سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:ڊراما

 

صفحو : 7

پاڳل خانو

 

ڪردار

1. سيٺ غلام علي، (شهر جو وڏو سيٺ)

2. ڊاڪٽر رشيد، (سيٺ غلام عليءَ جو فيملي ڊاڪٽر ۽ سندس گهرو دوست)

3. جاويد، (سيٺ غلام عليءَ جو پٽ، جاويد وڏو آفيسر آهي، سندس ڏيک ويک به آفيسراڻو آهي.)

4. جميل، (ڪميونسٽ خيال جو ڪامريڊ آهي ۽ سندس ڊول ڊيل ڪامريڊن وارو آهي ۽ سندس ڳالهائڻ جو انداز اهڙو آهي ڄڻ تقرير پيو ڪري.)

5. عابده، (جاويد جي زال)

6. رضيه، (سيٺ غلام عليءَ جي ڌيءُ)

7. زاهد، (رضيه جو گهر وارو)

8. ڊاڪٽر جبار، (فريد نواز بلوچ)

9. ڊاڪٽر جلال، (طارق غزنوي)

10. منشي ۽ نوڪر

 


 

 

ڏيک پهريون

(سيٺ غلام عليءَ جي بنگلي جو ڊرائينگ روم. ڊرائينگ روم جديد طرز تي سينگاريل آهي. سڄو ڊرائينگ روم ڏيکارجي ٿو. سامهون دروازو آهي. دروازي کان ٻاهر پورچ آهي، جنهن ۾ ڪار اچي بيهي ٿي. ڪار جي درن کلڻ ۽ بند ٿيڻ جا آواز اچن ٿا. رضيه منشي سان گڏ داخل ٿئي ٿي).

رضيه: منشي (هن جي ڳالهائڻ جو انداز محڪماڻو آهي.)

منشي: جي بيبي.

رضيه: ان ڏينهن هڪڙي آرٽسٽ وٽ هليا هئاسين نه؟

منشي: بيبي، جيڪو تصويرون ٺاهيندو آهي.

رضيه: ها ها، ان آرٽسٽ وٽان ڊيڊيءَ جو پورٽريٽ کڻي آءُ.

منشي: ڇا کڻي اچان؟ پوٽو....

رضيه: پوٽو نه، پورٽريٽ يعني تصوير. ان آرٽسٽ وٽان بابا جي تصوير کڻي آءُ سمجهئي.

منشي: ها بيبي، سمجهيم.

رضيه: ڊوڙندو وڃ ۽ ڊوڙندو آءُ.

منشي: حاضر بيبي.

زاهد: موٽ تي درزيءَ وٽان سوٽ به کڻي اچجانءِ.

منشي: حاضر سائين.

جاويد: منشي، صوفا ڪٿي آهن؟

رضيه: قالين ڪٿي آهن؟

زاهد: ڪرٽنز ڪٿي آهن؟

(يڪن سوالن کان منشي گهٻرائجي ٿو وڃي).

منشي: اچن ٿا، اچن ٿا- سارو سامان ڄاڻ پهتو.

جاويد: اڃان ڪيڏيءَ مهل پهچندو؟ اسان کي سارو سامان سيٽ ڪرڻو آهي.

منشي: سائين اوهين تڪليف ڇو ٿا ڪيو. نوڪر پاڻهي سارو سامان سيٽ ڪري ڇڏيندا.

رضيه: اسين پاڻ سامان سيٽ ڪنداسين.

عابده: هاڻي جلدي ڪر، سامان پهچرائي.

منشي: حاضر بيبي.

رضيه: ڊيڊيءَ جو پورٽريٽ نه وسارجانءِ.

منشي: نه بيبي

زاهد: سوٽ ياد ڪجانءِ.

عابده: سامان جلدي پهچائجانءِ.

منشي: حاضر بيبي.

(سڀ کيس تڪڙا تڪڙا حڪم ڏين ٿا. هو بدحواس ٿي ٻاهر وڃي ٿو. صوفن ۽ سائيڊ ٽيبلز تان ٿڙندو ٿاٻڙندو سڌو ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ڊرائينگ روم جو جائزو وٺندي)

رضيه: سارو سامان اسان پنهنجي هٿن سان سيٽ ڪنداسين.

عابده: اڄ مان ڪيڏي نه خوش آهيان.

(انهيءَ وچ ۾ زاهد اٿي رڪارڊ پليئر تي انگريزي موسيقيءَ جو رڪارڊ چاڙهي ٿو).

جاويد: نه يار اڄ پرائو ڪلچر نه هلندو.

(ڊرامائي انداز ۾ جاويد هو جمالو جو رڪارڊ لڳائي ٿو. سڀ جمالو جي لئه ٿي انگريزي رقص ڪن ٿا).

رضيه: Let the prodigal son return to his culture.

انهيءَ وچ ۾ (منشي هڪ بغل ۾ ڪاغذ ۾ ويڙهيل تصوير، ۽ ٻئي بغل ۾ سوٽ جو پئڪٽ کڻي اچي ٿو).

رضيه: منشي، ڊيڊيءَ جو پورٽريٽ آندئي؟

منشي: ها بيبي، پوٽو... ريٽ آندو اٿم.

(رضيه: يڪدم ڊوڙي وڃي منشيءَ کان تصوير وٺي ٿي. تڙ تڪڙ ۾ ڪاغذ ڦاڙي تصوير ڪڍي ٿي.

(جاويد، زاهد، ۽ عابده به هن جي چوڌاري مڙي ٿا وڃن).

رضيه: هائو سئيٽ! How sweet

اوَر سئيٽ ڊيڊي Our sweet Daddy

جاويد: It is wonderful

زاهد: منهن مان ڪيڏي نه شرافت ۽ نيڪي ٿي ظاهر ٿئي.

عابده: ڪيڏي نه محبت ۽ پيار ٿو بکي.

جاويد: ڏاڍي سٺي آرٽسٽ تصوير ٺاهي آهي.

رضيه: آرٽسٽ جو ان ۾ ڪهڙو ڪمال آهي. ڊيڊيءَ جو فيس ئي آرٽسٽڪه آهي.

عابده: مون کي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن محبت ۽ پيار جي فرشتي جي تصوير آهي.

زاهد: ڊيڊيءَ جهڙو محبت وارو انسان مون ڪٿي نه ڏٺو. مان ڌاريو آهيان ۽ رضيه جي ڪري منهنجو ڊيڊيءَ سان رشتو آهي. پر ڊيڊيءَ مون کي اهڙو ته پيار ڏنو آهي، جو مان پنهنجو سڳو پيءُ ڇڏي، ڊيڊي جي محبت جي ڇانوَ ۾ اچي رهيو آهيان.

عابده: مان ڊيڊيءَ جي ننهن آهيان پر جاويد جي ڪري ڊيڊي مون کي ايترو ته ڀائيندو آهي جو مون کان پنهنجا پيءُ ماءُ به وسري ويا آهن.

(جوش ۾ اچي).

رضيه: Oh! our sweet daddy

(اندر اچي ٿو).

منشي: سائين سامان اچي ويو.

جاويد: صوفا اچي ويا؟

منشي: ها سائين.

زاهد: ڪرٽنز اچي ويا؟

منشي: اهي به اچي ويا.

عابده: ۽ قالين؟

منشي: قالين به اچي ويا.

جاويد: هاڻي هلو ته سامان کڻي اچون.

منشي: سائين، نوڪر کان سامان کڻائي ٿو وٺان.

رضيه: نه نه، سڀ ڪم اسين پاڻ ڪنداسين.

(جاويد ۽ عابده وڏي صوفي ۾ هٿ وجهن ٿا، پر کڻي نٿا سگهن).

عابده: پهرين هي سامان ته ڪڍرايو.

جاويد: يار، هي ته ڏاڍو ڳرو آهي.

رضيه: Bravo Bravo   (نعرو هڻي ٿي).

رضيه ۽ عابده صوفي ۾ هٿ وجهن ٿيون چنگهندي چنگهندي صوفو ٻاهر ڪڍن ٿيون. سامان کڻڻ ۾ پهرين هنن ۾ ڏاڍو جوش آهي، پر پوءِ آهستي آهستي سندن جوش ختم ٿيندو ٿو وڃي ۽ سڀئي ٿڪل ۽ ساڻي ٿيل انداز ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پگهر اگهن ٿا.

ڏيک ٻيو

(ڊرائينگ روم جي ساري سيٽنگ نئين آهي. نوان صوفا، قالين، ڪرٽنز، ۽ ڊيڪوريشن پيسز سامهون واريءَ ڀت تي سيٺ غلام عليءَ جي تصوير ٽنگيل آهي. جنهن کي ريشمي پڙدي سان ڍڪيو ويو آهي.

جاويد، زاهد، عابده، ۽ رضيه ٿڪا، ٽٽا صوفن تي ڊَٺا پيا آهن ۽ پگهر ٿا اگهن).

رضيه: سهڪندي، اوه، مان ته ساڻي ٿي پئي آهيان.

جاويد: منهنجو ته سَنڌُ سَنڌُ ٿو ڏُکي.

زاهد: مون کي ته صفا ٿڪ نه ٿيو آهي. محبت سان ڪم ڪيو وڃي ته، ٿڪ نه ٿيندو آهي.

جاويد: زاهد سچ ٿو چئي. محبت سان ڪم ڪجي ته ٿڪ صفا نه ٿيندو آهي. مون کي به ٿڪ نه ٿيو آهي.

(هو ڳالهائين ٿا، ۽ پگهر به اگهن ٿا. جميل اچي ٿو. جميل نوجوان هن کي کاڌيءَ جا ڪپڙا پيا آهن. وار وڏا ۽ گفتگوءَ جو ٿيئٽريڪل انداز، ڪٿي ڪٿي تقرير جو انداز به اٿس. هن جي هٿ ۾ ڪتاب به آهن.

جميل: ٻين جي پگهر تي پلجڻ وارا اڄ پاڻ ڪيئن پگهران پگهر آهن.

روم جو بادشاهه نيرو، روئندو هو ته پنهنجا لڙڪ بوتل ۾ محفوظ ڪري رکندو هو. اوهان به پنهنجو پگهر بوتلن ۾ محفوظ ڪري رکو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪلون جي بدران ان پگهر جو اسپري ڪريو ته جيئن اوهان مان پورهئي ۽ محنت جي خوشبو اچي.

رضيه: جميل کي ڏسي مون کي اهڙو طوطو ياد ايندو آهي، جيڪو پرايو پڙهايل جملا ڳالهائيندو آهي.

(سڀ کلن ٿا).

جاويد: اڄ کان جميل جو نالو مسٽر پئرٽ آهي.

رضيه: هيلو مسٽر پئرٽ!

جاويد: (ائين وات ٺاهي ٿو جيئن طوطي سان ڳالهائبو آهي.) مٺو طوطا!

جميل: اوهين مون تي بيشڪ کلو، پر افسوس آهي جو نه اوهان جي کل سچي آهي، نه اوهان جا لڙڪ سچا آهن. اوهان جي ٽريجڊي اها آهي جو اوهان جي ڪا آئيڊنٽي ڪانهي.

مون کي پنهنجي ڀيڻ رضيه کي ڏسي شاپنگ سينٽر جي شوڪيس ۾ سجايل ماڊل ياد ايندو آهي- ۽ منهنجو ڀيڻويو مسٽر زاهد، وچولي طبقي جو نوجوان، سوشل ان سڪيورٽي جو شڪار، جنهن لاءِ دولتمند زال سيفٽي بيلٽ ۽ لائيف بوٽ آهي. هيءُ ويچارو پنهنجي زال جي معرفت سڃاتو ٿو وڃي.

(ڪاوڙ ۾ اٿي ٿو بيهي).

زاهد: Protest-I هي منهنجي بي عزتي ٿو ڪري.

جاويد: جميل، ٿورو شرم ڪر.

جميل: منهنجو ڀاءُ مسٽر جاويد، جنهن کي سول سروس جي پئڪٽ ۾ بند ڪري مٿان اڻويهين گريڊ جو ليبل لڳايو ويو آهي. هي پنهنجي ان ليبل جي معرفت سڃاتو ٿو وڃي.

جاويد: وڏي ڀاءُ سان ائين ڳالهائيندي توکي شرم نٿو اچي.

جميل: منهنجي ڀاڄائي عابده، غريب گهراڻي جي ڇوڪري، جنهنجي ساري شخصيت پنهنجي مڙس جي دولت ۽ نوڪريءَ جي بار هيٺان ڀڄي ڀري پئي آهي، جيڪا مڙس جي اشارن تي ٿي نچي ته متان کانئس اهو سماجي رتبو کسجي نه وڃي.

جاويد: I say shut up! 

جميل: خدا حافظ.

(هو تکو تکو ٻئي دروازي مان گهر ۾ اندر وڃي ٿو).

رضيه: He is so hostile  

جاويد:He is just intolerable

عابده: He made me sick  

زاهد: سارو موڊ خراب ڪري ڇڏيائين.

رضيه: هي هميشه ائين ڪندو آهي. اسان کي خوش ڏسي، سهي نٿو سگهي.

عابده: هي از جيلس.

رضيه: اسين ڪيڏا خوش هئاسين، هن اسان جي ساري خوشي اسپائل ڪري ڇڏي.

(ٿوري دير لاءِ سڀ ماٺ ٿي وڃن ٿا).

جاويد: نائو فرگيٽ جميل. اڃان اسان کي گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.

زاهد: جميل جي ڪري اسان پنهنجي شام خراب ڪري نٿا سگهون.

رضيه: ڊيڊي جي اچڻ جو وقت ٿي ويو آهي.

سڀ اٿن ٿا ۽ وڃن ٿا.

عابده: نائو چيئراپ ايوري باڊي. هلو ته هلي تيار ٿيون.

 

ڏيک ٽيون

ٽئين ۽ چوٿين منظر جي وچ ۾ ٿورو وقت گذاري ٿو.

زاهد پنهنجي بيڊروم ۾ بيڊ جي ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ويٺو آهي ۽ ڪتاب پيو پڙهي. هن نئون سوٽ پاتو آهي ۽ منهن مان تازگي پئي بکيس. کيس ڏسڻ مان پتو پئجي سگهي ٿو ته هو وهنجي تيار ٿي ويٺو آهي.

رضيه اندر اچي ٿي، هوءَ باٿ روم مان آئي آهي ۽ ٽوال سان وار ويڙهيل اٿس.

رضيه: تون تيار ٿي وئين؟

زاهد: ها، مان تيار آهيان.

(رضيه تڪڙي تڪڙي وارڊ روب وٽ اچي وارڊ روب کولي ٿي. اندر هينگر تي ڪيترائي جوڙا ٽنگيل آهن).

(هوءَ هڪ هڪ هينگر کي سوري، هڪڙي هينگر لاهي ٿي ۽ ڪپڙن کي بت تي رکي زاهد کان پڇي ٿي).

رضيه: هي ڪئين رهندو؟

زاهد: ڏاڍو سٺو.

(رضيه وري ٽيون سوٽ ڪڍي ٿي).

رضيه: ڀلا هي؟

زاهد: فرسٽ ڪلاس.

رضيه: سڀ لاءِ ٿو چئين ڏاڍو سٺو، تمام سٺو، فرسٽ ڪلاس، تنهنجو پنهنجو رايو ڪونهي.

زاهد: (ڦڪي کل). سڀ جوڙا توکي هڪٻئي کان وڌيڪ ٿا ٺهن. انڪري مان پنهنجو ڪو رايو ڏيئي نٿو سگهان.

(رضيه ڊريسنگ ٽيبل وٽ اچي ويهي ٿي، ۽ وارن کي برش ٿي ڪري).

رضيه: ماڻهو موقعي جي مناسبت سان ڪپڙن جي چونڊ ڪندو آهي.

زاهد: توکي ته خبر آهي مون کي انهن ڳالهين جي خبر ڪانهي. مان جنهن طبقي مان آيو آهيان، اتي ڪپڙا رڳو انگ ڍڪڻ لاءِ پائبا آهن.

رضيه: ڪيستائين تون پنهنجي طبقي ۾ جيئندين.

You should come out of it.

زاهد: (ڦڪي کل سان) يس يس.

رضيه: مون کي وارڊ روب مان هيئر اسپريئر ته کڻي ڏي.

(زاهد وارڊ روب مان اسپريئر کڻي ڏئي ٿو).

رضيه: هي ته ڪلون آهي. هيئر اسپريئر کڻي ڏي.

(هو وارڊ روب مان پنج ڇهه اسپري ڪڍي، رضيه جي اڳيان بيهي ٿو. رضيه هڪڙو اسپري کڻي ٿي. هو باقي وڃي وارڊ روب ۾ رکي ٿو).

رضيه اسپريئر وارن ۾ هڻي ٿي. پوءِ آئيني ۾ ڏسي ٿي ۽ هٿ وڌائي اسپريئر زاهد کي ڏئي ٿي زاهد وٺي ٿو.

رضيه: ڪلون ته ڪڍي وٺ.

زاهد ٻي ڪڍي ٿو ڏئيس.

رضيه: هي ته منجهند جو هڻڻ جي آهي.

(زاهد ٽئين ڪڍي ٿو ڏئيس هوءَ اسپري هڻي ٿي).

رضيه: هي شام جو هڻڻ جي ڪلون آهي.

رضيه: ڊيئر، منهنجو گرين سئنڊل ته ڪڍي وٺ.

(زاهد وارڊ روب ۾ ڏسي ٿو).

زاهد: هتي ته ڪونهي.

رضيه: پلنگ وٽ هوندو.

زاهد: پلنگ وٽ به ڪونهي.

رضيه: اتي ئي هوندو، ٻيو ڪيڏانهن ويندو؟

(زاهد پلنگ هيٺان ليئو پائي ڏسي ٿو).

رضيه: آهي؟

زاهد: ها، آهي.

(زاهد پلنگ هيٺان گهڙي سينڊل ڪڍي ٿو. نڪرڻ وقت ڦاسي ٿو پوي، پر نڪري وڃي ٿو).

رضيه: ڊيئر، ان کي ٿوري ڪريم ته هڻي وٺ.

(زاهد وارڊ روب مان ڪريم ڪڍي سينڊل کي هڻي ٿو. رضيه پلنگ تان ڪپڙا کڻي ٻاهر وڃي ٿي. دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ٿئي. يڪدم سينڊل پٺيءَ پويان لڪائي ٿو ڇڏي).

زاهد: ڪم ان پليز

جاويد ۽ عابده اندر اچن ٿا.

جاويد: اوهين اڃان تيار نه ٿيا آهيو؟

زاهد: مان ته تيار آهيان، رضيه به ڄاڻ تيار ٿي.

(ڳالهائيندي هو بي خياليءَ ۾ سينڊل وارو هٿ اڳتي ڪري ٿو، پر پوءِ وري سينڊل لڪائي ٿو ڇڏي).

جاويد: چڱو، اسين ڊرائينگ روم ۾ ويهون ٿا.

عابده: نقاب نه وسارجو.

زاهد: نه نه، اهي ڪيئن وسارينداسين.

(جاويد ۽ عابده وڃن ٿا، هو وري سينڊل کي پالش ڪرڻ لڳي ٿو).

 

ڏيک چوٿون

اهو ساڳيو ڊرائينگ روم.

رضيه، عابده، جاويد ۽ زاهد ٺهي سنڀري، صوفن تي ويٺا آهن. هنن جي هٿن ۾ ڀوائتي شڪلين وارا نقاب آهن. ٻاهران ڪار جي بيهڻ جو آواز ٿو اچي، آواز ٻڌي سڀ تيار ٿين ٿا).

رضيه: ريڊي ايوري باڊي.

(سڀ نقاب پائين ٿا. هنن جون شڪليون ڀوائتيون ٿي وڃن ٿيون ٻاهر ڪار جي دروازي بند ٿيڻ جو آواز اچي ٿو. ۽ سيٺ ۽ ڊاڪٽر رشيد ڳالهائيندا اندر اچن ٿا).

ڊاڪٽر: اوهان جي شگر ليول هاڻي ٺيڪ آهي.

سيٺ: ۽ بلڊ پريشر؟

ڊاڪٽر: بلڊپريشر به ڪنٽرول ۾ آهي.

(آخري جملو ڳالهائڻ مهل هو ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿين ٿا. سيٺ جي نظر جاويد، رضيه ۽ عابده تي پوي ٿي. جيڪي ڀوائتا نقاب پايو ويٺا آهن. هو ڊڄي وڃي ٿو).

سيٺ: ڪي... ڪي... ڪير آهيو؟

(هو سڀ آهستي آهستي سيٺ ڏانهن وڌن ٿا. سيٺ وڌيڪ ڊڄي وڃي ٿو).

سيٺ: ڪي... ڪي... ڪير آهيو؟ ڊاڪٽر...! ڊاڪٽر...!

(هو هاڻي سيٺ جي ويجهو پهچي وڃن ٿا. سيٺ پٺتي ڀڄي ٿو).

سيٺ: ڪير... ڪير... آهيو؟ منشي... منشي...!!

(ڊاڪٽر ۽ سيٺ ڊڄي وڃن ٿا. هنن کي ڊڄندو ڏسي، هو سڀ نقاب لاهين ٿا ۽ کلن ٿا ۽ گڏجي چون ٿا).

سڀ: ڊيڊي ڊڄي ويو، ڊيڊي ڊڄي ويو.

سيٺ: (سک جو ساهه ڀري). اوه... اوهين آهيو... منهنجو ته هنياءُ ئي ڪڍي ڇڏيو.

(ڊاڪٽر سيٺ کي سهارو ڏيئي صوفي تي ويهاريندي).

ڊاڪٽر: اوهان کي اهڙي مشڪري ڪرڻ نه گهربي هئي. اوهان کي خبر نه آهي ته سيٺ صاحب دل جو مريض آهي.

سيٺ رومال ڪڍي پيشانيءَ تان پگهر ٿو اگهي، هو سڀ سندس چوڌاري مڙي ٿا اچن.

رضيه: وئي آر ساري ڊيڊي.

سيٺ: ڪا ڳالهه ڪانهي، ڪا ڳالهه ڪانهي.

(ڊاڪٽر دوائن جو ٿيلهو کولي، هڪڙي گوري سيٺ کي ڏئي ٿو).

ڊاڪٽر: سيٺ صاحب، هڪ ٽيبلٽ وٺو.

(هو چارئي ڄڻا ڊوڙندا پاڻيءَ جا چار گلاس ڀري کڻي ٿا اچن. سيٺ گوري کائي ٿو).

جاويد وئي آر ريئلي ساري ڊيڊ.

(انهي وچ ۾ جميل اندر داخل ٿئي ٿو).

جميل: ها، ڪا ڳالهه ڪانهي. ڇاڪاڻ جو اهي خوفناڪ چهرا ئي هنن جا، اصلي چهرا آهن ۽ هنن جا اصلي چهرا نقلي آهن.

رضيه: (روئڻهارڪي انداز ۾) ڊيڊي، اسين هن مان بيزار ٿي پيا آهيون. هي اسان کي خوش ڏسي، سهي نٿو سگهي.

جاويد: منهنجي ۽ زاهد جي بيعزتي ڪئي اٿئين.

عابده: منهنجي به انسلٽ ڪئي اٿئين.

سيٺ: جميل!

جميل: بي نيازيءَ مان، چئو.

سيٺ: هيڏانهن اچي ويهه.

(جميل بي نيازيءَ سان وکون کڻندو سيٺ جي ڀرواري صوفي تي ويهي ٿو).

جميل: حڪم ڪيو، مان اوهان جو نصيحت آموز ليڪچر ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان.

سيٺ: ڪاوڙ مان . جميل، مون توکي گهڻو برداشت ڪيو آهي. ٻڌائي، تون آخر ڇا ٿو چاهين؟

جميل: اوهان سان بحث اجايو آهي. انڪري جو اوهان جو ۽ منهنجو جهيڙو نظرياتي آهي. اوهين سرمائيدار آهيو. سرمائيدارن جا محافظ آهيو ۽ مان انهن صدين جي ستايلن جو آواز آهيان جن جي رت تي اوهين پلجو ٿا. اوهان سان جنگ ته ٿي سگهي ٿي، پر بحث ٿي نٿو سگهي. خدا حافظ.

هو تکو تکو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.

سيٺ: (ڪاوڙ ۾ ڏڪندي) نالائق، بدتميز، مان... مان هن کي لا دعوا ڪري ڇڏيندس. گهر مان ڪڍي ڇڏيندس در در جا ڌڪا کائيندو، تڏهن خبر پونديس.

(ڊاڪٽر يڪدم بيگ مان گوري ڪڍي ٿو هو چارئي ڊوڙي چارگلاس پاڻي جا کڻي ٿا اچن. سيٺ صاحب گوري کائي ٿو).

سيٺ: جميل مون کي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي.

ڊاڪٽر: پريشان نه ٿيو، پڙهايل طوطو پرايا سيکاريل جملا ڳالهائيندو آهي. پر جڏهن ٻليءَ کي ڏسندو آهي، ته پنهنجي اصلي ٻولي، ”ٽيون ٽيون“ ڪرڻ شروع ڪندو آهي. ٿوري وقت ۾ هي به اسان وانگر ٽيون ٽيون يعني، دولت دولت چوڻ شروع ڪندو.

سيٺ: ڌڻي کيس سمجهه ڏئي.

جاويد: ٻه ڏينهن ڌڪا کائيندو ته پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو.

رضيه: ڊيڊي، پليز، هاڻي جميل کي وساريو.

عابده: اڄ اسين ڏاڍا خوش آهيون. ڊرائينگ روم جي ساري سيٽنگ اسان پنهنجي هٿن سان بدلائي آهي.

ڊاڪٽر: واقعي، اڄ ته هر شئي بدليل آهي.

سيٺ: اڄ ته ڊرائينگ روم ئي ٻيو ٿو لڳي.

رضيه: ڊيڊي، ٻڌايو، اڄ اسين ڇو خوش آهيون؟

سيٺ: مون کي ڪهڙي خبر؟

عابده: اڄ اسان جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو خوشيءَ جو ڏينهن آهي.

سيٺ: مون کي به ٻڌايو ته ڪهڙي خوشي جو ڏينهن آهي.

(هوءَ صوفي تان ڪپڙن جو پئڪٽ کولي، سيٺ جي آڏو رکي ٿي).

رضيه: پهرين اوهين هي ڪپڙا پايو ته پوءِ اوهان کي ٻڌايون ٿا.

سيٺ: حيران ٿي . مان... مان هي ڪپڙا پايان؟

جاويد: پوءِ ڇا آهي ڊيڊي.

سيٺ: هي ٽينلي ڪلر شرٽ، ٽينلي ڪلر ٽاءِ، الٽرا ماڊرن سوٽ!

عابده: پليز ڊيڊي!

سيٺ: ڊاڪٽر صاحب، ٻارن کي ڏسو ٿا نه.

ڊاڪٽر: پوءِ ڇا آهي سيٺ صاحب ٻارن جي دل رکڻ لاءِ پايو کڻي.

سيٺ: پر ڊاڪٽر....

رضيه: پليز ڊيڊي.

عابده: اسان جي ڪري پايو.

سيٺ: چڱو جيڪا اوهان جي مرضي.

(رضيه ۽ عابده ڊائيننگ ٽيبل تي سامان ٺيڪ ٿيون ڪن. ڊاڪٽر عجب مان هنن کي ڏسندو ٿو رهي. سيٺ ڪپڙا پائي ٻاهر اچي ٿو).

سڀ: او، اوَر سوئيٽ ڊيڊي. يُو لُڪ سو هئنڊسم، سو ونڊرفل سو گريس فل، اوَر گريٽ ڊيڊي.

(سڀ ڊوڙي اچي هن جي سيني سان لڳن ٿا. سيٺ به کلي ٿو).

رضيه: هاڻي هيڏانهن اچو.

سيٺ: ڪيڏانهن ٿا وٺي هلو؟

عابده: هيڏانهن، هيڏانهن اچو.

(هو هن کي ٻار وانگر سامهون پردي سان ڍڪيل تصوير ڏانهن وٺي ٿا اچن).

رضيه: هي ڪرٽن هٽايو.

(سيٺ ڪرٽن هٽائي ٿو ۽ حيرت مان پنهنجي تصوير ڏي ڏسي ٿو).

سڀ تاڙيون ٿا وڄائن.

رضيه: ڊيڊي، اوهان کي تصوير پسند آئي؟

سيٺ: ڏاڍي سٺي آهي.

ڊاڪٽر: اصل کان نقل وڌيڪ سٺو آهي.

جاويد: ائين نه چئو اڄ تائين ڪو اهڙو آرٽسٽ پيدا نه ٿيو آهي، جيڪو ڊيڊيءَ جهڙي سهڻي تصوير ٺاهي سگهي.

رضيه: ڊيڊي، هاڻي هيڏانهن اچو.

سيٺ: وري ڪيڏانهن وٺي ٿا هلو.

(هو هن کي ڊائيننگ ٽيبل وٽ آڻي ٿا بيهارين. عابده ۽ رضيه ميڻ بتيون ٻارن ٿيون).

سيٺ: ڪنهن جي سالگرهه آهي؟

رضيه: اسان جي سوئيٽ ڊيڊي جي.

سيٺ: اڄ منهنجي سالگرهه آهي! مون کي ته ياد ئي ڪونه هئي.

جاويد: ههڙو خوشيءَ جو ڏينهن اسان کي ته ياد هو.

سيٺ ميڻ بتيون وسائي، ڪيڪ ڪٽي ٿو. (سڀ ڪورس جي انداز ۾ ڳائين ٿا).

سڀ: هئپي برٿ ڊي ٽويو.

(سيٺ کي سوکڙيون ڏين ٿا. هن کي ۽ ڊاڪٽر کي برٿ ڊي واريون مخصوص ٽوپيون پارائين ٿا. هئپي برٿ ڊي ٽو يو جو رڪارڊ چاڙهي، نقاب پائي رقص ڪن ٿا).

 

ڏيک پنجون

(سيٺ غلام عليءَ کي ساڳيا ڪپڙا پاتل آهن. هو ڪوٽ لاهي پلنگ تي رکي ٿو ۽ ٽاءِ جي ناٽ ڍلي ڪري آرام ڪرسيءَ تي ويهي ٿو).

سيٺ: اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان. اولاد جي پيار کي ڏسي زندگيءَ سان پيار وڌي ويو آهي.

ڊاڪٽر: اڄ اوهان وري بد پرهيزي ڪئي اوهان جي شگر ليول...

سيٺ: ڊاڪٽر ههڙي محبت ۽ پيار سان ڪوزهر ڏي ته اُهو به کائي وڃجي. هنن جي پيار تي مان پنهنجي زندگي به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

ڊاڪٽر: واقعي اوهين خوش قسمت آهيو، منهنجي پٽ کي ڏسو، ايف، آر، سي ايس ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو ۽ اتي ئي رهجي پيو. ڪڏهن خط لکي منهنجي خيريت به نه پڇندو آهي.

سيٺ: ڪيڏو پيار، ڪيڏي محبت! مون کي ته يقين ئي نٿو اچي ته هن زماني ۾ اولاد پيءُ ماءُ سان ايڏي محبت ڪري سگهي ٿو.

ڊاڪٽر: مون کي به يقين نٿو اچي. مان سمجهان ٿو ته زندگيءَ جا سڀ رشتا ضرورت جا رشتا آهن.

سيٺ: پر اڄ منهنجي اولاد تنهنجي ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪيو.

ڊاڪٽر: ٿي سگهي ٿو ته منهنجو خيال غلط هجي. پر ظاهري تندرست ماڻهو اندران بيمار به ٿي سگهي ٿو. ظاهري محبت وارو رشتو....

سيٺ: ڊاڪٽر تون هر شئي کي پنهنجي نظريئي سان ڏسندو آهين پر زندگي صرف اها نه آهي جيڪا توکي نظر ٿي اچي.

ڊاڪٽر: زندگي صرف اها به نه آهي جيڪا اوهان کي نظر ٿي اچي. ڳاڙهي ڳاڙهي رت کي مان ليبارٽريءَ ۾ چڪاسيندو آهيان ته مون کي اُن ۾ بيماريءَ جا هزارين جيوڙا نظر ايندا آهن.

سيٺ: رت جي رشتن کي تون ڪهڙي ليبارٽري ۾ چڪاسيندين.

ڊاڪٽر: اوهين مون سان تعاون ڪندوء.

سيٺ: مان تيار آهيان پر ڪيئن؟

(ڊاڪٽر هن کي ڪن ۾ ڪجهه چئي ٿو. سيٺ هن جي ڳالهه ٻڌي سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو).

سيٺ: آهي ته اجائي ڳالهه پر تنهنجي ڪري مان تيار آهيان.

ڊاڪٽر: اوهان کي ائين ئي ڪرڻو پوندو جيئن مان چوندس.

سيٺ: چڱو قبول آهي.

ڊاڪٽر: مهرباني چڱو مان هاڻي هلان ٿو.

سيٺ: ڊاڪٽر اڄ وري دل ۾ مونجهه ٿي محسوس ٿئي. ڊپ ٿو ٿئي ته هتان وري هارٽ اٽيڪ نه ٿئي.

ڊاڪٽر: سمهڻ مهل دوا کائي ڇڏجو. ڪجهه نه ٿيندو، چڱو خدا حافظ

سيٺ: خدا حافظ

(پردو ڪِري ٿو).

 

ڏيک ڇهون

ساڳي ڊرائينگ روم رضيه مصلي تي ويٺي تسبيح ٿي پڙهي. عابده قرآن مجيد جو دور ٿي ڪري. زاهد هڪ ٽنگ تي بيهي تسبيح ٿو پڙهي. جاويد نماز ٿو پڙهي. جميل صوفي تي اڪيلو ويٺو آهي ۽ لاپرواهيءَ سان سگريٽ ٿو ڇڪي. ڊرائينگ روم تي پڙدو لڳل آهي. ڊاڪٽر سيٺ جي بيڊ روم پڙدي کان ٻاهر اچي ٿو. جميل هن ڏانهن نهارڻ کانسواءِ غير جذباتي انداز سان پڇي ٿو).

جميل: ڊيڊي ڪيئن آهي؟

سيٺ: هاڻي ٺيڪ آهي. ڏاڍو خطرناڪ اٽيڪ هو پر خدا ڪيو خير ٿي ويو.

جميل: اسين ڊيڊيءَ سان ملي سگهون ٿا.

سيٺ: اوهين بيشڪ هن سان ملو پر هن سان ڪجهه نه ڳالهائجو.

ڊاڪٽر پردو هٽائي ٿو، سيٺ پلنگ تي اکيون ٻوٽي ستل آهي.

جاويد: زاهد، رضيه ۽ عابده تسبيح پڙهندا سيٺ جي بيڊ ڏانهن وڌن ٿا.

ڊاڪٽر ڀر واري ڪرسيءَ تي ويهي ٿو. جميل ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي ٿو. جاويد، زاهد، رضيه ۽ عابده سڀ هڪٻئي پٺيان قطار ۾ سيٺ جي پلنگ جي چوڌاري ڦيرا پائن ٿا. ڊاڪٽر ۽ جميل هنن کي غور سان ڏسن ٿا. هو ڦيرا پورا ڪري بيهن ٿا ۽ هٿ ٻڌي گڏجي دعا گهرن ٿا.

سڀ: يا الله اسان جون حياتيون به بابا کي ڏي. اسان سڀني جون زندگيون بابا کي ڏي.

(دعا گهرندي سڀني جي اکين مان لڙڪ وهن ٿا. سيٺ آهستي آهستي اکيون کولي ٿو ۽ هنن ڏانهن نهاري ٿو. هو سڀ دانهن ڪري پيءُ کي چنبڙن ٿا).

رضيه: ڊيڊي هاڻي ڪيئن آهيو؟

سيٺ: ٺيڪ آهيان.

عابده: ڌڻي اوهان کي وڏي حياتي ڏي. اسان جي زندگي به خدا اوهان کي ڏي.

سيٺ: الله اوهان کي حياتي ڏي. منهنجو ڇا آهي. اڄ نه ته سڀاڻ هلڻو آهي.

رضيه: رضيه روئي ٿي: اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو. الله اوهان کي حياتي ڏي.

(سيٺ جي جميل تي نظر پوي ٿي. هو ٿورو اُٿي ويهاڻن جي آڌار تي ويهي ٿو).

سيٺ: جميل پٽ هيڏانهن اچ.

(جميل آهستي آهستي پيءُ ڏانهن وڌي ٿو ۽ سندس پلنگ جي ڀر ۾ اچي بيهي ٿو).

سيٺ: منهنجي ڀرسان ويهه پٽ.

(جميل پلنگ تي ويهي ٿو).

سيٺ: جميل پٽ تون به مون کي اهڙو ئي پيارو آهين جهڙا هي آهن پر توکي مون سان پيار نه آهي.

جميل: پيار اضافي جذبو آهي جيڪو حالتن ۽ وقت سان بدلندو آهي. موت اهڙي حقيقت آهي جيڪا زندگيءَ کي معنيٰ به ڏي ٿي ۽ بي معنيٰ به بنائي ٿي.

(سڀ جميل کي خار مان نهارين ٿا).

سيٺ: پٽ....

ڊاڪٽر: سيٺ صاحب اوهان کي ڳالهائڻ نه گهرجي.

سيٺ: ڊاڪٽر زندگيءَ تي ڪو اعتبار ڪونهي، ڪهڙي خبر ته ڪهڙي مهل موت زندگيءَ کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏي.

پيءُ جي ڳالهه ٻڌي رضيه اوڇنگار ڏيئي روئي ٿي. هن کي روئندو ڏسي عابده به روئي ٿي. جاويد ۽ زاهد به رُومال سان لڙڪ اُگهن ٿا. جميل ماٺ ڪيو ويٺو آهي.

ڌيءَ ۽ ننهن جي مٿي تي هٿ رکي ٿو.

سيٺ: نه روءِ... الله اوهان کي خوش رکي. ڊاڪٽر!....

ڊاڪٽر: جي

سيٺ: مرڻ کان اڳ مان پنهنجي ساري جائداد ۽ ملڪيت جي وصيت لکرائڻ ٿو چاهيان.

رضيه: روئندي. اسان کي اوهان جي ملڪيت نه گهرجي. اسان کي اوهان جي زندگي گهرجي.

سڀ: ها ڊيڊي اسان کي اوهان جي پائي به نه گهرجي. اسان کي اوهان گهرجي.

سيٺ: ڏٺئه ڊاڪٽر تو چيو ٿي ته سڀ رشتا ضرورت جا رشتا آهن.

مان موت جي ڪنڌيءَ تي آهيان ۽ منهنجي اولاد کي ملڪيت جي نه پر منهنجي ضرورت آهي.

ڊاڪٽر: واقعي مون غلط سمجهيو هو.

سيٺ: (پنهنجي ٻارن کي). ٻارۇ رات مون موت کي اکين سان ڏٺو ۽ مون کي خبر پئي ته زندگي ڪجهه نه آهي. ساري زندگي ماڻهو دوکا ۽ دولاب ٿو ڪري ۽ هڪ ڏينهن سڀ ڪجهه ڇڏي هليو ٿو وڃي. مون به ساري زندگي بي ايماني، دوکي ۽ ويساهه گهاتيءَ سان ماڻهن جو رت چوسي دولت ڪمائي آهي.

رضيه: ڊيڊي هي اوهين ڇا ٿا چؤ؟ اوهان ته ايمانداري ۽ سچائيءَ سان زندگي گذاري آهي. رت جي ڪمائيءَ مان دولت ٺاهي آهي.

سيٺ: ڪوبه ماڻهو رت جي ڪمائي، ايمانداري ۽ سچائيءَ سان دولتمند ٿي نٿو سگهي. دولت صرف بي ايماني ۽ ويساهه گهاتيءَ سان گڏ ٿي سگهي ٿي.

جاويد: اوهان ته يتيمن ۽ بي واهن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا آهن، هيڏي خيرات ڪندا آهيو.

سيٺ: بي ايمان ۽ گناهگار ماڻهو وظيفا ڏيئي ۽ خيراتون ڪري پنهنجي ضمير تان گناهن جا داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مون جن کان دولت کسي آهي، انهن کي ئي موٽائي ڏيڻ ٿو چاهيان. مون فيصلو ڪيو آهي ته ساري دولت، ساري جائداد غريبن ۾ ورهائي ڇڏيان.

رضيه: ڇا....؟

جاويد: ڊيڊي هي ڇا ٿا چئو؟

جميل: اهو ناممڪن آهي.

سيٺ: جميل پٽ تون ئي ته چوندو آهين ته دولت جا مالڪ پورهيت آهن.

جميل: پرڊيڊي، اهو ڪو حل ناهي ته هڪڙو ماڻهو پنهنجي ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏي. ان لاءِ اسان کي سماج بدلائڻو آهي.

سيٺ: هرڪو ماڻهو ائين ڪري ته سماج پنهنجو پاڻ بدلجي ويندو.

جميل: اوهان تي پنهنجي اولاد جا به فرض آهن.

سيٺ: مون اُهي سڀ فرض پورا ڪيا آهن. مون اوهان کي ايتري تعليم ڏياري آهي جو اوهين پنهنجو پيٽ پالي سگهو ٿا. مان ساري دولت اهڙن ماڻهن ۾ ورهائڻ ٿو چاهيان جيڪي هڪ وقت جي ماني به کائي نٿا سگهن.

جاويد: پر ڊيڊي....

سيٺ: ڇا اوهان منهنجي فيصلي ۾ راضي نه آهيو؟

جاويد: جي... اسين... راضي آهيون.

سيٺ: مون کي اوهان مان اهائي اُميد هئي. مون فيصلو ڪيو آهي ته سڀني بنگلن ۾ اسڪول ۽ اسپتالون کوليون وڃن. زمين هارين کي ڏني وڃي. ڪارخانن جا مالڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزدور هوندا.

 بئنڪن ۾ رکيل سون ۽ پئسن مان بي گهرن لاءِ گهر ٺهرايا وڃن. بي ايمانيءَ سان ڪمايل ان دولت مان هڪ پائي به منهنجي اولاد کي نه ملي.

ڊاڪٽر: سيٺ صاحب سڀاڻي ڏٺو ويندو. في الحال اوهين آرام ڪريو.

سيٺ: مون کي خوشي آهي ته منهنجي اولاد خوشيءَ سان منهنجي فيصلي کي قبول ڪيو.

(سيٺ اکيون ٻوٽي ٿو. سڀ منهن لڙڪائي اُٿن ٿا ۽ ٻاهر وڃن ٿا).

ڊاڪٽر: هاڻي اوهين هلو ته سيٺ صاحب آرام ڪري.

 

ڏيک ستون

ساڳيو ڊرائينگ روم جاويد زاهد، جميل، رضيه ۽ عابده ويٺا آهن. سڀني جا منهن لڙڪيل آهن.

جاويد: مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڊيڊي اهو فيصلو ڪيئن ڪيو.

رضيه: ڊيڊيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ اسان جو خيال ته ڪرڻ گهربو هو.

زاهد: ها ڊيڊيءَ کي اسان جو خيال ڪرڻ گهربو هو، آخر اسين ڊيڊيءَ جو اولاد آهيون.

عابده: ڊيڊيءَ ساري ملڪيت ورهائي ڇڏي ته پوءِ اسين ڪيڏانهن وينداسين.

جميل: ڊيڊي کي ملڪيت ورهائڻ جو خيال ڪيئن آيو؟

رضيه: سارو ڏوهه تنهنجو آهي.

جميل: منهنجو ڏوهه ڇو آهي؟

رضيه: تو ڊيڊيءَ جي دماغ ۾ اها ڳالهه وڌي ته سرمائيدار غريبن جو رت چوسيندا آهن.

جاويد: ها ها سارو ڏوهه تنهنجو آهي. ڏاڍي ناٽڪي نموني چوندو هئين ته مان صدين جي ستايلن جو آواز آهيان. هاڻي وڃ انهن صدين جي ستايلن وٽ.

زاهد: مون کي ٽوڪون هڻدو هئين ته مان غريب گهراڻي جو آهيان. منهنجي ڪا آڊينٽٽي ڪانهي، مان رضيه جي معرفت سڃاتو ٿو وڃان. هاڻي ٻڌائي تنهنجي ڪهڙي آڊينٽٽي آهي.

عابده: مون کي به چوندو هئين ته منهنجي شخصيت جاويد جي دولت ۽ نوڪريءَ جي بار هيٺان ڀڄي ڀري پيئي آهي. هاڻي تنهنجي شخصيت ڪيئن آهي.

جميل: مون ٿورو ئي ڊيڊيءَ کي چيو هو ته دولت غريبن ۾ ورهائي ڇڏ.

جاويد: تو نه چيو هو ته ٻيو ڪنهن چيو هو.

جميل: چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق ٿيندو آهي. ڪڏهن اوهان غريبن جي حمايتيءَ کي غريب ڏٺو. هونئن نظرياتي طور به اها ڳالهه غلط آهي.

رضيه: هاڻي جهيڙي کي ڇڏيو، اهو سوچيو ته اسان جو ڇا ٿيندو؟

جميل: سڀئي نوڪريءَ جون درخواستون کڻي آفيسن ۾ ڌڪا کائينداسين ٻيو ڇا ڪنداسين.

رضيه: جاويد کي ته نوڪري آهي اسان ڇا ڪنداسين.

جاويد: نوڪري ته مون سوشل اسٽيٽس لاءِ ڪئي هئي. مون کي جيترو پگهار ٿو ملي اوترو ته اسان جي نوڪرن جو خرچ آهي.

جميل: واقعي اهو به مسئلو آهي ته نوڪري ملي به ته ان مان اسان جو گذارو ڪيئن ٿيندو.

رضيه: آخر ڪجهه ته ڪرڻو آهي، ڪجهه ته سوچڻو آهي.

جاويد: ڊيڊيءَ اهو فيصلو ڪيو ڇو؟ پنهنجي اولاد کي دربدر ڪري ماڻهو ٻين ۾ ملڪيت ورهائي ڇڏي. مان سمجهان ٿو ته ڪوبه عقل وارو ماڻهو ائين نه ڪندو.

زاهد: واقعي صحيح دماغ وارو ماڻهو ڪڏهن ائين نه ڪندو.

جميل: ڪٿي ڊيڊي جي دماغ تي اثر ته نه ٿي ويو آهي.

جاويد: مون کي به شڪ ٿو پئي ته بيماريءَ ۾ ڊيڊيءَ جي دماغ تي اثر نه ٿي ويو هجي.

جميل: صحيح دماغ وارو ماڻهو اهڙو فيصلو ڪري نٿو سگهي. منهنجو خيال آهي ته، انڪل ڊاڪٽر کان پڇون ته ڊيڊي جو دماغ ٺيڪ آهي يا نه.

جاويد: ها ها. انڪل ڊاڪٽر کان پڇڻ گهرجي.

رضيه: (هلڪي ڪاوڙ مان) اوهان جي خيال ۾ ڊيڊي چريو ٿي پيو آهي.

جميل: نه نه، اسين ائين ته نٿا چئون. چرئي ٿيڻ کان سواءِ به ته ماڻهوءَ جي دماغ تي اثر ٿي سگهي ٿو. انڪل ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي.

جاويد: مان انڪل ڊاڪٽر کي وٺي ٿو اچان. هينئر ئي ٿا هن سان صلاح ڪيون.

(جاويد وڃي ٿو).

 

ڏيک اٺون:

سڀ ڊرائينگ روم ۾ ويٺا آهن، ڊاڪٽر به ويٺو آهي.

جاويد: انڪل اوهين نه رڳو اسان جا فيملي ڊاڪٽر آهيو پر اسان جي گهر جا ڀاتي به آهيو.

ڊاڪٽر: بيشڪ

جاويد: اسان جي گهر جو مسئلو اوهان جو مسئلو آهي.

ڊاڪٽر: ها ها.

رضيه: اسين اوهان سان اهڙي مسئلي تي صلاح ٿا ڪريون جنهن سان اسان جي ساري فيمليءَ جي تباهه ٿيڻ جو انديشو آهي.

عابده: نه رڳو فيملي پر ايندڙ نسل به تباهه ٿي ويندو.

ڊاڪٽر: ڪهڙو مسئلو آهي.

جميل: مان اجتماعيت جو قائل آهيان. هي مسئلو هڪڙي فيمليءَ جو مسئلو نه آهي، پر پوري سوسائٽيءَ جو مسئلو آهي.

ڊاڪٽر: ٻڌايو ته ڪهڙو مسئلو آهي؟

جميل: ڊاڪٽر صاحب اوهين مڃو ٿا ته اسان جي سوسائٽي ڦرلٽ جي سوسائٽي آهي.

ڊاڪٽر: جي

جميل: هن سوسائٽيءَ ۾ هرڪو ٻئي کي ڦري ٿو. ڏاڍو هيڻي کي ۽ ڊاڪٽر مريض کي...

ڊاڪٽر: جي.

جميل: هن سوسائٽيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو ڦرلٽ نه ڪري ته اوهين ان کي ڇا چوندؤ.

ڊاڪٽر: مان ان کي بيوقوف چوندس.

جميل: جيڪو ڄاڻي واڻي پاڻ ڦرائي.

ڊاڪٽر: اهو وڏو بيوقوف.

جميل: ۽ جيڪو پنهنجي هٿن سان پنهنجو گهر ٻار ڦرائي.

ڊاڪٽر: اهو چريو.

جميل: ڏٺو! انڪل به چوي ٿو ته اهڙو ماڻهو چريو آهي. انڪل، اوهان جو ڊيڊيءَ جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟

ڊاڪٽر: (حيرت مان). ڇا مطلب؟

جاويد: جميل جو مطلب آهي ته ڊيڊيءَ جي دماغي حالت ڪيئن آهي؟

ڊاڪٽر: ٺيڪ آهي بلڪل نارمل آهي.

جميل: اوهان پاڻ چيو ته جيڪو ماڻهو ڄاڻي واڻي پنهنجو گهر ٻار ڦرائي اهو چريو آهي. ڊيڊي پنهنجي ساري ملڪيت غريبن ۾ ٿو ورهائي. اوهان جو ڊيڊي جي باري ۾ ڇا خيال آهي.

ڊاڪٽر: اوهان جو مطلب آهي ته سيٺ صاحب جي دماغي حالت ٺيڪ نه آهي.

جاويد: اهو ته اسين اوهان کان ٿا پڇون؟

(ڊاڪٽر سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو).

ڊاڪٽر: اوهان مون کي سوچ ۾ وجهي ڇڏيو.

(پريشانيءَ ۾ اٿي هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ ٿو ڪري).

ڊاڪٽر: مون سيٺ صاحب جي دماغي حالت تي ته غور ئي نه ڪيو هو. هاڻي ته مون کي به ٿورو ٿورو شڪ ٿو پوي.

رضيه: انڪل جي اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ ڪجهه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڊيڊي جي دماغي حالت ٺيڪ نه آهي ته پوءِ ڊيڊي جو ملڪيت ورهائڻ وارو فيصلو به غلط آهي.

جاويد: انڪل اسان جي فيمليءَ کي تباه ٿيڻ کان بچايو.

جميل: خدا جي واسطي ڪجهه نه ڪجهه ڪيو ۽ اسان کي برباديءَ کان بچايو.

ڊاڪٽر: مان دماغي مريضن جي ڊاڪٽرن جي بورڊ کان سيٺ صاحب جو دماغي معائنو ڪرايان ٿو ۽ جي بورڊ فيصلو ڏنو ته پوءِ مئجسٽريٽ کي درخواست ڏيئي سيٺ صاحب کي اسپتال ۾ داخل ڪرائينداسين.

(سيٺ جي گهمڻ ۽ ڳالهائڻ مان خبر پوي ٿي ته هو هارٽ اٽيڪ مان ٺيڪ ٿي ويو آهي، پر اُن جو اثر اڃا سندس شخصيت تي آهي. ڊاڪٽر رشيد ڊاڪٽرن جو سيٺ سان تعارف ڪرائي ٿو).

ڊاڪٽر رشيد: ڊاڪٽر جبار

سيٺ: اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.

ڊاڪٽر رشيد: ڊاڪٽر جلال هي ٻئي دماغي مرضن جا ماهر آهن.

سيٺ: مان سمجهان ٿو ته اسان مان ڪوبه دماغي مريض نه آهي.

(صوفي تي ويهندي)

مذاق واري انداز سان (وڏو ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو. سندس ٽهڪ غير ضروري ۽ ايبنارمل ٿو لڳي ۽ ٻئي ڊاڪٽر هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا. جميل وارا به ڊاڪٽرن کي ڏسن ٿا)

ڊاڪٽر رشيد: سيٺ صاحب هنن وٽ هڪڙو ڪيس آيو آهي. هڪڙي ماڻهوءَ اوهان وانگر ساري دولت غريبن ۾ ورهائي ڇڏي آهي، هن جي اولاد درخواست ڏني آهي ته هنن جو پيءُ چريو آهي.

(وري ڏاڍيان ٽهڪ ڏي ٿو جيڪو غير ضروري ايبنارمل ٿو لڳي ٻئي ڊاڪٽر معنيٰ خيز نظرن سان هڪٻئي ڏانهن نهارين ٿا.)

سيٺ: اُهو چريو آهي يا ساري دنيا دولت جي پٺيان چري آهي.

ڊاڪٽر رشيد: اوهان به پنهنجي ساري ملڪيت غريبن ۾ ورهائي آهي.

سيٺ: (وري ٽهڪ ڏي ٿو) انڪري مان به چريو آهيان.

ڊاڪٽر رشيد: نه اها ڳالهه نه آهي اوهان کان ٻه ٽي سوال پڇي هي اُن ماڻهو لاءِ فيصلو ڪندا. اوهان هنن سان تعاون ڥڷڈۇ ته هي هڪڙي ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو صحيح فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.

سيٺ: مان تيار آهيان.

ڊاڪٽر رشيد: ڊاڪٽر جبار اوهين بيشڪ سوال پڇو.

ڊاڪٽر جبار: سيٺ صاحب ڇا اهو سچ آهي ته اوهان ساري ملڪيت غريبن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟

سيٺ: ها اهو سچ آهي.

ڊاڪٽر جلال: اوهان جي دل ۾ اهو خيال ڪيئن آيو؟

سيٺ: ان رات مون کي دل جو دورو پيو. مون موت کي اکين سان ڏٺو ۽ مون کي احساس ٿيو ته هيءُ دنيا فاني آهي ۽ حقيقي دنيا اڳيون جهان آهي. مون پنهنجو ٻيو جهان سنوارڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو.

ڊاڪٽر جبار: (ڊاڪٽر جلال کي). Death fear موت کان ڊپ.

جلال: نيوراٽڪ ڊيٿ فيئر. موت کان اهڙو ڊپ جيڪو چريائپ جي صورت اختيار ڪري وڃي.

ڊاڪٽر جبار: (سيٺ کي مخاطب ٿي). بس. بس........ اوهان چيو ته اوهان موت کي اکين سان ڏٺو.

سيٺ: ها، مون موت کي اکين سان ڏٺو

ڊاڪٽر جلال کي.Visual Hallucinations

ڊاڪٽر جبار: جنهن ۾ ماڻهوءَ کي عجيب عجيب شڪليون نظر اينديون آهن.

ڊاڪٽر جلال: (سيٺ کي) بس بس. اوهان کي ڪنهن چيو ته ڪونه ته پنهنجي ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏ.

سيٺ: ها مون کي محسوس ٿيو ته ڪو مون کي چئي ٿو.

ڊاڪٽر جبار: اوهان ان جو آواز ٻڌو؟

سيٺ: ها مون آواز به ٻڌو.

جبار: (جلال کي). Auditory Hallucinations جنهن ۾ ماڻهوءَ کي عجيب آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.

جلال: (سيٺ کي). بس بس اهو فيصلو ڪرڻ وقت اوهان سوچيو ته اوهان جي اولاد جو ڇا ٿيندو؟

سيٺ: مون کي اولاد کان وڌيڪ پنهنجو ٻيو جهان پيارو آهي.

جلال: (جبار کي). مريض ۾ قتل، خون ۽ ٻين کي عذاب ڏيئي خوشي حاصل ڪرڻ جي شديد دٻيل خواهش آهي.

جبار: اهڙو مريض ڪنهن به وقت اولاد کي قتل به ڪري سگهي ٿو.

جلال: خطرناڪ مريض آهي.

جبار: تمام (ڊاڪٽر رشيد کي) خطرناڪ ريئلي ويري ڊينجرس ڊاڪٽر.

رشيد: اسين ٽيلي فون ڪرڻ ٿا چاهيون.

جاويد يڪدم ٽپ ڏيئي ٽيلي فون کڻي اچي ٿو.

(ڊائل ڪري)

جبار: هيلو مئجسٽريٽ صاحب مان ڊاڪٽر جبار ٿو ڳالهايان. اسان مريض جو معائنون ڪيو. هو واقعي دماغي مريض آهي. (سيٺ ڇرڪي ٿو.) تمام خطرناڪ آهي. ڪنهن به وقت اولاد جو خون ڪري سگهي ٿو. توهين ليٽر ڪڍي ڇڏيو. اسين ڪار تي مريض کي هينئر جو هينئر گدو بندر ٿا پهچايون.

سيٺ: (يڪدم ٽپ ڏيئي اُٿي ٿو) ڪير مريض آهي. ڪنهن کي گدو بندر ٿا پهچايو.

ڊاڪٽر رشيد: (سندس ڪلهي تي هٿ رکي). صبر ڪيو سيٺ صاحب.

سيٺ: مان چريو آهيان ۽ اوهين سياڻا آهيو.

ڊاڪٽر جبار: نه نه اسين چريا آهيون. اوهين سياڻا آهيو.

سيٺ: مان چريو نه آهيان اوهين منهنجي اولاد کان پڇو، رضيه!

رضيه: (ڊڄي.) جي ڊيڊي

سيٺ: مان چريو آهيان.

رضيه: روئندي الا اسان جو ڊيڊي چريو ٿي پيو.

سڀ گڏجي رئندي: الا اسان جو ڊيڊي چريو ٿي پيو.

سيٺ: (رڙ ڪري). مان چريو نه آهيان.

سڀ: اسان جو ڊيڊي چريو ٿي پيو.

سيٺ: روئڻ بند ڪيو. مان چريو نه آهيان.

ڊاڪٽر رشيد: سيٺ صاحب هاڻي هلو ته هلون.

سيٺ: مان گدوبندر نه ويندس مان چريو نه آهيان.

سيٺ رڙيون دانهون ٿو ڪري. هنن کان ڀڄي ٿو. جميل، جاويد ۽ زاهد هن کي جهلن ٿا. هو پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڦٿڪي ٿو، پر هو کيس نٿا ڇڏن ۽ گهلي ٻاهر وٺي ٿا وڃن.

هو دانهون ڪندو رهي ٿو.

سيٺ: مان چريو نه آهيان. مان گدوبندر نه ويندس مان چريو نه آهيان.

رضيه ۽ عابده روئن ٿيون.

 

ڏيک نائون:

ڊرائينگ روم جي ديوار تي سيٺ غلام علي جي تصوير ٽنگيل آهي.

رضيه، عابده، جاويد، جميل ۽ زاهد ويٺا آهن. رضيه پيءُ جي تصوير ۾ نهاري روئي ٿي.

رضيه: منهنجي ڊيڊيءَ جو گدوءَ ۾ الائجي ڪهڙو حال هوندو.

جاويد: انڪل ڊاڪٽر چيو ٿي ته ڊيڊيءَ کي اسپتال ۾ سڀ سهولتون مليل آهن. هڪ ٻن ڏينهن ۾ سندس ڪمري ۾ ايئرڪنڊيشنر به لڳي ويندو.

رضيه: ڪيتريون به کڻي سهوليتون هجن، گهر وارو آرام ته نه هوندس.

عابده: ڊيڊيءَ جي اسان سان ڪيڏي نه محبت هئي. هڪ ڏينهن به اسان کان پري رهي نه سگهندو هو. هينئر اسان کانسواءِ هن جو ڪهڙو حال هوندو.

جاويد: چرئي ماڻهوءَ....

رضيه: جاويد پليز ڊيڊيءَ لاءِ چريو اکر نه چئه.

جميل: چري کي چريو نه چئبو ته ٻيو ڇا چئبو.

رضيه: تون صفا بي حياءُ آهين. تو ۾ حياءَ جو ذرو به ڪونهي.

جاويد: چڱو چڱو ڊيڊيءَ کي چريو نٿا چئون. ڊيڊيءَ واري حالت ۾ ماڻهوءَ ۾ پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻ نه رهندي آهي. اسپتال ۾ ڊيڊي اسان کي ياد نه ڪندو هوندو.

جميل: پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻ هجيس ها ته ساري ملڪيت پنهنجن کان کسي پراون کي ڇو ڏي ها.

جاويد: جميل تو وڪيل کي سڏايو آهي.

جميل: ها وڪيل اچڻ وارو هوندو.

جاويد: چڱو آهي ته اڄ ئي ملڪيت جي ورهاست ڪري ڇڏيون.

زاهد: منهنجي صلاح آهي ته ساري ملڪيت وقف ڪئي وڃي، جنهن مان اسان پنجن ئي کي هڪ جيترو حصو ملندو رهي.

جميل: پنجن ئي کي ڪيئن؟

زاهد: اسين پاڻ ۾ پنج آهيون.

جميل: مسٽر تون حصيدار نه آهين.

رضيه: ڇو؟ زاهد ڇو حصيدار نه آهي.

جميل: هي ڊيڊي جو پٽ نه آهي، انڪري هن کي حصو ملي نٿو سگهي.

رضيه: پر ڊيڊي زاهد کي پنهنجو پٽ ڪيو هو.

جميل: ڊيڊي ته نوڪرن کي به پٽ چوندو هو، پوءِ انهن کي به حصو ڏيون؟

جاويد: جميل سچ ٿو چئي. زاهد ڌاريو آهي. هن کي حصو ملي نٿو سگهي.

زاهد: ڊيڊي هجي ها ته مون کي ضرور حصو ڏي ها.

جميل: انهن افعالن ڪري ته گدو ۾ آهي.

جاويد: ملڪيت جا چار حصا ٿيندا.

رضيه: چار ڇو؟

جاويد: مان، جميل، تون ۽ عابده.

رضيه: زاهد پرائو آهي باقي عابده ڊيڊيءَ جي ڌيءُ آهي.

جاويد: ڌي نه آهي، ته ننهن ته آهي.

رضيه: زاهد پٽ نه آهي ته ناٺي ته آهي. زاهد ڌاريو آهي ته عابده به ڌاري آهي.

عابده: روئندي اوهين مون کي ڌاريو ٿا چئو. ڊيڊي ته مون کي پنهنجي سڳي ڌيءُ کان به وڌيڪ سمجهندو هو.

جميل: ملڪيت جا وارث مان، جاويد ۽ رضيه آهيون.

رضيه: چڱو ته پوءِ ملڪيت ٽن حصن ۾ ورهايو.

جميل: قانون مطابق توکي رڳو ٻه آنا حصو ملندو.

رضيه: ڇا.....؟ مون کي رڳو ٻه آنا حصو ملندو.

جميل: ها توکي ٻه آنا حصو ملندو. باقي ست ست آنا مان ۽ جاويد کڻنداسين.

جاويد: ويري گُڊ. هٿ ملائي

رضيه: اهو دوکو آهي.

جميل: اهو قانون آهي.

رضيه: اوهان ٻنهي سازش ڪري ڊيڊيءَ کي پاڳل خاني موڪليو آهي. ڊيڊي پاڳل نه هو.

جميل: ڊاڪٽرن سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي.

رضيه: اوهان اوهان ڊاڪٽرن کي رشوت ڏني هئي. اوهان ڊيڊيءَ خلاف سازش ڪئي آهي.

جاويد: تون به ان سازش ۾ شريڪ هئينءَ.

رضيه: اوهان مون سان ۽ زاهد سان دوکو ڪيو آهي. مان هينئر جو هينئر پوليس ۾ وڃي بيان ٿي ڏيان. اوهان ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ ڊيڊيءَ کي پاڳل خاني موڪليو آهي.

زاهد: مان به شاهدي ڏيندس.

رضيه: مان هينئر جو هينئر ڪورٽ ۾ ٿي وڃان. اوهين چور آهيو. ڌاڙيل آهيو. دوکيباز آهيو.

رضيه ۽ زاهد وڃن ٿا.

جميل: رضيه خبردار جو ٻاهر پير پاتو اٿئي.

رضيه: مون کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي.

ڊوڙي اچي درجهلي بيهي ٿو.

جاويد: توهين ٻاهر وڃي نٿا سگهو.

رضيه: پري ٿيءُ. مان پنهنجي ڊيڊيءَ کي ڇڏائڻ ٿي وڃان.

جاويد: هن کي ڌڪو ڏيندي. تون ٻاهر وڃين نٿي سگهين.

زاهد: تون منهنجي زال تي هٿ ٿو کڻين!

(زاهد، جاويد جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي ٿو. ٻئي وڙهن ٿا. جميل به زاهد سان وڙهي ٿو. رضيه زاهد جي پاران ۽ عابده مڙس جي پاران وڙهي ٿي).

سيٺ غلام علي ۽ ڊاڪٽر رشيد خاموشيءَ سان اندر اچن ٿا ۽ ماٺ ڪري هنن کي وڙهندو ڏسن ٿا. اوچتو جاويد جي نظر سيٺ تي پئي ٿي. جاويد کان دانهن ٿي نڪري وڃي.

جاويد: ڊيڊي...

جميل: ڊيڊي.... اوهين... اوهين ته چرين جي اسپتال ۾ هئا.

سيٺ: اسپتال ۾ ته ويچارا بيمار رهندا آهن اصل چريا ته هتي آهن.

رضيه: ڊوڙي اچي پيءُ سان ملي. هنن ٻنهي اوهان جي خلاف سازش ڪئي هئي.

جاويد: ڊيڊي.....

جميل: ڊيڊي.....

سيٺ: اڳ مون ناٽڪ ڪيو هو ته ساري ملڪيت غريبن کي ڏئي ڇڏيندس، هاڻي مون اِهو فيصلو ڪيو آهي ته ساري ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندس، ملڪيت جا وارث اوهين نه پر ضرورتمند آهن.

پيءُ جو فيصلو ٻڌي سڀني جا وات پٽجي ٿا وڃن.

پردو ڪِري ٿو.

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com