندا آهن جيڪي سياري توڙي اونهاري ڪنهن به موسم ڏانهن ڌيان نه ڏيندا آهن، مان سمجهان ٿي ته جي مان به ماسڪو ۾ هجان ها ته مان به موسم جي پرواهه نه ڪيان ها.

ورشينن:       مون تازو فرانس جي هڪڙي وزير جي ڊائري ٿي پڙهي جيڪا هن جيل ۾ لکي هئي. پناما ڪئنال واري ڪيس ۾ هن کي سزا ملي هئي. هن جيل جي دريءَ مان نظر ايندڙ پکين کي آسمان ۾ اڏامندو ڏسي انهن جو ذڪر وڏي خوشي ۽ اتساهه سان ڪيو آهي. انهن پکين کي وزارت جي زماني ۾ هن ڏٺو ئي ڪونه هو. هاڻي هو آزاد ٿيندو ته وري اک کڻي انهن پکين ڏانهن ڪونه نهاريندو. اهڙيءَ طرح جڏهن تون ماسڪو ۾ رهندينءَ ته ماسڪو کي نه ڏسندينءَ. اسين خوش نه آهيون، خوش ٿي به نٿا سگهون، اسين رڳو خوشيءَ جي خواهش ڪندا آهيون.

ٽيوسن بيچ: (ٽيبل تان ننڍڙي پيٽي کڻي ٿو) چاڪليٽ ڪيڏانهن ويا؟

ارينا:   سوليئوني کائي ويو.

ٽيوسن بيچ:   سڀ کائي ويو!

آنفسا: (ورشينن کي چانهه ڏيندي) اوهان لاءِ هي خط آهي.

ورشينن:       مون لاءِ! (خط کڻي ٿو) هي منهنجي ڌيءَ جو خط آهي (پڙهي ٿو). ها، مون کي پڪ هئي ته ائين ئي ٿيندو.، مان هلان ٿو...... مون کي افسوس آهي ماريا سر غيميفينا...... مان هلان ٿو، مان چانهه نه پيئندس (پريشانيءَ مان اُٿي ٿو) هميشه ائين ٿيندو آهي.

ماشا:  ڇا ٿيو، ڇا ڪا گهريلو ڳالهه آهي.

ورشينن:       منهنجي زال وري زهر کاڌو آهي، مون کي وڃڻ گهرجي، مان ڪنهن کي ٻڌائڻ کان سواءِ کسڪي ٿو وڃان، ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي آهي (هو ماشا جو هٿ ٿو چمي) منهنجي پياري، منهنجي مٺي، اهڙين ڳالهين سان ڪيڏي نه تڪليف ٿي ٿئي....... مان هتان کسڪي ٿو وڃان...... (وڃي ٿو).

آنفسا: هي ڪيڏانهن ٿو وڃي، مون هن لاءِ چانهه آندي آهي..... عجيب ماڻهو آهي.

ماشا:  منهنجي جان ڇڏ، هر وقت پريشان ڪندي ٿي رهين، آرام سان ويهڻ ڇو نٿي ڏين (چانهه جو ڪوپ کڻي ميز ڏانهن وڃي ٿي) مان هن بيوقوف عورت مان بيزار ٿي پيئي آهيان.

آنفسا: ڇا ٿيو......؟ مون توکي ڏکوئڻ نٿي گهريو.

اينڊري:        (اندران سڏ ڪري ٿو) آنفسا!

آنفسا: (هن جي اهل ڪندي) آنفسا! سارو ڏينهن پنهنجي ڪمري ۾ پيو آهي.

        (وڃي ٿي).

ماشا:  (ميز جي ڀرسان، هلڪيءَ ڪاوڙ مان) ڪٿي ته آرام سان ويهڻ ڏيو (ميز تي رکيل تاس جا پتا ملائي ٿي) ساري ميز تي پتا وڇايا اٿيئي، چانهه ڇو نه ٿي پيئين؟

ارينا:   ماشا، تون ٿوري ڪاوڙيل ٿي لڳين.

ماشا:  مان ڪاوڙيل آهيان ته پوءِ مون سان نه ڳالهاءِ، منهنجي ويجهو نه اچ.

چيبوٽڪن:    (کلي ٿو) هن جي ويجهو نه وڃ، سمجهئي، هن جي ويجهو نه وڃ.

ماشا:  سٺ سالن جو ٿي ويو آهين، پر سدائين ٻارن جهڙي ڪا نه ڪا اجائي ڳالهه ڪندو آهين.

نتاشا:  (ٿڌو ساهه کڻي) ماشا پياري، تون ائين ڇو ٿي ڳالهائين، ائين نه ڳالهائين ته تو جهڙي سهڻي شڪل صورت واري عورت کي  مٿاهين سوسائٽيءَ ۾ وڏو مان ملي (فرانسي ٻوليءَ جو غلط جملو ڳالهائي ٿي).

ٽيوسن بيچ:   (کل روڪيندي)، چڱو...... مون کي لنگهڻ ڏي، منهنجي خيال ۾ هوءَ برانڊي آهي.

نتاشا:  (وري فرانسي ٻوليءَ جو غلط جملو ڳالهائي ٿي) مان سمجهان ٿي ته ننڍڙو جاڳي پيو آهي. هن جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، معاف ڪجو، مان هن کي ڏسي اچان.

        (وڃي ٿي).

ارينا:   ڪرنل ورشينن ڪيڏانهن ويو؟

ماشا:  گهر ويو، هن جي زال وري ڪو ڪڌو ڪم ڪيو آهي.

ٽيوسن بيچ:   (برانڊيءَ جو ٿرماس کڻي سرليوئني ڏانهن وڃي ٿو) سارو وقت تون پنهنجي ليکي الائجي ڇا پيو سوچيندو آهين. تو کي ڪا خبر ڪانهي، ته ڇا پيو وهي واپري. هاڻي اچ ته پاڻ ۾ ٺهون ۽ گڏجي برانڊي پيئون (ٻئي پيئن ٿا) اڄ ساري رات مون کي پيانو وڃائڻو آهي ۽ الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون بيڪار ڌنون وڄائڻيون آهن.... خير آ.

سوليئوني:     تو چيو ته اچ ته پاڻ ۾ ٺهون ۽ گڏجي برانڊي پيئون، پنهنجو ته ڪو جهيڙو ڪونهي.

ٽيوسن بيچ:   تون هميشه مون کي احساس ڏياريندو آهين ته پنهنجو ڪو جهيڙو آهي، تون واقعي عجيب ماڻهو آهين.

سوليئوني:     مان عجيب آهيان!؟ ڪير عجيب ناهي، اليڪو، منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪجانءِ.

ٽيوسن بيچ:   اليڪو جو ڇا وڃي.

        (وقفو).

سوليئوني:     مان ڪنهن سان اڪيلو هوندو آهيان ته بلڪل ٺيڪ هوندو آهيان، پر ماڻهن ۾ گهٻراجي ويندو آهيان ۽ اجايون ڳالهيون ڪندو آهيان، جڏهن ته مان ڪيترن کان وڌيڪ مهذب ۽ ايماندار آهيان، مان ان جي ثابتي به ڏيئي سگهان ٿو.

ٽيوسن بيچ: تون مون کي سدائين ڪاوڙائيندو آهين، ٻين جي اڳيان چڙ جهڙيون ڳالهيون ڪندو آهين، ان هوندي به مان توکي سٺو سمجهندو آهيان، اڄ مان شراب ۾ مدهوش ٿي ويندس، هي گلاس تنهنجي لاءِ.

سوليئوني:     هي تنهنجي لاءِ (ٻئي پيئن ٿا)، منهنجي دل ۾ ڪڏهن به تو لاءِ ڪجهه نه رهيو آهي. مان لرمونٽوف وانگر ڦرندڙ گهرندڙ شخصيت وارو ماڻهو آهيان (ٿورو آهستي) ڪي ته چوندا آهن ته منهنجي شڪل به هن سان ملي ٿي (هو سينٽ جي شيشي ڪڍي سينٽ هٿن کي هڻي ٿو).

ٽيوسن بيچ:   مون استعيفيٰ ڏياري موڪلي آهي، ڳالهه ختم، مون پنج سال ان تي سوچيو، آخر فيصلو ڪري ڇڏيم، هاڻي مان محنت ڪندس

سوليئوني:     مون سان ڪاوڙ نه ڪر، ايليو، وساري ڇڏ، پنهنجن خوابن کي وساري ڇڏ.

ٽيوسن بيچ:   مان محنت ڪندس.

چيبوٽڪن:    (ارينا سان گڏ ڊرائينگ روم ۾ اچي ٿو) جيڪو کاڌو هنن مون کي کارايو اهو اصل ڪوه قاف جو کاڌو هو. بصرن جي يخني ۽ چيهار نما، اهو ڀُڳل گوشت هوندو آهي.

سوليئوني:     چيهار نما گوشت ناهي، بصرن جي هڪ ڀاڄي آهي.

چيبوٽڪن:    منهنجا دوست، چيهار نما بصرن جي ڀاڄي نه پر گوشٽ جو ٻوڙ آهي.

سوليئوني:     مان چوان ٿو اهو بصر جو هڪڙو قسم آهي.

چيبوٽڪن:    مان چوان ٿو ٻڪريءَ جي ڀُڳل گوشت کي چوندا آهن.

سوليئوني:     مان چوان ٿو اهو بصر جو قسم آهي.

چيبوٽڪن:    توسان بحث اجايو آهي، تون ڪوه قاف ڪونه ويو آهين ۽ تو چيهار نما به نه کاڌو آهي.

سوليئوني:     مان نه کاڌو آهي، جو مان ان جي ڌپ برداشت ڪري نه سگهندو آهيان، ان ۾ ٿوم جهڙي ڌپ هوندي آهي.

اينڊري:        بس ڪيو، خدا جي واسطي بس ڪيو.

ٽيوسن بيچ:   سازندا ڪهڙيءَ مهل ايندا.

ارينا:   چيائون ٿي ته نائين لڳي ايندا، اچڻ وارا هوندا.

ٽيوسن بيچ:   (اينڊري جي ڪلهي تي هٿ رکندي جهونگاري ٿو) ”او منهنجو گهرڙو، منهنجو نئون نڪورو گهرڙو“.

اينڊري:        (نچندي جهونگاري ٿو) ”منهنجو اوچي ڪاشيءَ جو ٺهيل گهرڙو“.

چيبوٽڪن:    جنهن جي درن تي سهڻا گل ٻوٽا اُڪريل آهن.

ٽيوسن بيچ:   (اينڊري کي چمي ڏي ٿو) اچ ته شراب پيئون، پنهنجي سدائين رهندڙ دوستيءَ لاءِ پيئون، اينڊري! مان توسان ماسڪو جي يونيورسٽي هلندس.

سوليئوني:     ماسڪو ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن، تون ڪهڙيءَ ۾ ويندين؟

اينڊري:        ماسڪو ۾ رڳو هڪ يونيورسٽي آهي.

سوليئوني:     مان ٿو چوان ٻه آهن.

اينڊري:        پرواهه نه آهي، ٻن کان ٽي ڪري ڇڏ، جيتريون گهڻيون اوترو سٺو.

سوليئوني:     ماسڪو ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن (هيٺين آواز ۾ احتجاج ڪندي) ماسڪو ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن، هڪ پراڻي ۽ ٻي نئين، پر جي توکي منهنجي ڳالهه نٿي وڻي ۽ منهنجيءَ ڳالهه تي ڪاوڙ ٿي اچيئي ته پوءِ ماٺ ٿو ڪيان. مان کڻي ٻي ڪمري ۾ ٿو وڃان (هو هڪڙي در مان نڪري وڃي ٿو).

ٽيوسن بيچ:   مهربانؤ، اچو ته پروگرام شروع ڪيون (کلي ٿو) مان پيانو وڄائيندس. سوليئونيءَ جو خيال نه ڪيو. هو عجيب ماڻهو آهي. (پيانو جي ڀرسان ويهي پيانو تي واز وڄائي ٿو).

ماشا:  (ناچ جي انداز ۾ جهونگاريندي) اڄ بيرن نشي ۾ آهي، بيرن نشي ۾ آهي، نشي ۾ آهي......

        (نتاشا اچي ٿي).

نتاشا:  چيبوٽڪن!

        (هوءَ چيبوٽڪن کي ڪجهه چئي ٿي ۽ پوءِ وڃي ٿي. چيبوٽڪن ٽيوسن بيچ جي ڪن ۾ ڪجهه چئي ٿو).

ارينا:   ڇا ڳالهه آهي.

چيبوٽڪن:    ڪا ڳالهه ڪانهي، وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي، چڱو خدا حافظ.

ارينا:   ترسو، اڃا ٽي سازندا ايندا.

اينڊري:        (پريشانيءَ مان) منهنجي پياري ڀيڻ، سازندا نه ايندا، سمجهي، نتاشا ٿي چوي ته ننڍڙي بوبڪ جي طبيعت ٺيڪ نه آهي. مطلب ته مون کي خبر ڪانهي...... منهنجو ڇا وڃي.

ارينا:   (ڪلها لوڏي) هان! چئبو ته بوبڪ جي طبيعت ٺيڪ نه آهي.

ماشا:  خير آ، اسان کي ڌڪي ٿا ڪڍن ته اسان کي وڃڻ گهرجي. (ارينا کي) بوبڪ بيمار نه آهي. هوءَ پاڻ بيمار آهي، (آڱر سان مٿي ڏانهن اشارو ڪري ٿي) هن کي هتي بيماري آهي. وچين طبقي جي پوڍائي زال!

        (اينڊري ساڄي پاسي واري دروازي مان پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي ٿو، چيبوٽڪن هن جي پٺيان ٿو اچي، هال ۾ سڀ هڪ ٻئي کي خدا حافظ چون ٿا).

فيڊوٽڪ:      افسوس جي ڳالهه آهي، مون سمجهيو هو ته اڄ شام ڏاڍي سٺي گذرندي، پر بوبڪ ناچاق آهي، ظاهر آهي ته...... سڀاڻي مان هن لاءِ رانديڪا وٺي ايندس.

روڊي:  (ٿورو وڏي آواز ۾) منجهند جي مانيءَ کانپوءِ مون ان ڪري چڱي ننڊ ڪئي هئي جو سمجهيم ٿي ته اڄ ساري رات جاڳنداسين پر اڃا ته نوَ ٿيا آهن.

ماشا:  هلو ته ٻاهر وائک ۾ ويهون ۽ فيصلو ڪيون ته ڇا ڪرڻ گهرجي.

        (خدا حافظ جا آواز اچن ٿا. ٽيوسن بيچ جي ٽهڪ جو آواز اچي ٿو. آنفسا ۽ نوڪرياڻي ميز صاف ڪن ٿيون ۽ بتيون وسائن ٿيون، نرس جهونگاري ٻار کي وندرائي ٿي، اينڊري هيٽ ۽ ڪوٽ پائي چيبوٽڪن سان اچي ٿو)

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com