سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:ڊراما

 

صفحو : 11

چيبوٽڪن:    مون کي شادي ڪرڻ جو وقت ئي نه مليو، هڪ ته زندگي بجليءَ جي چمڪي وانگر اڳيان گذري وئي ۽ ٻيو ته مون کي تنهنجي ماءُ سان محبت هئي ۽ تنهنجي ماءُ جي شادي ٿيل هئي.

اينڊري:        ماڻهوءَ کي شادي ڪرڻ نه گهرجي، شاديءَ کان پوءِ ماڻهو بيزار ٿو ٿي پئي.

چيبوٽڪن:    شايد ائين هجي، پر ماڻهو اڪيلائيءَ جو ڇا ڪري، شاديءَ جي باري ۾ جيڪي وڻيئي ڏاهپ جون ڳالهيون ڪر پر اڪيلائي وڏو عذاب آهي.

اينڊري:        جلدي ڪر ته هلون.

چيبوٽڪن:    تڪڙ ڪهڙي آهي؟

اينڊري:        متان منهنجي زال نه اچي وڃي، مون کي وڃڻ کان جهلي ڇڏيندي.

چيبوٽڪن:    هان!

اينڊري:        اڄ مان تاس نه کيڏندس، رڳو راند ڏسندس، اڄ منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي، ڊاڪٽر! ساهه ٻوساٽجي ته ڇا ڪجي.

چيبوٽڪن:    مون کان ٿو پڇين! مون کان ته سڀ ڪجهه وسري ويو آهي.

        (هو ٻاهر وڃن ٿا، دروازي جي گهنٽي وڄي ٿي، کلڻ ڳالهائڻ جا آواز ٿا اچن).

ارينا:   هي ڇا جو گوڙ آهي؟

آنفسا: (هن جي ڪن ۾ چوي ٿي) سازندا آهن.

ارينا:   چئين ته گهر ۾ ڪير ڪونهي.

        (آنفسا وڃي ٿي، ارينا سوچ ۾ آهي ۽ ڪمري ۾ اچ وڃ ٿي ڪري. هوءَ پريشان ٿي لڳي، سوليئوني اچي ٿو).

سوليئوني:     (حيرت مان) هتي ته ڪير ڪونهي..... سڀ ڪيڏانهن ويا.

ارينا:   پنهنجي پنهنجي گهر ويا.

سوليئوني:     عجيب ڳالهه آهي، تون هتي اڪيلي آهين.

ارينا:   (وقفو) شب بخير.

سوليئوني:     مان سمجهان ٿو، ٿوري دير اڳ منهنجو رويو ٺيڪ نه هو، مان پاڻ کي جهلي نه سگهيس، پر تون ٻين جهڙي نه آهين، سڀني کان الڳ آهين، معصوم آهين، تو ۾ سچ جي پرک آهي، ساري دنيا ۾ شايد رڳو تون آهين جيڪا مون کي سمجهي سگهين ٿي، مان توسان پيار ڪيان ٿو، تمام گهڻو پيار ڪيان ٿو.

ارينا:   مهرباني ڪري هاڻي وڃ، شب بخير.

سوليئوني:     مان توکان سوا جيئرو رهي نٿو سگهان (هن جي پٺيان پٺيان وڃي ٿو) توڏانهن نهارڻ سان مون کي خوشي ملندي آهي. تون منهنجي خوشي آهين (آلين اکين سان) تون منهنجي خوشي آهين، تو جهڙيون سهڻيون، وڻندڙ ۽ نماڻيون اکيون مون ڪٿي نه ڏٺيون، ڪڏهن نه ڏٺيون.

ارينا:   (لاپرواهيءَ سان) سوليئوني، هاڻي ان ڳالهه کي ڇڏ.

سوليئوني:     مون ڪڏهن به توسان پنهنجي پيار جو اظهار نه ڪيو آهي، مون کي لڳي ٿو ڄڻ مان هن ڌرتيءَ تي نه پر ڪنهن ٻئي سياري ۾ رهندو هيس (نراڙ کي مهٽي ٿو) خير، ڪا ڳالهه ڪانهي، ظاهر آهي ته مان توکي پيار لاءِ مجبور ڪري نٿو سگهان، پر مان ڪنهن رقيب کي به برداشت نه ڪندس، بلڪل نه، تنهنجي اڳيان قسم کڻي ٿو چوان ته مان اُن کي جيئرو نه ڇڏيندس...... الا، تون ڪيڏي نه سٺي آهين.

        (نتاشا هٿ ۾ ميڻ بتي کڻي اچي ٿي، هڪ هڪ در مان اندر نهاري ٿي ۽ پوءِ اينڊري جي ڪمري جي اڳيان لنگهي ٿي).

نتاشا:  اينڊري ڪمري ۾ پڙهندو هوندو، چڱو آ ته سندس پڙهائيءَ ۾ خلل نه وجهان. ويسلي ويسيلچ، معاف ڪجانءِ، مون کي خبر ڪانه هئي، ته تون هتي آهين، ان ڪري مان سمهڻ واري ڊريس ۾ نڪري آيس.

سوليئوني:     ڪا ڳالهه ڪانهي، خدا حافظ (وڃي ٿو).

نتاشا:  ارينا پياري، تون ٿڪجي پيئي هوندينءَ (ارينا کي پيار ڪري ٿي) توکي سوير سمهڻ گهرجي.

ارينا:   بوبڪ ننڊ ۾ آهي يا جاڳي ٿو.

نتاشا:  ننڊ ۾ آهي، پڪي ننڊ ۾، مون کي توسان هڪڙي ڳالهه ڪرڻي هئي، پر موقعو ئي نه مليو، منهنجي ڪمري ۾ ٿڌ ۽ گهم آهي، بوبڪ کي ڪمري ۾ ٿڌ ٿي لڳي، تنهنجو ڪمرو هن لاءِ بهتر ٿيندو. پياري، تون ٻه ٽي ڏينهن اولگا جي ڪمري ۾ وڃي رهه.

ارينا:   (هن جي ڳالهه نه سمجهندي) ڪٿي؟

        (بگيءَ جو آواز ٿو اچي، بگي در جي اڳيان بيهي ٿي).

نتاشا:  ڪجهه ڏينهن لاءِ تون ۽ اولگا هڪڙي ڪمري ۾ رهو، بوبڪ تنهنجي ڪمري ۾ رهي، بوبڪ ڏاڍو پيارو ٻار آهي، اڄ صبح مون هن کي چيو بوبڪ، تون منهنجو آهين نه، رڳو منهنجو؟ ۽ هن پنهنجون سهڻيون اکيون کڻي عجيب نموني سان مون ڏانهن نهاريو.

        (دروازي جي گهنٽي وڄي ٿي).

        پڪ اولگا هوندي، ڪيڏي نه دير ڪري آئي آهي.

        (نوڪرياڻي اچي هن جي ڪن ۾ ڪجهه چئي ٿي).

نتاشا:  پروٽوپوپوف آيو آهي؟ عجيب ماڻهوآهي، هن مهل مان هن سان بگيءَ تي گهمڻ وڃان! (کلي ٿي) مرد به عجيب آهن.

(دروازي جي گهنٽي وڃي ٿي) در تي ڪو آهي. مان ٿوريءَ دير لاءِ هن سان ٿي اچان ٿي (نوڪرياڻيءَ کي) چئبس ته اچي ٿي (گهنٽي وڃي ٿي) اها پڪ اولگا هوندي.

(هوءَ وڃي ٿي، نوڪرياڻي ڊوڙندي ٻاهر وڃي ٿي، ارينا خيالن ۾ ٻڏل آهي، هوءَ ڪرسيءَ تي ويهي ٿي، گوليگن ۽ اولگا اچن ٿا، هنن جي پٺيان ورشينن اچي ٿو).

گوليگن:       هي ڇا آهي؟ تو چيو هو ته اڄ هتي پارٽي ٿيندي؟

ورشينن:       عجيب ڳالهه آهي، اڌ ڪلاڪ مس ٿيندو جو مان هتان ويس، اهڙيءَ مهل ته سڀني سازندن جو انتظار ٿي ڪيو.

ارينا:   سڀ هليا ويا.

گوليگن:       ماشا به وئي، ڪيڏانهن وئي، پروٽوپوپوف ٻاهر بگيءَ ۾ ڪنهن جو انتظار ٿو ڪري.

ارينا:   مون کان سوال نه پڇ..... مان ٿڪل آهيان.

گوليگن:       چڱو اسان جي لاڏلي.

اولگا:  ٿوري دير اڳ ميٽنگ پوري ٿي، مان ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان، اسان جي پرنسپال بيمار ٿي پئي آهي، هن جو ڪم به مان ٿي ڪيان. الا، منهنجو مٿو سور ۾ ڦاٽي ٿو (ويهي ٿي) ڪالهه اينڊريءَ ٻه سؤ رپيا هارايا، ساري شهر ۾ اها ڳالهه پئي هلي.

ڪوليگن:      ميٽنگ مون کي به ٿڪائي ڇڏيو (هو به ويهي ٿو).

ورشينن:       مون کي ڊيڄائڻ جي ڳالهه منهنجي زال جي دماغ ۾ ويهي رهي آهي. هن زهر کائڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي. هاڻي ڪو اُلڪو ڪونهي. مان آرام ڪري سگهان ٿو، بهتر آهي ته هاڻي هلجي، چڱو، خدا حافظ. ڪوليگن. ڇا تون مون سان ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن هلي سگهين ٿو، اڄ رات مان گهر ۾ رهي نٿو سگهان، تون مون سان هل.

ڪوليگن:      مان ٿڪل آهيان، مان هلي نه سگهندس (اُٿي ٿو). ڇا منهنجي زال گهر وئي.

ارينا:   ڀانيان ٿي ته گهر وئي.

گوليگن:       (ارينا جا هٿ چمي ٿو) چڱو، خدا حافظ. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سڀاڻي ۽ پرينهن آرام ڪنداسين. (وڃي ٿو) دل ته چوي ٿي ته چانهه پيئان. مون سوچيو هو ته  پارٽيءَ ۾ شام سٺي گذرندي...... خير.

ورشينن:       لڳي ٿو ته مون کي به اڪيلو ڪيڏانهن وڃڻو پوندو (سيٽي وڄائيندو ڪوليگن سان وڃي ٿو).

اولگا: مون کي مٿي ۾ سور آهي، ڏاڍو سور آهي، اينڊري ٻه سؤ رپيا هارايا، سارو شهر پيو ڳالهيون ڪري، مان وڃي ٿورو ليٽان ٿي (وڃي ٿي). سڀاڻي موڪل آهي، سڀاڻي مان آزاد آهيان، ڪيڏي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي..... سڀاڻي کان پوءِ..... الا مون کي ڪيڏو نه مٿي ۾ سور آهي.

ارينا:   (اڪيلي رهجي ٿي وڃي) سڀ هليا ويا، ڪو ڪونهي.

        (گهٽيءَ ۾ ڪو اڪارڊين وڄائي ٿو، ٻئي ڪمري ۾ نرس جهونگاري ٿي).

نتاشا:  (هال مان لنگهي ٿي، هن کي اوني ڪوٽ ۽ ٽوپي پاتل آهي. هن پٺيان نوڪرياڻي آهي) مان اڌ ڪلاڪ ۾ موٽي ٿي اچان، ٿورو چڪر هڻڻ ٿي وڃان.

        (وڃي ٿي).

ارينا:   (اڪيلي آهي، وڏي اُتساهه سان چوي ٿي) ماسڪو...... ماسڪو...... ماسڪو!

 


 

 

ايڪٽ ٽيون

        (اولگا جو ڪمرو، ان ڪمري ۾ اولگا ۽ ارينا ٻئي رهنديون آهن. وچ ۾ اسڪرين آهي ۽ ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻنهي جا پلنگ آهن. رات جا ٻه ٿيا آهن، باهه جو گهگهو وڄندو ٿو رهي، ڪٿي باهه لڳي آهي، گهر جو ڪوبه ڀاتي ستو نه آهي. ماشا هميشه وانگر ڪاري لباس ۾ آهي، اولگا ۽ آنفسا اندر اچن ٿيون.)

آنفسا: هينئر هو سڀ ڏاڪڻ جي هيٺان ويٺا آهن، مون هنن کي چيو ته اِتي نه ويهو، مٿي اچو، پر هنن منهنجي ڳالهه نه ٻڌي. هو رڳو ٿا روئن، چون ٿا، ”اسان کي خبر ڪانهي ته اسان جو پيءُ ڪٿي آهي، خدا خير ڪري، ڪٿي باهه ۾ سڙي نه ويو هجي“.......... ڪهڙيون ڳالهيون پيا سوچن، ٻيا به ڪيترائي ماڻهو اڱڻ ۾ اچي گڏ ٿيا آهن، ڪيترن کي ته پورا ڪپڙا به پاتل نه آهن.

اولگا:  (ڪٻٽ مان ڪپڙا ڪڍي ٿي) هي کڻ، هي به کڻ... هي بلاؤز ۽ قميص کڻ... ڪيڏي نه مصيبت آئي آهي، لڳي ٿو ته ڪر سانوف گهٽي سَڙي رک ٿي وئي آهي... هي وٺ... هي به کڻ (هو سڀ ڪپڙا هڪ ٻئي مٿان آنفسا جي ٻانهن مٿان رکي ٿي) ويچارا ورشينن وارا ته ڊڄي ويا آهن، هنن جو ذري گهٽ سارو گهر سڙي ويو. هنن کي رات هتي رهڻو پوندو. اسين هنن کي سندن گهر وڃڻ نه ڏينداسين. هنن جو ڪجهه نه آهي بچيو، سڀ ڪجهه سڙي ويو آهي.

آنفسا: فيراپانٽ ۽ اوليئشڪا کي به سڏ ٿي ڪيان، مان اڪيلي هي ڪپڙا کڻي نه سگهندس.

اولگا:  (گهنٽي وڄائي ٿي) منهنجي گهنٽي ڪير ڪونه ٿو ٻڌي (در مان سڏ ٿي ڪري) ڪو آهي جو هيڏانهن اچي (در مان اسين هڪڙي دري ٿا ڏسون، جنهن مان دونهون ٿو نڪري ۽ فائر برگيڊ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي). هي سڀ ڪيڏو نه خوفناڪ آهي..... مان ان مان ڏاڍي بيزار ٿي آهيان.

        (فيراپانٽ اچي ٿو).

        هي هيٺ کڻي وڃ ڪولوٽيلين ڇوڪرين کي ڏي، هوڏانهن جيڪي هيٺان ويٺيون آهن، هي به کڻ.

فيراپانٽ:      ڏاڍو چڱو پيا ڪيو، 1812ع ۾ ماسڪو ۾ به ائين ئي باهه لڳي هئي، رحم ڪر الله. فرانسي به ان باهه کي منهن ڏيئي نه سگهيا.

اولگا:  هي کڻ ۽ وڃ.

فيراپانٽ:      ڏاڍو سٺو پيا ڪيو.

اولگا:  آنفسا، گهر ۾ جيڪي به آهي اهو هنن کي ڏيئي ڇڏ، اسان کي ڪجهه نه گهرجي، سڀ هنن کي ڏي، مان ايڏي ٿڪجي پئي آهيان جو بيهي به نٿي سگهان...... ورشينن کي گهر وڃڻ نه ڏينداسين، ننڍيون ڇوڪريون ڊرائينگ روم ۾ سمهنديون ۽ اليگزينڊر اگناٽيوچ بيرن سان ڪمري ۾ سمهي. ڊاڪٽر نشِي ۾ آهي، هن ڄاڻي واڻي گهڻو شراب پيتو آهي ۽ ڪوبه هن سان گڏ رهي نه سگهندو. ورشينن جي زال کي ڊرائينگ روم ۾ سمهڻو پوندو.

آنفسا: (ٿڪل آواز ۾) اولگا پياري، مون کي گهر مان تڙي نه ڪڍجو.

اولگا:  اجايون ڳالهيون نه ڪر، ڪير توکي گهر مان ڪڍندو؟

آنفسا: (اولگا جي سيني تي مٿو رکي ٿي). اولگا پياري، توکي خبر آهي ته مان تمام گهڻو ڪم ڪندي آهيان، جيترو پڄندو آهي ڪندي آهيان. مان ڪمزور ٿيندي ٿي وڃان، وڌيڪ هيڻي ٿيس ته اوهين مون کي ڪڍي ڇڏيندا، پوءِ مان ڪيڏانهن ويندس، مان اسي سالن کان به چڙهي وئي آهيان، ايندڙ سال منهنجي ٻياسي ورهين جي سالگرهه ٿيندي.

اولگا:  ٿورو آرام ڪر، ٿڪجي پئي آهين (هن کي ويهاري ٿي) جهٽ آرام ڪر، ساري هيڊي ٿي وئي آهين.

        (نتاشا اچي ٿي).

نتاشا:  هو چون ٿا ته چندو ڪري انهن جي مدد ڪيون جن جا گهر سڙيا آهن، ان مقصد لاءِ ڪا تنظيم ٿا ٺاهين. تمام سٺو خيال آهي، اهو اميرن جو فرض آهي، بوبڪ ۽ صوفوچڪا جيڪي ائين ستا پيا آهن ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه آهي. ساري گهر ۾ ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن، شهر ۾ انفلوئنزا پکڙيل آهي، ڊپ آهي ته ٻارن کي انفلوئنزا نه ٿي پوي.

اولگا:  (هن جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري) هن ڪمري مان باهه ٿي نظر اچي، هتي ڪجهه آرام آهي.

نتاشا:  ها واقعي..... منهنجا وار خراب ٿي ويا هوندا (آئيني جي سامهون بيهي ٿي) سڀ ٿا چون ته مان ماسيري ٿيندي ٿي وڃان، پر اهو غلط آهي، مان ٿوري به ماسيري ڪانه ٿي آهيان، ماشا ننڊ ۾ آهي، ويچاري ٿڪجي پيئي هوندي (آنفسا کي رکائيءَ مان) مون توکي جهليو آهي ته منهنجي سامهون ڪرسيءَ تي نه ويهندي ڪر. اُٿ...... هل هتان (آنفسا وڃي ٿي، وقفو). مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اوهان هن پوڙهيءَ کي ڇو رکيو آهي.

اولگا:  منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪجانءِ، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون..........

نتاشا:  هن جي اسان وٽ ڪا ضرورت ڪانهي، هيءَ ڳوٺاڻي آهي ۽ هن کي ڳوٺ ۾ رهڻ گهرجي، اوهان هن کي خراب پيا ڪيو، هو ته ڪنهن کي ليکي ئي نه ٿي، مان گهر ۾ انتظام رکڻ جي قائل آهيان، ههڙا بيڪار ماڻهو مون کي پسند ڪونهن، (پيار مان هن جي ڳل تي هٿ ڦيري ٿي) پياري، تون ٿڪجي پئي هوندينءَ، اسان جي هيڊماسترياڻي ٿڪجي پيئي آهي، منهنجي صوفي چڪا وڏي ٿيندي ۽ اسڪول وڃڻ شروع ڪندي، پوءِ مان توکان ڊڄڻ لڳندس.

اولگا:  مان هيڊماسترياڻي نه ٿيندس.

نتاشا:  توکي هيڊماسترياڻي ٿيڻ لاءِ چيو ويندو، اهو فيصلو ٿي چڪو آهي.

اولگا:  مان انڪار ڪندس، مون ۾ ان عهدي تي ڪم ڪرڻ جي سگهه ڪانهي (پاڻي پيئي ٿي). ٿوري دير اڳ تون اسان جي نرس سان سٺو نه هلينءَ، دل ۾ نه ڪجانءِ، پر مان اهو برداشت ڪري نٿي سگهان، مان ذري گهٽ بيهوش ٿي ٿيس.

نتاشا:  (لڪل ڪاوڙ مان) معاف ڪجانءِ..... مون توکي ڏکوئڻ نٿي گهريو.

        (ماشا اُٿي ٿي ويهاڻو کڻي وڃي ٿي).

اولگا:  منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي پرورش ٻئي نموني ٿي هجي، پر مان اهڙو رويو برداشت ڪري نٿي سگهان، ماڻهن سان ههڙو ورتاءُ مان ڏسي نٿي سگهان، منهنجي طبيعت تي بار ٿو ٿئي، مان بيمار ٿي ٿي پوان.

نتاشا:  مون کي افسوس آهي منهنجي مٺي. (هن کي چمي ڏي ٿي).

اولگا:  ڪو ٿورو به ڪنهن سان خراب هلندو آهي يا کهرو ڳالهائيندو آهي ته مان سهي نه سگهندي آهيان.

نتاشا:  ڪڏهن ڪڏهن مان واقعي اهڙيون ڳالهيون به ڪري ويندي آهيان جيڪي مون کي ڪرڻ نه گهرجن، پر تون منهنجي اها ڳالهه مڃيندينءَ ته هن کي ڳوٺ ۾ رهڻ گهرجي.

اولگا:  هوءَ ٽيهن سالن کان اسان سان آهي.

نتاشا:  پر هاڻي هوءَ ڪم ڪري نٿي سگهي، ڪم جهڙي نه آهي، سارو وقت يا ته ستي پئي آهي يا ماٺ ڪيو ويٺي آهي، الائجي مان تنهنجي ڳالهه نٿي سمجهان يا تون منهنجي ڳالهه نٿي سمجهين.

اولگا:  ڪم نٿي ڪري سگهي ته ڀَلُ واندي ويٺي هجي.

نتاشا:  (حيرت مان) ڇا مطلب، هوءَ نوڪرياڻي آهي (ڀريل آواز سان) مون کي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، اسان وٽ نرس آهي، ٻارن جي سنڀال لاءِ دائي آهي، نوڪرياڻي ۽ بورچي آهي، پوءِ هن جي ڪهڙي ضرورت آهي.

        (ٻاهران باهه جي گهگهوءَ جو آواز اچي ٿو).

اولگا:  اڄوڪي رات مان پنهنجي عمر کان ڏهه سال وڏي ٿي ويس.

نتاشا:  اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو، تون اسڪول ٿي هلائين ۽ مان گهر ٿي هلايان، تنهنجو واسطو پڙهائڻ ۽ منهنجو واسطو گهر هلائڻ سان آهي. مان نوڪرن جي باري ۾ جيڪي چوان ٿي ان جي مون کي خبر آهي ته ڇا ٿي چوان. سڀاڻي کان مان پوڙهي جهور  ڏائڻ کي هن گهر ۾ ڏسڻ نٿي گهران (زور سان پير فرش تي هڻي ٿي) مون کي پريشان ڪرڻ جي توکي جرئت ڪيئن ٿي؟ (پاڻ سنڀاليندي) جي تون هيٺ وڃي نه رهينءَ ته پوءِ پاڻ هميشه ائين وڙهنديون رهنديون سين. اها ڏاڍي خراب ڳالهه آهي.

        (ڪوليگن اچي ٿو)

ڪوليگن:      ماشا ڪٿي آهي؟ هاڻي اسان کي گهر وڃڻ گهرجي. چون ٿا ته باهه وسامندي ٿي وڃي (ڪَرَ ڀڃي ٿو) شهر جو رڳو هڪڙو حصو سڙيو آهي، پهرين ته ائين ٿي لڳو ڄڻ سارو شهر سڙي ويندو (ويهي ٿو) مان ٿڪجي پيو آهيان، اولگا پياري توکي خبر آهي ته مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته مون کي ماشا سان نه، توسان شادي ڪرڻ گهرجي ها، تون ڏاڍي سٺي آهين مان ته صفا ساڻو ٿي پيو آهيان (ڪن لائي ٻڌي ٿو).

اولگا:  ڇا آهي؟

ڪوليگن:      ڊاڪٽر ڏاڍو پيتل آهي، لڳي ٿو ته اڄ هن ڄاڻي واڻي گهڻو شراب پيتو آهي (اُٿي ٿو) مان سمجهان ٿو ته هو هيڏانهن پيو اچي ٻڌين ٿي. ها، هو هيڏانهن پيو اچي (کلي ٿو) عجيب ماڻهو آهي، مان ته لڪان (ڪٻٽ جي ڀرسان ڪُنڊ ۾ لڪي ٿو) وڏي مصيبت آهي.

اولگا:  ٻه سال هن شراب نه پيتو، هاڻي وري اوچتو شراب شروع ڪيو اٿئين.

        (هوءَ نتاشا سان گڏ ڪمري جي پٺيان وڃي ٿي، چيبوٽڪن اچي ٿو، هن جي گهمڻ مان لڳي ٿو ته هو پيتل نه آهي، هو ڪمري مان لنگهي ٿو ۽ پوءِ بيهي هيڏانهن هوڏانهن ٿو نهاري. هٿ ڌوئڻ واري گينڊيءَ ڏانهن وڃي ٿو ۽ هٿ ڌوئي ٿو).

چيبوٽڪن:    کڏ ۾ پون، هو سمجهن ٿا مان ڊاڪٽر آهيان ۽ هرهڪ بيماريءَ جو علاج ڪري ڄاڻان، پر مون کي ڊاڪٽريءَ جي ڪا خبر ڪانهي. جيڪو ايندو هو سو به وسري ويو، سڀ وسري ويو (اولگا ۽ نتاشا کسڪي وڃن ٿيون) وڃي کڏ ۾ پون. گذريل اربع تي مون هڪ عورت جو علاج ڪيو ته هوءَ مري وئي، منهنجي غلطيءَ جي ڪري مُئي، پنجويهه سال اڳ مون کي ڊاڪٽري ايندي هئي، پر هاڻي نٿي اچي. شايد مان ماڻهو نه آهيان، رڳو پاڻ کي ماڻهو سمجهان ٿو ۽ رڳو مون کي ماڻهن وارو مٿو، هٿ ۽ پير آهن. شايد ته منهنجو وجود ئي ڪونهي، مان رڳو سمجهان ٿو ته مان کاوان، گهمان ۽ سمهان ٿو، الا، (روئي ٿو) مان جيڪر زندهه نه رهان (روئڻ بند ڪري لڙڪيل منهن سان) اڃا اُن ڏينهن ڪلب ۾ هنن شيڪسپيئر ۽ والٽيئر جي باري ۾ ٿي ڳالهايو. مون انهن جو هڪ اکر به نه پڙهيو آهي، پر مون ائين ٿي گفتگو ڪئي ڄڻ مون ٻنهي کي پڙهيو آهي، ٻين به ائين ٿي ڪيو، اها ڪيڏي نه خراب ڳالهه آهي، پوءِ اوچتو مون کي اها عورت ياد آئي جنهن کي مون ماريو هو، اهو سارو واقعو اکين اڳيان تري آيو. مون پاڻ کي ڏاڍو ڪريل محسوس ڪيو ۽ مون کي پنهنجو پاڻ کان ڪراهت  ٿيڻ لڳي ۽ مون وڃي شراب پيتو.

        (ارينا، ورشينن ۽ ٽيوسن بيچ اچن ٿا، ٽيوسن بيچ کي نئون سوٽ پاتل آهي.

ارينا:   ٿوريءَ دير لاءِ هتي ئي ويهي ٿا رهون، هتي ڪوبه نه ايندو.

ورشينن:       فوجي جوان نه هجن ها ته سارو شهر سڙي وڃي ها، شابس هجين، ڏاڍا سٺا انسان آهن، واقعي شابس هجين (هٿ سان نراڙ مهٽي ٿو).

ڪوليگن:      وقت گهڻو ٿيو آهي؟

ٽيوسن بيچ:   ذري گهٽ صبح جا ٽي پيا ٿين، پرهه ڦٽڻ واري آهي.

ارينا:   سڀ هال ۾ ويٺا آهن ۽ ڪوبه وڃڻ جي ڳالهه نٿو ڪري، اوهان وارو سوليئوني به آهي (چيبوٽڪن کي) ڊاڪٽر، ٿوري دير آرام ڪرڻ گهرجي.

چيبوٽڪن:    مان ٺيڪ آهيان، مهرباني. (ڏاڙهيءَ کي ڦڻي ڏي ٿو).

ڪوليگن:      ڊاڪٽر، اڄ تون موج ۾ آهين. (هن جي پٺي ٺپي ٿو) واهه جو ماڻهو آهين.

ٽيوسن بيچ:   سڀ ٿا چون ته باهه جي ستايلن لاءِ ثقافتي شو ڪر.

ارينا:   ان ۾ حصو ڪير وٺندا؟

ٽيوسن بيچ:   اسين اهڙو شو ڪرڻ چاهيون ٿا، منهنجي خيال ۾ ماشا ڏاڍو سٺو پيانو وڄائيندي آهي.

ڪوليگن:      واقعي سٺو وڄائيندي آهي.

ارينا:   هن کان پيانو وڄائڻ وسري ويو آهي، ٽن، اڃا به چئن سالن کان ڪونه وڄايو اٿئين.

ٽيوسن بيچ:   هن شهر ۾ موسيقيءَ جو ڪنهن ۾ ذوق ڪونهي، مون کي موسيقيءَ جي خبر آهي، واقعي خبر آهي ۽ مان يقين سان چوان ٿو ته ماشا وڏي مهارت سان پيانو وڄائي ڄاڻي.

ڪوليگن:      تون ٺيڪ ٿو چئين، ماشا ڏاڍي سٺي آهي، مون کي ڏاڍي وڻندي آهي.

ٽيوسن بيچ:   ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي جو ڪنهن ماڻهوءَ کي ايڏي مهارت هجي پر سمجهڻ وارو ڪونه هجي.

ڪوليگن:      (ٿڌو ساهه کڻي) ڇا هن لاءِ مناسب آهي ته ثقافتي شو ۾ پيانو وڄائي (وقفو)، مون کي خبر نه آهي ته ماشا لاءِ مناسب آهي يا نه. شايد مناسب آهي. اسان جو ڊائريڪٽر هونئن ته ڏاڍو سٺو، ڏاڍو ذهين ۽ اعليٰ انسان آهي، پر هن جا خيال پراڻا آهن، ان ڳالهه سان هن جو واسطو ته ڪونهي پر ته به چڱو ٿيندو ته مان هن کان رايو وٺان.

        (چيبوٽڪن چيني گهڙيال کڻي ان جو جائزو وٺي ٿو).

ورشينن:       باهه وسائڻ ۾ منهنجي ڪپڙن جي حالت اهڙي ٿي آهي جو ڪين جهڙو پيو لڳان (وقفو) ڪالهه مون ٻڌو ته اسان واري برگيڊ جي ڪنهن ڏورانهن هنڌ بدلي پئي ٿئي. ڪي چون ٿا ته پولينڊ ۽ ڪي اوڀر سائبريريا ڏانهن بدليءَ جي ڳالهه ٿا ڪن.

ٽيوسن بيچ:   مون به ٻڌو آهي. برگيڊ هتان وئي ته هي شهر ويران ٿي ويندو.

ارينا:   اسين به هتان هليا وينداسين.

چيبوٽڪن:    (هن جي هٿ مان گهڙيال ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿو ٿي پوي) گهڙيال ڀڄي پيو؟

        (سڀني جي منهن مان ناراضگي ٿي ظاهر ٿئي).

ڪوليگن:      (ٽڪرا ميڙي ٿو) ڪيڏو نه قيمتي گهڙيال ڀڃي ڇڏئي، ماڻهن ۾ اٿڻ ويهڻ واري امتحان ۾ ته توکي ٻڙي ملندي.

ارينا:   اهو گهڙيال امان جي نشاني هو.

چيبوٽڪن:    ٿي سگهي ٿو ته اهو گهڙيال مهنجي ماءُ جي نشاني هجي، جي هجي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. ٿي سگهي ٿو اهو گهڙيال مون نه ڀڳو هجي پر اوهان کي محسوس ٿيندو هجي ته اهو گهڙيال مون ڀڳو آهي. شايد اسان جو وجود ڪونهي، پر اسان کي محسوس ٿو ٿئي ته اسان جو وجود آهي، مون کي خبر ڪانهي، ڪا خبر ڪانهي (دروازي وٽ بيهي) اوهين مون ڏانهن ائين ڇو ٿا نهاريو. نتاشا جو پروٽوپوپوف سان  رستو آهي، پر اوهان مان ڪنهن کي خبر ڪانهي. اوهان هتي ويٺا آهيو ۽ ڪجهه نٿا ڏسو، نتاشا سارو وقت پروٽوپوپوف سان (ڳائي ٿو)

تون اڪيلائيءَ ۾ ملڻ پسند ڪندينءَ... (وڃي ٿو)

ورشينن:       ڇڏيو ان ڳالهه کي (کلي ٿو) سڀ ڪجهه ڪيڏو نه عجيب آهي (وقفو) باهه شروع ٿي ته مون گهر ڏانهن ڊوڙ پاتي، منهنجو گهر بچيل هو ۽ ان کي ڪو خطرو نه هو، منهنجون ٻئي ڌيئون سمهڻ وارن ڪپڙن ۾ ٻاهرين در وٽ بيٺيون هيون. سندن ماءُ ڪانه هئي، ماڻهو ۽ جانور حراس ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿي ڊوڙيا ۽ منهنجي ڌيئن جي منهن تي ڊپ، خوف ۽ الائجي ڇا ڇا هو. هنن کي ڏسي منهنجي دل ٻڏڻ لڳي، مون سوچيو هنن ويچارين جي قسمت ۾ ٻيو الائجي ڇا ڇا لکيل آهي. هو وڏي عمر به ماڻي سگهن ٿيون. (باهه جو گهگهو وڃي ٿو) مان هتي پهتس ته منهنجي زال اڳ ۾ ئي هتي هئي، مون کي ڏسي هن ڪاوڙ ڪئي ۽ تڙيون ڏيڻ لڳي.

        (ماشا ويهاڻو کڻي اچي ٿي ۽ ديوان تي ويهي ٿي).

ورشينن:       مون جڏهن پنهنجن ڌيئن کي سمهڻ وارن ڪپڙن ۾ هراسيل ۽ ڊنل ڏٺو، گهٽيءَ ۾ باهه جي اُلن جا عڪس ٿي پيا ۽ هرطرف افراتفري هئي، تڏهن مون سوچيو ته اُن زماني ۾ اهڙي صورتحال ٿيندي هئي جڏهن فوجون اوچتا حملا ڪنديون هيون، شهرن کي لٽي پوءِ باهيون ڏينديون هيون. ڀلا ٻڌايو ته ان زماني ۾ جيئن ٿيندو هو ۽ هاڻي جيئن ٿئي پيو ان ۾ ڪو بنيادي فرق آهي. ڪو زمانو ايندو، سمجهو ٻن يا ٽن سئو سالن کان پوءِ ماڻهو ائين ئي خوف ۽ کِل مان اسان کي ياد ڪندا جيئن اسين ٿا ماضيءَ جي ماڻهن کي ياد ڪيون. هنن کي اسان جو زمانو ائين ئي غير مهذب، بيزاري ۽ بي آراميءَ وارو ۽ عجيب لڳندو، تڏهن زندگي ڪيڏي نه سٺي ۽ ڪيڏي نه عجيب هوندي (کلي ٿو) معاف ڪجو جو مان وري فيلسوفياڻيون ڳالهيون ٿو ڪيان. اڄ منهنجي دل ٿي چوي ته اهڙيون ڳالهيون ڪيان (وقفو) ائين ٿو لڳي ته سڀ ننڊ ۾ آهن. خير، مون ڳالهه ٿي ڪئي ته مستقبل جي زندگي حيرت ۾ وجهندڙ هوندي. ٿورو سوچيو، ان زندگيءَ جو تصور ڪيو. اڄ هن شهر ۾ اوهان جهڙا پڙهيل لکيل ۽ مهذب ماڻهو رڳو ٽي آهن پر ايندڙ نسلن ۾ انهن جو انگ وڌيڪ هوندو ۽ ڪو زمانو ايندو جڏهن زندگي اهڙو روپ اختيار ڪندي جنهن  روپ ۾ ماڻهو هن کي ڏسڻ گهرندا. اوهان جهڙا ماڻهو وڌندا ويندا، پوءِ اوهان به مدي خارج ٿي ويندا ۽ اوهان کان سٺا ماڻهو اوهان جي جاءِ والاريندا (کلي ٿو) اڄ مان ڏاڍي عجيب موڊ ۾ آهيان، دل ٿي چئي ته مڪمل طرح زندگي گذاريان (ڳائي ٿو).

        سڀني زمانن سان پيار ڪرڻ جڳائي،

اهڙو جذبو مون ۽ تو لاءِ تمام سٺو آهي.

ماشا:          تارا را..... تارارا.

ورشينن:       تارارارم..... تارارارم.

ماشا:          تارارا.....

ورشينن:       تارارام..... (کلي ٿو).

        (فيڊوٽڪ اچي ٿو).

فيڊوٽڪ:      (کلي ٿو) هر شئي..... هر شئي پوري طرح سڙي وئي.

ارينا:   اها کلڻ جي ڳالهه ته ڪانهي، ڇا واقعي سڀ ڪجهه سڙي ويو؟

فيڊوٽڪ:      (کلي ٿو) ها سڀ ڪجهه سڙي ويو، ڪجهه ڪونه بچيو، منهنجي گٽار، ڪئميرا ۽ منهنجا خط، سڀ سڙي ويا، مون تو لاءِ ڪتابڙي ورتي هئي، اها به سڙي وئي.

        (سوليئوني اچي ٿو).

ارينا:   مهرباني ڪري وڃ، تون نٿو اچي سگهين.

سوليئوني: مان نٿو اچي سگهان..... مان نٿو اچي سگهان.

ورشينن: هاڻي هلڻ گهرجي، سڀني کي هلڻ گهرجي، باهه جو ڇا حال آهي؟

سوليئوني: چون ٿا ته وسامندي ٿي وڃي، عجيب ڳالهه آهي، بيرن هتي اچي سگهي ٿو، پر مان نٿو اچي سگهان (سينٽ جي شيشي ڪڍي پاڻ کي سينٽ هڻي ٿو).

ورشينن: تارارارم.....

ماشا:  تارارارم.

ورشينن: (کلي ٿو ۽ سوليئوني کي چئي ٿو) هل ته هال ۾ هلون.

سوليئوني:     مان اها ڳالهه هميشه ياد رکندس. ”مون کي پنهنجي اخلاق کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي، ائين ڪرڻ سان متان هنج کي تڪليف ٿئي“. (ٽيوسن بيچ ڏانهن ڏسي) ڪلڪ..... ڪلڪ..... ڪلڪ.

        (ورشينن ۽ فيڊوٽڪ سان گڏ وڃي ٿو).

ارينا:   سوليئوني سارو ڪمرو دونهين سان ڀري ڇڏيو، (حيرت مان) بيرن ته ستو پيو آهي، بيرن، اوبيرن.

ٽيوسن بيچ:   (جاڳندي) ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، سِرَن جي بٺي تي ڪم، مان ننڊ ۾ نٿو ڳالهايان، مان تمام جلد سِرَن جي بٺي تي ڪم ڪرڻ وارو آهيان، مون مئنيجر سان ڳالهائي ڇڏيو آهي (ارينا کي پاٻوهه مان) تون ڪيڏي نه پيلي، ڪيڏي نه وڻندڙ ۽ پياري ٿي لڳين. لڳي ٿو تنهنجي منهن جي چمڪ چوڌاري اوندهه کي روشن ڪري ڇڏيو آهي. تون اُداس ۽ زندگيءَ کان خوش نه آهين. هل، مون سان هل ته گڏجي ڪم ڪيون.

ماشا:  منهنجي مرضي آهي ته هاڻي اوهان وڃو.

ٽيوسن بيچ:   تون هتي آهين، مون توکي نه ڏٺو (ارينا جا هٿ چمي ٿو) چڱو، خدا حافظ. مان هلان ٿو، توکي ڏسي مون کي تنهنجي سالگرهه جو ڏينهن ياد ٿو اچي. ان ڏينهن تون ڏاڍي خوش هئينءَ، تو ڪم ۽ پورهئي مان حاصل ٿيندڙ خوشيءَ جون ڳالهيون ڪيون هيون. مون خوشحال زندگيءَ جو خواب ڏٺا هئا. اها زندگي ڪٿي آهي (هن جا هٿ چمي ٿو) تنهنجي اکين ۾ لڙڪ آهن. هاڻي وڃي آرام ڪر. ٻاهر صبح جو سوجهرو پکڙجڻ لڳو آهي..... جيڪر مان پنهنجي حياتي تو لاءِ قربان ڪري سگهان.

ماشا:  مهرباني ڪري هاڻي وڃو.

ٽيوسن بيچ:   مان وڃان ٿو (وڃي ٿو).

ماشا:  (ليٽي ٿي) ڪوليگن، جاڳين ٿو يا ننڊ ۾ آهين؟

ڪوليگن:      منهنجي پياري ماشا، منهنجي مٺڙي ماشا.

ارينا:   ماشا ٿڪل آهي، هن کي ٿورو آرام ڪرڻ ڏجي.

Text Box: 88

 

ڪوليگن:      مان وڃان ٿو، منهنجي گهرواري، منهنجي پياري رفيقئه حيات، مان توسان پيار ڪيان ٿو، رڳو توسان پيار ڪيان ٿو.

 

ماشا:  (هلڪي ڪاوڙ مان) اجايون ڳالهيون نه ڪر.

ڪوليگن:      سچ ٿو چوان ته هيءَ ڏاڍي سٺي عورت آهي، اسان جي شاديءَ کي ست سال ٿيا آهن، پر ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اسان جي شادي ڪالهه ٿي آهي، مان قسم کڻي ٿو چوان ته تون ڏاڍي سٺي آهين، مان توسان شادي ڪري ڏاڍو خوش آهيان، ڏاڍو، ڏاڍو خوش آهيان.

ماشا:  ۽ مان بيزار، بيزار ۽ بيزار آهيان (اُٿي ويهي ٿي) مان وساري نٿي سگهان، اها ڳالهه ائين آهي ڄڻ ڪنهن منهنجي مغز ۾ ڪوڪو ٺوڪي ڇڏيو آهي. نه، مان هاڻي وڌيڪ ماٺ رهي نٿي سگهان، اهو اينڊريءَ بابت آهي. هن اسان جو گهر گروي رکيو آهي ۽ سڀ پئسا زال کي ڏنا اٿئين. هن گهر ۾ اسان ٽن ڀينرن جو به حصو آهي. هن ۾ ٿوري به شرافت آهي ته هن کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي.

ڪوليگن:      اهڙين ڳالهين مان ڪهڙو فائدو، تنهنجو ڇا وڃي، ويچارو اينڊري قرض ۾ ٻڏو پيو آهي، ان ڳالهه کي وساري ڇڏ.

ماشا:  پر اها بيعزتي ءَ جي ڳالهه آهي.

        (ليٽي ٿي).

ڪوليگن:      ماشا، اسان سرنديءَ وارا آهيون، مان نوڪريءَ ۾ آهيان، اسڪول ۾ پڙهايان ٿو، واندڪائيءَ ۾ ٽيوشن پڙهائيندو آهيان، سادو سودو ماڻهو آهيان.

ماشا:  مان ڪجهه نٿي گهران، مون کي رڳو ناانصافيءَ تي ڪاوڙ ٿي اچي، تون گهر ڇو نه ٿو وڃين.

ڪوليگن:      (هن کي پيار ڪري ٿو) تون ٿڪل آهين، هتي ٿورو آرام ڪر، مان گهر ٿو وڃان، تنهنجو انتظار ڪندس، هاڻي سمهي رهه، (در ڏانهن وڃي ٿو) مان اڄ خوش آهيان، ڏاڍو ڏاڍو خوش آهيان (وڃي ٿو).

ارينا:   ڳالهه هيءَ آهي ته اينڊري تنگ دل ٿيندو ٿو وڃي، هن جي عمر وڏي ٿيندي ٿي وڃي، هن مان اهو اڳيون اُتساهه ختم ٿيندو ٿو وڃي، پهرين هو پروفيسر ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ هاڻي هو ان ڳالهه تي خوش آهي ته هو هتان جي ڪائونسل جو ميمبر آهي. ٿورو سوچ ته اينڊري ميمبر ۽ پروٽوپوپوف چيئرمين آهي. چون ٿا ته سارو شهر ٿوهن تي کلي، پر هن کي ڪا خبر ڪانهي، کيس ڪجهه نظر نٿو اچي، شهر جو هر ماڻهو باهه وٽ پهچي ويو آهي ۽ هو پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو وائلن ٿو وڄائي. ڪيڏي خراب ڳالهه آهي. ڏاڍي، ڏاڍي خراب ڳالهه آهي. مون کان اهو برداشت نٿو ٿئي.

        (اولگا اچي ٿي ۽ سائيڊ ٽيبل تي شيون ترتيب سان رکي ٿي).

ارينا:   مون کي هتان ڪڍو، هاڻي جو هاڻي ڪڍو، مان وڌيڪ برداشت ڪري نٿي سگهان.

Text Box: 90

 

اولگا:  (پريشانيءَ مان) ڇا ٿيو، ڇا ٿيو پياري.

 

ارينا:   (سڏڪا ڀريندي) سڀ ڪجهه ڪيڏانهن ويو..... ڪيڏانهن ويو.... مان سڀ ڪجهه وساري ويٺي آهيان. منهنجي دماغ ۾ مونجهاري کان سواءِ ڪجهه ڪونهي. مون کي خبر ڪانهي ته اطالوي ٻوليءَ ۾ دري ۽ ڇت کي ڇا چئبو آهي. ڏينهون ڏينهن وڌيڪ وساريندي ٿي وڃان. زندگي کسڪندي ٿي وڃي. اها ڪڏهن به موٽي نه ملندي. اسين ڪڏهن ماسڪو هلنداسين، مان سمجهان ٿي ته اسين ڪڏهن به.......

اولگا:  صبر ڪر پياري.

ارينا:   (پاڻ سنڀاليندي) مان سخت ڏکويل آهيان، ڪم ڪري نٿي سگهان، مان ڪم ڪرڻ ٿي گهران، مون کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، پهرين مون تار گهر ۾ ڪم ڪيو، هاڻي هتان جي ڪائونسل جي آفيس ۾ ڪم ٿي ڪيان، جيڪو ڪم هو مون کي ڏين ٿا ان کان مون کي سخت نفرت آهي. مان ٽيويهن ورهين جي آهيان، سارو عرصو ڪم ڪندي رهي آهيان، پر هاڻي لڳي ٿو ته منهنجو دماغ ڪم نٿو ڪري. مون کي خبر آهي ته مان ڳري وئي آهيان، پوڙهي ٿي وئي آهيان، شڪل به خراب ٿي وئي آهي، ڪنهن شئي ۾ سڪون نٿو ملي ۽ وقت گذرندو ٿو وڃي. لڳي ٿو مون ۾ زندگيءَ لاءِ اميد ۽ ويساهه نه رهيو آهي ۽ مان اوڙاهه ۾ لهندي ٿي وڃان، اندر ۾ سخت مايوسي آهي، پر پوءِ به الائجي ڇو اڃا جيئري آهيان، مون پاڻ کي ماريو ڇو نه آهي.

اولگا:  رو نه پياري، تنهنجي روئڻ سان مون کي ڏک ٿو ٿئي.

ارينا:   مان نٿي روئان، گهڻو رُني آهيان، ڏس، مان ڪو روئان ٿي، گهڻو ئي رنس.

اولگا:  مان توکي هڪڙي صلاح ڏيان، مان توسان دوست ۽ ڀيڻ جي حيثيت ۾ ڳالهائڻ ٿي گهريو، منهنجي صلاح مڃين ته بيرن سان شادي ڪر.

ارينا:   (خاموش لڙڪ ڳاڙي ٿي).

اولگا:  تون هن جي عزت ٿي ڪرين، کيس چڱو ٿي سمجهين، هو کڻي شڪل جو پورو پنو آهي، پر روشن دماغ ۽ سٺو آهي، ماڻهو پيار جي شادي نه ڪندو آهي، فرض پورو ڪرڻ لاءِ ڪندو آهي، مان ته ائين ٿي سمجهان ۽ مان به پيار واري شادي نه ڪندس، جنهن به مون سان شاديءَ جي ڳالهه ڪئي، مان هاڪار ڪندس، رڳو ڏسندس ته ماڻهو ڪيئن آهي، شريف آهي يا نه، مان ته پوڙهي سان شادي ڪرڻ لاءِ به راضي ٿي ويندس.

ارينا:   مون سارو عرصو انتظار ٿي ڪيو ته اسين ماسڪو وينداسين. سوچيم ٿي ته اُتي مان اهڙي ماڻهوءَ سان ملندس جنهن لاءِ مان آهيان، مون هن جا خواب ڏٺا ۽ خوابن ۾ هن سان پيار ڪيو، پر اهو سڀ اجايو ٿي ويو.

اولگا:  (هن کي ڀاڪر ٿي پائي) مان سمجهان ٿي، بيرن جاهن فوج مان استعيفيٰ ڏيئي عام ماڻهوءَ جي لباس ۾ اسان وٽ آيو ته صفا عام ماڻهو لڳو ۽ هن کي ڏسي اکيون ڀرجي آيون، هن منهنجي روئڻ جو سبب پڇيو، مان هن کي ڪيئن ٿي ٻڌائي سگهيس، پر جي اها خدا جي مرضي آهي ته تنهنجي هن سان شادي ٿئي ته مان ان ۾ اَرهي نه ٿيندس، هيءَ ڳالهه ئي ٻي آهي.

        (نتاشا جي هٿ ۾ ميڻ بتي آهي ۽ هوءَ ساڄي در مان اندر اچي ٿي ۽ ڪجهه به چوڻ کان سواءِ اسٽيج تان لنگهي ٻئي در مان نڪري وڃي ٿي).

ماشا:  ائين ٿي جانچي ڏسي ڄڻ باهه ئي هن لڳائي هئي.

اولگا:  تون بيوقوف آهين ماشا، منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪجان؟ خاندان ۾ تون سڀ کان وڌيڪ بيوقوف آهين.

        (وقفو).

ماشا:  منهنجون پياريون ڀينر، مان اوهان کي دل جي ڳالهه ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته جيئن منهنجو هانءُ هلڪو ٿئي، مان اها ڳالهه رڳو اوهان ٻن کي ٿي ٻڌايان، ٻيو ڪنهن کي ڪونه ٻڌائيندس، هڪڙي منٽ ۾ ٿي ٻڌايان. (هيٺئين آواز ۾) هيءَ راز جي ڳالهه آهي، پر اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي، مان وڌيڪ راز رکي نٿي سگهان (وقفو) مون کي هن سان پيار ٿي ويو آهي.

اولگا:  (پڙدي جي پٺيان ٿي وڃي) اهڙي ڳالهه نه ڪر، مان اها ٻڌڻ نٿي چاهيان.

ماشا:  هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي (مٿي تي هٿ رکي ٿي) پهرين مون هن کي عجيب ماڻهو سمجهيو، پوءِ مون کي هن تي ترس اچڻ لڳو، پوءِ مون کي هن سان پيار ٿيڻ شروع ٿيو. هن جي هر شئي پياري لڳڻ لڳي، هن جو آواز، هن جو ڳالهائڻ، هن جي بدقسمتي هن جون ٻه ننڍيون ڌيئر.

اولگا:  پوءِ به مان ٻڌڻ نٿي چاهيان، توکي جيڪو وڻي چئه، مان نه ٻڌندس.

ماشا:  تون صفا بيوقوف آهين، مان هن سان محبت ٿي ڪيان ته اها منهنجي قسمت، هو به مون سان پيار ڪري ٿو، اها خوفناڪ ڳالهه آهي نه، (ارينا جو هٿ جهلي هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي) منهنجي پياري، اسان باقي زندگي ڪيئن گذارينداسين، اسان جو ڇا ٿيڻ وارو آهي، اوهان ڪو ناول پڙهندا آهيو ته اوهان کي هر ڳالهه پراڻي ۽ ڄاتل سڃاتل لڳندي آهي، پر محبت ۾ خبر پوندي آهي ته اسان کي ڪا خبر ڪانهي ۽ اوهان کي پاڻ ئي پنهنجا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. منهنجون پياريون ڀينر، مون اوهان کي دل جو حال ٻڌائي ڇڏيو، هاڻي مان ماٺ رهندس. گوگول جي ڪهاڻيءَ جي چرئي جي ڪردار وانگر ماٺ رهندس.

        (اينڊري فيراپانٽ سان اچي ٿو).

اينڊري:        مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اوهين ڇا ٿيون چاهيو.

فيراپانٽ:      (در وٽ بيهي رهي ٿو ۽ بيچينيءَ سان چئي ٿو) اينڊري، مان توکي پهريان ئي ٽي دفعا چئي چڪو آهيان.

اينڊري:        منهنجو نالو نه کڻندو ڪر، جناب ڪري ڳالهائيندو ڪر.

فرايانٽ:        جنابِ عالي، فائرمين اجازت ٿا گهرن ته هو اوهان جي لان مان پائيپ لنگهائي درياهه ڏانهن کڻي وڃن، جنهن پاسي کان هو پائيپ کڻي ويا آهن اهو ڏکيو پاسو آهي.

اينڊري:        چئين ته بيشڪ کڻي وڃن.

        (فيراپانٽ وڃي ٿو).

        هو مون کي پريشان ڪندا ٿا رهن، اولگا ڪٿي آهي؟

        (اولگا پٺيان کان اچي ٿي).

        مون توسان ملڻ ٿي گهريو، ڪٻٽ جون چاٻيون ڏيندينءَ، منهنجون چاٻيون وڃائجي ويون آهن، تون پنهنجي ننڍي چاٻي ڏي.

        (اولگا ماٺ ڪري هن کي چاٻي ڏي ٿي، ارينا پڙدي جي پٺيان وڃي ٿي).

اينڊري:        ڪيڏي نه خوفناڪ باهه هئي، هاڻي وسامندي ٿي وڃي، فيراپانٽ مون کي پريشان ٿو ڪري، هن مون کي مجبور ڪيو ته مان هن کي چوان ته مون کي جناب چوندو ڪر. (وقفو). اولگا، تون ڪجهه چئين ڇو نه ٿي. (وقفو). توکي اجايو منهن لڙڪائڻ جي عادت ڇڏڻي پوندي، سٺي ڳالهه آهي ته ماشا ۽ ارينا به هتي آهن، اسان کلي ڳالهائي سگهون ٿا ۽ هميشه لاءِ معاملا نبيري سگهون ٿا، اوهان کي مون کان ڪهڙي ناراضگي آهي.

اولگا:  (هلڪي ڪاوڙ سان) اڄ ڇڏ، سڀاڻي ڳالهائينداسين، ڏاڍي خوفناڪ رات آهي.

اينڊري:        (پريشان ٿو ٿي وڃي) پريشان نه ٿيو. ڏاڍي آرام سان ٿا ڳالهايون، اوهان کي مون کان ڪهڙي شڪايت آهي، بنا هٻڪ جي ٻڌايو.

ورشينن:       (هن جو اسٽيج جي ٻاهران آواز اچي ٿو) تارارم.... ارارم رم.

ماشا:  (اُٿندي وڏي آواز سان) تارارا...... تارارا..... (اولگا کي) الله خوش رکئي (پڙدي جي پٺيان وڃي ارينا کي چمي ڏي ٿي). آرام سان سمهجانءِ. خدا حافظ اينڊري. هينئر هن کي ڇڏ، هينئر ٿڪل آهي، سڀاڻي ڳالهائجانءِ (وڃي ٿي).

اولگا:  واقعي اينڊري سڀاڻي ڳالهائينداسين (پڙدي جي پٺيان وڃي ٿي) سمهڻ جو وقت ٿي ويو آهي.

اينڊري:        مان رڳو هڪڙي ڳالهه ٿو چوان، پوءِ مان هليو ويندس، رڳو ٻه منٽ وٺندس، سڀ کان پهرين ته اوهان کي منهنجي زال لاءِ ڪي شڪايتون آهن، مون اها ڳالهه شاديءَ جي ڏينهن کان محسوس ڪئي هئي، نتاشا ڏاڍي سٺي آهي، ايماندار، کليل دل واري ۽ وڏي اصول پرست آهي. هن لاءِ منهنجو اهو رايو آهي، مان هن سان پيار ڪيان ٿو ۽ هن جي عزت ڪيان ٿو، تون سمجهي سگهين ٿي ته جيئن ته مان هن جي عزت ٿو ڪيان، ان ڪري ٻين مان به اميد ٿو ڪيان ته هو به هن جي عزت ڪن. مان پنهنجي ڳالهه وري ٿو ڪيان ته هوءَ ايماندار ۽ اعليٰ اصولن واري آهي، منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪيو، پر سچ اهو آهي ته اوهان جون سڀ شڪايتون خيالي آهن، انهن ۾ ذرو به سچ ناهي (وقفو)، ٻي ڳالهه ته اوهان مون کان ڪاوڙيل آهيو جو مان پروفيسر ٿي نه سگهيس ۽ مون علمي ڪم نه ڪيو، پر مان ڪائونسل آفيس ۾ ڪم ٿو ڪيان، ڪاؤنسل جو ميمبر آهيان، منهنجي خيال ۾ هتي منهنجون خدمتون تعليمي خدمتن جيڏيون ئي اهم آهن. (وقفو). ٽين ڳالهه جيڪا تمام ضروري آهي سا اها آهي ته اوهان جي اجازت کانسواءِ مون هي گهر گروي رکيو آهي، مان قرضن کان مجبور ٿي پيو هيس، مان مڃان ٿو ته مون غلط ڪيو، هاڻي اوهين مون کي معاف ڪيو، مون تي 35 هزار قرض آهي، گهڻي وقت کان مون تاس کيڏڻ ڇڏي ڏني آهي، مان پنهنجي بچاءُ ۾ رڳو هڪ ڳالهه ڪري سگهان ٿو ته اوهان جو ذريعو معاش آهي جڏهن ته منهنجو ڪو ڪونهي. (وقفو).

Text Box: 96

 

Text Box: 95

 

ڪوليگن:      (در مان سڏيندي) ماشا آهي، ڪانهي ڇا (پريشان ٿو ٿئي) ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿي، عجيب ڳالهه آهي (وڃي ٿو).

 

اينڊري:        منهنجي ڳالهه ٻڌو، نتاشا سٺي ۽ ايماندار آهي (اسٽيج تي اچ وڃ ڪري پوءِ ويهي ٿو) مون جڏهن هن سان شادي ڪئي هئي ته سمجهيو هيم ته ڏاڍو خوش گذاريندي، اسان سڀ خوش گذارينداسين، پر..... اولا... (روئي ٿو) منهنجون پياريون ڀينر..... مون جيڪي به چيو ان کي سچ نه سمجهجو.... ٿورو به يقين نه ڪجو (وڃي ٿو).

ڪوليگن:      (پريشانيءَ ۾ در مان چئي ٿو) ماشا ڪٿي آهي. ايڏانهن ڪونهي ڇا. عجيب ڳالهه آهي. (وڃي ٿو).

        (الارم جو آواز اچي ٿو، اسٽيج خالي آهي).

ارينا:   اولگا،  ڪير ٿو در کڙڪائي.

اولگا:  ڊاڪٽر آهي، تمام گهڻو پهتل آهي.

ارينا:   سڄي رات هڪ نه ٻئي پٺيان ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو رهيو آهي (وقفو) اولينا (پڙدي جي پٺيان کان نهاري ٿي) تو ٻڌو ته فوج ضلعي مان وڃي پئي، ڪنهن پرائين هنڌ ڏانهن پئي وڃي.

اولگا:  اهو رڳو هلاءُ آهي.

ارينا:   اسان ته اڪيلا ٿي وينداسين.

اولگا:  پوءِ ڇا هي.

ارينا:   اولگا پياري. مان بيرن جي عزت ڪندي آهيان، مان هن جو خيال رکندي آهيان، هو ڏاڍو سٺو آهي. مان هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ها اولگا، مان تيار آهيان، پر تڏهن جڏهن اسان ماسڪو وڃي سگهنداسين، هلو ته ماسڪو هلون. دنيا ۾ ماسڪو جهڙي ڪا جاءِ ڪانهي، ماسڪو هلون اولينا!

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com